سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: اُٺا مينهن ملير

باب: --

صفحو : 18

جيڪڏهن ڪو ”غير مڪاني ماڻهو“، يا ”غير آبادگار ڪلاس“ سان تعلق رکندڙ ماڻهو يا اهو ماڻهو جنهن جي کاتي اڳي ئي سؤ ايڪڙ يا وڌيڪ زمين موجود آهي، ڪا زمين وٺڻ چاهي، تنهن کي زمين آباد ڪرڻ کان اڳ ڪليڪٽر کان منظوري وٺڻي پوندي آهي.

پٽ باراني، تپي رحڪمي بازار، تعلقي ڏيپلي واري زمين فقط ”يڪساله“ تي نيڪال ڪئي ويندي آهي. اها زمين دائمي طرح نيڪال نه ٿيندي آهي.

مڪان: ٿر ۾ وري هر ديهه کي ڪجهه حصن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ هر حصي کي ”مڪان“ ڪوٺجي ٿو. مڪان ڪجهه ڳوٺن تي مشتمل هوندو آهي. مڪان جي حد ۾ رهندڙ ماڻهوءَ کي ان ايراضيءَ جو ”مڪاني“ سڏبو آهي.

گوچر: ٿر جي رهاڪن جو گذران ”مال چارڻ“ تي آهي، ان ڪري ان جو پيش نظر هتي جي روينيو سرشتي ۾ ”گوچر“ لاءِ زمين مخصوص رکڻ جو طريقو تمام آڳاٽو آهي. ڳوٺن ۽ وسندين جي پسگردائيءَ ۾، مال چارڻ لاءِ ڪافي زمين، سرڪاري طرح ”گوچر“ (چراگاهه) جي نالي سان سڏبي آهي، جتي پوک ڪرڻ جي ممانعت آهي.

آسائش: ساڳيءَ طرح، تراين جي پسگردائيءَ ۾، جتي ڪافي سايه دار وڻ هوندا آهن، اتي پڻ ڪافي زمين سرڪاري طرح ”آسائش“ لاءِ مخصوص هوندي آهي ته جيئن مال پاڻي پي، اتي ويهي آسائش وٺي. اهڙي ايراضيءَ تي پڻ پوک جي ممانعت آهي.

تاريخي جايون ۽ مکيه شهر

ضلعي ۾ ڪيترائي عام دلچسپيءَ ۽ سياحت جا هنڌ موجود آهن. تاريخي قدامت جي لحاظ سان پڻ ڪيترائي آثار ۽ اهڃاڻ آهن، جي سياحن لاءِ وڏي ڪشش رکن ٿا. مجموعي طور، ضلعي ۾ ٻڌ ۽ جين دور کان وٺي، سمن ۽ سومرن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي عهد جا آثار ۽ اهڃاڻ موجود آهن. ان طرح برسات کانپوءِ ننگر پارڪر ڀرسان ڪارونجهر ٽڪريءَ تي خاص طرح ۽ سڄي ٿر ۾ عام طرح عجيب چهچٽو لڳيو وڃي، جيڪو هر سياح لاءِ وڏي دلچسپي رکي ٿو. ضلعي ۾ تاريخي جايون ۽ مکيه شهر هن ريت آهن:

(1) ڪاهوءَ جو دڙو: ٻڌ ڌرم جي زماني جو هيءُ دڙو ميرپورخاص کان اتر طرف اڌ ميل تي واقع آهي، جنهن کي 1909ع ۾ ان وقت جي قديم آثارن جي سپرنٽينڊنٽ مسٽر هينري ڪزنس دريافت ڪيو. دڙي مان لڌل منقش سرن ان کي کوٽڻ لاءِ توجهه ڏياريو، جنهن ڪري مسٽر ڪزنس 1910ع ۾ کوٽائي شروع ڪرائي. دڙي مان ٻين دلچسپيءَ جي شين سان گڏ ٻڌ دور جا ٻه مجسما هٿ آيا آهن، جي عيسوي ڇهين صديءَ جا آهن. هن دڙي جو تفصيلي احوال مسٽر ڪزنس پنهنجي مشهور ڪتاب ”آئنٽيڪئيٽيز آف سنڌ“ ۾ ڏنو آهي.

