سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي

 

صفحو ؛ 39

 جنرل ضياءَ الحق 1985ع ۾ غير جماعت بنيادن تي پوري ملڪ ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون چونڊون ڪرايون. ملير جي قومي اسيمبلي کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو. ابراهيم حيدري ۽ لانڍي تي ٻڌل تڪ اين اي 195 تان زين نوراني ۽ ملير ٻهراڙي ۽ شهري علائقن کي ملائي قومي اسيمبلي لاءِ تڪ 196 ڌار ڪيو ويو. جنهن تي مصطفيٰ الازهري ڪامياب ٿيو. صوبائي اسيمبلي جي ٻن سيٽن تان نصيرالدين ۽ حافظ محمد بخش ڪامياب ٿيا. پاڪستان پيپلز پارٽي انهن چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو هو.

1988ع ۾ اين. اي 195 تان ايم ڪيو ايم جي حمايتي محمود حسين ۽ اين. اي 196 تي ايم ڪيو ايم جي حمايتي وسيم احمد ڪاميابي حاصل ڪئي. صوبائي اسيمبلي لاءِ پي ايس 97 ملير لاءِ پي پي پي جي خواجا محمد اعواڻ، پي. ايس 98 ملير تان پي پي پي جي عبدالحڪيم بلوچ، ٻهراڙي جي اولهه واري سيٽ پي. ايس 73 تان پي پي پي جي محمد بخش لاشاري ڪاميابي حاصل ڪئي. سواءِ عبدالحڪيم بلوچ جي باقي ٻيا ميمبر ٻهراڙيءَ جا اصلي رهاڪو نه هئا.

1990ع وارين چونڊن ۾ اين. اي 195 تان ايم ڪيو ايم جي حق پرست گروپ جي ريحان عمر فاروق، اين. اي 198 تان ايم ڪيو ايم جي وسيم احمد ٻيهر ڪاميابي حاصل ڪئي. جڏهن ته صوبائي تڪ پي. ايس 97 تان پي پي پي جي خواجا محمد اعواڻ ۽ پي. ايس 98 ملير تان عبدالحڪيم بلوچ ٻيهر چونڊجي آيا. ٻهراڙي جي هڪ ٻئي تڪ ڪراچي اولهه جي پي. ايس 73 تان پي پي پي جو لال بخش ڀٽو چونڊجي آيو.

1993ع وارين چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم قومي اسيمبلي جي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو ته اين. اي 195 جي قومي اسيمبلي جي سيٽ پي پي پي جي پروفيسر اين. ڊي خان ۽ اين. اي 196 جي سيٽ پي پي پي جي شير محمد بلوچ ڪاميابي حاصل ڪئي. صوبائي سيٽ پي. ايس 97 تان ٽيون ڀيرو پي پي پي جو خواجا محمد اعواڻ ۽ پي. ايس 98 تان پي پي پي جو ٽيون ڀيرو عبدالحڪيم بلوچ چونڊجي آيا. ڪراچي ٻهراڙي جي پي. ايس 73 تان پي پي پي جو لعل بخش ڀٽو ٻيهر صوبائي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي آيو.

1996ع وارين چونڊن ۾ 1993ع ۾ قائم ٿيل ملير ضلعي جي ڪري نيون تڪ بنديون نه ڪيون ويون. چونڊون پراڻن تڪن جي حساب سان ٿيون. اين. اي 195 ۽ اين. اي 196 تي ايم ڪيو ايم ڪاميابي حاصل ڪئي. صوبائي تڪ 97 تان پي پي پي جي عمر جت کي شڪست ٿي.

پي. ايس 98 تان هن ڀيري حڪيم بلوچ خاموش رهيو. پي پي پي ٽڪيٽ شير محمد بلوچ کي ڏني. مقابلي ۾ آزاد اميدوار ڄام آف ملير جو پٽ ڄام عبدالحفيظ هو. پي پي پي جي شير محمد اها سيٽ آساني سان حاصل ڪئي. ٻهراڙي جي هڪ ٻئي تڪ پي. ايس 73 ۾ پي پي پي جو مقابلو ايم ڪيو ايم سان ٿيو. اها سيٽ پي پي پي کٽي ورتي.

2002ع ۾ ملير ضلعو ختم ٿي چڪو هو. صوبائي اسيمبلي جون سيٽون وڌايون ويون ساحلي علائقن تي ٻڌل پي ايس 129، ملير سٽي ۽ ميمڻ ڳوٺ، درساڻو ڇنو تي ٻڌل پي ايس 127 باقي ملير ٻهراڙيءَ تي پي. ايس 130 ۾ شامل هو. منگهو پير کان ابراهيم حيدري تائين قومي اسيمبلي جي هڪ سيٽ ڪئي ويئي. گلشن اقبال ۾ صفوران کي الڳ ڪري قومي اسيمبلي صوبائي اسيمبلي لاءِ الڳ تڪ ڪيا ويا.

قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 198 لاءِ، پي پي پي کان ناراض دڙي عبدالحڪيم بلوچ جي اڳواڻي ۾ راڄوڻي اتحاد ٺاهيو. جنهن ۾ حاجي شفيع محمد ڄاموٽ، ڄام آف ملير ڄام بجار خان ۽ مهر الله مينگل شامل هئا. پي پي پي جي شير محمد جو مقابلو ڪيو. اها سيٽ پي پي پي جي شير محمد بلوچ حاصل ڪئي. راڄوڻي اتحاد جي اميدوار محمود عالم ڄاموٽ پي ايس 129 تان پي پي پي جي عمر جت کي شڪست ڏيئي صوبائي اسيمبلي جو ميمبر ٿيو ۽ بعد ۾ هو مسلم ليگ(ق) ۾ شامل ٿيو. پي پي پي 130 پي. ايس تان محمد ساجد جوکيو جيڪو پهريون ڀيرو پي پي پي ۾ شامل ٿيو ۽ پنهنجي مقابلي ۾ راڄوڻي اتحاد جي اميدوار شعيب جوکئي کي شڪست ڏيئي ڪامياب ٿيو. پي. ايس 127 تي عبدالله مراد بلوچ ۽ ايم ڪيو ايم جي اميدوار جو سخت مقابلو ٿيو هن سيٽ تي شهري علائقو وڌيڪ شامل هو پر عبدالله مراد بلوچ جنهن لاءِ هي مشڪل سيٽ هئي پنهنجي ڪامياب حڪمت عملي سان ايم ڪيو ايم جي اميدوار کي ستن هزار ووٽن تان شڪست ڏيئي حاصل ڪئي ۽ اسيمبلي جو ميمبر منتخب ٿيو. پي. ايس 73 ڪراچي اولهه واري تڪ تي جيڪا هميشه پي پي پي حاصل ڪندي اچي راڄوڻي اتحاد ٺهڻ ڪري ووٽ ورهائجي ويا جنهن جي ڪري اها سيٽ 300 ووٽن تان ايم ڪيو ايم جي محمد حسين، پي پي پي عبدالخالق کي شڪست ڏئي حاصل ڪئي. گلشن اقبال واري قومي اسيمبلي جي تڪ تان متحده مجلس عمل جو مولانا اسدالله ڀٽو ۽ صوبائي تڪ تان متحده مجلس عمل جو يونس بارائي ڪامياب ٿيو. لانڍي مان هڪ قومي اسيمبلي جي تڪ ۽ هڪ صوبائي اسيمبلي جي تڪ ايم ڪيو ايم حقيقي حاصل ڪئي. باقي ملير جون سيٽون ايم ڪيو ايم حاصل ڪيون. حڪومت جي حمايت جي باوجود ايم ڪيو ايم 2002ع جي اليڪشن ۾ ملير مان خاطر خواه ڪاميابي حاصل نه ڪئي. جڏهن لانڍي واري تڪ حقيقي جي قومي اسيمبلي جي ميمبر جي مرڻ کانپوءِ خالي ٿي ۽ پي ايس 127 تي عبدالله مراد جي شهادت جي نتيجي ۾ خالي ٿيل سيٽن تان ننڍيون چونڊون ٿيون ته قومي اسيمبلي جي سيٽ فاروق ستار ۽ صوبائي اسيمبلي پي ايس 127 واري سيٽ ايم ڪيو ايم جي يوسف منير شيخ کٽي ورتيون. اليڪشن ڪميشن پاران ريڪارڊ ڌانڌلين جي نتيجي ۾ ڪراچي جي ٻين سيٽن وانگر انهن جا به نتيجا روڪيا ويا ۽ ٻيهر چونڊن جو اعلان ڪيو ويو. ايم ڪيو ايم عدالت جو در کڙڪايو. عدالت انهن ميمبرن کي ڪامياب قرار ڏنو.

2001ع جي بلدياتي اليڪشن ۾ ملير جي اڪثريتي علائقن تي قائم بن قاسم ٽائون ۽ گڏاپ ٽائون ۾ پي پي پي جي حمايتي ناظم عاشق علي ڄاموٽ ۽ غلام مرتضيٰ بلوچ ڪامياب ٿيا، جڏهن ته گلشن اقبال، ملير ٽائون، شاهه فيصل، لانڍي ۽ ڪورنگي ۾ جماعت اسلامي جي حمايت وارا ناظم ڪامياب ٿيا. ياد رهي ته ايم ڪيو ايم 2001ع جي بلدياتي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو هو. 2005ع واري اليڪشن ۾ گڏاپ ٽائون لاءِ ٻيهر پي پي پي جو غلام مرتضيٰ بلوچ ۽ بن قاسم ٽائون لاءِ عمر جت ڪامياب ٿيا. ملير جي شهري علائقن ۾ قائم ٽائونن تي ايم ڪيو ايم جي حمايت وارا ناظم ڪامياب ٿيا. انهن چئني شهري ٽائونن ۾ پنج يونين ڪائونسلن تي پي پي پي جا ناظم پڻ ڪامياب ٿيا.

