29 April 2009

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: قديم سنڌ

باب: --

صفحو :18

آڳاٽن آرين جا ويجها سؤٽ ايران وارا آريه لوڪ هئا، تن وٽ به اهوئي ساڳيو دستور هوندو هو. بلوچستان جا ڪيترا ماڻهو جيتوڻيڪ اڪثر اڻ پڙهيل اهن ته به اڄ تائين رگ ويد واري زماني جي هندن وانگر راڄوڻي فيصلا ڪن ٿا. فيصلي لاءِ ”جرگو“ يعني چئن چڱن جو ميڙ (Council of Elders) ڪٺو ٿيندو آهي، جو تڪراري ڌرين جون ڳالهيون ٻڌي، حق جو فيصلو ڪندو آهي. راڄوڻي فيصلا ٿيڻ ئي اهڙيءَ بي ريائيءَ سان گهرجن.

رگ ويد مان ائين به سمجهجي ٿو ته ڪي ماڻهو مکيءَ ۽ پنچن تائين به دانهين ڪونه ويندا هئا. معاملي کي منڍ ۾ ئي روڪڻ لاءِ ڪو چڱو مڙس وچ ۾ پئي معاملو نبيريندو هو. منڊل ڏهين 97، 12 ۾ ”مڌيماشي“ (Madhyama-si) لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي اکري معنيٰ آهي ”وچ ۾ پوندڙ“ يعني امين، جو وچ ۾ پئي معاملو نبيري. اڄ به اسان جا ڪيترا ماڻهو انهيءَ خيال جا آهن ته ڪس ڀلي سهجي، پر ڪورٽن ۾ گهڙڻ نه گهرجي. آڳاٽن ماڻهن جا به اهڙا ئي خيال هوندا هئا، تنهنڪري پنچاتن تائين به وس پڄندي دانهين ٿي ڪونه ويندا هئا. پر رگ ويد واري اوائلي زماني ۾ رڳو پڳو ديواني معاملا ڪونه هوندا هئا. ٻنين ۽ چراگاهن جي حدن تان، ۽ واهن ۽ ڪڙين جي پاڻيءَ،  ۽ ٻين اهڙين ڳالهين تان وقتي هڪ گام وارن جو ٻئي گام وارن سان وڏو تڪرار ٿيندو هو. رگ ويد جي منڊل ڇهين (25، 4) ۾ مخالف ڌرين ۽ هڪ ڪونڌر جو ٻئي ڪونڌر کي ڪهڻ جو ذڪر آهي. ڀانئجي ٿو ته اهڙن فوجداري ڏوهن کي روڪڻ ۽ خونريزيءَ کي ٽارڻ لاءِ ۽ ڀروارن ڳوٺاڻن سان صلاح سانت ۾ رهڻ ۽ ساڻن ڀائپي وڌائڻ لاءِ، پوءِ هڪ نئون نمونو اختيار ڪيائون، ۽ اهو ترقيءَ جي راهه ۾ هيڪاري عمدو قدم کنيائون.*

 

پرڳڻن جون پنچاتون: آڳاٽن لوڪن پوءِ پنهنجي پنچات جو دائرو هيڪاري وڌائي، پرڳڻن جون پنچاتون ٺاهيون. اهڙين پنچاتين جا مثال اڄ به پنجاب، سنڌ ۽ ٻين ڪيترن هنڌ آهن. پنجاب جي روهتڪ ضلعي ۾ چوراسي ڳوٺن جي هڪ يڪي پنچات آهي، جنهن کي ”چوراسي کيرا“ سڏين ٿا. سنڌ ۾ رڳو وچولي ڏي نظر ڪريو ته اتي ساهتي پرڳڻي جي پنچات اڄ تائين آهي، جنهن ۾ نوشهرو فيروز، پڊ عيدن، ڀريا، ٺارو شاهه، ٺٽ، مٺياڻي، چنيجا ۽ پرڻ (تعلقو مورو) ۽ ٻيا ڪيترا هنڌ اچي وڃن ٿا. انهن سڀني هنڌن جي هڪڙي ئي پنچاتي ايندي آهي، جنهن تي سڀ هلڻ لاءِ ٻڌل اهن. دَلَ پنچات جو ميڙ ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي ڪٺو ٿيندو آهي، ۽ هرهڪ ڳوٺ مان ٿورا ٿورا عيوضي ان ۾ وڃي حاضر ٿيندا اهن. هيءُ ويدن واري زماني جورواج آهي، جو اڄ تائين هلندو پيو اچي.

Text Box: 274

مڪاني سرڪاريون: (Local Governments). قديم زماني جون پنچاتيون مڪاني سرڪاريون هونديون هيون، جن جو ويدن ۾ ٿورو، پر مهاڀارت ۾ گهڻو ذڪر آهي. ڪن هنڌ ڏهن، ڪن هنڌ ويهن، ته ڪن هنڌ هڪ سؤ بلڪ هڪ هزار ڳوٺن جي گڏيل پنچات هوندي هئي! هن وقت جي پنچاتين کي ڪابها ختياري ڪانهي. ڪو پنچاتي بنديءَ تي نٿو هلي، يا ٻيءَ طرح ڪا پنچاتي ڳالهه نٿو مڃي، ته پنچ رڳو پنهنجو اخلاقي زور مٿس هلائين ٿا؛ پر اڳي مُکين کي وڏيون اختياريون هونديون هيون. مئترياڻي سنهتا (يجر ويد) ۾ ”شتپتي“ لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”سؤ جو ڌڻي“ يعني هڪ سؤ ڳوٺن جو مُکي يا حاڪم، کيس انهن سڀني ڳوٺن جي فوجداري، ديواني ۽ ٻين عام ملڪي ڳالهين بنسبت اختياريون هونديون هيون. هن وقت به جيڪڏهن گهٽين ۽ برادرين جون پنچاتيون، دل پنچات سان ۽ ڳوٺن جون پنچاتيون شهرن جي پنچاتين سان گڏي، ملي ڪم ڪجي ۽ هلچل هلائي پنچاتين کي ڪي اختياريون وٺي ڏجن، ته سڄي ديس جو تمام گهڻي قدر ڀلو ڪري سگهجي.*

  

راڄنيتي جوڙجڪ (Political Organization). ويدن ۽ اتهاسن ۾ ڄاڻايل هن قسم جي حقيقتن مان آڳاٽن آرين جي راڄنيتي جوڙجڪ ڀليءَ ڀت سمجهي سگهجي ٿي. راڄنيتي جوڙجڪ جو مرڪز گهر هو، جنهن ۾ هڪڙي ئي آڪهه جا ڀاتي گڏ رهندا هئا، ۽ آڪهه جو پريو مڙس سڄي گهر جو حاڪم هوندو هو. گهر ۾ گويا پيءَ هو راجا، ماءُ هئي راڻي ۽ بار ٻچا سندين رعيت هئا. گهڻن آڪهين جو مير، جو ساڳي ڏاڏي جو اولاد هوندو هو، سو ”ڪل“ يا خاندان سڏبو هو. هرهڪ ڪل جو پريو مڙس ”ڪلپا“ يعني ڪل جو سنڀاليندڙ سڏبو هو. ”ڪل“ کي ڪٽنب“ به چئبو آهي، جنهن جو اُچار ڦري ”ڪڙم“ ٿيو آهي. سڀني ڪڙمين کي به گڏي ”ڪڙم“ چئبو آهي. اڳي گهڻو ڪري سڀ ڪڙمي هئي. تنهنڪري ”ڪڙم“ لفظ انهن ٻنهي معنائن سان اڄ تائين ڪم پيو اچي.

