29 April 2009

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: قديم سنڌ

باب: --

صفحو :16

”ڌن“ لفظ جي هاڻ معنيٰ آهي ”دولت“؛ پر اصل معنيٰ هيس ”ڌڻ“. پوءِ جڏهن ماڻهن کي ٻيءَ ملڪيت ميڙڻ جي چوش آئي ۽ سون چانديءَ وغيره جا سڪا ٺهيا، تڏهن ”ڌن“ ۽ ”ڌڻ“ لفظ جي معنائن ۾ ڦير پيو.

”ڌڻ“ ته ڌڻي؛ نه ته وڪڻ کڻي“ (پهاڪو)

”ڌڻي“ لفظ جي به اصل معنيٰ هئي ”ڌڻ وارو“ ۽ پوءِ ”ڌڻي“ معنيٰ ڌن وارو يا شاهوڪار، ڌڻي معنيٰ مالڪ (ڪهڙي به ملڪيت جو) ۽ ڌنار (ڌڻار) معنيٰ ٿي ڌڻ وارو، مطلب ته جيئن جدا جدا قسمن جي ملڪيت ماڻهن جي ترقيءَ سان ههڙن لفظن جي معنائن ۾ به ڦير پيو. ماڻهن جي ترقيءَ سان ٻوليءَ جي ترقي انهيءَ ريت گڏوگڏ ٿئي ٿي.

هر ڪنهن ماڻهوءَ جي غريبيءَ توڙي شاهوڪاريءَ جي سڌ سندس چوپائي مال مان پوندي هئي. اڳي ماڻهو ڀاڳ وارو سمجهندا ئي انهيءَ کي هئا، جنهن وقت گاين، مينهن وغيره جا ڌڻ هوندا هئا. هن وقت به جڏهن چئون ته ”فلاڻو ڀاڳيو آهي“ ته ان جي معنيٰ ته ”شاهوڪار آهي“، جيڪڏهن چئون ته ”فلاڻي ڀاڳئي کان کير وٺي اچ“ ته اتي ”ڀاڳيو“ معنيٰ مالدار“ جنهن وٽ گايون مينهون هجن.

Text Box: 244

رگ ويد واري زماني ۾ سنڌو ماٿر ۾ چوپايو مال نهايت ڀلو هوندو هو. اڄ به ڪوهستان، خاص ڪري ٿاڻي بولاخان ۽ ملير جون، توڙي سڄي ٿر ڊويزن جون گايون اهڙيون ته ڀليون آهن، جو ڪيتريون ته ويلي تي ڏهه ڏهه سير کير ڏين ٿيون، جنهنڪري اتر ڏي ڄمون ۽ ڪشمير ۾، ڏکڻ ڏي مدراس کاتي ۾، ۽ دور پورب ۾ فليپائين ٻيٽن ۾ سنڌ جي گاين جو وڪرو چڱي ناڻي تي ٿئي ٿو. سرحد سنڌ جا ڍڳا به ناميارا آهن ۽ ٻاهريان ماڻهو انهن لاءِ چڱيون رقمون ڏيندا آهن. ويجهڙائيءَ ۾ ”پرتاپ“ نالي هڪ ڍڳو سنڌ جي گورنر سر لانسيٽ گرهام پاڻ نيلام ڪيو، ته ماڻهن هڪ هزار رپين کان وڏا واڪ ڏنا. ههڙي قيمتي ماليءَ ۾ اڄ به اسانجن ماڻهن جو ساس پران ايتري قدر آهي، جو پنهنجي سر تي ڪهڙي به سختي قبوليندا، پر پنهنجي چوپائي مال تي ڪک پيو به ڪونه سهندا. انهيءَ چوپائي مال ماڻهن جي جيوت ۾ وڏو ڦيرو آندو. اڳي ڏٿ ڏورڻ ۽ شڪار هٿ ڪرڻ لاءِ پيا ڀٽڪندا هئا ۽ ڏکئي جيوت گذارڻي پوندي هين، پر پوءِ چوپائي مال جي چاري جو وڏو اونو ٿين ته چراگاهن وٽ ڳوٺڙا ٻڌڻ لڳا. 

