سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي

 

صفحو ؛ 38

ڪجهه ملير ضلعي جي باري ۾:

شروع کان ملير ضلعو هتان جي مخصوص طبقي جي اک ۾ ڪنڊو هو. جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ پهرئين ڏينهن کان ڪوششون شروع ڪيون ويون. نيٺ 14 آگسٽ 2001ع جو نئين بلدياتي نظام جو بهانو بڻائي ملير سميت ڪراچي جي پنجن ضلعن کي ختم ڪري ڏيڍ ڪروڙ جي آبادي تي هڪ ضلعو ڪراچي بنايو ويو. جتي شهري حڪومت جوڙي شهر جو انتظام شهري حڪومت جي حوالي ڪيو ويو ۽ حڪومت سنڌ جو سڌو سنئون تعلق ختم ڪيو ويو. هتي 12 کاتا جوڙيا ويا. هر محڪمي لاءِ الڳ اي. ڊي. او (EDO) رکيو ويو جنهن جي حيثيت صوبائي سيڪريٽري جيتري آهي. ڪراچي لاءِ الڳ پوليس، سٽي ڪيپيٽل پوليس جوڙي ويئي. جيڪڏهن هتي ضلعن کي برقرار رکيو وڃي ته سڀ کان وڌيڪ ضلعي ملير کي هجي ها. ڇاڪاڻ ته پوري ضلعي جو انتظامي ۽ سياسي واڳون مقامي ماڻهن جي هٿن ۾ هجن ها. پورٽ قاسم ۽ اسٽيل مل ڪري وڌ کان وڌ ڪمائڻ وارو ضلعو بنجي وڃي ها. ٻي ڳالهه ڪراچي ۾ 70 سيڪڙو زمين ملير ضلعي ۾ هئي. هاڻي تيزي انهن زمين تي سٽي حڪومت هائوسنگ اسڪيمون، انڊسٽريل زون جوڙي ڪراچي جي وڌندڙ آبادي کي ملير ۾ آباد ڪيو ويو آهي ۽ جواز اهو ڄاڻايو ويو ته ضلعن جي آبادي وڌڻ ڪري انهن کي ٽوڙڻ ضروري هو. ٻئي پاسي ڪراچي جي پنجن ضلعن کي ختم ڪري هڪ ضلعو بنائڻ واري ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. ٽنڊو محمد خان ۽ مٽياري ضلعن جي آبادي کان وڌيڪ آبادي وارا ڪراچي ۾ ٽائون موجود آهن. اهو سڀ ڪجهه هتان جي مقامي ماڻهن خلاف هڪ سازش آهي. حڪمران هتان جي رهندڙن کي ويڙهائي پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ گهرن ٿا.

شهيد ٿيل ملير ضلعو لينڊ روينيو ايڪٽ 1967ع جي ڀاڱي ڇهين مطابق نوٽيفڪيشن No. 1/18.93 Rev- (v)- 1434 Hyd dated 25th sep: 1993 سيڪريٽري روينيو ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ عبد سليم خان جي صحيح سان جاري ڪيو ويو. ان کانپوءِ هڪ ٻئي آرڊر تحت جنهن ۾ نوٽيفڪيشن ۾ ڪجهه نالن جي درستي، ڪجهه علائقن کي ملير ۾ شامل ڪرڻ ۽ ڪجهه علائقن کي الڳ ڪرڻ هڪ ٻيو ترميمي نوٽيفڪيشن نمبر No-1/18/93 Rev-(v)-393 Hyd: dated 21th March 1994 جاري ڪيو ويو. جنهن مطابق انتظامي طور ملير ضلعو ٽن سب ڊويزنن ۽ هيٺين علائقن تي مشتمل هوندو.

(1) گڏاپ سب ڊويزن: تپو گڏاپ، تپو موئيداڻ، تپو واڻ ڪنڊ، تپو ڪونڪر، تپو درساڻو ڇنو، تپو ڪاٺوڙ، ديهه سنهڙو جا سڪڻ نئين جي اتر وارا علائقا، ديهه ٿاڻو، ديهه لانڍي، ڪي ايم سي يونٽ نمبر 93، 94، 95 ۽ 98، صاحبداد ڳوٺ ڪي ايم سي يونٽ 102، ملت ولاز يونٽ 100، ملير سٽي اسٽاپ 15 تائين جا علائقا هن سڀ ڊويزن ۾ شامل هئا. ملير ضلع جو 75% سيڪڙو علائقو گڏاپ سب ڊويزن ۾ شامل هو.

2. ايئر پورٽ سب ڊويزن: جنهن ۾ ديهه سونگل، ديهه ٻٽي آمري، ديهه ٿومينگ، ديهه دوزان، ديهه صفوران سوائي، ڪي. ڊي. اي اسڪيم 36، ڪي ڊي اي اسڪيم 33 مان سيڪٽر 1، 12 113، ديهه ڳجهڙو، شانتي نگر، ملير ڪينٽ، ڪي ايم سي يونٽ 104، ديهه مهراڻ سوائي ڪي ايم سي يونٽ 198 جي.

