20 June 2008

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: مڪلي نامو

باب: --

صفحو :28

وفات نامه مرحومه مغفوره همساه (؟)

حضرت

نواب

رضوان

مقامي *

 

عاجزه چوچکه بيگه

بتاريخ 26 شهر شعبان المعظم سنہ 1010هه.

آيات:

الله لا الٰہ الا هوالحي ... هوالعلي العظيم.1

 

قال الله تعاليٰ: شهدالله انہ ... الحڪيم.2

 

صدق الله العلي العظيم.

قل يا عبادي الذين ... الرحيم.3

 

صدق الله ... النبي الڪريم.

بسم الله ... تبارک ... بماءِ معين.4

 

. حور بيگم، بنت ميرزا باقي. وفات ربيع الاول 1012هه.

مدفن زنانو گورستان ميرزا باقي. قبر (نمبر 7) ڪتبو هن ريت آهي:

منتقل شد از دار غرور بدار

سرور مرحومہ مغفوره و المعرفة باالاحسان

حور بيگم ...؟ بنت مرحوم

مغفور ميرزا محمد باقي ترخان

بتاريخ روز جمعه شهر ربيع الاول سنہ 1012هه.

آيات:

قال الله تعاليٰ: شهد الله ... الحکيم.1

 

صدق الله ... رسول الڪريم.

الله لا الٰہ الا هوالحي ... العظيم.2

 

قال الله تعاليٰ: شهد الله ... الحکيم.3

 

بسم الله ... تبارک ... بماءِ معين.4

 

. دارب ميرزا، بم ميرزا عنايت الله بن ميرا عيسيٰ ثاني. هن جو نالو ترخان نامه جي ڏنل شجري ۾ آهي. مدفن جو پتو ڪونه آهي.

. دختر. ميرزا عيسيٰ اول جي ڀيڻ ۽ مير يار محمد ترخان جي والده. هن جو ذڪر مير معصوم پنهنجي تاريخ ۾ ڪيو آهي.5

 

. دختر، ميرزا عيسيٰ ترخان اول، زوجہ فقير محمد ترخان (مقتول رجب 976هه مدفون گورستان محمد صالح اول) بن امير مسڪين بيگ ترخان هن مائيءَ جو مدفن خواه نالو معلوم نه آهي.

. دختر، ميرزا محمد صالح اول، زوجہ سيد جلال شيرازي.

ميرزا غالب کي مارائڻ بعد ميرزا باقيءَ هن نياڻيءَ کي سندس ڏاڏيءَ سميت قلعي ۾ هڪ حويليءَ ۾ اندر قيد ڪري ڇڏيو1.

 

اهو واقعو 979هه جو آهي. 994هه ۾ ميرزا جانيءَ انهيءَ ڇوڪريءَ جو نڪاح سيد مير جلال الدين شيرازي سان ڪيو.2 جنهن مان سيد مير محمد، مؤلف ترخان نامه، پيدا ٿيو3.2

 

. دختر، ميرزا محمد باقي. سنڌي بيگم . 976هه ۾ ناهيد بيگم هندوستان وڃڻ لاءِ تيار ٿي. ميرزا باقي هندستاني حملي جي خطري ٽارڻ خاطر، پنهنجي ڌيءُ ساڻس گڏي ڏني ته وڃي شاهي حرم ۾ داخل ڪري. يادگار مسڪين ترخان کي به ساڻس گڏ روانو ڪيائين.4

 لڪيءَ وٽ ميرزا جان بابا اچي ساڻن گڏيو ۽ ميرزا باقيءَ سان جنگ ڪرڻ لاءِ کين آماده ڪري مقابلو ڪيائين. جنگ ٿي جنهن ۾ ميرزا باقيءَ کي فتح ٿي. ناهيد بيگم جي والده ماه بيگم – جيڪا پهريون قاسم ڪوڪي جي زال هئي ۽ طلاق بعد شاه حسن سان پرڻي ۽ آخر ۾ ميرزا عيسيٰ ساڻس شادي ڪئي – سا گرفتار ٿي ميرزا باقيءَ وٽ پهتي، جنهن مانيءَ پاڻيءَ کانسواءِ کيس ڪوٺيءَ ۾ بند ڪرائي ڇڏيو، جتي بک وگهي مري وئي5 .

 

. دختر، ميرزا محمد باقي، زوجہ ميرزا شادمان. 975هه ۾ ميرزا جان بابا بحيثيت ولي عهد جي ميرزا باقيءَ جي خلاف جنگ جو علم بلند ڪيو. ٺٽي وٽ جنگ لڳي، جنهن ۾ ميرزا شادمان، جان بابا سان گڏ هو. ميرزا شادمان لاءِ ترخان نامه ۾ آهي ته:- ”- از شجاعان روزگار بود داماد ميرزا باقي بود. و از جانب پدربہ سلطان قلي برادر مير ذالنون ارغون ميرسد-“ شادمان، بيگ عليءَ جو پٽ ۽ مير سلطان علي جو پڙ پوٽو هو. مير سلطان علي 910هه ڌاري شاهزادي بديع الزمان طرفان سيستان جو حاڪم هو. (ترخان نامه شجره F) انهيءَ مائيءَ جو نالو ڄاڻايل ڪونه آهي. فقط ترخان نامه ۾ حوالو اچي ٿو.1

 

. دختر، ميرزا محمد باقي، منسوب به ميرزا غالب بن ميرزا محمد صالح اول. ميرزا باقيءَ ميرزا غالب کي پنهنجي هڪ ڌيءُ سان منسوب ڪري، کيس خاطريون ڏئي، ڌوڪي ۾ رکي مارائي ڇڏيو. ”- اورا (غالب) بيکي از دختران خود نامزد کرد-“2

 

. دختر، ميرزا محمد باقي؟. ميرزا جاني بيگ ميرزا عيسيٰ کي سميجن مان گهرائي پنهنجي پُڦيءَ جو سنڱ ڏنو.

”- عمہ خود را در حبالہ نکاح او آورده-“3

 

يقين نه آهي ته اها مائي ڪنهن جي نياڻي هئي. اسان ان کي ميرزا باقيءَ جي ڌيءُ سمجهون ٿا، ڇاڪاڻ ته ڪو ڪثير الاولاد هو.

. دختر؟، ميرزا جاني بيگ. منسوب بشاهزاده خسرو بند جهانگير بادشاه.

. دختر، ميرزا باقي. زوجہ شاه بابا اول.

. زاهد ميرزا اول. بن ميرا عيسيٰ اول. متوفي رجب 8 تاريخ جمعه 966هه. لاولد فوت ٿيو. محمد صالح اول جي گورستان ۾ دفن آهي. قبر تي تاريخي ڪتبو آهي:

وفات يافت مرحوم مغفور

الواصل اليٰ جوار الملک

السبحان امير محمد زاهد ترخان بن

اعظم سلاطين زمان و افضل سلاطين

دوران ميرزا محمد عيسيٰ ترخان

پيرن کان:

في تاريخ هشم روز جمعہ

شهر رجب المرجب 966هه.