ملير جي علائقن تي ٻڌل انهن علائقن تي باوجود نون تڪ بندين، ٽائونن جي قيام، ٻاهرين آبادين جي آبادڪاري، ووٽن لسٽن جي غلط اندراج، شهري علائقن ۾ هڪ بجاءِ ڪيترن حلقن ۾ ووٽ داخل هئڻ جي باوجود پي پي پي جي اميدوارن ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. خود پي پي پي جي غلط پلاننگ، اقرباپروري، صحيح امدوارن کي ٽڪيٽ نه ڏيڻ جي ڪري به پي پي پي کي گهڻو نقصان ٿيو آهي. 1988ع کان پوءِ هتي يم ڪيو ايم جي ووٽ بئنڪ ۾ 40% گهٽتائي آئي آهي. جنهن جي ڪري حڪومت جي مڪمل حمايت جي باوجود ايم ڪيو ايم شهري علائقن مان به قومي ۽ ٽي صوبائي سيٽون وڃايون آهن. 2002ع جي ملير مان صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي چونڊن ۾ متحده مجلس عمل ٽين ۽ مضبوط پوزيشن طور سامهون آئي آهي. حڪمران مسلم ليگ(ق) کي ملير مان عبرتناڪ شڪست ملي. پاڪستان پيپلز پارٽي جيڪڏهن صحيح پلاننگ ڪري ۽ اقرباپروري جي بجاءِ مخلص ماڻهن کي ٽڪيٽون ڏيئي ته هو ملير شهري علائقي مان به ڪاميابي حاصل ڪري سگهڻ جي پوزيشن ۾ هوندي.

ملير جي ادب جو احوال:

ملير ادبي حوالي سان زرخيز خطو رهيو آهي. ماضي ۾ خاص ڪري ڏور، بيت ۽ هنر جا سگهڙ هتي موجود رهيا آهن ۽ هن وقت به ساحلي پٽي ۽ ڪوهستان ۾ سگهڙن جو چڱو تعداد رهي ٿو. شهري علائقي کان ڏور هئڻ ڪري، ڇپائي ۽ اخبارن جو رواج نه هئڻ ڪري انهن غريب علم دوستن جو علم منظر عام تي اچي نه سگهيو آهي. علمي، ادبي، ثقافتي مرڪزن کان پري رهندڙ سان اهو ڏک هميشه رهي ٿو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي مرتب ڪيل ڪتابن ”جنگ نامه“ ۽ ”واقعاتي بيت“ ۾ هتان جي ڪجهه شاعرن ۽ سگهڙن جي شاعري ۽ بيتن کي محفوظ ڪيو آهي. هتي وڏو علمي ذخيرو بيتن جي صورت ۾ موجود آهي پر ان کي هڪ جاءِ گڏ ڪري شايع ڪرڻ جي ضرورت آهي.

ماضي ۾ ابراهيم حيدري کان وٺي حب تائين اڻ ڳڻيا سگهڙ ۽ شاعر موجود هوندا هئا. ڪجهه بيت قلمي نسخن جي صورت ۾ انهن جي مائٽن وٽ موجود آهن. هو اهي قلمي نسخا ڪنهن کي ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن. هن وقت به ڪجهه سگهڙ موجود آهن. هاڻوڪي دور ۾ ملير ۾ شاعرن ۽ اديبن جو سٺو حلقو ٻهراڙي ۽ شهري علائقن ۾ آهي. هتي آئون پهرئين ماضي جي ڪجهه سگهڙن جا نالا، جيڪي مون کي ملي سگهيا آهن ڏيئي رهيو آهيان.

پراڻن وقتن ۾ سگهڙ گهڻو ڪري مختلف قبيلن جا منڱڻهار، لنگا ۽ گڊا هوندا هئا. هنرمند، محنتي ۽ ادب دوست هي قبيلا اڄ به موجود آهن. قدر ڪندڙن جي کوٽ ۽ غربت ۽ ترقي جي ڪري انهن سگهڙ واري ڪرت سان گڏ پاڻ کي انهن ذاتين جي نالي سان سڏائڻ لاءِ به تيار نه آهن. پر شاندار ماضي وانگر انهن جو نالو تاريخ ۾ محفوظ آهي. انهن پنهنجن قبيلن جي سردارن، سورهين ۽ هتان ٿيندڙ مشهور واقعن جو ذڪر پنهنجن بيتن ۾ ڪري هڪ دور جي تاريخ کي محفوظ ڪيو آهي.

انهن کانسواءِ هتان جي قبيلن جا سردار ۽ عام ماڻهو به بهترين سگهڙ ۽ شاعر هئا. جن ۾ موکين جو سردار ڄام بجار خان اول هنر جو بهترين سگهڙ هوندو هو ڪچهري ۾ ڪو به سگهڙ ڄام صاحب جو مقابلو نه ڪري سگهندو هو. هو اڪثر سوالن جا جواب شاعري ۾ ڏيندو هو.

هتان رهندڙ مذهبي اڳواڻ، مسجدن جا پيش امام به سٺا شاعر هوندا هئا. ويجهي ماضي ۾ ملير واري علائقي ۾ مذهبي ڪتاب وڏي تعداد ۾ ڇپجي رهيا آهن. شائع ٿيندڙ ڪتابن ۾ مذهبي ڪتابن جو انگ پهرئين نمبر تي آهي. جنهن ۾ ملير جو مشهور عالم دين حضرت مولانا مفتي محمد شفيع نعيمي جيڪو صاحب داد ڳوٺ جو جدگال هو. ديني ڪتابن جو وڏو ذخيرو هن لکيو آهي جيڪو هن جي قائم ڪيل مدرسي ”دارالعلوم“ جي لائبريري ۾ موجود آهي. ملير جي ٻين عالمن ۾ مفتي غلام ياسين امجدي، مولانا ظفر احمد انصاري، مفتي محمد رفيق عثماني، مولانا ڊاڪٽر عبدالحئي، مولانا محمد ذڪريا، مولانا محمد جان نعيمي ۽ ٻين جا قرآن جي تفسير، حمد ۽ ثنا ۽ نعتيه مجموعا موجود آهن.

