سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: اُٺا مينهن ملير

باب: --

صفحو : 7

هاڪڙي جي ڀرتي ڪندڙ ندين ۽ شاخن جا جدا جدا نالا هئا. هاڪڙي جي پنجاب واري هڪ وڏي شاخ جو نالو ”گهگهر“ هو، جنهن تي ”سرسا“ نالي شهر هو، جو چانورن جي وڏي منڊي هئي. جهڙيءَ طرح سنڌ ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي شهر گهوگهاري جا سڳداسي چانور مشهور آهن، اهڙيءَ طرح قديم هندستان ۾ ”سرسا“ جا چانور مشهور هئا. فيروز شاهه تغلق جي زماني ۾ گهگهر جي کوٽائي ڪرائي وئي هئي، ڇاڪاڻ اهو شهر جو گهڻي قدر لٽجي ويو هو.

جڏهن آريا هندستان ۾ آيا ته هاڪڙو موجود هو، ۽ پنهنجي شاخن سميت ڀرپور  وهندو هو. آرين جي شروعاتي زماني ۾ ”سرسوتي“ نالي هڪ ٻي ندي به موجود هئي. جيڪا ”جمنا“ ۽ ”ستلج“ جي وچان وهندي هئي، ۽ هاڪڙي سان اچي گڏبي هئي. ڪن جو خيال آهي ته گهگهر جو ٻيو نالو ”سرسوتي“ هو. ان کانسواءِ انهن ڏينهن ۾ ”دروشادوتي“ نالي هڪ بي ندي به هئي، جنهن کي چـﺂٽانگ به سڏيو ويندو هو. هن کي جمنا مان پاڻي ملندو هو، ۽ ”ڀور“ وٽ اچي ”گهگهر“ سان ملندي هئي. انهن ڀرتي ڪندڙ شاخن کانسواءِ ”ٽنگڙي“ ۽ ”نرڪنڊا“ به سيوالڪ مان نڪري اچي ساڻس ملنديون هيون. ”ستلج“  جو پراڻو وهڪرو به ”ولهار“ وٽ هاڪڙي سان ملندو هو. هي ميلاپ ”بهاولپور“ جي حد لڳ هو. جيئن ته ”گهگهر“ ۽ چوٽانگ تمام وڏيون ڀرتي ڪندڙ شاخون هيون؛ انهيءَ ڪري پنجاب ۾ هاڪڙي کي چوٽانگ ۽ گهگهر جي نالن سان به سڏيو ويندو هو.

پنجاب ۽ بهاولپور ۾ هاڪڙي ۽ ان جي شاخن تي هي مکيه شهر هئا، جن مان ڪيترا اڄ به موجود آهن: جلندر، لڌيانه، جيند، هانسي، حصار، سرسا، ڀٽينسر، نوهر، راوت ڳڙهه، سورت ڳڙهه، سردار ڳڙهه، انوپ ڳڙهه، قلع ڦولڙهه، قلع مروٽ، قلع موج ڳڙهه، دين ڳڙهه ۽ڊيره ور. هاڪڙي درياهه بابت، مروٽ جي پسگردائيءَ مان سرائڪي زبان جو هي قديم بيت مليو آهي:

اُچا ڪوٽ مروٽ دا، تلي وهي درياهه،

مين مڇلي درياهه دي، تو بگلا بن ڪي آءٌ.

مولانا عزيز الرحمان بهاولپوري ”تاريخ قلع مروٽ“ ۾ ڏيکاريو آهي ته عمر سومرو مروٽ جو حاڪم هو، ۽ مارئيءَ کي ”مروٽ“ جي قلمي ۾ قيد ڪيو هئائين. ڀائنجي ٿو ته ”مروٽ“ ۽ ”امرڪوٽ“ لفطن جي ڪجهه قدر هڪجهڙائيءَ جي ڪري، ٻنهي جي ساڳي درياهه هاڪڙي تي هجڻ جي ڪري ۽ ٻنهي شهرن تي سومرن حاڪمن جي حڪمراني هجڻ جي ڪري، اها غلط فهمي مشهور ٿي ويئي. مولانا عزيز الرحمان مارئيءَ متعلق هڪ سنڌي بيت به ڏنو آهي، جيڪو کيس ”مروٽ“ جي پسگردائيءَ مان مليو، اهو بيت هي آهي:

عمر ! ڀڃ نه آنچ، ناڪر زور ضعيف سان،

هت نه هوندا هيترا، ٻيا در مٿي دربان،

ويندا هي فيل فنا ٿي، سڀ نغارا نيشان،

قاضي ٿيندا پاڻ، شرع ڪندا سومرا.