آيات:

قال الله تعاليٰ: شهد الله انہ لا الٰہ ...

العزيز الحکيم. 1

 

ان الذين عندالله الاسلام صدق الله تعاليٰ.

بسم الله ...: الله لا الله الا هوالحي ... العزيز الحکيم.2

 

بسم الله ... ياء يهاالمزمل ... ان الله غفورالرحيم.1

 

بسم الله ...: اذا جاءِ نصرالله ... انہ کان تواباَ.2

 

بسم الله ...: قل هو الله ... کفواَ احد.3

 

صدق الله العظيم.

. زاهد ميرزا، ثاني. بن ميرزا ابراهيم ثاني.

. سليمان، ميرزا اول. بن ميرا عيسيٰ اول. متوفي 964هه ڄام نظام الدين ڏانهن ويندي واٽ تي پٿر جي چوديواري اندر ٿلهي تي قبرستان آهي جنهن ۾ عيسيٰ اول جي اولاد دفن آهي. ترسون بيگہ ۽ آنجہ بيگنہ وغيره.

قبرن جو نقشو ڏئي رهيا آهيون، جنهن ۾ (9) قبرون آهن. ميرزا سليمان جي قبر آنجہ بيگنہ جي مٿن کان (نمبر 13) آهي. قبر ننڍي آهي، جنهن ڪري گمان آهي ته ميرزا سليمان ٻالجتيءَ ۾ فوت ٿيو. پيرانديءَ کان ڪتبو آهي:

وفات مير سليمان

ابن ميرا عيسيٰ 964هه.

ڪتبي ۾ ميرزا جي بجاءِ لفظ مير لکيو ويو آهي، ممڪن آهي ته ترخانن ۾ ننڍيءَ اولاد لاءِ مير جو لفظ رائج هجي.

. سليمان، ميرزا. ثاني بن ميرزا ابراهيم ثاني

. شاه بابا، اول. بن جان بابا اول. ميرزا باقيءَ جي خوف کان هندوستان ڀڄي ويو هو. جڏهن جاني بيگ هندوستان پهتو ته اتان کيس موٽائي ٺٽي موڪليائين ۽ بقول ترخان نامه – ”امر کرد که عمہ خورد خود او را، در عقد نکاح او در آورند“- خبر نه پئجي سگهي ته اها مائي ڪنهن جي نياڻي هئي. ممڪن آهي ته اها به ميرزا باقيءَ جي ڌيءُ هجي.*

 

. شاه بابا، ثاني. بن عمر بيگ بن شاه بابا اول.

. شادمان، ميرزا. باقي جون نياڻيون. سندس ذڪر دختر جي تحت آيل آهي. مدفن معلوم نه ٿي سگهيو.

. شاه رخ ميرزا، اول.. بن ميرزا باقي. 992هه ۾ فون ٿيو. ميرزا جو ٻيو نمبر پٽ هو ۽ کيس ايترو پيارو هو، جو ان جي مرڻ تي ميرزا باقي ديوانو ٿي پيو، جڏهن خبر آيس ان وقت محل جي عورتن جا ٿڻ ڪپائي ڇڏيائين ۽ سندن سٿڻن ۾ ٻليون وجهرائي پنهنجي ديوانگيءَ جو مظاهرو ڪيائين. ميرزا شاه رخ نصرپور جو صوبه دار هو. ساڻس گڏ علي شير ڪوڪو به رهيو ٿي سندس قبر ميرزا باقيءَ جي ڀڪ ۾ (نمبر 40) آهي.C

 

قبر جي پيراندي کان پنجن خانن ۾ ڪتبو آهي:

وفات يافت مرحوم مغفور

الواصل اليٰ جوار الملک

السبحان شاهزاده شاه رخ خان بن مرحوم

سلطان دوران ميرزا

محمد باقي ترخان

بتاريخ سنہ 992هه.

آيات:

قال الله سبحانہ تبارک و تعاليٰ: ولقد خلقنا ... تحملون.1

 

قال الله تعاليٰ: ان الذين آمنو ... ربہ احداً.2

 

قال الله تعاليٰ: ان الذين قالوا ... مکان بعيد.3

 

قال الله تعاليٰ: کل شئ هالک ... اليه ترجعون.4

 

کل من عليها ... والاڪرام.

الله لا الٰہ الا هوالحي ... فيها خالدون..5

 

بسم الله ... يٰسين ... وجعلني من المڪرمين.6

 

قال الله سبحانہ و تعاليٰ:

قل يا عبادي الذين ... انہ هوالغفورالرحيم.7

 

صدق الله العلي العظيم وصدق رسول النبي المختار الکريم و نحن علي ذالک من الشاهدين و الشاکرين و الحمدلله رب العالمين.

. شاه رخ، ميرزا. ثاني. بن ميرزا محمد پائنده. ميرزا جاني جو ننڍو ڀاءُ هو. *

 

.شاه رخ، ميرزا، ثالث. بن ميرزا ابوالفتح ثاني.

. شاه رخ؟. بن شاه رخ اول. (طاهري: 171- 173- 174 مطبوعه) هن نالي ۾ تاريخ طاهريءَ واري سهو ڪئي آهي. شاه رخ بن شاه رخ ٿي نه ٿو سگهي.

. صالح، ميرزا محمد. بن ميرا عيسيٰ اول. مريد بلوچ جي هٿان مئو. “ظلم“ مان سال نڪري ٿو . قتل جو سال 970هه آهي. تاريخ طاهري ۾ آهي ته: ”محمد صالح تند طبع، تند راءِ ۽ خودبين“ هو (صـ 99). غالباً مزاج جي اها تندي به سندس موت جو هڪ سبب ٿي. هن جي قبر پڻس جي قبرستان کان ڏکڻ طرف ٿورو پرڀرو جدا ٿلهي تي آهي. لوڙهه ۽ ڪتبا نهايت خوبصورت آهن. مڪليءَ جي سڀني قبرن ۾ هيءَ قبر پنهنجي نموني ۾ نهايت سهڻي ۽ لاثاني آهي. ٿلهي تي ٽي قبرون هڪ قطار ۾ ۽ ٻه ٻارن جون قبرون پيرن کان اولهائينءَ ڪنڊ تي آهن. ميرزا محمد صالح جي قبر وچ ۾ آهي. پيراندي کان ڊگهيءَ اڀي پٿر جي سر تي هي تاريخي ڪتبو آهي:C

 

وفات يافت

حضرت شاهزاده عالميان

شهيد سعيد الواصل

الي جوار الملک المنان

ميرزا محمد صالح

ترخان بن عاليحضرت

جنت مکاني الواصل

الي جوار الملک

الرحمان ميرزا محمد

عيسيٰ ترخان

در تاريخ

روز شنبہ بيست و

سيوم ماه شعبان

سنہ 970هه.