3. بن قاسم سب ڊويزن: تپو جوريجي، تپو ابراهيم حيدري هڪ ۽ ٻه، ديهه ڱانڱيارو، ديهه کانٽو، ديهه سنهڙو سڪڻ نئين جي ڏکڻ وارو پاسو، ديهه ٻاڪراڻ، ديهه پپري، ڪي ايم سي يونٽ 76، 78، 79، 80، 88، 89، 90، 91، 92 ۽ 93. پير بخش ڳوٺ، ڪي ايم سي يونٽ 73 (سوائي شريف ڪالوني)، برمي ڪالوني، ليبر ڪالوني، عوامي ڪالوني ۽ صنعتي علائقو ملير نئين سان لڳ ڪي ايم سي يونٽ 93 تائين ۽ ڪورنگي ڪريڪ ڪنٽونمينٽ.

ملير ضلعي جو پهريون ڊپٽي ڪمشنر محمد اسحاق لاشاري هو. ضلعو 2268 اسڪوائر ڪلوميٽرن تي ڦهليل هو. جنهن ۾ ٻهراڙي ۽ شهري علائقا شامل هئا. ملير ۾ اسٽيل مل، پورٽ قاسم، مشين ٽول فيڪٽري، ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون، پاڪ لينڊ سيمينٽ فيڪٽري، ڪراچي انٽرنيشنل ايئرپورٽ، ڪراچي يونيورسٽي، اين اي ڊي انجنيئرنگ يونيورسٽي، بقائي ميڊيڪل يونيورسٽي، ڪمپيوٽر انفارميشن ٽيڪنالوجي (Fast)، پاڪستان سويڊش انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالوجي، ۽ بقائي ڪيڊٽ ڪاليج سميت 12 ڊگري ڪاليج ۽ 5 هائير سيڪنڊري اسڪول، 24 سيڪنڊري، 320 پرائمري اسڪول، 35 کان مٿي ڪمپيوٽر سينٽر ۽ ٻيا تعليمي ادارا شامل هئا.

ڪراچي جي ان وقت جي ڏهن يونين ڪائونسل مان ست يونين ڪائونسلون ابراهيم حيدري، لانڍي، درساڻو ڇنو، ٿاڻو، ڪونڪر، گڏاپ ۽ موئيداڻ ملير ضلعي ۾ شامل هئا. ملير ضلعي ۾ هڪ پاسي سامونڊي علائقو ٻئي پاسي ڪوهستان وارو جابلو علائقو، وچ ۾ زرعي علائقا شامل هئا. ملير ضلعي جون اتريون حصو هن وقت ضلعي دادو (هاڻي ڄامشورو) جي کيرٿر پهاڙي سلسلي سان لڳندو هو. ڏاکڻي پاسي عربي سمنڊ هو. اوڀر اتر پاسي بلوچستان صوبي جي لسٻيلي ضلعي جون حدون ملنديون هيون.

سهراب ڳوٺ پل لڳ ان جون حدون ضلعي ڪراچي سينٽرل سان جڏهن ته ابراهيم حيدري لڳ ضلعي ڏکڻ سان به ملير ضلعي جون حدون ملنديون هيون. ملير جو علائقو سمنڊ جي سطح کان 550 ميٽر مٿي آهي.

ملير ضلعي ۾ 445 ڳوٺ هئا جن مان 70 ننڍا وڏا ڳوٺ شهري حدن ۾ 375 ڳوٺ ٻهراڙي ۾ هئا. 1998ع جي ڳڻپ موجب ملير ضلعي جي آبادي 9 لک 81 هزار 412 هئي جنهن مان 3 لک 21 هزار ماڻهو ٻهراڙي ۾، 6 لک 60 هزار 412 شهري علائقن ۾ رهندا هئا. ملير ضلعي جي انهيءَ آبادي ۾ 5 لک 48 هزار 645 مرد ۽ 4 لک 32 هزار 767 عورتن جو انگ هو. ايريا جي حساب سان في اسڪوائر ڪلوميٽر ۾ 32.7 ماڻهو رهن ٿا.

ملير ضلعي ۾ 1998ع جي ڳڻپ مطابق مادري ٻولين جو ريشو هيٺين ريت هو.

سنڌي ڳالهائڻ وارا 25.08 سيڪڙو

اردو ڳالهائڻ وارا 15.87 سيڪڙو

پشتو ڳالهائڻ وارا 20.67 سيڪڙو

پنجابي ڳالهائڻ وارا 17.46 سيڪڙو

بلوچي ڳالهائڻ وارا 08.51 سيڪڙو

سرائڪي ڳالهائڻ وارا 02.36 سيڪڙو

بروهي ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائڻ وارا 10.06 سيڪڙو

1988ع جي ڳڻپ موجب ملير ضلعي ۾ پڙهيلن جو ريشو هيٺين ريت هو.