ڪل يا ڪٽنب کي ”پرور“ به چئبو آهي. گهڻن پرورن جو ميڙ ”نک“ ۽ گهڻن نکن جو ميڙ ”گوتر“ ڪوٺبو هو. هر هڪ گوتر جو وڏو ”گوتر پتي“ سڏبو هو. اهو گويا سندن وڏو ڏاڏو هو ۽ سندن حاڪم به اهو هو. گهڻن گوترن جي ميڙ کي ”ڳوٺ“، ۽ گهڻن ڳوٺن جي ميڙ کي ”گرام“ (گام- گانءُ) چوندا هئا. هر هڪ گرام جو مکي ”گرام مني“ سڏبو هو، جو ڳوٺاڻن جي جان، مال ۽ عزت جي بچاءَ لاءِ جوابدار هوندو هو، ۽ سندن ديواني توڙي فوجداري معاملا به نبيريندو هو. جيڪو گرام هڪ سؤ ڳوٺن جي مٿان هوندو هو، سو ”شتپتي“ يعني ”سو جو ڌڻي“ (هڪ سو ڳوٺن جو مالڪ) سڏبو هو. گهڻن گرامن جو ميڙ، جنهن ۾ هڪ هزار بلڪ وڌيڪ ڳوٺ هوندا هئا، سو ”وس“ (Canton or District) سڏبو هو. خود اُتي جا رهاڪو به ”وس "Visah (Commoners) ڪوٺبا هئا، جنهن جي بنيادي معنيٰ آهي ”واسو يا بيٺڪ ڪندڙ بيٺڪي“. ”وس“ ۾ سڀ آبادگار، ڪاسبي ۽ واپاري اچي ٿي ويا، جنهنڪري ”وس“ جي معنيٰ ٿي ”عام خلق“. انهيءَ ساڳئي ”وس“ لفظ مان پوءِ ”وئش“ لفط ٺهيو؛ ۽ اڄ تائين آبادگار، ڪاسبي ۽ واپاري وئش جي دفعي ۾ ليکجن ٿا. گهڻن وسن جي ميڙ کي ”جن“ يعني نيات يا قوم (Tribe) چوندا هئا،  ۽ هرهڪ جن جو پنهنجو پنهنجو راجا هوندو هو ۽ اهي جن سندن رعيتي راڄ هوندا هئا. مطلب ته جيئن هن وقت سنڌ ۾ خيرپور رياست آهي، ۽ ان جو والي مير صاحب آهي، تيئن رگ ويد واري زماني ۾ به ڏيهي رياستون هونديون هيون، ۽ هرهڪ رياست جو والي يا حاڪم پنهنجو پنهنجو هوندو هو. راڄنيتي جوڙ جڪ جو اهو ئي ساڳيو نمونو، ايران، اٽلي، گريس (يونان)، رشيا (روس) ۽ جرمنيءَ ۾ هوندو هو. *

 

راجائيءَ جو بيناد: رگ ويد جي منڊل پهرئين (سوڪت 36 منتر 10) موجب منشن (ماڻهن) جو پهريون راجا منو ڀڳوان هو، پر راجا مقرر ڪرڻ جو رواج ڪيئن پيو، سو احوال ان ۾ ڪونهي. مهاڀارت مان معلوم ٿئي ٿو ته پانڊون ۽ ڪورون جو وڏو ڪاڪو ڀيشم پتامهه جڏهن جڌ جي ميدان ۾ تيرن جي سيجا تي سمهيو پيو هو، تڏهن پاندون جي وڏي ڀاءُ راجا يڌشٽر کي گهڻين ئي ڳالهين بابت اُپديش ڪيو هئائين. راجا ڌرم بابت اپديش ڪندي کيس راجائيءَ جو بنياد به ٻڌايائين. اهو مختصر طرح هتي ڄاڻائجي ٿو، جو انهيءَ مان هاڻوڪن ٻين رواجن جو بيناد به سمجهي سگهجي ٿو.