(2) ميرپورخاص: ضلعي هيڊڪوارٽر ميرپورخاص تاريخي شهر آهي. 1806ع ۾ مير علي مراد ٽالپر ان کي ٻڌايو، ۽ بعد ۾ ”سرڪار ميرپور“ جي گاديءَ جو هنڌ رهيو. ”شير سنڌ“ مير شير محمد خان ٽالپر جي رهائش هن شهر ۾ هئي ۽ موجوده مختيارڪار آفيس واري ماڳ تي سندس رهائشي قلعو هو. آفيس جي هڪ ديوار تي لڳل ڪتبي مان اهڙو ثبوت ملي ٿو.

1906ع کان وٺي ضلعي هيڊڪوارٽر رهندو اچي ٿو. ضلعي جي واحد ميونسپالٽي هيءُ شهر آهي. 1972ع مطابق هتي جي آدمشماري 81617 هئي. ريلوي ۽ سڙڪ وسيلي مختلف شهرن سان ڳنڍيل آهي.

ملڪ جو وڏي ۾ وڏو ۽ مشهور ميون جو تحقيقي ۽ پيداواري مرڪز ”گورنمينٽ فروٽ فارم“ هتي واقع آهي، جتي انبن ۽ ٻين ميون جي افزائش ڪئي وڃي ٿي. شهر جي پسگردائيءَ ۾ باغات ججهي آهي، جتي مختلف جنسن جا بهترين انب پيدا ٿين ٿا، ان ڪري هن شهر کي، بجا طور تي، ”انبن جو شهر“ ڪوٺيو وڃي ٿو.

(3) عمرڪوٽ: عمرڪوٽ، سنڌ جي تاريخ ۾ ڄاتل سڃاتل شهر آهي ۽ ان ۾ تاريخ جا ڪيئي دور دفن آهن. هي شهر ضلعي جو قديم ترين شهر آهي ۽ انگريزي دور ۾ 1906ع تائين ضلعي جو هيڊڪوارٽر رهيو آهي. هن شهر ۾ ضلعي جو وارياسو ۽ ميداني علائقو پاڻ ۾ ملن ٿا. ميرپورخاص کان 46 ميل پڪي سڙڪ هن شهر ۾ پهچي ٿي. 1972ع مطابق هن شهر جي  آدمشماري 8223ع هئي.

هتي 25 هزار چورس فوٽن تي مشتمل هڪ قديم قلعو آهي. ان جي 40 فوٽ ڊگهين ديوارين ۾ هاڻي ڪافي ڏار پئجي ويا آهن.

روايت آهي ته سومرا خاندان جي پهرئين حاڪم عمر سومري هي شهر ٻڌايو هو. هن شهر جي ڪوٽ ۾ قيد، وطن جي حب جي عظيم ڪردار ”مارئي“ ريشم و اطلس، محل ۽ ماڙين کي ٺڪرائي، پنهنجن پکن ۽ پنهوارن، وطن ۽ ويڙهيچن کي نه وساري، روءِ زمين تي حب الوطنيءَ جو بي نظير مثال قائم ڪيو.

سومرن کان پوءِ هي شهر 1226ع ۾ راجپوتن جي قبضي ۾ آيو، جن صدين تائين هتي فرمانروائي ڪئي. دهليءَ جي جلاوطن مغل شهنشاهه همايون کي هن شهر ۾ پناهه ملي ۽ هتي ئي کيس پٽ ڄائو، جيڪو تاريخ ۾ ”اڪبر اعظم“ جي نالي سان مشهور آهي. ان جو جنم يادگار اڄ به هن شهر ۾ موجود آهي.

شهر جي پسگردائيءَ ۾ ”مومل جي ماڙي“ جا کنڊر ڏسجن ٿا، جن لاءِ روايت آهي ته راڻي جي رسي اچڻ کان پوءِ مومل هتي اچي قيام ڪيو هو ۽ چکيا تي چڙهي هئي.

هن شهر ۾ محڪمه آثار قديمه طرفان عجائب گهر قائم ڪيو ويو آهي ۽ هڪ سرڪٽ هائوس پڻ  آهي.