معلوم ٿئي ٿو ته ميرزا محمد صالح جي قبر ميرزا عيسيٰ (جنت مڪاني) جي وفات کان پوءِ تيار ٿي ۽ پٿر تي اُڪر جو ڪم 970هه کان وٺي ميرزا عيسيٰ جي وفات 973هه تائين ٽن سالن يا ان کان به زياده وقت تائين ٿيندو رهيو.

انهيءَ پيراندي واري اُڀيءَ سر جي چئن حاشين تي هيٺيان بيت آهن:

خدا يا تو آگاه از حال من

عيان است پيش تو احوال من

توئي از کرم دلنواز ِ همہ

به بيچارگي چاره ساز ِ همہ

بود هر کسي را اميد بکس

اميد من از رحمت تست و بس

اگر نا مرادم کني، باک نيست

چو لطف تو باشد ازان باک نيست

مرا چشم پر لطف و انعام تست

اميد من از رحمت ِ عام تست

مٿن کان ساڳي قسم جي اُڀيءَ سر تي اندرين پاسي کان هي اشعار وچ ۽ حاشين تي آهن. وچ تي:

مشتاق آفتاب جمال محمديم

ما بندهء محمد و آل محمديم

پروانہ وار سوخة از آتش فراق

در آرزوئ شمع جمال محمديم

صاف شراب عشق زلال محمد است

ما تشنبہء زلال شراب محمديم

خالي شده تمام ز فکر و خيال ِ خود

شام و سحر بفکر و خيال محمديم

صالح شد است شيفته هر کس بحالتي

خوش حال ما که، شيفته خال محمديم

حاشين تي:

بود پيوستہ مہ ِ روئ تو آئينہ ما

روئ او سوخت ز هجران دل بيکينہ ما

تا قيامت ز غم هجر رخت، خواهم سوخت

اين نہ سوزيست که، پيرون رود از سينهء ما

گنج الطاف و کرم بود محمد صالح

مُردم از غم که، برون رفت زگنجينہ ما

انهيءَ سر تي چوڌاري هيٺيون آيتون آهن:

قال الله سبحانہ و تعاليٰ: قل يا عبادي ... هوالغفورالرحيم.1

 

صدق الله العلي العظيم.

قال الله سبحانہ و تعاليٰ: کل نفسہ ذائقة ... ثم الينـٰا ترجعون.2

 

قال الله سبحان و تعاليٰ: زغم الذين ... المؤمنون.3

 

صدق الله العلي العظيم.

انما امره اذ اراد ... ترجعون.4

 

هي آيات ابتدا ۾ ڏنل اشعارن واريءَ سر تي آهن:

... کل حي يموت. و کل شئ يفوت

قال الله سبحانہ تعاليٰ: کل شئ هالک ... ترجعون.5

 

قال الله تعاليٰ عزوجل: ان الذين قالو ربنا ... من غفورالرحيم.1

 

صدق الله العلي العظيم.

قل ان الموت الذي تفرون ... کنتم تعلمون.2

 

قال الله سبحانہ و تعاليٰ: والذين آمنو ... فيها ابدا.3

 

هيٺيون آيات قبر جي لوڙهه تي آهن:

قال الله سبحانہ تبارک و تعاليٰ و تقدس: بسم الله ... شهدالله انہ لا الٰہ الا هو ... العزيز الحکيم.4

 

صدق الله العلي العظيم.

قال الله تعاليٰ عزوجل: کل من عليها فان ... ربکما تڪذبان.5

 

صدق الله:

الله لا الٰہ الا هوالحي ... و هوالعلي العظيم.6

 

بسم الله ... تبارک ... بماءِ المعين.7

 

قال الله تعاليٰ: ان الذين آمنو ... ربہ احداً.8

 

صدق الله.

قال الله تعاليٰ: کل نفس ذائقة الموت ... الامتاع الغرور.9

 

صدق الله العلي العظيم.

قال الله سبحانہ تقدس و تعاليٰ: قل يا عبادي ... هوالغفورالرحيم.10

 

صدق الله.

قال سبحانہ تبارک و تعاليٰ: و سيق الذين ... رب العالمين.1

 

صدق الله العلي العظيم و صدق رسولہ النبي المختار الکريم و نحن علي ذالک من الشاهدين و الشاکرين و الحمدلله رب العالمين.

قبرستان ۽ قبرون: ميرزا صالح جي قبرستان ۾ جيڪڏهن ڪا ديوار هئي ته اها ڊهي وئي آهي، هن وقت ٿلهي تي 5 قبرون آهن ۽ انهيءَ ٿلهي جي ڀر ۾ ٻه ٻيا ٿلها آهن، جيڪي پڻ بقول خداداد خان: انهيءَ احاطي ۾ هئا. هن هيٺ محمد صالح واري ٿلهي ۽ انهن ٻن ٿلهن جي قبرن جا ڪتبا ڏجن ٿا.

محمد صالح وارو ٿلهو:  ميرزا صالح ۽ محمد زاهد جو ڪتبو درج ڪيو ويو آهي. ٿلهي تي هن وقت 5 قبرون موجود آهن، ليڪن خداداد خان ڇهن قبرن جا ڪتبا ڏنا آهن.

ننڍي ٻار جي قبر 3:     هن قبر تي قرآني آيات جي ڪتبا هي آهن:

قال الله سبحانہ تقدس و تعاليٰ:

کل شئ هالک ... اجراَ عظيم.2

 

صدق الله تعاليٰ.

قبر 4: ساڳي ٿلهي تي چوٿين قبر تي هي آيتون آهن:

قال الله تعاليٰ: شهدالله انہ لا الله ... الاسلام.1

 

صدق الله تعاليٰ: ان الذين قالو ... قالو يعلمون.2

 

قال الله سبحانہ و تعاليٰ: کل شئ هالک ... ترجعون.3

 

صدق الله تعاليٰ:

قال الله تعاليٰ: يايهالذين آمنو ... الله شاکر عليم.4

 

قال الله تعاليٰ: آمن الرسول ... الکافرين.5

 

صدق الله ... الکريم.

بسم الله ... الله لا الٰہ الا هوالحي ... هوالعلي العظيم.6

 

قال الله تعاليٰ: ان الذين قالو ربنا ... حظ عظيم.7

 

صدق الله ... الکريم و نحن علي ذالک ... رب العالمين.

قبر 5:             هن قبر تي تاريخي ڪتبو ڪونه آهي. آيات هن ريت آهن:

قال الله تعاليٰ: شهد الله انه ... عندالله الاسلام.8

 

بسم الله ... الله لا الله الا هوالحي ... العلي العظيم.9

 

صدق الله ... الکريم.

قبر 6: هن قبر تي تاريخي ڪتبو ڪونه آهي. آيات هي آهن:

قال الله تعاليٰ: يبشرهم ربهم ... اجر عظيم.10

 

صدق الله ... والحمدلله وحده.

بسم الله ... الله لا الٰہ الا هوالحي ... العلي العظيم.1

 

صدق الله العلي العظيم الذين سج له القلم و النون.

