سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: اُٺا مينهن ملير

باب: --

صفحو : 5

مولانا غلام محمد ”گرامي“

ايڊيٽر ”مهراڻ“ سه ماهي

سنڌ جي عظمت جا اُهڃاڻ

(تقرير)

دوستو ۽ بزرگو!

 سڀ کان اول انهن مخلص عزيزن ۽ دوستن جو احسان مڃڻ گهرجي، جن جي ڪوششن ۽ ڪاوش سان هن قسم جي علمي تقريب منعقد ٿي آهي، جنهن ۾ ”سنڌ صدين کان“ جي عنوان هيٺ علمي ۽ تحقيقي مذاڪري جو اهتمام ڪيو ويو آهي، ۽ سنڌ جي برک عالمن ۽ محققن جي خيالات ۽ تحقيقي مقالات مان اسان پارن لاءِ استفادي جي صورت پيدا ڪئي ويئي آهي. ان طرح هتي هڪ نمائش پڻ رکي وئي آهي، جنهن ۾ هن ضلعي جي هنر ۽ ڪاريگري، صنعت ۽حرفت، فني تخليقات ۽ حسين مصنوعات، قديم آثارن ۽ جديد ساز سامان کي ڏاڍي سليقي ۽ ترتيب سان رکيو ويو آهي، جنهن کي ڏسي سنڌ جي ذوق جماليات، سنڌ جي حسين ۽ دلڪش نظريه حيات، سنڌ جي هنرمندن ۽ ڪاريگرن جي ذوق هنرمندي، سنڌ جي سٻاجهڙن ۽ سونهن وارن جي پاڪيزه ملبوسات جو صحيح اندازو لڳائي سگهجي ٿو، جن کي ڏسي پسي ولوله انگيز ۽ حسن آفرين جذبات موجزن ٿين ٿا ۽ ’سنڌ‘ جون متلاشي ۽ آسائتيون اکيون ٺرن ٿيون.

بزرگو! انساني ارتقا جي تاريخ ۾ سنڌ کي وڏو مقام حاصل ٿي چڪو آهي. سنڌ ’حسن‘، ’حق ‘، ’خير  ‘ جي بهترين قدرن جي جامع ۽ مرڪزي سرزمين آهي. ان جي هر پهلوءَ تي گفتگو ڪرڻ جي ڪافي گنجائش رهي ٿي. اوهان سنڌ جي تاريخي عظمت ۽ قدامت، ان جي هنر ۽ تجارت، ان جي قديم بين القوامي تعلقات، موهن جي دڙي جي ماحول ۽ تاريخي اثرات، ان جي قديم دور واري نظام آبپاشي، درياهن ۽ ڍنڍن، ڍورن ۽ واهن متعلق تاريخي معلومات، سنڌ جي نظريه حيات ۽ سنڌ ۾ سماجي ۽ معاشي اصولن ۽ معيارن جي ارتقا ۽ سنڌ جي علم ادب متعلق ڪافي روح آفرين ۽ معلومات افزا خيالات ٻڌي چڪا آهيو. جن جي ٻڌڻ سان اسان کي ”سنڌ“ جي تاريخي عظمت متعلق ڪافي نئين معلومات حاصل ٿي آهي.

آءٌ ناچيز فقط ايترو ئي چئي سگهان ٿو ته سنڌ جو هڪ اخلاقي، روحاني ۽ مذهبي پهلو پڻ آهي. سنڌ جي سرزمين هڪ برڪت ڀري زمين آهي. سنڌ جي زمين صوفياء عظام جو مرڪز به رهي آهي. سنڌ جي شاعرن وٽ زندگيءَ جي بهترين آدرش جي ترجماني به موجود آهي. سنڌ ۾ زندگيءَ جي اخلاقي نصب العين جي آبياري به ٿي آهي. سنڌ ۾ زندگيءَ جو اخوت ۽ مساوات، ڀائپيءَ ۽ برادريءَ تي مشتمل تعبير پيدا ٿيو آهي. تاريخي خيال کان سنڌ جو مقدس خطو پوري انساني تاريخ ۾ انسان جي ارتقا ۽ نشونما جي حيثيت سان سڀ کان پهريون مرڪز ۽ سڀ کان پهريون سرچشمه حيات رهيو آهي. تقدس ۽ احترام، عظمت ۽ قدامت جو اهو تاج فقط ’سنڌ‘ جي سِر تي آهي. افسوس هي آهي ته اڄ تائين ”سنڌ ۾ مذهب جي ارتقا“ متعلق ڪا به جامع ۽ علمي تصنيف نه لکي ويئي آهي. جنهن ۾ موهن جي دڙي يعني عيسيٰ عليه السلام کان ڏهه هزار سال اڳ واري دور کان ويندي اڄ تائين مختلف تاريخي قومن جي نيم مذهبي رسومات توڙي تاريخي دور جي مذهبن جي ارتقا ۽ تعليمات متعلق علمي ۽ فڪري بحث ڪيو ويو هجي. ان سلسلي ۾ مون ناچيز ان عنوان تي ڪافي لکيو آهي، مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ممڪن آهي ته شايع ڪري سگهجي.

حضرات! هن سرزمين تي مذهب ۽ عقيدي، نيم تاريخي ۽ نيم مذهبي رسومات جي باهمي اشتراڪ سان پيدا ٿيل آدرش جي اخلاقي تاريخ نهايت حيرت انگيز آهي. ان ڪري ئي عرض ڪيو اٿم ته ساري دنيا جي مذهبن ۽  اصولن، انسان ذات جي عقيدن ۽ رسمن، سڀني قومن جي معاشي ۽ معاشرتي قدرن جي جامع سرزمين اگر ڪا آهي ته پوءِ اها فقط ’سنڌ‘ آهي. سڀني مذهبن، عقيدن، نظرين، اصولن ۽ انهن جي جامع نصب العين جي مشترڪه تخليق اگر ڪٿي ٿي آهي ته پوءِ اها فقط ’سنڌ‘ ئي آهي. دنيا جو ٻيو ڪو به خطو سنڌ جي ان تقدس ۽ عظمت سان مقابلو ڪري نه ٿو سگهي. اسان لاءِ سنڌ ئي سڀڪجهه آهي.

”ديس سچل دا دُرس درازا، مڪو نا ملتان“.

به ان حيثيت سان چيو ويو آهي.

حضرات! سنڌ لفظ جي قدامت متعلق فقط ايترو چئي سگهجي ٿو ته سڀ کان اول اسان کي سُميرين تهذيبن جي نيم تاريخي داستانن ۾ سنڌ جا ڪي اُهڃاڻ ملن ٿا. ان سلسلي ۾ عراق جي آثار قديمه جي کوٽاين مان، پڪين فرحين تي اُڪريل ”گل گامش“ جو داستان ملي ٿو، جنهن ۾ هڪ ”سنڌي سورمو“ نظر اچي ٿو، جنهن جي زباني گفتگو ۽ شاعريءَ ۾ سندس سنڌي هجڻ متعلق فخريه ڪلام ملي ٿو ۽ ان سان گڏ هو سنڌ کي ”پورب – جوتي“ سڏي چوي ٿو ته ”منهنجو وطن اهو آهي، جتان سج جا ڪرڻا طلوع ٿي، ساري دنيا کي روشن ڪن ٿا.“ تاريخي طور ”گُل گامش“ جو داستان حضرت مسيح کان هزارين سال اڳ جو آهي. ان متعلق يورپ ۾ ڪافي تحقيق ٿي چڪي آهي.

ان کانپوءِ رومن شهنشاهيت جي تاريخي ڪتابن ۾ سنڌ جي ”ڪڻڪ“ جو ذڪر ملي ٿو، جا اٽليءَ جي پراڻن دڙن ۽ ويران ٿيل شهرن مان ڳولي لڌي ويئي آهي.

ان طرح ”زند اوستا“ ۾ سنڌ جو ذڪر ملي ٿو، جو مسيح کان هزارين سال اڳ پيدا ٿيل ايراني مصلح ۽ پيغمبر زردشت اعظم جو مذهبي ڪتاب آهي. منهنجو خيال آهي ته خود لفظ ”زند“ به سنڌ ئي آهي، ۽ ”اوستا“ ان جي شرح آهي. ان بابت تحقيق ٿيڻ گهرجي.

ان طرح سان رگ ويد ۾ سنڌ جي درياهه ”سنڌو“ ۽ ان جي ڪنارن تي رهندڙ دراوڙن جي شاندار تهذيب متعلق اشلوڪ ملن ٿا. خود آرين جي دور ۾ سنڌ جي چراگاهن، گهوڙن، هٿيارن، رَٿن، ٿانوَن ۽ مذهبي رسمن جا آثار ملن ٿا. ان ڪري تمام ضروري آهي ته رگ ويد کي مطالع ڪرڻ گهرجي ۽ ان جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ گهرجي.

ان طرح موهن  جي دڙي متعلق قديم ۽ جديد کوجنائن مان اتي جي مذهبي رسمن، تجارت، ٻيڙن، غذا، دوائن، سڪن، نالن ۽ پيداواري چيزن جو ذڪر ملي ٿو.

ان کان پوءِ سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم، جين ڌرم ۽ هندو ڌرم جي تاريخي ڪشمڪش ملي ٿي، جا تاريخ جي هزارن سالن تي حاوي آهي. هيءَ ئي مقدس زمين آهي، جنهن ۾ رام جو اچڻ ثابت آهي ۽ ان کان علاوه مهاتما ٻڌ به هت اچي پير گهمايا آهن.

ان طرح دنيا جي ٻاهرين قومن مان آريه، سٿين، ساڪ، پارٿي، هڻ، يوناني، گوجر، مغل، ارغون، ترخان، منگول، ترڪ، پٺاڻ، ۽ عرب قومون آيون، جن جا مذهبي ۽ نيم مذهبي عقيدا ۽ آثار هن سرزمين ۾ اچي پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي ويا. مطلب ته دنيا جي مڙني تاريخي ۽ نيم تاريخي مذهبن ۽ قومن جا عقيدا ۽ متا هت پهتا ۽ هتي جي فلسفه حيات جو جز بڻجي هتي جي زندگيءَ ۾ هميشه لاءِ ضم ٿي، ختم ٿي ويا. موجوده سنڌي تهذيب انهن سڀني قدرن ۽ نظرين جو قدر مشترڪ آهي.

ان سلسلي ۾ مصر جي قديم آثارن ۽ اهرامن جي لکتن ۾ سنڌ جو ذڪر ملي ٿو. فرعونن جي لاشن لاءِ ممي ٺاهڻ لاءِ مسالو به سنڌ مان ويندو هو. ان سلسلي ۾ گگر، کونئر، لاک، نير ۽ مينديءَ جو ذڪر ملي ٿو. ان کان علاوه فرعونن جي حملن بابت به حوالا ملن ٿا. ان سلسلي ۾ هڪ مصري راڻيءَ جي حملي جو احوال ملي ٿو، جا سنڌ مان شڪست کائي، جان بچائي،  مصر رواني ٿي هئي.

ان طرح سان ڪن مورخن حصرت موسيٰ عليه السلام جو سنڌ ۾ اچڻ به بيان ڪيو آهي. اها حقيقت آهي ته موسيٰ عليه السلام ۽ سندس امت يهودين جي طول طويل سفر جو احوال توريت ۾ موجود آهي. اها به حقيقت آهي ته افغانستان جا افغنه يهودي نسل جا آهن،  جي هن وقت مسلمان آهن. افغانستان جي موجوده آباديءَ جا آبا ۽ اجداد يهودي ئي هئا. ان خيال سان ائين چوڻ ته موسيٰ عليه السلام به هن خطي ۾ آيو هو، حقيقت جي خلاف نه ٿو چئي سگهجي.

ان طرح سليمان عليه السلام متعلق به توريت ۾ آيل آهي ته سندس لاءِ سنڌ مان مور، اگر، مشڪ، عنبر، گينڊا ۽ سون وغيره ٻيڙن جي رستي يروشلم گهرايا ويندا هئا، جي هيڪل سليمانيءَ  لاءِ استعمال ٿيندا هئا. ان متعلق علامه ابن خلدون به ذڪر ڪيو آهي.

ساڳيءَ طرح انجيل مقدس ۾ سنڌ جو واضح ذڪر موجود آهي. سنڌ جي نفيس ۽ ملائم ململ کي انجيل ۾ ”سنڊڻ“ (Sindon) سڏيو ويو آهي، جيڪو لفظ اصل ”سنڌڻ“ آهي. ان بابت انجيل ۾ آيل آهي ته صليب تان لاهڻ کانپوءِ حضرت مسيح عليه السلام کي جنهن ڪپڙي ۾ ويڙهيو ويو هو،سو ڪپڙو ”سنڌ“ جو هو، جنهن جو نالو هو ”سنڊڻ“ (يعني سنڌڻ). انجيل مقدس ۾ سنڌ جي سـُٽ مان ٺهيل رسن جو پڻ ذڪر ملي ٿو، جي پراڻي زماني ۾ ٻيڙن کي ٻڌڻ لاءِ ڪتب ايندا هئا. بهرحال، اهي سڀ تاريخي مسئلا حضرت مسيح کان هزارين سال اڳ کان شروع ٿين ٿا ۽ مسيح عليه السلام تائين پهچن ٿا.

معزز حضرات و خواتين!

هي جو ڪجهه عرض ڪيو اٿم، سو اسلام کان هزارين سال اڳ جي تاريخي ۽ مذهبي واقعن تائين محدود آهي. ان سلسلي ۾ مان اسلام جي دور متعلق چند حقيقتون پيش ڪندس، جي غور سان ٻڌندا.

دوستو!

عالمن ۽ محققن ثابت ڪيو آهي ته قرآن ڪريم ۾ سنڌ جي چند چيزن جو ذڪر موجود آهي. قرآن ۾ بهشتي زندگيءَ جي منظر ڪشي ڪندي چيو ويو آهي ته اتي اهڙا شراب استعمال ڪيا ويندا، جن جو مزاج سنڍ ۽ ڪافور جهڙو هوندو.

”کانَ مِزاجه زَنجبَيلا- کانَ مِزاجـُﮧ‘ ڪافورا.“

ان طرح قرآن ۾ ”مشڪ“ کي ”مسڪ“ چيو ويو آهي. يهودين جي ذڪر ۾ قرآن ٻڌائي ٿو ته يهودين ٿوم ۽ بصر جي تقاضا ڪئي. ”فـُومِها وَ بصلها“ – صاف ظاهر آهي ته ٿوم کي فوم ۽ بصر کي بصل چيو ويو آهي، جي ٻيئي ٺيٺ سنڌي لفظ آهن.

ان طرح بهشت جي پوشاڪن ۾ ”سـُندس“ ۽ ”اِستبرق“ بيان ٿيل آهي. ان ۾ ”سندس“ اها ئي سِنڊڻ آهي، جا توريت ۾ به بيان ٿيل آهي.’استبرق‘ منهنجي خيال ۾ اهو ئي ’اجرڪ‘ آهي، جو معرب ٿي ’استبرق‘ ٿيو آهي. اها منهنجي ذاتي راءِ آهي، ان لاءِ محققن کي تحقيق ڪرڻ گهرجي.

دوستو ۽ بزرگو! مسلم روايات ۾ سنڌ جي فضيلت ۾ تمام گهڻيون روايتون موجود آهن، جن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آدم عليه السلام جي پيدائش  سنڌ ۾ ٿي. پهريون پيغمبر آدم عليه السلام سنڌ ۾ ٿيو،  ان ڪري پهريون وحي سنڌ ۾ نازل ٿيو.  ان نسبت سان گويا پهريون ڀيرو توحيد الاهيءَ جو پيغام سنڌ ۾ لٿو. عبادات الاهيءَ  جو پهريون طريقو سنڌ ۾ ٿيو، جو آدم عليه السلام سان وابسته آهي. سڀ کان اول نبوت جو نور سنڌ ۾ نازل ٿيو. ان نسبت سان نور محمديءَ جو پهريون ڪرڻو سنڌ ۾ آيو. سڀ کان اول جنت جو تصور سنڌ ۾ پيدا ٿيو، جنهن جي گهاٽن باغن ۾ آدم ۽ حوا پيدا ٿيا. ان قسم جي روايتن کي مولانا آزاد بلگراميءَ پنهنجي مشهور ڪتاب ”سبحـﺔ المرجان“  ۾ گڏ ڪيو آهي، جنهن ۾ سَنَدن سان ۽ پراڻن تفسيرن جي حوالن سان بيان ڪيو ويو آهي ته آدم جي پيدائش سنڌ ۾ ٿي ۽ وحي ۽ نبوت جو پهريون مرڪز ”سنڌ“ آهي، ۽ نبوت محمديءَ جي سلسلي جو آغاز سنڌ ۾ ٿيو.

حضرات! مسلم روايات جي ان علمي کوجنا مان اهو به ثابت ٿيو ته تورات ۾ بيان ٿيل بهشت ۽ ان ۾ آدم جو مٽيءَ جي بوتي مان ٺهڻ، حوا جو آدم جي پاسريءَ مان پيدا ٿيڻ ۽ ان بهشت مان ٻنهي جو تڙجڻ وغيره سڀ زميني معاملا آهن. توريت ۾ جنهن کي ”آسماني جنت“ سڏيو ويو آهي، سو سنڌ جي گهاٽن باغن وارو مقام آهي، ان ڪري جنت کي گهاٽو باغ به سڏيو ويو آهي. هڪ هنڌ توريت ۾ سنڌ کي ’ عدن جو باغ‘سڏيو ويو آهي.