(4) نئون ڪوٽ: ڊگهڙي تعلقي جو هيءُ اهم شهر ”ٿر جي دروازي“ جي حيثيت رکي ٿو. ميرپورخاص کان 65 ميل پري آهي ۽ ترقي پذير آهي. 1972ع مطابق ان جي آدمشماري 5783 هئي. ٽائون ڪميٽيءَ طرفان شهر ۾ جديد طرز جو پبلڪ پارڪ ۽ لئبرري قائم ڪيا ويا آهن.

شهر ويجهو، ٽالپري عهد جو قلعو وڌ ۾ وڌ صحيح سالم صورت ۾ موجود آهي.

(5) ڀالوا: مارئيءَ جو ڀلارو ڳوٺ ”ڀالوا“، ننگرپارڪر کان 64 ميل اورتي وارياسي علائقي ۾ واقع آهي. ڳوٺ ننڍڙو آهي. هڪ کوهه ۽ ڪونڊي موجود آهن، جن لاءِ روايت آهي ته مارئي ان تان پاڻي ڀريندي هئي ۽ ان ڪونڊيءَ ۾ ڇيلڙن کي پاڻي پياريندي هئي.

(6) ويراواهه: ننگرپارڪر تعلقي ۾، شهر کان 14 ميلن جي فاصلي تي واقع ويرا واهه قديم شهر آهي. ڀرسان ٻن ميلن تي ، ڦٽل بندر ”پاري ننگر“ جا آثار ڏسجن ٿا، ويرا واهه ۾ جين دور جا مندر ۽ اهڃاڻ ملن ٿا. هڪ مندر سالم حالت ۾ موجود آهي. شهر ڀرسان ”سانگاهه“ نالي مشهور تلاءُ آهي. هتي رينجرس جو هيڊڪوارٽر پڻ آهي.

(7) گوڙيءَ جو مندر: ننگرپارڪر تعلقي ۾، ويرا واهه کان 14 ميلن جي فاصلي تي، ”گوڙيءَ“ جي نالي سان هڪ قديم مندر آهي، جيڪو جين دور جو آهي. سنگمرمر جو اهو مندر وڌ ۾ وڌ سالم صورت ۾ آهي ۽ ان جي ڇتين ۽ ديوارين تي دلڪش نقاشي ٿيل آهي.

(8) ڀوڏيسر: ننگر پارڪر کان 4 ميلن جي فاصلي تي ڀوڏيسر ڳوٺ آهي، جتي جين دور جا ٽي مندر آهن. ڳوٺ جي ويجهو سنگمرمر جي هڪ قديم مسجد آهي، جا گجرات جي حاڪم سلطان محمود بيگڙي ٺهرائي هئي. هتي چار سو فوٽ ڊگهو ۽ ٻه سو فوٽ ويڪرو تلاءُ آهي، جنهن ۾ برساتي پاڻي ڪافي وقت رهي ٿو. راويت آهي ته ڇهه سو ورهيه اڳ ڀوڏي پرمار اهو تلاءُ کڻايو هو.

(9) ننگرپارڪر: ڪارونجهر ٽڪرين جي هنج ۾ واقع ننگر پارڪر جو شهر تعلقي هيڊڪوارٽر آهي. هيءُ شهر تاريخي اهميت جو حامل آهي، پر  زماني جي دستبرد سبب ڪافي زبون ٿي چڪو آهي. ضلعي هيڊڪوارٽر ميرپورخاص کان 110 ميلن جي فاصلي تي، ضلعي جي ڇيڙي تي واقع آهي.

ڪارونجهر ٽڪريءَ تي جابجا ڪيئي دلچسپ تاريخي آثار ۽ سياحت جا هنڌ موجود آهن. انهن مان اڪثر ڌرمي آستان آهن، جن مان ”سارڌرو“ ۽ ”انچليسر“ مشهور آهن. ”سارڌري“ ۾ مهاديو جو مندر آهي، جتي ڀيٽا لاءِ وڏي تعداد ۾ هندو ايندا آهن. ”انچليسر“ پڻ هندن جو ڌرمي تيرٿ آستان آهي. اتي ٽي تلاءُ آهن، جن ۾ جابلو چشمي جو پاڻي پوي ٿو. چشمي تائين پهچڻ لاءِ 120 قدمن جي هڪ لاهي آهي.

