سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي

 

صفحو ؛ 35

ميران ناڪو:

لياري جي هڪ پراڻي آبادي ميران ناڪو آهي جيڪو ڪنهن دور ۾ ميران آباد مشهور هو. لياري نئين ڪناري شهر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ جيڪي قافلا، مڪران، ايران ۽ افغانستان کان خشڪي رستي ايندا هئا ته شهر ۾ داخل ٿيڻ وقت هتي ميرن پاران ناڪو لڳل هوندو هو. جتي چنگي (شيرني) وصول ڪرڻ کانپوءِ قافلن کي شهر ڏانهن اچڻ جي اجازت ملندي هئي انهيءَ ميرن واري ناڪي ڪري اهو علائقو ميران ناڪو مشهور ٿيو.

سيفي، سنگو، شاهه بيگ ۽ نوڪي لين:

سيفي لين، سنگولين، شاهه بيگ لين اهي آباديون انهن ماڻهن آباد ڪيون ۽ پوءِ انهن جي نالي سان مشهور ٿيون. سنگولين ۾ اڪثريت لس جي ماڻهن جي آهي. سيفي، شاهه بيگ ۽ سنگو به انگريزن جي وقت ۾ پورٽ تي مزدورن جا جمعدار هئا ۽ انهن پنهنجن پنهنجن علائقن جا ماڻهو گهرائي پورٽ تي مزدوري لاءِ لڳايا ۽ انهن کي هتي آباد ڪيو ۽ اهي علائقا انهن جي نالن سان مشهور ٿيا. سيفي لين ۾ اڪثريت افريقي نسل جي شيدين جي آهي. شاهه بيگ لين ۾ بلوچن کانسواءِ هتي هيٺين ذات جي هندوئن جي وڏي آبادي رهي ٿي. عيسائي به هتي رهن ٿا. نوڪي لين (نوان لين) سڀ کان آخر ۾ آباد ٿيو هو ۽ جنهن ڪري هن کي نوڪي (نئو) لين چيو ويو. پر هاڻي اهو نوان لين جي نالي سان مشهور آهي.

گارڊن ۽ لياري جي وچ ۾ لياري نئين جي کاٻي ڪپ تي حسن لشڪري ڳوٺ ۽ ساهو باغ ميرن جي وقت کان به اڳ هتي موجود هئا. لياري جو پراڻو وهڪرو حسن لشڪري ڳوٺ وٽان وهندو هو.

لياري جا اهي سڀئي علائقا ڪوٽ کان ٻاهر لياري نئين جي ڪپ تي هئا. مٺو در، کارو در ۽ مڇي مياڻ ڄڻ ته شهري علائقو هوندو هو. اهي علائقا ڪلهوڙن جي دور ۾ ترقي ۾ شامل ٿيا ۽ پوءِ بندر جو حصو بڻجي ويا. ڪلهوڙن کان اڳ هتي ننڍا ڳوٺ، مڇي مياڻ هوندا هئا.

آگرا تاج ۽ بهار ڪالوني وارا علائقا 1946ع ۾ آباد ٿيا. اهي ماڻهو هندستان ۾ هندو مسلمان جهيڙن ڪري سڀ کان اڳ اترپرديش ۽ بهار مان لڏي هتي آيا ۽ هتي هندوئن جي مساڻ تي قبضو ڪري پنهنجا گهر اڏيا.

ريڪسر بازار:

ريڪسر بلوچي جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي واري وارو ڪنارو. لياري نئين جي پراڻي وهڪري جي ساڄي ڪپ تي واريءَ جون ڀٽون هيون. ايراني بلوچستان کان ڪجهه ماڻهو روزگار لاءِ ميرن جي وقت ۾ هتي اچي آباد ٿيا. لياري نئين جي واري /ريتلي ڪناري ڪري انهن کي ريڪسري چيو ويو جيڪو بعد ۾ ريڪسر مشهور ٿيو. انگريزن سروي کانپوءِ ريڪسر بازار (بازار بلوچي ۾ ڳوٺ کي چيو ويندو آهي کي) ريسڪر لائين نالو ڏنو. هاڻي هي ريڪسر لين آهي. گل محمد لين کانپوءِ ريڪسر به علم، ادب ۽ صحافت جو مرڪز رهيو آهي. غريب شاهه وارو علائقو به هتي آهي.

ڪنڀار واڙو:

ڪنڀارن جي رهائش ڪري هن علائقي کي ڪنڀار واڙو چيو ويو جيڪي چڪ تي مٽي جا ٿانهه، دلا ۽ گُگيون ٺاهيندا هئا ۽ اهي ماڻهو ٽٽل هڏين کي جوڙن جو به ڪم ڪندا هئا. هڏين جوڙڻ وارو ڪم اڄ به ڪنهن نه ڪنهن طرح هي ماڻهو سنڀاليندا اچن.

لياري جون اهي پراڻيون آباديون لياري نئين جي پراڻي وهڪري ۽ نئين وهڪري جي وچ ۾ آهن ۽ ڇوڙ تائين آهن. ٽرانس لياري ۾ پراڻو گوليمار جتي ڇهه ڳوٺ آهن، کانسواءِ حسن اوليا وليج ۽ ٻيا علائقا اچي وڃن ٿا.

ڊڪيت ڪلچر، لياري جو هڪ بدصورت روپ:

لياري ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار آهي. جنهن ۾ اهم مسئلو امن امان جو آهي. مضمون جي هن حصي ۾ لياري ۾ ڏوهن جي تاريخ تي نظر وجهنداسين، لياري جا رهواسي شروع کان ئي امن پسند رهيا آهن. سياسي شعور رکندڙ هتان جي ماڻهن سياسي تحريڪن ۽ جدوجهد جي سرواڻي ڪئي ۽ مظلوم ۽ محڪوم قومن جي حمايت ۾ اٿندڙ هر تحريڪ ۾ هي ماڻهو هميشه اڳڀرا رهيا آهن. لياري جي اها ڳالهه گهڻن سامراجي ذهن رکندڙ ٽولن کي پسند نه آئي ۽ انهن لياري ۾ ڏوهن جي آبياري ڪئي ۽ اهي ڏوهاري ماڻهو ايترا طاقتور بڻجي ويا جو سياسي پارٽين کي انهن جي ضرورت محسوس ٿي. هن معاملي ۾ پوليس اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ڏوهارين جي پٺڀرائي انهن جي ضرورت بڻجي ويئي.

لياري غريبن ۽ مزدورن جي وسندي آهي. هتي ڪو به جاگيردار ۽ سرمائيدار نه آهي. جاگيرداراڻي ۽ سرمائيداراڻي سوچ رکندڙ سياستدانن لاءِ هي زرخيز علائقو نظر آيو، ورهاڱي کان اڳ هتي گبول فيملي جيڪي جاگيردار هئا ۽ هارون فيملي جيڪي سرمائيدارن جا نمائندا هئا، سياست لاءِ لياري کي پنهنجو هيڊ ڪوارٽر بنايو. پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪرڻ لاءِ انهن ماڻهن سماجي ڪمن جي شروعات ڪئي. هارون فيملي کڏي ۾ مدرسو، ڪاليج، ۽ يتيم خانو ٺهرايو ۽ اليڪشن لاءِ پنهنجو حلقو جوڙيو.

لياري ۾ رهندڙ اڳواڻن جن لياري کي سياسي شعور ۽ رستو ڏنو اهي غريب هئا پر پنهنجي مقصد سان سچا هئا، انهن ۾ محمد يوسف نسقندي، لالا گل محمد هوت، لالا لال بخش رند، غلام محمد نوردين، مولوي محمد عثمان، مولوي محمد صادق کڏي وارو، غوث بخش بزنجو، عبدالصمد سربازي، پير بخش شهداد، ماسٽر يوسف ذڪري ۽ ٻيا شامل هئا. لياري ۾ جيڪو سياسي شعور اڄ نظر اچي رهيو آهي اُهو انهن اڳواڻن جي ڪري آهي.

جاگيردار ۽ سرمائيدار گروپ لياري ۾ پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪرڻ لاءِ ڏوهارين جي سرپرستي ڪئي. هُن وقت لياري ۾ فقط گهٽيءَ جا چور ۽ گهرن جا چور هئا ۽ خاص هٿيار خنجر ۽ گراڙي (چڪري) وارو چاقو هوندو هو. جڏهن حڪومت، پوليس ۽ سياسي ماڻهن جي سرپرستي انهن کي حاصل ٿي ته انهن لياري ۾ چرس ۽ ڪچي شراب جو ڌنڌو شروع ڪيو.

 

 

لال محمد عرف لالو لاشاري           نور محمد بابا حسين ايراني

اقبال عرف بابو ڊڪيت               ارشد پپو               رحمان ڊڪيت

 

 ورهاڱي وقت ڏوهن جي دنيا ۾ لياري ۾ جنهن ماڻهو مشهوري ماڻي، اهو پهريون ماڻهو نبي بخش عرف نبو هو جنهن ”ڪالا ناگ“ جي نالي سان مشهوري حاصل ڪئي. ”ڪالا ناگ“ اسمگلنگ ۽ ڪچي شراب جي سپلائي ڪري مشهور هو. لياري ۾ جمن شاهه پلاٽ، ريڪسر، چاڪيواڙو، پراڻي حاجي ڪئمپ وارا علائقا ”ڪالا ناگ“ جي اثر هيٺ هئا، ان کي ڪراچي جي وڏن سيٺين جو سهڪار حاصل هو. ”ڪالا ناگ“ جا ٽي پٽ، الله بخش، مجيد ۽ ناصر به لياري ۾ منشيات فروشي ڪري مشهور ٿيا.

”ڪالا ناگ“ جي مرڻ کانپوءِ لياري ۾ دادل (داد محمد) ۽ شيرل (شير محمد) جيڪي ٻئي ڀائر هئا. ڏوهن جي دنيا جا بي تاج بادشاهه بڻيا. دادل لياري ۾ انڊر ورلڊ جو پهريون ڊان بڻيو. لياري کان وٺي ايران تائين ڏوهن جي دنيا ۾ ٻنهي ڀائرن جو راڄ هو. دادل ۽ شيرل جا ٻيا ٻه ڀائر بيگل (بيگ محمد) ۽ تاجل (تاج محمد) به انهن سان شامل هئا، ياد رهي ته دادل مشهور ڏوهاري رحمان ڊڪيت جو پيءُ هو ۽ جنهن بلڊنگ ۾ (افشان گلي) ۾ رحمان ۽ سندس ڪٽنب رهندڙ آهي، دادل بلڊنگ جي نالي سان مشهور آهي، ڪو به واقعو ڪرڻ کانپوءِ اهي ماڻهو مڪران يا ايران فرار ٿي ويندا هئا ۽ جڏهن علائقي ۾ سڪون ٿيندو هو ته اهي واپس ايندا هئا.

ايوب خان جي دور ۾ 60 جي ڏهاڪي ۾ انهن کي حڪومت جي سرپرستي حاصل هئي. هر دور ۾ انهن ڏوهارين کي حڪومت ۽ پوليس جي حمايت حاصل رهي آهي، ايوب خان کانپوءِ هارون فيملي جو انهن تي هٿ رهيو. 1970ع ۾ جڏهن پيپلز پارٽي لياري ۾ مقبول ٿي ته گبول فيملي جي آشيرواد سان اهي ماڻهو پيپلز پارٽي جي ڇانوري ۾ هليا ويا.

سياسي ماڻهن جي پناهه ۾ اچڻ کانپوءِ انهن ڏوهارين جو ڪم وڌي ويو. سياسي اڳواڻن پنهنجي مخالفن کي هيسائڻ، اليڪشن ۾ مخالفن جي جلسن تي حملا ڪرڻ، پولنگ اسٽيشنن تي ڏهڪاءُ ڦهلائڻ، مخالفن کي اغوا ڪرڻ ۾ انهن کي استعمال ڪيو ويندو هو. چوڻ وارا چون ٿا ته جڏهن ڀٽي صاحب جا جي. اي رحيم سان اختلاف ٿيا ته ان کي اغوا ڪري تشدد جو نشانو بنائڻ وارا اهي ٻئي ڀائر دادل ۽ شيرل هئا.

بيگ محمد عرف بيگل ۽ تاج محمد عرف تاجل پنهنجي گروهه جي ماڻهن هٿان مارجي ويا. دادل ضياالحق جي دور ۾ گرفتار ٿيو. ضياالحق واري دور ۾ ئي ڪراچي جي جيل ۾ دل بيهڻ ڪري گذاري ويو. دادل جي ڀاءُ شيرل کي انهن جي مخالف گروپ جي اڳواڻ محمد اقبال بلوچ عرف بابو ڊڪيت خنجر جا وار ڪري ختم ڪيو ۽ جيل هليو ويو.

دنيا ڇڏڻ کان اڳ انهن ماڻهن ڪراچي خاص ڪري لياري کان وٺي ايران تائين منشيات وڪڻڻ ۽ ايراني شين جي اسمگلنگ جو مضبوط نيٽ ورڪ ٺاهي ورتو هو. رحمان جيئن ته ننڍو هو ته ان گروهه ۾ ڪم ڪندڙ حاجي لال محمد عرف لالو لاشاري پنهنجو الڳ گروپ ٺاهي ڪم شروع ڪيو. دادل ۽ شيرل کانپوءِ اهو سمجهيو ويو ته لياري وارا سک جو ساهه کڻندا، پر ائين نه ٿيو. خاص ڪري پوليس کي اهڙن ماڻهن جي ضرورت هوندي آهي. انهن ڏوهارين کي پوليس جي مڪمل سرپرستي حاصل هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ڌنڌي ۾ پوليس کي لکين روپيا ماهوار ملن ٿا، لياري جا ٻه ٿاڻا ڪلاڪوٽ ۽ بغدادي ان سلسلي ۾ مشهور آهن. هتي پوسٽنگ لاءِ اڄ به ٻولي لڳندي آهي.

دادل ۽ شيرل کانپوءِ جنهن لياري ۾ ڏوهن جي دنيا ۾ نالو پيدا ڪيو اهو بابو ڊڪيت هو. بابو جو اصل نالو محمد اقبال بلوچ هو. هو ايم. اي اردو هو ۽ پنهنجي دور جو سٺو فٽ بالر هو. پي. آءِ اي ڪلب پاران کيڏندو هو. بابو جو پيءُ محمد عيسيٰ پوليس ۾ هيڊ ڪانسٽيبل هو. بابو جي منشيات فروش بنجڻ کان اڳ ان ريٽائرمينٽ ورتي هئي ۽ 90 واري ڏهاڪي ۾ گذاري ويو. دادل کانپوءِ لياري ۾ بابو انڊر ورلڊ جو ٻيو ڊان بنجي اڀري سامهون آيو. بابو ڊڪيت جا ٻه ڀائر سعيد ۽ اعظم به انهيءَ ڌنڌي سان واڳيل هئا ۽ 80 واري ڏهاڪي ۾ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا.

بابو ڊڪيت پنهنجي انٽرويو ۾ چيو هو ته، ”هو ننڍڙو چور هو گهٽين ۾ چاقو ڏيکاري ڦرون ڪندو هو. هن وقت ڪلاڪوٽ ٿاڻي جي ايس. ايڇ. او جيڪو بعد ۾ لياري ٽائون جو ٽائون پوليس آفيسر (ٽي. پي. او) به ٿيو. جنهن منهنجي پٽ حنيف بلوچ کي گهران ماڻهن جي سامهون گرفتار ڪيو، بعد ۾ پوليس مقابلو ڄاڻائي قتل ڪري ڇڏيو ته آئون اقبال فٽبالرن مان ڦِري بابو ڊڪيت بڻجي ويس.“

هي 1995ع جو واقعو آهي. ڪنهن دور ۾ بابو ڊڪيت لياري جي ڏوهن جي دنيا جو بي تاج بادشاهه هو. بابو چرس، هيروئن، شراب سان گڏ، هٿيارن جي سپلائي جو ڌنڌو ڪندو هو. هو اغوا برائي تاوان جهڙن ڏوهن ۾ به ملوث رهيو هو. پنهنجي دور جا مشهور ڏوهاري ڪشمير خان ۽ صادق گڊاڻي، بابو جا دوست هئا. بابو ڪراچي کان ايران تائين منشيات جي سپلائي جو ڌنڌو  ڪندو هو. بابو ڊڪيت جو هڪ ساٿي ايران ۾ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو.

بابو جي جيل وڃڻ کانپوءِ لياري ۾ ڏوهن جي دنيا جو هڪ اهم ڪردار حاجي لالو (لال محمد لاشاري) اسڪرين تي ظاهر ٿئي ٿو. عبدالرحمان بلوچ، رحمان ڊڪيت جو نالو اختيار ڪري پنهنجي پيءُ ۽ چاچي جي گروهه جو اڳواڻ بڻجي ٿو. رحمان سان گڏ سندس ٻه ڀائر ۽ سوٽ ۽ ٻيا اهم ڏوهاري گڏجي ڏوهن جي دنيا ۾ راڄ ڪرڻ لڳن ٿا.

بابو سان گڏ سندس گروهه ۾ اهم ماڻهن ۾ حسين ايراني جيڪو ڪنهن دور ۾ ايران جي ڳجهي ايجنسي ۾ ڪم ڪندو هو. بابو سان گڏجي ڪراچي ۾ ڏوهن جي دنيا ۾ پير پائي ٿو. حسين کانسواءِ علي ايراني ۽ مجيد اسپيڊ به بابو جا اهم ماڻهو هئا. مجيد اسپيڊ بابو ڊڪيت جو ساڄو هٿ هو.

بابو جي گرفتاري کانپوءِ حسين، علي ۽ مجيد اسپيڊ حاجي لالو ڏانهن دوستي جو هٿ وڌايو پر اندر ۾ هو پنهنجي گروهه کي مضبوط ڪرڻ لڳا هئا. حاجي لالو جيئن ته رحمان جي پيءُ ۽ چاچي جي ڇانوري ۾ ڏوهن جي دنيا ۾ قدم رکيو هو تنهن جي ڪري رحمان ڊڪيت ۽ حاجي لالو ۾ ڪي به اختلاف نه هئا. اهي ٻئي پنهنجي پنهنجي ورهايل علائقن ۾ ڪم ڪندا هئا. حاجي لالو ميوا شاهه قبرستان ويجهو جهان آباد (پاڪ ڪالوني) جتي ان جو گهر آهي پنهنجو هيڊ ڪوارٽر قائم ڪيو ۽ ٽرانس لياري جو علائقو ان جي اثر هيٺ آهي.

هڪ سوناري جي اغوا کان پوءِ تاوان جي رقم تان رحمان ۽ حاجي لالو ۾ اختلاف ٿيا. حاجي لالو، رحمان جي ٻي گهرواريءَ جنهن جو نالو شهناز آهي جيڪا سيٺ يوسف جي ڌيءَ آهي اها شادي حاجي لالو ڪرائي هئي. شهناز جي هڪ ڀيڻ حاجي لالو جي پٽ عرفات بلوچ جي گهرواري آهي. انهيءَ مٽي مائيٽي جي باوجود اغوا برائي تاوان جي رقم جي ورهاست تان شروع ٿيندڙ جهيڙي خطرناڪ رخ اختيار ڪيو ته رحمان پنهنجي استاد جو جاني دشمن ٿي ويو.

حاجي لالو 2004ع ۾ گرفتار ٿيو ۽ هن وقت جيل ۾ آهي. ان کان اڳ به حاجي لالو گرفتار ٿي چڪو آهي. حاجي لالو جي گرفتار کانپوءِ سندس پٽ ارشد پپو پنهنجي پيءُ جي گروهه جو اڳواڻ ٿيو. حاجي لالو لاءِ مشهور آهي. ته هو بيواهن، يتيمن ۽ سياسي ڪارڪنن جي واهر ڪندو آهي ۽ راڄن جا فيصلا به ڪندو آهي. چور هوندي به لياري وارن جو چوڻ آهي ته هو مسيحا به آهي. حاجي لالو ۽ بابو جيل ۾ هئا. ارشد هن دنيا ۾ نئون هو. ارشد جو مقابلو لياري ۾ ڏهن جي دنيا جي انڊر ورلڊ جي ڊان عبدالرحمان بلوچ عرف رحمان ڊڪيت عرف ريمبو عرف خان  بابا سان هو. ياد رهي ته رحمان پنهنجي حلقي ۾ خان بابا جي نالي سان مشهور آهي ۽ ارشد پپو سردار دودا خان جي نالي سان مشهور آهي اهي ٻنهي جا ڪوڊ ورڊ آهن.

رحمان ڊڪيت پاڻ کي عوام ۾ مقبول ڪرڻ لاءِ سياست ۾ به حصو ورتو. سياست ۾ لياري جو ڪنگ ميڪر بڻجي ويو. لياري ٽائون ۾ چونڊيل 25 سيڪڙو ڪائونسلرن کي رحمان جي حمايت حاصل آهي ۽ ٻن يونين ڪائونسلن جا ناظم به رحمان جا ماڻهو چيا وڃن ٿا.

ٻئي پاسي ارشد پپو کي سنڌ حڪومت ۾ مضبوط پوزيشن رکندڙ هڪ لساني سياسي تنظيم جو مڪمل سهڪار حاصل آهي انهيءَ سهڪار ڪري هو ٽرانس لياري مان نڪري پوري لياري ۾ پنهنجا اڏا قائم ڪيا ۽ رحمان ڊڪيت جي گهڻن اڏن کي پنهنجي قبضي ۾ ڪيو. ٽرانسپورٽرن ۽ دڪاندارن کان رحمان جي علائقي ۾ ڀتو وٺڻ شروع ڪيو ته ٻنهي ۾ جهيڙا شروع ٿيا.

بابو جي جيل وڃڻ کانپوءِ مجيد اسپيڊ، ارشد پپو جو ساٿ ڏنو. جڏهن ته حسين ايراني ۽ علي ايراني جون همدرديون رحمان ڊڪيت سان هيون. رحمان ۽ ارشد پپو کانپوءِ هن وقت مجيد اسپيڊ ۽ حسين ايراني لياري ۾ ڏوهن جي دنيا ۾ اهم ماڻهو آهن، انهن پنهنجي الڳ شناخت قائم ڪري ورتي آهي، مجيد ۽ حسين اڃا تائين گرفتار نه ٿيا آهن گهڻا ڀيرا پوليس مجيد اسپيڊ جي مارڻ جي دعويٰ به ڪئي پر بعد ۾ اهي خبرون ڪوڙيون ثابت ٿيون.

رحمان ڊڪيت جو حب ۾ وائيٽ هائوس نالي مضبوط هيڊ ڪوارٽر آهي، 2006ع جي شروع ۾ پوليس حب ۾ وائيٽ هائوس تي حملو ڪيو ته 1992ع ۾ ايم. ڪيو. ايم خلاف آپريشن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ پوليس آفيسر حيات سميت ٽي سپاهي مارجي ويا. رحمن ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ان جا ڪجهه ساٿي مارجي ويا ۽ 20 کان مٿي گرفتار ٿيا. چوڻ وارا چون ٿا ته اهو ڇاپو ارشد پپو جي ڏس تي لڳايو ويو هو.

ارشد پپو ميوا شاهه قبرستان ۾ دفن رحمان ڊڪيت پيءُ جي دادل ۽ چاچي شيرل جي قبرن کي ڊاهڻ کانسواءِ لياري جي مشهور ٽرانسپورٽر جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته رحمان جو ماڻهو هو، فيض محمد عرف ماما فيضو کي قتل ڪيو ته ان جو پٽ عبدالعزيز پنهنجي پيءُ جي بدلي وٺڻ لاءِ رحمان جي گروهه ۾ شامل ٿيو. فيض محمد جون 35 کان مٿي بسون هيون، گينگ وار جي نتيجي ۾ اهي بند ٿي ويون. جنهن جي ڪري 200 کان مٿي ماڻهو بيروزگار ٿي ويا. مڪران ڏانهن ويندڙ پوري ٽرانسپورٽ تي مڪمل بلوچن جو ڪنٽرول هو. گينگ وار جي نتيجي ۾ ڀتا ڪلچر ڪري اهو ڪاروبار تباهه ٿي ويو آهي. هاڻي ميانوالي مڪران روٽ تي قابض ٿي رهيا آهن.

رحمان ڊڪيت کي ڏسندي ارشد پپو بلوچستان جي علائقي ساڪران ۾ پنهنجو اڏو قائم ڪيو. حب جو وائيٽ هائوس ۽ ساڪران جو لاشاري هائوس، افشان گلي، ڪلاڪوٽ جو دادل بلڊنگ ۽ جهان آباد ۾ قائم لال محمد بلڊنگ وارا علائقا عام ماڻهن لاءِ نو گو ايريا آهن، هتي گهٽين ۾ لڳل جديد ڪيمرائن سان هر چرپر تي نظر رکي ويندي اهي. گهٽين ۽ گهرن ۾ سرنگون موجود آهن ڪنهن خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ ۽ انهن جي حفاظت لاءِ 40 کان 50 هٿياربند جديد هٿيارن سان هر وقت موجود هوندا آهن.

بابو ڊڪيت آخري ڀيرو 1998ع ۾ جيل ويو. جتي ان تي فالج جو حملو به ٿيو. ضمانت تي آزاد ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه عرصو خاموش رهيو. ڇاڪاڻ ته هاڻي لياري ۾ ڏوهن جو تاج ٻين جي مٿي تي هو. بنا تاج جي هو ڪجهه به نه هو.

ڏوهن جي دنيا جي مهرن کي هلائڻ وارن ڏٺو ته بابو ڊڪيت ۽ رحمان ڊڪيت جي هڪٻئي جي مخالفت ڪري انهن جي ڪاروبار تي اثر پئجي رهيو آهي ته انهن وچ ۾ پئي ٻنهي ۾ صلح ڪرائي رحمان ان شرط تي راضي ٿيو ته بابو جو پٽ نعيم جيڪو ارشد پپو سان گڏ هو. لياري جو رخ نه ڪندو. اهو شرط بابو قبول ڪيو ۽ پهريون ڀيرو ان کي احساس ٿيو ته هاڻي هو ڪجهه به نه آهي. نعيم مئي 2004ع ۾ پنهنجي هڪ دوست جي شادي تي جڏهن لياري آيو ته رحمان جي ماڻهو شاهنواز شاني نعيم کي قتل ڪيو. معاهدو ختم ٿي ويو. نعيم جي تدفين جڏهن ميوا شاهه ۾ ٿي رهي هئي ته هتي بابو ڊڪيت، حاجي لالو جي پٽ ارشد پپو ڏانهن دوستي جو هٿ وڌايو. انهيءَ دوستيءَ جي نتيجي ۾ 15 ڏينهن اندر جڏهن بابو ڊڪيت ڪورٽ مان رڪشا وسيلي پنهنجي گهر چاڪيواڙي وٽ پهتو ته هٿياربند لياري ۾ ڏوهن جي دنيا ۾ راڄ ڪندڙ اقبال عرف بابو ڊڪيت کي اربع 23 جون 2004ع تي هميشه لاءِ خاموش ڪيو ۽ ان جو انجام اهو ٿيو جو فالج ۾ ورتل هي شخص پنهنجي شاگرد جي گروهه جي ماڻهن هٿان مارجي ويو. ان واقعي کانپوءِ پوري لياري ۾ گينگ وار ۾ واڌارو ٿيو. ارشد پپو، مجيد اسپيڊ هڪ پاسي رحمان ڊڪيت جا ماڻهو ٻئي پاسي مسلسل فائرنگ ڪندا رهيا جنهن ۾ ڪيترا ماڻهو مارجي ويا. لياري کانسواءِ ملير ۾ به انهن ٻنهي گروپن جي ماڻهن ۾ فائرنگ ٿيندي رهي.

ارشد پپو کي سنڌ حڪومت ۾ ويٺل هڪ مضبوط تنظيم جي حمايت حاصل هئڻ ڪري ٻه ڀيرا رحمان ڊڪيت جي اڏي تي ڇاپو لڳو. رحمان جا ٻه اهم ماڻهو شاهنواز شاني ۽ عثمان ڪيڪڙو پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا. ارشد پپو لاءِ مشهور آهي ته هو انتهائي بي رحم ماڻهو آهي. سنڌ جا گهڻا ڏوهاري خاص ڪري اغوا برائي تاوان جا مشهور ڏوهاري ارشد پپو جي گينگ ۾ شامل آهن. ڪراچي شهر ۽ خاص ڪري ٻهراڙيءَ ۾ اغوا جي وارداتن ۾ اهي ماڻهو ملوث آهن.

رحمان ڊڪيت جو معاملو ڪجهه مختلف آهي. هو ڏوهن جي دنيا جو بي تاج بادشاهه هوندي به پنهنجي ڏوهن کي همدردي ۾ بدلائڻ جي فن کان واقف آهي. اهو به چيو وڃي ٿو ته 1990ع ۾ سنڌي مهاجر جهيڙا ٿيا ته بلوچ ۽ سنڌي ڳوٺن جي حفاظت لاءِ رحمان ڊڪيت پنهنجا هٿياربند ماڻهو موڪليا هئا. جڏهن بلوچستان ۾ فوجي آپريشن شروع ڪيو ويو ته رحمان پنهنجي ڏوهن کي لڪائڻ لاءِ اندر اندر بلوچ قومپرست تحريڪ جي حمايت ڪئي. چيو وڃي ٿو ته ڪراچي ۾ بلوچ قوم پرستن جي ٺهيل تنظيم ”بلوچ الائنس“ کي رحمان ڊڪيت جي مڪمل حمايت حاصل آهي. رحمان جا گهڻا شاگرد اندروني طور تي مختلف قوم پرست پارٽين ۾ ميمبر آهن ۽ گهڻا مختلف يونٽن جا عهديدار به آهن. بلوچ قومپرست جماعتن کانسواءِ لياري ۽ ملير ۾ ڪم ڪندڙ هڪ وفاقي جمهوري پارٽي ۽ سنڌي قوم پرست جماعتن ۾ به رحمان جا ماڻهو موجود آهن.

اخباري رپورٽن موجب ڏوهن جي دنيا جو اهو ديو مالائي ڪردار 18 جون 2005ع تي ڪوئيٽا مان بنا ڪنهن گولي هلڻ جي پنهنجي گهر واري شهناز ۽ ٻارن سميت گرفتار ٿيو ۽ اهو به هڪ سوال آهي ته 50 کان مٿي محافظ رکندڙ هي ماڻهو بنا فائرنگ جي ڪيئن گرفتار ٿيو؟ ٻارن کي ۽ گهر واريءَ کي آزاد ڪيو ويو آهي. رحمان ان کان اڳ 1990ع ۾ جيل مان فرار به ٿيو هو. ڪجهه حلقن جو چوڻ آهي ته رحمان کي بلوچستان ۾ قوم پرست تحريڪ جي حمايت ڪرڻ تي ارشد پپو جي ڏس تي گرفتار ڪيو ويو آهي. وچ ۾ اخبارن ۾ اهي خبرون شايع ٿيون ته رحمان ڊڪيت جيل مان ڀڄي ويو. پوليس اڃان تائين (2007ع) ۾ هن کي ظاهر نه ڪيو آهي. جنهن جي ڪري گهڻن ماڻهن جو خيال آهي ته اهو پوليس جي مدد سان جيل مان ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي ۽ هن وقت ايران ۾ آهي.

رحمان ڊڪيت عرف خان بابا ۽ ارشد پپو عرف سردار دودا خان ڏوهن ۾ خاص ڪري منشيات جي سپلاءَ ۾ لياري ۽ ملير ۾ عورت کي استعمال ڪيو. رحمان ڊڪيت جا ماڻهو هن وقت لياري کانسواءِ بلوچستان جي ساحل کان ايران جي ساحل تائين، پنجاب جي ضلعي ميانوالي، دبئي ۽ ڏکڻ آفريڪا تائين ڦهليل آهن. رحمان ڊڪيت، ارشد پپو، مجيد اسپيڊ ۽ حسين ايراني جا گروهه چرس، هيروئن، شراب، هٿيارن جي سپلاءِ ۽ اغوا برائي تاوان جهڙن ڏوهن کان وٺي ڀتا خوري ۾ ملوث آهن.

رحمان ڊڪيت جي گرفتاريءَ کانپوءِ لياري ۾ هڪ نئون ۽ خوفناڪ گينگ شروع ٿيو هو ته انڊر ورلڊ جو نئون ڊان ڪير ٿئي؟ مختلف ڏوهاري گروپن جي ماڻهن هڪ ٻئي سان رابطا شروع ڪيا هئا. رحمان ڊڪيت جي گروهه جي اڳواڻي ڪير ڪري اهو فيصلو اڃا نه ٿي سگهيو. ڇاڪاڻ ته اهو فيصلو رحمان ڪندو. جنهن کي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ ڪٿي رکيو ويو آهي ان جي اڃا خبر ڪنهن کي به ناهي. پر خيال آهي، احمد شاهه بخاري روڊ لياري جو رهائشي نور محمد عرف بابا جيڪو رحمان جو خاص ماڻهو آهي ان کي ڪجهه وقت لاءِ وقتي طور گروهه جو اڳواڻ مقرر ڪيو هو. گروهه جي اڳواڻيءَ لاءِ نور محمد کانسواءِ سنگولين ۾ رهڻ وارو ٽرانسپورٽر ماما فيضو جو پٽ عزيز، رحمان سان گڏ هڪ ئي بلڊنگ ۾ رهندڙ ساجد ٽيڊي ۽ سربازي محلي جو رهڻ وارو رزاق زهري به اميدوار هئا. جڏهن انڊر ورلڊ جي ڊان لاءِ مضبوط اميدوار حسين ايراني به هو. ان ڊوڙ ۾ ارشد پپو، مجيد اسپيڊ، يونس بلوچ ۽ رحمان جو ماڻهو نور محمد بابا به شامل هئا. جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڀيرو وري لياري ۾ هٿيارن جي خوفناڪ راند شروع ٿي هئي. پر رحمان جي گرفتاري ظاهر نه ڪرڻ سان اها ڳالهه واضح ٿي آهي ته هو هن وقت پوليس تحويل ۾ نه آهي ۽ ٻاهر آهي. تنهن ڪري هن وقت به هو پنهنجي گروهه جي اڳواڻي خود ڪري رهيو آهي ۽ سنڌ جي گهرو کاتي جي ايم ڪيو ايم جي وزير رئوف صديقي کي هٽائي هن جي جاءِ تي ايم ڪيو ايم جي وسيم اختر کي گهرو کاتي جو مشير مقرر ڪيو ويو ته هڪ هفتي اندر ارشد پپو کي گرفتار ڪيو ويو. چوڻ وارن جو چوڻ آهي ته جيل ان لاءِ محفوظ پناهه گاهه آهي. لالا لال بخش رند سميت گهڻن سياسي ۽ سماجي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ”ڳالهه ايتري حد تائين نه آهي جيترو اخبارن ۾ هن کي ظاهر ڪيو وڃي ٿو. اخباري مهم انهن ڏوهارين کي مشهور ڪيو آهي ته جيئن لياري کي دنيا ۾ بدنام ڪيو وڃي. جنهن ۾ خود حڪومت به ملوث آهي.“ انهن جو چوڻ آهي، ته ”سياسي ۽ جمهوري تحريڪن کي بندوق جي زور تي ختم ڪرڻ، دٻائڻ ۾ ته حڪومت اڳتي آهي، پر لياري جا ٻه ڏوهاري هن جي قابو ۾ نه آهن.“

اهي سڀ ڏوهاري ماڻهو لياري جا رهندڙ آهن. جن لياري جو امن ۽ سڪون برباد ڪيو آهي. ماڻهن جو روزگار تباهه ڪيو. ڪتابن جي بجاءِ نوجوانن جي هٿن ۾ ڪلاشنڪوف، ٺري جي بوتل، هيروئن جي پڙي، چرس جو راڊ ۽ بي روزگاري جهڙو زهر ڏنو آهي.

لياري جنهن هميشه جمهوريت پسند، قوم پرست ۽ سرخ انقلاب جي تحريڪن جي سرواڻي ڪئي ان کي مڪمل طور تباهه ڪيو ويو. ان ۾ ٻين سببن کانسواءِ اهم سبب ڏوهارين پاران شروع ڪيل گينگ وار آهي. جيڪي حڪومت وقت ۽ پوليس جا ڇاڙتا بڻجي پنهنجن ماڻهن کي قتل ڪري رهيا آهن. انهن جو روزگار تباهه ڪري رهيا آهن. انهن ڏوهارين خلاف ڪنهن کي ڳالهائڻ جي اجازت نه آهي ۽ جيڪڏهن ڪو همت ڪري ٿو ته هن جو حشر انور ڀائي جان جهڙو ٿئي ٿو. انهن ڏوهاري ماڻهن پاران ايراني ڳجهي تنظيم ”ساواڪ“ وانگر پوري لياري، ملير ۽ بلوچستان ۾ مخبري جو مضبوط نيٽ ورڪ موجود آهي. ٽارچر سيل ۽ اڏا موجود آهن.

هن گينگ وار جي نتيجي ۾ لياري جي سماجي، ثقافتي ۽ سياسي زندگي تي اثر پيو آهي. لياري جون رونقون ختم ٿي ويون آهن لياري لاءِ مشهور آهي ته هتان جا ماڻهو رات جو اٺين وڳي جاڳن ٿا. خوشي جون اهي راتيون انهن کان کسيون ويون. شادي جي راتين ۾ پوري رات جاڳڻ ۽ ليوا تي نچڻ ختم ٿي ويو. سانجهي ٿيندي ئي پوري لياري ۾ خوف ڇانئجي ويندو آهي. ماڻهن رات جو نڪرڻ بند ڪري ڇڏيو آهي. هن گينگ وار ڪري لياري ۾ ترقياتي ڪم متاثر ٿيا آهن.

لياري جيڪو قومپرست، جمهوريت پسند، سوشلسٽ ۽ مزدور تحريڪن جو محور ۽ مرڪز هو، هتي هاڻي هڪ نئون ڪلچر جنم وٺي رهيو آهي. تبليغي جماعتن ۽ جهادي تنظيمن لياري جو رخ ڪيو آهي ۽ نوجوان نسل تيزي سان انهن جي اثر هيٺ اچي رهيو آهي. جيڪو لياري جي جمهوريت پسند، قوم پرست ۽ سوشلسٽ ذهن رکندڙ ماڻهن لاءِ ڳڻتيءَ جو مقام آهي.

گذريل سال لياري جي ٻن خودڪش بمبار ڀيڻن جو چرچو عام هو. جيڪي 2006ع جي شروع ۾ سوات ۾ گرفتار ٿيون، جن هتي هڪ جهادي تنظيم جي ٻن اهم ماڻهن سان شادي به ڪري ڇڏي هئي. انهيءَ ڪيس ۾ انهن جو مامو گل حسن بلوچ جيل ۾ آهي. گرفتاريءَ کانپوءِ اڃا تائين ٻنهي ڀيڻن جي باري ۾ ڪا معلومات نه آهي.

لياري جو اهو هڪ نئون روپ سامهون اچي رهيو آهي. لياري جي ڏوهارين جي مارجڻ يا گرفتار ٿيڻ بعد به اهو سلسلو ختم نه ٿيندو. سياسي پارٽيون ڪو ڪردار ادا ڪرڻ کان قاصر آهن جنهن جي ڪري مذهبي انتهاپسندي وڌي رهي آهي. لياري جي ماڻهن به خاموشي سان پاڻ کي نئين طوفان جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. انهن جو چوڻ آهي ته نئون نسل ڏوهن جي دنيا ۾ پروان چڙهڻ کان بهتر آهي، ته مذهب ڏانهن وڃي.

 

 

منگهو پير ۽ شيدين جي نرالي عقيدت

 

سانجهي جي نماز ختم ٿي چڪي هئي. درگاهه لڳ مسجد مان نمازي آهستي آهستي ٻاهر اچي رهيا هئا، مان ٻين سان گڏ درگاهه جي اتر پاسي ٺهيل ميدان (جنهن کي آمري پٽ گدامڙي وارو ميدان چوندا آهن) ۾ مختلف شيدي برادري جي دوستن ۽ انهن جي ڪميونٽي جي اڳواڻن سان ڪچهري ۾ مصروف هيس. ڪجهه نمازين جو رخ ميدان ڏانهن هو جيڪي شيدي قبيلي جا ماڻهو هئا. ڌارين ۾ رڳو آئون اڪيلو هوس. صبح جو نو وڳي کان شروع ٿيندڙ رسمن جي سلسلي ۾ پڄاڻي واري رسم ادا ڪرڻ لاءِ وقتي جڳهين جي گهرن مان مرد، عورتون ۽ ٻار سڀ دائري جي شڪل ۾ ويٺل هئا. اڄ ٻيلارا (ٻيلي وارا) شيدين جي رسمن ادا ڪرڻ جو ڏينهن هو جنهن ڪري انتظام به انهن جي حوالي هو. ٿوري دير کانپوءِ هڪ مخصوص ساز جنهن کي ”ميداني“ چون ٿا وڄائڻ شروع ڪيو ويو. ساز جي آواز سڀني تي وجد طاري ڪري ڇڏيو. اکيون بند ڪرڻ تي ماڻهو ڄڻ ته آفريڪا جي ڪنهن ڳوٺ ۾ پاڻ کي محسوس ڪندو هجي. انهيءَ دوران ثناءُ جو سلسلو پڻ شروع ڪيو ويو. ثنا ۾ رسول صلعم، اولياءَ اڪرام کانسواءِ ڪربلا، ڪراچي ۽ لسٻيلي کي دعائن ۾ ياد ڪيو ويو. اهي رسمون ٻن ڪلاڪن تائين هليون. ان کانپوءِ خيرات جي ماني ”نياز“ جنهن ۾ ڀت، زردو، بادامي ۽ حبشي حلوو شامل هو، سڀني کي کارايو ويو. آخر ۾ مخصوص دهل ”موگرمان“ تي ڌمال ٿي. ڌمال آفريقي شيدين جي موت ناچ وانگر هئي. ”موگرمان“ شيدين جو مقدس دهل آهي. جنهن کي زمين تي اڀو ڪري بيٺي هڪ پاسي کان وڄايو ويندو آهي. ڌمال ڪندڙن ۾ عورتون ۽ مرد بنا ڪنهن حجاب جي شامل هوندا آهن. گهڻن جي هٿن ۾ ٻن کان چئن فٽن تائين ڊگهيون ڏنڊيون هيون. ”موگرمان“ کي خوب سينگاريو ويندو آهي ۽ وڄائڻ وقت هن کي مور پنک سان پکو هنيو ويندو آهي. موگرمان ليوا جي دهل وانگر آهي پر هن کان مختلف آهي. موگرمان چار فٽ ڊگهو آهي. چوندا آهن ته، ”دهل وڄي ۽ دوست نه نچي.“ دوستن جي فرمائش تي آئون به ڌمال ۾ شامل ٿيس.

ڌمال کانپوءِ جيڪو ڏينهن جو آخري ڌمال هوندو آهي هر قبيلي وارا پنهنجي ڪئمپ ڏانهن ويندا آهن. هر قبيلي جي ڪئمپ جي سامهون الڳ الڳ موگرمان رکيل هوندو آهي ۽ جنهن جي دل ڏينهن جي آخري ڌمال مان نٿي ڀرجي ته پوءِ پنهنجي ڪئمپ جي سامهون رکيل موگرمان تي ڌمال ڪري پنهنجي بدن جو ٿڪ لائي سگهي ٿو.

ڪراچي جي قديم وسندي منگهوپير جي درگاهه تي لڳندڙ قديم شيدي ميلي يا لال شاهه واڳونءَ جو ميلو هر سال لڳندو آهي. سال 2006ع مئي جي مهيني جي گرميءَ ۾ آئون به دوستن جي دعوت ۾، ميلي شروع ٿيڻ کانپوءِ چوٿين ڏينهن صبح جو پهتس ته رسمون شروع ٿي چڪيون هيون. آئون سال، ٻئي سال هن ميلي ۾ شرڪت لاءِ ايندو آهيان. اهو سلسلو 1997ع کان جاري آهي. ميلي جو چوٿون ڏينهن هو. اهو ڏينهن ٻيلارن شيدين جي رسمن ادا ڪرڻ جو ڏينهن هو.

هي تاريخي ميلو ان وقت کان لڳڻ شروع ٿيو آهي جڏهن کان هتي واڳون ظاهر ٿيا ۽ اهو سلسلو اڃا تائين جاري آهي. هن ميلي جي ڪا تاريخ مقرر نه آهي. بهار جي موسم شروع ٿيندي ئي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ رهندڙ شيدي برادري منگهي پير تي شيدي ميلي جي تيارين ۾ مصروف ٿي ويندا آهن. شيدين جا ٻڍا، جوان، عورتون ۽ ٻار عيد لاءِ به ايتري تياري نه ڪندا آهن جيتري هن ميلي لاءِ ڪندا آهن. هي ميلو هفتي تائين جاري رهندو آهي. ڪو زمانو هو جو هي ميلو ڏهن کان ويهن ڏينهن تائين جاري رهندو هو پر بيروزگاري ۽ معاشي بدحالي شيدين جي خوشين کي به محدود ڪري ڇڏيو آهي. هي ميلو منگهي پير جي درگاهه تي لڳايو ويندو آهي. ميلي جا مرڪزي ڪردار درگاهه لڳ گدلي پاڻيءَ جي تلاءُ ۾ رهندڙ واڳون آهن. هن ميلي کي لال شاهه واڳونءَ جو ميلو به چيو ويندو آهي. ميلي جو انتظام آل پاڪستان شيدي ڪميونٽيز جي هٿن ۾ هوندو آهي. ميلي لاءِ تاريخ آل پاڪستان شيدي ڪميونٽي جي گڏجاڻيءَ ۾ طئه ڪئي ويندي آهي. ميلي کان ڪجهه ڏينهن اڳ ڪميونٽي پاران درگاهه لڳ پٿريلي جاءِ تي وقتي جڳهين جو ڳوٺ اڏيو ويندو آهي. جيئن ميلي تي ايندڙ ياترين کي رهائش ۽ کاڌ خوراڪ جي ڏکيائي نه ٿئي. هن ميلي جي اهم رسم ”ٽڪو“ آهي. ٽڪو رسم ۽ ڌمال چئن، ڏينهن تائين جاري رهندي اهي. هن ميلي ۾ شيدين جا چار وڏا قبيلا کارادري (ڪراچي وارا)، لاسي، حيدرآبادي ۽ ٻيلارا (ٻيلي وارا) شريڪ ٿيندا آهن. هر قبيلي لاءِ ٽڪو رسم ادا ڪرڻ لاءِ الڳ ڏينهن هوندو آهي. پهريون ڏينهن وڏي قبيلي کارادري وارن لاءِ هوندو آهي.

جڏهن آئون ميلي ۾ پهتو هوس ته ٻيلارن جي ٽڪي رسم جو ڏينهن هو. صبح جو نائين وڳي کان رسمون شروع ٿي چڪيون هيون، ”ميداني“ ساز جي آواز سان شروع ٿيندڙ رسم کانپوءِ اهو رسم رفاعي سلسلو يعني مريدن کي پيالي پيارڻ جو انتظام ڪيو ويندو آهي. هن عمل کي صد ذڪري معنيٰ سئو ذڪر وارو چئبو آهي. ٽڪي رسم لاءِ جنهن قبيلي جي ”ٽڪي“ ادا ڪرڻ جو ڏينهن هوندو آهي. گڏيل طور تي بنا عيب ڪارو ٻڪرو وٺي ان کي ذبح ڪيو ويندو آهي. ذبح ڪرڻ وقت وهندڙ رت ڪشڪول (پيالي) ۾ وڌو ويندو آهي ۽ اهو خون ”موگرمان“ تي به لڳايو ويندو آهي. ٻڪري جي ڪنڌ جو گوشت هڪ وڏي پليٽ ۾ رکي اڇي ڪپڙي سان ڍڪيو ويندو آهي. پيالي بابت اهو چيو ويندو آهي ته هي غوث اعظم جو پيالو آهي. پيالو پيئڻ وقت مريد گول دائري ۾ ويهندا آهن ۽ هٿ ۾ ٻن کان چار فٽ جو ڏنڊو پڪڙي پيالو نوش ڪندا آهن. پيالي پيئڻ کانپوءِ کوپري جو ٽڪرو وات ۾ وڌو ويندو آهي. هر مريد جي واري اچڻ تي ڏنڊو هن جي هٿ ۾ ڏنو ويندو آهي. اهڙي طرح سڀ مريد پيالو پي ڪري رسم پوري ڪندا آهن. مون به پيالو نوش ڪيو.

مريدن جي پيالي پيئڻ واري رسم کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر سازن جي آوازن سان گڏ ورد ۽ ثنا جا عجيب غريب آواز به فضا ۾ گونجڻ لڳا. جنهن ۾ سنڌي، بلوچي، اردو ۽ آفريقي زبان جا گڏيل لفظ هئا. جيڪي اصل ۾ هڪ گڏيل دعا آهي. دعا پڙهندي سڀ وقتي جڳهين جي ڪئمپ مان تلاءَ ڏانهن روانا ٿيندا آهن. ٻارڙين جي مٿي تي رکيل ٿاکين ۾ جن مان هڪ قربان ڪيل ٻڪري جي ڪنڌ جو گوشت، ٻئي ۾ حلوو، ٽئين ۾ سندور (رنگ) ۽ چوٿين ۾ گلاب جا گل ۽ هار هوندا آهن. اهي سڀئي ٽڪو رسم لاءِ هوندا آهن. وقتي جڳهين کان تلاءُ تائين رستو پنجن منٽن جو آهي پر اهو ٽن ڪلاڪن ۾ پورو ٿيو. ڪشتي (تلاءُ) لڳ پڙ ٺهيل آهي جتي سڀ پيرين اگهاڙا گڏ ٿي ڌمال ڪندا آهن. ڌمال آفريقي شيدين جي موت ناچ وانگر هوندا آهي. انهيءَ دوران شيدين جو اهو عقيدو آهي ته ڌمالين تي جڏهن وجد طاري ٿي ويندو آهي ته ان وقت تلاءُ مان سردار واڳون جنهن کي هو ”مور“ واڳون يا لال شاهه واڳون چون ٿا غار مان نڪري ڪناري تي ايندو آهي پوءِ خليفو جنهن جي هٿ ۾ ٻه ڏنڊا هوندا آهن. ان ”مور“ واڳونءَ جو وات کوليندو آهي ۽ ٻڪري جي ڪنڌ جو گوشت واڳون جي وات ۾ وڌو ويندو آهي ۽ انهيءَ ٻڪري کي ذبح ڪرڻ وقت گڏ ڪيل رت ۽ آندل سندور سان واڳون جي مٿي تي تلڪ لڳايو ويندو آهي ۽ مٿائنس گلن جي ورکا ڪئي ويندي آهي. هن رسم کي ”ٽڪو“ چيو ويندو آهي. جيڪا انتهائي اهم آهي. مور واڳون کي ”حاجي“ ڪري به پڪاريندا آهن. گوشت کائڻ کانپوءِ هر پاسي ”مبارڪ مبارڪ“ جا آواز ايندا آهن. اهو خوشي جو اظهار آهي ته مور واڳون قرباني قبول ڪئي آهي ۽ گوشت نه کائڻ جي صورت ۾ شيدين ۾ مايوسي ڇانئجي ويندي آهي. جيڪڏهن مور واڳون نذرانو قبول نه ڪيو ته اهي منگهي پير ۽ جليل شاهه جي درگاهه تي سلام ڀرڻ نه ويندا آهن واپس ميدان ڏانهن ايندا آهن. ڀلي هن ۾ ڪيترا به ڏينهن لڳن، ٽڪي رسم پوري ڪري پوءِ شيدي ٻيون رسمون ادا ڪندا آهن. ان ڏينهن به شديد گرمي ۾ ڌمال سان گهڻن شيدين تي وجد طاري ٿيو ته مشڪل سان مور واڳون غار مان ٻاهر آيو ۽ اهي رسمون ادا ڪيون ويون. مور واڳون ”تلاءُ“ جي هڪ ڪنڊ ۾ ٺهيل قدرتي غار ۾ ئي رهندو آهي. جڏهن ”مور“ يا ”حاجي“ واڳون وصال ڪري ويندو آهي ته پوءِ سڀ واڳو گڏجي تلاءُ مان سڀ کان وڏي عمر جي واڳون کي انهيءَ غار ۾ وٺي ويندا آهن ۽ پوءِ اهو ئي ”مور“ واڳو سڏائيندو آهي. اهو سلسلو صدين کان ائين هلندو اچي.

ٽڪي رسم کانپوءِ ٻيهر ڌمال شروع ٿي. ڌمال ۾ موگرمان سان گڏ ميداني ساز به وڄايو ويندو آهي ڌمال دوران ڏنڊا ئي مريد ۽ مريدياڻيون جڏهن وجد ۾ ايندا آهن ته انهن کي گلن جا هار پهرايا ويندا آهن. وجد ۾ ايندڙ شخص کي ڌپ (لوبان) سنگهايو ويندو آهي. ڌمال کي هر حالت ۾ وچين (عصر) جي وقت ختم ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ منگهي پير جي درگاهه تي سلام ڀري ٽولين جي شڪل ۾ گرم چشمي ڏانهن، جيڪو درگاهه کان هڪ ڪلوميٽر پري منگهو پير جي پراڻي قبرستان لڳ آهي جنهن کي انگريزن جي اچڻ کانپوءِ ماما پارسي وهنجڻ لاءِ جايون ٺهرايون ته ان کي ”ماماباٿ“ جو به نالو ڏنو ويو. جنهن جي ويجهو جليل شاهه جاني جي درگاهه تي ايندا آهن. هتي پهچي سڀ اهو نعرو لڳائيندا آهن. ”جليل شاهه جاني ڏيندو مکڻ ماني.“ گرم چشمي کي ”گرم آب“ جيڪو بلوچي جو لفظ آهي به چوندا آهن.

سانجهي نماز کانپوءِ سڀ وقتي جڳهين جي ٺهيل ڳوٺ جي ميدان آمري پٽ تي اچي گڏ ٿيا. انهيءَ دوران جنهن به قبيلي جي رسم ادا ڪرڻ جو ڏينهن هوندو ان جا چڱا مڙس آل پاڪستان شيدي ڪميونٽي جي صدر سان گڏجي ڪشڪول کڻي در در تي نياز لاءِ چندو گڏ ڪندا آهن. نياز ۾ اڳ به بيان ڪري آيو آهيان ته ڀت (برياني) زردو، بادامي ۽ حبشي حلوو شامل هوندو آهي. مکڻ ماني جي آسري ۾ انهن سڀني رسمن ۾ مئي جي شديد گرمي ۾ پورو ڏينهن آئون به ڏنڊا کڻي شريڪ رهيس.

چئني برادرين کارادري، حيدرآبادي، لاسي ۽ ٻيلارا چئن ڏينهن تائين پنهنجي ڏينهن جون رسمون پوريون ڪندا آهن. پنجين ڏينهن ٻنپهرن جي نماز کانپوءِ منگهوپير جي مزار تي چادر چاڙهڻ جي رسم ادا ڪندا آهن ۽ ڇهين ڏينهن ٻنپهرن جي نماز کانپوءِ نانا سرڪار جي مزار جيڪو ڪئمپ جي سامهون واري قبرستان ۾ آهي چادر چاڙهڻ جي رسم ادا ڪئي ويندي آهي. چادر کڻي وقتي جهڳين جي ڳوٺ مان جلوس جي شڪل ۾ ميداني ساز جي آواز سان گڏ نچندا درگاهه تائين پهچندا آهن. هر رسم ۾ ڌمال ۽ ناچ ضروري عنصر آهي.

ستين ڏينهن گرم چشمي تي حضرت قلندر لال شهباز سان منسوب ڪشتي تي ۽ جليل شاهه جي درگاهه تي چادر چاڙهڻ جي رسم ادا ڪرڻ سان ميلو پنهنجي پڄاڻي تي پهچندو آهي. هي ميلو شيدين جي چوڻ مطابق، بابا غور جي تسلسل جو حصو آهي. حضرت بابا غور جنهن جو نالو حضرت شيخ نوبي مبارڪ هو، جنهن جي مزار رٿن پور گجرات انڊيا ۾ آهي. چيو وڃي ٿو ته بابا غور حضرت شيخ احمد ڪبير رفاعي جو مريد هو. منگهو پير جي ميلي ک منعقد ڪري ”رفائيان“ سلسلي کي برقرار رکيو ويو آهي. شيخ احمد ڪبير رفاعي جو مزار دمشق ۾ آهي. بابا غور ۽ شيخ احمد ڪبير جو واسطو منگهو پير جي ميلي سان آهي. شيدي ميلي سان اها وابستگي منگهي پير جي ڪري ٿي آهي. شيدين جو ميلو صدين کان ائين هلندو اچي. منگهي پير جو عرس ۽ ميلو نائين ذوالحج تي ملهايو ويندو آهي. جيڪو هڪ ڏينهن جو هوندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50 51 52 53 54 55

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org