29 April 2009

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو

باب: --

صفحو :8

پازي نيئس ۽ ٿيمس ٽاڪيليز جي بدنامي:

يونانين شروعات ۾ ايران تي جيڪي حملا ڪيا، انهن ۾ پازي نيئس مـُـک سپهه سالار هو. پلاٽيا ۾ هن لشڪر جي مهنداري ڪئي هئي ۽ ان وقت کان وٺي پاڻ کي دنيا جو بزرگ ترين شخص سمجهڻ لڳو. ٻين ماڻهن سان شوخيءَ ۽ بيعزتيءَ سان پيش اچڻ لڳو. پنهنجي بيعقل لالـچ جي ڪري هن ايراني بادشاهه سان خط وڪتابت شروع ڪئي، جنهن جي مدد سان هن جي مرضي هئي ته سڄي يونان جو ”ظالم“ يا ”خودمختيار“ بادشاهه ٿئي. سندس قاصدن مان هڪڙي وڃي اسپارٽا جي حڪومت اڳيان سندس برائي ڪئي، جنهن ڪري هن کي راڄ ڊوهي سمجهي قتل ڪيو ويو. پازي نيئس جي خط ذريعي اٿينس جي ٿيمس ٽاڪيليز تي به راڄ ڊوهي جو شڪ وڌو ويو. اڳ ۾ ئي ٿيمس ٽاڪيليز هڪ ڇڙواڳ بادشاهه طور مشهور هو. هو رشوت ڏيندو ۽ وٺندو هو ۽ پنهنجي خانگي غرض لاءِ پنهنجو سياسي اثر بيجا استعمال ڪندو هو. پر سندس غير معمولي سياسي قابليت اٿينس لاءِ ڏاڍي ڪارآمد هئي. ماردونيوس جي شڪست کانپوءِ اسپارٽا وارن جي مرضي ٿي ته اٿينس وارن کي پنهنجي شهر جي چوڌاري ديوار ٺاهڻ کان روڪين. اسپارٽا وارن جو سڄو شان سندن فوجي طاقت ۾ سمايل هو ۽ کين ڊپ هو ته اٿينس وارا کانئن وڌيڪ طاقتور نه ٿي وڃن. پر ٿيمس ٽاڪيليز نهايت چالاڪيءَ سان ڪوڙ ڳالهائي اسپارٽا وارن کي ٺڳيو، جنهن ڪري ديوار مڪمل طرح ٺهي ويئي ۽ اٿينس وڌيڪ ڪنهن دست اندازي کان بچي ويو. ٿيمس ٽاڪيليز خوش قسمتيءَ سان اٿينس ۾ پهچڻ کان اڳ ۾ ئي شهر بدر ڪيو ويو هو. کيس قتل جي سزا ڏني ويئي پر هو ايران ڀڄي ويو. ايراني بادشاهه هن کي دوستاڻي طريقي سان مرحبا چئي ۽ ٽن شهرن جي آمدني سڄي زندگيءَ لاءِ عطا ڪيائينس.

ارسٽائيڊز عادل:

يونانين جو سياسي اخلاق ڪريل هو. پازي نيئس ۽ ٿيمس ٽاڪيليز جون زندگيون اهڙي سياسي بداخلاقيءَ جو بهترين نمونو هيون، جنهن جا گهڻا ئي يوناني پيروي ڪندڙ هئا. اهڙي ماحول ۾ هڪ اهڙي ملڪي مدبر جي نالي جو بيان ڪرڻ خوشيءَ جو باعث آهي، جو شخص پنهنجي ايمانداري ۽ انصاف لاءِ مشهور هو. ارسٽائيڊز، جو گهڻي مدت تائين ٿيمس ٽاڪيليز جو مخالف هو، اهو جلدئي اٿينس جي حڪومتي معاملن جو مالڪ بڻيو. سندس مادري شهر لاءِ سندس انصاف ۽ امانت يا ايمانداري جي هاڪ وڏي قيمت واري هئي. هر هنڌ ماڻهن جو مٿس ويساهه هو، جنهن ڪري ٻيون يوناني حڪومتون اٿينس کي پنهنجو سڀاويڪ مهندار سمجهڻ لڳيون. 

ڊِيلاس (Delos) وارو اتحاد:

مـِـڪـَـيلـِـي (Mycale) جي لڙائيءَ کان ڪجهه ورهيه پوءِ، ايجيس جي چوڌاري گهڻين يوناني حڪومتن پاڻ ۾ اتحادي حڪومت ٺاهي، ان لاءِ ته ايرانين تي ڪنهن سٺي طريقي ۽ طاقت سان حملو ڪجي. هن اتحادي حڪومت جو سياسي اڳواڻ اٿينس هو. حڪومتي اجلاس جي جڳهه ۽ خزاني جو هنڌ ڊِيلاس (Delos) جي مقدس ٻيٽ تي قائم ڪيا ويا هئا، جنهن جي نالي پٺيان ”اتحاد“ تي نالو پيو. هن اتحاد ۾ شامل ننڍيون حڪومتون هر سال روڪ چندو موڪلينديون هيون ۽ وڏيون حڪومتون جهاز ڏينديون هيون. انهن گڏجي اَرسٽائيڊيز کي منتخب ڪيو هـُـئو ته هـُـو هر حـُـڪومت مٿان چندي جي پئسي يا جهازن جو انداز مقرر ڪري.

ڊيلاس واري اتحاد جو بدلجي اٿينس جي سلطنت ٿيڻ:

ڪجهه سالن کان پوءِ انهن اتحادين، جي جهاز ڏيندا هئا، ان جي بدران پئسا ڏيڻ چاهيا، جهڙي طرح ننڍيون حڪومتون ڏينديون هيون. اٿينس وارن کي ڇڏيو هئائون ته ڀلي اهي جهاز ٺاهين. جلد ئي اٿينس وارن ڊيلاس کان خزانو منتقل ڪري اٿينس ۾ آندو. ان جو سبب اهو ڏنائون ته سندن شخصي نظر داريءَ هيٺ خزانو وڌيڪ سلامت رهندو. پر ايران جي خلاف جنگ جي تياريءَ ۾ پئسي استعمال ڪرڻ بجاءِ انهن پنهنجي شهر ۾ ڪيترين عمدين عمارتن ٺاهڻ لاءِ خزاني مان گهڻو پئسو خرچ ڪيو. اتحاد ۾ شامل حڪومتن شڪايت ڪئي ته اٿينس کين ڦري پيو. ڪيترن ته مورڳو اعلان ڪيو ته هو اتحاد کان نڪري ويندا ۽ اڳتي ڪجهه پئسا نه ڏيندا. ان تي اٿينس وارن سندن خلاف پنهنجا (بحري فوج جا) ٻيڙا موڪليا ۽ کين سزا ڏني ۽ کين مجبور ڪيو ته اڳتي وڌيڪ چندو ڏين. اهڙي طرح ڊيلئن ليگ (Delian League) يا ”ڊيلاس واري اتحاد“ جا اڳيان آزاد ميمبر هينئر اٿينس جا ڏن ڀروُ ٿي پيا ۽ ”اتحاد“ (اتحادي ملڪ) خود ڦري اٿينس جي بحري سلطنت ٿي پيا.

ايراني لڙائين کان پوءِ اسپارٽا جي حالت:

ايراني لڙائين کان پوءِ لائي ڪرگس (Lycurgus) واري اڳئين زماني کان اسپارٽا جي رياست وڌيڪ امير شاهي بڻجي پئي هئي. بزرگن جي اسميبلي سان گڏ ڪيتري مدت کان وٺي ٻه بادشاهه ۽ پنج ”نگران“ يا ”ايفـَـر“ (Ephor) رهندا ايندا هئا. انهن نگرانن آهستي آهستي پنهنجي طاقت وڌائي، ايستائين جو سڄي حڪومت تي سندن قبضو ٿي ويو، بلڪ خود بادشاهه سندن حڪم مڃڻ لاءِ مجبور ٿيا. ان طرح اسپارٽا جي ملڪي جوڙجڪ اٿينس جي ملڪي جوڙجڪ جي بلڪل ابتڙ هئي.

”نگران“، جي اٿينس جي جمهوريت کي اڳ ئي ڌڪاريندا هئا، تن جي ڌڪار ۾ هر روز وڌندڙ حسد اضافو ڪيو. يونان ۾ اڃا تائين اسپارٽا جي خشڪيءَ جي طاقت ۾ سرسي مشهور قائم هئي. پر هينئر اٿينس وارا سڄي هيلاس ۾ بحري طاقت ۾ اڳرا هئا ۽ پڻ پنهنجي طاقت وچ يونان ۾ خشڪيءَ رستي به وڌايائون. سندن حڪومتي سرشتي کي واکاڻيندي ڪيترن ’بوئيٽي‘ شهرن پنهنجن اميرن کي تڙي ڪڍيو ۽ جمهوريتون قائم ڪيائون ۽ اٿينس جي اتحاد ۾ شامل ٿيا. اٿينس جي طاقت جي ايتري ترقي کان ڊڄي اسپارٽا وارا اٿينس جي خلاف لڙائي ۾ شامل ٿيا، جا ڏهن سالن کان وڌيڪ هلي. آخر ۾ اٿينس وارن کي شڪست آئي ۽ آئيندي لاءِ خشڪيءَ تي ملڪ پکيڙڻ جي اميد ترڪ ڪري ڇڏيائون. ٿيبيز هينئر ٻيو ڀيرو بوئيٽيا ۾ مـُـک ملڪ ليکجڻ ۾ آيو ۽ ڀر وارن شهرن ۾ امير شاهي حڪومتون قائم ڪيائين.

پيرِيڪلـِـيز (Pericles) جو دور:

پيريڪليز جو مجسمو

اٿينس جي تاريخ ۾ ايراني حملي ۽ پيلوپونيسس لڙائي جي وچ واري زماني کي عام طرح ”پيريڪليز (Pericles) وارو دؤر“ سڏجي ٿو، جو ان وقت اٿينس جي معاملن جي واڳ اتان جي وڏي ملڪي مدبر ‘پيريڪليز’ جي هٿ ۾ هئي.

پيريڪليز اٿينس جي هڪ اميراڻي خاندان مان هو، جنهن جي ڪيترن فردن  اڳئي سماج ۾ امتياز حاصل ڪيو هو. هن کي بهترين تعليم ملي ۽ علم ۽ انهن فنن، جيڪي هڪ ملڪي مدبر لاءِ فائديمند هئا، تن ۾ پاڻ کي ڪامل بنائڻ لاءِ هميشـہ ڪوشش ڪندو رهيو. هـُـو پنهنجي زماني جو بهترين مقرر يا تقرير ڪندڙ هو. هو هڪ سٺو سپهه سالار ۽ دورانديش سياستدان پڻ هو. هن ۾ انهن قدرتي  صلاحيتن سان گڏ حب الوطني، اورچائي يا اڻ ٿڪ طاقت ۽ پنهنجي فرض شناسيءَ ۾ اعليٰ اعتقاد جون وصفون پڻ هيون. هن ڪڏهن به ڪنهن سازش ۾ بهرو وٺي پاڻ کي نيچ نه ڪيو، نه وري پنهنجي اثررسوخ رستي پاڻ کي فائدي پهچائڻ يا پنهنجي شخصي دشمن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪئي.

تاريخ نويس: هيرو ڊوٽس جو مجسمو

هڪ نسل کان وڌيڪ زماني تائين پيريڪليز اٿينس جو بي تاج بادشاهه هو. تنهن کانسواءِ ڪڏهن آرڪان طور به  چونڊيو هو. هي پنهنجي قبيلي جو  مهندار هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ننڍن عهدن واسطي به چونڊيو هو. سندس طاقت جو مدار سراسر ايڪليزيا (Ecclesia) جي ماڻهن تي سندس اثر سبب هو. اٿينس وارا سندس شاندار اخلاق جي واکاڻ ۽ عزت ڪندا هئا ۽ سندس صلاح مڃيندا هئا، ڇو ته هو منجهن سڀني کان وڌيڪ سياڻو ليکيو ويندو هـُـئو. سندن خيال هـُـئو ته ڪنهن به ملڪ ۾ پيريڪليز کان وڌيڪ همٿ ڏياريندڙ بادشاهه ڪونه ٿي گذريو آهي. رڳو پنهنجي شخصيت جي عظمت ڪري. هن ماڻهن ۾ بنا ڪنهن زور زبردستي يا موروثي حق جي بادشاهي ڪئي. (1)

 

پيريڪليز چاهيو ٿي ته اٿينس جي جمهوريت کي ممڪن حد تائين هڪ ڪامل حڪومت بڻائي. کيس خبر هئي ته عوام ۾ هڪ مقبول حڪومت جو بنياد سڀني شهرين کي هڪ سٺي تعليم ڏيڻ تي هو. ايڪليزيا ۾ بحث مباحثي کان سواءِ هيلئيا (Heliaea) ۾ قانوني بحث کان سواءِ اٿينس جي نوجوانن لاءِ ٿيئٽر (Theatre) به هڪ قسم جا درسگاهه هئا. اتي جيڪي ڊراما ٿيندا هئا، انهن جو تعلق اڪثر يوناني تاريخ يا اخلاقي ۽ مذهبي مسئلن سان هوندو هو. انهن ڊرامن جا لکندڙ انهيءَ زماني جا مشهور مصنف هئا. بيشڪ يـُـوريپايڊز (Euripides) ۽ ٻين (مصنفن) جا ڊراما علم ادب جا بهترين شاهڪار آهن.انهن ڊرامن جي ڏسڻ لاءِ پيريڪليز ماڻهن کي مفت ٽڪيٽون ڏيندو هو، ان لاءِ ته غريب ماڻهو عوامي ڪاروبار ۾ حصو وٺن. هو هنن کي ايڪليز ۾ حاضريءَ ۽ ملڪ لاءِ ڪم ڪرڻ  لاءِ پئسا ڏيندو هو، جيڪو سندن فرض هو، ان لاءِ به کين پئسا ڏيندو هو. پيريڪليز سرڪاري خرچ تي عوام کي دعوتون به ڏيندو هو ۽ ميلا لڳائيندو هو، ڇو ته هن جي مرضي هئي ته سڀني شهرين کي مزي وٺڻ جو اهڙو هڪجهڙو موقعو ملي، جهڙي طرح اُهي سڀ سرڪاري ذميواريون ادا ڪرڻ ۾ شامل هوندا هئا ۽ لڙائي جي زماني ۾ ساڳين خطرن کي گڏجي منهن ڏيندا هئا.

فيلسوف سقراط جو مجسمو

(1) ائٽيڪا جي ڏهن قبيلن مان هر قبيلو هر سال پنهنجو سپهه سالار چونڊيندو هو. (مترجم)

جيڪڏهن ڪنهن به سوسائٽيءَ جي حالت ان ڳالهه مان پرکي وڃي ته ان ڪيترا عظيم المرتبت ماڻهو پيدا ڪيا آهن، ته ان خيال کان پيريڪليز جي زماني واري اٿينس دنيا جي تاريخ ۾ مهذب ترين قوم سڏجڻ گهرجي. ان کان اڳ ۽ پوءِ ڪڏهن به، ڪنهن به هڪ هنڌ ايتري ننڍي دؤر ۾ ايترا ذهين انسان ڪونه گڏ ٿيا آهن. مشهور نالن جي لسٽ ۾ اسان کي هيٺيان نالا ملندا: مجسمه ساز فائيـِـڊِئـَـس (Phidias)، تاريخ نويس هيروڊوٽس (Herodotus)، فيلسوف سقراط (Socrates). وغيره انهن مان گهڻا پيريڪليز جا شخصي دوست هئا ۽ سندس مشوري جا محتاج هئا.

ناٽڪ نويس: يوريپائيڊس جو مجسمو

دنيا کي پنهنجي شهر جي طاقت ۽ شان ڏيکارڻ لاءِ پيريڪليز تمام قيمتي ۽ سهڻيون سرڪاري جڳهيون جوڙايون. ائڪروپولس (Acropolis) کي شاندار عبادتگاهن سان سجايو ويو. ”پارٿينان“ (Parthenon) يا ”اٿينا“ (Athena) ديويءَ جي عبادتگاهه، جا اڇي سنگ مرمر جي شاهاڻي عمارت هئي، سا به ٺاهي ويئي. پارٿينان ۾ فائيڊئس اٿينا ديويءَ جو سون ۽ عاج مان هڪ عظيم مجسمو بنايو ويو. هن عبادتگاهه جا ڪيترا ڀاڱا سنگ مرمر جي مجسمن سان فائيڊئس ۽ سندس شاگردن جو ڪارنامو هئا. سندن شاهڪارن مان ڪي اڃا تائين سلامت آهن، جن کي اڄڪلهه جا فنڪار اُن دور جو بهترين فني نمونو سمجهي سندن اڀياس ڪن ٿا.

پيريڪليز وارو زمانو اٿينس جو سونهري دؤر هو، پر هن شاندار شهر جو شان جيترو وڌيڪ چمڪندڙ هو اوتري ٿوري مدت تائين پائيدار رهيو. پيريڪليز جي موت کان پوءِ جمهوريت جي ڪمزورين، (جن کي پيريڪليز هن وقت تائين پنهنجي ضابطي هيٺ رکيو ٿي آيو) جمهوريت جي جلد بربادي آندي. هڪڙي حوالي سان ته هن وڏي ملڪي مدبر برباديءَ جو ٻج پاڻ پوکيو هو. عوام جي لاءِ مفت ميلا لڳائڻ هڪ موتمار غلطي هئي. ماڻهو جلد ئي سست ۽ عيش پسند ٿي پيا ۽ هٿ جي پورهئي کي حقارت سان ڏسڻ لڳا. عام ماڻهو، جن کي پنهنجو عقل گهٽ هو ۽ بـُـرن صلاحڪارن جي ڳالهين تي آساني سان ڀنڀلجي ويندا هئا، اهي ئي ”عوامي مجلس“ ۾ هينئر اڪثريت ۾ هئا. حڪومت ۾ ڪا پختگي ڪانه رهي ۽ اها ڪن اهڙن بيپرواهيءَ وارين مهمن ۾ مصروف ٿي، جو آخر سندس زوال آيو. هيءَ حالت ڪيئن واقع ٿي، اهو ايندڙ باب ۾ ٻڌايو ويندو.

ايٿينا ديوي جو مجسمو

 

 

 

 

----------

باب اٺون

يوناني حڪومتن جو هڪٻئي کي برباد ڪرڻ ۽ مئسيڊان (مقدونيه) جي فلپ جو يونان کي فتح ڪرڻ

پيلوپونيسس جنگ جا سبب:

اٿينس ۽ اسپارٽا جي پاڻ ۾ رقابت هئڻ ڪري، سندن وچ ۾ جيڪا ڪشمڪش پيدا ٿي، تنهن کي ”پيلوپونيسين جنگ“ سڏجي ٿو، جا سن 431 ق.م کان 404 ق.م تائين هلي. هن جنگ جو باطني يا اصلي سبب اڳ ۾ ئي بيان ڪيو ويو آهي، اهو هو يونانين جو پنهنجي شخصي حڪومتن جي اعتراض کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي فائدي جو خيال ڪرڻ ۽ هڪ قومي اتحاد ٺاهڻ جي منجهن نااهليت. پر ڪنهن نه ڪنهن قسم جي سياسي اتحاد ٺاهڻ جي کين ضرورت محسوس ٿي، جنهن ڪري اڳواڻپ (Leadership) جو سلسلو جاري ٿي ويو، جنهن کي يوناني ”هڪ هٽي“ (Hegemony) ڪوٺيندا هئا. ننڍين حڪومتن وڏين حڪومتن سان اتحادي عهدناما ڪيا. انهن وڏين حڪومتن کي هنن پنهنجو سياسي اڳواڻ ڪري لکيو. ان طرح ٿيبيز شهر بوئيٽيا وارن جو اڳواڻ هو، اسپارٽا پيلو پونيسس وارن جو ۽ اٿينس آسپاس جي ٻيٽن وارين حڪومتن جو. اٿينس ۽ اسپارٽا جون رياستون ٻئي، سڄي يونان جي اڳواڻ ٿيڻ جا خواب لهي رهيون هيون. جنگ لاءِ هيءُ ئي ڪافي سبب هو. اٿينس جو ٻيو جاني دشمن ڪارنٿ جو شهر هو، جو هڪ وقت يونان جي مـُـک بحري طاقت هو. اٿينس جي واپاري ترقيءَ سبب ڪارنٿ جي واپار کي ڌڪ لڳو، جن ڏٺو ته سندن مغرور مقابلي ڪندڙ (اٿينس) جي ڪري اُهي دولت ۽ اثر ۾ گهٽ ٿيندا پيا وڃن. ٿيبيز وارا هميشـہ اٿينس وارن کي ڌڪاريندا هئا ۽ کين نقصان پهچائڻ لاءِ ڪوبه وجهه هٿان نه وڃايائون. ڊيلاس واري اتحاد وارين رعيتي حڪومت مان اٿينس ڪيترن اهڙين اتحادي رياستن کي پڻ پنهنجو دشمن شمار ڪندو هو، جي هميشـہ غلاميءَ مان آزاد ٿيڻ چاهينديون هيون.

اٿينس ۽ ڪارنٿ جي جهڳڙي سبب جنگ توقع کان اڳ شروع ٿي ويئي، جنهن ۾ ڪارنٿ شڪست کاڌي. ان کان پوءِ ڪارنٿ وارن اسپارٽا وارن وٽ شڪايت ڪئي ۽ اسپارٽا جي اسيمبليءَ پيلوپونيسس جي سڀني حڪومتن کان مدد وٺي اٿينس خلاف جنگ جو اعلان ڪيو.

اٿينس ۽ اسپارٽا جي طاقتن جي ڀيٽ:

اٿينس مضبوط ديوارن جي اندر محفوظ هو. اهي ديوارون سمنڊ تائين هلي پئي ويون ۽ پائـِـرِئـَـيس (Piraeus) جي قلعي بند بندر کي پڻ پنهنجي حدن اندر آڻي ٿي ڇڏيائون. سندس بحري فوج جو ڪوبه مقابلو نٿي ڪري سگهيو. سندس ”ڊيلاس واري اتحاد“ جي ڪيترين رعيتي حڪومتن کان سواءِ ٻيون ڪيتريون طاقتور حڪومتون سندس پاسي هيون. داخلي حڪومتن مان پلاٽيا (Plataea) خاص طرح سندس پڪي دوست هئي. (اٿينس لاءِ) جهازن ۽ لشڪر کان وڌيڪ قيمتي پيريڪليز جي مدبر قيادت هئي.

اسپارٽا لاءِ وري پيلوپونيـَـسس جو بيشمار خشڪيءَ جو لشڪر هڪيو حاضر هو، جنهن جي خلاف اٿينس جي لشڪر کي ميدان ۾ اچڻ جي همٿ نٿي ٿي. ٿيبيز وارا سندس سٺا مددگار هئا، ڇوته هو هميشـہ اتر کان ائٽيڪا تي رعب رکيو ويٺا هوندا هئا. پيلوپونيسسي بحري فوج جو گهڻو حصو ڪارنٿ مان  هو. مطلب مڙيوئي دشمن هڪٻئي جي مقابلي جا هئا. جيڪڏهن اٿينس کي سندس دشمن تي سمنڊ ۾ فوقيت حاصل هئي، ته وري اسپارٽا کي اٿينس تي خشڪيءَ تي برتري.

پيلوپونيسس جنگ: نـِـشي ئـَـس جي صلح تائين (431 ق.م -421 ق.م):

جنگ جي پهرين پنجن سالن ۾ پيلوپونيسس وارن هر سال ائٽيڪا تي حملو ڪيو جنهن ۾ سندن پوکون ناس ڪيائون، ويندي اٿينس جي ديوارن تائين ڳوٺ برباد ڪيائون. پيريڪليز جي مشوري تي اٿينس وارن دشمن جي خشڪيءَ جي وڌيڪ طاقتور لشڪر خلاف ڪا فيصلائتي لڙائي ڪري پاڻ کي جوکي ۾ نه وڌو. هنن وري پيلوپونيسس وارن تي ساحلي حملن جي ذريعي ڪاهه ڪري سندن مال ملڪيت ناس ڪرڻ جي طريقي سان بدلو ورتو. پر اسپارٽا جي حملن کان وڌيڪ اٿينس لاءِ خطرناڪ پليگ جي بيماري ثابت ٿي هئي، جنهن ڪري سندس بيشمار ماڻهو مري ويا. ان بيماريءَ وگهي پيريڪليز پڻ 439 ق.م ۾ وفات ڪئي. هن جي مدبريءَ ڀريل رهنمائي جي خاتمي واري صدمي کان وڌيڪ اٿينس کي ٻيو ڪو صدمو ڪونه رسيو.

لاڳيتين لڙاين جي ڪري دشمنن جون دليون هڪٻئي لاءِ سخت ٿينديون ويون ۽ ان ڪري هڪٻئي کان ظالماڻا بدلا ورتائون.

اسپارٽا وارن هڪ طويل حملي کان پوءِ وڃي پلاٽيا (Plataea) هٿ ڪيو. جنهن ۾ اُتان جي بچاءُ ڪندڙن لڙائيءَ ۾ ڏاڍي همٿ ڏيکاري. شهر کي خاڪ دوز ڪيو ويو، ۽ قلعي جي سموري لشڪر کي ختم ڪيو ويو. جڏهن اسپارٽا جا جنگي عملدار ڪوبه دشمن جو جهاز هٿ ڪندا هئا، ته اُن جي سڄي عملي کي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪندا هئا. اٿينس وارا به انهن کان گهٽ ظالم ڪـونه هئا، حـّهڙي طرح هـُـنن مٽيليني (Mytilene)، ]جيڪو ليزباس (Lesbos) ