سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ٿر ۽ پارڪر جو احوال

باب؛--

صفحو ؛ 4

آدمشماري

(١٠٧) سنڌ جي فتح وقت عام خيال ھو، تھ ٿر ۽ پارڪر جي آدمشماري ٣٠٠٠٠ آھي. اھو فقط ھڪ اندازو آھي، جيڪو منھنجي معلومات لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿو. ماڻھن جي راين کان وڌيڪ ڪي حقيقتون ميسر ڪونھ آھن، جن تي پنھنجي قائم ڪيل اندازن کي بيھاري سگھجي. ١٨٥٤ع ۾ سنڌ جي آدمشماري ڪئي وئي ھئي. ٿر ۽ پارڪر متعلق اسان کي ھي نتيجا مليا:

مرد                           ٢٣،٠١٥

عورتون                   ١٨،٥٢٠

ڪل جوڙ ١٤،٥٣٥

ذاتين مطابق  آدمشماريءَ جا انگ اکر ھيٺينءَ ريت ھئا:

                      مسلمان                   ١٣،٣٦٤

                      ھندو                        ٢٨،١٧١

                      ڪل جوڙ ٤١،٥٣٥

آدمشماريءَ جي انگن اکرن جو وڌيڪ وچور ھن طرح آھي:

 

١٠٠ مردن تي عورتن جي آدمشماري

١٠٠ تي ٻارن جي آدمشماري

بالغ

ٻار

--

عورتن تي

مردن تي

عورتون

مرد

١٥،٩١٣

٧٨

١٤١

١١٠

١١،٢٧٠

١٤،٣٥٢

 

(١٠٨) (1) جيڪڏھن آدمشماريءَ جي واڌ کي تندرستيءَ ۽ سٺي آبھوا جي ڪسوٽي سمجھيو وڃي، تھ ٿر ۽ پارڪر ۽ اتر سنڌ ۾ جيڪب آباد وارو علائقو ھن معاملي ۾ اھميت رکن ٿا. آخر ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور جا ضلعا وچولي حيثيت وارا آھن.

(١٠٩) ١٨٥٦ع ۾ سنڌ جي وري آدمشماري ڪرائي وئي ھئي. ان مطابق ٿر جي آدمشماريءَ جا انگ اکر ھن ريت آھن:

مرد                           ٢٩،١٦٠

عورتون                   ٢١،٩١٣

ڪل جوڙ ٥١،٠٧٣

ذاتين موجب آدمشماري ھن ريت آھي:

مسلمان                   ٢٠،١٢٩

ھندو                        ٣٠،٩٤٤

ڪل جوڙ ٥١،٠٧٣

آدمشماريءَ جو وڌيڪ تفصيلي وچور ھيٺينءَ ريت آھي:

 

١٠٠ مردن تي عورتن جي آدمشماري

١٠٠ تي ٻارن جو تعداد

بالغ

ٻارن جو تعداد

٧٦

عورتن تي

مردن تي

عورتون

مرد

١٩،٤٧٤

١٤٢

١٠٧،٧٥

١٣،٧٢٠

١٨،٠٦١

مٿين انگن اکرن مان معلوم ٿئي ٿو، تھ ٿر ۽ پارڪر جي ١٨٥٤ع واري آدمشماريءَ کان ھاڻي گھڻو ڪجھھ واڌارو اچي چڪو آھي، جنھن جو ھيٺينءَ جدول مان چڱيءَ ريت پتو پئجي سگھي ٿو:

 

سال

مرد

عورتون

ٻار

١٨٥٤ع

٢٣،٠١٥

١٨،٥٢٠

١٥،٩١٣

١٨٥٦ع

٢٩،١٦٠

٢١،٩٠٣

١٩،٤٧٤

 

٦١٤٥ واڌ

٣٣٨٣ واڌ

٣٥٦١ واڌ

(١١٠) اھا ڏکي ڳالھھ آھي تھ، ٿر واري علائقي جي ايتري تڪڙي آدمشماريءَ جا مناسب سبب ڏئي سگھجن. اھو موضوع اڃا تائين پڻ اھميت وارو آھي ۽ ٿر جي ماڻھن جي سماجي خوشحاليءَ سان واسطو رکي ٿو. ان کان علاوه ھن طرف ماڻھوءَ جو ڌيان پڻ ڇڪائي ٿو. مان ان لاءِ ڪنھن خاص ھڪ سبب ڏيڻ جي ڪوشش ڪونھ ڪندس، ڇاڪاڻ تھ مان سمجھان ٿو تھ آدمشماريءَ جي وڌڻ جا ڪارڻ گھڻا ئي آھن، جيڪي انساني معاشري جي سماجي ترقيءَ لاءِ مددگار ثابت ٿين ٿا. آدمشماريءَ جي ھن واڌ لاءِ ھيٺ ڏنل سبب مناسب ٿي سگھن ٿا:

پھريون – اميرن جي ڏينھن ۾ اوسي پاسي ۽ ٿر پارڪر وارن علائقن مان جيڪي ماڻھو لڏي ويا ھئا، سي ھاڻي موٽي واپس آيا آھن. ڪڇ وارن علائقن مان بھ ماڻھو ھر سال لڏي ايندا آھن. ڪي ماڻھو عمر ڪوٽ جي چيلھار علائقي مان لڏي آيا.

ٻيو – ماڻھن کي نھ فقط جان جو، پر مال ۽ ملڪيت جو تحفظ مليو. ان کان سواءِ تجارتي مال جي آمدورفت تي سنگ جو خاتمو ٿيو ۽ زمين جي ڍل بھ نالي ماتر مقرر ڪئي وئي. تنھن ڪري ضروريات زندگيءَ سان لاڳاپيل ھر شيءِ سستي ٿي پئي، جنھن ماڻھن کي لڏپلاڻ ڪرڻ کان روڪي وڌو ۽ ماڻھو ڌاڙن ۽ ڦرن جي ڌنڌي کي ڇڏي،  محنت ڪرڻ ڏانھن ڌيان ڏيڻ لڳا.

(١١١) انگلئنڊ ۽ ٻين ملڪن جي شماريات جا انگ اکر آدمشماريءَ جي احساسن متعلق ٻڌائين ٿا، تھ ماڻھو جڏھن تھذيبي ۽ ثقافتي طور ترقي ڪندا آھن، يا جڏھن ڪو غريب طبقو سماجي طور ترقي ڪندو آھي، تھ سندن آدمشماريءَ جو انگ وڌي ويندو آھي. عام طور تي آرام ۽ آسائش جي سھولتن کي ترڪ ڪيو ويندو آھي، ان مقصد سان تھ جيئن نئين نسل کي وڌيڪ محنت جي ترقي يافتھ نموني ۾ جذب ڪري سگھجي. جن ماڻھن کي بدانتظاميءَ مايوس ڪيو ھجي ۽ ايذاءَ ۽ عذاب ڏنا ھجن، انھن کي جيڪڏھن شخصي ۽ ملڪيتن لاءِ تحفظ ملندو، تھ ان جو ضرور ڪجھھ اثر ٿيندو. ٽالپر دؤر ۾ ٿرپارڪر جي ماڻھن ويچارن جي اھڙي ئي حالت ھئي. منھنجي خيال ۾ منھنجي ھن راءِ سان ڪوبھ اختلاف نھ ڪندو، تھ ھنن خلاف تمام گھڻو رد عمل ھو. ھاڻي حالتون مختلف آھن. ضروريات زندگيءَ سان لاڳاپيل شيون تمام سستيون ملي رھيون آھن. ٿري ماڻھو پنھنجي زندگي امن، آشتي ۽ تحفظ واري احساس سان گھاري رھيا آھن، ھينئر کين حيدرآباد جي عملدارن جي ڏاڍ جو ڪوبھ ڊپ ڊاءُ ۽ اڊڪو ڪونھ آھي، جيڪي ٿر ۽ پارڪر جي ھر حصي مان جائز ناجائز محصول اوڳاڙي ھليا ويندا ھئا.

(١١٢) ٿر ۽ پارڪر جي آدمشماريءَ ۾ واڌ، منھنجي خيال ۾ برطانيھ سرڪار جي امن ۽ آشتي واري دؤر اچڻ سبب ٿي آھي. ٿر جا ماڻھو پوءِ اھي مٿئين طبقي سان تعلق رکندا ھجن، يا ھيٺئين سان، راڻا ھجن يا راڄ، واپاري ھجن يا ھاري، اسان جي حڪومت مان راضي ۽ ريان کيان آھن. سنڌ جو ڪمشنر جڏھن ١٨٥٤ع ۾ ھنن علائقن جي گشت تي آيو، تھ پوري ڏيڍ مھيني جي گشت ۾ کيس فقط ھڪ درخواست شڪايت جي سلسلي ۾ ملي ھئي. (1) واتين ويڻين ماڻھن کيس ڪيئي گذارشون ڪيون ھيون، تھ حالتون جيئن آھن، انھن کي اتي ئي رھڻ ڏنو وڃي ۽ ھو ھر طرح خوش آھن. اھي حالتون انتظامي نقطھءِ نگاه کان ڪنھن بھتريءَ جون گھرجائو ھيون، ۽ اھو امڪان ھيو، تھ انھن علائقن کي ڪڇ ھيٺ ڏنو وڃي. موجوده حالتن مان اھو معلوم ٿئي ٿو، تھ معاشري ۾ اھڙيون بھتر ڳالھيون موجود ھيون، جن جي ڪري آدمشماريءَ ۾ ھيڏي ساري واڌ آئي ھئي ۽ اھا تيستائين بنا ڪنھن شڪ شبھي جي وڌندي رھندي، جيستائين روڪڻ وارا اھي ڪارڻ پيدا نھ ٿين، جيڪي آدمشماريءَ جي واڌ ۽ کوٽ جا ذميوار  ھوندا آھن. جيڪڏھن ٿر جي آدمشماري انھيءَ رفتار سان وڌندي رھي ۽ ڪا لڏپلاڻ نھ ٿي، تھ ٢٠ سالن ۾ وڌي ٻيڻي ٿي ويندي. انگلئنڊ جي آدمشماري ٥٢ سالن ۾ وڌي ٻيڻي ٿيندي. پروشيا جي ٢٦ سالن ۾، آسٽريا جي ٦٩ سالن ۾، ۽ فرانس جي ١٠٥ سالن ۾ وڌي ٻيڻي ٿيندي. Q ف ضميمي ۾ ٿر ۽ پارڪر جي آدمشماريءَ جو اختصار ڏنو ويو آھي.

(١١٣) ھاڻي مان اوھان کي ١٨٥٢ع جي سالياني رپورٽ جي روشنيءَ ۾ ٿر ۽ پارڪر جي زمين جي حق ملڪيت متعلق ٻڌائيندس. ان کان پوءِ، ان ۾ جيڪي واڌارا ۽ سڌارا آندا ويا آھن، سي بيان ڪيا ويندا.

زمين جي اصلي مالڪن جو وڏو تعداد راجپوت ڦريءَ سان واسطو رکي ٿو، جيڪي زمين جي حق ملڪيت لاءِ مقرر مدت جا گھرجائو ھوندا آھن. پھريائين سھوليت واري ڳالھھ اھا ٿيندي، تھ زمين جي حق ملڪيت جي مدي متعلق ڳالھايو وڃي، جنھن ھيٺ ھاڻي کيتي رائج آھي ۽ جمعبنديءَ جي طريقھءِ ڪار تي بھ روشني وڌي وڃي، جنھن مطابق کاتيدارن کان ڍل وصول ڪئي وڃي ٿي. انھن سان گڏ تڪليفن جو بھ ذڪر ڪيو وڃي، جيڪي کاتيدارن يا ھارين کي درپيش آھن.

”سنڌ جي اميرن، ٿر واري علائقي کي ”خالصو“ يا شاھي ملڪيت ڪري ڇڏيو ھو، منھنجو خيال آھي تھ انھيءَ سبب ڪري زمين جو حق ملڪيت اميرن پنھنجي ھٿ ھيٺ رکيو ھو. ان کان سواءِ اھا حقيقت ھن ڳالھھ مان بھ ظاھر ٿئي ٿي، تھ ڪي زمينون ڪن قبيلن يا فردن کي انعام بھ ڏئي ڇڏيندا ھئا. فتح ٿيڻ کان پوءِ، زمين جي حق ملڪيت جو ساڳيو اصول برطانيھ سرڪار جي ورثي ۾ آيو. ان وقت جنھن بھ ماڻھوءَ يا سردار کي ڪي حق يا رعايتون مليل ھيون، تن سان ھٿ چراند ڪا نھ ڪئي وئي. انھن انعامن ۽ رعايتن جو جڏھن نئين ڪرڻ جو وقت آيو يا جن ماڻھن کي اھڙين رعايتن جو حقدار سمجھيو ويو، تھ انگريز سرڪار پنھنجي اختيارن کي استعمال ڪري، اڳين رعايتن کي بحال رکيو ۽ ٻين حقدار ماڻھن کي پڻ رعايتون ڏنيون. اھو پتو ڪونھ ٿو پوي، تھ برطانيھ سرڪار ڪيئن ۽ ڪھڙي وقت ماڻھن جا زمين تي قبضا نھ ٿيڻ جوڳا حق تسليم ڪندي ھئي. راجپوت، ڪن پيڙھين کان وٺي پنھنجي قبضي ھيٺ آيل موروثي زمين کي گھڻو چاھيندا ھئا. ھاڻي انگريز سرڪار انھن زمينن جي مالڪ آھي. جن ماڻھن تي ڍل معاف نھ آھي، سي حڪومت کي پيدائش جو حصو ڏيندا رھندا آھن. جيستائين ھاري پاڻ زمين نھ ڇڏيندو، تيستائين ھو ڪاھيندو رھندو، کانئس زمين زوريءَ ڪانھ ڇڏائي ويندي آھي. جيڪڏھن ڪو ھاري بنا ڪنھن ظاھري سبب جي ھڪ فصل لاءِ زمين نھ ڪاھيندو تھ ھو ان ڇڏيل زمين جي ڪاھڻ جو حق وڃائي ويھندو. ڇاڪاڻ تھ ھتي زمين کي واھڻ کان سواءِ، زمين تي حقداريءَ جو حق تسليم ڪونھ ڪيو ويندو آھي. زمين جي مقرر حق ملڪيت نھ ھئڻ ڪري ھاريءَ لاءِ ممڪن ڪونھ آھي، تھ ھو ڪنھن زمين جي ان ٽڪري تي پنھنجي حق ملڪيت جي دعويٰ ڪري سگھي، جيڪو ھن آباد تھ ڪيو آھي، پر قانوني طور جيڪا زمين سندس قبضي ھيٺ آھي، ان کان وڌيڪ آھي. جيڪڏھن اھڙو حق تسليم ڪيو ويو، تھ ماڻھو اڳيون زمينون ڇڏيندا ۽ نيون آباد ڪندا ويندا، زمينون آباد ڪري سگھن يا نھ، پر وڌ ۾ وڌ زمينون پنھنجي قبضي ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رھندا. ان ڪري جيستائين ھو کيڙيندو رھندو، تيستائين کانئس زمين کسي ڪانھ سگھبي. زمين کسجڻ جا امڪان فقط تڏھن ھوندا آھن، جڏھن ھاري زمين غير آباد رکندو. زمين جو ٽڪرو گذريل ڪيترين پيڙھين کان وٺي راجپوت ڪاھيندو ايندو ھوندو ۽ کانئس کسبي تھ کيس ڄڻ دلي صدمو رسندو. ھن لاءِ خوشيءَ جي ڳالھھ اھا ئي ھوندي آھي، تھ زمين جو ٿورو يا گھڻو ٽڪر، جنھن لاءِ کيس پڪ ھجي، تھ اھو سندس زمين جو ٽڪر کانئس ڪير بھ ڪونھ کسيندو، تھ پوءِ ھو پوري اعتماد سان ان کي آباد ڪندو رھندو.

”ٿر جي ڪنڊ ڪڙڇ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ موجود مختلف قبيلا آباد آھن، جن کي ستن پيڙھين کان وٺي زمينن جا ٽڪرا قبضي ھيٺ آھن ۽ قديم زماني کان وٺي کيڙيندا ۽ کائيندا اچن ٿا. اميرن جي زماني ۾ ٻاھرين ماڻھن کي اھي زمينون ڪاھڻ ڪونھ ڏنيون وينديون ھيون. پر ھاڻي فقط انھن زمينن تي سندن قبضو تسليم ڪيو ويندو، جيڪا ھو واھي سگھندا. اھڙيءَ ريت جيتري مدت تائين پاڻ چاھيندا، قبضيدار ٿي رھندا. پر سندن حق ملڪيت جي مدت مقرر ٿيل ڪانھ ھوندي. اسان اھڙي اصول کي ھن نقطھءِ نگاه سان ڏسون ٿا، يا سندن قبضي کي جيئن جو تيئن رھڻ ڏيون ٿا، تھ ان مان اسان جو مقصد ھي آھي، تھ  Tenants at will يعني سندن قبضو مرضيءَ مطابق ھوندو يا کين ڏنل زمين تي قبضي جي ڪا بھ ضمانت ڪانھ ھوندي. جيڪڏھن اھا زمين آباد ٿي نھ سگھندي يا سرڪاري ڍل جي ادائگي ڪري نھ سگھندا، يا ان زمين جو حق ملڪيت خطري ۾ ھوندو، تھ اھڙي زمين جو قبضو سرڪار جي حوالي ٿي سگھي ٿو. جيڪڏھن راجپوت پنھنجن ابن ڏاڏن کان وٺي ڪو زمين جو ٽڪر آباد ڪندا ٿي آيا ۽ پوءِ، جيڪڏھن زمين جو اھو ٽڪرو کانئن کسيو ويو، تھ ضد ويڙھھ تي سندرو ٻڌي بيھندا. (1) ٢٠-١٨١٩ع ۾ اميرن جي عملدارن جي ڏاڍ ڏيپلي جي سوڍن سردارن ۽ ساڳئي علائقي جي ڍاٽي قبيلن لڏي وڃي ڪڇ جي راءِ جي پناه ورتي ھئي. ڪن ٿورن کان سواءِ، اميرن سڀني سوڍن سردارن کي سنڌ گھرائي ورتو ھو. باقي ڍاٽي قبيلا ١٨٤٧ع تائين ڪڇ ۾ مقيم رھيا ۽ اتي نوڪري جي عيوض راءِ طرفان مليل زمينون آباد ڪندا ٿي رھيا. انھن مان ٢٠ گھر اتان لڏي اچي پنھنجي پراڻن پڊن تي ويٺا ۽ پنھنجون اڳوڻيون زمينون آباد ڪرڻ لڳا. باقي اڃا تائين ڪڇ ۾ آھن ۽ زمينون آباد ڪن ٿا، (2) جن جي ڍل سرڪار طرفان معاف آھي. پر مون کي ڪن سردارن معرفت پتو پيو آھي تھ، اھي بھ پوئتي ٿر وڃڻ لاءِ واجھھ ٿا وجھن، تھ جيڪر انھن زمينن جي اوسي پاسي وڃي ويھن، جتي سندن ابا ڏاڏا ويٺا ھئا ۽ زمينون آباد ڪندا ھئا. پر اتي زمين سندن ملڪيت وارو اصول مقرر نھ آھي. جيڪڏھن کين زمين جو حق ملڪيت مستقل ڏنو وڃي، تھ پيدائش جو سرڪاري حصو کڻي ڪيترو بھ ھجي، ھو اھو قبول ڪندا. حقيقت اھا آھي، تھ ھڪ راجپوت وٽ زمين جو مستقل حق ملڪيت عارضي حق ملڪيت کان وڌيڪ قدر ۽ قيمت رکي ٿو. ھو، مھذب قومن جيان زمين جي مستقل حق ملڪيت مان وڏو زرعي فائدو وٺڻ بھ ڪونھ ڄاڻندا آھن.

”ٿر ۽ پارڪر ۾ ڍل جي جمعبنديءَ جو طريقو ھن ريت آھي، تھ ڪاردار علائقي جي متعلقھ زميندار سان گڏجي ھر سال آڪٽوبر مھيني ۾ جمعبندي ڪندو آھي، ھر آباد زمين جي ٽڪري جي جاچ پڙتال ڪندو آھي ۽ داڻ بندي مقرر ڪندو آھي ۽ سرڪار جو حصو ان وقت مقرر ڪيو ويندو آھي، جڏھن ڪاردار جي ساري حد جي جمعبندي ٿي ويندي آھي، تھ سرڪاري حصو روڪ پئسن ۾ تبديل ٿي ويندو آھي ۽ جنس جو اگھھ منڊيءَ جي اگھھ تي مقرر ڪيو ويندو آھي ۽ ان وقت ئي ادائگي ڪئي ويندي آھي. جڏھن آباد زمينن جا ٽڪر ڀٽن جي وچ ۾ ھيڏي ھوڏي پکڙيا پيا ھوندا آھن ۽ ڀٽن تان لھڻ چڙھڻ ماڻھن توڙي سوارين لاءِ ڏچو بڻجي پوندو آھي، تھ جمعبندي ڊگھو عرصو وٺندي آھي. داڻ بندي مقرر ڪرڻ ۾ بھ ٽي يا چار مھينا تھ اوس لڳي ويندا آھن. ان حالت ۾ ھارين کي ھڪ ھنڌ ديرن رکڻ جو تاڪيد ڪيو ويندو آھي. ڪن پڪن فصلن جي بيٺي ئي داڻ بندي ڪئي وڃي ٿي. ڪن جو ديرن ۾ ڳاه ڳاھڻ کان اڳ ۾ تخمينو ڪيو وڃي ٿو. ڪاٿي وري موسم جي آخر ۾ فصلن جي بيٺل سنگن مان ڪاٿو ڪيو ويندو آھي، ڀلي پوءِ انھن ۾ ان موجود ھجي يا ڪڍي استعمال ڪيو ويو ھجي.

ھن نظام ۾ سٺو طريقو اھو آھي، تھ فصل پچڻ سان داڻ بندي مقرر ڪئي وڃي. ٿر جي زميندارن ۾ وڏو آزار اھو ھوندو آھي، تھ ھو سدائين ڍل ڏيڻ جي اوسيئڙي ۾ ويٺا ھوندا آھن. ڪاردار تمام دير سان يعني ان وقت پھچندا آھن، جڏھن فصل کڄي ۽ کاڄي ويندا آھن. جيڪڏھن ڪاردار ان مٿان ڳاٽي ڀڳي داڻ بندي ھڻندو آھي، تھ فصل ڪاٿي واريءَ رقم کان گھڻو گھٽ لٿو ھو ۽ سرڪاري حصو غير واجبي آھي. تنھن ڪري ھي ضروري آھي، تھ ٿر جي ھارين کي مجبور ڪيو وڃي، تھ جيستائين داڻ بندي نھ ٿئي، تيستائين ديرن مان ان کڻي گھرن ۾ نھ رکن. ھن معاملي کي مناسب نموني سان حل ڪجي. اھو ڪيڏو نھ ڏاڍ آھي، جو ھاري ديري ۾ رکيل ول بندي مقرر ڪري. ھن ڪري ويچاري ھاريءَ کي گھڻو ڇيھو رسي ٿو. ھڪ تھ سڄو ڏينھن ديري تي ويٺو مھينن تائين پھرو ڏيندو. ديري ۾ پنھنجي پيل ان ھوندي بھ، پنھنجي گذر سفر لاءِ پئسا ڀري ڪٿان ان وٺندو. پارڪر ۾ ان ڳوٺن ڀرسان ديرن ۾ رکيل ھوندو آھي ۽ ماڻھن کي داڻ بندي مقرر ٿيڻ تائين ان کي ھٿ لائڻ جي منع ڪئي ويندي آھي. ان ڳالھھ جو امڪان ئي ڪونھ آھي، جو داڻ بندي مقرر ٿيڻ کان اڳ ھاري پنھنجي ان کي ھٿ نھ لائي.

داڻ بنديءَ جي ھن طريقي ۾ اعتراض جوڳي وڏي ڳالھھ اھا ھوندي آھي، تھ صحيح انگن اکرن کان گھڻو وڌيڪ ڪاٿو لڳايو ويندو آھي. صحيح ڍل کان وڌيڪ داڻ بنديءَ جي مقرريءَ متعلق شڪايت اسان کي ڏيپلي جي علائقي مان موصول ٿي، جيڪا ھن طريقي جي ڍل جي وصوليءَ ۾ خاميءَ جو عملي ثبوت آھي. ڍل جي داڻ بنديءَ جو اھو طريقو جنھن جي معيار ۾ واضح فرق موجود ھوندو آھي، سو مقامي عملدار جي مختلف عھدن ۾ ننڍ وڏائي تي بھ مدار رکي ٿو. اھو طريقو نھ تھ زميندارن کي اطمينان ڏئي سگھندو آھي، ۽ نھ وري سندن اعتماد بحال ڪري سگھندو آھي. زميندارن ۾ انھن ٻنھي شين جو موجود ھئڻ زراعت جي ترقيءَ لاءِ ضروري آھي.

ھن موسم جي داڻ بندي گذريل آڪٽوبر مھيني ۾ شروع ٿي، دير سان اپريل ۾ پوري ٿي. صحيح داڻ بنديءَ جي ڪٿ لڳائڻ ۾ دير ٿي وئي ۽ ان مطابق ڍل جي اوڳاڙيءَ بھ ڪجھھ وقت ورتو. نھ تھ اڳي ١٨٤٩ع تائين داڻ بنديءَ جي مقرر ۽ ڍل جي اوڳاڙي ڊسمبر جي پڇاڙيءَ يا جنوريءَ جي اڳياڙيءَ ۾ ختم ٿي ويندي ھئي. ھاڻي گھڻو وقت ان ڪري لڳي ٿو جو آباديءَ جو انگ بھ وڌي ويو آھي، تنھن ڪري ڍل جي اوڳڙ ۾ دير ٿي وڃي ٿي. ٻيو تھ ڪاردارن تي بھ زور ڀريو ويو آھي تھ، واھيل زمين جي ٽڪرن تي وڌيڪ ڌيان ڏين ۽ چڱيءَ ريت جاچ پڙتال ڪن ۽ پنھنجي ڪارڪردگيءَ جو بالا عملدارن کي اطلاع ڏين، نھ تھ اڳئي ايئن گھٽ ٿيندو ھو. مٿي لکت جي اطلاعن موڪلڻ جو انگ وڌي ويو آھي ۽ انھن اطلاعن جي چڪاس بھ گھڻي ٿيندي آھي، تنھن ھوندي بھ صحيح ڪم ٿيڻ جا وڌيڪ امڪان ھوندا آھن.

”١٨٥٠ع ۾ ھن موضوع ڏانھن اشارو ڪندي، مون ھر سال فصل جي داڻ بندي ڪرڻ بدران، مقرر ڍل جي سفارش ڪئي ھئي. ڇاڪاڻ تھ ڪاردار ڏاڍو دير سان وڃي داڻ بندي ڪندا ھئا ۽ کاتيدار سندس اوسيئڙي ۾ اجايو ويٺا ڪشٽ ڪاٽيندا ھئا. ڪاردار خواه مخواه داڻ بنديءَ جي ڪٿ ڪرڻ ۾ وقت سيڙائيندا ھئا. ھاڻي رڳو مختلف کاتيدارن کان ڍل اوڳاڙيندا رھن ٿا. ان وقت زمين جي حق ملڪيت ڏانھن ڪو ڌيان ڪونھ ڏنو ويو ھو، توڙي جو اھم ڪم داڻ بندي ڪرڻ کان وڌيڪ اھم ھو.“

”ٿر ۽ پارڪر جي علائقن ۾ فقط ھڪ مقامي ماڻھوءَ کي ئي ڍل جي معاملي جو گھڻو تجربو آھي. اھو ننگر پارڪر جو ڪاردار آھي. جنھن ١٨٤٤ع کان وٺي موجود خال کي ڀري پاڻ کي واڌاين لائق ثابت ڪيو آھي. جڏھن ساڻس مقرر ڍل جي موضوع تي ڳالھايو ويو، تھ چيائين تھ: آباد زمين جي ماپ ڪرڻ کان سواءِ ڍل مقرر ڪرڻ مشڪل آھي. ٻيو تھ زمين جا ڪي ٽڪرا آباد ٿيڻ کان پوءِ، وري ڪيترن فصلن لاءِ خالي پيا ھوندا آھن ۽ انھن بدران ٻي تازي زمين آباد ڪئي ويندي آھي، جيستائين اڳيون آباد ڪيل ٽڪرو ويساھين کان پوءِ، طاقت حاصل ڪري وٺندو آھي.“

”ھن معاملي سان لاڳاپيل ڪي ٻيا بھ مونجھارا آھن. زمين جي ماپي متعلق ڄاڻ نھ ھئڻ. زمين جي خوبين ۽ خاصيتن جو علم نھ ھئڻ يا زمين سان لاڳاپيل ٻيون بھ ڪي اھڙيون ڳالھيون آھن، جن متعلق واقفيت ھئڻ ضروري آھي. جيڪڏھن زمين مقرر ڍل جي اصول سان مستقل حق ملڪيت ڪري مالڪ کي ڏني ويندي، يا نوڪريءَ جي عيوض کين ڏني ويندي، تھ ماڻھو زمين کي وڌيڪ سڌاريندا ۽ ٿر جنھن صورت ۾ اڄ نظر اچي رھيو آھي، سو ڪجھھ وقت کان پوءِ، ائين نھ رھندو. جيڪڏھن راجپوتن کي زمينون، نوڪرين عيوض ڏنيون ويون، تھ ھو وڏي چاھھ سان کيڙيندا. پنھنجا سڀ وسيلا زمين جي سڌاري ۽ ترقيءَ لاءِ ڪم آڻيندا ۽ ان کي پنھنجي ساه برابر سمجھندا. موجوده حالتن ۾ سندن پورو ڌيان زمين ڏانھن ڪونھ آھي. “

”ماڻھن جي جنھن طبقي متعلق آءٌ ٻڌائي رھيو آھيان، انھن لاءِ لازمي ۽ مناسب اھو آھي، تھ کين ٿوري عرصي لاءِ ئي سھي، مقرر ڍل جي اصول تي ۽ نوڪري جي معاوضي طور زمين ڏني وڃي. سندن حيثيت ھاري – مالڪ واري ھوندي ۽ ھو ايتري زمين کيڙيندو جيتري سندن گھراڻي ۽ کيڙڻ جي سگھھ ھوندي. نوڪريءَ جي عيوض زمين ڏيڻ واري قانون ۾ ٿوري وقت کان پوءِ سڌارو آندو وڃي، يا جيڪڏھن ضروري سمجھيو وڃي، تھ حق واسطا بھ قائم رکيا وڃن. زمين جي ان مستقل حق ملڪيت سان دخل اندازي نھ ڪئي وڃي ، جنھن ھيٺ کيس اھا زمين مليل آھي.“

”جڏھن ڪي خاندان گھڻي زماني کان وٺي زمينون کيڙيندا اچن ٿا. يا کيڙيندي کين ٿورو عرصو گذريو آھي، تھ نوڪريءَ جي عيوض سندن حق تسليم ڪيو وڃي، جيڪڏھن ضروري ھجي، تھ حالتن مطابق ان تي وري ويچار ڪيو وڃي. صنعت لاءِ بھ اھا ڳالھھ ضروري ٿو سمجھان، تھ زراعت جي ترقيءَ لاءِ پڻ اھا ضروري آھي. حڪومت وڌ ۾ وڌ پنھنجي حصي جي تقاضا ڪندي. اھا ڪا عام ڳالھھ نھ آھي، اھو حصو نوڪريءَ جي عيوض ھجي يا ملڪ جي ٻي خدمت جي صورت ۾ ھجي. پر ھاريءَ جي لاءِ اھا وڏي اھميت واري ڳالھھ ٿيندي، تھ متعلقھ زمين تي حڪومت جي دست اندازي نھ ھجي، ۽ زمين جي موجوده طريقھ ڪار تي، سندس ٿوري گھڻي ناراضپي جو اثر نھ ھجي.

”انھن قبضيدارن جي وڪالت ڪرڻ تھ سندن حقن کي تسليم ڪرڻ گھرجي، ان بنياد تي تھ، اھي ڪيترين ئي پيڙھين کان وٺي، اھي زمينون کيڙيندا اچن ٿا. ڇاڪاڻ تھ اھو سندن ورثو آھي. منھنجي خيال ۾ ھن ڪري ڇڏيل ۽ منجھيل دعوائون وري زنده ٿي پونديون. پر ھئڻ ائين کپي، تھ اھڙن قبضيدارن جي ضرور سفارش ڪرڻ گھرجي، جن وٽ ملڪيت جو حق آھي، جنھن مان زمين جي ٽڪري تي سندن قبضو ثابت ٿئي ٿو ۽ اھا زمين ھو کيڙيندا رھن ٿا. ٿر ۾ ھڪ تھ ماڻھن جي آبادي ٿوري آھي. ٻيو وري زمين جا ٽڪرا ھڪ ڀيرو آباد ڪري، وري ڪيتري وقت لاءِ غيرآباد ڇڏي ڏيندا آھن. جيڪڏھن ڪنھن ھاريءَ وٽ زمين جو ڪو ٽڪرو آھي، جنھن کي ھو پنھنجو سڏي سگھي ٿو ۽ ھو نوڪريءَ عيوض يا ڍل جي شرط تي آباد ڪندو اچي ٿو. ۽ اھا سندس نالي لکيل آھي، تھ ھو نئينءَ ۽ پراڻي زمين جي فصل جي فرق ڪري خرچ پنھنجي سر مٿان کڻڻ پسند ڪونھ ڪندو. پر ٻيا زميندار وڌيڪ زمين حاصل ڪرڻ جي ارادي سان ۽ خوشحال مستقبل واسطي اھو پڻ چاھيندا، تھ کين ڪير ننڍو زميندار بھ نھ سڏي.

”ھاڻي اھڙو ڪو قانون ئي ڪونھ آھي، جو ڪو ھاري ڪنھن زمين جي ٽڪري سان لاڳاپيل ھجي. اھڙو ڪو اصول بھ موجود ڪونھ آھي، جو ھاريءَ کي محنت ڪرڻ لاءِ اتساھھ ۽ امنگ ڏياري سگھجي، جنھن ۾ ٿوري گھڻي پورھئي کان پوءِ، ان جا چار داڻا پيدا ٿين، ۽ اھڙيءَ ريت ھو ٻھ چار مھينا آرام سان پنھنجن ٻچن جو گذر سفر ڪري سگھي ٿو. پر ھن قسم جي کيتي ۽ ڍل جي طريقھءِ ڪار ۾ وڏيون مصيبتون آھن ۽ ڪيترا ناراضپا سر تي کڻڻا پون ٿا. ھن قسم جا مامرا تھ ايامن کان وٺي ھلندا پيا اچن. شايد ھڪڙو سبب اھو بھ آھي، تھ ٿر ۽ پارڪر وارو علائقو اميرن جي گاديءَ کان گھڻو ڏور آھي ۽ علائقي جو انتظام ڪاردارن جي حوالي رھيو آھي، جن ھتان جي ماڻھن جي احترام ۽ حقن کي عزت ڀريءَ نگاھھ سان تھ ڏٺو ئي ڪونھ آھي.

آبادگار طبقو مقرر حق ملڪيت جي ڀيٽ ۾، ٿوري عرصي لاءِ زمين جي کڻت کي اھميت ڪونھ ڏيندو آھي. ڪنھن کاتيدار کي زمين جا مستقل حق ملڪيت ڏيڻ لاءِ ڪيترائي اعتراض موجود آھن، پر زمين کي پاڻ وٽ بحال رکڻ جي حق مان مقصد اھو ھوندو آھي، تھ زمين جو خريدار، خريد ڪرڻ وقت زمين ۾ پورھئي ڪرڻ جي شوق سان ٽمٽار ھوندو آھي، جڏھن تھ زمين جي عارضي کڻت ۾ اھا ڳالھھ ڪانھ ھوندي آھي.

حڪومت پئسي جي نقطھءِ نظر کان جيئن مناسب سمجھندي آھي، تيئن عارضي کڻت يا نوڪريءَ عيوض ملندڙ زمينن جي قاعدن ۽ قانونن ۾ ڦير ڦار ڪندي رھندي آھي. حڪومت ۽ ھاريءَ جا مقصد گھڻو ڪري ھڪجھڙا ھوندا آھن. حڪومت جي فائدي ۾ اھا ڳالھھ آھي، تھ ھاريءَ کي آزاد ڇڏجي، سندس سماجي رتبي کي وڌائجي، فقط اھو ڏسڻ گھرجي تھ، حڪومت جي مفادن کي ڪنھن بھ قسم جو ڇيھو نھ رسي ۽ انھيءَ ۾ ئي ٻنھي جي ڀلائي آھي.

زمين جي مستقل انتظام ڪرڻ لاءِ گھڻيون ئي تڪليفون ۽ مونجھارا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انھن مان مکيھ ڳالھھ اھا بھ آھي، تھ ٿر ۽ پارڪر جي علائقن جو نقشو موجود ڪونھ آھي. اسان نقشي نھ ھئڻ ڪري ان ڪم جي شروعات بھ نھ ٿا ڪري سگھون. جيستائين ٿر ۽ پارڪر جي سروي نھ ٿي آھي، تيستائين ھن کاتي سان لاڳاپيل سڀ ترقياتي ڪم مھمل ڪيا وڃن. ان ڪري ممڪن آھي، تھ تمام گھڻي دير ٿي وڃي، ڇو تھ مذڪوره علائقا گھڻو ڏور آھن. ڪيترا قبيلا ۽ ماڻھو اھڙا بھ آھن، جيڪي ٿر کي پنھنجو گھر سمجھن ٿا، منجھس ڪا ڦير ڦار ڪونھ چاھيندا ۽ ھندستان جي ٻين خوشحال صوبن جيان ترقي يافتھ ڏسڻ پسند ڪونھ ڪندا. ھن موقعي تي ٿر ۾ موجود ڍل جي سرشتي ۾ تبديلي آڻڻ جي تفصيلن ۾ وڃڻ بھ وقت کان اڳ جي ڳالھھ ٿيندي.

مان ھتي فقط ھڪ ننڍڙو واڌارو ڪندس، تھ جن اصولن جي آءٌ سفارش ڪريان ٿو، سي من اوھان قبول(1) ڪرڻ فرمايو. منھنجي گذارش ھيءَ آھي، تھ موجوده وقت جيڪي بھ زمينون پنھنجي پورھئي پگھر سان ڏيپلي ۽ پارڪر جا راجپوت آباد ڪري رھيا آھن، تن کي اھي مستقل بنيادن تي ڏنيون وڃن. پوءِ ڀلي ھر پنجين سال پنھنجي سرڪاري حصي کي نئون ڪندو رھجي. زمينن جي کڻت جا اگھھ اڳين پنجن سالن جون رسيدون ڏسي، پوءِ مقرر ڪيا وڃن. سوڪھڙي ۽ ڏڪار وقت کانئن ڪجھھ بھ وصول نھ ڪيو وڃي. زمينون ماپي دنگ مقرر ڪرڻ يا ٻيا لاڳاپيل تفصيل مطالعي لاءِ ھيٺ ڏجن ٿا:

(١١٤) سن ١٨٥٤ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر مسٽر فريئر ٿر ۽ پارڪر جي علائقن جو دورو ڪيو ۽ بٽئيءَ واري سرشتي کي ختم ڪري، ان جي بدران مقرر ڍل وارو اصول رائج ڪيو. زمينن جي ماپ ڪرڻ جي سلسلي ۾ بھ ڪجھھ ترقي ٿي آھي. ھاڻي مون کي بيماريءَ جي سرٽيفيڪٽ تي انگلئئنڊ وڃڻ لاءِ زور ڀريو وڃي ٿو. ڍل ٻڌڻ واري موضوع تي منھنجا خيال بھ قلمبند ڪري، ھڪ يادداشت جي صورت ۾ ٣٠ اپريل ١٨٥٥ع تي ممبئي موڪليا ويا آھن، جن جو اختصار ملاحظي لاءِ ھيٺ ڏجي ٿو:

(١) سنڌ جي ڪمشنر ھنن حقيقتن کي منظور ڪيو آھي، تھ مستقل ڍل ٻڌڻ جي خيال کان ٿر جي زمين جي ماپ ڪئي وڃي. جنھن مان مقصد اھو نڪري ٿو تھ، متعلقھ زمين جي مالڪ جو حق ۽ ضبطيءَ جي لائق ڪونھ ھوندو، پر شرط اھو آھي، تھ اھو ماڻھو انگريز سرڪار سان وفادار رھندو.

مقرر ڍل مان اھو مقصد سمجھڻ گھرجي، تھ سالياني معاوضي ۽ مقرر عرصي لاءِ ڏنل زمين جي مالڪ جي حق کي تحفظ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. پوءِ اھو مقرر عرصو ١٠، ٢٠ يا ٣٠ سال بھ ٿي سگھي ٿو، جنھن ۾ حڪومت ڍل جو انگ نھ وڌائڻ لاءِ ٻڌل رھندي. جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ وٽ زمين جا ٻھ ٽي ٽڪر آھن، پر ھو آباد فقط ھڪ ٽڪرو ڪرڻ چاھي ٿو، تھ کيس زمين جا ٻيا ٽڪرا ڇڏڻا پوندا. ھاري ان ٽڪري جي سال بسال آباديءَ واسطي ذميوار رھندو. حڪومت تي بھ فرض آھي، تھ اقرارنامي ۾ ظاھر ڪيل سالن واريءَ مدت جي پابند رھي. حڪومت کي منھنجي اھا بھ صلاح آھي، تھ ھاريءَ کي ڊگھيءَ مدت واري کڻت جي سھوليت ڏئي ۽ کيس ھرذميواريءَ کان آجو رکي.

(٢) ٿر ۾ موجود زمين جو وڏو حصو، گھڻي عرصي کان وٺي موجوده زميندارن جي قبضي ھيٺ رھيو آھي. ھن معاملي ۾ منھنجي ڪوشش اھا ھوندي، تھ مذڪوره زميندار ان زمين کي پنھنجي ملڪيت تصور ڪن. حڪومت جي فقط اھا ئي خواھش آھي، تھ وٽس وقت بوقت ڍل جي انگن اکرن بدلائڻ جو حق ھجي، جيئن کاتيدارن جي ڍل جو وڌيڪ بار مٿان نھ پئجي وڃي ۽ کيس پنھنجو مناسب حصو ملندو رھي.

(٣) ھرھڪ زميندار جي مرضي اھا ھوندي آھي تھ، جيڪا بھ وٽس زمين آھي، سرڪار طرفان ان جي وٽس سند ھئڻ گھرجي، جنھن ۾ اھو ڏيکاريو وڃي، تھ مذڪوره زمين سندس آھي. ڪٿي آھي، ڪيتري آھي ۽ ان جون حدون ڪھڙيون آھن؟ ان کان علاوه مقرر ڪيل ڍل جا انگ اکر بھ موجود ھئڻ گھرجن. ان ۾ اھو بھ يقين ڏياريل ھجي، تھ کاتيدار جيستائين سرڪار جو فرمانبردار ھوندو، تيستائين کانئس زمين ڪانھ کسي ويندي. ڍل واري ڪتابن ۾ زمين متعلق مڪمل معلومات لکيل ھئڻ گھرجي.

(٤) نئين زمين ماپ ڪرڻ کان اڳ آباد نھ ڪئي وڃي، ۽ متعلق علائقي جي ڍل واري ڪتاب ۾ داخل ڪئي وڃي. زمين جي صفائي ڪرڻ ۽ سڌارڻ واسطي زميندار کي اھا زمين ھڪ، ٻھ يا ٽي سال جيئن زمين جي حالت ھجي، ڍل ڇوٽ واري حساب سان ڏني وڃي، ڇاڪاڻ تھ ان نئين زمين کي سڌارڻ ۾ وقت، محنت ۽ پئسي جي ضرورت ھوندي آھي.

(٥) موجوده نالي ماتر ڍل، زمين جي پيدائش جو ٽيون حصو ھوندي آھي. ويرا واه ۽ پارڪر وارن علائقن ۾ اھا پيدائش جو پنجون حصو ھوندي آھي. منھنجو خيال آھي تھ پيدائش جو ٽيون حصو ڍل، مناسب نھ آھي. ان ۾ وڌيڪ نرم پاليسي اختيار ڪرڻ گھرجي. ھاڻي ماڻھو پاڙي وارن کي ڦري لٽي پيا ٿا گذارو ڪن. اھو ضروري آھي، تھ ماڻھن کي کيتيءَ جي ڌنڌي ڏانھن راغب ڪجي. ڍل جي مد ۾ جيڪڏھن چار پئسا وڌيڪ اڳڙندا، سي ڪا بھ اھميت نھ ٿا رکن. جيڪڏھن ڍل جي انگ ۾ نرمي ڪبي، تھ کيتيءَ جو انگ وڌندو ۽ سڄو علائقو خوشحال ٿي ويندو. مون کي بي انتھا خوشي ٿيندي، جيڪڏھن حڪومت سڄي علائقي جي پيدائش جو پنجون حصو ڍل طور اوڳاڙيندي. جيڪڏھن ڍل ڳوري رکي وئي، تھ کيتيءَ کي ڄڻ ٻنڊو اچي ويندو ۽ ھلڪيءَ ڍل ڪري نئين انتظام کي ماڻھو مصيبت بدران پنھنجي لاءِ رحمت سمجھندا.

(٦) ڍل جي ھن طريقي کي مشھور ڪرڻو آھي، تھ خبرداريءَ کان ڪم وٺڻو پوندو ۽ ماڻھن کي سمجھائڻو پوندو،  تھ ھن ۾ صبر ۽ تحمل جي ضرورت آھي. ڇاڪاڻ تھ ھتي جي ماڻھن جا مفاد متضاد آھن ۽ ماڻھو ويچارا ايترا مھذب بھ ڪونھ آھن. قبيلن جي سردارن ۽ زميندارن سان بھ صلاح مصلحت ڪرڻ لازمي آھي. جيڪڏھن ماڻھن سان صلاح مشورو ڪبو، تھ ڪا ڳالھھ سندن مرضيءَ جي خلاف بھ ھوندي، تھ بھ خوشيءَ سان قبول ڪري وٺندا. جيڪڏھن ساڻن ڳالھائبو ئي نھ، تھ ٿورن ۽ ننڍن معاملن تي پنھنجو ردعمل ظاھر ڪري وجھندا.

(٧) مان اھا اڳڪٿي ڪري سگھان ٿو، تھ ھن سال (١٨٥٥ع) جي پڇاڙيءَ ڌاران سڄي ٿر جي زمينن جي ماپ ۽ سروي ٿي ويندي، ھن مقصد لاءِ ڪتاب بھ تيار ٿي ويندا. ھن موضوع تي تفصيلي ھدايتون گجراتي دفتر ۾ موجود آھن. جڏھن اھو ڪم خير سان پورو ٿيندو، تھ ھر علائقي جي ڪن سردارن ۽ پٽيلن کي گھرائي، ھر زمين جي ٽڪري جي ڍل ٻڌڻ لاءِ ساڻن صلاح مشورور ڪيو ويندو. ڍل ٻڌڻ وارن جا رايا اڳ ۾ ئي قلمبند ڪيا ويا آھن. سردارن جي خيالن کي ٻڌو ويو آھي ۽ ان سان گڏ رڪارڊ مان بھ مدد حاصل ڪئي وئي آھي. منھنجي خيال ۾ اھي چڱيون ڳالھيون آھن، جن کي نظر ۾ رکي، ڍل جو انگ مقرر ڪيو ويندو. مان ڍل جي مقرريءَ جو ڪتاب ھڪدم بند ڪري ڇڏڻ پسند ڪونھ ڪندس. مان ھاريءَ کي اجازت ڏيندس، تھ ڍل جي انگ تي نظرثاني ڪرڻ لاءِ ڪي مناسب سبب ڏئي. ھن معاملي کي ھلندي ٥٦-١٨٥٥ع جي سياري جي موسم بھ اچي ويندي. جڏھن گشت تي نڪربو، تھ ماڻھن جون ان ڏس ۾ شڪايتون ٻڌبيون ۽ بنا ڪنھن دير جي، سندن شڪايتن جي جاچ پڙتال پڻ ڪئي ويندي. جيڪڏھن ڍل نرم ھوندي، تھ ماڻھن جي شڪايتن جون درخواستون بھ ڪي گھڻيون ڪونھ ھونديون.

(١١٣) جيڪڏھن زمين جو ھڪ يا ٻھ ٽڪرا ڍل ڇوٽ جي شرط سان ڪنھن پٽيل کي ڏبا، تھ ڪو ھر ج ڪونھي. ايئن ڪرڻ سان ھيءُ طبقو سھڪار ۽ سھائتا ڪندو ۽ سرڪار جو نمائندو ٿي ڪم ڪندو. سندن ننڍڙي معاشري ۾ ايئن ٿيندو رھندو.

(١١٤) زمين جا کاتي ٿيل alienated ٽڪرا، ڍل جي نئين سرشتي کان متاثر ٿيڻ نھ گھرجن. مٿن نالي ماتر ڍل مڙھي بھ وڃي، تھ اھڙي داخلا، متعلقھ ڪتاب ۾ ڪرڻ گھرجي، جيڪا پنھنجي لحاظ سان ھڪ چڱي ڳالھھ آھي. کاتي ۾ زمينون بھ گھڻي قسم جون آھن. جن ٽڪرن تي ڍل جي ڇوٽ ڏنل آھي، تن تي ڍل وٺڻ گھرجي. بشرطيڪھ ڍل جي ڇوٽ سرڪار طرفان اڳ ۾ ئي منظور ڪيل ھجي. منھنجي خيال ۾ کوسن کي ڏنل زمين کان سواءِ، ٻين تي ڍل جي ڇوٽ ڪانھ آھي. کوسن جي ڍل جي ڇوٽ جي رعايت اڳيئي مليل آھي، سا ان ئي حالت ۾ بحال رکڻ گھرجي.

(١١٥) ڍل جي پراڻي طريقي موجب ڪاردار قانوني طور سال ۾ ھڪ دفعو وڃي، زمين سان واسطو رکندڙ حقيقتون ڪتاب ۾ قلمبند ڪندو ھو ۽ ڍل ٻڌندو ھو، جنھن جو مٿي بھ ذڪر اچي چڪو آھي. اھڙي قسم جي قلمبند ٿيل معلومات اڄ جي ڍل جي نئين انتظام لاءِ اھم مواد جي حيثيت رکي ٿي.

(١١٦) پھريون تھ اھو سوچيو ويو ھو تھ، ٿر جي زمين جي ماپ ڪرڻ سان گڏ پارڪر جي بھ سروي ڪئي ويندي، پر تجربيڪار ۽ ڄاڻو عملي جي نھ ھئڻ ڪري، ائين ڪونھ ٿي سگھيو. ٿر جي زمينن جي ماپ ڊسمبر ١٨٥٥ع ۾ پوري ٿي. قائم مقام ڊپٽي ڪليڪٽر، مسٽر شارث Mr. Shortt علائقن جو دورو ڪري، شخصي طور پاڻ زمينن جي ڍل مقرر ڪئي. ھن موضوع تي پنھنجي خيالن جو ھن ريت اظھار ڪري ٿو:  (1)

”مٺيءَ ۽ ڏيپلي جي ڪاردارين ۾ ڍل مقرر ڪرڻ وقت ھيٺين ويچارن مان روشني حاصل ڪئي وئي آھي:

پھريون: ان جي صورت ۾، سراسري نقد پيداوار، سراسري سال جي حساب سان نظر ۾ رکي وئي.

ٻيو: ڍل جي مقرريءَ واسطي حڪومت جي لکپڙھھ جي جواب ۾، سنڌ جي ڪمشنر طرفان موڪليل خط جي فقري نمبر ٨ کي نظر ۾ رکي، گذريل سالن جي ان کي سراسري قيمت جي حسان سان زمين جي پيدائش جي روڪ رقم ۾ ليکو ڪيو ويو، ان کان پوءِ، ڍل مقرر ڪئي وئي.

”ان کان سواءِ، زمين جي ھرھڪ ٽڪري جي مقامي حالتن مطابق سھوليتن ۽ اھنجاين کي نظر ۾ رکي، ڍل مقرر ڪئي وئي آھي.“

(١١٧) زمين جي حق ملڪيت جي مدت مقرر ڪرڻ واسطي مسٽر شارٽ ھن طرح لکيو آھي:

مون موجوده انتظام ۾ زمين جي کڻت جي مدت کي ١٠ سال تائين مقرر ڪيو آھي. ھيءُ ھتان جي ماڻھن جو ڄڻ تھ متفق فيصلو آھي. منھنجي خيال ۾ ھيءُ مقرر عرصو پنھنجي نقطھءِ نگاه کان صحيح بھ آھي. ھن حقيقت ۾ ڪنھن بھ شڪ شبھي جي گنجائش ڪانھ آھي، ڍل فقط نالي ماتر آھي. جيڪڏھن زميندارن زمين جي ھر ٽڪري مان لاڀ پرائڻ جي ڪوشش ڪئي، تھ کين تمام گھڻو فائدو رسندو. پر اھي طبيعت جا آرسي آھن ۽ مان سمجھان ٿو تھ ڪجھھ وقت کان پوءِ، ايترو متوقع فائدو حاصل ڪري ڪونھ سگھندا. ھن علائقي ۾ کيتيءَ جا طريقا تمام پراڻي دؤر کان آھن. عام طور تي ڏسڻ ۾ اھو اچي ٿو، تھ ھرھڪ ھاري ايتري زمين کيڙي ٿو، جنھن جو ان فقط سندس ڪٽنب جي پورائي لاءِ ڪافي ھوندو آھي ۽ ھو ان مطابق حڪومت جو حصو ادا ڪندو آھي. اھو ڪڏھن بھ ڪونھ ڏٺو ويو آھي، تھ فصل ڪاھڻ کان پوءِ بھ، اڃا ڪاھھ واسطي سٺي رت ھوندي، تھ بھ ٻيءَ زمين ۾ ٻج ڪونھ وجھندا ۽ سمجھندا تھ سڄي سال لاءِ ان جو پورائو ٿي ويندو. کين خبر بھ ھوندي آھي، تھ ڍل جي پراڻي سرشتي موجب حڪومت پنھنجو مقرر حصو وٺندي، پوءِ آباديءَ ھيٺ زمين ٿوري ھجي يا گھڻي. نئين سرشتي کي آزمائڻ لاءِ ڏھن سالن جو عرصو ڪافي آھي. جيڪڏھن ھن پنھنجي زمين ۾ دل سان پورھيو ڪيو، تھ کيس زمين مان گھڻو اوپراسو ٿيندو.

(١١٨) مٿينءَ رپورٽ موجب زمين جي ٽڪرن جو انگ ۽ مقرر ٿيل ڍل جي شرح ھيٺ ڏجي ٿي:

 

سراسري في بيگھ جي حساب

ڍل جي

حڪومت جي

ڍل جي شرح

١٦٠٠ چورس وال

واسطي، ٣ آنا

روڪ رقم

١٦،٤٢٨ روپيھ

زمين جا ٽڪرا

٩،٩٠٥

(١١٩) ڍل جي مقرر ٿيڻ جو ڪم ڏاڍو دير سان پورو ٿيو. اھو فائدي وارو آھي، يا نقصان وارو، سو ھن وقت ٻڌائڻ ضروري نھ آھي. ھا، فقط ايترو چوڻ ئي ڪافي ٿيندو، تھ اسان جو ڪجھھ ڪيو آھي، ان جي سٺن نتيجن کان پر اميد آھيون. سو ڪھڙي ڏڪار وقت ڪا بھ ڍل وٺڻ ۾ ڪانھ ايندي.

”اسان جو ارادو آھي تھ، ٻئي سال پارڪر جي زمينن جي بھ اھڙي جوڙجڪ ٺاھجي. پر شرط اھو آھي، تھ سرويرن جون خدمتون حاصل ٿي وڃن.“

 

 

 


 

(1) The above figures and this remark are taken from an interesting paper on the population of Sindh, Mr. Dalzell Deputy Collector of Customs Karachi, forwarded to the Government by Commissioner in Sindh, in November 1855.

(1) Vide footnote to paragraph 66, the petition was for the resitutives of Bhoodesir.

(1) Palic Praja, or tenure of service, signifies that the occupant cultivates the land free, but is liable to be called on for service when the landed proprietor requires it. He occupies the land during the pleasure only of the landed proprietor, and has therefore no saleable or permanent right in the soil.

(2) Picking off the heads of the grain is the usual mode of gathering in the corn the Desert, leaving the stalks standing, while in Parkar, it is usually cut and carted the grain yards close to the village.

(1) The some what unusual course of making fixedness of tenure in any way dependent on good behaviour, was had recourse to from seeing the satisfactory result of the working of the system in the Vusaipotra and May tribes, and amongst the Khosas who cultivate land rent-free, but with the understanding that misbehaviour will cause forfeiture of the privilege.

(1) In letter No.98 of 1856, dated 8th March to Commissioner in Sindh.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9

ڇپائيندڙ پاران؛ سيڪريٽري س ا ب     ٻه اکر؛ ڊاڪٽر نواز علي شوق    مصنف پاران ؛ ايس اين رئڪس

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org