20 June 2008

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: مڪلي نامو

باب: --

صفحو :14

خط نمبر (8)

هي خط ملتان جي گورنر جو آهي، جيڪو هُن؛ ٺٽي ۾ پيدا ٿيل تحريڪ آزاديءَ کي ناڪام ڪرڻ لاءِ، هڪ شخص کي فوج جو سپهه سالار مقرر ڪندي، هدايتاً لکيو آهي. انهيءَ تحريڪ ۾ ٺٽي جي قوم پرستن جي امداد مغل ڪري رهيا هوا، جن کي ختم ڪرڻ جي هدايت پڻ تاڪيد سان خط ۾ ڪئي وئي آهي.

سپهه سالار جو نالو خط ۾ ڏنل ڪونه آهي، بلڪه فلان ابن فلان لکيو ويو آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته عليڳڙهه وارو نسخو جنهن نسخي  جو نقل آهي، ان ۾ پڻ نالو ڪونه هيو.

هن خط ساڻ، مٿي آيل حاشيو (نمبر 23) پڙهڻ گهرجي.

اين مثال به يکي از امراء بجهت سر لشکري اقليم سند در قلم آمد.

چون خداوند عالم، بادشاهه بني آدم، محيء مراسم دين، مظهر معالم صدق و يقين، سلطان السلاطين، ظل الله في العالمين، عضد الخلافته، ناصب العدل والرافة، المويد من السماء، المظفر علي صنوف الاعداء، الحامي لبلاد الله، الراعي لعباد الله، مالک رقاب الامم، مولي الجود و الکرم__ شعر:

لہ همم لا منتهي لکبا رها      و همة الصري اجل من الدهر

خلد الله ملکه و سلطانه، و اعلي امره و شانه، بندهء پير قديم خود را از ميان بندگان برگزيد و رقم اختصاص بر ناصيهء اخلاص ابن بنده کشيد، و محمود اقران و مغبوط اخوان گردانيده، انواع اصطناع و اصناف الطاف، در بارهء دعا گرئ قديم خود ارزاني داشت، و بر علم حسن بندگي کتابهء حسن قبول نگاشت، و عرصهء ملتان صانها الله عن الحادثات از کوه جودي تا شط درياي، که آن جا باشد و با بحر مجتمع است، بدين بنده استقامت يافت. و حل و عقد و قبض  و بسطو منع و اعطاء و عزل و نصب به صواب ديد بنده مفوض فرمود. و کرات و مرات علي اختلاف الزمان والمکان بر زبان مبارک رانده که: در عرصهء ممالک طويل و بيسط، بهر زمان بجوانب و اطراف آن، جز بند گانِ مخلص، که بر مزاج مبارکِ ما واقف و عارف باشد، و به کاردانيء لشکر کشي معروف و موصوف بودند،  پاي کسي نتوان رسيد. بنا بر اين بنده قديم خود دران عرصه فرستادو از راه اعتماد زمامِ اذن مطلق بدست بنده داد و فرمود:__ ما هرچه در حضرت ميکنم او در عرصهء ملتان و اقتفاء آن امور بتقديم رساند، و خود را درين امر جزيل ماذون و مامور داند. علي الخصوص دربار عام بدو ابن فرمان داديم که: هرچه بندهء پير قديم کند، آن کردهء ما دانند! و دران زيادت و کم نکنند! و ابواب منازعت ومناقشت مدود دارند.!

و چون، اداي شکر اين نعم و سپاس آن کرم، از طاقت بشري و قدرت انساني پيرون بود، دل را به هواي دولت خواهي، و زبان را به ذکر ثنا سرائي، و جوارح را براي انتظام امور دين و دولت، و التيام مصالح ملک و ملت، مشغوف گردانيدم__ شعر:

افاد تکم النعماء مني ثلاثة بدي و لساني و الضمير المحجبا

و در محامات حوزهء اسلام و ممالات بيضهء انام، و استيصال ارباب ضلالت و تدمير اصحاب جهالت، و قلع کفار و قمع فجار، و قهر بغاة و قتل طغاة، و طرد اهالي فساد، و دفع اعوان حقد و عناد، و تقويت انصار دين هديٰ و تمثيت امور شريعت مصطفيٰ (صلي الله عليہ وآلہ وسلم) بذل مجهود  باقصي الغاية و ابعد النهاية به تقديم رسانيدم.

بر حسب ابن فلان بن فلان سر لشکر فرد به آن ديار گردانيده شد و لشکر ها براي دفع تشويش مغل و حسم مواد فساد بغاة تهته نامزد او فرموده ايم. هر گاه بوقت  مراجعت طلبند، عسکر مذکور با سران و عدت و ابهت جهاد بد و پيوندد. و اعلام رفت تا او حزم را رعايت کند، و در محاربت اساليب تحفظ و اقانين تيقظ مرعي دارد. و هر گاه که او بحرب متصدي شود، توکل را مقتدا و التجاء بحضرت خدا پيشواء خود سازد. و درکار غزوه و جهاد نظر او بر نصرت دين باشد، تا مظفر و منصور و مويد و مسرور گردد. ___ اِن تنصروا الله ينصر کم و يثبت اقدامکم__ و عجب و غرور را ممنوع و مخطور شاسد. چه هيچ چيز قادح تر از عجب نيست. کما قال عزمن قائل__ لقد نصر کم الله في مواطن کثيره و يوم حنين اِذ اعجبتکم کثرتکم__ بيت:

مبادا کس، بزور خويش مغرور!       که مغروري، کلاء ازسر کند دور!

و چون به عون حق و قدرت قادر مطلق، به ظفر دست يابد و خصم او از پيش به تابد، راه گريز اوبسته نگرداند، و اين مثنوي را نصب عين داند. __ بيت:

چو فيروز گشتي، مشو در ستيز          مکن بسته بر خصم، راهِ گريز

هذا ما عهدنا  عليک و فوضنا الاءمر اِليک آثارنا. و الله الموفق المسداد و الهادي اِلي الرشاد.

خط نمبر 64

هي خط عين الملک ماهرو، ملڪ ملوڪ الشرق، افتخارالملڪ، فريد صاحب ديوان، استياق * ڏانهن لکيو آهي.

ماهرو ڏاهنس لکيو آهي ته، همير دودو: اوهان جي شفقت جو پروردو آهي، فسادي ۽ باغي (ڄام) بابينهه جي ختم ڪرڻ لاءِ کينس مقرر ڪيو وڃي. بابينهه هڪ دفعو مغلن جو هجوم ساڻ ڪري، پنجاب جي علاقي ۾ لٽ ڦر ڪرڻ آيو هو، ملتان جي فوج مٿس چڙهائي ڪري کينس ملڪ مان ڪڍيو. گجرات ۾ پڻ هن ڪيئي مرتبا ”ڦرلٽ“ ڪئي آهي، جنهن مان اوهان واقف آهيو.

هميردودي جي سفارش، گجرات جي حاڪم رڪن الدين امير حسن کي پڻ ڪئي ويئي آهي. __ عين الملڪ اميد ظاهر ڪئي آهي ته همير دودو، انهيءَ مهم کي نهايت عمدگيءَ سان پورو ڪندو ۽ بابينهه جي ”فساد“ کان، ملتان ۽ گجرات جي صوبن کي ”پاڪ“ ڪري ڇڏيندو.

خط جو اختصار اهو آهي. معلوم ٿئي ٿو ته همير دودو سومرن جي شاهي آڪهه مان هو، سمن جي قبضي بعد هو سنڌ مان نڪري ٻاهر وڃي رهيو هو. جڏهن بابينهه دهليءَ جي بالا دستيءَ کان سنڌ کي نجات ڏيارڻ جي جدوجهد شروع ڪيو ۽ هن مخلتف صوبن تي حملا ڪري، سلطنت کي پريشان ڪئي، ان وقت عين الملڪ سنڌ جي ئي هڪ فرد کي اڳيان ڪري، بابينهه جي قوت ۽ تحريڪ کي ختم ڪرڻ ٿي گهريو. ويڙهائي حڪومت ڪرڻ واري پاليسي سندس پيش نظر هئي.

بابينهه جي، انهيءَ تحريڪ جو مٿي آيل حاشئي ۾، گهڻو ذڪر اچي چڪو آهي.