پڙهيل لکيل جو ريشو پوري ضلعي ۾ 53.56 سيڪڙو

مردن جو ريشو 61.41 سيڪڙو

عورتن جو ريشو 42.87 سيڪڙو

ٻهراڙي وارن علائقن ۾ پڙهيلن جو ريشو 49.16 سيڪڙو

مردن جو ريشو 58.57 سيڪڙو

عورتن جو ريشو 38.05 سيڪڙو

شهري علائقن ۾ پڙهيلن جو ريشو 55.65 سيڪڙو

مردن جو ريشو 62.69 سيڪڙو

عورتن جو ريشو 45.43 سيڪڙو

ملير ضلعي لاءِ الڳ ڪورٽون قائم ڪيون ويون. جنهن سان مقامي وڪيلن ۽ عام ماڻهن کي فائدو رسيو. ڪورٽن ۽ مختلف آفيسن جي ٺهڻ سان مقامي ماڻهن کي روزگار جا وسيلا ميسر ٿيا.

14 آگسٽ 2001ع تي پوري ملڪ ۾ نئون بلدياتي نظام نافذ ڪرڻ سان گڏ ڪراچي ڊويزن جي پنجن ضلعن ملير، ڪراچي اولهه، ڪراچي اوڀر، ڪراچي ڏکڻ ۽ ڪراچي سينٽرل ضلعن کي ختم ڪيو ويو ۽ پوري ڪراچي کي هڪ ضلعو بنائي ان کي سٽي ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ جو نالو ڏنو ويو. ڪراچي ٻهراڙيءَ جا علائقا ختم ڪيا ويا. ڊوميسائيل ۽ پي. آر .سي تي لکيل  ٻهراڙي وارو لفظ ختم ڪيو ويو. پوري ڪراچي کي شهري علائقو قرار ڏيئي 18 ٽائونن ۽ 178 يونين ڪائونسلن ۾ ورهايو ويو.

ملير ضلعي کي ڀاڱا ڪري مختلف ٽائونن ۾ شامل ڪيو ويو. ملير ضلعي جا حصا گڏاپ، بن قاسم، ملير، گلشن اقبال، لانڍي ۽ ڪورنگي ٽائون ۾ شامل ڪيا ويا. ڪراچي جي سڀني ڇانوڻين کي ڪنهن به ٽائون ۽ سٽي گورنمينٽ ۾ شامل نه ڪيو ويو ۽ نه ئي اڃا تائين هتي اليڪشن ڪرائي ويئي آهي. اهي علائقا شهري حڪومت جي دائري اختيار ۾ 464،44 آهي ۽ ڪورنگي ڪريڪ ڇانوڻي جي آبادي 34،117 آهي. ڪراچي جا پنجئي ضلعا ختم ڪيا ويا آهن. پر اڃا تائين نادرا جي شناختي ڪارڊ آفيس، پاڪستان اليڪشن ڪمشنر وٽ في الحال ملير ضلعو ۽ ٻيا ضلعا بحال آهن. 2002ع جون صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جون چونڊون ضلعن جي حساب سان ٿيون. پوري ڪراچي ۾ عدالتي نظام اڃا تائين ضلعن جي حساب سان ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ائين ملير ڪورٽ اڃا موجود آهي.

مهدي جونپوري، آغا خان اول، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، محمد علي جناح ۽ سسئي ملير ۾:

ذڪري فرقي جا هزارين بلوچ ڪراچي ۾ لياري، ڪلري، هاڪس بي ۽ ملير ۾ ڪوهي ڳوٺ ديهه شرابي (شرافي) ۾ رهن ٿا. نيشنل هاءِ وي تي پير ڪوهي زيارت به انهيءَ فرقي جو آهي. هي سيد محمد مهدي جونپوري جا پوئلڳ آهن. ۽ ان کي امام مهدي تسليم ڪن ٿا فرقي بابت وڌيڪ تفصيل ڪتاب جي باب ”ڪجهه رهجي ويل منظر“ ۾ پڙهندا.