(10) ڪنري: عمرڪوٽ تعلقي جو هيءُ اهم ۽ ترقي پذير شهر آهي. ملڪ جي وڏي ۾ وڏي مرچ منڊي ڪنري آهي، جنهن ڪري صوبي جي ڪنهن به ٽائون ڪميٽيءَ جي آمدني ايتري ناهي، جيتري هتي جي ٽائون ڪميٽيءَ جي آهي. هي شهر پڻ ”ٿر جي دروازي“ جي حيثيت رکي ٿو ۽ واپاري مرڪز آهي. ميرپورخاص سان ريلوي ۽ سڙڪ سان ڳنڍيل آهي. 1972ع مطابق هتي جي آدمشماري 7334 هئي. ٿر جو گهڻو واپار هن شهر مان ٿئي ٿو.

(11) سامارو: ميرپورخاص کان 27 ميل پري، ريلوي ۽ سڙڪ سان ڳنڍيل آهي. تعلقي جو هيڊڪوارٽر آهي. 1972ع مطابق 11556 آدمشماري هئي، هتي ٽائون ڪميٽي آهي.

(12) ڊگهڙي: تعلقه هيڊڪوارٽر ڊگهڙي، 27 ميل ريلوي ۽ سڙڪ سان ميرپورخاص سان ڳنڍيل آهي. سڙڪ ذريعي حيدرآباد ضلعي سان پڻ ملي ٿو. وسندڙ ۽ واپاري شهر آهي. 1972ع مطابق هتي جي آدمشماري 11556 هئي.

(13) ٽنڊو جان محمد: تعلقي جو ٻيو اهم شهر ٽنڊو جان محمد، ڊگهڙي کان 8 ميلن جي فاصلي تي آهي. سڙڪ ۽ ريلوي وسيلي ميرپور خاص سان ڳنڍيل آهي. 1972ع مطابق هتي جي آدمشماري 5713 هئي. هتي ٽائون ڪميٽي آهي.

هي شهر تعليمي لحاظ کان ڪافي شهرت رکي ٿو. هتي جو ڪاليج ۽ هاءِ اسڪول نه صرف گرد و نواح لاءِ پر ٿر جي شاگردن لاءِ پڙهائيءَ جو موثر ذريعو ثابت ٿيا آهن. جي شهر جي مخير ۽ علم دوست شخصيت مير حاجي خدابخش خان ٽالپر (مرحوم) جي جدوجهد ۽ قربانيءَ جا روشن يادگار آهن. ميرصاحب مرحوم، ساڳئي وقت شهر جي سڌاري ۽ ترقيءَ لاءِ جيڪي ڪوششون ورتيون، سي پڻ اظهر من الشمس آهن. هتي ڇـُر جو بهترين ڪم ٿئي ٿو.

(14) جهڏو: ڊگهڙي تعلقي جو هي مشهور شهر ريلوي ۽ سڙڪ وسيلي ميرپورخاص سان ڳنڍيل آهي. ماضيءَ ۾ هي شهر ”جهڏو گدام“ جي نالي سان معروف هو، جو هتي زرعي پيدوار جي افراط هئي. 1972ع مطابق هتي جي آدمشماري 8877 هئي. هن وقت ترقي پذير آهي ۽ ٽائون ڪميٽيءَ طرفان پبلڪ پارڪ ۽ لئبرريءَ جو انتظام ڪيو ويو آهي.

(15) جيمس آباد: ميرپورخاص کان 30 ميلن تي، ريلوي ۽ سڙڪ سان مليل، جيمس آباد جو شهر تعلقي هيڊڪوارٽر آهي. 1972ع مطابق هتي جي آدمشماري 8110 هئي. شهر جي ڀرسان، ملڪ جو وڏي ۾ وڏو ۽ مشهور خانگي فروٽ فارم، ”ڪاڇيلو فروٽ فارم“ جي نالي سان واقع آهي.