اين مکتوب بجانب ملک الشرق افتخارالملک صاحب ديوان استيفاء ممالک در قلم آمد.(*)

 

تا اعانت و اغانت زمينداران که به حليهء اطاعت و مطاوعت متوشح بوده اند. و از دست تغلب زبردستان، چون بنات النعش دو اطراف جهان متفرق و پرا گنده گشته، در جميع اد يان محمود خواهد بود. و قلع و استيصال دعا نابکار __ که فساد را شعار و تهج فتنه را، دثار خود ساخته __ نزديک وضيع شريف و قوي و ضيع و شريف و قوي و ضعيف مستحسن خواهد نمود. __ ذات ملک صفات، خداوند ملک ملوک الشرق و الوزراءِ افتخار الملک، قانع السکفرة، قامع الفجرة، ناصرالموحدين، کاسرالمفسدين، قاتل البغاتة، قاطع الطغاة، حامي ارباب الصلاح، ماحيء اولاد السفاح، صاحب السيف و القلم، والي العلم والعلم، رافع رايات العدل والا حسان، ناصب آيات الفضل والادمتنان، فريدالندونته والدين، صاحب ديوان استيفاءِ ممالک __ که مستجمع معاليء سابقه است، به موالات اولياء دين و معادات احزاب شياطين مؤيد و موبد باد. بحق من قال __ و تعا و نوا علي البر والتقويٰ ولا تعا ونوا علي الائم والعدوان __ بندهء درگاهه عين ماهر و که عين اعتقاد او به کحل ترفيه عباد و تعمير بلا د مکحول است، عين خدمت و عبوديت در مورد اخلاص جاري گردانيد و نمود که نهال وجود همير دودا __ که از تند باد حوادث ذبول يافته بود __ به زلال شفقت خداوندي ملک ملوک الشرق آغاز نشو و نما گرفته، متوقع آنکه به فيضانِ رافت آن مجلس مثمرو برومند گردد. __ بيت:

نهالي، کان بدست خود نشاني هميشه، مي ده آبي، تاتواني اگر آبش دهي، پيوسته ماندوگر، ترکش کني، سربسته ماند

غرض از ترتيب اين مقدمات آن ست، همگنان را روشن و مبرهن است که: بانهمنيه علم فساد و بغي به عيوق رسانيده است و از قبله اطاعت روي گردانيده و تخريب بلاد و در آوردن مغل عادت ساخته و دين و نفس خود را به دين هوا در باخته. چنانچه يک کرت با هجوم مغل در ولايت وسيعهء پنجاب درآمده بود. چون از عون حق، دستبردي از لشڪر ملتان برو رسيده، پاي کشان بگريخت و آبروي مردانگي و جلادت در ساحت فرار بريخت. و اين معني پيش ازين به بندگيء ملک الشرق باز نموده شده است. و در ولايت گجرات بعد ازان و پيش ازان چند کرت تعرض رسانيده و آن حال بخدمت مولوي؟ پوشيده نيست. براي قلع و قمع آن مدبر(؟) فضول __ که در بغي و فساد اصل الاصول است __ حسن اهتمام حضرت اعليٰ __ در طرفيه حال استقامت کار __ به همير دودا مبذول شده است. و بشرف مراتب و تعين مواجب اختصاص يافته. و سر همه مرحمت ها آنکه، از اتفاقات حسنه، سپارش او بملک الامراء رکن الدونته والدين امير حسن دام علوه شده است. و آن از ين جهت است که عرصهء گجرات مفوض بخدمت خداوندي ملک ملوک الشرق است. و ملک رکن الحق والدين حسن برادر کهتر و پروردهء کرم خداوندي ملک الشرقي است، در حضرت اعليٰ و جاهت و جلالت از ذات با عظمت ملک ملوک الشرقي يافته و بوقت سپارش از حضرت اعليٰ مرحمت هم برين همله دربارهء خداوندي ملک ملوک الشرقي ميشد. چون اين کار برين منوال تربيت و استقامت از حضرت خدايگان يافته است، مرحمت و شفقت آن مجلس بدين اندازه در حق ملک رکن الدين حسن منتظم شده.(*)

 

بندهء درگاهه منتظر است، تا آن کار از دست او، به حسن ترتيب خداوندي ملک ملوک الشرق برآيد، و جمال کار آن مجلس بر آيد. و در ضمن آن استقامت همير دودا که مطلوب درگاهه اعليٰ است، دست دهد. و ساهت هر دو عرصه يکي ملتان و دوم گجرات از خبث فساد بانهمنيه پاڪ گردد. والا کدام عار ايشان ازين بالاتر است که، مشتي رساتيق مردود ملتان هر بار درديار اسلام، کفار را در آرند و رعايا و ذميان دارالاسلام را به نهب و تاراج اسير کنند و ببرند.(*)

 

اميد که از عون و عنايت الٰهي و اقبال کامگار خدايگان آن ست که، خداوند ملک ملوک الشرق تربيت اين کار چنان خواهد فرمود، که بر روي روزگار يادگار ماند و بران مزيد نتواند بود. زيرا که اين بانهمنيه  مفسد هربار مقدمان گجرات را تغلب مي کند و اسير مي گرداند و کر گان بقهر و عتوت مي ستاند و انفت گجراتيان که __ اخترت الناو رلا العار  اختيار کنندد اظهر من الشمس است، اما معونت و مظاهرت مي طلبند. اگر خدمت ملک الشرقي ايشان را تحريض فرمايند که: شما اهل گجراتيد و جان بازي را بار مي دانيد و بدان مباهات و سرفرازي مي کنيد، چرا همچنين زبون شده ايد؟ و بر دست مشتي سيما بيان دون درمانده ايد؟ اگر همه جمع شويد و کمر انتقام برميان جان استوار بنديد، لشکر اسلام بمعاونت شما بفرستم. اميد باشد که دمار از نهاد آن فسده بر آريد و کلفهء عار تغلب ايشان از جبهه خويش مآک شجاعت شسته گردانيد، تا در جهان اين نام نيک يادگار ماند:

مرا نام بايد که تن مرگ راستبنام نکو گر به ميرمرواست اين انموذجي است، که بخدمت باز نموده شد، اميدوارم که هزار مقدمهء ديگر بهتر ازين خدمت ملک ملوک الشرقي خواهد فرمود، با اين همه نظر بر کرم حق بايد داشت و محافظت ديارِ اسلام و نصرت دينِ محمدي لازم مي با يد پنداشت. و ر بر مقتضاءِ __ اِن تنصروا الله ينصر کم __ منتظر فتح مي بايد بود، تا عروس مطلوب از آئينهء ظفر جمال به نمايد. اِنہ علي ذلک قدير و با لاجابة جدير .(*)

 

(هٰذا باب) امير احمد فدا که اين تعريف سبب تجهيل اوست، نيازادهء حقيقيء اين محب است، او را بعين عنايت ملحوظ و بحسن تربيت محفوظ دارند. و کرم خاص را دربارهء مخلص پندارند. والسلام!

خط نمبر (99)

هن خط ۾ غالباً ڪتابت جي غلطيءَ سبب چاچڪان جي بجاءِ هالکان لکجي ويو آهي. خبر نه آهي ته علي ڳڙهه واري اصل خطي نسخي ۾ لفظ ڪهڙيءَ طرح لکيل آهي.

هي خط پڻ حڪومت جي طرفان، چاچڪان جي پرڳڻي وارن ڏانهن لکيو ويو آهي، جيڪو ڄام بابينهه واريءَ تحريڪ سان تعلق رکي ٿو. هي سڀيئي خط جيڪي هتي ڏنا وڃن ٿا سي سنڌ جي تاريخ لاءِ ڏاڍيءَ اهميت وارا آهن. انهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڄام بابيني سنڌ جي آزاديءَ جي تحريڪ ايڏي ته زور سان هلائي هئي، جو سلطنت ۾ هڪ زلزلو اچي ويو هو. شيخ صدرالدين، عارف ملتاني ۽ شيخ جلال الدين جهانيان جهان گشت بخاري، ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ تمام اهم سياسي پارٽ ادا ڪري رهيا هئا.

فيروزشاهه جڏهن آخري مرتبو ٺٽي تي ڪاهه ڪري آيو ته جلال الدين جي ذريعي ئي ڄام جوڻي ۽ بابينهه سان سندس ٺاهه ٿيو. هر ممڪن طريقي اختيار ڪرڻ کان پوءِ به سنڌ، فتح ۽ تسخير ڪا نه ٿي سگهي. هيٺ ڏنل خط جو مطلب هي آهي:

ملتان جي گورنر پرڳڻي چاچڪان جي باشندن کي تنبيهه ڪندي لکيو آهي ته: ڄام جوڻو پنهنجي واعدي تي قائم ۽ بادشاهه جو اطاعت گذار آهي، ليڪن ڄام بابنيهه عهد شڪن آهي. شيخ صدرالدين ۽ سيد جلال الدين بخاريءَ وچ ۾ پئي عريضي لکي هئي ته __ هن ملڪ جي آمدني فوج جي پگهار ۽ ٻين فوجي انتظامن ۾ صرف ٿي وڃي ٿي، جنهن ڪري شاهي خزاني ۾ رقم موڪلي نٿي سگهجي. بجاءِ رقم وٺڻ جي سنڌي فوج کان مملڪت جي پشتي بانيءَ جو ڪم ورتو وڃي. گجرات ۽ سکر تائين هو ڪم ڏئي سگهن ٿا. خراج جي صورت ۾ پنجاه گهوڙا، جن جي قيمت هڪ لک ٽنڪو ٿيندي، بارگاه شاهيءَ ۾ موڪلبا رهيا. اهڙيءَ ريت لشڪر رکڻ جو مقصد به پورو ٿي ويندو، ۽ شاهي خزاني جو غرض پڻ حاصل ٿيندو. __ جنهن صورت ۾ شيخ الاسلام صدرالدين ۽ شيخ جلال الدين بخاري وڏيون هستيون آهن، تنهن ڪري بادشاه سندن معروضو قبول ڪيو.

