29 April 2009

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: قديم سنڌ

باب: --

صفحو :14

باب ڇهون

رگ ويد وارو زمانو

سنڌو نديءَ جو ذڪر. سنڌ ۽ سنڌوءَ جون ساکون: سنڌ جي تاريخ سنڌ جي سڀيتا جي ساکن سان شروع ٿئي ٿي. هندن جي رگ ويد کان آڳاٽو پستڪ سڄيءَ دنيا ۾ ٻيو ڪونهي، تنهن ۾ ئي ڏسو ته سنڌ بابت اجهو هئن لکيل آهي:

”سنڌ گهوڙن ۾ شاهوڪار، رٿن (گاڏين) ۾ شاهوڪار، ڪپڙي گنديءَ ۾ شاهوڪار، عمدن گهڙيل ڳهڻن ۾ شاهوڪار، کاڌي پيتي ۾ شاهوڪار ۽ سدا تازيءَ اُن ۾ شاهوڪار آهي. ”سلمان“ ٻوٽا يعني مچ وغيره، جن مان واڻ ۽ رسيون ڍهن ٿيون، سي ٻوٽا به سنڌ ۾ کوڙ آهن، ۽ سڀاڳي سنڌوءَءِ جا ڪنارا ماکي ڏيندڙ گلن سان سينگاريل آهن“! (رگ ويد منڊل ڏهون سوُڪت 75).

هنن ٿورڙن لفظن جي معنيٰ وڏي آهي، اهي ڄاڻائين ٿا ته گهوڙا، گاڏيون، عمدا جوڙيل ڳهڻا (زيور) ۽ ڪپڙا، جي سڀيتا جون شاهاڻيون شيون آهن، سي آڳاٽن سنڌي ماڻهن وٽ موجود هيون. رگ ويد واري زماني ۾ ئي سنڌ جي سڀيتا اهڙي اعليٰ درجي کي پهتل هئي، جو ان وقت جي جي آرين هيئن ساراهه جا ڍڪ ڀريا آهن، ۽ سنڌ جون ههڙيون ساکون پنهنجي هنڌرمي پستڪ ۾ ڪيون اٿن.

قديم سنڌ جي سڀيتا ههڙي اعليٰ درجي کي سنڌونديءَ جي پرتاپ ڪري رسي هئي، تنهنڪري آڳاٽن آرين سنڌونديءَ جي اُستتي (ساراهه) ڪئي آهي، جنهن ۾ مٿيان لفظ چيا اٿن، انهيءَ اُستتيءَ جو مضمون وڏو ۽ وڻندڙ آهي، جنهن ۾ هڪ رشي چوي ٿو ته ”اي سنڌو، جڏهن تون ميدان مان وهين ٿي، تڏهن بير شمار کاڌو پاڻ سان آڻين ٿي، (يعني تنهنجي پاڻيءَ تي ججهي پوک ٿئي ٿي) تنهنجو پاڻي اُتم آهي. اي سنڌو، جيڪڏهن تنهنجي خوبصورتيءَ جي ڀيٽ ڪجي ته تون نو ورني ڪنوار وانگر آهين. سنڌو سدائين جوان ۽ سدائين سهڻي آهين وغيره.“

جنهن رشيءَ هيءَ اُستتي ڪئي آهي، تنهن جيڪي پنهنجا شاعراڻا خيال هن نموني ظاهر ڪيا آهن، سي جيتوڻيڪ پنهنجي جاءِ چڱا آهن، ته به سندس ڪيل اُستتيءَ جو ڌيڪ قدر جاگرافيءَ جي خيال وچان ڪرڻو پوي ٿو. سنڌونديءَ سان ان وقت ٻيون ڪهڙيون نديون اچي گڏبيون هيون، جي پاڻيءَ جي ڀرتي ڪنديون هيس، تن جا جيڪي نالا ڄاڻايا اٿس، سي جيتوڻيڪ هن وقت سڀ سڃاڻڻ مشڪل آهن، جن ڪيترا هزار ورهيه پوءِ يوناني تاريخ نويسن به ڄاڻايا هئا. هن مان ثابت آهي ته هن رشيءَ کي ان وقت جي ندين جي سرشتي جي بلڪل پوريءَ طرح سڌ هئي، ۽ اهو ندين جو سرشتو ڄاڻايو ئي اهڙي ئي طرح اٿس، جو ڄڻ ته ان وقت ئي پاڻ ٽرگناميٽيڪل پڙتال (Tirgnometrical Survey) ڪئي هئائين ڏسو ته چوي ڇا ٿو؟

”اي سنڌو، پهريائين تون ترشتما (Trishtama) سان گڏجي وهين ٿي، ۽ پوءِ سسرتو (Susartu) ۽ رسا ۽ سويتي (سوات (Swat River سان. تون ڪڀا (ڪابل ندي)، گومتي (گومال (Gomal ميهتنو (Mehatnu) ۽ ڪرمو (Kurum River) (Krumn) سان گڏجي وهين ٿي!“

هن مان ظاهر آهي ته ڪرمو، گومتي (گومال) ۽ ڪڀا يا ڪابل ندي، جنهن کي يوناني تاريخ نويسن ڪوفن (Kophen) سڏيو آهي، سي ان وقت وهنديون هيون، ۽ اهي سنڌو نديءَ جون ڀرتي ڪندڙ شاخون هونديون هيون، ۽ ڄمون دويپ ۾ رهندڙ آرين اهي اکين سان ڏٺيون هيون.

سنڌو نديءَ سان هيتريون نديون اچي گڏبيون هيون، ته ان وقت سنڌونديءَ ۾ پاڻي ڪيترو هوندو هو، تنهن جو به اکين ڏٺو احوال ڏنو اٿس. چوي ٿو ته ”سنڌوءَ جي گڙگاٽ ڌرتيءَ تان اُٿي ٿي، ته اُها آسمان ڀريو ڇڏي! سنڌو نهايت زور سان وهي ٿي، ۽ منهن مڻيادار اٿس، (نهايت سهڻي لڳي ٿي)“.