پراچين سمي ۾ پرٿويءَ تي نڪا هئي سرڪار نڪو هو راجا. ماڻهو پنهنجو بچاءُ پاڻ ڪندا هئا. ڪجهه وقت کانپوءِ ڏٺائون ته پنهنجو بچاءُ پاڻيهي ڪرڻ ڏکيو آهي – ڪي پرائي مال جا تاڪائو هئا، ته ڪن جو پاڻ تي ضابطو ڪونه هو، جنهنڪري ماڻهو هڪٻئي جو چڪين ماس پيا ڇنندا هئا. ان وقت ڪن سياڻن ۽ سدا چارين پاڻ ۾ گڏجي اهو پرڻ ڪيو ته جيڪي ڪرڙيءَ زبان وارا، طبع جا شوخ، زناڪار ۽ عياشي آهن ۽ جن لي چوري ڪرڻ ۽ پرائي حق غضب ڪرڻ جي عادت آهي، تن کي پنهنجيءَ نيات مان ڪڍي ڇڏبو. هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته ”ٿالهؤن لاهڻ“ يا ڪوفي مان ڪڍي ڇڏڻ جو رواج نهايت قديم زماني جو آهي. اهڙي پرڻ ڪرڻ کانپوءِ ماڻهن جو هڪٻئي ۾ ويساهه ڄائو، ته ڪجهه وقت سک سانت ۾ گذاريائون، پر پوءِ يقين ڄاتائون ته ڪنهن راجا مقرر ڪرڻ کان سواءِ پوري پوڻ جي واهه ڪانهي، جو ڌرم ۽ اڌرم جو سنڌو سيڙهو ماڻهو رکن ئي ڪونه ٿا، ۽ ايشور کان به وڃن ٿا بي مک ٿيندا. هنن پوءِ دلگير ٿي شرٽي4 جي اپائيندر (برهما) کي آراڌنا ڪئي ته ”راجا کان سواءِ اسين ناس ٿي وينداسين، تنهنڪري اسان لاءِ ڪو راجا مقرر ڪريو. هو اسان جو بچاءُ ڪندو ته اسين کيس پنهنجو پُوج ڪري ليکينداسين“. هنن جي اها آراڌنا ٻڌي برهما پوءِ منو ڀڳوان کي چيو ته جيون جي رکيا ڪرڻ لاءِ توهين سندن راجا ٿيون. هن چيو ته ”حڪومت ڪرڻ ۽ ماڻهن کي ست ۽ ڌرم جي راهه تي هلائڻ سٿرو ڪم ڪونهي“. انهيءَ تي ماڻهن منوءَ ڀڳوان کي چيو ته ”توهين ڪوبه خيال نه ڪريو. توهان کي ڪوبه پاپ ڇهي ڪين سگهندو. شاهي خزاني کي ڀرپور ڪرڻ لاءِ اسين ان جي پيدائش جي ڏهين پتي ۽ پنهنجي سون جي پنجاهين پتي ڏينداسون، ۽ گايون، مينهون ۽ ٻيو چوپايو مال به ڏينداسون. اسان مان جيڪي هٿيار پنوهار هلائي ڄاڻن، ۽ سواري ڪري ڄاڻن، سي توهان جي پٺيان ائين هلندا، جيئن ٻيا ديوتائون راجا اندر جي پٺيان هلن ٿا. ائين اوهين ڪٻير ديوتا (ڀڳوان جي خزانچيءَ) کان به وڌيڪ زور ٿيندا ۽ سولائيءَ سان اسان جو بچاءُ ڪري سگهندا. توهان جي اَجهي هيٺ رهي، ڀڳوان جي ڀڳتي ڪنداسين ۽ انهيءَ مان جيڪو اسان کي آتمڪ لاڀ (روحاني فائدو) ٿيندو، تنهن جي به چوٿين پتيءَ تي توهان جو حق ٿيندو. اي سوامي، اندر ديوتا وانگر توهين اسان جو بچاءُ ڪريو، ۽ ٻهڪندڙ سج وانگر ٻاهر نڪري، اسان جن شترن (دشمنن) کي جيتيو. توهين اسان جن شترن کي جيتي سندن ڪنڌ هيٺ ڪريو، ته سدائين ڌرم اسان جي رکيا ڪندو رهي“. منو ڀڳوان پوءِ جيون جي رکيا ڪرڻ لاءِ وڏي شان شوڪت ۽ دٻدٻي سان پنهنجي قلعي مان نڪتو ۽ بيشمار ماڻهو هٿيار پنهوار ٻڌي، سندس پٺيان هليا، (مهاڀارت شانتي پرو، 67).

مٿئين مضمون مان ظاهر آهي ته نهايت قديم زماني ۾ ئي ماڻهن محسوس ڪيو ته پنهنجيءَ جان ۽ مال جي بچاءِ لاءِ ۽ امن امان ۾ رهي، سکي جيوت گهارڻ لاءِ، ڪنهن سوروير کي پنهنجو راجا مقرر ڪجي ۽ پنهنجيءَ پيدائش مان کيس حصو ڏجي، ته رعيت لاءِ سکن سهنجن ڪرڻ ۾ سولائي ٿئيس. سرڪاري ڍلن ڏيڻ جو رواج ائين پيو، جي ماڻهن پنهنجي سک لاءِ پاڻ تي پاڻهي ٻڌيون. جنگي کاتي جوڙڻ، ۽ لشڪر ۾ ڀرتي ڪرڻ جو رواج به ماڻهن پنهنجيءَ خوشيءَ سان وڌو، ته ديس جو بچاءُ ڪرڻ سولو ٿئي. هن ريت رعيتي ماڻهو راجا سان هر طرح ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا ٿي، تنهگن ۾ مکيه ڳالهه هي4 هئي ته راجا سندين مڃتا سان مقرر ٿي ٿيو. ماڻهن کي دل گهريو راجا ملندو ته منجهن راڄ ڀڳتيءَ (Loyalty) جو انگ پاڻمرادو پيدا ٿيندو. اڄ به چئون ته ”جنهن جي ويلا تنهن جي رکيا“ يعني جنهن جي صاحبي هجي،تنهن جو سدائين خبر گهرجي. ٻين قومن جي تاريخن مان معلوم ٿئي ٿو تهاهي به نهاي راڄ ڀڳت هونديون هيون ۽ حاڪمن جي فيصلي موجب هلڻ تي پاڻ کي ٻڌل سمجهنديون هون. حضرت عيسيٰ کي صليب تي چاڙهڻ جو حڪم ٿيو، ته ڪا هوڏ يا تڪرار نه ڪيائين؛ پر ايشور جو ڀاڻو مٺو سمجهي ماٺ ميٺ ۾ پنهنجو سر ڏنائين. منصور به مرڪندي سوريءَ تي سوار ٿيو. مسلمانن جي قرآن شريف ۾ به راجائي حڪم مڃڻ جي هدايت ۽ راڄ ڀڳتيءَ جو تاڪيد ٿيل آهي.