(16) ڊينگاڻ ڀرڳڙي: جديد سنڌي سياست جي ابي، رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ جو اصل ڳوٺ ”ڊينگاڻ ڀرڳڙي“ جيمس آباد کان 7 ميلن تي واقع آهي. رئيس مرحوم، سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ ڪنهن به رسمي تعارف جو محتاج نه آهي. سندس شمار برصغير هند و پاڪ جي صف اول جي مدبرن ۾ ڪيو وڃي ٿو. ضلعي کي بلاشبه، رئيس مرحوم جي عظيم شخصيت تي ناز حاصل آهي. آل انڊيا ڪانگريس جي جنرل سيڪريٽري هجڻ جو اعزاز هن واحد سنڌي مسلمان کي حاصل آهي. رئيس مرحوم آل انڊيا خلافت ڪميٽيءَ جو صدر پڻ رهيو. رئيس مرحوم جي ڪارنامن مان سندس اها جدوجهد ۽ڪاميابي سنڌ جي تاريخ ۾ يادگار رهندي، جو هن صاحب، سنڌ جي زميندارن مٿان ”نوبت“ جي آزار جو خاتمو آندو، جنهن موجب ٽن سالن کان وڌيڪ عرصي لاءِ غيرآباد زمين، نجي ملڪيت مان نڪري، سرڪاري ٿي ويندي هئي.

(17) مٺي: ٿر سب ڊويزن جو هيڊڪوارٽر ۽ ريگستاني حصي جو مرڪز، مٺي، نئون ڪوٽ اسٽيشن کان 30 ميل پري واريءَ جي ڀٽن ۾ واقع آهي. شهر هڪ وڏي دڙي جي گود ۾ آهي، جنهن کي مقامي ماڻهو ”گڍي“ چوندا آهن. ان تي ٽالپري عهد جو قلعو  هو، جيڪو ڊهي ويو آهي. جي . ايم . سي ٽرڪن (لارين) وسيلي مکيه شهرن ۽ نئون ڪوٽ اسٽيشن سان ڳنڍيل آهي. 1972ع مطابق هتي جي آدمشماري 10164 هئي.

(18) ڇاڇرو: تعلقه هيڊڪوارٽر ڇاڇرو، لاريءَ وسيلي ڪنري ۽ نئون ڪوٽ سان ڳنڍيل آهي. هن تعلقي جا کٿا ۽ لويون مشهور آهن. 1972 مطابق هتي جي آدمشماري 4432 هئي. گذريل ٻن جنگين هن ڀريل ڀڪليل شهر کي تقريباً ويراني ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.

(19) ڏيپلو: ٿر جو خوبصورت ۽ ترقي پذير شهر ڏيپلو لاريءَ وسيلي نئون ڪوٽ اسٽيشن سان ڳنڍيل آهي. تعلقه هيڊڪوارٽر آهي. ٿر جو اهو واحد شهر آهي، جنهن ۾ بجلي، واٽر سپلاءِ، پڪين گهٽين ۽ نڪاسيءَ جو انتظام ٿيل آهي. شهر جي رهاڪن ۾ ملازمت پيشه ۽ پڙهيلن جي اڪثريت آهي.

(20) اسلام ڪوٽ: مٺي ۽ ننگرپارڪر جي وچ تي، لاريءَ جي گس تي واقع اسلام ڪوٽ چڱو واپاري مرڪز ۽ ترقي پذير شهر آهي.