ويهين صديءَ جي شروعات ۾ مروٽ جي قديم قلعي جي ڀرسان هاڪڙي جي ڀيٽ مان هڪ مورتي لڌي ويئي هئي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ان هنڌ هاڪڙي جي ڪناري تي وڏو مندر هو. بهاولپور ۾ هاڪڙي جي پراڻي پيٽ ۾ هي پتڻ اڃا تائين نمايان آهن:

1- پتڻ منارار رحيم يار خان، 2- جانڏا کانڏا (قلعي ڊيراور جي ويجهو احمد پور شرقه تحصيل ۾ واقع آهي). 3 – ڌارا پسا (چولستان ۾ واقع آهي).

انهن کانسواءِ بهاولپور ۾ هاڪڙا تهذيب جا هي دڙا ۽ ڀڙا به مشهور آهن:

1. سيورائي يا سرواهي (سنجرپور جي ويجهو، تحصيل احمد پور لمه ۾ واقع آهي). 2. ٽامي والي ٽبه (تحصيل خيرپور ۾ واقع آهي). 3- ٺيراته (تحصيل احمد پور شرقيع ۾ واقع آهي.) 4. رائڪه. هتان سون ۽ چانديءَ جي گڏيل ڌات مان ٺهيل سڪا به لڌا ويا هئا، جيڪي بهاولپور جي ميوزيم ۾ رکيل آهن.

سنڌ ۾ هن درياهه کي هاڪڙي کانسواءِ ريڻي، وهندو ۽ نارو يا ڍورو جي نالن سان به ياد ڪيو ويندو هو؛ ڇاڪاڻ جو اهي سندس شاخن يا حصن جا نالا هئا. ”وهندو“ ويڪرو ۽ ترکڙو هو، ۽ ”ريڻي“ اونهي هئي. ”وهندو“ روهڙيءَ کان مٿي هاڪڙي سان ملندو هو. روهڙيءَ کان مٿان ميرپور ماٿيلي لڳ ”ڏيٿڙي“ جو ڳوٺ آهي؛ جو اڳ ”هاڪڙي“ تي بندر هو. ان جا آثار ڊڀ ڏيٿڙي ڳوٺ جي ڀرسان هڪ ڦٽل دڙي جي صورت ۾ موجود آهن. هتان هڪ واهه هاڪڙي مان نڪري جيسلمير ۾ وڃي ٻن شاخن ۾ ورهائجي ويندو هو. انهن مان هڪ شاخ جو نالو لڊاڻو هو. مومل جي ڪاڪ انهيءَ لڊاڻي ڪپ تي هئي. شاهه لطيف چيو آهي:

ڪاڪ ڪڙهي، وڻ ويا، لٺو لڊاڻو،

تو پڄاڻان سپرين، آتڻ اجهاڻو،

مين سين ماڻو، مناسب نه مينڌرا.