ڳوٺ ۽ چراگاهه: رگ ويد واري زماني ۾ آريه لوڪ اڪثر ڳوٺڙن ۾ رهندا هئا. جيئن اڄ به هندستان جو ڳچ آدم ڳوٺڙن ۾ گذاري ٿو. سچو پچو هندستان آهي ئي ”ڳوٺاڻي جيوت وارو هندستان“. ڳوٺ اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”گوشت“ (گوسٿا) ۽ بنيادي معنيٰ اٿس ”اهو هنڌ جتي گايون بيٺيون هجن“. گايون اتي بيهاريبيون، جتي سندن لاءِ چارو موجود هوندو، تنهنڪري ”ڳوٺ“ لفظ ۾ چراگاهه جي معنيٰ سمايل آهي. انهيءَ سبب رگ ويد ۾ ڪن هنڌ ”گوشت“ (ڳوٺ) بدران ”ورج“ (برج) (Varaji) لفظ به ڪم آيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”اهو هنڌ جتي گايون چارجن“. اڄ به اکين سان ڏسجي ٿو ته ٿورا ڀائر يا سنگتٿي، جتي مال لاءِ چارو مئُو ڏسن، تتي ڀنگيون اڏي، مال سميت وڃيو رهن، ۽ اهو سندن ڳوٺ سڏجي ٿو. هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته آڳاٽا لوڪ ڳوٺن ٻڌڻ مهل اول اونو مال جي چاري جو ڪندا هئا. چوپائي مان مان به مکيه مال گايون سمجهيائون ٿي، تنهنڪري ”گو“ (گانء) لفظ مان ”ڳوٺ“ لفظ ٺاهيائون، جو اصل ۾ گاين جي چاري لاءِ هو، پوءِ ڀلي ته گاين سان گڏ ٻيو مال به پيو چڙهه ڪري، ڳوٺن جي حدن ٺهرائڻ لاءِ هر هڪ ڳوٺ جي چوڌاري وڻ پوکيندا هئا. اڄ به ائين آهي، جنهنڪري هرڪو پنهنجي وطن جا وڻ پريان ئي سڃاڻي سگهي ٿو. مال جي چاري لاءِ چراگاهه ڳوٺن جي اندر يا انهن جي پسگردائيءَ ۾ هوندا هئن. چراگاهن ۾ سڀني مالدارن جو مال گڏ پيو چرندو هو، تنهنڪري چوپائي مال جي ڪنن تي ڪو نشان ڪري ڇڏيندا هئا، جيئن سڃاڻڻ سولو ٿئي ته ان جو مال ڪير آهي، رگ ويد منڊل ڇهون (3،28) ڏاندن جي سڱن جون چهنبون تکيون ڪري ڇڏيندا هئا (منڊل 6، 16، 139)، ۽ انهن ۾ ڪي زيور (ڪنٺيون وغيره) اٽڪائي  ڇڏيندا هئا. (منڊل 8، 54، 10) *

 

ڌڻ ڌارڻ ڪري ماڻهن جون جوابداريون وڌيون. صبح جو سويل اونو ڪري مال سان پهرجي ويندا هئا، ۽ مال جي هر طرح سنڀال ڪندا هئا. انسترييه براهمڻه ۾ ڄاڻايل آهي ته ماڻهو ڏينهن ۾ ٽي گهمرا مال سان پهرجي ويندا هئا؛ صبح، منجهند ۽ سانجهيءَ. ڏهائي ٻه ٽي ڀيرا ڪندا هئا؛ پهرين ڏهائي ڪرڻ سان کير ججهو ملندو هون ۽ ٻين ٻن ڏهائين ڀيري ٿورو. مال سان پهرجي ويندا هئا. ته ڪتا ساڻ هوندا هئن، ۽ رات جو به ڪتا سندن درن جا دربان هوندا هئا. رگ ويد ۾ جن ڪتن جو ذڪر آهي، سي نهايت قداور هوندا هئا، ۽ ماڻهو وقتي مٿن بوجو لڏيندا هئا. (منڊل اٺون 46، 28). ڪتا به اهڙا زبردست هوندا هئا، جو شينهن سان به لڙندا هئا، سڪندر اعظم جي ڪاهه وقت يونانين اهڙا ڪتا هندستان ۾ ڏٺا هئا؛ تنهنڪري يوناني تاريخ نويسن به انهن جو ذڪر ڪيو آهي. آڳاٽا ماڻهو اهي جبرا ۽ قداور ڪتا داردستان (ڪشمير“ گلگٽ، چترال وغيره) کان آڻيندا هئا. ايران ۽ بئبلان جا رهاڪو اهي ڪتا هندستان مان گهرئيندا هئا ۽ انهن لاءِ چڱي خاصي رقم ڏيندا هئا. *

 