هن جديد دور جي وڏي عالم مولانا عبيدالله سنڌيءَ به ان مٿينءَ تحقيق کي قبول ڪيو آهي ۽ چيو ته ”آدم جي تخليق هن سرزمين تي ٿي آهي ۽جنت به هن زمين تي هئي.“ ان متعلق مون وٽ هڪ مستقل بحث موجود آهي، جو 8 سال اڳ، ”سنڌي شام“ سکر ۾ پيش ڪيو هوم، جنهن کي سنڌ جي ٻن عظيم سپوتن محترم شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ باباءِ سنڌ مرحوم حيدربخش جتوئيءَ ڏاڍو پسند ڪيو هو. اميد ته اهو ڪتاب شايع ڪيو ويندو، جنهن ۾ آدم متعلق سڀ مسئلا ۽ مشڪل عقدا حل ڪيا ويندا.

حضرات! اوهان کي اهو ٻڌي حيرت ٿيندي ته خود حضور ڪريم جي لسانِ رسالت تان ”سنڌ“ ۽ ”سنڌي ماڻهو“ جا لفظ موجود ثابت ٿيا آهن. مثلاً هڪ ڀيري کانئن پُڇا ڪئي ويئي ته ”يا رسول الله! اوهان موسيٰ عليه السلام کي ڏٺو؟“ پاڻ جواب ۾ ارشاد فرمايائون: ”هائو، موسيٰ اهڙو آهي جهڙو ’سنڌي ماڻهو‘“.

ان طرح سان هڪ ٻيءَ تاريخي روايت ۾ اچي ٿو ته جڏهن نجران جا عيسائي، حضور سان مباهلي ڪرڻ لاءِ آيا هئا ۽ اچي مسجد نبويءَ جي در تي گڏ ٿيا هئا، تڏهن پاڻ ڪريمن، کين ڏسي، صحابه کان پڇا ڪئي ته ”هي ڪير آهن؟“ ائين چوندي هي لفظ به چيائون ته ”ڄڻ سنڌي ماڻهو پيا لڳن!“

صحابه عرض ڪيو ته هي نجران جا عيسائي آهن. مٿينءَ روايت ۾ ”ڄڻ سنڌي ماڻهو پيا لڳن“ غور طلب لفظ آهن.

هڪ روايت ۾ آيل آهي ته پاڻ نماز ادا ڪري، سنڌ ڏانهن منهن مبارڪ ڪري ويهندا هئا، صحابه جي پڇا تي فرمايائون: ”مون کي اِن طرف (سنڌ) کان جنت جي هير ٿي اچي، جا منهنجي دل کي سڌير ٿي ڪري!“ ان واقعي متعلق اقبال چيو آهي:

مير عرب کو آئي ٺهندي هوا جهان سي

مير ا وطن وهي هي، ميرا وطن وهي هي.

ان ۾ ”ميرا وطن“ مان مراد ”سنڌ“ آهي ۽ فقط ”سنڌ“.

ان طرح هڪ روايت ۾ ٻڌايو ويو آهي ته حضور جن فرمايو ته زمين تي بهشتي درياهه چار آهن: دجله ۽ فرات (عراق ۾)، جيحون (مصر جي نيل) ۽ ”سيحون“ (سنڌو درياهه).

حضرات! ان قسم جي حوالن سان ڪتاب ڀريا پيا آهن.ل مثلاً هڪ باب آهي ”الديڪ سندي“ (يعني سنڌ جي مرغي). روايت ۾ آهي ته ”پاڻ سنڌي مرغي تناول فرمايائون ۽  ان لاءِ پسندگيءَ جا لفظ ظاهر ڪيائون.“

ان طرح اوهان ”ڪالي ڪملي“ ٻڌي هوندي، گهڻو ڪري قواليءَ يا نعت ۾ اردو زبان جا شاعر ڪالي ڪمليءَ کي گهڻو بيان ڪندا آهن. اها ڪالي ڪملي آهي سنڌ جو اجرڪ. اهو شرف به سنڌ جي اجرڪ کي حاصل آهي، جنهن کي حضور جن جي لباس مبارڪ ۾ سعادت ۽ شرف جو اعليٰ مقام حاصل ٿيو، جنهن لاءِ چيو ويو آهي ته ”پاڻ سڳورا گهنهگارن کي حشر جي ڏينهن تي ان ڪمليءَ ۾ ڇپائيندا.“

ان ڪالي ڪمليءَ کي برديمني يا يماني به چيل آهي. اهو ان ڪري جو اجرڪ يمن منجهان حجاز، عراق ۽ شام تائين تاجر کڻي ويندا هئا ۽ يمن ۾ سنڌ کان سنئون سڌو سامان ويندو هو. اڳ سنڌ جي تجارتي مال گهرائڻ جو وڏو مرڪز يمن هوندو هو. سنڌ جو سامان سامونڊي سفر طئه ڪري، اول يمن پهچندو هو  ۽ اتان پوءِ ٻين عرب ملڪن ڏانهن ويندو هو، ان ڪري ٽريڊ مارڪ طور ”يمن“ يا ”يماني“ استعمال ڪيو ويندو هو. ٻيو ته برد جو مطلب آهي چادر. اها آهي ڪالي ڪملي ۽ برديمانيءَ جي تاريخ، جا دراصل سنڌ جي اجرڪ جي تاريخ آهي.

ان طرح روايات ۽ تاريخ ۾ اهو ذڪر موجود آهي ته حضرت عائشه سڳوريءَ جي حُجري جي دروازي تي – جو مسجد نبويءَ سان ڳنڍيل هو- پردا ٽنگيل هوندا هئا. انهن پردن تي ڇُر جو ڪم ٿيل هوندو هو، ۽ ڇُر ۾ گهوڙن، شينهن، تلوارن ۽ نيزن جون تصويرون هونديون هيون. هڪ ڀيري حضور جن انهن لاءِ ناپسندگيءَ جو اظهار فرمائي، حڪم ڪيو ته اهي پردا لاٿا وڃن. سندن حڪم جي تعميل ڪئي ويئي، پر ان سان گڏ حضرت عائشه جي پسندگيءَ کي ڏسي فرمايائون ته ”اهي پردا ڦاڙي، وهاڻن ۽ گديلن تي ڇئون ڪري استعمال ڪيون وڃن.“ سندن حڪم موجب حضرت عائشه ائين ئي ڪيو.