توهان ماڻهن مان ٺٽي جي ڪن مقدمن (حاڪمن) شروع ۾ عهد شڪني ڪئي، بطور خراج جي گهوڙن موڪلڻ جو جيڪو واعدو ڪيو ويو هو، سو به پورو ڪونه ٿيو. تنهن ڪري کين سزا ڏيڻ کان سواءِ ڪو چارو ڪونه هو پر ڪيترا مسلمان اهڙا به هئا، جن جو ”شريرن“ سان ڪو واسطو ۽ تعلق يا هم خيالي نه هئي، ۽ ڪمزوريءَ سببان خاموش هئا. تنهن ڪري ملڪ تي حملي ڪرڻ جو حڪم نه ڏنو ويو، جيئن بيگناه ۽ غريب مسلمانن کي نقصان نه پهچي __ انهيءَ ڪري فوج جي نه موڪلڻ سبب، فسادين جون همتون وڌي ويون ۽ (ڄام) بابنيهه مغلن جي فوج گڏ ڪري ”غارت گري“ شروع ڪري ڏني. جنهن ڪري هاڻي لازم ٿيو ته انهن ”شريرن“ جو خاتمو آندو وڃي.

توهان چاچڪان وارا جيڪڏهن توبه ۽ معذرت ڪري اطاعت اختيار ڪندا ته ٻين مسلمانن سان گڏ محفوظ رهندا. جيڪڏهن اها  نصيحت ۽ تنبيهه نه مڃيندا ته ” قهر ۽ غضب“ هيٺ اچي ويندا. حملي جي وقت گنهگار ۽ بيگناه جو فرق ڪرڻ ناممڪن ٿيو پوي ٿو. توهان جو خون وهندو ۽ توهان جون عورتون ۽ ٻار گرفتار ڪيا ويندا. تلوار ڪنهن کي امان ڪا نه ڏيندي آهي. توهان مسلمان آهيو، تنهن ڪري اسلامي شفقت جي مدِنظر توهان کي هوشيار ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏهن اڳواٽ سعادت جي توفيق ٿي ته، جهڙيءَ ريت ٻيا اطاعت گذار مسلمان محفوظ رهندا، اهڙيءَ طرح اوهان جون جانيون ۽ مال به سلامت رهندو. پر جيڪڏهن جنگ جي هلندي اوهان معافي وٺندا ته فوج وارا ان کي قبول نه ڪندا __ جيڪڏهن في الحال ڪنهن ڪمزوريءَ سبب توهان انهن شريرن“ کان جدا ٿي نه سگهو ته، جنهن وقت اسان جي فوج سيوهڻ پهچي ۽ ٺٽي جو لشڪر مغلوب ٿئي ته اوهان ”لشڪر اسلام“ سان اچي شريڪ ٿيو.

هن اعلان بعد، جيڪو اسلامي همدرديءَ جي دوران ڪيو ويو. اسان پنهنجي فرض کان آجا ٿياسين! هاڻي اوهان جو اختيار آهي ته دنيا ۽ عقبيٰ جي ڀلائي، جنهن طريقي ۾ ڏسو، ان کي اختيار ڪريو.

اين پروانه هالکان در قلم آمد.

مقدمات هالکان  که خدا شاهد اطاعت اولي الامر را بايشان روي گرداناد و سّر معني  اطبعوا الله و اطيعو الرسول و اولي الامر منکم __ بگوش هوش شان رساناد.(*)

 

بدانيد که: جام جونا که مالڪ الملک او را بر جادهء رشاد دارد، و از بيداء نقض مواثيق به صحراي بقاي عهود آرد، و بحليه اطاعت و فرمان برداري و زيور مطاوت و خراج گذاري، زيب و زينت دهد. و بانبهنيه که خسار را شعار و ادبار را دثار خود ساخته است، و در نقض عهد خود، که در جميع اديان محرم است، اقدام نموده، و از حديث نبوي __ ما نقض قوم العهد اِلا و سلط الله عليهم عدوهم __ غافل بود، شيخ الاسلام قدوة الانام صدرالحق والشرع والدين __ که صدر صفهء شريعت و رکن کعبهء قوت است __ و سيد جلال الدين بخاري را __ که اخلاق او معجزهء باقيء حضرت رسالت صلي الله عليہ وسلم است __ درميان آورده بودند. و چنان عرضداشت محمول کردند که: ولايتي که در تصرف داريم همه وقت در وجهه حشم ها و خدمت ها درين ديار بمصرف مير سد، و بخزانهء موفور چيز واصل نمي شود. اکنون ما بندگان رعايا فرمان ڊرداريم و از راهه معني لشکر اسلام هستيم __ هرچہ درين حدود اين لشکر ميکرد بکنيم. تا گجرات و سکهر هرجا که بمعني فرمان رسد، اطاعت به نمائيم. و پنجاه سر اسپ که قيمت آن يک تنکه باشد به بارگاهه برسانيم. هم غرض لشڪر و هم غرض خزانه حاصل باشد. چون شيخ الاسلام و سيد جلال الدين مخصوص اند، بر مبناء حسن ظن کلمات مموه ايشان را، راست پنداشتند و ايشان را مسلمان انگاشته، خداوند عالم به کرم عميم، عرضداشت ايشان را به عز اجابت مقرون گردانيد و به امن و امان اختصاص داد.(+)

 

ايشان يعني بعضي مقدمات تهته هم در مبداً کار به سيہ کاري و نقض عهد بر مبناء __ اولہ اکدر __ دزدي پيش نهادند، و اسپان که قبول کرده بودند، نه فرستادند. و در سلک __ الدين ينقضون عهدالله من بعد ميثاقہ و يقطعون ما امرالله بہ آن يوصل و يفسدون في الارض اولئک هم الخاسرون __ منسلک شدند. به سبب اين نقض عهد، بر بندگان دولت واجب بود، از مکافات بر ايشان رسانند. و چنان تدارک کنند که انتباه و اعتبار حاصل آيد. و از تيغ آتشبار، دمار از نهاد آن خاکساران بر آوند و چون ايشان خون بر خاک خواري به بينند، باد نخوت کہ در دماغ ايشان جا گرفته است، به ضرب و طعن برون آيد. امان چون جماعت مسلمانان از صغار و کبار و عبيد و احرار، که در اين سر، با اين مخالفان نه بردند، و به حکم عجز ميان يشان مانده اند، و حکم __ والمستضعفين من الرجال والنساء والولدان الذين يقبولون ربنا اخرجنا من هٰذه القرية الظالم اهلها __ گرفته اند، بنا  برين به محاربه و مقاتله و استيصال آن ديار،حکم نه شد، نبايد به مسلمانان که به عجز مانده اند مضرت رسد. __ سبب حلم و اغضاء و مدار ابقا بر اين طبقهء اشرار ابن بوده است، اين کوته نظران ر ابر تزوير جرئت و جسارت زيادت شد. و بانبهنيه در دار اسلام ما با لشکر مغل به غارت و تاراج درآمد و نفوس و اموال مسلمانان تلف و هدر کرد، و من حيث الشرع در سلک قطاع طريق منسلک و نشانهء تير __ انما جزا والذين يحاربون الله و رسولہ و يسعون في الارض فساداً اَن بقتولوا آ و يصلبوا اَو تقطع آيديهم و ارجلهم من خلاف اَو ينفوا من الارض __ گشت. و عاقبت اين نيز و ديگر بي عاقبتيان به قتل خواهند رسيد، چه خلاف بر کلام مجيد و فرقان حميد __ لاياتيہ الباطل  من بين يديہ ولا من خلفہ تنزيل من حکيم حميد __ تصور ندارد. و سنت الاهي برين است که هر شري که از کسي واقع و سانح مي شود، درو امهال باشد نه اهمال. کما قال عز من قائل __ و اَملي لهم اِن کيبدي متين __ اکنون حميت اسلام برين باعث است که، اطفاء اين نائرهء فساد به تيغ آبدار گردد و با لشکرهاي اسلام در قلع آن مدابير بي تدبير ناقص عهد قطاع طريق __ متوکلا علي الله و معتصما بحبل عنايتہ __ کمر جهاد بسته شود.