مال جي بچاءُ لاءِ ڪتا ساڻ کڻندا هئا، ته به آسماني واهر جي ضرورت سمجهندا هئا، ڏينهن جو ديوتا ”؟سورج“ آهي، تنهن کي ”پوُشڻ“ سڏيندا هئا. سج جي روشنائيءَ تي گاهه وغيره اُڀرن ٿا ۽ جڳت جو پالن پُوشن ڪرڻ وارو اهو ئي ديوتا آهي، تنهنڪري اهو نالو رکيائونس. سج جي روشنائي تي سنئين راهه جي سڌ پوي ٿي. ڪو جهنگلي مرون يا چور مال تي ڪاهي ايندو ته سج جي روشنائيءَ تي پريان ئي ان جي اچڻ جي سڌ پوندي. اهڙن سببن ڪري هو پل پل سورج ديوتا کي آراڌنا ڪندا هئا ته ”اي پُوشڻ ديوتا، تون اسان جي واٽ سولي ڪر. اسان جي راهه ۾ جيڪي اٽڪون هجن، سي تون دور ڪر. اي ڪڪرن مان پيدا ٿيل ديوتا! تون اسان جو اڳواڻ ٿي. جيڪي نڀاڳا بگهڙ اسانجي راهه ويٺا تڪين، ۽ اسان کي نقصان رسائڻ ٿا چاهين، تن کي تون پاسي ڪر. جنهن رهزن کي مدي من ۾ آهي، تنهن کي تون دور ڪر. تون اسان جو راهه ۾ رهبي ٿي، اسان کي اهي هنڌ ڏيکار، جتي مال لاءِ چارو مئو هجي. تون پنهنجي اهڙي شڪتي ڌار، جو اسان جي مٿان سويل ئي ڏينهن نه تپي. تون اسان کي مالا مال ڪر، اسان کي کاڌو رساءِ ۽ اسان جو ٻل وڌاءِ“ وغيره، (رگ ويد مندل ڇهون 53). هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته مال جي اوني ماڻهن ۾ پرارٿنا ڪرڻ جو انگ پيدا ڪيو ۽ ائين مالڪ مهربان ۾ ويساهه وڌندو وين.

مال جي چوري: اڳي ماڻهن جي دولت چوپايو مال هو، ته چوري به چوپائي مال جي ٿيندي هئي، (رگ ويد منڊل ڇهون 28)، اڄ به ٻهراڙين ۾ مال جي چوري عام آهي. چورن ۽ جهنگلي جانورن جي خوف کان آڳاٽا ماڻهو نه رڳو ڌڻيءَ کي آراڌنائون ڪندا هئا؛ پر پنهنجا به جوڳا جتن ڪندا هئا. هن باري ۾ آڳاٽا آرين جيڪي اُپاءُ ڪيا، تن مان ڪن مکيه اُپائن جو ٿورو ذڪر ڪجي ٿو، جو انهن سان هندن جي جيوت جو وڏو ئي واسطو آهي، ۽ انهن مان پنگتي حالت جو پتو پوي ٿو.

Text Box: 248

هڪ هنڊي يا گڏيل ڪٽنب جي رواج جو بنياد: رگ ويد واري اوائلي زماني ۾ نڪا هئي سرڪار نڪي هيون فوجون ۽ سپاهي؛ تنهنڪري ماڻهو پنهنجو ۽ پنهنجي چوپائي مال جو بچاءُ پاڻ ڪندا هئا. مال جي بچاءَ جي اوني منجهن جنگي ڀاءُ پيدا ڪيو. صبح کان وٺي رات تائين تير ڪمان ساڻ هوندا هئن. ڪو جهنگلي مرون يا رهزن ڏسندا هئا ته پريان ئي تيرن جي سٽ سٽ لائيندا هئا؛ جنهنڪري ڪوبه اوڏو ڪونه ايندو هون. پر وقتي هڪڙو ڄڻو پنهنجو توڙي مال جو چاءِ نه به ڪري سگهي؛ انهيءَ سبب گڏيل ڪٽنب جو رواج وڌائون. هرڪو ائين چاهيندو هو ته پٽ، پوٽا ۽ ٻيا ڀاتي گهر ۾ گهڻا هجن، ته وقت تي مدد ڪن ۽ آڪهه جو نالو به قائم رکندا اچن. اهڙين ضرورتن زالن ۾ به مردانگي پيدا ڪئي، ۽ هو ويرتا جو ججهو قدر ڪرڻ لڳيون. جوان ڇوڪريون به انهن سان پرڻجڻ چاهينديون هيون، جي جنگي جوڌا هوندا هئا. مردن وانگر زالون به تيراندازي ۽ رٿ هلائڻ سکنديون هيون، ته چورن ۽ ڌاڙيلن جي پٺيان ٺهه پهه وڃي سگهجي. مثلاً نل ۽ دمينتيءَ جي ڌيءَ اندر سينا، مد گل نالي هڪ رشيءَ سان پرڻيل هئي تنهن ڪري ”مد گلاني“ به سڏبي هئي. هڪ لڱا ڪي چور سندس مال ڪاهي ويا، ته مد گل رشي توڙي سنديس استري پٺيان پين چورن رشيءَ کي سوڙهو جهليو، ته مد گلانيءَ پنهنجي مڙسي جا تير کڻي، تڪڙو تڪڙو رٿ ڪاهي، چورن کي ڪاري زخم رسايا ۽ کين شهه ڏيئي پنهنجو سمورو مال موٽي هٿ ڪيائين، (رگ ويد منڊل ڏهون 102). مطلب ته مال جي بچاءَ جو هڪجهڙو اونو هون ۽ ننڍڙي هوندي ئي تيراندازي ۽ رٿ ڪاهڻ سکندا هئا. *