ٿلهو پهريون:              ميرزا محمد صالح جي ڀر ۾ جدا ٿلهو آهي. جنهنجي قبرن جا ڪتبا هن ريت آهن:

شاهه بيگہ 977هه:       هيٺيون تاريخي ڪتبو پيرن کان آهي:

وفات يافت مرحومہ مغفوره

شاهه بيگہ بنت امير مرحوم مغفور

سلطان محمد ترخان بتاريخ بستم

شهر ذي الحج سنہ 977هه

آيات:

قال الله سبحانہ و تعاليٰ: شهدالله انہ ... الاسلام.2

 

بسم الله ... يآء يها المزمل ... غفور رحيم.3

 

بسم الله ... الله لا الٰہ الا هوالحي ... العلي العظيم.4

 

صدق الله ... الڪريم.

قبر 2:            انهيءَ قبر سان گڏ ٿلهي تي ٻيءَ قبر جي آيتن جا ڪتبا هي آهن:

قال الله سبحانہ و تعاليٰ: شهدالله انه لا الٰہ الا هو ... الاسلام.5

 

بسم الله ...: الله لا الٰہ الا هوالحي ... العلي العظيم.6

 

ٿلهو ٻيو: هي ٿلهو پڻ محمد صالح جي احاطي ۾ ڄاڻايو ويو آهي. جنهن تي ٻه قبرون آهن:

محمد علي ترخان 984هه:        هن قبر تي هيٺيون تاريخي ڪتبو پيرن کان آهي:

وفات يافت مرحوم مغفور

الواصل الي جوار الملک المنان

محمد علي بن امير ولي (محمد) ترخان

تاريخ ماه محرم الحرام سنہ 484هه.

آيات:

بسم الله ... يايها المزمل ... غفور رحيم.1

 

شهد الله انه ... عندالله الاسلام.2

 

بسم الله ... الله لا الٰہ الا هوالحي ... هوالعلي العظيم.3

 

ٻي قبر:           ساڳي ٿلهي تي ٻي قبر آهي جنهن تي هيٺيون آيات مرقوم آهن:

لا الله الا الله محمد رسول الله. صلي الله عليہ وآلہ واصحابه وسلم.

بسم الله ... يآ ايها المزمل ... غفور رحيم.4

 

قال الله تعاليٰ: ان الذين قالوا ربنا ... حظ عظيم.5

 

ميرزا صالح  ميرزا عيسيٰ جو ٻيو نمبر پٽ هو، ميرزا عيسيٰ سندس قتل ٿيڻ بعد، ميرزا جان بابا کي وليعهد بڻايو. *

 

. صالح، ميرزا محمد، ثاني. بن ميرا عيسيٰ ثاني. هنجي قبر سندس پيءُ جي رانڪ ۾ هجڻ کپي.

. صالح بيگہ، بنت ميرزا عيسيٰ ثاني. هن جو نالو ترخان نامه جي شجري ۾ آهي.

. عاقل، ميرزا محمد، بن ميرا عيسيٰ ثاني.*

 

. عبدالعلي ترخان اول. ميرزا عيسيٰ جو والد. هن جي شجري ۾ ڪيئي پيڙهيون غائب آهن. پاڻ سلطان شاه حسين بايقرا جي دؤر ۾ خاص شهرت جو صاحب هو. سندس وفات هرات طرف ٿي هوندي.C

 

سندس نسبي سلسلي ۾ هي نالا بيان ڪيا وڃن ٿا:

عبدالعلي، عبدالخالق، مير حسين ترخان، ميرزا عبدالعلي ترخان (سندس ڌيءَ ترخان بکم سلطان احمد ميرزا سان پرڻيل هئي.) ميرزا نورالله ترخان، فضل الله ترخان، امير اتلمش بن امير ايکوتمر بن امير ايلچي بن الجائتو خدا بنده (703- 416هه) بن ارغون خان (7 جمادي الآخر 683-6 ربيع الاول 690هه) بن ابقا خان 3 رمضان 663 ، 20 ذالحج 680هه) بن هلاکو خان (651- 9 ربيع الاول 663هه).o

 

. عبدالعلي، ثاني بن فرخ ميرزا بن ميرزا شاه رخ، ميرزا غازي جي وفات بعد چند مهينن لاءِ خسرو چرڪس کيس پڳ ٻڌائي. وفات 9 رجب 1040هه جو ڪيائين. سندس قبر ميرزا باقيءَ جي مقبري ۾ ڏيکاريل نقشي مطابق نمبر (43) تي آهي. تاريخي ڪتبو پيرانديءَ کان آهي، جنهن جا پاسا سادا آهن، دستوري نقشي مٿس ڪانه آهي:

وفات ميرزا عبدالعلي

نهم شهر رجب سنہ 1040هه.

آيات:

قال الله ... و تعاليٰ.

قل يا عبادي الذين ... الغفور رحيم.1

 

الله لا الله الاهو ... العظيم.2

 

کل شئ هالک ... ترجعون.3

 

ترخان نامه جي قول مطابق 1039هه ۾ فوت ٿيو . ليڪن اهو قول غلط آهي.*

 

. عبدالعلي، ثالث. بن عمر بيگ بن شاه بابا اول. هن جو نالو ترخان نامه جي شجري ۾ آهي.

. عمر بيگ، بن شاه بابا اول. هن جو نالو ترخان نامه جي شجري ۾ آهي.

. عمده خورد ميرزا جاني زوجہ شاه بابا اول. خبر نه آهي هيءَ مائي ڪنهن جي نياڻي هئي. ترخان نامه جي مؤلف ذڪر ڪيو آهي. *

 

. عنايت الله، ميرزا. بن ميرا عيسيٰ ترخان ثاني. متوفي 1058هه. مدفون رانڪ ميرزا عيسيٰ. ڪتبو سندس احوال ۾ ڏسجي.

. عيسيٰ، ميرزا محمد، اول. بن ميرزا عبدالعلي ترخان. متوفي 973هه. سندس مقبرو پٿر جي جدا چوديواريءَ اندر آهي جنهن جو تفصيل هيٺين ريت آهي.

قبرستان:  احاطي جي ٻاهرين ديوار اندر قبرن جا مختلف ٿلها آهن، جن مان ڪيتريون قبرون زبون ٿي ويون آهن، جيئن ته ٻاهرينءَ ديوار سان ملحق ٻن ٿلهن ۽ اولهه واري ٿلهي خواه ڏکڻ واري ٿلهي جي قبرن جا فقط نشان باقي آهن. اوڀر کان ڪنڊن ۾ زنانيون چوديواريون آهن جن ۾ قبرون ڪونه آهن. ايوان ۾ ڏکڻ کان هڪ چوکنڊي آهي جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو. داخلي دروازن جي پيشانيءَ تي قرآني آيتن جي اُڪر ٿيل آهي. احاطي واريءَ ديوار جي چوڌاري هي آيتون آهن.