شما که هالکانيداگر به توبه گرائيد! و به استغفار و اعتذار آئيد! با مسلمانان ديگر به امن و امان اختصاص يابيد! وا از نهب و تاراج ايمن باشيد!. و اگر سر غفلت و ادبار اين کلمات موعظت را به سمع انقياد و امتثال نشنويد! و بر موجب اين پروانه نه رويد! چون لشکر اسلام، به قهر و غلبه شمشير انتقام کشيده در آيد، و به قتال و محاربت مشغول شود، در آن محل، ميان بري و جاني فرق ممکن نه باشد، و از تيغ امان نيابد. خونِ شما ريخته شود! و زن و بچه شما اسير و دستگير گردد! و بر مسلمانان بدي رود که نه لايق حال مسلمان است، از راه شفقت اسلام شما را اعلام ارزاني داشته شد. اگر پيش از وقت، سعادت توفيق رفيق حال شما گردد، حکم شما و حکم مسلمانان مطيع يکي باشد. و نفوس مصئون و اموال معصوم ماند__ اِن احسنتم احسنتم لاءنفسکم و اِن اساتم فلها__ و اگر در زمان  قتال بر زبان عجز و ابتهال پيش آريد. و خواهيدکه در حضرت اسلام تحصن جوئيد! چون طعن و تيغ درميان باشد، اهل لشکر اين معني قبول نه کنند! و بر مقتضاء شعر:(*) (+)

 

يذکرني حميم والرمح شاجر     فهلا تلا حميم قبل التقدم

بزبان تيغ جواب گويد. و اگر گوئيد که کار از ميان ايشان، بيرون آمدن سبب عجز  ممکن نبود، چون لشکر ها براي قلع آن مدابير در سيوستان رسد و مقدار تهتة مغلوب گردد، شما به لشکر اسلام پيونديد.

برين اعلام که از روي شفقت اسلام کرده شد، خارج عهد شديم. هرچه صلاح دنياو عقبيٰ خود ميدانيد بکنيد. والسلام علي من اتبع الهديٰ!


(*)  يعني، وزير اعظم مملکت هند

(*)  درنسخهء مطبوعه همين طور چاپ شده.

(*)  همين طور چاپ شده.

(*)  بابنيهه

(*)  هالکان شايد سهو کتابت است و در اصل چاچکان باشد.

(+) در اصل يک لک تنکه باشد.

(*)  چاچکانيد باشد.

(+)  چاچکانيد باشد.

خط نمبر (123)

هيٺيون خط، ملتان جي صوبه دار (غالباً ماهرو) ٺٽي جي سمي واليءَ ڏانهن، سندس ڪنهن لکيل خط جي جواب ۾ لکيو آهي. خط نهايت اهم آهي، منجهانس  سنڌ ۽  دهليءَ جي وچ ۾ هلندڙ سياسي ڪشيدگيءَ جي پوري خبر پوي ٿي.

سمي حاڪم جو نالو ڄاڻايل ڪونه آهي. عبارت مان معلوم ٿئي ٿو  ته اهو خط ڄام جوڻي (2_ب) ڏانهن لکيل آهي. جيڪو پهريون ڄام بابينهه (2_ب) سان حڪومت ۾ (53_768هه) شريڪ هو. ۽ ٻيهر (نمبر4) خلاصو پاڻ سنڌ جو حاڪم (72_791هه) ٿيو. _ خط ۾ مغلن جي حملي جو ذڪر آهي، جيڪو بابينهه ۽ جوڻي جي دؤر ۾، سندن مدد لاءِ ملتان ۽ گجرات ۾ گهڙي آيا. __ خط ۾ بابينهه جي سنڌ ۾ موجودگي ظاهر ڪئي وئي آهي__ لکهنوتي (بنگال) ۾ فيروز جي وفات واري افواهه ڏانهن اشارو ٿيل آهي __ ۽ چيو ويو آهي ته بادشاهه جي وفات جو سڻي، ڄامن  سرڪشي شروع ڪئي ۽ ملتان مٿان لشڪر ڪشي ڪري آيا.

اهي واقعا ڏيکارين ٿا ته، خط جو مخاطب ڄام جوڻون آهي ۽ اهو خط تڏهن لکيو ويو آهي جڏهن، فيروز شاهه سنڌ تي اڃا فوج ڪانه چاڙهي هئي.

سلطان فيروز ٻه دفعا بنگال تي چڙهائي ڪئي__ پهريون ڀيرو 54_755هه ۾ سلطان شمس الدين الياس شاهه جي خلاف __ ۽ ٻيو حملو مٿئين سلطان جي فوت ٿيڻ کان پوءِ، سندس پٽ سلطان سڪندر شاهه جي خلاف سال 761هه (1359ع) ۾ ڪيائين.(*)(+)

 

انهيءَ پوئين حملي لاءِ فيروز سنه 761هه ۾ دهليءَ کان روانو ٿيو. جڏهن ناڪام ٿي واپس ٿي وريو، تڏهن واٽ ايندي، جاج نگر (موجوده اوڙيسا) مان هندن جي مڙهي (پوري جگن ناٿ) برباد ڪندي،  ڇوٽا ناگپور جو رستو ورتائين. ناگپور جي گهاٽن ٻيلن ۾ رستو وڃائي ويٺو ۽ ڇهن مهينن تائين ڀٽڪندو رهيو. سندس متعلق ڪوبه اطلاع ڪونه هيو، جنهن ڪري سلطنت ۾ انتشار پيدا ٿيو، سڀني کي يقين ٿيو ته سلطان مري ويو. دهليءَ ۾ انهيءَ حد تائين خرابي پيدا ٿي  جو بقول هيگ: خان جهان مقبول (وزير اعظم ۽ نائب السلطنت) لاءِ  انتظام رکڻ جنجال ۽ محال ٿي پيو.(*)

 

معلوم ٿئي ٿو ته اهو خط بنگال جي سنه 761هه واري ٻئي حملي کان پوءِ جو لکيل آهي. جڏهن سلطان فيروز جي وفات جو افواهه مشهور ٿيو ۽ ڄامن وقت جو فائدو وٺي، آزاديءَ جي تحريڪ کي از سرنو زور وٺرائيندي، پنهنجون فوجون ملتان جي حدن اندرپهچايون. سيوهڻ ۾ پڻ ننڍا ننڍا حملا ڪري ماڻهن ۾ بيداري پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون. خط جو صيح سال سنه 762هه مقرر ڪري سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته بنگال جي ٻيءَ مهم مان سلامت موٽي اچڻ بعد، فورن سال 763هه ۾ سلطان فيروز سنڌ تي پهرين چڙهائي ڪئي.(*)

 

هن هيٺ اسان خط جي سنڌي اختصار سان گڏ، ان جو فارسي اصل به ڏيون ٿا. خط اهميت جي لحاظ سبب غور سان پڙهڻ جي لائق آهي.

 

اوهان جي عرضداشت پهتي، جنهن ۾ متضاد ڳالهيون لکيل هيون. يعني اوهان ان ۾ پنهنجي اطاعت شماريءَ جي دعويٰ سان گڏ شيخيءَ ۽ خودثنائيءَ کي به شامل ڪري ڇڏيو آهي. تڪبر جي لهجي ۾ خاڪساريءَ جا فقرا لکيا اٿو. نيڪيءَ ۽ بديءَ کي گڏي سڏي، نه قبولڻ جهڙيون توجيهون ۽ نا معقول تاويلون ويهي ڪيون اٿو. خط ۾ جيڪي معاملا لکيل آهن، انهن مان هرهڪ جو تفصيلي جواب اوهان کي ڏجي ٿو.

اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ جي سلسلي ۾، مستقل مزاجي ۽ پنهنجي ابت قدميءَ کي بيان ڪندي، اوهان تمام گهڻي مبالغي کان ڪم ورتو آهي، اها ڳالهه سٺي نه  آهي. توهان جي دعويٰ ۽ قول، اوهان جي عمل ۽ ڪردار سان مطابقت نٿا رکن. اوهان مسلمانن جي انهيءَ ملڪ ۾ جيڪو اعليٰ حضرت (بادشاهه) جي قلمرو ۾ آهي، مغلن جي جماعت کي گهرايو، جنهن مسلمانن جي جان تلف ڪئي، ۽ انهن جي مال کي لٽيو. هاڻي وري انهيءَ سلسلي ۾ ڪوڙا دليل ۽ واهيات تاويل پيش ڪري رهيا آهيو! واهه اها ڪهڙي نه اطاعت آهي؟

اوهان لکيو آهي__ منجهوٽ (؟) جي مقدمن جي باري ۾__ جيڪي توهان جا عزيز آهن__ اعليٰ حضرت (بادشاهه) جو فرمان سيوهڻ جي فوجدارن ۽ گماشتن (نائين)  جي نالي صادر ٿيو هو ته: انهن مقدمن جي زمين ۽ ملڪيت کين واپس ڏني وڃي. __ پر انهن عهديدارن انهيءَ فرمان جي تعميل ڪانه ڪئي. جنهن ڪري اوهان فرمان جي تعميل ڪرائڻ لاءِ پنهنجي فوج موڪلي. جنهن تي فوجدارن جنگ جو ارادو ڪيو، پر اوهان جي فوج مقابلي جي جهالت کان پرهيز ڪندي، گفت و شنيد جي  ذريعي، فوجدارن کان فرمان جي تعميل ۽ جهيڙي جهٽي نه ڪرڻ جو اقرار ورتو ۽ جنهن صورت ۾، اهي عاجز ٿي ويا، تنهن ڪري اوهان جي فوج جنگ کان پرهيز ڪئي ۽  واپس هلي آئي. فوج ايندي ويندي، سکر خواهه سيوهڻ جي رعايا کي ڪوبه نقصان ڪو نه پهچايو__ جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو انهيءَ جي ابتڙ چوي ٿو ته بلاشڪ جاچ ڪئي وڃي.

اوهان پنهنجي مٿئين بيان ۾ ڪيتري قدر نه منصف مزاج ۽ سچا لڳو ٿا؟

بادشاهه اسلام جي ملڪ ۾ مغلن کي وٺي آڻي، رعيت ۽ فوجدارن جي ٻارن ٻچن، عورتن ۽ مال متاع کي لٽرائڻ، ڇا اهو سڀ ڪجهه فرمان شاهيءَ جي تعميل ۾ هو؟__ وري لٽ ڦر جي معاملي ۾، مغلن ۽ بابنيهه جي وچ ۾ جيڪو اختلاف ٿيو، اهو ڪنهن کان ڳجهو آهي؟. ان هوندي به اوهان پڪ ڏيارڻ گهرو ٿا ته: ڳالهه اوهان جي سورهن آنا صحيح آهي!  اوهان رعايا سان ڪوبه تعرض نه ڪيو! لڙائي ۽ جهڳڙي کان پري رهيا!.

بابنيهه قلع سيوهڻ جي ماتحت فوجدارن کي، (پنهنجي) فوج جو استقبال ڪري ان کي قلعي تائين وٺي وڃن لاءِ جيڪو خط لکيو هو، اهو به اوهان جي سچائيءَ ۽ اطاعت شعاريءَ جو لکيل ثبوت آهي؟ عياذاً بالله__ مڪاريءَ جي اهڙين ڳالهين ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو؟__ اوهان خودسريءَ کان ڪم ورتو، ۽ جڏهن ڪوبه دليل ان جي تائيد ۾ ڪونه ملُيوَ تڏهن لڳا آهيو، ڳالهين جا ڳوٺ ٻَڌڻ!

اعليٰ حضرت (بادشاهه) جي طرفان انهيءَ صوبي جو امير آئون آهيان. فوجدارن جي نافرمانيءَ متعلق، اوهان جي جيڪا دعويٰ آهي، اها سچي هجي ها ته، اوهان پهريون مون کي اطلاع ڏيو ها ۽ انصاف گهرو ها! سچائي ۽ اطاعت جي صورت ته اها هئي.__ اوهان سچ ڇو نٿا ڳالهائيو ته، اوهان هي سمجهي ته__ اعليٰ حضرت (بادشاهه) لکنوتيءَ (بنگال) ۾ فوت ٿي چڪو آهي؟ تنهن ڪري بي پرواهه ٿي، پنهنجي فوج کي، حملي ڪرڻ لاءِ ملتان موڪيلو؟_ منهنجي دل ته اهو ٿي گهريو ته اوهان جي خط جو قلم جي بجاءِ تلوار سان جواب ڏيان، ليڪن شريعت جو حڪم آهي ته__ جيڪڏهن رعيت فرمان برداريءَ جي رستي کي ڇڏي ڏئي، ته پهريون  ان کي چتاءُ ڏجي، سمجهائجي ۽ شڪ شبها دور ڪجن. اهو ئي ڪارڻ  آهي جو آئون هي خط لکي رهيو آهيان.

اوهان جيڪڏهن فرمانبردار آهيو، اهڙيءَ طرح جيئن اڳين گورنرن جا، خاص طرح بهرام جا هئا، ته هاڻي به ساڳي نموني اطاعت ڪيو.(*)

 

سبحان الله! پنهنجون ڇوڪريون شاهي حرم سراءِ ۾ داخل ڪري، اطاعت جو اقرار ڪيو وڃي ٿو، ۽ ساڳي وقت وري اهڙيءَ طرح شيخي ۽ شوخي به ڏيکاري پئي وڃي. __ هندو راجا، جيڪي مشرڪ آهن، اهي به ڇوڪريون موڪلين ٿا، ليڪن اهي اهڙيءَ ريت دغابازيءَ ۽ مڪاريءَ  سان ڪونه ٿا هلن. اهي هندو آهن، پر مڪر ۽ دغا ڪندي کين شرم اچي ٿو. اوهان جو صورت حال هي آهي جو، مسلمان سڏائيندي غداري ڪيو ٿا ۽ ساڳي وقت ان کي ڍڪڻ لاءِ دليل به گهڙيندا رهو ٿا. يعني عذر گناهه بدتراز گناهه. انهيءَ طرح جي مسخري جيڪڏهن جاري رهي ته، ظاهر آهي ته انهيءَ جي سزا ضرور هڪ ڏينهن  ڀوڳڻي پوندي.

اوهان لکيو آهي ته اوهان جي فوج، جنگ ڪرڻ کان پرهيز ڪئي. اها دعويٰ پڻ ساڳي روباهي آهي. مون کي معلوم آهي ته جنگ کان پاسو ڇو ڪيو ويو __ اسان جي لشڪر جڏهن انهن فساد ين جو  پيڇو ڪيو ته بابنيهه پنهنجي ماڻهن کي وٺي، راتو رات ٺٽي ڀڳو هليو ويو. جي بهادر ۽ همت وارو جوان هجي ها ته، پاڻ مقابلي لاءِ بيهجي وڃي ها. پنهنجي فوج جي مدد ڇو نه ڪيائين.

توهان لکيو آهي ته: اسان  خود غرض ماڻهن جي ڳالهين تي __ تحقيق ڪرڻ کان سواءِ __ نه هلون. اسان ائين ئي پي ڪيو آهي. پر ڪنهن به هڪ ماڻهوءَ اوهان جي موافقت ۾ اکر ڪونه چيو آهي. ايترا سال توهان اعليٰ حضرت (بادشاهه) جي پاڇي ۾ آرام ۽ آسايش سان سک  جي ننڊ ڪندا رهيا. پر اوهان آخر ۾ شديد ابن الوقتي سبب، انهيءَ نعمت  جو قدر ڪونه ڪيو، ۽ پنهنجي امن ۽ امان کي هڪ ئي داوَ ۾ هاري ڇڏيو.

فوجدارن کي تنبيهه ڪرڻ کان اسان هن ڪري پاسو ڪيو، جيئن مسلمانن کي نقصان ۽ تڪليف نه پهچي. جيڪڏهن حقيقي ۽ اعياني ڀائرن کي قتل ڪرڻ ۽ مسلمانن جي جان ۽ مال کي تباهه ڪرڻ، مسلماني آهي، ته پوءِ ڪفرکي ڪهڙا سنڱ ٿيندا آهن؟

جيڪڏهن اوهان جي منشيءَ کي علم معقول ۽ منقول جي ٻيٽ هجي ها، ته  انهيءَ قسم جي ڳالهين لکڻ کان پرهيز ڪري ها، ۽ اوهان کي نيڪ صلاح ڏئي ها. يا ته هو علم ۽ عقل کان بي بهره آهي يا ايترو ڪمزور آهي جو توهان جيڪي چؤس ٿا اهو، اوهان جي ڀلائيءَ برائيءَ جي خيال رکڻ کان سواءِ، بلا چون و چرا جي لکي ڇڏي ٿو. خط ۾ جيڪي ڳالهيون لکيون ويون آهن، اهي جيڪڏهن انهن جي عقلمند ماڻهن جي مشوري بعد لکيون وڃن ها، ته بهتر ٿئي ها. جي خود اوهان ۾ عقل ۽ شعور هجي ها ته اهڙيءَ طرح حڪم قرآنيءَ مطابق پاڻ کي رسوا نه ڪيو ها__ چڱو ائين ٿئي ها، جو اوهان صاف لکو ها ته: نفس اماره ڀلائي رکيو، جنهن ڪري ستل فتنو جاڳي پيو.