ڊپٽي ڪمشنرن جي فهرست

پوليٽيڪل سپرنٽينڊنٽس ”ايسٽرن سنڌ فرنٽيئر“

ليفٽيننٽ ڪرنل تروٽ                  1860-1873ع

ليفٽيننٽ ڪرنل آر. آءِ ڪرافورڊ         1873-1881ع

ڊپٽي ڪمشنرس ٿرپارڪر

ليفٽيننٽ ڪرنل آر . آءِ ڪرافورڊ       1882-1885ع

ايڇ . اي . واٽسن                        1885-1886ع

ڊاڪٽر جَي . پولن                        1886-1887ع

ايڇ . اي . واٽسن.                      1887-1890ع

آر . گائيلس                             1890-1892ع

ايڇ . اِي . واٽسن.                      1892-1894ع

سي . اي . ايس . اسٽيل                1894-1895ع

ڊبليو . ايڇ . ليوڪس                    1895-1896ع

ايڇ . سي . ميولس                      1896-1898ع

جي . ايل . ريو                           1898-1899ع

ڊبليو . ايڇ . ليوڪس                   1899-1902ع

ايم . ڊي . مئڪنزي                    1902-1906ع

سي . اي . بيٽس                        1909-1911ع

ايم . ڊي . مئڪنزي                    1907-1909ع

سي . اي . بيٽس                        1909-1911ع

ڪليڪٽرس ٿرپارڪر

ڊبليو . ايف . هڊسن                      1911-1913ع

سي . آءِ . بلئٿويٽ                       1913-1914ع

جِي . جِي چئٽفيلڊ                       1914-1917ع

اِي . ايل . مـُئسي                        1917-1919ع

سي . ايم . بيڪر                       1919-1920ع

آر . اِي . گبسن                          1920-1921ع

جِي . مانٽيٿ                            1921-1923ع

ايڇ . مانٽگومري                        1923-1924ع

حامد نوئزدين عبدالعلي                 1924-1925ع

سي . سي . هنڊرسن                   1925-1928ع

اي . ايس . وي . اَئڪٽ                1928-1929ع

ايس . رڊلي                             1929-1930ع

جي . اي . مدن                         1930-1931ع

اي . ايس . وي . ائڪٽ                1931-1934ع

ايڇ . ايم . پٽيل                         1934-1935ع

خانبهادر نور نبي غلام نبي                   1936ع

ايم . ڊي . ڀاٽ                        1936-1937ع

خانبهادر عبدالقادر محمد حسين       1937-1939ع

خانبهادر نور نبي غلام نبي            1939-1941ع

آر . جِي . ڊيويز                         1941-1942ع

بي . ڊبليو . بڊ                          1942-1944ع

آر – ايف – ڪيٿ                            1944ع

بي – ڊبليو – بڊ                      1944-1945ع

اي  ايڇ – رضا                         1945-1946ع

جِي – ايڇ – ڪي – آغا              1946-1948ع

حاجي نبي بخش مريد علي ميمڻ            1948ع

غلام مصطفيٰ ايس-قاضي              1948-1949ع

اي . ايڇ . خان                          1949-1950ع

جي.جِي کراس                           1950-1951ع

سيد الطاف حسين                              1951ع

نياز احمد                                1951-1952ع

جِي. بي. ڦل                                   1952ع

مظفر حسين                              1952-1953ع

اي. ايڇ. خان                            1953-1954ع

آفتاب احمد خان                               1954ع

اي. ڪي . ايم موسيٰ                          1954ع

ايم. حسن                                1954-1955ع

ايم . امجد علي                                1955ع

 ڊپٽي ڪمشنرس ٿرپارڪر:

انور عادل                                 1955-1956ع

مسعود نبي نور                                1956ع

ايس. اعظم علي                        1956-1957ع

راس مسعود حسين                     1957-1958ع

محمود اقبال                            1958-1961ع

امجد احد شيخ                           1961-1962ع

سيد علمدار رضا                        1962-1965ع

ڊاڪٽر امتياز ا احمد خان                 1965-1966ع

ايف . آءِ . ملڪ                        1966-1969ع

ڌڻي بخش سومرو                       1969-1970ع

عدنان احمد علي                        1970-1972ع

آغا نور الله                                      1972ع

منظر اڪبر                              1972-1974ع

نور احمد شاهه                        (18 جون 1974ع

                                      کان وٺي اڄ تائين)

ضلعي جي ديهن جي فهرست

(1) ميرپورخاص تعلقو

  مڃري، چند موريو، ٻيلاڙو، چاهـُو، ٽـُوري، ميرواهه، ڪانترائي، ٻـُورجي، پنو نونداڻي، کهنبڙي، ڇيلاڙو، سيري، مبارڪ، پنهنورڪي، کـُٿِ، ڦاڏرو، کنڊر، ڪاڪ، سانگرو، ڏگهڪي، دولتپور، کيراهه، پوٺو، کاڻي مڱريه.

(2) ڊگهڙي تعلقو

آڪوٽو، سامروٽي، جنهاڻ، ڊهيٽي، آٿيلا، آڍيحاڻي.