حضرات! اوهان کي اهو ٻڌي حيرت لڳندي ته اهي تصويرن وارا ڪپڙا سنڌ جا ڪاريگر ٺاهيندا هئا، ۽ انهن کي اڄ به ”ڇيٽ“ سڏيو وڃي ٿو. اڄڪلهه ڇيٽ جي ڪپڙن تي تصويرن جي بدران انبڙي يا ڪي گل ٻوٽا ۽ ٻيا نظارا ڏنا وڃن ٿا، پر هزار ڏيڍ سال اڳ انهن تي جانورن جون تصويرون به ڇُر ڪيون وينديون هيون.

ان طرح تاريخن ۾ آيل آهي ته هڪ ڀيري ڏکڻ عرب ۾ ايران جي لشڪر کي شڪت ملي. ان جي اطلاع ملڻ تي ايران جي شهنشاهه ڪسريٰ چيو ته ڇا اوهان کي سنڌين شڪست ڏني آهي؟ ان جي جواب ۾ کيس ٻڌايو ويو ته سنڌين نه پر يمني ماڻهن کان شڪست ملي آهي. اهو ياد رکڻ گهرجي ته اسلام کان گهڻو اڳ ڪيترا سنڌي قبيلا، سنڌ مان لڏي، يمن ۽ ان جي ڀرسان وڃي آباد ٿيا هئا ۽ اها ايران جي ڪسريٰ کي به خبر هئي، ان ڪري چيائين ته ”ڇا اوهان کي ”سنڌين“ شڪست ڏني آهي!“

حضرات! مسلم روايات مان باقي فقط هڪ ٻه تاريخي واقعا بيان ڪندس. تاريخ ۾ آهي ته حضرت علي ڪرم الله وجهه  سان صفين جي لڙائيءَ جي موقعي تي سنڌين جو هڪ وفد مليو، جنهن سنڌي زبان ۾ کين چيو هو ته: ”تون حق تي آهين. اسان جي مدد اوهان کي آهي. نصرت هميشه حق کي حاصل ٿيندي آهي.“ تاريخ ۾ آهي ته حضرت علي ڪرم الله وجهه سندن ان قسم جي تائيد تي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ سنڌين جي شڪريه ادائي ڪيائون. ان کان پوءِ حضرت عليءَ جي توشه خاني جي نگراني سنڌين جي سپرد ڪئي ويئي.

اڳتي هلي تاريخ ۾ اهو پڻ ثابت آهي ته اهل بيت اطهار جو ناناڻو گهر ”سنڌ“ آهي. تاريخ ۾ آيل آهي ته امام زين العابدين عليه السلام جي والده ماجده سنڌي نسل جي هئي. ان سلسلي ۾ علم نسب جي ڄاڻن پڻ ثابت ڪيو آهي ته شهربانو جو اصل حسب نسب سنڌ سان وابسته هو. ان جي تائيد مشهور مورخ علامه سيد سليمان ندويءَ پڻ ڪئي آهي، ۽ چيو اٿس ته ”سنڌ“ اهل بيت جو ناناڻو گهر آهي.

حضرات! اڃا به هڪ روايت بيان ڪندس. ڪربلا جي ڪوس ۾ به امام حسين عليه السلام سان ڪي سنڌي نسل جا سپوت شامل هئا، جن جا نالا تاريخن ۾ موجود آهن. مشهور فداڪار حبيب بن مظاهر لاءِ به چون ٿا ته هو بلوچ قبيلي جو فرد هو ۽ سندس قوميت سنڌ سان وابسته هئي. ولله اعلم.

حضرات! ان سلسلي ۾ اڃا به هڪ اشارو ڪرڻ مناسب ٿيندو ته مشهور مجتهد ۽ فقيـﮧ امام ابو حنيفه به سنڌي نسل جو هو.

حضرات! سنڌ قديم دور کان وٺي علم ۽ ادب جي کاڻ رهندي آئي آهي. ابن حجر عسقلانيءَ هڪ قول بيان ڪيو آهي؛فرمائي ٿو ته حضرت عليءَ چيو آهي ته ”سنڌ اها سرزمين آهي، جتان علم جو سج اڀريو آهي.“ ان قول کي اگر محققن ضعيف چيو آهي، مگر معنيٰ ۽ حقيقت جي خيال کان بلڪل درست آهي.

سنڌ جي علمي فضيلت متعلق مشهور عرب محققن اعتراف ڪندي گهڻو ڪجهه چيو آهي: ابن ابي صبعيه لکي ٿو: ”قان ابن عدي ان الهند (سنڌ) لهم علوم جليلـة من العلوم الفلسفـة وانـﮧ وقع اليـﮧ ان العلم من بشم وصل اليونانيين.“ (ابن عدي چوي ٿو ته سنڌ وارن وٽ علم ۽ حڪمت تي وڏو زخيرو موجود آهي، مون کي معلوم آهي ته يونان ۾ اهو سارو ذخيرو سنڌ مان ويو.)

ان طرح ابو معشر ”ڪتاب الالوف“ ۾ لکي ٿو: ”قد اعترف لهابا الحڪمـة و اقربا التبريز في الفنون المعرفت ڪل الملل سابقـة (سنڌ جي علم ۽ فن، حڪمت ۽ فلسفي ۽ ان کان علاوه ساري دنيا جي قومن کان وڌيڪ سنڌين جي علم ڏانهن اڳ وڌڻ جو اعتراف دنيا جي سڀني قومن ڪيو آهي).

”اخبار الحڪماء“ ۾ آيل آهي ته ”دنيا جي سڀني قومن ۾ سنڌ علم ۽ حڪمت جو سرچشمو آهي. دنيا جي سڀني قومن ۾ سنڌ عدل ۽ سياست جو پهريون مرڪز آهي. اسان جي ملڪ کان پري هئڻ ڪري، سنڌ جا ڪتاب اسان جي عالمن تائين گهٽ پهتا آهن. تاهم اسان وٽ جو ڪجهه به پهتو آهي، اهو تمام گهٽ آهي.“

عربن جي تصنيفات ۾ ان قسم جا ڪيئي حوالا موجود آهن، جن ۾ تسليم ڪيو ويو آهي ته سنڌ جي سرزمين علم ۽ حڪمت جي کاڻ رهندي آئي آهي.

معزز حاضرين! ”هند“ ۽ ”سنڌ“ متعلق لفظي تصرف جي تاريخ به عجيب آهي.

سڀ کان اول چين وارن سنڌو درياهه کي ”شنِ-تو“ ۽ ان کان پوءِ ”سن-تو“ ۽ ان کانپوءِ ”سن – دو“ سڏيو. ايرانين ”س“ بدران ”هه“ اچاري ”هندو“ بنايو. يوناني عالمن ۽ سياحن ”هه“ ۽ ”د“ جي اچارن بدران ”ان – ڊو“ آندو، ۽ملڪ کي ”انڊيڪا“ ۽ درياهه کي ”انڊس“ سڏيائون. اڳتي هلي اهو لفظ ”انڊيا“ بڻيو، جو اصل ۾ ”سنڌ“ آهي. ”سنڌ“ کان علاوه ٻي ڪا به ”انڊيا“ ڪا نه هئي. سڪندر اعظم سان آيل محقق توڙي پوءِ آيل يوناني سياح، ايران جي غلطيءَ کان پيدا ٿيل لفظ ”هندو“ ۽ زند اوستا  ۾ آيل ”هپت هندو“ کي اڳيان رکي، سنڌ ۽ سنڌو لفظ وساري، انڊو، انڊس ۽ انڊيا استعمال ڪندا رهيا. اها ساڳي غلطي عربن به دهرائي. انهن به ايراني لکيتن موجب هند ۽ هندو لفظ استعمال ڪيا. اهو مغالطو نيٺ عربن ئي ختم ڪيو. محمد بن قاسم کان پوءِ جي آيل مورخن ۽ جاگرافي دانن اچي ڏٺو ته ”سنڌ“ جدا آهي ۽ ”هند“ جدا آهي. ان کانپوءِ ئي ”سنڌ“ ۽ ”هند“ جدا  جدا ڪري لکڻ شروع ڪيائون، پر کانئن اڳ وارن عرب عالمن وٽ ”سنڌ“ جي بدران ”هند“ ئي لکيل آهي، جو درست نه آهي. ان خيال کان اهو تمام ضروري آهي ته عربن جي ڪتابن ۾ جتي جتي ”هند“ لفظ آيل آهي، اهو ”سنڌ“ سمجهڻ گهرجي. اڳتي هلي، هن مسئلي کي مولانا روميءَ واضح ڪري ڇڏيو آهي. فرمائي ٿو:

هنديان را اصطلاح ِ هند مدح،

سنديان را اصطلاح ِ سند مدح.

(هند وارن لاءِ هندي زبان ۽ سنڌ وارن لاءِ سنڌي زبان نيبهه هجي.)

دوستو ۽ بزرگو! مون عرض ڪيو آهي ته سنڌ ۾ سڀني مذهبن ۽ اصولن جي حقيقتن جو قدر مشترڪ موجود آهي. پري نه وڃو، رڳو اهو ڏسو ته اسلام کان اڳ سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم موجود هو. سنڌ جو حڪمران راءِ گهراڻو خود ٻڌ مذهب جو پيروڪار هو، جنهن کي هندو برهمڻ ”شودر“ ڪري لکيو آهي. ٻڌ ڌرم، برهمنز جي رد عمل ۾ هڪ عرفان پسند فلسفو ۽ تصوف جي باطني تحريڪ وانگر هڪ حڪمت آفرين تعبير هو، جنهن ۾ ”نفي“ جي زيادتي هئي. ٻڌ ڌرم ۾، هندو ڌرم جي هر بُت ۽ هر عقيدي، هر جبر ۽ هر استبداد جي نفي ڪئي ويئي. ان جي ساري نفيءَ واري فلسفي ۾ اڃا اثبات جي گنجائش هئي. جڏهن اسلام آيو، تڏهن سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم جي نفيءَ کي اثبات جي عقيدي سان روشناسي ٿي ۽ سڀني ٻڌ ڌرم وارن  اسلام کي دل ۽ جان سان قبول ڪري ورتو. اهو ئي سبب آهي جو هڪ صديءَ کان پوءِ سنڌ ۾ تصوف جي جا لهر آئي، سا خالص سنڌي هئي. سنڌ جو تصوف ايران، عراق ۽ وچ ايشيا واري تصوف کان قديم به هو ۽ جداگانه انفراديت جو مالڪ به هو.

سنڌ جي تصوف هتي جي هندن کي به بدلائي ڇڏيو. لطيف، سچل، ۽ شاهه شهيد جي هندو مريدن ۾ اهڙا به مريد هئا، جي نماز روزي جا پابند، ذڪر ۽ فڪر جا پابند، تلاوت قرآن ڪريم ۽ دلائل الخيرات  جا پابند هئا، جن کي وفات کان پوءِ قبرن ۾ پوريو ويو. ان انفراديت متعلق نامور جرمن مستشرق ڊاڪٽر انيمري شمل پڻ تعجب جو اظهار ڪيو ته ساري اسلامي دنيا ۾ اهو فقط سنڌ ۾ دستور نظر آيو آهي ۽ غير مسلم مريد سنڌ جي بزرگن ۽ مرشدن جي پيرانديءَ ۾ پوريل آهن، ايران ۽ ٻين هنڌن تي ائين ناهي. ان ڪري ئي عرض ڪيو اٿم ته سنڌ جو تصوف ايران، عراق ۽ وچ ايشيا جي تصوف کان زياده وسيع المشرب آهي. سنڌ جو تصوف آدميت ۽ محبت جو پيغامبر آهي ۽ ان ۾ همه گيري ۽ عالمگيري آهي.  دراصل تصوف جو وسيع نظريو ۽ مقصد اهو ئي آهي، جنهن جي موجودگيءَ ۾ ٻيا سڀ نظريا ۽ عقيدا محدود آهن.

حضرات! آءٌ ته ائين به چئي سگهان ٿو ته تصوف سنڌ ۾ نه فقط ارتقا حاصل ڪئي آهي، پر ان سان گڏ عروج واري آخري منزل به ماڻي آهي، جا کيس ٻئي ڪنهن به هنڌ حاصل نه ٿي. سنڌ ۾ تصوف جو مطمح نظر فقط للهيت ۽ انسان جي خدمت آهي. انسان ذات جي خيرخواهي ۽ ڀلائي، انساني حيات کي دوام ۽ قيام بخشڻ، انسان جي روح کي روشني ڏيڻ، انساني ضمير ۾ تازگي پيدا ڪرڻ- سنڌ جي تصوف جا مکيه مقصد رهندا آيا آهن.

سنڌ ۾ تصوف جي خصوصي ڪيفيت اها پڻ آهي جو عرب ۽ عجم جا سمورا  مڪتبه فڪر سنڌ ۾ جمع ٿي هم آهنگ ٿي چڪا آهن. هت چئن مشهور طريقن جي تعليمات موجود آهي ته غزاليءَ ۽ مجدد الف ثانيءَ، روميءَ ۽ عطار جو فلسفو پڻ موجود آهي. اسان وٽ شاهه لطيف ۽ سچل بادشاهه ايران جي ساري تصوف کي سنڌي لباس پهرائي، ان ۾ اضافا ڪري، مڪمل بنائي چڪا آهن. سنڌ ۾ تصوف جي ڪيترن مختلف ۽ متضاد عقيدن ۽ نظرين ۾ به تطبيق پيدا ڪئي ويئي آهي. حضرت مجدد وحدت الشهود جو قائل آهي ته حضرت سلطان الاولياء وحدت الوجود جو شارح آهي. جيئن برصغير جي ٻين هنڌن تي نقشبندي، قادري، چشتي ۽ سهروردي بزرگن جا اختلاف پيدا ٿيا، ان جهڙو مثال سنڌ ۾ موجود نه ملندو. سنڌ جي سڀاڳي سرزمين تي اهي سمورا سلسلا پنهنجا فروعي اختلاف مٽائي هڪ ٿي ويا. گويا سنڌ ۾ سڀني سلسلن جي عمل ۽ عقيدن جي تڪميل ٿي، ان ڪري هاڻي سنڌ ۾ ڪنهن ٻئي نئين ۽ ٻاهرئين مڪتبه فڪر جي ڪا به ضرورت نه رهي آهي.

حضرات! مون کي اجازت ڏيو ته سنڌ جي تصوف جي هڪ نمائنده شاعر- صوفي صادق فقير – جو هڪ بيت پيش ڪريان، جو پنهنجي مفهوم ۽ مضمرات جي حيثيت سان نهايت اهم آهي. فرمائي ٿو:

الله ڇڏيائون اورتي، پرانهون پنڌ پيا،

بنا نالي سپرين، اڃا ڪي ٻيا،

واڪيندا ويا، صادق ٻڌيون سندرا.

ان هڪ بيت تان الاهيات ۽ تصوف جا سڀ عجمي ڪتاب قربان! ”الله ڇڏيائون اورتي“ جو مفهوم آهي اسم، رسم، بيروح ۽ بيرنگ مقصدن کي ڇڏڻ، مردگيءَ ۽ افسردگيءَ کي ڇڏڻ، رسم ۽ اسم جي جهان مان نڪري معنوي جهان جي حقيقت کي ماڻڻ. ان بيت ۾ اصل ۽ معنوي جهان کي ”بنا نالي سپرين“ چيو ويو آهي. صادق فقير جو چوڻ آهي ته جڏهن ته هر اسم جو مسميٰ موجود آهي ته پوءِ الله جي اسم جو مسميٰ ڪهڙو آهي؟ ڇو ته اسم ۽ مسميٰ پاڻ ۾ لازم و ملزوم آهن. مصري هڪ نالو آهي، پر خود مصريءَ جو وجود ان جو مسميٰ آهي، جو اسم کان بلڪل جداگانه وجود رکي ٿو. هت الله جو اسم موجود آهي، پر مسميٰ جي ڄاڻ ڪا نه آهي. جيڪڏهن مسميٰ جو ڪو وجود ڪو نه آهي ته پوءِ ان جو اسم ٿي نه ٿو سگهي، ڇو ته اسم مسميٰ جي تعريف آهي. ان جي تعريف بي مثال آهي. جڏهن ته مسميٰ جو وجود به بي مثال آهي ته پوءِ ان جو اسم به بي مثال هئڻ گهرجي. ۽ ان جي تعريف به بي مثال هئڻ گهرجي، جا زبان ۽ بيان کان اعليٰ ۽ بالا هئڻ گهرجي، تنهن ڪري صادق فقير چيو آهي: ”الله ڇڏيائون اورتي....“

دوستو! زبان سان مصري چوڻ سندس ملفوظي شڪل آهي. قلم سان مصري لکڻ سندس مڪتوبي شڪل آهي. برش سان تصوير ڪڍڻ سندس مصورانه تصوير آهي- پر اصل ۾ اهي ٽيئي مصري نه آهن. مصري اڃا جدا چيز آهي، جنهن کي نه زبان ۽ بيان، قلم ۽ برش جي حاجت آهي ۽ نه ڪو اچار ۽ تلفظ جي ضرورت آهي. ان ڪري بنا نالي سپرين اڃا ڪي ٻيا آهن. ان هڪ بيت جي شرح ۾ تصوف جا ڪيئي دقيق مسئلا اچي وڃن ٿا. اسم ۽ مسميٰ، حقيقت ۽ مجاز، تاريخ اضافي ۽ تاريخ حقيقي، وجود اضافي ۽ وجود حقيقي، وجود بياني ۽ وجود لازمي ۽ لامڪاني – اهڙا ڪيئي مسئلا حل ٿين ٿا.

بزرگو! مون هن کان اڳ به چيو آهي ته وري به عرض ڪريان ٿو ته سنڌ جي سرزمين عرفان ۽ گيان، علم ۽ حڪمت، فلسفي ۽ تصوف، انسانيت ۽ اخوت جي سرزمين آهي، سنڌ امن ۽ امان، دعا ۽ شفا جي سرزمين آهي، سنڌ عقل ۽ شعور، ادب ۽ شاعريءَ جي اعليٰ قدرن جي سرزمين آهي، سنڌ لطيف ۽ سچل، سلطان الاولياءَ ۽ عبدالرحيم گرهوڙي، خليفي نبي بخش ۽ صادق فقير جي ڪلام ۽ پيغام جي امين سر زمين آهي. ان ڪري اسان تي فرض آهي ته سنڌ جي علم ادب، تهذيب ۽ ثقافت کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون، جا هر خيال کان انفراديت جي حامل آهي.

حضرات! هن سرزمين لاءِ بزرگن ۽ عارفن گهڻو ڪجهه فرمايو آهي. حضرت مجدد هن سرزمين ۾ انبياء ڪرام جي نور جي خبر ڏني آهي. سرهند شريف ۾ هڪ ڏينهن نماز عصر کان پوءِ فرمايائون ته هت انبياء ڪرام جا مدفن آهن، ان مان ثابت ٿيو ته هيءَ سرزمين ڀلاري ۽ برڪت واري آهي. (ياد رهي ته پراڻي دور ۾ سنڌ، پنجاب ۽ ڪشمير تائين وسيع هئي).

حضرات! هت پهچي، آءٌ سائين غلام مصطفيٰ شاهه کان پڇندس ته شاهه صاحب! ڇا ”سنڌ صدين کان“ چوڻ درست آهي؟ هت ته هزارن سالن جون ڳالهيون ڪيون ويون آهن، ان ڪري ”سنڌ جُڳن کان“ چوڻ صحيح ٿيندو.

اِها به سنڌ جي ڀلاري ڀونءِ آهي، جنهن ۾ خواجه اجميري رحه پنهنجي مرشد عثمان هارونيءَ سان گڏجي آيو هو، ۽ اچي شاهه صدر لڪياريءَ جي زيارت ڪئي هئائين. ان طرح بايزيد بسطامي، جنهن ’مااعظم شاني‘ چيو هو، تنهن لاءِ مولانا جامي لکي ٿو ته ٺٽي جي هڪ نو مسلم ابو عليءَ کان وحدت الوجود جي حڪمت سکيو ۽ کيس ان جي بدران نماز پڙهڻ لاءِ سوره فاتحه سيکاريندو هو، ان طرح سرمد به ٺٽي جي فيض مان فيضياب ٿيو، جنهن چيو:

”سرمد! غمِ عشق بوالهوس را نه دهند!“

حضرات! صدر مجلس سان مير محمد بخش خان ٽالپر پيو ڪنن جون ڳالهيون ڪري، ان ڪري تقرير بند ٿو ڪريان. الله شال اوهان کي خوش رکي. والسلام.

واحد وَسائينس، آهون عالَم جون سـُڻي،

موڪل ٿئي مينهن کي، تِلُ مَ ترسائينس،

وسائي واٽن تي، اوڀڙ اُڀائينس،

صاحب! ساري سنڌ تي، بادل برسائينس،

پکا پکن سامهان، اوري اَڏائينس،

هُونِ سدائين هِتهين، رب! تون رهائينس،

”مصري“ ملائينس، کنڊ وانگر کير ۾.

(مصري شاهه رحه نصرپوري)
ڊاڪٽر غلام علي الانا

اسسٽنٽ ڊئريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي

سنڌي ثقافت جو اهم پهلو -

زيور ۽ هار سينگار جو سامان

ثقافت لفظ کي مختلف ماڻهن، مختلف وقتن تي، مختلف معنائن ۾، استعمال پئي ڪيو آهي. “Advanced Learner’s Dictionary” ۾ ثقافت جي وصف هيئن ڪيل آهي:

”ثقافت انسان جي تهذيب ۽ تمدن جي اعليٰ ترقي آهي. هن ترقيءَ ۾ طبعي، ذهني ۽ روحاني ترقي اچي وڃي ٿي. اها ترقي ترتيب ۽ تجربي تي مدار رکي ٿي.“

ڪارٽر. وي. گڊ نالي هڪ ماهر، ثقافت جي وصف هنن لفظن ۾ بيان ڪئي آهي:

”ثقافت ڪنهن گروه، جماعت ۽ قوم جي سماجي، اخلاقي، ذهني، فني ۽ صنعتي خوبين جو مجموعو آهي، جنهن جي وسيلي گروه. جماعت يا ڪنهن قوم جي، ڪنهن ٻئي گروه. جماعت يا قوم کان ڌار حيثيت ليکي سگهبي آهي.انهيءَ جي مدد سان، ڪنهن گروه، جماعت يا قوم جي نظرين، عملن، سرشتي، اصولن ۽ دستور جي خبر پئجي سگهي ٿي.“

ساڳيءَ طرح هڪ ٻئي ماهر هئرولڊ رَگ جيڪا وصف بيان ڪئي آهي، سا قابل توجهه آهي. هو لکي ٿو:

”ثقافت ماڻهن جي مڪمل زندگيءَ جو عڪس آهي. هن ۾ ماڻهن جي ريتن رسمن، رهڻي ڪهڻي، رسم و رواج، سوچ ويچار، اعتقادن، وهمن ۽ خواهشن جو بيان اچي وڃي ٿو.“

عمرانيات جي جامع اللغات ۾ ثقافت جي وصف هن ريت ڪئي ويئي آهي:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org