 

وقتي ماءُ پيءَ جي جيئري خود ڀائر پاڻ ۾ وڙهي ڍانگا ٿي پوندا هئا، ته پيءَ پنهنجيءَ ملڪيت مان پاڻ لاءِ ۽ پنهنجيءَ زال لاءِ حصو رکي، باقي ٻي ملڪيت ورهائي ڏيندو هون، (رگ ويد منڊل ٽيون 45، 4) هيئن به ٿيندو هو ته جڏهن ڪنهن جو پٽ پرڻبو هو، تڏهن کيس ۽ جوڻس کي ڌار گهر، يا جدا ڪوٺي. رهڻ لاءِ ڏيندا هئا؛ پر کائيندا پيئندا گڏ هئا. انهيءَ ريت هڪ هنڊي يا گڏيل ڪٽنب جو رواج ايتري قدر عام ٿيو، جو اڄ به جيڪڏهن ڪو هندو، چوندو ته مان کائڻي پيئڻيءَ توڙي ملڪيت ۾ مائٽن کان ڌار آهيان ته ان لآءِ ثابتيءَ جو بار مٿس آهي، نه ته هندن جي قائدي موجب ڪورٽ ائين فرض ڪندي ته هو گڏيل ڪٽنب جو ڀاتي آهي ۽ ملڪيت به گڏيل اٿن. اهو رگ ويد واري زماني جو رواج اسان جي ڏسندي به زور هو. ڪنهن گهر ۾ چار پنج ڀائر هوندا هئا ۽ منجدهائن ڪو بيروزگار هوندو هو، ته گڏيل هنڊيءَ مان کائي چڙهندو هو، ۽ ٻيا ڀائر ائين ڪونه سمجهندا هئا.ته هيءَ ڪو اسان تي بوجو آهي بيروگار ڀاءُ کي پالڻ پنهنجو فرض سمجهندا هئا. ويجهڙائيءَ ۾ نئون واءُ لڳو آهي. ڪيتريون جوان ڇوڪريون هينئر ائين چاهين ٿيون ته رڳو ونو ۽ ڪنو هجي. انهيءَ تان هاڻ چوڻي به آهي، ته ”ڀڳوان تنهنجو ٿورو، مڙس ڏجانم ڇورو“. مطلب ته سس سهرو ڪونه کپي هينئر اڪثر هرڪو آپيخطاني آهي، ۽ هر ڪنهن جو ڏيڍ چانور ڏُور پيو رجهي، ته به ڪورٽن ۾ قاعدو اهو ئي اڳئين زماني وارو چالو آهي.

Text Box: 250

گوتر ۽ نکون: آڳاٽن ماڻهن پنهنجيءَ جان ۽ مال جي بچاءُ سانگي گڏيل ڪٽنب جو رواج وڌو، ته به پورت ڪانه پين پوءِ ته هڪڙي اهڙي اٽڪل ڪيائون، جا ٻيءَ ڪنهن به قوم کي خيال ۾ نه آئي، پنهنجن گهرن ۽ مال جي وٿاڻن جي چوڌاري وڏيون ڀتيون کنيائون، ته ڪو جهنگلي جانور يا چور چڪار آسانيءَ سان اندر اچي نه سگهي. اهو عالم پناهه وارو هنڌ ”گوتر سڏبو هو. رشي اڪثر گهڻا گهر پرڻيا هئا، تنهنڪري آڪهه وڏي هوندي هين. هر هڪ رشي وٽ چوپايو مال به اڪثر ججهو هوندو هو، تنهنڪري هرهڪ رشي پنهنجو گوتر ڌار جوڙيندو هو، جنهن ۾ سڀ ڀاتي مال سميت رهندا هئا. جن ماڻهن جي آڪهه ننڍي هوندي هئي. ۽ چوپايو مال ٿورڙو هوندو هون، تن مان ڪي گڏجي، پنهنجي لاءِ هڪ يڪو گوتر ٺاهيندا هئا، جو گوتر جوڙڻ وڏو ڪشالي جو ڪم هو.

جرمنيءَ جي نامور پروفيسر مئڪس ملر جي خيال موجب ”گوتر“ لفظ ۾ ”گو“ معنيٰ گانءِ ۽ ”تر“ اُهو لفظ آهي، جنهن جو اچار ائنگلو سئڪسن ٻوليءَ ۾ ”ٽن“ (Tun)، ۽ انگريزيءَ ۾ ”ٽائون“ (Town) (شهر) آهي. هرهڪ گوتر جي اندر ڄڻ ته شهر ٻڌل هوندو هو، جنهن ۾ ماڻهو مال سميت بافرحت گذاريندا هئا.