ماضي جي سگهڙن ۾ آسو لنگهو، گلاب لنگهو، صفر لنگهو، ابراهيم لنگهو گهنڊاري جيڪو برفتن جو لنگهو هو. سُنگر لنگهو، محراب لنگهو، الله بخش پالاري، ملهه پالاري، ملهوغ ڪلمتي پپري، حاجي ڪرمي ڪلمتي وٽيجي وارو، کيان خان (وفات 1963ع)، سگهڙ ڪارو، سگهڙ عبدالله جوکيو، حمزو جوکيو، شاعر ۽ سگهڙ علي اڪبر جوکيو گڏاپ، نٿو فقير بنديچو جوکيو (جنهن لاشارين ۽ ڀرجن جي جنگ جو احوال شاعري ۾ بيان ڪيو آهي سگهڙ لال بکر ڀنڊ فقير جوکيو، سگهڙ نظر محمد چکري وارو، ٿوهر گڊو پپري وارو (جنهن ڪلهوڙن جي لشڪر جڏهن ملير تي ڪلمتين تي چڙهائي ڪئي ته بيت چيا هئا.) جعفر خان گبول، هاشم گڊرو، حاميد رند، سگهڙ ڀرئو خان گبول چکري وارو، مولوي شير علي گبول، ضامن جوکيو، پانڌي گبول گڏاپ، قادر بخش ڪلمتي گهگهر وارو، محسن خاصخيلي گڏاپ، لونگ فقير، عمر شاهه رزاق آباد ۽ ٻيا مشهور هئا. مولوي شير علي ۽ ضامن جوکئي جا بيت ۽ مضمون الوحيد اخبار ۾ به ڇپجندا هئا.

هن وقت جيڪي سگهڙ حيات آهن انهن ۾ حاجي علي ڪلمتي ڀوو، نظام الدين ڪلمتي گهگهر، عبدالرزاق ڪلمتي گهگهر، عمر گبول پپري، عبدالرحمان گبول پپري ۽ ٻيا آهن. هن وقت به ملير ۾ شاعرن جو هڪ وڏو حلقو موجود آهي. جنهن ۾ نئين ٽهي جا سٺا شاعر پيدا ٿي رهيا آهن. علي اڪبر جوکئي کان وٺي امر گل تائين اهو سلسلو جاري آهي جنهن ۾ جيڪو شاعر سڀ کان پهرئين صاحب ڪتاب ٿيو اهو شفيع محمد ميمڻ هو. جنهن ”مومن مليرائي“ جي نالي سان شهرت حاصل ڪئي آهي. هي 1906ع ۾ ميمڻ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. 1933ع ۾ ادبي دنيا ۾ شامل ٿيو. بزم نظامي، بزم طالب الموليٰ، بزم اسير جو سرگرم ميمبر رهيو. سائين جي ايم سيد کي پنهنجو مرشد مڃيندو هو. سندس ڪلامن جو مجموعو 1976ع ۾ ”عشق جو آواز“ سان ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.

ملير جي محمد حسين پروانو بلوچ جا ٻه شاعري جا مجموعات ”پرواز پروانا“ شائع ٿي چڪا آهن. گڏاپ جي انور ٻروچ جي شاعري جي چوپڙي ”سڄڻ ۽ ساڻيهه“، سندس ننڍي ڀاءُ امر گل جي شاعريءَ جو مجموعو ”سپني جو سپنو“ شائع ٿي چڪا آهن.

رزاق آباد محمود شاهه ڳوٺ جي سلطان شاهه ”ساقي“ جيڪو شاعري سان گڏ صحافت ۽ ادب ۾ به نالو پيدا ڪيو آهي. شاهه لطيف جي ٻوليءَ تي ان جو سٺو ڪم ڪيل آهي. جنهن تي هو گهڻو ڪجهه لکي چڪو آهي. ڇپائي لاءِ ڪنهن اداري جي انتظار ۾ آهي. تازو هنن سٽن جي لکڻ تائين سندس شاعريءَ جو مجموعو ”ڏونگر مون مَ ڏکوءِ“ شائع ٿي چڪو آهي.

رزاق آباد جي هڪ ٻئي شاعر ”غفور شاهه“ جي شاعريءَ جو مجموعو ”اَڇا اولا عاج جا“ به پڌرو ٿي چڪو آهي.