راجا جا فرض ۽ سنديس خود مختياريءَ ۾ اٽڪون: ويدن واري زماني ۾ ماڻهن ۾ لوڪشاهي (Domocracy) جو انگ ججهو هوندو هو. پنهنجي لاءِ راجا پاڻ مقرر ڪندا هئا. هو ائين ڄاڻندا هئا ته ملڪ اسان جو آهي، راجا کي اسان پنهنجي خوشيءَ سان پنهنجي بچاءَ لاءِ مقرر ڪيو آهي، تنهنڪري کيس پنهنجا فرض ادا ڪرڻا آهن، ۽ انهيءَ فرض ادائيءَ ۾ کيس پئسي ۽ ماڻهن جي مدد ڏيڻي آهي. انهيءَ سبب هو پاڻ کي اڃا ”رعيت ڪري ڪونه سمجهندا هئا. کين هٿيارن پنهوارن رکڻ کان ڪابه روڪ ڪانه هوندي هئي، تنهنڪري جنهن وقت ڏسندا هئا ته راجا ڳريون ڍليون وجهي، ماڻهن کي پيڙي ٿو، تنهن وقت ساڻس جنگ جوٽڻ لاءِ تيار ٿي بيهندا هئا. اهڙيءَ حالت ۾ ڪنهن به راجا کي جريت ڪانه ٿي ٿي، جو خودمختيار ٿي، جيئن وڻيس تيئن هلي. ٻي ڳالهه ته راجا جي ڪنهن ويجهي عزيز کي راڄ گاديءَ هٿ ڪرڻ جي نيت هوندي هئي، ته رعيتي ماڻهن کي چٽون چوٽون ٻڌي ۽ کين وڌيڪ سکي رکڻ جا دم دلاسا ڏيئي، پنهنجي پاسي ڪري سگهندو هو؛ جنهنڪري راجا پنهنجن اهڙن دشمنن کي ڌڪ هڻندو هو. ٽين ڳالهه ته جيئنهن وقت سنڌ ۾ ”ڪي چور“ آهن، تيئن رگ ويد واري زماني ۾ به ڪي هنن چورن جهڙا هوندا هئا. اڻ آريه لوڪن مان ڪيترا جبلن ۽ سرحدن واري پاسن کان لڏي، آرين جي ڏيهي رياستن ۾ اچي رهيا هئا. اهي وجهه وٺي آرين جو چوپايو مال ڪاهي ويندا هئا، جنهنڪري اهي ”اسر“ ۽ ”دئت“ سڏيا ويا آهن. اهي وقت بوقت وڏو آزار مچائيندا هئا، تنهنڪري ئي راجائن مقرر ڪرڻ جي ضرورت ٿي هئي. اهي جڏهن پاڻمرادو يا ڪنهن جي ڇيڙڻ تي صلع ۾ وڳوڙ وجهندا هئا، تڏهن راجا جي دشمنن کي به ائين چوڻ جو وجهه ملندو هو ته راجا کي راجائي هلائڻ نٿي اچي. انهن سڀني سببن ڪري خود راجا جي جهوٻي وهڻي هوندي هئي. کيس سڀني پارين خيال ڪرڻو پوندو هو، ۽ آپيشاهي نمونو (Autocracy) هلي ڪين سگهندو هو. اهي گويا سندس مطلق خود مختيار ٿي رهڻ ۾ رنڊڪون يا اتڪون هيون، تنهنڪري هر طرح رعيت جي دل وٺڻي پوندي هيس. انهيءَ هوندي به ايترو ڏکو رکندو هو، جو هر ڪو پيو ڪنبندو هو، ته متان راجا مون تي ڪپ ٿئي، (اٿرو ويد منڊل ڇهون، 4). راجا کي اهو ڏکو ضرور وهارڻو آهي ته رعيتي ماڻهو سمجهن، ته ڪوبه لچ لمپٽ اسان جي وار جو به نالو وٺي ڪين سگهندو، ۽ جيڪڏهن ڪو بي قاعدي هلت ڪندو ته جهٽ سزا ڏياري سگهبس. اهڙو آٿت جڏهن ماڻهن جي دلين کي هوندو، تڏهن هو ڪنهن به ڊپ ڊاءُ بنا اويل سويل ٻاهر نڪري سگهندا، ۽ نرسني پنهنجن ڌنڌن ڌاڙين ڏي ڌيان ڏيندا جنهنڪري هنرن ۽ ڪاريگرن جو واڌارو ٿيندو ۽ ملڪ سائو ٿيندو.

براهمڻن جو زور: راجائون پنهنجو راڄ، ڌرم ۽ راجائي فرض پوريءَ ريت پالين، تنهن لاءِ ويدن واري زماني ۾ ئي ماڻهن ضروري سمجهيو ته راجڪمارن کي ننڍڙي ئي راڄ، ڌرم ۽ راڄنيتيءَ جون ڳالهيون سيکارجن، ته وڏي هوندي حڪومت جو چرخو چڱيءَ ريت هلائي سگهن. ان وقت براهمڻ ۽ رشي، ڌرم ۽ نيتيءَ جي اعدن جا پورا پورا ڄائو هئا، ۽ اهي ئي راجڪمارن جا وديا گرو ٿيا. خود راجائن کي براهمڻ ۽ رشين کانسواءِ ڪينسرندي هئي. هر ڪنهن هنڌ راجا جي لاءِ ضروري هو ته پهريائين پنهنجي لاءِ ڪو پروهت مقرر ڪري، ۽ پوءِ پنهنجي تاجپوشيءَ جو بندوبست ڪري، (مهاڀارت، شانتي پرو، 3 ۽ 29). راڄ جي سلامتي ۽ واڌاري جو مدار راجا تي آهي؛ پر خود راجا جي اُنتيءَ جو مدار سندس پروهت تي آهي. (شانتي پرو 74، 1-2). عام طرح ماڻهو ائين وسهندا هئا ته براهمڻن ۾ اهڙو ڪو ٻل آهي، جو اُهي جڏهن پوريءَ وڌيءَ سان ويدن جا منتر اُچارين ٿا، تڏهن هرڪو يگيه سڦلو ٿئي ٿو، ۽ ديوتائون ماڻهن جي من جون مرادون پڄائين ٿا. ائين به وسهندا هئا ته يگين ۽ پوڄائن ڪر5ڻ کان سواءِ گت ٿيڻي ڪانهي، تنهنڪري عام ماڻهن کي، توڙي راجائن کي ڪو وڏو يگيه ڪرڻو هوندو هو ته سدائين براهمڻن ۽ رشين کان ڪرائيندا هئا. يگين ۽ پوڄائن مهل براهمڻن ۽ رشين کي راجائون به پيرين پوندا هئا، ۽ سندن چرن ڌئندا هئا، جا تابعداريءَ جي نشاني آهي. عام خلق به براهمڻن ۽ رشين جي اڳيان سر جهڪائيندي هئي، ۽ راجا خود عام خلق جي مدد جو محتاج هوندو هو. اهڙيءَ حالت ۾ براهمڻن ۽ رشي راجائن کان به وڌيڪ زور هوندا هئا، سو به ايتري قدر هرهڪ ڏيهي رياست جو راجا ”وسپتي“ يعني ”وس“ يا عام خلق جو راجا سڏبو هو، ۽ نه ”برهمڻپتي“، براهمڻ گويا پنهنجا حاڪم پاڻ هوندا هئا. هيڏي مان مرتبي ۽ ججهيءَ هلنديءَ هوندي به براهمڻن اڪثر راجا ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪئي، جو ڄاتائون ٿي ته وزيري جي عهدي تي رهي؛ راجا کي ڌرم ۽ نيتيءَ جي پٽاندر هلائبو، ته انهيءَ ريت ديس جي شيوا وڌيڪ چڱيءَ ريت ڪري سگهبي. براهمڻن پنهنجي ڪا ڌار ڪليسا يا چرچ (Church) به ڪانه ٺاهي، جيئن قديم زماني ۾ يورپ ۾ رواج هو. يورپ ۾ اڳي هڪڙو ئي ڪئٿولڪ ڌرم هوندو هو، ۽ پاپا (Pope) ”ڌرم رکپال“ (Defender of Faith) سڏبو هو. ويدڪ زماني ۾ توڙي ان کانپوءِ ڪنهن به براهمڻ يا رشيءَ کي اهڙو لقب مليل ڪونه هو، ته به سڀ ماڻهو کين ڌرم جو رکپال سمجهندا هئا. خود راجائون به سندن ٺهرايل قاعدن پٽاندر هلڻ لاءِ ٻڌل هوندا هئا. اڄ به سندن ئي جوڙيل قاعدن ۽ سندن ئي وڌل رواجن پٽاندر ڪورٽن ۾ هندن جي معاملن جو نبيرو ٿئي ٿو. سڀ ڪورٽون انهيءَ قديم ”هندو لا“ (Hindu Law) تي هلڻ لاءِ ٻڌل آهن، ۽ جيڪو به فيصلو انهن قاعدن پٽاندر نٿو ٿئي، سو رد ۽ باطل سمجهيو وڃي ٿو.