گوترن اندر جيڪي رهندا هئا، سي رڳو پڳو ساڳي آڪهه وارا ڪين هوندا هئا. سڀڪنهن جي آڪهه پنهنجي پنهنجي هوندي هئي؛ پر گوتر ساڳيو هوندو هون، تنهنڪري اهي ڄڻ ته هڪ وڏي ڪٽنب جا ڀاتي هوندا هئا، ۽ هڪٻئي کي پنهنجو سوٽ يا برادريءَ وارو ڪري سمجهندا هئا. انهيءَ سبب ”گوتر“ لفظ جي معنيٰ ٿي ”آڪهه يا برادري“. اڄ به سنڌيءَ ۾ ”ڳوٽي“ گوتري معنيٰ ”برادريءَ وارو“. برادرين جو بنياد ائين پيو. ڏسو ته گوترن مان ڪيئن ڀائپيءَ جو انگ وڌايائون.

هرهڪ گوتر جو جيڪو مکي يا پريو مڙس هوندو هو، سو ”گوتر“ پتي“ يعني گوتر جو ڌڻي سڏبو هو، ۽ سڄو گوتر سندس نالي پٺيان ڪوٺبو هو. گوترن جو بنياد اول رشين وڌو هو، ۽ هرهڪ رشيءَ جو گوتر اڪثر ڌار هوندو هو. هاڻوڪا براهمڻ انهن رشين جو اولاد آهن. تنهنڪري براهمڻن جا جيڪي به گوتر (خاندان) آهن، تن سڀني تي رشين جا نالا پيل اهن، جن مان خبر پوندي آهي ته هو ڪهڙي رشيءَ جو اولاد آهن. وسشٽ، ڪيشپ، آتري، جمد گني، گوترم، وشوامتر ۽ ڀردواج، اهي سپت (ست) رشي وشنو پراڻ پٽاندر مکيه آهن. پراڻن ۽ منوسمرتيءَ ۾ ٻين به ڪيترن رشين جا نالا ڄاڻايل آهن. گوترن ۾ جيئن آڪهيون وييون وڌنديون، تيئن انهن کي ننڍن دفعن ۾ ورهائڻ جي ضرورت ٿهي، ائين گوترن کي ”نکن“ ۾ ورهايائون. مثلاً ڪيشپ رشيءَ جي گوتر واري جون نکون ڪنيئا، ڪانجا ۽ ڪاڪوئا اهن. گوتم رشيءَ جي گوتم مان آوير، اُديچه ۽ آئن نکن وارا براهمڻ آهن. هرهڪ نک جون گهڻيون آڪهيون هونديون هيون. کترين ۽ ٻين به پوءِ پنهنجا گوتر ٺاهيان ۽ انهن جون به ڌار ڌار نکون ٿيون. مثلاً حيدرآباد جي اڏواڻي آڪهه وارن جي نک ”مگهو کتري“ آهي. ٿڌاڻي اڪهه وارن جي نک ”ڀاڳيا“، رامچنداڻين جي نک ”دلڙي“ ۽ سپاهيملاڻي آڪهه وارا ”ناگ ديو“ نک جا آهن. آهوجا ۽ ماکيجا به نکن جا نالا آهن. گوترن جوڙڻ جو رواج پهريائين پهريائين سنڌو ماٿر ۾ پيو ۽ هي رواج اصل اُتي جا آهن.

سگوتر ۽ سپنڊ: ڪن ڪن گوترن جي اندر جيتوڻيڪ جدا جدا آڪهين وارا رهندا هئا؛ پر گوتر ساڳيو هوندو هون، تنهنڪري اهي ”سگوتر“ يعني ساڳي گوتر وارا سڏبا هئا. اُهي گوتر پتيءَ کي پنهنجي پيءُ جي سمان ڪري سمجهندا هئا ۽ کيس ججهي عزت ڏيندا هئا، اُهي هڪٻئي جي زالن ۽ نياڻين کي پنهنجي ماءُ ڀيڻ جهڙو ڪري سمجهندا هئا، جنهنڪري هندن جي قديم قاعدن پٽاندر اڄ تائين ”سگوتر“ يعني ساڳي گوتر وارا پاڻ ۾ شادي ڪري نٿا سگهن. هي ڀائپيءَ جو انگ وڌائڻ جون واٽون آهن. ساڳيءَ ريت ”سپنڊ“ وهانءَ جي به منع ڪيائون. ”پنڊ“ معنيٰ سرير يا جسم ۽ ”سپنڊ“ معنيٰ اُهي جي ساڳي سرير مان پيدا ٿيا هجن، ۽ ساڳيو پنڊ ڀرائيندا هجن، اولاد پنهنجي ماءُ پيءَ جي انس آهي ۽ ماءُ پيءُ ۾ خود سندن مائٽن جو رت آهي. ساڳيو رت چڱي رت نه ڦهلندو، تنهنڪري منو سمرتيءَ پٽاندر پيءُ جي طرف ستن پيڙهين ۽ ماءُ جي طرف پنجن پيڙهين کان ٻاهر پرڻجڻ گهرجي. انهن سببن ڪري براهمڻن لاءِ خاص طرح حڪم جاري ٿيو ته ڏهاڙي هرڪو براهمڻ پنهنجي گوتر؛ نک ۽ پرور (ڪٽنب) جو نالو اُڌاري ته ياد رهيس، ته سندس اصل نسل ڪهڙو آهي. انهن نالن اُچارڻ جي هڪ مکيه مراد هيءَ هئي ته ساڳي گوتر مان ڪو ڪونه پرڻجي. هن مان ظاهر آهي ته آڳاٽن لوڪن ۾ غيرت جو انگ ججهو هو، جنهنڪري جيڪي ڇوڪريون سندين ويجهيون مائٽياڻيون هونديون هيون، تن کي پنهنجي ڌيءَ يا ڀيڻ جهڙو سمجهي، انهن سان شادي نه ڪندا هئا؛ پر اڄ ڪالهه ڪي هندو ڏاڏي پوٽي به پيا پرڻجن! مطلب ته غيرت جو جيڪو انگ آڳاٽن هندن ۾ هو، سو هاڻوڪن هندن مان گهڻبو پيو وڃي.