اردو شاعريءَ ۾ اولڊ ٿاڻي ملير جي رهندڙ ناهيد عمر گورگيج بلوچ جي شاعريءَ جا ٻه مجموعا ”من کا مندر“ ۽ ”آس پاس“ ڇپجي چڪا آهن. اها ملير جي شهري توڙي ٻهراڙيءَ جي اڪيلي خاتون شاعره آهي جنهن جا ڪتاب منظر عام تي آيا آهن. ان کانسواءِ ملير جي اردو ڳالهائيندڙن ۾ محمود غزنوي جيڪو يونيورسٽي ۾ منهنجو ڪلاس فيلو هو. هن وقت ڪراچي يونيورسٽي جي ماس ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ پروفيسر آهي جنهن جي شاعريءَ جو مجموعو ”خوابون ڪي دهليز“ شائع ٿي چڪو آهي. ٻين ۾ ”شوقين فتح پوري، بيتاب نظيري، موسيٰ جي ديپڪ جنهن اردو سان گڏ گجراتي ۾ شاعري ڪئي آهي. نفيس فريدي، ضاءُ الحق ضيا، ضيغم حميدي، تنوير احمد پهول جا شاعري جا مجموعا شائع ٿي چڪا آهن.

انهن شاعرن کانسواءِ ملير ۾ سنڌي شاعري جي حوالي سان ميمڻ ڳوٺ جو بيڪس بروهي (بابو سليمان) جيڪو هن وقت سنڌ جي ڊائريڪٽر آڊٽ جي اهم پوسٽ تي آهي سٺو شاعر آهي. حاجي عالم شير گبول رزاق آباد، شاهه محمد شاهه رزاق آباد، اصغر مهرائي ملير، عبدالحڪيم جوکيو گڏاپ ۾ ٻيا شاعري ڪري رهيا آهن پر انهن جو ڪو مجموعو اڃا شايع نه ٿي سگهيو آهي.

بلوچي ادب جي حوالي سان به ملير ناميارا اديب، شاعر ۽ فنڪار پيدا ڪيا آهن. ڪراچي ۾ بلوچي ادب جا ٽي مرڪز رهيا آهن. ملير، لياري ۽ پراڻو گوليمار ملير ۾ ماسٽر امام بخش بلوچ مرحوم صديق ڳوٺ واري ادبي حوالي سان سٺو ڪم ڪيو آهي. هي عوامي تحريڪ ۾ به سرگرم رهيو هو. هن وقت ان جي ياد ۾ ماسٽر امام بخش ميموريل لائبريري صديق ڳوٺ ۾ موجود آهي. جتان ڪنهن دور ۾ بلوچي ۾ هڪ رسالو ”ياگي“ شائع ٿيندو هو.

تازو رودين ڪلمتي جي بلوچي شاعري تي ٻڌل ڪتاب ”رشنو“ شائع ٿيو آهي. گل محمد گل مليري جيڪو بلوچي جو سٺو شاعر آهي. هن شاهه جي رسالي جي ڪجهه سرن جو بلوچي ۾ ترجمو ڪيو آهي. نرگس بلوچ جنهن جو تعلق ڪوهي گوڻهه جي ايراني محلي سان آهي. جيڪا صحافي پڻ آهي. انتخاب ڪراچي جي ايڊيٽر به آهي. تازو هن جو ڪتاب اڪبر بگٽي تي شائع ٿيو آهي.

انهن صاحب ڪتاب بلوچي اديبن ۽ شاعرن کانسواءِ مرحوم ملا فقير محمد ”فقير“، حدا داد مرحوم شاعر مراد جعفر ڳوٺ، حدا داد شاعر صديق ڳوٺ، رحمت الله ڪلمتي شاعر، مولا موسيٰ مليري شاعر، ملا غلام محمد ڪلمتي شاعر، حنيف دلمراد، پروفيسر شير محمد سيرگ شاعر، عبدالعزيز، استاد لعل جان فنا، حنيف اميت، حيدرياد، اشرف سربازي (جيڪو هن وقت ايران ۾ آهي) صالح محمد سوالي مرحوم جيڪو شاعر ۽ فنڪار هو. پي. پي. پي جي ايم. اين. اي شير محمد بلوچ جو چاچو هو. ڊاڪٽر عبدالخالق بلوچ، عبدالخالق خالد شفيع ڳوٺ وارو جنهن مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب ”گلن جي ٽوڪري“ جو بلوچي ترجمو ”پهلاني ٽوڪري“ نالي سان ڪيو آهي. عظيم دهقان، بشير واحد، غلام رسول ڪلمتي اديب شاعر، امام بخش مليري مرحوم فنڪار، اقبال هاشمي شاعر، واجا فقير محمد بلوچ شرافي ڳوٺ، عبدالملڪ مجيد مصور ۽ ظريف بلوچ مصور شامل آهن. ان کانسواءِ بلوچي اسٽيج ڊرامي جي حوالي سان صديق ڳوٺ ۽ بلوچي وڊيو فلم جي حوالي سان شرافي مشهور آهن.

سنڌي شاعري ۽ ڪمپوزنگ ۾ عبدالله بيتي جو نالو به هميشه ياد رهندو، ابراهيم حيدري جو رهندڙ هي ادب دوست ماڻهو تازو اسان کان وڇڙي ويو ۽ پويان علم ۽ ادب جو وڏو ذخيرو ڇڏي ويو آهي. جنهن کي سهيڙڻ ۽ شائع ڪرڻ جي ضرورت آهي. عبدالله بي متيو بهترين ڪمپوزر به هو. هن ڪيترن سنڌي فلمن جي موسيقي ڪمپوز ڪئي. مهراڻ وائيز گروپ پاران هو مختلف ثقافتي پروگرامن ۾ ميوزڪ پروگرام کانسواءِ اسٽيج ڊراما به پيش ڪندو هو. گهڻا اسٽيج ڊراما ان جا پنهنجا لکيل هوندا هئا. ابراهيم حيدري جي چاچا احمد ناکئي وٽ تاريخ جو وڏو ذخيرو محفوظ هو. هاڻي ان جي مرڻ پڄاڻان هن قلمي ذخيري جو خبر ناهي ڪهڙو حشر ٿيو هوندو.