”سندس پاڻيءَ جو آواز اهڙو ٿو ٿئي، جو دل ڪري ائين پيو ڀانئجي، ڄڻ ته مينهن جون اوڙڪون گجگوڙ ڪري پيون وسن. اجها سنڌو ڍڳي وانگر رنڀندي پيئي اچي!“

رگ ويد ۾ جنهن رشيءَ هي لفظ چيا آهن، تنهن، جنهن مهل سنڌوءَ جي ڀرتي ڪندڙ ندين کي سنڌوءَ طرف وهندو ڏٺو آهي، تنهن مهل تشبيهه تي اؤر ڪم آندي اٿس. چوي ٿو ته ”اي سنڌو، جيئن ڪو راجا جڌ ڪرڻ لاءِ نڪرندو آهي ۽ پٺيان لشڪر هوندو اٿس، تيئن تون به (شاهاڻي شوڪت سان) ندين جي اڳيان مهندار ٿي هلين ٿي، ۽ ٻيون نديون به پلٽڻيون ڪري تنهنجي پٺيان ائين هلن ٿيون، جو ڄڻ ته ساڳئي رٿ ۾ سوار آهيو“.

هن رشيءَ پوءِ گنگا، جمنا، سرسوتي ۽ درشدوتي ندين جو ناماچار ڳائي، پنجاب جي پنجن ندين جي ساراهه ڪئي آهي. مطلب ته اتر اولهه سرحد، آگري ۽ ائوڌ جي گڏيل پرڳڻن ۽ پنجاب جي ندين جي هڪڙي ئي سُوڪت (75) ۾ پڙتال ڪئي اٿس؛ پر سنڌوءَ جا اجيت آهي، (ڪنهنجي جيتڻ جي ڪانهي). سا سڌي وهي ٿي. سندس ورڻ يا رنگ اڇو ۽ روشن آهي (پاڻي لڙاٽيل نه اٿس)، ۽ هوءَ وڏي ندي آهي. سندس پاڻيءَ ۾ تک گهڻي آهي ۽ چئني طرف ٻوڙ ٻوڙان ڪري ٿي. جيڪي به متحرڪ يا چرندڙ شيون آهن، سي اهڙيون تيز رفتار نه آهن، جهڙي هيءَ سنڌو آهي!“ ڏسو ته ڪهڙو پورو پورو ۽ دلپذير بيان ڪيو اٿس!

هن وقت سنڌوندي پنجاب جي ندي کان ڌار ٿيڻ کانپوءِ مٺڻ ڪوٽ وٽان هڪ يڪي ندي ٿي، سنڌ ڏي اچي ٿي؛ پر رگ ويد واري زماني ۾ گهڻيون شاخون ٿي ايندي هئي، جنهنڪري رگ ويد جي ساڳي منڊل ڏهين (سُوڪت 75) ۾ هيئن به چيلو آهي ته ”اي سنڌو، ورڻ ديوتا تنهنجي وهڻ لاءِ گهڻيون واٽون ٺاهيون آهن“. اهي لفظ نه رڳو سنڌونديءَ جي مٿئين (اتر اولهه سرحد علائقي واري ڀاڱي)، پر هيٺئين ڀاڱي سان به لاڳو آهن، جنهن لاءِ پارسين جي ڌرمي پستڪن مان بلڪل پڪي پختي ثابتي ملي ٿي.

زنداوستا ۾ سنڌوءَ جو ذڪر: پارسين جي زنداوستا ۽ ٻين ڌرمي پستڪن ۾ هماليه جبل وارين قطارن کي ”البورز“ (مٿاهون جبل) سڏيو اٿن، ۽ اتان جيڪي نديون وهن ٿيون، تن مان ٻه مکيه ڪري ڄاڻايون اٿن. هڪڙي ”وهه“ (Veh) ندي ۽ ٻي ”ارنگ“، جنهن بابت ڊاڪٽر مارٽن هاگ ڄاڻايو آهي ته اها ”آمي“ (Ami) به سڏبي هئي. انهيءَ پوئين نالي ”آمي“ مان سمجهجي ٿو ته اها ”آمو درياهه“ (Oxus) هئي، تنهنڪري ان جي ڳالهه ڇڏي، باقي ”وهه“ جو ذڪر ڪجي ٿو.

زنداوستا ۾ زردشت کي اهرمزد (ڀڳوان) ٻڌائي ٿو ته پهريائين مون فلاڻا هنڌ، ۽ پوءِ فلاڻا هنڌ خلقيا. ائين جهان جي پيدائش جو ذڪر ڪندي، ”وهه“ نديءَ جو نالو ڄاڻايو اٿس. *پارسين جي بندهش (Bundahis) نالي ڪتاب ۽ مسٽر ويسٽر گيئرڊ جي ڇپايل زنداوستا مان حوالا ڏيئي، ڊاڪٽر مارٽن هاگ (1827-1876ع) ميونچ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي سنسڪرت جي پروفيسر ”وهه“ نديءَ بابت جيڪو نوٽ هنيو سو هتي بجنسي ڏجي ٿو. **