رگ ويد جي اوائلي زماني ۾ سڀ ماڻهو گوترن اندر ڪونه رهندا هئا. ڪي خانه بدوش به هوندا هئا. کين رڳو چوپايو مال هوندو هو، ٻي نڪا ڪرت نڪا ڪار. انهيءَ سبب وسڪاري ۾ هڪ هنڌ ٿانئيڪا ٿي مال پيا چاريندا هئا. جيڪڏهن برسات نه پوندي هئي، ته پوءِ مال جي چاري سانگي ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي سانگ ڪري ويندا هئا. اها حالت اڄ به ڪوهستان ۽ ٿر ۾ اکين سان ڏسجي ٿي. اهي مالدار اڄ تائين ”سانگيئڙا“ سڏجن ٿا.

جهڙ ڦڙ جت ٿيان، اُت اَڏيائون پکڙا“.

شاهه

رگ ويد ۾ انهن گهرن جو ذڪر به آهي، جي ماڻهو هڪ هنڌان کڻي ٻين هنڌ ويندا هئا. اٿرو ويد جي منڊل نائين (3، 24) ۾ چيل اهي ته ”جاءِ کي به اسين جوءِ وانگر پاڻ سان وٺيون وڃون!“ هن مان سمجهجي ٿو ته مال جي چاري سانگي جڏهن ڪنهن ٻئي هنڌ وڃڻو هوندو هون، تڏهن گهر جا پڀکا، ٽوئا ۽ لڙهيون به پاڻ سان کني ويندا هئا. ۽ جتي وڃي رهڻو هوند هون، اُتي اهي ساڳيا پکا وڃي اڏيندا هئا، اڄ به مالدار ائين ڪندا آهن. لڏپلاڻ ڪرڻ مهل گايون، مينهون وغيره ڪڍي گس تي ڪن، ته سنئين واٽ وٺي هلن، ۽ پاڻ پکا، ٽوئا، جنڊ، رليون ۽ ٻيو سامان، ڪي وهٽن تي، ته ڪي مٿي تي کڻي مال جي پٺيان وڃن. پڪيون جايون جوڙي هڪ هنڌ ٿانئيڪو ٿي رهڻ، ۽ گورن جوڙڻ جو رواج ئي تڏهن وڌيو، جڏهن ماڻهو کيتي ۽ بيا ڌنڌا ڪرڻ لڳا. جن جو جتي روزگار هوندو هو، سي تتي پنهنجا پڪا ماڳ جوڙي رهندا هئا، جنهنڪري اڄ تائين چوڻي آهي ته ”جتي هر تتي گهر ۽ جتي ماني تتي ماڳ“.

کيتي:  قديم زماني کان وٺي کيتي هڪ اُتم ڌنڌو ڪري ليکيو ويو آهي. اڄ به چوڻي آهي ته ”نيچ نوڪري، اُتم کيتي، وڌندڙ واپار“. پروفيسر مئڪس ملر جي چوڻ موجب ”آريه“ لفظ جو ڌاتو يا بنياد آهي ”آر“ معنيٰ ”هر ڏيڻ“ جيڪي ماڻهو زمين کي هر ڏيئي کيتي ڪندا هئا، سي ڏوٿين ۽ خانه بدوش مالدارن کان وڌيڪ سڌريل ليکبا هئا ۽ اهي ئي خانداني يا وڏا گهراڻا سمجهبا هئا. انهيءَ سبب ”آريه؛ لفظ جي معنيٰ ئي هئي شريف يا وڏو. گهراڻو. *

 