شاعري کانسواءِ ادب جي ٻين صنفن ۾ جن اديبن جا ڪتاب شايع ٿيا آهن انهن ۾ هڪ ملير جي ادبي دنيا جو جنهن سنڌ جي ادبي دنيا ۾ نالو پيدا ڪيو اهو الله بچايو يار محمد سمون هو. جيڪو 1912ع ۾ ملير ۾ ڄائو. سنڌي زبان جو مشهور نثر نويس ٿي گذريو آهي. الله بچايو سمون سنڌي فائينل جو امتحان پاس ڪري ٽريننگ ڪاليج ۾ ٽريننگ پوري ڪري پرائمري جو استاد مقرر ٿيو. هن فقط ٻه ڪتاب لکيا. 1942ع ۾ ”سير ڪوهستان“ ۽ 1971ع ۾ ”لاڙ جو سير“ ڇپجي پڌرو ٿيو. اهي ٻئي ڪتاب سنڌي ادب جا شهپارا آهن. الله بچايو سمون 9 ڊسمبر 1958ع ۾ گذاري ويو. پهريون صاحب ڪتاب جو اعزاز ملير ۾ جنهن کي حاصل آهي اهو ڪوهي ڳوٺ لڳ ايراني محلي جو رهندڙ سليمان صفوي آهي جيڪو اداڪار ڪمال ايراني جو ڏاڏو ۽ سنڌ مدرسي اسڪول ۾ فارسي جو استاد هو. 1932ع ۾ هن جو فارسي ادب تي ڪورس جو ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي. پروفيسر عبدالستار بلوچ جو به ڪورس لاءِ هڪ ڪتاب ”اصول شهرت“  سنڌي ۾ ڇپجي چڪو آهي. راقم (گل حسن ڪلمتي) جا ٽي ڪتاب (1) هڪ رٺل شهر جي ڪهاڻي (ڪراچي جي تاريخ) (2) سنڌو جي سفر ڪهاڻي (ترجمو) شير دريا رضا علي عابدي ۽ (3) برف جو دوزخ (سفرنامو) ڇپجي چڪا آهن. سائين بشير احمد جوکئي ڪاٺوڙ واري جو گرامر تي سنڌي ڪتاب ”نور سنڌي گرامر“ ڇپجي چڪو آهي. پير حامد الله سرهندي جو ڪتاب ”سونهاري سنڌ جو سونهارو تارو“ به ڇپجي چڪو آهي.

اردو ۾ ملير تي لکيل مضمونن کي هڪ جاءِ تي سهيڙي وادي ملير جي نالي سان شايع ڪندڙ حميد ناضر جا ڪتاب اچي چڪا آهن. وادي ملير  کانسواءِ (وادي لياري)، برصغير مين سرائڪي تهذيب، ابن حسن قيصر پر تحقيق ڪي نتائج ۽ ملير گزيٽيئر حصو پهريون انگريزي ۾ ڇپجي چڪو آهي. حميد ناضر جيڪو چٽائي گرائونڊ ملير ۾ رهي ٿو جنهن کي ملير ۽ لياري تي سڀ کان پهرئين لکڻ جو اعزاز حاصل آهي. گڏاپ جي ملڪ عبدالغني اصغر جو ڪشمير تي اردو ۾ هڪ ڪتاب ڇپجي چڪو آهي.

صاحب ڪتابن کانسواءِ ملير ۾ جيڪي اديب لکڻ ۾ سرگرم آهن انهن ۾ سائين خدا ڏنو شاهه، محمد زمان جوکيو، عبدالعزيز خاصخيلي، رحمان گل پالاري، پروفيسر محمد رحيم راولاڻي، حمزو پنهور، نصرالله ناصر، عبدالعزيز بلوچ، حنيف دلمراد، ملا غلام رسول ڪلمتي رئيس قادر بخش ڪلمتي، زبيده برواڻي، غلام مصطفيٰ بلوچ، ممتاز خاصخيلي، حسين ساگر، محمد علي شاهه، يونس خاصخيلي ريڙهي مياڻ، عبدالغني جوکيو ناز، ايوب شان، لطيف راولاڻي ۽ ٻيا ملير ۾ مختلف تحقيقي مضمونن جي حوالي سان لکي رهيا آهن.

ملير ۾ سنڌي ادبي سنگت جون ٻه شاخون گلشن حديد شاخ ۽ ملير شاخ سرگرم آهن. مرحوم انور پيرزادو جيڪو گلشن حديد ۾ وقتي طور رهائش پذير هو ملير تي انور جو سٺو ڪم ٿيل آهي. ان کانسواءِ زاهد شيخ، اياز جاني، چندر ڪيسواڻي، امداد سولنگي، حيدر شيخ، سڪندر سرواڻ، محمد علي ماجد، ڪامريڊ نذير چنا ۽ ٻيا سنڌ جا ناليوارا اديب ۽ شاعر وقتي طور تي ملير ۾ رهي سنڌي ادب جي خدمت ۾ مصروف آهن.

 

گولاڙا ۽ گگريون اوڇڻ اباڻا

هڪ پاسي ڏور حب ڊيم جو نيرو پاڻي سج جي ڪرڻن ڪري چمڪي رهيو هو. کار نئين جي ويڪري پاٺ جي ڪنڌيءَ تي امام بخش ڳوٺ جا ڪکاوان ۽ پڪا گهر نظر اچي رهيا هئا. اتر پاسي لينڊ اسڪيپ ۾ ڇڊا پڊا وڻ ۽ ٻورا، حب جي ڪنڌيءَ تائين ڦهليل هئا. اوڀر کان جبلن جو هڪ سلسلو هو جنهن کي اوڀر ڏکڻ کان ايندڙ کار نئين ٻه اڌ ڪري انهن جي وچان لنگهي حب ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. جبلن جي انهيءَ ٻه اڌ ٿيل سلسلي ۾ کار نئين جي هڪ پاسي هڪ اوچو جبل ۽ ٻئي پاسي هڪ ٻيو موڪرو جبل ڳاٽ اوچو ڪري هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ بيٺا هئا. جنهن مان هڪ کي ”مري“، ٻئي کي ”مڱٿر“ چيو وڃي ٿو. جتان آئون انهن جو نظارو ڪري رهيو هيس. اهو هڪ ٽڪري تي قائم کيرٿر نيشنل پارڪ جو کار سينٽر هو. جتي ريسٽ هائوس ۽ مختلف جانورن جن ۾ مور ۽ ٻيا پکي شامل آهن انهن جا پنجرا ٺهيل هئا. نظارو انتهائي خوبصورت هو. تازين برساتن ڪري هر پاسي ساوڪ ئي ساوڪ هئي. مري ۽ مڱٿر جو ذڪر بعد ۾، پهرئين هن علائقي جي باري ۾. هي علائقو ڪراچي ۾ شامل آهي. ڪنهن وقت ملير ضلعي جو حصو هو. ملير ضلعي جي شهيد ٿيڻ کانپوءِ هاڻي هي علائقو گڏاپ ٽائون ۾ شامل آهي ۽ کيرٿر نيشنل پارڪ جو به حصو آهي.

گڏاپ سميت 1962ع تائين هي علائقو ٺٽي ضلعي ۾ شامل هو. 1963ع ۾ موئيداڻ يونين ڪائونسل بنايو ويو ته هي علائقو ان ۾ شامل ڪيو ويو. پر کار نئين جي پار وارو علائقو ديهه شورينگ/سورينگ گڏاپ يونين ڪائونسل ۾ شامل هو. مري گڏاپ ۾، ۽ مڱٿر جبل موئيداڻ ۾ آهي. جابلو سلسلو اڳتي هلي کٻڙ لڪ کانپوءِ منگهي پير تائين وڃي ٿو. کٻڙ لڪ انهيءَ علائقي شاهه نوراني ۽ ڌريجي وڃڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. هڪ رستو گڏاپ جنهي جبل کان کار نئين جي وچان گذري امام بخش ڳوٺ لڳ ڪنڊ ويندڙ رستي سان ملي ٿو ۽ رستي تي چڙهڻ کانپوءِ ڪنڊ ڏانهن ويندي کار نئين پار ڪرڻ کانپوءِ ساڄي هٿ تي ڪچو رستو کار سينٽر جي ريسٽ هائوس تائين اچي ٿو. هي علائقو ديهه کار ۾ شامل آهي. مري جبل جي ڀر ۾ گڏاپ کان ايندڙ ڪچي رستي جي لڳ قديمي قبرستان به آهي جتي ڪجهه گهاڙي قبرون به آهن. قبرستان جي بلڪل سامهون مڱٿر جبل جي ڪڇ ۾ ڳوٺ رازق ڏنو آهي.

کٻڙ لڪ کانپوءِ وارو علائقو ڪنهن دور ۾ ضلعي ڪراچي اولهه ۾ شامل هو. کٻڙ لڪ وارو جابلو علائقو ملير ضلعي ۾ هوندو هو. جنهن مان مختلف ٽڪرين مان وهندڙ ڍورا نڪرن ٿا جيڪي مراد بروهي ۽ عثمان ٽڪري ڳوٺ کانپوءِ لياري نئين ۾ تبديل ٿين ٿا. ديهه مانڊڙو، ديهه مهيو، ديهه لوهارڪو لنگ، ديهه ڄام جو چکرو، ديهه منگهو پير، ديهه حب، حلڪاڻي، ديهه مائي ڳاڙهي، ديهه بند مراد خان، ديهه مٺاڻ ۽ گابو پٽ انهيءَ جابلو سلسلي ۾ آهن. گابي پٽ کان وٺي مهير، موئيداڻ ۽ گڏاپ وارو جابلو سلسلو ڪوهستان ۾ شامل آهي.