براهمڻن ۽ رشين جو مان مرتبو جيتوڻيڪ يورپ جي پوپن (Popes) جهڙو هوندو هو، ته به ٻنهي جي هلت ۾ وڏو ڦير هوندو هو. يورپ جا پوپ شاهاڻو شان شوڪت رکندا هئا، ۽ وڏي تزڪ ۽ تومان سان ديول (چرچ) ۾ ايندا هئا. سنڌو ماٿر جي باهمڻن جي هلت ئي نرالي هوندي هئي. هو ننڍڙي هوندي ئي مٿو ڪوڙائي، جڻيو پائي، پنهنجي گروءَ وٽ وديا پرائڻ ويندا هئا، ۽ اُهو سڀ وقت ڌنڌو ڪري يا پِنَ ڪري پاڻ به کائيندا هئا، ۽ گروءَ کي به کارائيندا هئا. جڏهن هر طرح جي وديا پرائي پر پڪ ٿيندا هئا، تڏهن ٻين کي وديا سيکارڻ، يگين ۽ پوڄائن ڪرڻ جو ڪم پاڻ تي کڻندا هئا. بگين ۽ پوڄائن ڪرڻ مهل به ڪنهن مسند تي چڙهي ڪونه وهندا هئا؛ پر چؤنڪو پائي پٽ ۾وهندا هئا. مطلب ته ٺاٺ يا آڊمبر وٽن ڪونه هوندو هو. نهٺائي ۽ نماڻائيءَ سان ڌرمج ڪرم تي پوريءَ ريت هلي، پاڻ کي ايتري قدر لائق ڪندا هئا؛ جو راجائون کين پيرين پئي سندين آسيس گهرندا هئا. خود رگ ويد ۾ چيل آهي ته ”جيڪو راجا براهمڻن سان ڀال ڀلائي ٿو، تنهن تي ديوتائون پرسن ٿي سندس رکيا ڪن ٿيون“، (منڊل چوٿون، سوُڪت 5، 8-9). انهيءَ هوندي به براهمڻن ۽ راجائن جي وچ ۾ وقتي تڪرار ٿيندا هئا، جيئن يورپ ۾ بادشاهن ۽ پوپن جي وچ ۾ ٿيندا هئا. مثلاً انگلنڊ جي بادشاهه هينري اٺين جي مرضي ٿي ته پنهنجي راڻي ڪئٿرين کي ڪڍي، اِئن بلين سان پرڻجان. ان لاءِ پوپ کان موڪل گهريائين ته هن جيئريءَ تي جيئري پرڻجڻ جي موڪل نه ڏنس. انهيءَ تان بادشاهه کي اهڙي باهه لڳي، جو پوپ کان ڪليسا (Church) جون سڀ اختياريون کسي ورتائين، ۽ آئيندي لاءِ ڌرم جو رکپال پاڻ ٿيو. سنڌو ماٿر ۾ براهمڻن ۽ کٿرين (راجائن ۽ ٻين کترين) جي وچ ۾ تڪرار اڪثر ٽن ڳالهين تان ٿيندا هئا:

(1) براهمڻن ۾ سؤمان (Self Respect) جو انگ بلڪل گهڻو هوندو هو، تنهنڪري جڏهن ڪو راجا ڪنهن براهمڻ جو اَپمان ڪندو هو، يا چڙ منجهان کيس ڪلو ايذاءُ رسائيندو هو، يا ڪهي وجهندو هو، تڏهن براهمڻ کيس سامهون ٿيندا هئا، ۽ وڏو تڪرار مچندو هو.

(2) جڏهن ڪو راجا براهمڻن کي ريٽي، يگين ۽ پوڄائن ڪرڻ جو پاڻ کي حقدار سمجهندو هو. تڏهن براهمڻ اعتراض اُٿاريندا هئا، جو سمجهندا هئا ته راجا اسان جن ڪمن ۽ حقن ۾ دست اندازي ڪري ٿو، پر اهڙا تڪرار گهڻو پوءِ ٿيڻ لڳا.

(3) جيڪڏهن ڪوبه کٿري، راجائن ۽ ٻين کي يگيه ڪرائيندو هو، ته انهيءَ تان به براهمڻن جو انهيءَ کتريءَ سان تڪرر ٿيندو هو. مثلاً وشوامتر کتري ٿي راجا سوداس کلي يگيه ٿي ڪرايو، ته وشٽ منيءَ سخت اعتراض اٿاريو هو.

راجائن ۽ براهمڻن جي وچ ۾ تڪرار ٿيڻ لاءِ پهريان ٻه مکيه سبب هوندا هئا، تن مان پهريون سبب وڌيڪ مکيه هوندو هو، جو ڪوبه براهمڻ پنهنجو اَپمان سهي ڪين سگهندو هو، جنهنڪري هر ڪنهن راجا کي چيتي هلڻو پوندو هو. *

 

        رگ ويد واري زماني ۾ براهمڻ رشي هيترو زور هوندا هئا، ته به وس پڄندي انهيءَ ڳالهه جو اڻ ٺهندو فائدو نه وٺندا هئا. عام خلق اڪثر سندين ڏوريءَ ۾ ٻڌل هوندي هئي، جنهنڪري ڪنهن راجا کي راڄگديءَ تي وهارڻ توڙي راڄگديءَ تان لاهڻ سندن وس جي ڳالهه هوندي هئي، ته به وس پڄندي نه ڪڏهن پاڻ راجا ٿيڻ جي ڪوشس ڪندا هئا، نه ڪنهن راجا کي تخت ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪندا هئا. هنن ڄاتو ٿي ته روز روز راجا پيو بدلائبو ته انهيءَ ۾ خود ديس لاءِ چڱائي ڪانه ٿيندي. انهيءَ سبب ساز سلوڪ ۾ رهڻ جي ضرورت محسوس ڪيائون، جنهن ڳالهه جو مهاڀارت جي شانتي پرو ۾ ججهو ذڪر ٿيل آهي. راجا کي متان ڪي دشمن ٿڏڻ جي ڪوشش ڪن، ۽ ملڪ ۾ وڳوڙ پيدا ٿئي، تن ڳالهين کي ٻنجي ڏيڻ لاءِ به جوڳا قدم کنيائون، جنهن جو ذڪر ڪجي ٿو.