سومرن جي زماني ۾ لڊاڻو سڪي ويو، جنهن ڪري ڪاڪ ويراني ۾ تبديل ٿي ويئي. هاڪڙي جو وهڪرو اروڙ وٽان اچي گذرندو هو، جنهن ڪري سنڌو درياهه جي ويجهو اچي پوندو هو. ”هڪڙا“ ڳوٺ اڄ به اروڙ جي اولهه ۾ ٻن ميلن جي مفاصلي تي موجود آهي. نارو واهه جڏهن سکر براج مان پئي ڪڍيو ويو، تڏهن روهڙيءَ کان اڍائي ميلن جي مفاصلي تي کوٽائيءَ جي دوران هڪ ڦٽل شهر جا آثار مليا، هي شهر به هاڪڙي جي ڪناري تي هوندو. اروڙ جو شهر به هاڪڙي جي ڪري ئي سرسبز ۽ خوشحال شهر هو. هاڪڙي جي خشڪ ٿي وڃڻ جي ڪري، اروڙ به ويران ٿي ويو. سومرن جي زماني ۾ جڏهن هاڪڙي ۾ پاڻي ٿورو هوندو هو، اروڙ جو حاڪم اروڙ وٽ درياهه ۾ بند ٻڌرائي اروڙ جي پسگردائيءَ جا باغ ۽ ٻنيون سيراب ڪرائيندو هو. انهيءَ ڪري سنڌ جي هيٺين حصي جا ماڻهو پيا دعائون گهرندا هئا، ته خدا ڪري ته هاڪڙو ڀرپور وهي، ته اروڙ جي ٻنڌ ڀڄي ۽ ٺٽي جي حاڪم سمي ڏانهن بهه، مڇي ۽ لوڙهه سوکڙي طور وڃن. ماموئي فقير جو هي بيت سندن جذبات ۽ احساسات جي ترجماني ڪري ٿو.

هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،

بهه، مڇي ۽ لوڙهه، سمي ويندا سوکڙي.

هاڪڙي جي وري وهڻ جي تمنا جو اظهار بهاولپور جي سرائڪي بيتن مان به ٿئي ٿو. هڪ شاعر هاڪڙي جي هڪ حصي جي حاڪم سوڍا راءِ کي سنڀاريندي هاڪڙي جي وري وهڻ جي تمنا جو اظهار هن طرح ڪيو آهي:

هڪڙا واهڻ ڀي وهسي، نديان وهسن پور،

نه ڄايا نه ڄمسي، سوڍا راءِ امير.

ساڳيو بيت هن نموني به مليو آهي:

هڪڙا  ڦير ڀي وهسي، نديان وهسن پور،

نه ڄايا نه ڄمسي، سواڍا راءِ امير.

اروڙ کان هيٺ به هاڪڙي جون ڪيتريون ئي شاخون هيون، جن مان ڪيتريون سنڌونديءَ سان به وڃي ملنديون هيون. ڪوٽ ڏيجي، هالا ڪنڊي (هالا)، برهمن آباد، منصوره ۽ پٽاله (نيرن ڪوٽ يا حيدرآباد) انهن شاخن تي واقع هئا.

هاڪڙي جو وهڪرو اروڙ وٽان لنگهي، خيرپرو ۽ سانگهڙ ضلعن مان لنگهي ڳوٺ غلام نبي شاهه وٽان اچي ٿرپارڪر ضلعي ۾ داخل ٿيندو هو. ٿرپارڪر ضلعي جي ڏيپلي تعلقي ۾ ڪلوئي ڳوٺ جي سامهون ڄام سمي جي گاديءَ جو هنڌ هو. اڳي ذڪر ڪيل بيت ۾ جنهن سمي حاڪم جو ذڪر آهي، اِهو اُهو سمو هو. هن راڄڌانيءَ جا آثار ”ارڻيءَ جي دڙي“ جي صورت ۾ موجود آهن.

اروڙ کان هيٺ هاڪڙي کي نارو يا ڍورو به سڏيو ويندو هو. هڪ شاعر رمضان ماڇيءَ اروڙ جي ٻنڌ جو ذڪر ڪري، ناري جو نالو آندو آهي.

”ڀڳي ٻنڌ اروڙ، ٿيو نارو نروار....“

عام طرح ماڻهو ”ڍورو“ به سڏيندا هئا. انهيءَ ڪري سومرن جي دور جي مشهور شاعر سمنگ چارڻ اروڙ جي سومري حاڪم کي ”ڍوري راءِ“ سڏيو آهي.

ڍري ڍوري راءِ، جنهنجو چارڻ سان کاهه،

پٽڻ پٽي جو ٿيو، سيج وتايو ساهه،

هميران پو راهه، راڄ نه ڪندا سومرا.