کيرٿر نيشنل پارڪ به ڪوهستان واري علائقي ۾ آهي. کيرٿر نيشنل پارڪ سنڌ جي ڏکڻ اولهه ۾ کيرٿر جابلو سلسلي ۾ 11992 اسڪوائر ميلن تي پکڙيل آهي. پارڪ جو 1 ڀاڱي 3 حصو ڪراچي جي اترئين پاسي ۽ 2 ڀاڱي 3 حصو ڄام شوري ۽ دادو ضلعي تي ٻڌل آهي. پارڪ جي ڏکڻ اوڀر ۾ ٺٽو ضلعو ۽ اوڀر ۾ حيدرآباد ضلعو اچي ٿو. کيرٿر نيشنل پارڪ پاڪستان جو اڪيلو نيشنل پارڪ آهي جيڪو سڀ کان وڏو ۽ سڀ کان پهرئين 1975ع ۾ گڏيل قومن جي نيشنل پارڪن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو. هي نيشنل پارڪ سمنڊ جي سطح کان 1230 فٽ اوچائي تي N-1025، N-5,26 ويڪرائي ڦاڪ ۽ E-10,67 ۽ E-55,67 ڊگهائي ڦاڪ جي وچ ۾ آهي. کيرٿر نيشنل پارڪ جي ٽوٽل ايراضي اٽڪل 308733 ايڪڙن تي ٻڌل آهي. پارڪ ۾ 432 ميل ڪچا رستا ۽ پيچرا اچي وڃن ٿا. هن نيشنل پارڪ جي خصوصيت اها آهي ته هن پارڪ ۾ دنيا ۾ اڻلڀ قسم جا ٻه جانور، سنڌ آئيبيڪس (سرهه – جابلو ٻڪر) ۽ گڊ (جابلو رڍ – اڙيال) هزارن جي تعداد ۾ ملن ٿا. هن وقت وائيلڊ لائيف ڊپارٽمينٽ موجب سنڌ آئيبيڪس جو انگ 5 هزار کن ۽ گڊ ٽن کان چئن هزارن تائين آهي. هي قيمتي ۽ اڻلڀ جانور کيرٿر نيشنل پارڪ کانسواءِ ڪٿي به نٿا ملن. انهن جانورن ڪري کيرٿر نيشنل پارڪ کي جڳ مشهوري ملي آهي. پر بدقسمتي اها آهي جو اڻ ڄاڻائي ۽ شوق جي ڪري انهن اڻلڀ جانورن جي اهميت کي نه سمجهي سگهيا آهيون ۽ روز انهن قيمتي ۽ اڻلڀ جانورن جو شڪار هتان جي بااثر ماڻهن ۽ وائلڊ لائيف ڊپارٽمينٽ جي اهلڪارن جي سرپرستي ۾ ٿيندو رهي ٿو. پوري نيسنل پارڪ ۾ غير قانوني شڪار روڪڻ لاءِ چيڪ پوسٽن جو ڄار وڇايو ويو آهي پر پوءِ به اهو سلسلو جاري آهي. جنهن لاءِ حڪومت کي گهرجي ته اڻ لڀ نسل جي جانورن جي بقاءَ لاءِ جوڳا اپاءَ وٺي.

کيرٿر نيشنل پارڪ سنڌ حڪومت جي نوٽيفڪيشن نمبر WLRFT(SO-I-DCF-993)/74 مطابق جاري ڪيو ويو. 1972ع ۾ سنڌ وائلڊ لائيف پروٽيڪشن آرڊيننس 1972ع تحت هن کي سينڪچوري قرار ڏنو ويو هو. بعد ۾ 1974ع ۾ مٿين نوٽيفڪيشن تحت نيشنل پارڪ ۾ تبديل ڪيو ويو.

1987ع ۾ جانورن خاص ڪري سرهه ۽ گڊ جي نسل کي وڌندڙ خطري کي نظر ۾ رکي قانوني طور شڪار جون پرمٽون پڻ بند ڪيون ويون آهن. هاڻي نيشنل پارڪ ۾ شڪار تي مڪمل طور پابندي آهي. نيسنل پارڪ ۾ ٻه، ڪرچات ۽ حب وائلڊ لائيف سينڪچوري (Sanctuary) آهن. پوري پاڪستان ۾ 14 نيشنل پارڪ، 82 وائلڊ لائيف سينڪچوري، 83 گيم ريزرو آهن.

نيشنل پارڪ جو درجو ڏيڻ کانپوءِ کار سينٽر ڪراچي ۾ 11 ڪارا هرڻ آمريڪا مان آندا ويا ۽ وائلڊ لائيف ڊپارٽمينٽ جي رپورٽ موجب هاڻي انهن جو انگ 80 کان مٿي آهي ۽ ڳاڙهي هرڻ (چنڪارا) جو انگ 15 آهي. کار سينٽر ۾ 26 قسم جا جانور موجود آهن. وائلڊ لائيف ڊپارٽمينٽ موجب 1980ع تائين ست ليپرڊس (Leapards) پارڪ ۾ موجود هئا. پر هاڻي هڪ به نه آهي. ڪوهستان واري علائقي ۾ چيتو، لومڙ، جهنگلي ٻلا، چراغ، پينگولين، تتر، باز، تلور، چڪور، هاٿار، گدڙ، بگهڙ، ڳورپٽ، سيڙها، واڳون، سها، نانگ، نور، هڻ کڻ، پيئڻ بلا ۽ کپر جام آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org