رگ ويد جي منڊل پهرئين (112، 6) ۾ ڄاڻايل آهي ته ”ٻج ڇٽڻ جو هنر اشوني ڪمار ديوتائن منو ڀڳوان کي سيکاريو“. هن منجهان ائين سمجهجي ٿو ته اڳاٽن رشين کي شايد الهام ٿيو ته ٻج ڇٽڻ ڪري پوک ٿي سگهندي. ساڳي منڊل پهرين (112، 5) ۾ ڄاڻايل آهي ته ٻنيءَ کي هر ڏيڻ جو طريقو جنهن رشيءَ سڌاريو تنهنجو نالو ”پرٿوُ!“ هو، جو ”پرٿي“ به سڏبو هو. اهو پرٿو رشي ”وئنيه“ Vainya يعني وين Vena رشيءَ جو اولاد به سڏيو ويو آهي، (منڊل اٺون 9، 10). هر جي چونيءَ کي ”ڦال“ چوندا هئا. (منڊل چوٿون 57، 8)، اڄ به اهو ئي ويدڪ لفظ ڪم پيا آڻيون؛ پر عام طرح چئون ”ڦار“ يعني ”ل“ کي مٽي ”ر“ ڪيو اٿئون ۽ اها اسان سنڌي ماڻهن جي اصل عادت آهي (جل – جر ۽ ٿل – ٿر).

اڳي سڄي سنڌو ماٿر ۾ ڪيترن هنڌ ”بن“ يا گهاٽا جهنگ لڳا پيا هوندا هئا، ماڻهو وڻ وڍي، پوک لاءِ زمين صاف ڪندا هئا. اها جهنگل شگافي ڳچ اراضيءَ ۾ ڪندا هئا. اهي ”اُروا“ يعني ڪشادا پٽ ننڍن ننڍن ٽڪرن (نمبرن) ۾ ورهائي، هر هڪ ”کيٽ“ ڌار ڪندا هئا، (منڊل ڏهون 101، 4). هن مان ائين سمجهجي ٿو ته هرهڪ ”اَٺاس“ (اٺ جريب زمين) يا ”سورهاس“ (سورهن جريب زمين) کي ”کيٽ“ سڏيندا هئا، رگ ويد ۾ اهو به ڄاڻايل آهي ته هرهڪ کيٽ نهايت خبرداريءَ سان ماپي ڇڏيندا هئا، (منڊل پهريون 110، 5). هن مان ظاهر آهي ته سڀ ڪنهن کي پنهنجي ٻني ڌار هوندي هئي. اهي ٻنيون سندن ڳوٺن جي آسپاس هونديون هيون. اڄ به ڪيترا هاري ناري پنهنجي پنهنجي ٻني ٽڪر جي آسپاس گهرڙا اَڏيو. ڳوٺڙا ٻڌيو ويٺا آهن. جيڪي وڏا زميندار آهن سي به پنهنجو ”بنگلو يا اوطاق ٻنيءَ جي نزديڪ جوڙيل ٿا، ۽ سندن هارين نارين انهيءَ اوطاق جي آسپاس ڀنگين ۾ رهن ٿا، ۽ اهو انهيءَ زميندار جو ڳوٺ سڏجي ٿو. اڳي به هوند وارن وٽ نوڪر چاڪر ۽ ٻانها يا غلام پورهيو ڪندا هئا، ۽ پاڻ رڳو مٿان نظرداري ڪندا هئا. *

 

Text Box: 256

هر کيڙڻ ۽ نار ڪاهڻ لاءِ هن وقت اُٺ ۽ ڏاند ڪم اچن ٿا، پر اڳي گهوڙا به ڪم آڻيندا هئا، جو سنڌو ماٿر ۾ گهوڙا نهايت گهڻا هوندا هئا، زمين کي هر ڏيڻ مهل ڪو رشي گهرائيندا هئا. جو هر جوٽيندو هو، ۽ اوڏي مهل ويدن جا منتر اُچاريندو هو. ائين پوڄا ڪري پوءِ ڪم شروع ڪندا هئا. چوپاسيءَ ۾ براهمڻن کي گهرائي، هڪ وڏو يگيه ڪندا هئا، جو ”ستر“ (Satta) سڏبو هو اهو يگيه ٻه ٽي مهينا سانده بلڪه وڌيڪ وقت تائين پيو هلندو هو. يگيه جي مراد اها هئي ته اندر ديوتا ۽ ٻيا ديوتائون پرسن ٿين، ته مندائتا مينهن وسن ۽ فصل ڀلا ٿين، ۽ مال لاءِ چارو مئو ٿئي. انهيءَ مراد سان رشي به سنڌو نديءَ ۽ ٻين ندين جي ڪنارن تي ويهي، مٺيءَ للڪار سان ويدن جا منتر اُچاريندا هئا. جولاءِ – آگسٽ وارو مهينو ”سانوڻ“ سڏجي ٿو، جو اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”شراوڻ“، ۽ ڌاتو اٿس ”شروعڻ“ معنيٰ سڻڻ يا ٻڌڻ. سانوڻ ۾ جتان ڪٿان ويدن جي منترن جا مٺا آلاپ ٻڌڻ ۾ پيا ايندا هئا، تنهنڪري اهو نالو رکيو اٿن. هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته جيئن آريه لوڪ ويا دنوي ڳالهين ۾ ترقي ڪندا، تيئن دل جو لاڙو ڌڻيءَ جي پاسي وڌندو وين جو ڄاتائون ٿي ته فصل ڀلا تڏهن ٿيندا، جڏهن ڌڻيءَ جو فضل ٿيندو، رشين کي به پنهنجيون ٻنيون ٻارا هوندا هئا، ۽ چوپايو مال به ججهو هوندو هون تنهنڪري ايشور کي آراڌنا ڪندا هئا ته اهو مالڪ پنهنج مهر ڪري! انهيءَ سبب ”هٿ هوندو هون ڪم ڪار ۾، ته به چٽ هوندو هون ڪرتار ۾!“