ٻاهرين طرف کان ديوار جي ڪناري تي:

بسم الله الرحمٰن ... تبارک الذي ... بمآءِ معين. 1

 

بسم الله الرحمٰن ... والضحيٰ واليل ... فلما ربک فحدث.1

 

بسم الله الرحمٰن ... انا انزلنـٰه في ... مطلع الفجر.2

 

صدق الله العلي العظيم و صدق حضرت رسولہ النبي المختار الڪريم. ونحن عليٰ ذالک من الشـٰهدين و الشاکرين. والحمدلله رب العالمين – کاتب مقبول عنہ عبدالرحيم بن حافظ رشيد صديقي.

اندرين طرف کان ديوار تي:

بسم الله الرحمٰن الرحيم: اذا وقعت الواقعته ... باسم ربک العظيم. 3

 

صدق الله العلي العظيم و صدق رسولہ النبي الکريم ونحن علي ذالک من الشاهدين و الشاکرين والحمدلله رب العالمين.

محراب جي پيشانيءَ تي:

قال سبحانہ تبارک و تعاليٰ: فنادة الملائکة و هو قآئمہ يصلي في المحراب  فالله خير حافظا و هو ارحم الراحمين.4

 

قال الله تعاليٰ: شهدالله انہ ... بصير بالعباد.5

 

ڏکڻين مصلي مٿان:

قال الله سبحانہ تبارک و تعاليٰ: و سيق الذين اتقوا ربهم اليٰ الجنة زمرا ... الحمدلله رب العالمين.1

 

سبحان ربک رب العزت عما يصفون وسلام علي المرسلين و الحمدلل رب العالمين. صدق الله العلي العظيم و صدق الرسول النبي الڪريم.

قبر جا ڪتبا:

ميرزا عيسيٰ جي قبر جي لوڙهه تي چوڌاري اشعار ۽ آيتون اُڪريل آهن. پيرانديءَ کان تاريخ جو ڪتبو آهي.

مغرب کان:

افسوس که دؤر کامراني بگذشت

دؤران نشاط و شادماني بگذشت

سرمايہء عمر زندگي رفت ز دست

شد عمر و زند گاني بناداني بگذشت

___________

دهريست که، صد هزار عيسيٰ ديد ست

طوريست که، صد هزار موسيٰ ديد ست

قصريت که، صد هزار قيصر ديد ست

طاقيست که، صد هزار کسريٰ ديد ست

جنوب کان:

ميرسد بيداد صد، هر لحظه از دست اجل

داد از دست اجل! فرياد از دست اجل!

_____________

يا رب تو که داري بايمان مرا

با قول شهادت ببري جان مرا

خشنود کني جمله خصمان مرا

پر نور کني تربت ِ تاريک مرا

_____________

گر من گناهي روئ زمين کردستم

اميد بلطف تو که، گيري دستم

گفتي که: بروز غم، دست گيرم!

عاجز ترازين مخواه، که اکنون هستم

تربت جي مٿان چئن طرفن کان:

اي چرخ! فلک را سيرت کنيهء تست (؟)

بيدار گري، شيوهء دبرينهء تست

اي خاک! اگر سنيهء تو بشگافند

بس گوهر ِ قيمتي که در سنيهء تست

______________

تا در رگ من، خون بود و پوست

از دوست، مراد خود نخواهم جز دوست

بستن باين جهان متاع دل، نه نکوست

کانها، همہ فاني ست، باقي همہ اوست

_____________

اي ديدن ِ رويت آرزوئ مردم

گاهي نظرت، بود بسوئ مردم

يا چشم ازين جهان فاني بستي

شد بسته در فيض بروئ مردم

_______________

اي! انکه هميشہ از قضا بر حذري

بشنو از من اين حديث، گر باخبري

از سوئ قضا نباشدت راهِ گريز

گر در حضري مقيم، ور در سفري

_____________

سالها اي چرخ! تخم درد، در دل کاشتي

عاقبت کردي بخا کم جائ، در دل داشتي

تربت جي مٿن کان چوڪور:

وچ ۾ ڪلمو ۽ چئن طرفن کان چئن خانن ۾ هي شعر آهن:

لا الٰہ الا الله محمد رسول الله

غرض نقشي ست کز ما ياد ماند

که دنيا را نمي بينم بقائ

مگر صاحبدلي، روزي برحمت

کند درکار درويشان دعائ

تربت جي اوڀارين پهلوءَ تي:

دوستان ذکر حق و فکر مزار خود کنند (؟)

عاقبت مر گرست، ياران! فکر کار خود کنند

بگذرند از فکر خط و ذکر رخسار بتان

بعد ازين انديشہ ليل و نهار خود کنند

نامہ طاعت، که از دود ِ گنہ، آمد سياه

شست و شوئ اين، بچشم ِ اشکبار خود کنند

با رخ همچون خزان چون گر آيد بر بهار (؟)

اين خزان خويش بادئ و از بهاري خود کنند

ٻنهي سرن تي:

غم دنيا مخور اي هم نشين! تا يک نفس مانده

که بيکس مانده در دنيا، ولي دنيا بکس مانده

____________

تني که بود ويرا لباس حرير و کتان

ببين که جائ چسان کرده زير سنگ گران

زمانه داشت دو عيسيٰ و هر دو شان رفتند

يکي بچرخ و دگر در زمين گرفته مکان

دهان ِ خاک، چو شد پر، زلقمهء تن ِ او

نهاد دست فلک حسرتش بدهل سنان (؟)

بسال نه صد و هفتاد سه ز هجر نبي

(سنہ 973هه)

 

جهان گذاشة بگرفت، ملک جاويدان

لا الٰہ الا الله محمد رسول الله صلي الله عليہ وآلہ و صٰحبہ وسلم.

قال سبحانہ و تعاليٰ: شهد الله انہ ... عندالله الاسلام 1

 

صدق الله العلي العظيم و صدق رسولہ الڪريم.

يبشرهم ربهم ... اجر عظيمه 2.

 

بسم الله ... الله لا الٰہ الا هوالحي القيوم ... العظيم 3.

 

صدق الله ... الڪريم.

بسم الله ... تبارک الذين ... بمآءِ معين 4.

 

پيرانديءَ کان تاريخي ڪتبو:

چوڪور ڪتبي جي چئن پاسن کان هي اشعار آهن:

مشتاق آفتاب جمال محمديم

ماه بندهء محمد و آل محمديم

پروانہ وار سوخة از آتش فراق

در آرزوئ شمع جمال محمديم

وچ ۾ هڪ ڪتبو آهي:

وفات يافت حضرت جنت مکاني ميرزا

محمد عيسيٰ بن عبدالعلي ترخان في سنہ 973هه 5

 

چوکنڊي: اندرينءَ ديوار کان ٻاهر، اولهه ۽ ڏکڻ جي ڪنڊ ۾ ايوان اندر هڪ ڇتائين چوکنڊي (هشت ٿنبي) آهي. جنهن جي قبر تي تاريخي ڪتبو ڪونه آهي، آيات هن ريت آهن:

قال الله سبحانہ تقدس و تعاليٰ.

کل من عليہا فان ... والاکرام. 1

 

کل نفسہ ذائقة ... ترجعون. [1]

کل شئ هالک ... ترجعون.[2]

بسم الله ... الله لا الٰہ الاهو ... العظيم.[3]

صدق الله تعاليٰ.

هشت ستوني گنبد جي ڇت ۾ چوڌاري بقول خداداد خان هي آيتون اُڪريل آهن:

بسم الله ... هل اتيٰ عليٰ الانسان ... عذاباَ اليما.[4]

صدق الله.

ٽي قبرون: خداداد خان جي بياض ۾ هيٺين ٽن قبرن جا ڪتبا نقل ٿيل آهن ۽ ڄاڻايو ويو آهي ته اهي قبرون عيسيٰ ترخان جي احاطي ۾ آهن. عيسيٰ اول يا عيسيٰ ثاني جو احاطو؟ ان جي وضاحت نه آهي، بهرحال اسان اهي ڪتبا هت نقل ڪري ڇڏيون ٿا.

ميرزا محمد معظم:

بتاريخ سيزدهم شهر شوال المکرم

سنہ 1098هه غفران پناه رضوان آرام گاه

ميرزا محمد معظم از دار الفنا بدار البقا رحلت نمود.

ميرزا غلام محي الدين:

واقعه بتاريخ بستم شهر شعبان

المعظم سنہ 1090هه ميرزا غلام محي الدين

از دار الفنا بدار البقا

رحلت نمود.

ممڪن آهي، اهي ٻئي ميرزائون عيسيٰ ثانيءَ جي پوٽن مان هجن ۽ سندن ذڪر ڪٿي آيل ڪونه هجي.

قبرون هن وقت احاطي ۾ ڪونه آهن، تنهن ڪري خداداد جي ڪيل نقل جو اسان عيناً نقل ڪيو آهي.[5]

خواجه شرف الدين شيرازي:    خداداد خان جي قول مطابق هيٺين قبر پڻ ميرزا عيسيٰ جي احاطي ۾ هئي، جيڪا هن وقت موجود نه آهي. بهرحال خواجه جي انتقال جو سال 911هه آهي، جيڪو سمي سلطان ڄام نظام الدين جو دؤر هو، اهو ڪتبو ايران ۽ سنڌ ۾ باهمي ربط ۽ ايران کان ايندڙن جي سلسلي ۾ اهميت رکي ٿو:

وفات مرحوم الواصل الي رحمته الله خواجه شرف الدين شيرازي

في تاريخ شهر جمادي الاول سنہ 911هه.

آيات:

الله لا الٰہ الا هوالحي ... العلي العظيم. [6]

شهد الله انه ... هو العزيز الحکيم. [7]

صدق الله ... رسولہ الکريم.

عيسيٰ، محمد، ثاني. بن جان بابا. قبر جو تاريخي ڪتبو احوال ۾ ڏنو ويو آهي ۽ قرآني آيات جا ڪتبا مقبري جي نقشي واري عنوان تحت ڏسڻ گهرجن.

خداداد خان بياض ۾ ٻن قبرن جا ڪتبا ڏنا آهن، جيڪي سندس قول موجب عالم پناه ۾ اندر هيون. اهي غالباً اُهي ٻه آهن، جن مان هڪ هن وقت 17- 18 جي وچ ۾ آهي ۽ ٻي 13- 17 جي درميان آهي ۽ ٻيئي ڊهي چڪيون آهن.

غازي بييگ، ميرزا محمد، اول. بن ميرزا جاني بيگ متوفي 11 صفر 1021هه. پنهنجي پيءُ سان گڏ مدفون آهي. قبر تي ڪبتو ڪونه آهي. ڄائو 992هه ۾ ۽ جمعرات جو قندار ۾ فوت ٿيو. راقم الحروف سندس مفصل سوانح مرتب ڪئي آهي.

غازي بييگ، ميرزا محمد، ثاني. بن ميرزا عنايت الله. هن جو نالو ترخان نامه واري شجري ۾ آيو آهي.

غالب، بن ميرزا صالح اول. هن کي ميرزا باقيءَ سال 579هه ۾ مارئي ڇڏيو. [8] گورستان

 عيسيٰ اول ۾ دفن آهي. قبر جو ڪتبو آهي:

بتاريخ بست و دوم شعبان

979هه ميان غالب فوت شد.

آيات جا ڪتبا:

قال الله ... قل يا عبادي الذين اسرفو ... الغفورالرحيم.[9]

صدق الله ... رسول الڪريم.

کل شئ هالک ... ترجعون.[10]

قال الله ... الذين آمنو و عملو الصالحات ... بعبادت ربہ احدا.[11]

صدق الله ... رسول الڪريم.

مثل الجنة التي ... ومغفرة من ربهم.[12]

صدق الله ... الشاکرين. والحمد الله رب العالمين.

کل من عليہا فان ... کل يوم هو في شان.[13]

صدق الله ... رسولہ الکريم.

فتح الله، معروف بميرزا فتحي، بن ميرا عيسيٰ ثاني، متوفي 1093هه. سندس احوال ۾ ڪتبا ڏسو. مدفن رانڪ ميرزا عيسيٰ ثاني.

فرخ ميرزا، بن ميرزا شاه رخ اول. هن جو نالو عبدالعليءَ جي ذڪر ۾ ترخان نامه جي مؤلف ڪيو آهي.*

 

فضل الله، بن ميرزا فتحي بن ميرا عيسيٰ ثاني. کيبران جي پرڳڻي جو ٿاڻيدار هو. هن جو ذڪر عيسيٰ ثاني جي احوال ۾ سندس نالي تحت ڪيو ويو آهي.

فقير محمد، امير ترخان، بن امير مسکين بيگ ترخان. هي ميرزا عيسيٰ جو ڄاٽو هو، کيس ميرزا باقيءَ جي دؤر ۾ قتل ڪيو ويو. قبر ميرزا صالح اول جي احاطي ۾ آهي. تاريخي ڪتبو هي آهي:*

 

تاريخ شهادت الواصل جوار ملک المنان

امير فقير محمد ترخان بن مغفوري

امير مسکين بيگ ترخان

شهر رجب المرجب سنہ 976هه.

الهي عبدک العاصي اتا ڪا    مقرا بالذنوب و قد دعا ڪا

و ان تغفر لذاک فانت اهل       و ان تطرد فمن يرحم سوا ڪا

تجاوز عن ضعيف قد جفا ڪا        و جاء ک تائباَ يرجوا رضا ڪا

فان يڪ يا مهيمن قد عصا ڪا      فلم يسجد لمعبود سوا ڪا

الـٰهي کم رکبت علي الخطا يا       فهب لي توبة قبيل المنايا

ندمتُ ندامة ثم ارجو اليڪا          ليغفر ذلـّتي ربّ البرايا

الـٰهي (قد) عصيتک من عناد        و لـٰڪن شقوتي غلبت عليا

متيٰ خبرتُ ان الشمس اتيٰ      سينهاني عضا في ان اراها

الـٰهي لا الٰہ سواڪ فا رحم       علي من لا الٰہ سوا کا (؟)

صرفت العمر في لهو و لعب          فآ ها! ثم آ ها!ثم آ ها!

احب الصالحين و لست منهم        لعل الله يرزقني صلاحا

الملک لله محمد رسول الله

قال الله سبحانہ و تعاليٰ: ولا تحسبن الذين ... ذوفضل عظيم. [14]

قال الله سبحانہ و تعاليٰ: ان الذين قالوا ربنا ... الا ذو حظ عظيم.[15]

قال الله ...: قل يا عبادي الذين ... الغفورالرحيم.[16]

بسم الله ... الله لا الٰہ الا هوالحي ... العظيم.[17]

قال الله سبحانہ و تعاليٰ: شهد الله انه ... هو العزيز الحکيم.[18]

ان الذين عندالله الاسلام.

قال الله ...: و سيق الذين ... رب العالمين.[19]

بسم الله ... يٰسين ... رب الرحيم. [20]

صدق الله العلي العظيم.

لطيف بيگہ، بنت ميرزا جاني (؟). دفن زنانو مقبرو ميرزا محمد باقي (نمبر 9). متوفي 14 دو شنبہ ذي قعده 1024هه.

ڪتبو آهي:

وفات يافت مرحومه

مغفوره لطيف بيگہ بنت

حضرت رضوان المقامي (؟)

روز دو شنبہ چهاردهم ماه

تاريخ شهر ذي قعده سنہ 1024هه.

”رضوان مقامي“ مان مراد غالباً ميرزا جاني بيگ آهي.

آيات:

هو الفتاح – هوالڪريم – لا الٰہ الا الله محمد رسول الله.

قال الله تعاليٰ: شهدالله انہ ... الحکيم.[21]

الله لا الٰہ الا هوالحي ... و هوالعلي العظيم.[22]

بسم الله ... تبارک الذي ...بمآءِ معين.[23]

کاتب منقول عنہ: شيخ فقير محمد.

ماه بيگہ، بنت ميرزا باقي. متوفي 1014هه. ميرزا باقيءَ جي زناني قبرستان (نمبر 8) ۾ مدفون آهي. قبر جو ڪتبو آهي:

وفات يافت صالحہ ساجده مرحومہ

مغفوره ماه بيگہ بنت مرحوم

مغفور الواصل الي جوار حضرت

ملک القدوس ميرزا محمد باقي ترخان

در تاريخ سنہ 1014هه.

آيات:

قال الله تعاليٰ: شهد الله انہ ... الحکيم.[24]

قال الله تعاليٰ: لا الٰہ الا هوالحي القيوم ... العلي العظيم.[25]

صدق الله ... و الشاکرين.

بسم الله ... تبارک الذين ... بمآءِ معين.[26]

صدق الله ... رسولہ الکريم.

محمد، مير محمد بن سيد جلال الدين بن سيد علي شيرازي. ميرزا محمد صالح اول جو ڏهٽو. هن پنهنجو احوال ڪونه لکيو آهي. ترخان نامه ۾ پنهنجي ناني يا پنهنجي والد جي شاديءَ  جو ذڪر ڪندي به پاڻڏانهن اشارو ڪونه ڪيو اٿائين. تحفة الڪرام ۾ سندس مختصر ذڪر آهي C *

 

محمد مراد، ميرزا. بن ميرزا عنايت الله. هن جو نالو ترخان نامه جي شجري ۾ آهي. جهانگير آباد جو ٿاڻيدار هو. هن جو احوال ميرزا عيسيٰ ثانيءَ جي احوال ۾ سندس نالي تحت ڏنو ويو آهي.

مظفر، ميرزا، اول بن ميرزا محمد باقي. هي ٽيون نمبر پٽ هئس. پيءُ جي حياتيءَ ۾ علي خان ڪوڪي سميت بدين ۽ چاچڪان جو حاڪم هو. ميرزا جي وفات بعد ميرزا جانيءَ سان مسند نشينيءَ تي مقابلو ڪيائين. شڪست کائي ڪڇ جي راجا وٽ وڃي پناه گزين ٿيو[27].o

 

صاحب سمي نالي جاڙيجي قوم جي هڪ معزز فرد، پنهنجي نياڻي ميرزا باقيءَ کي ڏني هئي جنهن مان مظفر پيدا ٿيو .[28]

 

صاحب سمو، سمن جي هڪ شاخ جو به نالو آهي  ميرزا مظفر جهانگير سال 1026هه ۾ فتح باغ (احمد آباد) ۾ مليو هو. (تزک اردو 458).[29].

 

مظفر، ميرزا ثاني. بن ميرزا عنايت الله. هن جو نالو ترخان نامه جي شجري ۾ آهي. غالباً سندس گهرواريءَ جي قبر ميرزا عيسيٰ ثانيءَ جي ايوان ۾ آهي. (ڏسو ڪتبو رانڪ مذڪوره ۾)

ناصر، ميرزا، بن ميرا عيسيٰ اول. ميرزا باقيءَ جي خوف کان سڄي زندگي لولو لنگڙو ۽ گونگو ٿي گذاريائين[30].

 

 يار محمد، ميرزا، ترخان. ميرزا عيسيٰ جو ڀاڻيجو [31].

 

يادگار مسکين، ترخان. بيگہ بيگي آغا بنت ميرزا عيسيٰ اول جو مڙس. ميرزا باقيءَ جان بابا سان گڏ هن کي به قتل ڪرائي چڏيو. سندس قبر جان بابا سان گڏ آهي. ڪتبو جان بابا جي گورستان تحت ڏنو ويو آهي.[32]

 

هن کان پوءِ (1) عيسيٰ اول (2) محمد صالح اول (3) ميرزا باقي (4) ميرزا جان بابا (5) ميرزا جاني بيگ (6) سلطان ابراهيم ۽ (7) ميرزا سليمان جي گورستانن جا نقشا شامل ڪري رهيا آهيون، جن ۾ نمبرن جي ذريعي قبرون نروار ڪيون ويون آهن، اندر متن ۾ اهي ئي نمبر ڏنا ويا آهن.[33]


*  رضوان مقامي ميرزا جان بيگ لاءِ مرڻ بعد استعمال ڪيو ٿي ويو. عيسيٰ ۽ باقيءَ لاءِ جنت مکانيءَ جو لقب هو، جيڪو قبرن تي نظر اچي ٿو. ميرزا جانيءَ لاءِ رضوان مقامي جي سند في الحال لڀي نه سگهي.