راجائن جي چونڊ: سنڌو ماٿر ۾ ڪنهن به هنڌ لاءِ ڪو راجا مقرر ڪرڻو هوندو هون، ته ٻين هنڌن جي راجائن کي نينڍ ڏيئي گهرائيندا هئا، اهو ڀر وارن راجائن سان ڀائپيءَ ڳنڍڻ جو رستو هو. ساڳئي وقت سندين قبوليت سان راجا مقرر ٿيڻ ڪري، ڪنهن جنگ فساد جو امڪان نه رهندو هو. جيڪو راجا مقرر ڪرڻو پوندو هون، تنهنجي عزيزن مان متان ڪو حسد ڪري ۽ راڄگدي هٿ ڪرڻ لاءِ ڪي سٽون سٽي وڳوڙ پيدا ڪرائي، تنهنڪري ضروري ڄاتائون ته راجا جي چونڊ ڪرڻ ۾ خود سندس عزيزن جو به هٿ هئڻ گهرجي، ۽ اُهي پوءِ به سندس صلاحڪار ٿي رهن. راجا سندين صلاح سان ڪاروبار هلائيندو، ته پوءِ ڪنهن کي ويڪن ڪڍڻ جو وجهه ڪونه ملندو. اهو دستور اختيار ڪري، وير، وروڌ، حسد ۽ هُوس کي ڄڻ ته ٻنجو ڏيئي ڇڏيائون. هيءُ حقيقتون اٿرو ويد ۾ ڄاڻايل آهن. اٿرو ويد جي منڊل ٽئين (سُوڪت 4) ۾ راجا کي راڄگدي ملڻ جي يگيه ٿيڻ مهل هڪ رشي چوپيس ٿو ته: ”جدا جدا نياتين جا ماڻهو اوهان کي راجا ڪري چونڊيندا، توهان جا سجاتي (ذات وارا يا مٽ مائٽ) توهان کي ڪوٺ ڏيئي، توهان سان ملڻ لاءِ ايندا ۽ اوهان سان گڏ اگن ديوتا به اوهان جي اچڻ جي سڌ اڳواٽ ڏيڻ ايندو“. هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته راجا جي چونڊ ڪرڻ ۾ جدا جدا نياتين جي ماڻهن، رشين، براهمڻن ۽ راجا جي عزيزن جو هٿ هوندو هو. اهي سڀيئي ”راجڪرتهه“ (King Makers) سڏيا ويا آهن. راجا جي چونڊ ٿيڻ مهل جدا جدا ڳوٺن جا ماڻهو پنهنجي پنهنجي گرام منيءَ کي پنهنجو عيوضي ڪري موڪليندا هئا، ۽ اهو عام خلق جي پاران رايو ظاهر ڪندو هو. راجا جي مقرريءَ ۾ ٻيو هٿ هوندو هو ”رٿڪارن“ جو يعني رٿن يا گاڏين جوڙيندڙن جو. جيئن هن وقت جپاني توڙي يوروپي لوڪ هوائي جهازن ۾ چڙهي جنگ ڪن ٿا، ۽ هوائي جهازن جوڙيندڙن کي ججهو مان ڏين ٿا، تيئن اڳي راجائون ۽ ٻيا جنگي عملدار رٿن تي چڙهي جنگ جي ميدان ۾ ويندا هئا، جنهنڪري رٿڪارن جو مان هوندو هو. اُهي به راجائن جي چونڊ ڪرڻ ۾ بهرو وٺندا هئا. راجائن جي چونڊ ڪرڻ ۾ ”سوُتن“ جو به هٿ هوندو هو. ”برهمڻي ماءُ“ ۽ ”کتري پيءُ“ مان پيدا ٿيل پٽ ”سوُت“ سڏبو هو. سُوت اڪثر ”سارٿي“ يعني رٿ هلائيندڙ هوندا هئا. اِهي رواجي گاڏيءَ وارا ڪين هوندا هئا، پر وڏا جنگي جوڌا ۽ تير اندازيءَ ۾ ڀڙ هوندا هئا. جنگ مهل جيڪو راجا يا جنگي عملدار رٿ ۾ چڙهي، رڻ ڀوميءَ (جنگ جي ميدان ۾ ويندو هو، سو سارٿيءَ جي پٺيان ويهي دشمنن کي ٻاڻ (تير) هڻندو هو. دشمنن جي طرفان جيڪي تير ايندا هئا، سي سڌو سارٿيءَ ڏي! پر هو اتڪل ڪري تير کان پاڻ بچائي وٺندو هو، ۽ ساڳئي وقت پاڻ سان گڏ چڙهيل سوار جو به بچاءُ ڪندو هو. مطلب ته جيڪو سوُت جبرو جنگي جوان ۽ لڙائيءَ جي فن ۾ ماهر هوندو هو، تنهن کي پنهنجو سارٿي ڪندا هئا. اِهو ئي سبب هو جو مهاڀارت واريءَ لڙائيءَ ۾ شري ڪرشن پنهنجي ڪرپا ڪري آرجن جي رٿ ٿي هڪليو، ۽ پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي آرجن جو بچاءُ ڪيائين ٿي. ويدن واري زماني ۾ راجا جي مقرريءَ مهل اِهي سُوت جنگي فوج جا عيوضي ٿي ايندا هئا. ائين نه رڳو رشين ۽ براهمڻن؛ پر جنگي کاتي ۽ عام خلق جي عيوضين جي مڃتا سان راجائون مقرر ٿيندا هئا، ۽ ماڻهو سچو پچو سو راج ماڻيندا هئا. هي ڳالهيون اٿرو ويد جي منڊل ٽئين، سوُڪت 5 ۾ لکيل آهي.

راجا جي تاجپوشي: رعيتي ماڻهو جيڪو راجا پنهنجي لاءِ چونڊيندا هئا، تنهن جي تاجپوشيءَ جو ذڪر رگ ويد جي منڊل ڏهين (سوُڪت 173)، ۽ اٿرو ويد جي منڊل ڇهين (87، 88) ۾ آهي. راجا کي راڄگديءَ تي ويهارڻ مهل هڪ رشي چوي ٿو ته ”اسان جي وچ ۾ اچو، ۽ پختا ٿي وهو. شل سڀني کي اوهين وڻو. توهين شل پنهنجي گاديءَ تان نه ٿڙڪو. هتي اسٿر ٿي وهو، ۽ شل اِتان لهي هيٺ نه اچو. هتي اندي ديوتا وانگر پختا ٿي وهو ۽ راشٽر (رياست) جون واڳون جهليو. جيئن آڪاس اسٿر آهي، پرٿوي اسٿر آهي، جبل اسٿر آهن، تيئن شل ”وِس“ يا عام خلق جو راجا اسٿر هجي! شل ورڻ ديوتا، برهسپت ديوتا، اندر ۽ اگني ديوتا جي ڪرپا سان حڪومت جون واڳون توهان جي هٿ ۾ پختيون هجن! جيڪي توهان جا دشمن هجن، يا توهان سان دشمن جهڙي هلت ڪن، تن کي توهين پنهنجن پيرن هيٺ پورو ڪري ڇڏيو، پر توهان کي ڪا ٺوڪر نه اچي. سڀ يڪراءِ ٿي اوهان جو مان ڪن ٿا، ۽ سمتي توهان کي مقرر ڪري ٿي توهين محڪم هجو“. هن مان ظاهر آهي ته قديم زماني ۾ ئي رشين ڄاتو ٿي ته حڪومت جو چرخو چڱيءَ ريت تڏهن هلي سگهندو، جڏهن راجا جي راجائي پڪي پائي تي بيٺل هوندي. انهيءَ سبب ئي اهڙيون آراڌنائون ڪيائون ٿي، ته راجا جو راڄ قائم رهي!