جڏهن ميران محمد شاهه جونپوري سنڌ ۾ آيو ته هتي ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي حڪومت هئي. سنڌ جا گهڻا ماڻهو ان تحريڪ ۾ شامل ٿيا. هو ڪراچي بندر تي لهي هتان ٺٽي ويو. ڪوهي ڳوٺ لانڍي جيڪو سڪڻ نئين جي ساڄي ڪپ تي آهي. نيشنل هاءِ وي تي آل ون فيڪٽري کان هڪ رستو کاٻي پاسي ڳوٺن ڏانهن نڪري ٿو انهيءَ رستي تي پهريون ڳوٺ پير ڪوهي آهي. جتي ذڪري فرقي جا ماڻهو رهن ٿا. هتي هڪ ڪمرو ٺهيل آهي جيڪو سيد محمد جونپوري جو آستان آهي. جنهن لاءِ مشهور آهي ته سيد محمد جونپوري ٺٽي ويندي هتي ترسيو هو ۽ انهيءَ جاءِ تي اهو ڪمرو اڏيو ويو آهي.

ميرن جي دور ۾ جڏهن آغا خان اول حسن علي ڪراچي آيو ته هن کي ڪراچي جي ڪوٽ اندر وڃڻ کان روڪيو ويو. آغا خان پوءِ لياري نئين جي ڪناري خيما کوڙيا. اها جاءِ لي مارڪيٽ کان اڳ اسپنسر آءِ اسپتال جي پويان ٽمبر مارڪيٽ ۽ جمن شاهه پلاٽ لڳ آهي لياري عيد گاهه ويجهو جتي اڄ به آغا خانين جون قبرون آهن. اجازت نه ملڻ کانپوءِ آغا خان جهرڪن لاءِ روانو ٿيو ۽ ڪجهه وقت ملير جي علائقي ڪوهي ڳوٺ لڳ آغا خاني وٽ ترسيو. جتي هن هڪ بنگلو ٺهرايو جيڪو اڃا به موجود آهي.

ميمڻ ڳوٺ لڳ انسپڪشن بنگلو

 

هتي اڃان به ايراني رهن ٿا. پاڪستان جو ڀلوڙ اداڪار ڪمال ايراني انهي خاندان مان هو جيڪو به هتي رهندو هو. انهن مان هڪ پروفيسر سليمان صفوي به هتي رهندو هو. جيڪو 1930ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ۽ سنڌ مدرسي ۾ فارسي جو استاد هو ۽ ملير جو پهريون صاحب ڪتاب پڻ آهي. اهو ڪتاب فارسي ادب تي هو. سليمان صفوي اداڪار ڪمال ايراني جو ڏاڏو هو.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو هڪ تڪيو گڏاپ ۾ آهي ان تڪئي ۾ ڪجهه سالن کان هڪ قبر جو واڌارو به ڪيو ويو. شاهه لطيف گڏاپ واري علائقي ۾ موکي ۽ متارن ۽ سسئيءَ کي پنهنجي شاعري ۾ امر ڪيو. لطيف به ملير جي گسن تان وندر ۽ هنگلاج تائين ويو ۽ ان اهو سفر ملير جي علائقي کان گڏاپ ۽ هنگلاج تائين ڪيو. سسئي به ڀنڀور کانپوءِ ملير مان ٿيندي اڪري پٻوڻي جو لڪ لنگهي سنگهر تائين ويئي هئي.

پاڪستان جو باني محمد علي جناح اڪثر هوا خوري لاءِ ملير جي باغن ۾ ايندو هو. واٽر بورڊ جو ڊملوٽي انسپيڪشن بنگلو جنهن کي عام طور ملير بنگلو چيو وڃي ٿو. جيڪو ميمڻ ڳوٺ پويان ڊملوٽي جي علائقي ۾ ملير نئين جي ڪپ تي واٽر سپلاءِ کوهه نمبر هڪ لڳ آهي. 1945ع ۾ محمد علي جناح انهيءَ بنگلي ۾ ترسيل هو ته، ان وقت سر غلام حسين هدايت الله سنڌ جو وڏو وزير هو. هاري ڪاميٽي جو هڪ وفد ڪامريڊ عبدالقادر ميوا خان جي اڳواڻي ۾ محمد علي جناح سان ملاقات ڪئي. هاري ڪميٽي جي وفد ۾ عبدالله شهبازي ٺٽي وارو به گڏ هو. هاري ڪميٽي جي اندر ان وقت هڪ ڌڙو مسلم ليگ سان قربت وڌائڻ جو به حامي هو. ان وفد ملير بنگلي ۾ محمد علي جناح سان ملاقات ڪئي. ان ڳالهه تي ٻه ڏينهن اهو بحث هليو ته جنوري 1946ع ۾ ٿيندڙ سنڌ جي چونڊن ۾ هيٺين طبقي ۽ هارين کي ٽڪيٽون ڏنيون وڃن. محمد علي جناح انهيءَ تي راضي ٿيو پر مسلم ليگي اڳواڻن ۽ هاري ڪاميٽي وارا ان ڳالهه تي اتفاق نه ڪري سگهيا. ته ڪهڙي پليٽ فارم تي اليڪشن وڙهجي. مسلم ليگي اڳواڻن ۽ محمد علي جناح جو موقف هو ته 60% ٽڪيٽون هاري ڪميٽي کي ڏنيون وينديون، پر اهي مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان چونڊ ۾ حصو وٺندا. جيڪا ڳالهه هاري ڪاميٽي وارن قبول نه ڪئي انهن جو موقف هو ته اسان هاري ڪاميٽي جي پليٽ فارم کي چونڊن ۾ استعمال ڪنداسين جيڪا ڳالهه مسلم ليگ وارن قبول نه ڪئي ۽ ائين اهي ڳالهيون بنا ڪنهن نتيجي جي ختم ٿي ويون.