اوهان جو هي اطلاع ڏنو آهي ته: اسان جي لشڪر مسلمانن کي غلام بڻائي بازار ۾ فروخت ڪيو آهي! __ ان جو جواب هي آهي ته اهڙن مسلمانن جو قتل از روي شريعت جائز آهي، جيڪي مسلمانن جي ملڪ ۾ گهڙي اچن، ۽ جيڪي ڌاڙيلن جي تعريف ۾ اچن __ حالانڪه انهن مسلمانن کي فروخت ڪرڻ به جائز ڪو نه  آهي، جن جو اسلام محض ظاهري هجي. __ مان ڪوبه انهيءَ قسم جو حڪم ڪونه ڏنو آهي. واعدي خلافيءَ جي عيوض توهان جي ملڪ مٿان جنگ جي آيل ڏوجهري  متعلق، توهان جهڙن دشمنن جو قول، علم ۽ عقل جي لحاظان، ڪا به وقعت نٿو رکي. تاريخ ۾ ڏاهر جي ڌين جي مڪاريءَ ۽ دغابازيءَ جو واقعو لکيل آهي. انهيءَ قسم جي مڪاري، دغابازي ۽ افترا بردازي اوهان سنڌين جي عادت ۽ ڏاج آهي__ اوهان ”مسلمانن“  سان جيڪي حرڪتون منسوب ڪيون آهن، اسان انهيءَ تي اعتبار ڪري نٿا سگهون. تاهم مان جڏهن سيوهڻ آيس ته انهيءَ باري ۾ جاچ ڪندس، ۽ پوءِ شريعت موجب حڪم صادر ٿيندو.

ايترن نا معقول ۽ ناشانائتن افعالن کان پوءِ به __ جن جو مٿي ذڪر اچي چڪو __ ”تعريض“ جي معنيٰ اوهان کي سمجهه ۾ نٿي اچي ته ڪنهن علم واري کان پڇو.

۽ هي جو اوهان لکيو آهي ته: اوهان وٽ وڏي جمعيت آهي، ۽ جيڪڏهن اسان جو لشڪر ٻيهر آيو ته پنهنجي ڪيئي جي سزا ڀوڳيندو!__ اوهان کي ڪن کولي ٻڌڻ  کپي ته توهان جي تمام وڏيءَ فوج جو اسان کي ڪوبه انديشو ڪونه آهي! شڪار جيترو گهڻو هوندو، اوترائي گهڻا تير کائيندو. اسان کي چڱيءَ پر ڄاڻ آهي ته، ملتان جي فوج يا ”اسلام جي لشڪر“ جي مقابلي ۾ ”ٺٽي جي ڪڙمين“ جي ڇا حيثيت آهي. پر اسان کي ته انهيءَ تي به تيڪو ڪونه آهي، اسان جو ڀروسو خدا تي آهي. توهان جي فوج ڀلي وڏي هجي! تعداد ۾ به بيشڪ زياده هجي!. جنهن صورت ۾ اها حق تي نه بلڪه باطل تي آهي! تنهن ڪري يقيناً  مار کائيندي ۽ گرفتار ٿيندي! ڇاڪاڻ ته اوهان عهد ڀڳو آهي، حديث نبوي شاهد آهي.

توهان جي دماغ ۾ غرور ۽ تڪبر ڀرجي ويو آهي! اها ئي شيءِ اوهان جي نقصان ۽  تباهيءَ جو ڪارڻ بڻبي. توهان کي سوچڻ گهرجي  ته، گذريل زماني جا صوبدار ڪيترا نه جابر هئا، خاص طرح بهرام جنهن جا مطيع جوان خواه پوڙها هئا. توهان کي پنهنجي حيثيت وسارڻ نه گهرجي، خدا جو شڪر بجا آڻڻ گهرجي، ننڍو وات وڏي ڳالهه نه ڪجي!.(*)

 

اوهان لکيو آهي ته: گجرات جو صوبه دار ۽ سيوهڻ جو گماشتو (نائب) هر ڳالهه تي اوهان مٿان الزام مڙهين ٿا، ۽ تهمتون رکن ٿا __ پر  اهو خط جيڪو بابنيهه قلعهء سيوهڻ جي ماتحت فوجدارن ڏانهن لکيو هو، سو اوهان جي ئي صلاح تي، ۽ اوهان جو ئي لکرايل ڪونه هو؟

بهر حال، اسان جي ماڻهن، موٽي اچي ٻڌايو ته: __ ڄام ته سٺو ماڻهو آهي، پر  اهو سڄو فتنو ٺٽي جي ارباب جو پيدا ڪيل آهي. اهو به حقيقت ۾ ڄام تي ئي الزام اچي ٿو. هو ٺٽي جي ارباب کي پاڻ مٿان ايترو مسلط ڇو ٿو ڪري. جيڪو شخص مضبوط ارادي وارو ٿيندو  آهي، ان جي حڪم کان، سندس پٽ يا ڀائٽيو، سرتابي ڪري ڪونه سگهندو!.

خير مختصر هي ته__ توهان اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ کي پنهنجو اوڇڻ بنايو، جيئن امن امان جي لباس سان اوهان جو زيب و زبنت وڌي. والسلام عليٰ من تبع الهديٰ!

مٿئين خطم ان، انهيءَ وقت جي سنڌ جو، سڄو سياسي صورت حال معلوم  ٿئي ٿو. اندر ڌارين خلاف جيڪا بيچيني بيقراري، نفرت ۽ مخالفت هئي، خط جي لفظ لفظ مان ظاهر آهي. ___ خط مان اهو به ظاهر  آهي ته، سنڌ مٿان ظالم، جابر ۽ بي رحم صوبيدار موڪليا ويندا هئا. __ دهليءَ جي لشڪر کي ”لشڪر اسلام“ تصور ڪيو ٿي ويو، ۽ حق طلب ڪندڙ مسلمانن کي ڪوڙو، بد عهد، دغاباز ۽ ڪافرن کان بدتر سمجهيو ويندو هو. __ اها ”سلطاني ذهنيت“ محڪومن لاءِ انهيءَ وقت به عمل هيٺ هئي. __ سلطاني حرم سراءِ لاءِ ماڻهن جون نياڻيون ۽ ننگ زوريءَ ورتا ويندا هئا. انهيءَ عقوبت ۽ تعديءَ بعد به اميد رکي ٿي وئي ته ماڻهو بيغيرت ۽ ڊيٺ ٿي، ساڻن وفاداريءَ جو دم هڻندا رهن، ۽ سندن اقبال جا دائما دعاگو رهن. __ هن خط اندر اسلام کي ڪهڙيءَ ريت استعمال ڪيو ويو آهي، سو پڻ غور جي قابل آهي. خط جو فارسي متن هيٺين ريت آهي.

مکتوب عليه نامعلوم

عرضداشت ايشان که مشتمل الضدين و محتمل النقيضين بود، اعني کلمات تصلف و خود ستائي را، در ذکر اطاعت بر سبيل زبان آرائي امتزاج داد، و عنان سخن فرا کشاده و مقدمات تواضع از ناصيهء تکبر آويخته و خير و شر بهم آميخته و به تعبيرات نا مقبول و تاويلات مجهول دران بار داده، رسيد. بر مضامين اَن اطلاع شده. ذکر هر يک چيز، که در مکتوب شما مسطور بود، بتفصيل نبشته(*) مي آيد.