Text Box: 212

انهيءَ نوٽ مان ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته زنداوستا جو ”وهه“ لفظ اهو ساڳيو آهي، جنهن جو اچار هاڻوڪي پارسي ٻوليءَ ۾ آهي ”بهه“ معنيٰ ”چڱو“ (”بهتر“ معنيٰ تنهن کان چڱو يا ٻين کان چڱو)، جنهنڪري چئبو ته اهو سنڌونديءَ جو هڪ صفاتي نالو آهي، جو قديم ايران ۾ چالو هو. انهيءَ ساڳئي نوٽ موجب ”بندهش“ ۾ سنڌوءَ جو ٻيو نالو ”مهرا“ ڄاڻايل آهي، تنهن مان سمجهجي ٿو ته اهو لفظ اصل آهي ”مهراڻ“ – اها سنڌونديءَ جي هڪ ڌار شاخ هئي، جا اڀرندي ناري، ڍوري پراڻ ۽ ڪوري کاريءَ مان وهي ڪڇ جي نار ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. ”بندهش“ ۾ جيڪڏهن ”مهراڻ، بدران ”مهرا“ لکيل آهي، ته اها سهو ڪاتب (Clerical error) چئبي. ائين هندن جي پراڻن ۾ به ڪٿي ڪٿي لکڻ ۾ ٿوريون ٿوريون ڀلون چوڪون ڪيون اٿن، ۽ اها ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي. وقتي هيئن به هجي ته قديم ايراني لوڪ ”مهراڻ، بدران چوندا ئي ”مهرا“ هئا يعني پڇاڙيءَ وارو ”ڻ“ جو اچار ڪندا ئي ڪونه هئا. بهرحال ايترو يقين ڄاڻڻ گهرجي ته ”مهرا“ اهو ساڳيو لفظ آهي، جنهن جو سنڌ ۾ هن وقت به صحيح اُچار ”مهراڻ“ آهي. انهيءَ ساڳئي نوٽ موجب سنڌونديءَ جو ٽيون نالو ”ڪاسڪ“ هو. هندن جي پراڻن مان ايترو معلوم ٿئي ٿو ته ڪاشيءَ (بنارس) جو شهر، جن ڪاشي آرين جي پٺيان سڏجي ٿو، تن جو هڪ وڏو ڏاڏو ڪاسڪ“ هو، جنهنڪري بنارس يا ڪاشيءَ کي ”ڪاشڪا“ به چوندا هئا. پر انهن ڪاشي آرين جو نالو ”سنڌوءَ“ تي ڪهڙي حساب سان پيو، سو پتو ڪٿان به پئجي نٿو سگهي. جيڪڏهن مهراڻ وانگر ”ڪاسڪ“ به اڳي سنڌونديءَ جي هڪ ڌار شاخ هوندي هئي، ته انهيءَ ۾ به عجب ڪونهي. جنهن صورت ۾ هن ڳالهه جي کوجنا اڄ تائين ڪنهن به عالم ڪانه ڪئي آهي، تنهن صورت ۾ هن بابت ڪجهه به وڌيڪ چئي نٿو سگهجي. ايترو هتي ٻڌائجي ٿو ته مهراڻ يا هاڪڙو، جنهن کي ڪن پارسي تاريخ نويسن ”واهندهه“ به سڏيو آهي، سو انهيءَ قديم زماني کان وٺي ميان غلام شاهٿه ڪلهوڙي جي وقت تائين، اڀرندي ناري جي پيٽ مان وهي؛ ڏيپلي تعلقي جي ڏکڻ ڏي، ڪڇ جي رڻ جي نزديڪ، هاڻوڪي ڍوري ”پراڻ“ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو هو. ”پراڻ“ لفظ جي معنيٰ ئي آهي ”پراڻو يا جهونو درياهه“، پراڻ ۾ اڀرندو نارو اچي ڇوڙ ڪندو هو ته اها ڦوڪجي وهندي هئي، ۽ ڪڇ جي رڻ جو ڪجهه ڀاڱو سرسبز ڪندي، ڪوري کاريءَ کان وهي، لکپت جي پريان لنگهي، ڪڇ جي نار ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي هئي. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي پراڻ جي پريان بند ٻڌايو ته ان جو پاڻي سنڌ جو سنڌ ۾ رهي، ۽ لکپت ڏي نه وڃي. لکپت جي ساريال پوک جو مدارئي انهيءَ پاڻيءَ تي هو، تنهنڪري ڪڇ جي راءِ کي لکن جو نقصان پهتو. سن 1758ع کان اڳ سنڌو ندي نصرپور وٽان وهندي هئي. انهيءَ سال اتان رخ ڦيرايائين، ته هن پاسي پاڻي اچڻ گهٽيو. سن 1819ع ۾ خوفناڪ زلزلو ٿيو ته مهراڻ يا هاڪڙو هيڪاري سڪي ويو.


*   The eleventh of places and Districts produced perfect by me, who am Ahurmazd, was Het-homand (Hetumand, in Sistan) the illustrious (and) glorious; busy and deligent is the spirit which is subdued, some say that of the Veh river. Pahlavi Vendidad 1, 14.

**  "The Veh (or good) river is one of the two chief rivers of the world, according to Bundahish, which states (Page 49 Westergaard's edition of the Avesta text) that 'these two rivers flow forth from the north part of the eastern Albors, one towards the West, that is the Arange, (and) one towards the east, that is the Veh river' The spirits of the two rivers are also mentioned Bundahish, Page 50). And further particulars are given, thus (Bundahish, Page 51) 'The Veh river passes by on the east, goes through the land of Sindh (and) flows to the sea in Hindustan and they call it there the Mehra river,' and in page 53 it is stated that the Veh river is also called the Kasak in Sindh." Dr. Marton Haug: Essay on the Sacred Language, Writings and Religion of the Parsis, P. 361.

باب ستون

آرين جا خاندان ۽ بيٺڪون

رگ ويد وارو هندستان: رگ ويد مان معلوم ٿئي ٿو ته آڳاٽا آريا لوڪ ستن ندين جا ڪنارا پاڻيءَ جي سهنج ڪري والاري ويٺا هئا، جنهنڪري سندن والاريل ملڪ ”سپت سنڌو“ يعني ست درياهو سڏبو هو. ڪن عالمن کي رگ ويد مان ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته انهن ستن ندين مان پنج نديون پنجاب واريون هيون، ڇهين سرسوتي ۽ ستين سنڌو، جنهن ۾ سنڌونديءَ جون ڀرتي ڪندڙ نديون (Tributaries) يعني ڪابل ندي، گومتي (گومال)، سوات ۽ ڪرم به ليکيون وڃن ٿيون، جي تنهن وقت وهنديون هيون ۽ سنڌو نديءَ سان اچي گڏبيون هيون. ندين جا اهي سڀ نالا رگ ويد جي منڊل ڏهين ۾ ڏنل آهن. ان ۾ گنگا ۽ جمنا ندين جا نالا به ڄاڻايل آهن، پر اهي گهڻو پوءِ نامياريون ٿيون، ۽ پوتر ليکجڻ ۾ آيون- اول رڳو سرسوتي ندي پوتر ليکبي هئي ۽ سنڌو ندي وڏي ۽ مکيه هئي، تنهنڪري رگ ويد ۾ گهڻي ساک رڳو انهن جي لکيل آهي. انهن ندين جي ڪنارن تي آرين جون جيڪي بيٺڪون هيون، تن ۾ سنڌ، پنجاب، ڪشمير ۽ گنڌار (قنڌار) يعني هاڻوڪو پشاور ۽ ان جي آسپاس وارو ملڪ (هاڻوڪو افغانستان ۽ بلوچستان جي حدن تائين) اچي ٿي ويا. آرين جي انهن بيٺڪن کان ئي گهڻو اڳي، سور جونسي گهراڻي وارا ايوڌيا ۾، ۽ جندر ونسي گهراڻي وارا پرتيسٿان) الهه آباد) ۾ راڄ ڪندا هئا، پر اهي پاسا رگ ويد واري هندستان ۾ نه ليکيا اٿن، جو ان وقت شايد اڏهين اڻ آريه لوڪ گهڻا هئا. بنگال، بهار ۽ ٻين هنڌ به اڪثر اڻ آريه قومون رهنديون هيون، جي پڻ پوءِ آرين جي دفعي ۾ ليکجڻ ۾ آيون. سپت سنڌوءَ ۾ رهڻ ڪري آرين جو ملڪ ”سنڌو“ نالي مشهور ٿيو. سنڌ جو پرڳڻو به ”سنڌو“ سڏبو هو، جنهن جو اچار پوءِ ڦري ”هندو“ ٿيو، ۽ رفتي رفتي سارو ملڪ هندستان سڏجڻ ۾ آيو. سرسوتي نديءَ ۽ سنڌونديءَ جي وچ وارو ملڪ رگ ويد جي منڊل ٽئين (4،33) ۾ (”ديو ڪرت يوني“ (Davkrta yoni) سڏيو ويو آهي، جنهنجي اکري معنيٰ آهي ”ديويا ڀڳوان جو جوڙيل ملڪ“ (God fashioned Country)، مطلب ته اهو ملڪ اهڙو سرسبز ۽ ڀريو ڀاڳيو هو، جو ڄڻ ته واليءَ خاص طرح ساڻس پنهنجو وڙ ڪيو هو، جنهنڪري آرين کيس اهو نالو ڏنو.*

 

سنڌ ۾ سور جونسي: آرين ۾ هڪڙا سور جونسي ٻيا چندرونسي هئا. سور جونسي گهراڻي مان پهريون راجا اڪشو اَڪو هو، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ ايوڌيا هو، جو نالو هاڻ ”ائوڌ“ تي پيل آهي. اڪشو اڪو جي  ڀيڻ جو نالو ”اِلا“ هو، جا ٻڌ سان پرڻيل هئي. ٻڌ جي پيءُ جو نالو ”سوم“ (چنڊ) هو، تنهنڪري انهيءَ خاندان وارا چندرونسي سڏبا هئا. چندر ونسي گهراڻي مان پهريون راجا پروروس هو، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ ”پرتيسٿان“ (Partisthana) هو، جو هاڻ الهه آباد سڏجي ٿو. راجا پورس ۽ سندس اولاد ”آئل“ (Aila) يعني ”اِلا“ سڏيا ويا آهن. ميرو پربت کان وچ هماليه جبل واري واٽ وٺي اتر هندستان ۾ آيا هئا، جا ڳالهه پراڻن ۾ ڄاڻايل آهي. اها هڪ وڏي سند آهي، جنهن جي آڌار تي اسان چيو آهي ته آريه اصل هندستان جا رهاڪو نه هئا؛ پر ميرو پربت کان آيا هئا.*

 

سنڌ جو واسطو ٻنهي گهراڻن وارن سان آهي. هتي اول ايترو ڄاڻائجي ٿو ته سورجونسي گهراڻي وارا، جن مان راجا اڪشو اڪو، کان گهڻو گهڻو پوءِ راجا دسرٿ ۽ سري رامچندر ڇيدا ٿيا. سي قديم زماني ۾ سنڌ ۾ به هئا. انهيءَ ڳالهه جو پتو هن ريت پيو آهي:

نهايت قديم زماني ۾ سنڌ ۾ ”پاتال“ نالي هڪ ناميارو بندر هو، جنهن جو پراڻن ۾ ذڪر آهي. عيسوي سن کان سوا ٽي سو کن ورهيه اڳي سڪندر اعظم جي وقت ۾ به اهو بندر مکيه هو، تنهنڪري يوناني تاريخ نويسن به ان جو ذڪر ڪيو آهي، ۽ نالو به ساڳيو ”پاتال“ بندر  ڄاڻايو اّٿن. ان بابت جيڪي ڏس پتا ڏنا اٿن، تن مان صفا ظاهر آهي ته اهو بندر هاڻوڪي ڪراچي ضلعي واري لاڙ ۾ هو. جتان سنڌوندي ٻه وڏيون شاخون ٿي وهندي هئي. اها ٻه – درياهي اڄ تائين گهوڙا ٻاري تعلقي ۾ آهي، جتان درياهه جي هڪ شاخ ڪيٽي بندر ۽ ٻي شاهه بندر ڏي وڃي ٿي؛ پر اڳي سمنڊ گهڻو اورڀرو يعني ٺٽي طرف يا اڃا به شاهه ڪپور طرف سمجهيو، جتان اڳي درياهه وهندو هو. ميجر جنرل هيگ پنهنجي ڪتاب ”انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“ (Indus Delta Country) جي صفحي 20 ۾ انهيءَ پاتال بندر جو ذڪر ڪندي ڄاڻايو آهي ته ٿٻيٽ مان هڪ ڏند ڪٿا ملي آهي، جنهن مان سمجهجي ٿو ته اڪشو اڪو ڪل وارا (سورجونسي) انهيءَ پاتال بندر ۾ رهندا هئا، ۽ آريه لوڪن جون سڀ کان آڳاٽيون بيٺڪون سمنڊ جي ڀر ۾ هيون. مطلب ته سري رامندر جا ابا ڏاڏا ڪنهن وقت سنڌ ۾ به هئا. ميجر جنرل هيگ اهو ڄاڻايو ئي ڪونهي، ته اهي ايوڌيا طرف جا آريه لوڪ سنڌ ۾ ڪهڙي حساب سان آيا، پر پراڻ ۽ اتهاس انهيءَ ڳالهه تي ڪجهه روشني وجهن ٿا.

پراڻن پٽاندر راجا اڪشو اڪوءَ جي مربي پٽ وڪڪسي ششاد (Vikuksi Sasada) ايوڌيا ۾ راڄ ڪيو. ٻيو پٽس نيمي (Nimi) نالي هو، جو ”وديهه“ (Videh) به سڏبو هو. اُنهيءَ نيپال کان وٺي مگڌ (بهار جي ڏاکڻي ڀاڱي) جي اتر اڀرندي طرف تائين پنهنجو دڳ ڄمايو هو، ۽ اهو سمورو ملڪ سندس نالي پٺيان ”وديهه“ سڏبو هو. اڪشو اڪوءَ جو هڪڙو ڀاءُ ناڀا نيدشت (Nabahanedishtha) هو، جنهن جي اولاد مان ”وشال“ نالي هڪ راجا هاڻوڪي مظفر پور ضلعي وارو پاسو هٿ ڪيو؛ ۽ اتي جيڪو سندس گاديءَ جو هند هو، سو سندس نالي پٺيان ”وئشالي“ سڏجڻ ۾ آيو. اڪشو اڪوءَ جو ٻيو ڀاءُ شرياتي هو، جنهن جي اولاد مان ”آئرت“ نالي هڪ راجا هاڻوڪي گجرات وارو پاسو پنهنجي قبضي ڪيو، تنهنڪري گجرات وارو پاسو سندس نالي پٺيان ”آنرت“ سڏبو هو. هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته سورجونسي گهراڻي وارا رڳو پڳو ايوڌيا ۾ ڪين هئا، پر پنهنجي حڪومت جي حد گهڻي قدر وڌائي هئائون، وراڻن ۾ جيتوڻيڪ اهو ڄاڻايل ڪونهي ته سنڌ جو پرڳڻو به سندن تابع هو يا نه، ته به رامائڻ مان ايترو ظاهر آهي ته سري رامچندر جي پيءُ راجا دسرٿ جو سنڌ سان بلڪل گهڻو ناتو هو. وڏي ڳالهه ته راجا دسرٿ کانپوءِ سنڌ جو حاڪم ئي سري رامچندر جو ڀاءُ ڀرت هو. ٻڌ ڌرم واري زماني ۾ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ”وئشالي“ هو. اهي جيتوڻيڪ پوءِ جون ڳالهيون آهن، ته به انهن مان ايتري پڪ ٿئي ٿي ته سنڌ جو ناتو ڪجهه وقت سورجونسي گهراڻي وارن سان برابر هو.

راجا اڪشواڪو توڙي سندس ڀاڻيجو راجا پروروس ڪنهن نهايت قديم زماني ۾ ٿي گذريا آهن. رگ ويد ۾ راجا پروروس جي پڙ پوٽن ۽ تڙ پوٽن جو ذڪر آهي؛ پر رگ ويد منجهان ئي سڀني آرين جي سڀيتا ۽ ٻين ڳالهين جو ججهو پتو پوي ٿو. اتهاس ۽ پراڻن مان تاريخ لاءِ گهڻو ئي ذخيرو ملي ٿو، تنهنڪري هينئر خود يوروپي لوڪ انهن ڌرمي پستڪن جو ججهو قدر ڪن ٿا،  ۽ پنهنجن جوڙيل تاريخن ۾ اول رگ ويد وارا احوال ڏين ٿا. ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا ۽ ٻيون تاريخون، جي سند ڪري ليکجن ٿيون، سي سڀ ائين جڙيل آهن. انهن جي جڙڻ کانپوءِ به ڪي وڌيڪ کوجنائون ٿيون آهن، تنهنڪري سنڌو ماٿر جا احوال انهن بنهه تازين کوجنائن پٽاندر هتي ڏجن ٿا.*

 

رگ ويد ۾ گهڻو ذڪر چندرونسي گهراڻي جي راجائن جو آهي، پر انهن جو پيڙهيءَ به پيڙهيءَ احوال اتهاسن ۽ پراڻن ۾ ڏنل آهي، تنهنڪري اسين اهو به گڏي ڄاڻائينداسين ته سندين تاريخ سمجهڻ سولي ٿئي. پراڻن مان اهو به ظاهر آهي ته جن آرين سنڌو ماٿر ۾ پنهنجو دڳو ڄمايو، سي اصل هماليه جبل جي پريان، بنهه اتر طرف هڪ ٿڌي ملڪ ۾ميرو پربت تي رهندا هئا، ۽ پوءِ جڏهن سنڌو ماٿر ۾ اچي بيٺڪون وڌائون، تڏهن هندستان سندن آسٿان يا ماڳ ليکجڻ ۾ آيو. +

 

چندر ونسي آرين جا ڪل يا خاندان: رگ ويد ۾ ڄاڻايل چندرونسي گهراڻي وارا آريه لوڪ جدا جدا ڪلن ۾ ورهايل هئا، جن مان پنجن ڪلن يا خاندانن وارا مکيه هئا، جنهنڪري ”پنج جن“ يعني پنج ڄڻا يا پنجن نياتن وارا(Five folds or five peoples) رگ ويد ۾ گهڻا گهمرا ڪمآيل آهي. مطلب ته چندرونسي گهراڻي وارن جون پنج مکيه شاخون هيون، ۽ هر شاخ وارا پنهنجي ڪنهن وڏي ڏاڏي جي نالي پٺيان سڏبا هئا. انهن پنجن شاخن يا نياتن مان هڪڙا سڏبا هئا يدو (يادؤ يا جادؤ ونسي)، ٻيا تروسو، ٽيا پُرو، چوٿان آنُو ۽ پنجان درهيون. اهي ڪير هئا، سا ڳالهه رگ ويد ۾ ڄاڻايل ڪانهي؛ پر اتهاسن ۽ پراڻن مان سندن سربستو احوال ملي ٿو.

راجا پروروس، جنهن بابت مٿي اڳي ئي چيو ويو آهي ته چندرونسي گهراڻي جوبنياد وڌو هئائين، تنهن جو پڙ پوٽو راجا يياتي هو، جنهن کي ٻه راڻيون هيون: هڪڙيءَ جو نالو ”ديويائي“ هو، جا آسرن جي گرؤشڪر آچاريه جي نياڻي هئي، ۽ ٻيءَ جو نالو ”سرمشٺا“ هو، جا دئتن، دانون ۽ اسرن جا راجا ”ورس پرون“ (Varsparuan) جي نياڻي هئي. راجا يياتيءَ کي راڻي ديويائيءَ مان ٻه پٽ، يڊو ۽ تروسو ۽ راڻي سرمشٺا مان ٽي پٽَ، درهيو، انو ۽ پرو هئا. انهن پنجن پٽن جو اولاد سندن ئي نالن پٺيان سڏبو هو. مطلب ته اهي ”پنج جن“ اصل هڪڙي ئي ڏاڏي جو اولاد هئا؛ پر پوءِ وچ ۾ گهڻيون پيڙهيون پئجي ويون هيون، جنهنڪري رگ ويد ۾ اهي علحديون علحديون شاخون هيون. ڪي پنهنجي ويجهي ڏاڏي تي ڪي ڪنهن ڏورانهين ڏاڏي جي نالي پٺيان پاڻ کي سڏائيندا هئا. ائين جملي چاليهن کن خاندانن جا نالا رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهن؛ پر منجهانئن مکيه وري به ”پنج جن“ هئا. اهو ”پنج جن“ وارو خيال هن وقت ”پنچات“ لفظ ۾ سمايل آهي؛ جنهن جي اصل معنيٰ هئي ”پنجڪن ڄڻن جو ميڙ“.*

 

سنڌ ۾ جادؤ ونسي: آڳاٽا آريه لوڪ جدا جدا وقتن تي ٽوليون ٽوليون ٿي هندستان ۾ آيا هئا. ٻولين جي کوجنائن مان عالمن کي ايئن وسهڻ لاءِ سبب پيدا ٿيو آهي ته ڪي آريه لوڪ وچ ايشيا کان آرمينيا طرفان اول ايران ڏي ويا، ۽ پوءِ جبل جهاڳي ۽ لڪ لتاڙي هندستان ۾ آيا. پراڻن پٽاندر، راجا پروروس جنهن چندر ونسي گهراڻي جو بنياد وڌو، سو وچ هماليه جبل واريءَ واٽ کان آيو هو. سندس ئي ڪل مان راجا بياتيءَ جي ٻن پٽن يدو ۽ تروسو، جي اولاد بابت رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهي ته اهي سمنڊ جي رستي آيا هئا، ۽ اندر ديوتا پنهنجيءَ ٻاجهه سان کين سلامتيءَ سان آڻي پهچايو هو. انهيءَ باري ۾ کوجنائن ڪرڻ سان يوروپي عالمن کي يقين ٿيو آهي ته اهي يدو ۽ تروسو آريه لوڪ بابل يا بئبلان (بئبلونيا) کان سمنڊ رستي  اول سنڌ ۾ اچي رهيا هئا. اڳي انهيءَ طرف کان ماڻهو دنگين ۽ جهازن ۾ چڙهي، ايراني نار وارو ڪنارو ئي ڪنارو ڏيئي، سنڌونديءَ جي ڇوڙ وٽ اچي لهندا هئا. انهن کوجنائن جا وڏا بيان رايل ايشياٽڪ سوسائٽين جي جنرل ۾ ڏنل آهن. جن مان ٿورو مضمون سن 1910ع ۾ ڪراچيءَ جي ڊي. جي. سنڌ ڪاليج مسيلنيءَ ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هن مان ائين سمجهجي ٿو ته يدو ۽ تروسو آريه لوڪ وچ ايشيا کان اولالهندي ايشيا طرف ٽڙي پکڙي ويا هئا، ۽ پوءِ اتان سمنڊ جي رستي سنڌ ڏي آيا هئا، يا هيئن به چئجي ته هندستان ۾ اچڻ کانپوءِ ايڏانهن ويا هئا ۽ سمنڊ جي رستي موٽيا هئا. هرحال ايترو پڪ سان چئبو ته رگ ويد واري زماني ۾ ئي آريه لوڪ سمنڊ جو سفر ڪندا هئا، ۽ پروفيسر مئڪڊونيل جو چوڻ ته رگ ويد آرين سمنڊ ڏٺو ئي ڪونه هو، سا بنهه غلط ڳالهه آهي.

يدو آريه لوڪ راجا يدوءَ جو اولاد هئا، تنهنڪري يادؤ (جادؤ) ۽ يادؤ ونسي (جادؤنسي) يعني راجا يدوءَ جو اولاد سڏبا هئا. سري ڪرشڻ به جادؤ ونسي ڪل مان هو، جنهنڪري چئبو ته سندس ابا ڏاڏا اصل ڪجهه وقت سنڌ ۾ هئا. جيسلمير جا ڀٽي راجپوت، ۽ سنڌ، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جا سما راجپوت به جادؤ ونسي ڪل مان آهن. *

 

رگ ويد موجب يدو آرين سان گڏ بيا تروسو آريه لوڪ سمنڊ جي رستي آيا هئا. انهن بابت پراڻن ۾ ڄاڻايل آهي ته هنن پوءِ ڏکڻ هندستان ۾ وڃي پنهنجون بادشاهتون برپا ڪيون جي پانڊيه، چول، ڪيرل وغيره نالن سان مشهور ٿيون. اتر هندستان جي ڪن آرين ۽ ڏکڻ هندستان جي چول لوڪن پوءِ بئبلونيا ۾ ٻين پاسي بيٺڪون وجهي، يورپ تائين وڻج واپار پئي ڪيو، جي ڳالهيون بابت ٻارهين ۾ ڄاڻائبيون.

ٻين آرين جون بيٺڪون: يدو ۽ تروسو آرين کانسواءِ ٻيا ”يرو“ آريه لوڪ هئا. نهايت قديم زماني ۾ انهن مان ڀرت نالي هڪ ناميارو راجا ٿي گذريو آهي، جو راجا دشينت ۽ شڪنتلا جو پٽ هو، جنهن جي نالي پٺيان سارو ڀارت کنڊ سڏجي ٿو. پرو آرين مان ڪي پنهنجي انهيءَ وڏي ڏاڏي جي نالي پٺيان پاڻ کي ”ڀرت“ آريه لوڪ سڏائيندا هئا. رگ ويد واري زماني ۾ منجهانئن ڪي شتدري (ستلج)، ته ڪي سرسوتي نديءَ جي ڪناري تي رهندا هئا.   ”پنج جنن“ مان چوٿان ”آنو“ آريه لوڪ هئا، جي ”انو“ يعني راجا انوءَ جو اولاد سڏبا هئا. رگ ويد واري زماني ۾ اهي پرشني نديءَ جي ڪناري تي رهندا هئا، جا پوءِ ”اراوتي“ يعني تازگي بخشيندڙ يا فرحت ڏيندڙ سڏبي هئي. ۽ هاڻ اچار ڦري ”راوي“ ٿيو اٿس.

پنج جنن مان پنجاب ”درهيو“ آريه لوڪ هئا، جي آنو آرين جا ويجها سوٽ هئا. انهن درهيو آرين مان هڪ جو نالو گنڌار هو، جو هاڻوڪي پشاور ۽ ان جي آسپاس وارن هنڌن ۾ راڄ ڪندو هو. سندس جيڪو گاديءَ جو هنڌ هو، سو سندس پٺيان ”گانڌار-گنڌار“ سڏ بو هو، جنهن جو اچار پوءِ ڦري ”قنڌار“ ٿيو. اهي درهيو آريه لوڪ پشاور ۽ ان جي آسپاس سنڌونديءَ جي ڀرتي ڪندڙ ندين (ڪابل ندي وغيره جي ڪنارن تي رهندا هئا. مطلب ته آڳاٽا آريه لوڪ اول رڳو سنڌ، پنجاب ۽ اتر-اولهه سرحد علائقو والاري ويٺا هئا، ۽ اهوئي رگ ويد واري زماني جو هندستان ليکيو ويو آهي. جيئن مٿي اڳيئي چيو ويو آهي. ان وقت سنڌ جون حدون ڪهڙيون هيون، سو پتو ڪونهي. پر سڀيتا سڀني هنڌ ساڳي هئي. *

 

آرين جي ٻوليءَ ۾ ڦير: آڳاٽن سڀني آرين جي مادري زبان سنسڪرت هئي؛ پر هندستان ۾ اچڻ کان اڳ گهڻن هنڌ ڀٽڪيا ٿا ڏسجن ۽ جدا جدا هنڌن جي قومن سان لهه وچڙ ۾ آيا ٿا ڏسجن. هندستان ۾ اچڻ کانپوءِ به منجهانئن ڪي سنڌ ته ڪي پنجاب ته ڪي اتر – اولهه سرحد علائقي ۾ ته ڪي ٻين هنڌ رهندا هئا. انهن ڳالهين جو پهريون ۽ مکيه اثر سندن ٻوليءَ تي ٿيو. هن وقت سڄو هندستان چندرو ونسي گهراڻي جي راجا ڀرت جي نالي پٺيان ڀارت کنڊ سڏجي ٿو، تنهنڪري جيڪو ائين سمجهجي ته اهي ڀرت آريه لوڪ، جي پرو آرين جي شاخ مان هئا، سي پنج جنن ۾ برک هئا؛ ۽ سندين ئي ٻولي ٺيٺ هئي؛ پر رگ ويد ۾ ٻين آرين کين سڏيو آهي. ”مڌ رواچ“ (Mrdhra – Vacha) يعني جن جي ٻولي پوريءَ ريت سمجهڻ ۾ نه اچي (رگ ويد، منڊل ستون 13،18) ۽ منڊل ڏهين (5،23) ۾ اڻ آريه قومن لا3 به ڪم آيل آهي. هن مان ظاهر آهي ته ٻين آرين کان پرو (ڀرت) آريه لوڪ اڻ آريه قومن سان گهڻو لهه وچڙهه ۾ آيا هئا، جنهنڪري ٻيا آريه، جي جيتوڻيڪ سندن ڏورانهان سوٽ هئا، تن کان سندين ٻولي وڌيڪ ڦريل هئي، جنهنڪري اهي ”مرڌ رواچ“ سڏيا نويا آهن.

ڌرم ڪرم ۾ ڦير: آرين جي نه رڳو ٻوليءَ ۾ ڦير هو، پر ڌرم ڪرم ۾ به ڦير هو. مثلاً سري ڪرشڻ جا ابا ڏاڏا، جي يدو آريه (جادؤ ونسي) هئا، ۽ سندن ويجها سوٽ جي ”تروسو“ آريه سڏبا هئا، تن کي رگ ويد ۾ ٻين آرين ڪار وچان ”داس“ سڏيو آهي، جو اهي ڪجهه وقت ويدن کي ڪين مڃيندا هئا – (رگ ويد، منڊل ڏهون).  پوڄا ۾ به ڦير هئن. جيڪي آريه ويدڪ ڌرم جا هئا، سي اندر ديوتا جي پوڄا ڪندا هئا. جيڪي ويدڪ ڌرم جا نه هوندا هئا، سي اندر پوڄا جي برخلاف هوندا هئا. اهي وري لنگ جا پوڄاري هوندا هئا، ۽ ”شيشنه“ ۽ ”شيشنه ديوا“ سڏبا هئا يعني جن جو ”اِشٽ ديو“ (Chosen Deity) ”شيشنه“ (لنگ (Phalus هجي. ويدڪ ڌرم وارا لنگ جي پوڄا جي بنهه برخلاف هوندا هئا، جنهنڪري رگ ويد ۾ لنگ جي پوڄارين لاءِ ڌڪار ظاهر ڪئي اٿن، ۽ کين ”اَڪرمن“ (ڪريا ڪرم کان رهت (Riteless)، ”ابراهمڻ“ (Without devotion) ،  ”آديويه“ (In different to Gods) ، ”آيجنيه“ يعني يگيه نه ڪندڙ (Not Sacrificing) ۽ ٻين اُگرن نالن سان سڏيو اٿن.  مطلب ته لنگ جي پوڄارين جو ڌرم ڪرم اندر جي پوڄارين کان بنهه علحدو هو.**

لنگ جي پوڄا: ڪيترن يوروپي عالمن کي کوجنائن ڪرڻ سان معلوم ٿيو آهي ته دنيا جي سڀني پوڄائن مان لنگ جي پوچا جو رواج نهايت قديم آهي. قديم مصر ملڪ جا رهاڪو ۽ آڳاٽا يوناني ۽ رومن لوڪ ”پريئپس“ (Priapus) کي پوچيندا هئا. قديم بت پرست يهودي ”بيئل پيور“ (Baal peor) کي، ۽ ڪي قديم لوڪ ”بچوس (Bachhus) کي پوڄيندا هئا. اهي سڀ ديوتائن ڪري ليکبا هئا، پر اهي سڀ لنگ جون پوڄائون هيون.**

 

يوروپي عالمن جو اهو به چوڻ آهي ته لنگ جي پوچا انهيءَ قديم زماني جي آهي، جنهن ۾ ماڻهو بلڪل اٻوجهه هوندا هئا، ۽ ائين وسهندا هئا ته قادر ۽ سنديس قدرت هيءُ جهان ائين پيدا ڪيو آهي، جيئن مرد ۽ زال جي ميلاپ ٿيڻ ڪري ٻار پيدا ٿئي ٿو. انهيءَ سبب لنگ کي ديوتا ڪري پوڄڻ لڳا.

قديم دراوڙ لوڪ لنگ جا پوڄاري هوندا هئا، جيئن رگ ويد مان معلوم ٿئي ٿو. ويجهڙائيءَ ۾ مهن جي دڙي مان ڪيترا لنگ لڌا آهن، جا ڳالهه سر جان مارشل ڄاڻائي آهي. مصنف کي ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته اهي دراوڙ هئا، جي سنڌو ماٿر مان اول ڏکڻ هندستان ڏي ويا، ۽ پوءِ الهندي ايشيا ۽ يورپ ڏي وڻج واپار سانگي بيٺڪون وڌائون، ۽ انهيءَ پاسي لنگهه جي پوڄا جو رواج به ڦهلايائون، جنهنڪري ناروي ۽ اسڪئنڊينيويا طرفان مهاديو جي مندرن جا نشان لڌا آهن، جا حقيقت پروفيسر نلسن ڄاڻائي آهي.

آرين ۾ جيڪي ”آنو“ آريه هئا، تن به شايد قديم دراوڙ لوڪن سان لهه وچڙهه ۾ اچڻ سبب لنگ جي پوڄا جو رواج اختيار ڪيو هو. حقيقت ڪيئن به هجي، پر اها پڪ آهي ته جيڪي انو آريه لوڪ هئا، تن جي هڪ شاخ وارا پاڻ کي ”شوي“ آريه لوڪ سڏيندا هئا، ۽ اهي لنگ جا پوڄاري هوندا هئا، جيئن رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهي. پوءِ جيئن ڊاڪٽر انباش چندرداس ڄاڻايو آهي، انهن شوي آرين جي نالي پٺيان لنگ جي پوڄا تي نالو ئي پيو ” شو جي پوڄا“. *

 

آرين جي ڌرم ڪرم ۽ پوڄائن ۾ ڦير هو، ته اول هڪ ٻئي لاءِ نفرت هين، ۽ وقتي پاڻ ۾ وڙهندا هئا؛ پر سنڌو ماٿر ۾ پوءِ ٺهي ٺڪي ويٺا ۽ صلح سانت ۾ پنهنجيءَ سڀيتا جو ڦهلاءُ ڪيائون. مها ڀارت واري زماني ڌاري لنگ جي پوڄا بلڪل عام ٿي ويئي، جنهنڪري لنگهه جي پوڄارين ڏانهن پوءِ ڪوبه نفرت جي نگاهه سان ڪونه نهاريندو هو.هاڻوڪن هندن مان به ڪيترا وشنو ڀڳوان جا ته ڪيترا شو ڀڳوان جا پوچاري آهن، ۽ لنگ جي پوڄا ڪن ٿا. **

 


*  عربي جاگرافي نويسن به انهيءَ سبب ان کي ”سبع سين“ يعني ”ست درياهه“ ڪوٺيو آهي.

*   What does tradition say about the origin of the Ailas or Aryans? It makes the Aila power begin at allahaabad, and yet distinctly suggest that they came from outside India. The legends and fables about the progenitor Pururavas Aila, all connect him with the middle Himalayan region. He was loosely associated with the Gandharvas. His WIFE Urvasi was a Gandharvi, as well as called an apsaras. The place the frequented were the river Manda kini (منداڪني) Alka ”الڪا“ the Caitraratha and Nandnna forests, the mountains Gandharmadana (گنڌمارنا) and meru and the land of the Uttara-Kurus regions to which the Gandharvas were assigned. From the Gandharvas the obtained sacrificial fire, his sons were known in the Gandharvas world, and he ultimately became united with the Gandharvas." F.E. Pargiter: Ancient Indian Historieal Tradition p. 297.

*   "The Hindu statements have almost universally been regarded as very different from the fictions of an improved and credulour people and entited to a very serious and profound investigation." Historians History of the World. Vol. II, p. 495.

+  + "At the first dawn of the traditional history we see that these Aryan tribes, migrating across the snow of Himalyas southwards towards the "Seven Rivers" (the Indua, the five rivers of the Punjab and the Sarasvati), and ever since India bas been called their home. That before this time they had been living in more northern regions, within the same precincts, with the ancestors of the Greeks, the Italians, Slavonians and Celts, is a fact as firmly established as that of the Normans of William the Conqueror were the Northern Scandinavians". Prof. Max Muller: Chips from A German workshop, Vol. I, p.63.

*  * دئت، دانو ۽ اسر اصل قومن جا نالا هئا، جيئن مهاڀارت  ۾ ڄاڻايل آهي، انهن قومن لاءِ پوءِ آرين نفرت ظاهر ڪئي، جنهنڪري انهن لفظن کي پوءِ خراب معنائون مليون. ابو پهاڙ جي آسپاس ”شالو“ لوڪ رهندا هئا، انهن کي دانو ۽ دئت سڏيائون. اٿروويد ۾ توڙي پارسين جي زنداوستا ۾ ”داتو“ لفظ انهن دشمنن لا3 ڪم آيل آهي، جن سان جنگ جوٽڻ گهرجي. ”اَسر“ (اهر) نالو ايرانين لاءِ ڪم آيل آهي، تنهنڪري شڪر آچاريه ايران وارن آرين جو گرو چئبو. هندستان ۽ ايران وارا آريه لوڪ اصل هڪ يڪي برادري هئا، ۽ پوءِ اهي ٻه ڌار قومون ٿيون – جيئن مٿي اڳي ئي چيو ويو آهي؛ ۽ پڻ ڏسو پارجيٽر صاحب وارو ڪتاب صفحو 290 ۽ ڊاڪٽر مارٽن هاگ جا پارسي مذهب بابت مضمون صفحو 279.

*   Thou roaring Indra, dravest on the waters that make a roaring sound like rushing rivers. What time, O Hero, o'er the sea thou broughtest, in safety broughtest, Turvasu and Yadu." Reg Veda VI-20, 12. Griffith's Translation.

+   "We know from recent historical reasarch that before the Aryan conquest, Sindh was peopled by the tribes of Yadus and Turvasus." D.J. Sindh College Miscelency, monsoon term issue of 1910, p.82.

* گرنار ڪوٽ جو حاڪم راءِ ڏياج سنڌ (ننگر ٺٽي) جي چوڙا سما راجپوتن مان هو، تنهنڪري شاهه جي رسالي ۾ هو ”جادم“ (جادؤ) يا جادؤ ونسي سڏيو ويو آهي.

”پسي پاٽ پر ٿيو، سندو جادم جود“. (شاهه)

سنڌ جي حاڪم ڄام تماچيءَ جو ڀائٽيو (ڄام اوڍي جو پٽ) جکرو هو، تنهن کي به شاهه صاحب ”جادم جکرو“ سڏيو آهي – هن مان ظاهر آهي ته شاهه صاحب کي سڌ هئي ته سما راجپوت جادؤ ونسي ڪل مان هئي. تنهنڪري کين ”جادم“ (جادؤ) سڏيو اٿس. (مصنف).

*   F.E Pargiter: Ancient Indian Historical Tradition. P.108.

*   "The Yadus and the Turbases where designated as Dasas, because they had seceded from the Vedic faith for a time." (Reg. Veda X, 62, 10) quoted by Dr. A.C. Das: Reg. Vedie Culture Pate 128.

*   "The Yadus and the Turbases were designated as Dasas, because they had seceded from the Vedic faith for a time." (Reg. Veda X, 62, 10). Quoted by Dr. A.C. Das: Reg. Vedie Culture Page 157 and 164.

**  ** Forlong: Rivers of Life, Vol. II, p. 38 et seq.

*   Dr. A.C. Das: Reg. Vedic Culture, p. 166.

**  "Phallus worship was probably of prehistoric age in India, and by the time of the Mahabharat it had won its way into the orthodox Hindu culture." The Cambridge history of India Vol. I. p. 85.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org