ان کان اڳ محمد علي جناح 28 آگسٽ 1945ع تي ملير ۾ ديهه ڊگهه واري علائقي جتي هاڻي بابا ولايت علي شاهه جي درگاهه آهي جي لڳ ملير نئين جي ڪپ تي قائم خان آف قلات جي بنگلي ۾ ترسيو هو. محمد علي جناح خان آف قلات کي ڀائيندا هئا، پر جڏهن 1947ع ۾ قلات جي جرڳي ۾ بلوچستان کي پاڪستان ۾ شموليت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ته خان آف قلات محمد علي جناح کي تار موڪلي بنگلو خالي ڪرڻ لاءِ چيو. جنهن کانپوءِ خان آف قلات جي بنگلي ويجهو بهاولپور رياست جي نواب پنهنجو بنگلو ”القمر“ محمد علي جناح کي رهڻ لاءِ ڏنو. ڇاڪاڻ ته نواب آف بهاولپور جا محمد علي جناح سان سٺا تعلقات هئا. اهي ٻئي بنگلا اڄ به موجود آهن. خان آف قلات جو بنگلو 1950ع کانپوءِ ڀوپال جي راڻي بيگم عابده سلطانه خريد ڪيو ۽ قلات هائوس جو نالو بدلائي ڀوپال هائوس رکيو.

واجا نور الدين بلوچ، جنهن جي نالي تي ڳوٺ ملير ريلوي ڦاٽڪ پار جامعه مليه ڏانهن ويندي کاٻي هٿ تي اڄ به قائم آهي، انهن ڳوٺاڻن کي گهڻا ڀيرا غير قانوني چئي اٿارڻ جي به ڪوشش ڪئي ويئي. انهي واجا نورالدين پاران ورهاڱي وقت محمد علي جناح جي مان ۾ ملير محمدن فٽبال گرائونڊ ۾ آجياڻو ڏنو ويو. جنهن ۾ ملير جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

انهن تاريخي واقعن کانسواءِ سڪندر اعظم ۽ ان جون فوجون ملير مان گذري اڳتي ويون هيون. محمد بن قاسم به سنڌ تي حملي لاءِ پنهنجي لشڪر سميت حب پار ڪري منگهي پير واري علائقي کانپوءِ ملير مان گذري ديبل بندر تي حملو ڪيو هو.

ملير جيئن ننڍي کنڊ، باقي سنڌ ۽ پنجاب وڃڻ واري قدم گذر گاهه تي آهي. جنهن جي ڪري يونانين کان وٺي هاڻوڪي دور تائين اهو قافلن لاءِ سراءِ جي حيثيت رکي ٿو. مڪران ۽ ايران ڏانهن ويندڙ قديم گذر گاهه، گڏاپ کان شال ڪوٽ (ڪوئيٽا)، قنڌار ويندڙ قديم رستو، گڏاپ کان سيوهڻ، گڏاپ کان مول، گڏاپ کان ئي باقي رستا لانڍي کان ديبل، لاڙي، ٺٽي جي بندرن ۽ ڪراچي جي بندرن ڏانهن رستا نڪرندا هئا. هتان ايندڙ قافلا انهن کي استعمال ڪندا هئا. اهي گس ڪنهن نه ڪنهن طور تي اڄ به استعمال ٿي رهيا آهن.

ملير جو سياسي وايو منڊل:

لياري وانگر 1970ع کان وٺي ملير به سياسي طور تي پاڪستان پيپلز پارٽي جو ڳڙهه رهيو آهي هتان قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ پيپلز پارٽي جا نمائندا اڪثريت سان ڪامياب ٿيندا رهيا آهن. پيپلز پارٽي کانسواءِ متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جي ٺهڻ کانپوءِ شهري علائقا ان جي هٿ هيٺ آهن. ايم ڪيو ايم کان اڳ شهري علائقن ۾ جماعت اسلامي جو وڏو اثر رهيو آهي. هن وقت به جماعت اسلامي شهري علائقن ۾ مقابلي جي پوزيشن ۾ آهي. ٻهراڙي جي ڪجهه علائقن ۾ ان جو اثر به آهي. ايم ڪيو ايم حقيقي بنجڻ کانپوءِ لانڍي، ملير ۽ سعود آباد جي علائقن ۾ حقيقي مضبوط پوزيشن ۾ آهي. مولانا فضل الرحمان پٺاڻن جي علائقي ۾ سٺي پوزيشن ۾ موجود آهي. سهراب ڳوٺ ۽ لانڍي جي پٺاڻ آبادين ۾ نيشنل عوامي پارٽي ۽ پشتون خواهه ملي عوامي پارٽي جو به اثر موجود آهي. سنڌي قوم پرست پارٽين ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ، عوامي تحريڪ، سنڌ ترقي پسند پارٽي ۽ نيشنل فرنٽ جا يونٽ به هتي موجود آهن. ملير ۽ ڪراچي جي ڳوٺاڻن جي مسئلن تي اهي پيش پيش آهن پر اهي اليڪشن کٽڻ جي پوزيشن ۾ نه آهن. بلوچ علائقن ۾ پيپلز پارٽي ۽ ٻين تنظيمن کانسواءِ بلوچ قوم پرست تنظيمن جنهن ۾ بي. اين. ايم مينگل ۽ نيشنل پارٽي جو چڱو اثر آهي. بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جا ملير جي تعليمي ادارن ۾ مضبوط يونٽ رهندا آيا آهن. بي. ايس. او هڪ فعال تنظيم طور موجود رهي آهي.

بي. ايس. او هتي تعليمي سرگرمين کان سواءِ سنڌ ۽ بلوچستان جي هر سياسي جدوجهد ۾ پيش پيش رهي آهي. انهن سياسي پارٽين کانسواءِ مولانا شاهه احمد نوراني جي جمعيت علماءَ پاڪستان ۽ مسلم ليگ (ن)، پاڪستان ورڪرز پارٽي به ڪجهه علائقن ۾ موجود آهي.

مغلن کان وٺي ٽالپرن تائين هتان جي راڄن جا سردار ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان حڪومتي انتظام ۾ رهيا آهن. جنهن جي نتيعي ۾ انهن کي منگهو پير کان وٺي ساڪري تائين جاگيرون عطا ڪيون ويون هيون. انگريزن جي فتح وقت انهن خلاف آزادي جي تحريڪن ۾ به هتان جا ماڻهو اڳرا رهيا آهن. انگريزن جي فتح کان وٺي 1900ع تائين هي علائقا ڪراچي جي سياسي پس منظر کان ڪٽيل رهيا. ڇاڪاڻ ته ميونسپل ڪارپوريشن جي حدن ۾ نه هئڻ ڪري هي چونڊ واري عمل کان به پاسيرا رهيا آهن ۽ علائقا جيڪي ڪراچي ضلعي (ڪراچي ٻهراڙي) ۾ شامل هئا. ڪراچي ضلعي ۾ هاڻوڪي ڪراچي جي ٻهراڙين کانسواءِ هاڻوڪو ضلعو ٺٽو، بدين جو جاتي تعلقو، دادو ۽ ڄام شورو ضلعا به شامل هئا. آگسٽ 1901ع ۾ ڪراچي ضلعي جي تعلقن دادو، جوهي ۽ سيوهڻ کي پاڻ ۾ ملائي، نئون ضلعو لاڙڪاڻو ٺاهيو ويو. تعلقو ڪوٽڙي بدستور ڪراچي ضلعي ۾ رهيو. 1932ع ۾ جڏهن دادو ضلعو جوڙيو ويو ته ڪوٽڙي تعلقو هن ۾ شامل ڪيو ويو. ضلعي لوڪلبورڊ ۾ ٺٽي، بدين ۽ ڪوٽڙي تعلقي جي شموليت ڪري بورڊ مان نامزد ۽ چونڊيل ميمبر انهن علائقن مان ايندا هئا ۽ ملير کي ڪا خاص نمائندگي مليل نه هئي. ملير جي پير محفوظ خاندان ۽ ڄام آف ملير جو ڪجهه اثر سياست ۾ انهي دور ۾ رهيو. اهو به نه ڳڻڻ جهڙو. ياد رهي ته پاڪستان سپريم ڪورٽ جو ريٽائر چيف جسٽس سيد سجاد علي شاهه به پير محفوظ جي خاندان جو فرد آهي. اڌ صدي تائين ملير جا ماڻهو اليڪشني سياست کان ڌار رهيا آهن. جنهن جا به اثر هتان جي سياسي وايو منڊل تي ورهاڱي کان پوءِ به موجود آهن.