 

آن که، در ثبات و رسوخ اطاعت خود مبالغه نموديد، اين معني نيکو نيست!. اگر مقال و آثار موافق افعال و کردار شما از زمرهء آنان باشد که ___ يحبون اُن بحمد و بما يفعلوا __ چه در ولايت مسلمانان که، در تحت تصرف بند گانِ درگاه است، مشتي مغلان در آمده و نفوس و اموال ايشان در تلف و هدر انداخته، و به تاويلات فاسده حجج و حضه پيش مي آئيد. زهي اطاعت و زهي مطاوعت! و نبسته ايد که: فرمان اعليٰ نفذه الله در باب مقدمان منجهوت (؟)_ که اقرباي اقرب ما اند__ برشحنگان و گماشتگان سوستان صادر  شده بود که: زمين خلق و املاک ايشان بديشان تسليم نمايند. __ چون مقدمان و شحنگان و گماشتگان فرمان اعليٰ به امتثال نه رسانيدند! براي نفاذِ احکامِ فرمانِ همايون، جمعيت خود روان کرديم. شحنگان جدال و خصومت بنياد نهادند، جمعيت ما از وحشت احتراز کرده، و بر ايشان اعلام کرده آمد. بعد گفت و شنود، شحنگان قبول کردند که: بر قضيهء فرمان اطاعت نمائيم و بعد ازين و حشت  و مخاصمت نه کنيم. چون ايشان به عجز پيش آمدند به ضرورت از خصومت اعراض کرده شد، و جمعيت ما بازگشت و آمد. و در آمدن و  رفتن، خلق ولايت سوستان وسيکهر  را هيچ مضرت نه رسانيد. و اگر کسي برعکس باز نمايد، درين پاس تفحص شود.(*)

 

مقرر باد، برين جواب ها که شما نبشته ايد: مردمان منصف و راست کوئيد! چه مغل که در ديار پادشاهه  اسلام در آورده ايد، براي انقياد فرمان است؟ و آن که خلق و زن و بچهء شحنگان و مواشي و ذخائر و دفائن که ايشان پيش کردند، برديد و مخالفتي که  براي تاخت و غارت، ميان مغلان و بانبنيهه شده بود، پوشيده نمانده است. صدق ابن است که، تعرض  نه رسانيده ايد! و از خصومت اعراض کرده ايد!. و مکتوبي که بانبنيهه  بر شحنگان اوان حصار سوستان، براي تعرض برسانيدن حصار سوستان__ و العياذ بالله منها__ نبشته بود، آن نيز بر اخلاص و اطاعت شما شاهد عدل است. مثل اين کلمات مموه حصهء عرضه  دارد؟ چون کاري به تغلب کرد. ايد، به حجت درمانده چرا تمسک ميکنيد؟ بيت!

هم بستهء خود بتار، هم ناي زني        ممکن نه بود دودم يک جاي زني

و امير و حاکم مطلق العنان از جهت خداوند عالم __ خلدالله ملکه و جعل  اقاليم العالم ملکه __ منم! اگر دعوي شحنگان راست بودي، اولاء کيفيت بر من مي نبشتيد و منصفان مي طلبيد يد. راه اخلاص و اطاعت  اين بودي. ليکن نيکو سره بگوئيد که، خداوند عالم را در کنف باري عز اسمه در لکهنوتي شنيده  بوديم و لشکر ملتان روان کرده دانستيم که بنا بران ديگ سودا برسانيديم و ماليخوليا مي پختيم. ع:

سودات  پختم اي جان، سرمايه هم زيان شد!

بر مقتضاي کلام__ العدي ضرب من الهذيان __ مي خواستم که جواب شما بزبان قلم نه دهم که، ع:

السيف اصدق انبياء من الکتب

اما چون، سنت الاهي جاري است که اگر رعيتي از جادهء فرمان برداري منحرف شود او را اطلاع نمايند و کشف شبه کنند. بنا بران بر شما در قلم آمد. اگر فرمان برداريد چناچه در وقت ولاة ماضيه، خاصه بهرام را که بنسبت بند گان درگاه اعليٰ چه باشد حديث و مسن اطاعت مي کردند، همچنان اطاعت کنيد _ بيت:

گر راست روي! هر آنچه ما راست، تراست

ورني! تو بگو، نفاق بيهوده چراست

سبحان الله! دختران را ميان پرستاران حرم فرستيد و دم اطاعت زنيد! بعده، همچنين مکابره کنيد! رايان هندو مشرک که دختران فرستاده اند، به غدر و خداع نه فرستاده و بد حرکتي اقدام نه نموده. آنها که هندو باشند، از مکر و غدر شرم دارند. و جبنت شما که خود را مسلمان مي گويانيد و برفساد مکابره و حجت مي گوئيد! اين عذر خواستن بدتر از گناهه است. و چون اين نوع استهزا است بر مقتضاي__ جزاء سيئة سيئة مثلها__ خواهيديافت.

و آن که نبشته ايد که: جمعيت ما از خصومت اعراض کرده_ آن نيز همچنين است. سبب اعراض کردن معلوم است. چون لشکر ما در تعاقب آن مخاذيل است، بانبنيهه چه نوع با کسان از سوستان يک شب ميانه تهته رفت. اگر جلالت و مردي داشت چرا ڊر سر انگشتان نه ايستاده؟ و سپاه خود را نصرت نه کرده؟ بيت:

جولان گريء سمندش اين بود؟    انداختن کمندش اين بود؟

و آنکه نبشته ايد: که سخنان اصحاب غرض پيش تفحص مسموع نه فرمايند. __ اين معني همچنين بود و سخن کسي در حق شما جايء نه يافت. چندين سال درظل رافت خدايگان آسوده و خوش غنوده بوديد. اما از غايت ابن الوقتي نظر و قدر آن نعمت نه شناختيد و امن و امان خود را به يک دائو باختيد. بيت:

سالها جامِ جسم، بدست تو بودچون تو نشناختي! کسي چه کند تنبيه شحنگان، به سبب نقصان و مضرت مسلمانان اختيارنه کرديم. و اگر مسلماني کشتن برادر اعياني و برادر حقيقي و نهب و تاراج نفوس  و اموال مسلمانان است، خود کفر کدام است؟__ بئس ما يامر کم بہ ايمانکم ان کنتم مؤمنين__

اگر نويسنده شمارا در منقول و معقول شعور بودي! در شروع، از نبشتن اين چنين کلمات، منحرف شدي و شمارا تنبيهه کردي. يا خود او درين کار خردي و خبرتي ندارد، يا آنچه او را نبشتن مي فرمائيد، صلاح شما نمي بيند، به عجز و اضطرار مي نويسد.__ اين چنين سخنان اگر به مشورت دانشمندان و دانايان آنجا نبشتي، بهتر بودي. و خود اگر دانشمند و دانا بودي، آن جا سکوت اختيار نه کردي و در زمرهء __ اِنما  جزاء الذين يحاربون الله و رسوله و يسعون في الارض فساداً آن يقتلوا اَو تقطع آيديهم و آر جلهم من خلاف __ خود را منسلک نه گرانيدي!.

اما لايق تر اين بود، که شما راست مي نبشتيد. نفس اماره برين آورد که بر اين چنين معصيتي مرتکب شويم و فتنہء خفة را بيدار کنيم و دران قسم در آئيم که __ الفتنہ نائمة لعن الله من آيفظها__.

 و آن که تعريفي کرده بوديد که: لشکر شما مسلمانان را برده کرده و در بازار فروخته است. جواب اين آنست که: کشتن اين چنين مسلمانان که در دار اسلام در آيد، و حکم قطاع طريق گيرند، من حيث الشرع جائز است. اما فروختن مسلمانان اگرچه در ايشان اسلام صوري باشد، جائز نه. و من ابن معني نه فرموده ام. و نيز سخن شما که اعدائيد، در حق غزاة که بعد آن نقض عهد در ولايت شما بر سبيل مکافات درآمده، از رويء خرد و خبرت مؤثر نيست،  و اعتماد را نه شايد.__ چه حکايت مکر و خداع دو دختر راي داهر__ که راي بزرگ تر ازو در سند نبود__ در تاريخ داهر چچ  مسطور، و ميان عامهء خلق ديار سند مشهور است، و آن اين است که:__ دود ختر راي داهر از حرم او گرفتار آمدند، و امير محمد قاسم ثقفي ايشان را بدست خادمان حبشي به حضرت بغداد فرستاده بود.و خليفه وقت ايشان را به خواجه سرايان يداد که تيمار داشت ايشان کنند، قا شائستهء شبستان شوند. بعد از مدتي خليفه ياد آورد و خواست تا يکي از ايشان را خدمت فرمايد. هر  دو به يک زبان گفتند: بقا با خليفه را که ما بند گان شايان شبستان شاه نه توانيم بود، که امير عمادالدين محمد قاسم  مارا سہ روز نزديک خود داشت، بعدهء بخدمت دارالخلافه فرستاده__ اين چنين فضيحتي پادشاهان روا ندارند. خليفه را دران لحظه غلبهء توقان بود، امکان تفحص و تجسس نداشت. دوات و قلم و کاغذ بخواست و فرمان به خط خود تمهيدکرده: محمد قاسم بهر موضع  که رسيده باشد، بايد که خود را در (چرم) خام گيرد و به دارالخلافه مراجعت نمايد!__ محمد قاسم را چون فرمان به شهر اودها پر رسيد. بفرمود: تا او را در (چرم) خام گرفتند و در صندوق نهادند و باز گشتند. دوم روز جان بحق تسليم کرد. چون صندوق بخدمت خليفه بردند و حال او باز نمودند، خليفه فرمود که: زنده است يا مرده؟. گفتند: خليفه را عمر دراز باد! در عز مخلد و بقاي موبد! چون فرمان نافذ به اودها پر رسيد، بر حکم  فرمان خود را در (چرم) خام گرفت. بعد از دو روز جان نيز بحق تسليم کرده، و بدار بقا رفته. خليفه فرمود تا: صندوق باز کردند، و آن دو غداره را حاضر آور  دند. و بايشان آغاز کرد که: فرمان ما برگماشتگان چنين نافذ است که همگنان متمسک و منقاد توانند بود!__ مخدرات نقاب از روي بکشادند و سر بر زمين نهادند و گفتند: بقاي خليفه درمزيد اقبال فراوان شاد باد! بر شاهان وقت__ که به کمال عقل متحلي باشند__ واجب است که آنچه، از دوست و دشمن استماع کنند، برسنگ محک فرمايند! چون بر خاطر عاطر و طبع نقاد ايشان، تحقيق و بي شبهت گردد، حکم بر جادهء معدلت فرمايند. تا ماخوذ غضب يزداني و مذموم نطق انساني نه گردند. خليفه را فرمان نافذ است. فاما خاطر مبارک از حکمت تميز خالي است. محمد قاسم از طريق عصمت ما رابہ محل برادر  و فرزند بود، و دست تصرف او به مابندگان نه رسيده. فاما! بجهت انتقام آن که: او پادشاهه هندو سندرا هلاک گردانيد و ديار مارا تاراج نهاد و مارا از پادشاهي به بندگي برسانيد! براي مکافات و تشفي  صدور خود در حضرت خليفه باز نموديم، و غرضِ ما به حصول پيوست و بواسطهء اين تمويه و تخليط چنين انتقام ميسر شد. و خليفه حکمي محکم فرموده. و اگر درين قضيه تفحص و تجسس واجب ديدي، بوصمت ملامت موسوم و به سمت ملامت موسوم نه شدي!. و اگر محمد قاسم را حکمت و عقل بودي، پيشتر آمدي! تا بقرب يکروزه راه خود را در (چرم) خام گرفتي، چون به تفحص رسيدي، مخلص گشتي. خليفه متاسف شده  از غايت غضب پشت دست به خائيد و بفرمود تا هز دوا را در ديوار گرفتند.(*)