سڀا ۽ سمتي: رگ ويد واري زماني ۾ راڄ درٻار جا ميڙ ٻن نالن سان سڏبا هئا: ”سڀا“ ۽ ”سمتي“، ٻنهين جي وچ ۾ ڪهڙو تفاوت هوندو هو، سو رگ ويد ۾ ڄاڻايل ڪونهي، پر جيڪي حقيقتون ويدن ۾ جدا جدا هنڌن تي ڄاڻايل ڪونهي، پر جيڪي حقيقتون ويدن ۾ جدا جدا هنڌن تي ڄاڻايل آهن، تن مان اسان جي عالمن کي ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته ”سمتي“ هڪ وڏي ڪانگريس هوندي هئي، جنهن ۾ سڀني ڪُلن جا ماڻهو اچي ڪٺا ٿيند هئا. سمتيءَ ۾ راجائون به ويندا هئا (رگ ويد منڊل نائون 92، 6)، ”راجنهه سمتوير“ يعني امير امراءَ به اتي اچي ڪٺا ٿيندا هئا، (منڊل ڏهون 97، 6). رگ ويد جي منڊل ڏهين (173، 1) ۾ چٽيءَ ريت چيل آهي ته ”سڀ يڪراءِ ٿي اوهان جو مان ڪن ٿا ۽ سمتي توهان کي مقرر ڪري ٿي“. هيءَ ساڳي سٽ جا مٿي تاجپوشيءَ جي ذڪر ڪندي ڏني ويئي آهي، تنهن مان ۽ ٻين اهڙن احوالن مان عالمن کي ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿيو آهي ته سمتين ۾ ماڻهن جو ميڙ راجا چونڊڻ، تاجپوشيءَ جي جلسن ۽ ٻين اهڙن خاص موقعن تي مڙندو هو، باقي ٻيو ملڪي ڪاروبار راج سڀائن ۾ هلندو هو.

”سمتي“ لفظ جي بنيادي معنيٰ آهي ”جتي ماڻهو وڃي ڪٺا ٿين“.تنهنڪري اڄ تائين ”سمتي“ لفظ سڀا منڊل يا ميڙ“ جي معنيٰ سان ڪم اچي ٿو، پر شاين آچاريه، جنهن ويدن جي ٽيڪا ڪئي آهي، تنهن ”سمتي“ لفظ جي معنيٰ ڪئي آهي ”سنگرام يا لڙائي“، ياسڪ منيءَ به اهائي معنيٰ ڪئي آهي. وڏي ڳالهه ته اٿرو ويد جي منڊل ٻارهين سوُڪت پهرئين۾ ”سمتي“ ۽ ”سنگرام“ لفظ ائين گڏ ڪم آيل آهن، جو ڄڻ ته ساڳي معنيٰ وارا لفظ آهن. ”سمتي“ لفظ جي اڳي اها معنيٰ ڪهڙي حساب سان هئي، سا ڳالهه سمجهڻ تڏهن سولي ٿئي ٿي، جڏهن يورپ جي آڳاٽين سمتين جون ڳالهيون ڌيان ۾ رکجن ٿيون. يونان جي تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته قديم زماني ۾ اتي ڪا وڏي ملڪي ڳالهه ٿيندي هئي، ته آزاد خيالن وارا ماڻهو پلٽڻ وانگر صفون ٻڌي راج درٻار ۾ وڃي بيهندا هئا. ٽيوٽانڪ قوم وارن ۾ دستور هوندو هو ته جڏهن صلح يا جنگ ڪرڻ جو ٺهراءُ ٿيڻو هوندو هو، تڏهن به آزاد خيالن وارا ماڻهو صفون ٻڌي وڃي بيهندا هئا، ته ڏسون ته ڪهڙو فيصلو ٿو ٿئي. جيڪڏهن فيصلو سندن دل وٽان نه ٿيندو هو، ته پنهنجي ناراضپي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڀُڻ ڀُڻ يا ڪنجهڪار ڪندا هئا؛ پر جيڪڏهن سندن دل وٽان فيصلو ٿيندو هو، ته پوءِ پنهنجي راضپي ظاهر ڪرڻ لاءِ پنهنجا نيزا يا ڀالا کڙڪائيندا هئا! اِهي ڳالهيون ويچار ۾ رکجن ٿيون ته ائين سمجهڻ ۾ پيو اچي ته سنڌو ماٿر ۾ به جيڪي ”سينا ناني“ يا لشڪري مهندار (Leaders of the Army) گرام مني ۽ ٻيا جنگي جوڌا رعيت جا عيوضي ٿي سمتيءَ ۾ ايندا هئا، سي صفون ي اچي بيهندا هئا، تنهنڪري سمتي“ لفظ جي اصل معنيٰ هئي ”جتي ڪٽڪ اچي مڙن“. مطلب ته سمتيءَ ۾ ماڻهو ائين اچي مڙندا هئا، جيئن جڌ يا لرائيءَ ۾ ڪٽڪ اچي مڙن ٿا، تنهنڪري ”سمتي“ ۽ ”سنگرام“ اصل ساڳئي معنيٰ وارا لفظ هوندا هئا. اڳي سڀ ڳوٺاڻا جنگي جوڌا هوندا هئا، جا ڳالهه اڳي ئي ڄاڻائي وئي آهي.*

 

”سڀا“ لفظ جي به معنيٰ آهي ”منڊلي، ميڙ يا درٻار“. مثلا ”اندر سڀا“ معنيٰ راجا اندر جي درٻار. سڀا ۾ راجا ٻهڪندڙ ويس ويس وڳو ڪري ۽ سنهري جيو پائي ايندو هو، ته ڀَٽَ پريان ئي سندس اچڻ جي سڌ ڏيندا هئا (رگ ويد مندل ڏهونم، 40، 3)، درٻاري سندس وڏائي ۽ واکاڻ ڪندا هئا (منڊل پهريون 173، 10)، ۽ راجا جو حڪم احڪام دوُت (Messengers) ٻين تائين پهچائيندا هئا، (منڊل (ڏهون 123، 6). راجا جي گادي سون سان سينگاريل هوندي هئي (منڊل پنجون 62، 7)، ۽ هيٺان فرش وڇايو پيو هوندو هو، (رگ ويد منڊل پهريون، 171)، امير وزير بلڪ راجا جا مقرر ڪيل جاسوس به سندس چوڌاري ميڙ ڪري وهندا هئا، (منڊل پهريون، 25، 10).