(3) سامارو تعلقو

کاروڙو اڀرندو، حسن باغبان ُ لياري، شاخ سامارو،کن، شاهه حسن، کاڻي، ولاسو، ٽٻوهي، ڳاڙهو ڀڙو، سامارو پراڻو، گورابند، ڪنجهيجهي، ڀنڀرا، موراسو، جڳو، سيڻهڏي، ڀرڳڙي، ڪاروُ، رام جاڳو، پوٺو، ڇڇ، ڇڇ ڀرڳڙي، ڇن قبول، لنگڻي، جهلوري، لولان، آراڙو ڀرڳڙي، ڊينگاڻ ڀرڳڙي، سنهڙو، بِکوري، شادي پلي، نئين کپري، خدابخش مري، ڍنڍي، ڊينگاڻ پلي، ٻريجي، پِروڙ، نار، گڙُڪي، پلي، مور جهنگو، گولاڙڪي، ڪوڙڪي، مهاڙي، پٿورو، دريڙو، ڇاڇرو، کنڀڙي، ڄانڀو ڪنڊي، اڪڙي وڏي، هيرل، ڪانگڻي، ٽمون کارو، چنگل، گورهڏي، وڪهڏي، لاڻيرو،غلام نبي شاهه، ڀٽارو، اُٻنڌ، ٻانڌو، ساڏوري، جهرڪياري، چَر، جنجهي، سير کي، رندڪي، کرڇيلو، دڙيلو، شاخ دڙيلو، پڌريو، ڊاڀو، سـُونٺي، مانجهاڪر، موجن، ٽوڀن واري، ٻـُسٽان، کامڻون، ڪنڊياري، ڪـُڙيا، گهڙا ڪارينگا، سعيد ڪي، فتح ڍنڍ، آراڙو، کوسن جي واءِ.

(4) عمرڪوٽ تعلقو

عمرڪوٽ، جوڻيجا، کاروڙو پٽ، ٺاٺرائي، سون پور، لشاري، ڪرناءِ، ولهيٽ، کيرل، وليداد پلي، ٻيلو ڪرناءِ، شاخ کيجراڙي، ڪائٿ، ٽمون مٺو، کيجراڙي، سڀڙي پٽ، پڌريو، ساريٽي، چيلاڙي، گورسر، مارو واءِ، اوڪراڙو، ڪنر، پڙهيارو، جانهريو پٽ، چونڊا واءِ، ساڏوري پٽ، ڏ ُگو، مهپارو، ڀوڏار، کيروهي، ويراسر، ڍنگرالو، اصحابو، گپڻون، ٽانگور، صاحب تڙ، محمد عالم پلي، کڻهار، تَل، هاسيسر، ڪونجيلي، صاڀو، صوفي، ڍورو سرين، ڊيٻو، ڪلري، نارهڏي، آهر اڀرندو، سونهين، پنجوئي، هاڙهه، ڳموري، رٻاريو، ماکيارو، کاروڙو جاگير، ڇوڙ پراڻو، آهوري ڇوڙ، مانڍل، نونهيون، ٻانهياري، لڙهه، ٽيڀري، سارنگ سر، ڪنري، مئدرس، ڇڄڙو، ڳوڙاهو، مورجهنگو، ڍڍرو، ملهڻسر، راهمور، کاروڪن، ڏنڀرلو، راڄاري پٽ، نبي سر، راڻا واءِ، ملوڪ شاهه، باراني، سانوري، مونڌا واءِ، نصير چانڊيو، هئدو، خدابخش چانڊيو، ٽالهي، کلڙائي ٿر، دينور، شيخڙو، ڏُوڏهار، لپلو، هوڙينگو، موکل ٻهه، ڇوڙ ٿر، کاروڙو ٿر، ٻهڙائي ٿر، عمرڪوٽ ٿر، ڪپلور، سونهري، لالا ٻهه، ڪچولي، نبي سر ٿر، راڄار ٿر، راڄاري ٿر، سينهوئي ٿر، تڙسمون، ساڏوري ٿر، جانهرو ٿر، سڀڙي ٿر، ڏيات ٻهه، وهرو ٿر.

(5) ڏيپلو تعلقو

ڏيپلو، ميلڻهار، سجائي، پيلوڙي، ڏهر، تـُرڪيار، صوڀيار، ڪـُئنرل، ويڙهار، سومر ا سر، ڇاهيڇپڙو، ونگي، پانيلي، سارڻ، ٻلهياري، تلو، صندوق سڌوئي، ٿوهر ڇهو، ٻولهاڙي، مراد لشاري، لياري، ٽنڊو نيازي، ڇپڻهار، ڊاڀڙو، ڪن رحمت الله، ڍينگاريو، کيتلاري، سيڏيو، ڇڇي مـُورا، ڄنگهه، حميريا ٻهه، نبي سر، سينگاريو، راڄار، ڦانٽ، سيڙهي، ڀٽارو، ڪلوئي، ڍوڍارو،اُٺ ڊهو، کاڙڪ.

(6) مٺي تعلقو

مٺي، پاٻوهر، لکميار، مٺڙيو ڀٽي، گوڌيار، مالڻهور کاهوڙيا، اکيراج، نهٽو، مونڌا واءِ، ڪرمعلي، ٽالهي، ناصر، هئدو، لقمان جي واءِ، جنهاڻ، روهلڙي، وڄوٽو، خانور، نئون ڪوٽ، وسائي پوٽه، جوڙوئو، پوسرڪو، لوڻيهار، اسلام ڪوٽ، سونل ٻهه، متارو ساند، ڪيهڙي، مٺڙيو ڦتو، ڪرن، گريانڇو، کاريو غلام شاهه، ڪونڀاريو، مٺڙائو ڇٽو، سينگارو، جيئندو درس، سليمان حجم، ماڃٺي، اوڪراڙو، جهن، ٻهارڙي، واڻياٺ، ڪيرٽي، نئون ڪيرٽو، ٻپوهار، ڇهو، ڀڪوئو.

 (7) ڇاڇرو تعلقو

ڇاڇرو، ملڪان، هنج تل، ڪانٽيو، پاٻو ويرو، چيلهار، تڙ حمير، جنجيهر، راڄوڙو، ڍاڪلو، سارنگهيار، ڌاريندڙو، ويجهيار، ڌوڙڪيون، رڙلي، تڙدوس، راوت سر، هيرار، جنجهي، کڏي، چارنور،اَڙ ٻلهيار، کينسر، ڍيٻوڙي، چاڙهيار، تڙاحمد، قـَمڙهار، مٺڙيو چارڻ، روهڙ ڪيلهڻ، گڍڙو، نيٻلو، جيسي جو پار، کرڙيون، پارنو، لپلو، سڄڻ جو پار، ڏاهلي، سيار، جوڳي ويرو، پيري جو پار،

(8) ننگر پارڪر تعلقو

ننگرپارڪر، موندرو، ساڏورس، کاروڙو، ُاونهر، آڌيگام، صابوسڻ، کاراڙيو، ڪاسو، سوراچند، پيٿاپور، ڌينگاڻو، چـُوڙيو، ٻِهراڻو، پاڙو ڌورو، راڻپور، ويرا واهه، ڊنڍورو، پيلو، سومريٽ، ڊاڀو، مامچيرو، گهوٽي،راٺي، هاڙهو، ڀيما ويري، گوندي، شولو، چوٽل، مٺڙيو، جوڻيجا، ٻهرائو، لاڍو ورڻ، ستي ڏيرا، ٻلهاري، اُهڙا مار، تڳوسر، مصري شاهه، هيرار ديدا.

(نوٽ: جيمس آباد تعلقي جي ديهن تي نالن جي بجاءِ نمبر آهن.)

 

موٽي مانڊاڻن جي، جـُڙي ڪيائين جوڙ،

وڄون وسڻ آئيون، ٻهه ٻهه ٻڌين ٻوڙ،

اِنن جا عالم ۾، لڳي ٿئا کوڙ،

سارنگ لاٿي سوڙ، سانده سهائو ٿيو.

- شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه

هن ئي ضلعي کي اِهو شرف حاصل آهي جو وطن جي حب جي بينظير مثال جي عظيم علامت ”مارئيءَ“ جو ملير هت موجو د آهي. ڀالوا جي ڀلاري ڀـُون هن ضلعي جي حدن ۾ شامل آهي. سنڌ جي سداحيات صوفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ ٻين سمورن عوامي شاعرن پنهنجن لافاني بيتن ۾ مارئيءَ کي بيشڪ زنده ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ ۽ مارئي لازم ملزوم بڻجي چڪا آهن. ٿرڄائيءَ جو عظيم ڪردار سنڌ جي زندگي ۽ تابندگيءَ جي ضمانت ڏيئي رهيو آهي.“

- نور احمد شاهه

ڊپٽي ڪمشنر، ٿرپارڪر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org