اڳي ماڻهو پوک اڪثر درياهه جي ڀرسان (ڪچي ۾) ڪندا هئا. جن ڳوٺن کي درياهه ويجهو نه هوندو هو، تن ۾ کوهه کوٽيندا هئا. رگ ويد جي منڊل پهرئين (105، 17) ۾ ”ڪوپ“ لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جو بگڙيل اُچار سنڌيءَ ۾ ”کوهه“ آهي. هن وقت به ڪا پوک ”موڪي“، ڪا ”چرخي“، ته ڪا ”چرخي مدد موڪي“ ٿئي ٿي.

رگ ويد جي منڊل پهرئين (سُوڪت 116، 7) ۾ ”ڪنڀ“ (ٿانءُ). ۽ سُوڪت، 117 (12) ۾ ”ڪلس“ (لوٽي ڪنگري) لفظ ڪم آيل آهي. وڏي ڳالهه ته گهٽو چڪر“ لفظ به ڪم آيل آهي، جنهن مان هيڪاري ظاهر آهي ته کوهن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ مالهه ۾ ڪنگريون يا لوٽيون ٻڌندا هئا، جنهنڪري چئبو ته هاڻوڪو رواج رگ ويد واري زماني کان وٺي هلندو پيو اچي.

رگ ويد جي منڊل ڏهين (25، 4؛ 101، 5 – 7) ۾ ”آشمچڪر“ لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي اکري معنيٰ آهي ”پٿر جو چڪرو“. هن مان سمجهجي ٿو ته جتي نار نه هوندو هو، تتي کوهه جي مٿان سرائيءَ ۾ پٿر جي ٺهيل ”ڀوُڻ“ يا گرڻي (Pulley) هوندي هئي، ٿر ۾ ۽ ٻين ڪيترن هنڌ اڄ تائين دستور آهي ته چم جو ڪوس يا ٻوڪو رسيءَ ۾ ٻڌي، اها رسي ڪاٺ جي ٺهيل ڀوُڻ تي رکي، ڍر ڏيندا وڃن، ته ڀُوڻ وڃي ڦرندي ۽ رسي پاڻمرادو وڃي هيٺ کوهه ۾ پوندي. جڏهن ڪوس پاڻيءَ سان ڀرجي ويندو آهي، تڏهن رسي ڇڪيندا آهن، ته ڪوس ڇڪجي مٿي ايندو آهي. انهيءَ ريت پاڻيءَ ڪڍڻ لاءِ جيڪو رسا ڪم آڻيندا آهن، تن کي سنڌيءَ ۾ ”ورت“ چئبو آهي، جو اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”ورترا“ ۽ اهو رگ ويد ۾ ڪم آيل آهي. مطلب ته کوهن مان پاڻي ڪڍڻ جو هي ٻيو نمونو به رگ ويد واري زماني کان وٺي هلندو پيو اچي. تفاوت رڳو هي آهي.


* مٿرا جي آسپاس وارو ملڪ ”برج“ سڏبو هو، جو اتي مالدار رهندا هئا. شري ڪرشن اتي رهندو هو، تنهنڪري ”برجباسي“ يعني برج جو رهاڪو سڏبو هو. ڏسو شريمد ڀاڳوت.

*   Hist: History of the world, Vol. I, p. 488.

*   Dr. Sita Nath Pradhan: Chronology of Ancient India, pp. 4-6.

*   I have noticed instances, even in the Reg. Veda, in which the world "Arya" seems to be used in the sense of "high, or respectable." John Wilson: India Three Thousands years Ago, p.17, foot note.

*   "It is a fair conclusion from the evidence that the system of separate holdings already existed in early Vedic times" Prof. Macdonell Keith: Vedic.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org