سنڌ جي بمبئيءَ کان عليحدگي کانپوءِ پوري سنڌ ۾ اسيمبلي جون چونڊون ٿيون. ڪراچي جي 13 سيٽن مان ڪراچي ٻهراڙي اتر لاءِ هڪ سيٽ، ڪراچي ٻهراڙي جي ڏکڻ لاءِ هڪ سيٽ، ڪراچي ٻهراڙي اوڀر لاءِ هڪ سيٽ مسلمانن لاءِ هيون، جڏهن ته پوري ضلعي ڪراچي لاءِ شهر کانسواءِ هندوئن جي هڪ سيٽ مخصوص ٿيل هئي. ملير جو گهڻو حصو ڪراچي ٻهراڙي اوڀر واري تڪ ۾ شامل هو، جتان پير غلام حيدر شاهه بلڙي وارو جيڪو سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو اميدوار هو، 5219 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. پير غلام حيدر شاهه، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو جو پندرهن هون نمبر گادي نشين هو. 1926ع ۾ بمبئي ڪائونسل ۾ ميمبر چونڊيو ويو. هي سنڌ جو پهريون گادي نشين هو جيڪو اسيمبليءَ تائين پهتو ان کي ڏسي بعد ۾ ڪيترن گادي نشينن کي اسيمبلي ۾ گهڙڻ جو شوق پيدا ٿيو. پير غلام حيدر جو مقابلو ملير جي مهر علي شاهه آزاد اميدوار طور ڪيو، جنهن 4707 ووٽ حاصل ڪيا. پنجل داس ديوان ڇتومل وزيراڻي آزاد اميدوار طور هندوئن جي سيٽ حاصل ڪئي. هي صاحب ٺٽي شهر جي مشهور وزيراڻي عالمن جي ڪٽنب مان هو، سر غلام حسين جي وزارت ۾ هي فقط ميمبر هو. 1938ع ۾ جڏهن خان بهادر الله بخش جي وزارت ٺهي ته هي وزير به ٿيو.

1932ع ۾ جڏهن دادو ضلعو ٺهيو ڪوٽڙي تعلقو هن ۾ شامل ڪيو ويو ته خانبهادر الله بخش گبول جنهن جو واسطو ملير سان به هو ضلعي لوڪلبورڊ جو صدر ٿيو. 1937ع ۾ سنڌ جي بمبئي کان ڌار ٿيڻ کانپوءِ به هي لوڪلبورڊ جو نامزد صدر ٿيو. 1946ع ۾ سنڌ ۾ ٻيهر چونڊون ٿيون. هن ڀيري به ملير جو ڪو به ماڻهو اليڪشن ۾ ڪامياب نه ٿيو. اهڙي طرح ورهاڱي تائين سواءِ الله بخش گبول جي ڪو ملير جو نمائندو ضلعي لوڪل بورڊ جي صدارت ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ نه هو. جڏهن ڪراچي ۾ مسلم ليگ کي فعال ڪيو ويو ته 1947ع تائين هتان جا وڏيرا ۽ جاگيردار جيڪي مسلم ليگ جا حامي هئا پر انهن جو پارٽيءَ ۾ ڪو خاص ڪردار نه هو. 1947ع کانپوءِ جڏهن مسلم ليگ جا يونٽ کوليا ويا ته ملير به مسلم ليگ جو يونٽ قائم ڪيو ويو. انهيءَ دوران الله بخش گبول ملير کي ڇڏي لياري کي وسائي چڪو هو. ملير مسلم ليگ جو پهريون صدر پير غلام مرتضيٰ سرهندي هو ۽ ميمبرن ۾ مظهر علي شاهه، پير عبدالفتاح، وڏيرو مير محمد، عبدالڪريم، وڏيرو در محمد، وڏيرو نظام الدين، پير عبداللطيف، پير حزب الله ۽ الله ورايو جمعدار هئا.

ورهاڱي وقت ملير، آسو ڳوٺ، شانتي نگر، صفوران، شرافي ۽ لانڍي مان به وڏي تعداد ۾ هندو لڏپلاڻ ڪري هندستان هليا ويا. هندوئن جي ڪري ملير جي انهن علائقن ۾ ڪانگريس جو اثر موجود هو. شانتي نگر ۾ جواهر لعل نهرو وڏي جلسي کي خطاب ڪيو هو تنهن ڪري هتي هڪ گيٽ جو نالو نهرو دروازو رکيو ويو جيڪو اڃا به انهي نالي سان قائم آهي.

جڏهن 1948ع ۾ ٺٽو ضلعو جوڙيو ويو ته ڪراچي 92 ديهن مان 38 ديهون ٺٽي ۾ شامل ڪيون ويون اهڙي طرح ورهاڱي کان وٺي 1963ع تائين ڪراچي جا ٻهراڙي وارا علائقا انتظامي طور ڪراچي کان الڳ هئا. انهن کي ووٽ جو حق نه هو. 1963ع ۾ ايوب خان جي بنيادي جمهوريتن واري نظام هيٺ هتان جي ماڻهن ”ٻهراڙي اتحاد“ جي پليٽ فارم تان مسلم ليگين جو مقابلو ڪيو، جماعت اسلامي اتحاد جي حمايت ڪئي. ملير جي ماڻهن چونڊن ۾ ڀرپور حصو ورتو. يونين ڪائونسلن ۽ ضلعي ڪائونسل ۾ پنهنجا نمائندا موڪليا. ملير جو زميندار حاجي داد رحيم بلوچ جيڪو اتحاد جو اميدوار هو. ضلع ڪائونسل ڪراچي جو پهريون چونڊيل وائيس چيئرمين منتخب ٿيو. هن دور ۾ چيئرمين حڪومت جو نمائندو هو ڊپٽي ڪمشنر هوندو هو. بنيادي جمهوريتن وارو نظام 1960ع ۾ لاڳو ڪيو ويو پر ڪراچي ٻهراڙيءَ ۾ اهو نظام 1963ع ۾ شروع ڪيو ويو.

مقامي ماڻهن ۾ تن ڏينهن ۾ سياست ۾ واجا نورالدين بلوچ، ماسٽر سومار جدگال، پروفيسر شير محمد بلوچ، واجا مراد علي ملا عيسيٰ ڳوٺ وارو ملا عيسيٰ جو پٽ، ولي محمد ڄاموٽ ابراهيم حيدري وارو، حاجي ايوب ميمڻ، وڏيرو يار محمد جوکيو، سهراب خان گبول، حاجي رسول بخش بلوچ، حاجي آچار گبول، ميراڻ بلوچ، وڏيرو غلام نبي، نور محمد بلوچ، نظر علي خواجو، حاجي شير محمد جو پٽ غلام رسول بلوچ، پير محفوظ ۽ اردو ڳالهائيندڙ ۾ ڊاڪٽر انصار علي ۽ بمبئي وارو سيٺ ضمير احمد سرگرم هئا. ملير يونين ڪائونسل لاءِ ٻئي ٽرم ۾ ٻه مهاجر ميمبر نامزد ڪيا ويا. جڏهن ته ٽيئن ٽرم (1966ع) ۾ ڇهه مهاجر ميمبر چونڊجي آيا. هن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ملير جي شهري علائقن ۾ تيزي سان مهاجرن جي آبادڪاري ٿي رهي هئي. لوڪل سياست ۾ جماعت اسلامي جو اثر ملير ۾ ان وقت کان موجود هو. ضلع ڪائونسل جي ان دور ۾ فنانس ڪاميٽي جو ميمبر ذاڪر علي جماعت اسلامي جو ميمبر هو. مسلم ليگ جي هارون فيملي به ملير ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهي ڪامياب نه ويا.

1973ع واري چونڊن ۾ پوري ٻهراڙي تي قومي اسيمبلي لاءِ هڪ سيٽ هئي. جتان پاڪستان پيپلز پارٽي جو عبدالحفيظ پيرزادو ۽ صوبائي اسيمبلي لاءِ حاجي شفيع محمد ڄاموٽ جو پيءُ ولي محمد ڄاموٽ ڪامياب ٿيا. ملير جي ڄام پي پي پي جي ڀرپور حمايت ڪئي هئي. 1977ع واري اليڪشن ۾ قومي اسيمبلي لاءِ ٻيهر عبدالحفيظ پيرزادو جماعت اسلامي جي مولانا ذڪريا کي شڪست ڏئي ڪامياب ٿيو. صوبائي اسيمبليءَ لاءِ عبدالقيوم جوکيو ماڊل ڪالوني جي رحيم خان جوکئي ڳوٺ وارو پي پي پي جي ٽڪيٽ تي ڪامياب ٿيو. پر هن اسيمبلي کي هلڻ نه ڏنو ويو. ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت کي ختم ڪري جنرل ضياءَ الحق پوري ملڪ ۾ مارشل لاءِ لڳائي ڇڏي.

1979ع ۾ نئين لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 1979ع موجب پوري ملڪ ۾ بلدياتي چونڊون ڪرايون ويون. جنهن جي نتيجي ۾ ملير سميت ڪراچي جي ٻهراڙين تي ٻڌل ضلعي ڪائونسل تان پي پي پي جو حمايتي حاجي شفيع محمد ڄاموٽ پهريون چونڊيل چيئرمين ۽ غلام جان بروهي وائيس چيئرمين چونڊجي آيا. ايم. آر. ڊي تحريڪ جي ڪري حاجي شفيع محمد ڄاموٽ 1982ع ۾ استعيفيٰ ڏيئي ڇڏي. 1983ع واري ٽرم ۾ عبدالحڪيم بلوچ چيئرمين ۽ غلام جان بروهي وائيس چيئرمين جڏهن ته 1987ع واري ٽرم ۾ حاجي شفيع محمد ڄاموٽ ٻيهر چيئرمين ۽ محمد عمر مينگل وائيس چيئرمين چونڊيا ويا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org