صديق فقير سومري جي هڪ بيت ۾ به ڍوري جو نالو اچي ٿو:

چونري منجهان چور، ويا ويچارا نڪري،

ڍوري اندر ڍور، سـڃا چرن صديق چئي.

سنڌ جي هيٺاهين حصي ۾ ”پراڻ“ نالي درياهه جو نالو به ملي ٿو. هي انهيءَ واهه جو نالو هو، جيڪو سنڌونديءَ مان نڪري هاڪڙي درياهه ۾ پوندو هو. پراڻ جو نالو به ڪيترن ئي شاعرن جي شعر ۾ ملي ٿو. شاهه صاحب جي هڪ بيت ۾ هن طرح آيو آهي:

”وٺا پٽ پراڻ جا، وٺيون ساماري“

شاهه عنات رضويءَ چيو آهي:

”وٺا پٽ پراڻ، ڀر ونگي واڌايون“

پراڻ جون ٻه شاخون هيون: ”الهندو پراڻ“ ۽ ”اڀرندو پراڻ“. اڀرندي پراڻ جي ساڄي ڪپ تي ونگاهه، سندري، علي بندر، ۽ الهندي پراڻ تي سومرن جو پهريون تخت گاهه ”ٿري“، اگهماڻي ۽ ڍرڪ جا وڏا شهر هئا. پراڻ ۾ ڪلهوڙن جي زماني تائين ڪجهه قدر پاڻي موجود هو. سنه 1763ع ۾ غلام شاهه ڪلهوڙي ڪڇ جي راءِ کان سندري جو بندر، لکپت ۽ سويستا جا بندر فتح ڪري، ٿر کي آباد ڪرڻ لاءِ ”موري“ وٽ پراڻ کي بند ٻڌايو هو، جيڪو 1819ع جي زلزلي ۾ ڊهي ويو. پراڻ جا ڦٽل آثار اڄ به ٿرپارڪر ضلعي ۾ موجود آهن.

ٻنهي پراڻن جي الهندي ۾ ”ريڻ“ نالي هڪ وڏي شاخ هئي، جيڪا پهريائين هاڪڙي مان وهندي هئي، پر پوءِ هاڪڙي جي سڪي وڃڻ کانپوءِ سنڌونديءَ مان وهندي، ڪڇ جي رڻ ۾ ختم ٿيندي هئي. هن شاخ تي ”جوڻ“ ۽ ”فتح ڳڙهه“ جا مشهور شهر هئا، جي سرسبزيءَ ۽ باغات کان تمام مشهور هئا. ارغونن جي زماني تائين ”ريڻ“ ۾ پاڻي جام هو. آخر هن شاخ جو پاڻي سڪندي سڪي ويو، ۽ ماموئي درويش جي هيءَ پيشنگوئي پوري نڪتي:

اچي ويجها ماڙهئا، ننگر جي آڍار،

پراڻا پرار، نوان نه اڏجو نجهرا.

سنڌو ندي ۽ هاڪڙي کي ملائيندڙ هڪ شاخ جو نالو ”سانگهڙو“ به هو. نصرپور جو شهر به هن شاخ تي هو. عرب مورخ مسعوديءَ جو بيان آهي ته جتي هيءَ شاخ وڃي سمنڊ ۾ پوندي هئي، اتان ”ديبل“ بندر ٻن ڏينهن جي پنڌ تي هو.

سنڌ جي هيٺاهين حصي ۾ هاڪڙي تهذيب جي ويران شهرن جا ڪيترائي دڙا ۽ ڀڙا  ملن ٿا، انهن مان ڪن دڙن ۽ ڀڙن جا نالا هي آهن:

1.        داسڙن جو دڙو (شادي پلي اسٽيسن کان اولهه طرف).

2.       ڀوريءَ جو دڙو (صالح ڀنڀري اسٽيشن کان ٻه ميل اولهه طرف).

3.       همير جو ڀڙو (”صوفي فقير“ ڳوٺ کان ميل پنڌ تي).

4.       حسن باغبان جو ڀڙو (ساماري شهر ۽ روڊ جي وچ تي).

5.        پٽڻ جو ڀڙو (ساماري روڊ کان اتر طرف).

6.       ٽـُٻهينءَ جو دڙو (ساماري روڊ کان اتر طرف).

7.       راڻي جو ڀڙو (همير جي ڀڙي کان ميل کن اوڀر طرف).

8.       مومل جوڀڙو (عمر ڪوٽ کان ميل کن ڏکڻ طرف).

9.       سون پري جي ڀڙي (ٿر واهه ڪرنا موري جي اوڀر طرف).

10.   آمراڻو (عمر ڪوٽ کان ٽي ميل اتر طرف).

11.    نور علي شاهه جي ڀڙي (هيرل واهه جي تيرهين ميل واري موريءَ کان اتر طرف).

12.   راهوندين جي ڀڙي (ڍوري جي اڀرندي پاسي).

13.   ڳاڙهو ڀڙو (پٽڻ جي ڀڙي کان چئن ميلن تي).

14.   ليهور جو ڀڙو (پٽڻ جي پسگردائيءَ ۾).

15.    ليلان جي ماڙي.

16.   ڪينجهه جي ماڙي يا ڀڙو.

17.   ڪونروءَ جي ماڙي (هي ٽئي ڀڙا پٽڻ جي پسگردائيءَ ۾ آهن).

18.   پچٽ جو ڀڙو.

19.   ساميءَ جو ڍير (هي ٻئي ڀڙا ديهه 12 هيرل ۾ آهن).

20.  کن يا خانپور جا دڙا (صالح ڀنڀرو اسٽيشن لڳ).

21.   نهٽي جو ڀڙو يا جکري جو شهر (مهراڻي جي علائقي ۾ موجود ”نهٽي“ ڳوٺ لڳ آهي. هن ڀڙي بابت محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جو تحقيقي مضمون انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي سالياني انگريزي بليٽن، واليوم 3، نمبر 2 ۽ 3 شايع ٿيو آهي).

دڙن ۽ ڀڙن کان سواءِ هيٺاهين سنڌ ۾ ڪيتريون ڍنڍون، هاڪڙي جي هاڪاري وهڪري جي يادگيري ڏياري رهيون آهن.

انهن ڍنڍن مان هي ڍنڍون مشهور آهن:

ڳانهياري، بگري، ٽيڀري، اهري، ڳموري، ڪپوراڙو، آهُر، لڱڻي وغيره.

اهي اهڃاڻ ۽ آثار ٻڌائين ٿا ته هاڪڙا تهذيب هڪ عاليشان تهذيب هئي، جيڪا هاڪڙي درياهه جي خشڪ ٿي وڃڻ جي ڪري، ويران ٿي ويئي. شاهه لطيف اهي ويرانيون ڏسي، وڏي عبرت حاصل ڪئي هئي، ۽ سر ڏهر ۾ دنيا جي فنائيت موثر انداز ۾ پيش ڪئي آهي. هاڪڙي درياهه جي ويران ٿيل شاخ پٽهيل کي مخاطب ٿي چوي ٿو:

پٽهيل! تو ۾ پور، اڳيون آهه نه آب جو،

سڪئينءَ ڪهڙي سور، پيئي واري وچ ۾.

هاڪڙي جي ويران واهه تي بيٺل ڪنڊي کي مخاطب ٿي چوي ٿو:

ڪرڪا ويهي ڳالهه، ڪنڊا ڍور ڌڻين جي،

ههڙي اڄ تون حال، ڏکيا ڏينهن گذارئين.

هينئر اهو ڏسڻو آهي ته هي عظيم الشان درياهه ڪيئن ۽ ڪڏهن سڪي ويو؟ 324 ق – م سڪندر مقدوني سنڌ تي ڪاهي آيو. فوج کانسواءِ عالم، فاضل ۽ مختلف فن جا ماهر به ساڻس گڏ هئا. ٻين ڳالهين سان گڏ، هن پنهنجي عالمن ۽ ماهرن کان سنڌ جي ڊيلٽا جي کوجنا به ڪرائي هئي. هن کوجنا ڪندڙ جماعت جو سربراهه ”ارسطو بيولس“ هو. سنڌو ندي ۽ هاڪڙي جي ڊيلٽا جي کوجنا ڪندي، کيس هاڪڙي جي ڊيلٽا ۾ ڪيترن ئي ويران شهرن جا آثار نظر آيا. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته هاڪڙو سڪندر مقدونيءَ جي اچڻ کان اڳ سڪي ويو هو. ان جو ٻيو ثبوت اهو به آهي ته يوناني ماهرن سنڌونديءَ سان گڏوگڏ وهندڙ هڪ ٻئي ۽ جداگانه درياهه جو ذڪر نه ڪيو آهي. آثار قديم جي ماهرن ۽ سنڌو درياهه جي ڄاڻن جو خيال آهي ته اهو ناممڪن آهي ته هاڪڙو ان وقت هڪ جداگانه درياهه جي حيثيت ۾ وهندو هجي ۽ يوناني عالمن ۽ ماهرن کي کوجنا ڪرڻ کان پوءِ به ان جي خبر نه پيئي هجي.

هندن جي ڏند ڪٿائن موجب اندازو لڳايو ويو آهي ته 1400 ق.م ۾ مهاڀارت جي زماني ۾ سرسوتي ۽ دروشادتي ندين جا منهن بلڪل لٽجي ويا، جنهن ڪري هاڪڙي جي جداگانه درياهه جي حيثيت سان وهڻ واري حيثيت به ختم ٿي ويئي، ڇاڪاڻ جو هاڪڙي جون مکيه ڀرتي ڪندڙ نديون سرسوتي ۽ دروشادتي ئي هيون

جيتوڻيڪ هاڪڙي جي اڳين حيثيت ختم ٿي ويئي، تڏهن به سندس ڪي شاخون ستلج ۽ سنڌو درياهه مان وهنديون رهيون. جيئن ته سندس وچ وارا ڪي حصا هميشه لاءِ خشڪ رهڻ لڳا،  انهيءَ ڪري هو جداگانه درياهه نه رهيو، پر ٽڪر ٽڪر ٿي، جدا درياهن جون شاخون ٿي ويو. گهگهر مٿان وهي، مٿي ئي ختم ٿي ويندو هو، ”ڍورو“ يا ”نارو“ اروڙ وٽان سنڌو درياهه مان نڪري، سندس پيٽ مان وهندو هو. اروڙ کان مٿيون حصو به هڪ واهه جي حيثيت سان وهندو هو، جنهن مان لڊاڻو نڪرندو هو. هيٺان ريڻ سنڌو درياهه مان وهي، ڪڇ جي رڻ ۾ ختم ٿيندي هئي. لڊاڻي جو وهڻ سومرن جي زماني تائين ثابت ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ جو انهن ڏينهن ۾ مومل جي ڪاڪ ان جي ڪنڌيءَ تي آباد هئي. انهيءَ ئي زماني ۾ لڊاڻو خشڪ ٿي ويو، جنهن ڪري ڪاڪ ويرانيءَ ۾ تبديل ٿي ويئي.

مروٽ جي قلعي جي جيني مت جي هندن ۽ ٻين هندن ۾ هاڪڙي جي سڪي وڃڻ بعد عجيب ڏندڪٿائون مشهور هيون، مولوي عبدالمالڪ صاحب به اهڙي ئي هڪ ڏندڪٿا بيان ڪئي آهي. البته ان مان ايترو معلوم ٿئي ٿو ته هاڪڙو حضرت غوث بهاؤالحق ملتانيءَ جي ڏينهن ۾ خشڪ ٿي ويو. هاڪڙي جي اڳين حيثيت ته گهڻو اڳي ختم ٿي چڪي هئي، پر پويون وهڪرو به 13 يا 14  صدي عيوسيءَ ۾ بهاولپور مان بند ٿي ويو.

ضرورت آهي ته هاڪڙا تهذيب جي دڙن ۽ ڀڙن جي کوٽائي ڪئِي وڃي، ۽ هاڪڙا تهذيب  جو اڀياس چڱيءَ طرح ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ جو هن تهذيب تي اڃان تائين ڪو به خاطر خواهه ڪم نه ٿيو آهي.

ماخذ

1.       Cambridge History of India, volL:1.

2.      Hughes, A.W, Gazetteer of the Province of SInd.

3.       Max murde, capt, Journel of Royal Asiatic Society VolL: 1

4.      Atkin, E.H. “Gazeteer of the Province of SInd”

5.      Dr. H.T Sorely: Gazetteer of Sind. 1968.

6.      Bulletin of Institute of Sindhology. VolL: III, Nos. 2 & 3.

7.      Burton, R.F, “SIND”

8.      Burton, R.F, “SInd Revisited”

9.      Raverty, “Mihran of sind & its trilbutaries”

10.   Imperial Gazetteer

11.    Pithawala. M.B, “Historical geography of sind”.

12.   Pithawala, M.B, “A geographical analysis of the lower Indus basin (SIND)

13.   Pithawala, M.B, “A physical & economic geography of sindh”

14.   M.R Haig “Indus delta country”

15.   Tod: Rajisthan.

16.   H.T, Lambrick: SIND,A general introduction

17.     Burnes Lt. A, “Travels in bokhara”.

18. وقائع راجسٿان – مولانا نجم الغني

19. تحفـﺔ الڪرام – مير علي شير قانع ٺٽوي

20.            جنت السنڌ. مير رحيم داد خان مولائي شيدائي

21. سالنامه روزانه مهراڻ، سال 1958ع. مضمون مير رحيم داد خان مولائي شيدائي.

22.            چچ نامه- سنڌي ترجمو- مخدوم امير احمد

23.            تاريخ معصومي- سنڌي ترجمو- مخدوم امير احمد

24.            الوحيد- ”سنڌ آزاد نمبر“

25.تذڪره لطفي- جلد-1 لطف الله بدوي.

26.            تاريخ قوم هڪڙا- ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، 1966ع

27.            تاريخ جهان ڪشاء جويني (گب ميموريل ايڊيشن) جلد2

28.            تاريخ فيروز شاهي- برني (ڪلڪته ايڊيشن)

29.            مروج الذهب و معادن الجوهر- ابوالحسن علي مسعودي

30.            هندوستان عربون ڪي نظر مين- جلد 1 ۽ 2

31. عرب و هند ڪي تعلقات- سيد سليمان ندوي.

32.            بيان العارفينن سنڌي – ترتيب ۽ اپٽار: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي. (اڻ ڇپيل) پي ايڇ ڊي لاءِ لکيل مقالو.

33.            ناري سب ڊويزن جو سنڌ ادب ۾ حصو- محمد عمر معمور يوسفاڻي. ايم اي لاءِ لکيل مقالو (اڻ ڇپيل)

34.            ناري سب ڊويزن جي قبرستانن جي ڪتبن جو مطالعو- الهه بچايو آريسر. ايم اي لاءِ لکيل مقالو (اڻ ڇپيل)

35.قديم سنڌ، ان جا شهر ۽ ماڻهو – مرزا قليچ بيگ.

36.            سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ – ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.

37.            ڳاهن سان ڳالهيون- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.

38.            ذڪر ڪرام – حفيظ الرحمان بهاولپوري.

39.            قلعه پهولڙه- مولانا عزيزالرحمان بهاولپوري.

40.            قلعه موجڳڙهه - مولانا عزيزالرحمان بهاولپوري.

41. قلعه مروٽ - مولانا عزيزالرحمان بهاولپوري.

42.            تاريخ ڊيرا ور - مولانا عزيزالرحمان بهاولپوري.

43.            ڪريم جو ڪلام- ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي.

سارنگ سڪي وڄ کي، وڄ وراڪي پَٽ،

”صادق“ سونهن پرين جي، تنهن جو ملهه نه مَٽ،

آءُ پرين! مون وٽ، ته اوسر اوسيئڙو لهي.

         -صوفي صادق فقير رحه

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org