رگ ويد واري زماني ۾ ”سڀا“ هڪ ملڪي ڪائونسل (Political Council) هوندي هئي، جنهن ۾ راجا حاضر ٿي، ملڪ جو ڪاروبار هلائيندو هو. وڏا وڏا معاملا به اُتي نبرندا هئا، تنهنڪري اِها جُڊيشل اسيمبلي (Judicial Assembly) به هُئي، جنهن ۾ راجا جا صلاحڪار به اچي مڙندا هئا. راجا پاڻ سڀاپتر ٿيندو هو، ۽ درٻارين مان ڪي ”اَسيسر (Assessor) يا ”مشير“ ٿي وهندا هئا. البت راجا جي راءِ کي گهڻو وزن ملندو هو، ۽ سڀ فيصلا سندس دل وٽان ٿيندا هئا (رگ ويد منڊل چوٿون، 21، 2)، ته به سڀني جي دلي مراد اها ئي هوندي هئي، ته ڌرم تي هلجي. اهو ئي سبب آهي، جنهنڪري ”شُريتن“ ۽ ”سُمريتن“ ۾ ملڪي توڙي پنگتي ڳالهيون ڌرمي ڳالهين سان ڳنڍيون ڳتيون پيون آهن.”جيڪو راچا ڌرم تي هلي ٿو، تنهن کي سوڳ جا سک نصيب ٿين ٿا، ۽ جو اڌرم ڪري ٿو، سو نرڪ گامي ٿئي ٿو، (مهاڀارت، شانتي پرو 15، 4-6 ۽ 17- 6-9)“. اِهي هئا آڳاتن آرين جا عقيدا، تنهنڪري ڌرم تي هلڻ پهرين ۽ مکيه ڳالهه هوندي هئا. جيڪڏهن اتفاق سان ڪو معاملو پوريءَ ريت فيصل نه ٿيندو هو، ۽ پوءِ پتو پوندو هو ته بي انصافي ٿي آهي، ته راجا سميت سڀ درٻاري پاڻ کي ڏوهه ڏيندا هئا، ۽ پراڇت ڪندا هئا! مطلب ته هر طرح اهائي ڪوشش ڪندا هئا ته ڪو ڪنياءُ نه ئي، ۽ حقدارن کي حق پلءِ پوي. سڄيءَ دنيا جي تاريخ ڏسو ته انهيءَ قديم زماني ۾ ٻئي ڪنهن به ملڪ جي ماڻهن ۾ ايتري جاڳرتا ڪانه هئي، جيتري سنڌو ماٿر ۾ هئي. اُن وقت جي ٻي هڪ مکيه ڳالهه آهي، جا هن وقت به ڪانهي.*

 

هن وقت پارليامينٽن، اسيمبلين، ميونسپالٽين، پنچاتين ۽ ٻين منڊلين ۽ سڀائن ۾ ڪيتريون ڳالهيون غلبي راءِ بحال ٿينديون آهن، يعني جيڪڏهن رڳو ڪي ٿورا ڪنهن رٿ جي برخلاف هوندا آهن، ته انهنجي راءِ کي ڪونه ليکيندا آهن. اڳي ائين ٿيڻ نه ڏيندا هئا، جيڪي ساڻن شامل راءِ نه ٿيندا هئا، تن سان به ٿڌي سيني بحث مباحثو ڪري، کين پنهنجي طرف آڻڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، ته هرهڪ ڳالهه بنه يڪراءِ فيصل ٿئي. هن بقبت رگ ويد جي پڇاڙيءَ واري سُوڪت ۾ جيڪي لکي هي، تنهن جو مطلب هي آهي:

”مڙي اچو، گڏجي ڳالهيون ڪريون، شل توهان جن دلين ۾ متفق راءِ پيدا ٿئي!… هيءُ ماڳ سڀني لا3 عام آهي. هيءَ سڀا سڀني جي آهي، دليون به سڀني جون عام لاءِ آهن. شل خيالن ۾ به ملي هڪ ٿيون! آئون اوهان جي اڳيان جيڪا ڳالهه پيش ڪريان ٿو، سا عام لاءِ آهي، ٺهراءُ به ساڳيو هڪڙو ڪريون. شل اوهان جن دلين ۾ اتفاق پيدا ٿئي! سڀني جا خيال به سامان (هڪجهڙا) ٿين، ته سڀيئي هڪٻئي سان شامل راءِ ٿيون!“


* انگريزي لفظ ”رائيول“ (Rival) اصل ۾ ”رور“ (River) يعني نديءَ لفظ مان ٺهيو آهي. ندين جي پاڻيءَ جي تڪرار سبب هڪ ڌر ٻيءَ ڌر جي برخلاف ٿيندي هئي، ۽ ائين منجهن پهاڄپڻو (Rivaly) پيدا ٿيندو هو. (مصنف)

*   Maitrayani Sanhita IV. 14, 12. Macdonell and Kesth: Vedic Index II, p. 51.

*  ”جن“ لفظ جي اصل معنيٰ آهي ”ماڻهو“، ۽ انهيءَ مان سنڌي لفظ ”ڄڻو“ ٺهيو آهي؛ جيئن چئون ته هڪڙو ڄڻو، ٻه ڄڻا. اهو ئي ساڳيو ”جن“ لفظ جمع جي معنيٰ به ڏئي ٿو. مثلاً ”هريجن“ معنيٰ ”هريءَ يا ڀڳوان جا جيو“ (People of God). ائين ”جن“ لفط نيات يا قوم جي معنيٰ به ڏيکاري ٿو. سنسڪرت لفظ ”جن“ (Jana) جو اُچار لئٽن ۾ Gens ۽ گريڪ يا يونانيءَ ۾ Geons آهي.

*   "This scheme can be supported by apparent analogies not only from Greece, Italy Germany and Russia, but also from the Iranian State with the graduated hierarchy of family or house holds, viz, Zentu and Dahyu." Cambridge History of India, Vol. 1, p.91.

*   "The vast majority of contests mentioned were of the first kind. Very few of the second kind are recorded. These two kinds were the analogues of disputes and contests in Europe between the temposal and spiritual powers." F.E. Pargiter: Ancient Indian Historical Tradition, p.p. 243-44.

* * سنسڪرت ۾ ”اِ“ يعني اچڻ يا وڃڻ، ”اِت“ معنيٰ آيو يا ويو ۽ ”سم“ معنيٰ گڏ، تنهنڪري ”سمتي“ (سم + اِت + اي) معنيٰ ”جتي سڀ اچي يا سڀ وڃي گڏ ٿين.“

*   "The intimate contact of religion with the rest of life explains, why Hindu social and political theory is often presented in the same books with law and domestic ritual." Dr. Beni Parsad. Theory of Government in Ancient India, p.3.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 11 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org