 


(*)  فيروز 754هه (نومبر 1353ع) ۾ دهليءَ کان بنگال لاءِ روانو ٿيو، ۽ 755هه ( 1_سيپٽمبر 1354ع) ۾ موٽي دهليءَ پهتو. انهيءَ پهرئين حملي ۾ فيروز کي ڪاميابي حاصل ڪا نه ٿي.

(+)  746هه ۾ حاجي الياس نالي هڪ امير مغربي بنگال تي قبمضو ڪري، سلطان شمس الدين ابومظفر الياس شاهه جي لقب سان، حڪومت شروع ڪئي. سنه 753هه ۾ مشرقي بنگال تي پڻ قبضو ڪيائين. ڊاڪا جي ويجهو سونار گائون نالي هُن پايه تخت لاءِ نئون شهر ٻڌائي بنگال جي  آزاد حڪومت جو بنياد وڌو. سندس گهراڻي ۾ 886هه تائين بادشاهت رهي. پاڻ سنه 759هه ۾ فوت ٿيو. سندس جاءِ تي پُٽس ابوالمجاهد سڪندر شاهه تخت نشين ٿيو. انهيءَ جي دور ۾ سلطان فيروز ٻي ڪاهه ڪئي، جنهن ۾ پڻ کينس ناڪامي ٿي. سنه 792هه ۾ انهيءَ سلطان جي وفات ٿي. کائنس پوءِ سندس پٽ سلطان غياث الدين 799هه تائين حڪومت ڪندو رهيو. انهيءَ سلطان غياث الدين حضرت حافظ شيرازيءَ کي بنگال اچڻ جي دعوت موڪلي هئي، جنهن تي حافظ  معذوريءَ جو اظهار ڪندي، هڪ غزل ڏاهنس ڏياري موڪليو، جنهن جا چند شعر هي آهن:

ساقي حديث سرو و گل و لاله ميرود

و ين بحث با ثلاثهء غساله ميرود

شکرشکن شوند همه طوطيان هند

زين قند پارسي کہ ٻه بنگال ميرود

حافظ ز شوق مجلسِ سلطان غياث الدين

غافل مشوکه کارِ تو، از ناله ميرود

(*)  ڪيمبرج هسٽري آف انڊيا ج 3 ص 76_178 (1958ع) رياض السلاطين ترجمو انگريزي (1902ع) ص 98_108. هيٺيان سالوار واقعا ذهن ۾ رکڻ گهرجن:

1.  بنگال جي پهرين مهم                       54_755هه   (1353ع)

2. سلطان شمس الدين جو انتقال                    759هه

3.  فيروز کي دهليءَ ۾ مارڻ جو منصوبو        760هه   (1358ع)

4.  بنگال جي ٻي مهم                                761هه   (1359ع)

5.  فيروز جي سنڌ تي پهرين ڪاهه            63_764هه   (61_1362ع)

6.  گجرات ۾ تياريون ڪندو رهيو                 765هه   (1363ع)

7.  سنڌ تي ٻي ڪاهه                                  765هه   (1363ع)

8.  بابينهه ۽ ڄام جوڻي جي دهليءَ روانگي  65_766هه

9.  خان جهان مقبول جي وفات                     772هه   (1370ع)

10. فتح خان بن فيروز جي وفات                  776هه   (23 جولاءِ 1374هه)

11. فيروز جي وفات                                  790هه   (20 سيپٽمبر 1388ع)

12. ابوالمجاهد سڪندر شاهه والي بنگال جو قتل 792هه

(*)  فتح خان (متوفي 776هه) جي سنڌ مٿان تقرر جو هڪ پروانو مٿي درج ڪري آيا آهيون. اهو 766هه ڌاري جو لکيل ٿو ڀائنجي. ڇاڪاڻ ته 765هه ۾ سلطان فيروزسنڌ تي ٻي ڪاهه ڪئي. ڄامن سان صلح ٿيو، کين (جوڻي ۽ بابينهه کي) دهليءَ ورتيون هليو  ويو. 766هه هن دهليءَ پهچي پنهنجي وڏي پٽ فتح خان کي سنڌ مٿان حاڪم مقرر ڪندي، مذڪوره پروانو جاري ڪيو ٿو ڏسجي.

(*)  سلطان محمد تغلق جي فوت (سنه 752هه) ٿيڻ بعد فيروز تخت تي ويٺو. سنڌ مان ويندي سنڌ جي مختلف حصن تي هن نوان گورنر مقرر ڪيا. اميرنصر سنڌ جي هڪ حصي تي مقرر ٿيو، جنهن پنهنجي نالي تي نصرپور جي شهر جو بنياد وڌو. ملڪ بهرام مٿئين مذڪوره حصي جو فوجدار مقرر ٿيو، جنهن بهرام پور جو شهر ٻڌايو. ملڪ علي شير ۽ ملڪ تاج ڪافور، سيوهڻ ۾ مقر ٿيا. ملڪ رڪن الدين کي نائب ڪري ۽ اخلاص خان جو خطاب ڏئي کيس سموريءَ سنڌ جي سنڀال جا اختيار ڏنا ويا. ملڪ عبدالعزيز کي سنڌ جو ديوان مقرر ڪيو ويو.

(*)  انهيءَ مان ظاهر آهي ته دهليءَ طرفان سنڌ تي جيڪي گورنر موڪليا ٿي ويا، سي ظالم ۽ جابر هئا، بهرام خاص طرح انهيءَ خصلت ۾ ناميارو هو. خط ۾ ٻه دفعا سندس مثال آيو آهي.

(*)  نبشته: بجايء نوشته. عصامي در فتوح السلاطين (تاليف سنه 751هه)

ميگويد:

يکي روز، از نيک خواهان خان             بياورد مکتوب پيکي دوان

نبشته دران نامه، آن مرد کار              که آمد سوارِ مغل سي هزار

(ص 176)

شنيدم به هر تن، به آبِ سياه               نبشته بر آن زمرهء پر گناه

(ص 173)

بيار، اي عرب زاده هندي سرشت              ازان فارسيبايء هندي نبشت

(ص 30)

(*)  در نسخهء مطبوعه سيکهر نوشته شده استکه در اصل املا سکهر (سکر) هست.

(*)  از ين ظاهر است که در زمانه تغلق ”فتح نامه سند“ المعروف به ”چچ نامه“ بنام ”تاريخ داهر چچ“ معروف بود. اين واقعه که اينجا نقل شده، در چچنامه از صفحه 243 تا 247 درج است. و از حيث تاريخي غلط  قرار داده شده است. رک: تعليقات چچ نامه ص 267.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org