1  البقر ص 255

2  آل عمران ص 18

3  الزمر ص 53

4  الملک ص 1- 30

1  آل عمران ص 18

2  البقر ص 255

3  آل عمران ص 18

4  الملک ص 1- 30

5  معصومي ص 219

1  ترخان نامه ص 62

2  ترخان نامه ص 67

3  تحفة الڪرام سنڌي ص 468

4  طاهري ص 143- 147- 150- 178

5  ترخان نامه ص 58 و طاهري ص 105

1  ترخان نامه ص 56

2  ترخان نامه ص 61

3  ترخانه نامه ص 66

1  آل عمران ص 18

2 البقر 255

1  المزمل ص 1- 20

2  النصر ص 1- 3

3  الاخلاص ص 1- 4

*  ترخان نامه ص 66

C  تحفة الڪرام سنڌي ص 172. فارسي ص 71- 73. تاريخ طاهري.

1  المؤمنون ص 13- 22

2  الکهف ص 107- 110

3  حـٰم السجده ص 30- 44

4  القصص ص 88

5  البقرص 255- 257

6  يٰسين ص 1- 27

7  الزمر ص 53

*  تحفة الڪرام سنڌي ص 188 فارسي ص 73- 47.

C  ترخان نامه ص 47- 48

تاريخ طاهريءَ جي حاشيه ۾ قتل جي سلسلي ۾ هي شعر آيل آهي:

گگهيليءَ جي گار تان، ڪريان ڪٽاريءَ گهاءِ

مرزا صالح ماريان، ٻي نه ڪريان ڪاءِ

حاشيه نويس ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جيڪو قصو لکيو آهي، تنهن ۾ نظرثاني جي گنجائش آهي. (طاهري صـ 324- معصومي ص 208 تحفه الڪرام ص 66).

1  الزمر ص 53

2  العنکبوت ص 57

3  التغابن ص 7- 13

4  يٰسين ص 86- 83

5  القصص ص 88

1  سجده ص 30- 23

2  الجمعه ص 8

3  النساء ص 122

4  آل عمران ص 18

5  الرحمٰن ص 26- 27

6  البقر ص 255

7  الملک ص 1- 30

8  الکهف ص 107- 110

9  آل عمران ص 185

10 الزمر ص 53

1  الزمر ص 73- 75

2  القصص ص 88

1  آل عمران ص 18- 19

2  الاحقاف ص 13- 14

3  القصص ص 88

4  البقر ص 153- 158

5  البقر ص 285- 286

6  البقر ص 255

7  حـٰم السجده ص 30- 35

8  آل عمران ص 18- 19

9 البقر ص 255

10  التوبہ ص 21- 22

1  البقر ص 255

2  آل عمران ص 18- 19

3  المزمل ص 1- 20

4 البقر ص 255

5  آل عمران ص 18- 19

6  البقر ص 255

1  المزمل ص 1- 20

2  آل عمران ص 18- 19

3  البقر ص 255

4  المزمل ص 1- 20

5  حـٰم السجده ص 30- 35

*  ترخان نامه ص 44- 46- 47

*  بلاخمن ص 392- ماثر الامرا ج 3 ص 488

C  مکاتيب عندالله مرواريد.

o  ڏسو ترخان نامه جا شجرا

1  الزمر ص 53

2  البقر ص 255

3  القصص ص 88

*  ترخان نامه ص 95- 93

*  ترخان نامه ص 66

1  الملک ص 1- 30

1  الضحيٰ ص 1- 11

2  القدر ص 1- 5

3  الواقعه ص 1- 97

4 آل عمران ص 39

5  آل عمران ص 18- 20

1  الزمر ص 73

1  آل عمران 18- 19

2  التوبہ 21- 22

3  البقره 255

4  الملک 1- 30

5  چوديواريءَ اندر هن وقت 6 قبرون آهن. پائنده، عيسيٰ اول، ميرزا ابراهيم، ابو الفتح، غالب ۽ ڇهين قبر تي نالي جو ڪتبو ڪونه آهي، ٻار جي لڳي ٿي. خداداد خان جي بياض ۾ مٿين قبرن کان علاوه، ستينءَ قبر جي آيتن جو ڪتبو پڻ نقل ٿيل آهي، جيڪا هن وقت احاطي ۾ موجود نه آهي. ٻار جي قبر ۽ مذڪوره ستين قبر جو ڪتبو هن ريت آهي:

(6) کل نفس ... ذائقة ... ادخل جنتي (آل عمران ص 185)

کل شئ هالک ... اليه ترجعون (القصص ص 88)

بسم الله ... الله لا الله الا هوالحي ... العلي العظيم (البقر ص 255)

صدق الله العلي العظيم و صدق رسولہ الڪريم.

(7) بسم الله ... الله لا الله الا هوالحي القيوم ... العظيم (البقره ص 255)

کل نفس ذائقة الموت ... وادخل الجنة (آل عمران ص 185)

کل من عليها فان ... الارض کل يوم هو في شان (الرحمٰن ص 26- 29)

بسم الله ... تبارک ... بماءِ معين (الملک ص 1- 30)

صدق الله ... الحمدلله رب العالمين.

1  الرحمٰن ص 26- 27

[1]  العنکبوت 57

[2]  القصص 88

[3]  البقر 255

[4]  الدهر 1- 30

[5]  بياض خداداد ص 328

[6]  البقر 255

[7]  آل عمران ص 18

[8]  ترخان نامه ص 61

[9]  الزمر ص 53

[10]  القصص 88

[11]  الملک ص 107 تا 110

[12]  محمد 15

[13]  الرحمٰن ص 26- 29

* ترخان نامه ص 93 تزک جهانگيري نولکشور ص 458 صاحب تاريخ طاهري غلطي کان هن کي ميرزا عيسيٰ جو پٽ ڄاڻايو آهي ص 99 مطبوعه.

*  بياض خداداد خان 145- 152

[14]  آل عمران 129- 174

[15]  حـٰم السجده 30- 35

[16]  الزمر 53

[17]  البقر 255

[18]  الرحمٰن 26- 27

[19]  الزمر 73- 75

[20] يٰسين 1- 58

[21]  آل عمران 18

[22]  البقر 255

[23]  الملک 1- 30

[24] آل عمران 18

[25]  البقر 255

[26]  الملک 1- 30

*  ترخانه نامه ص 67

C  تحفة الڪرام سنڌي ص 468

o  طاهري ۽ تحفة الڪرام ص 182

[27]  تحفة الڪرام فارسي ص 66- 72- 73

 [28] تحفة الڪرام ص 169- 179- 186

[29]  تحفة الڪرام ص 79

[30]  ترخان نامه ص 63

 [31] معصومي ص 209

 [32] ترخان نامه ص 59- 60- 64

[33] هي نقشا فاضل دوست عزيز محمد ادريس صديقيءَ (محڪمه آثار قديمه) مون کي ڏنا جن لاءِ آئون سندس بيحد ممنون آهيان. ٻه نقشا (ابراهيم ۽ سليمان) جناب ايم اي مجيد صاحب منهنجي طلب تي ڪڍي ڏنا جن جو پڻ ٿورائتو آهيان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org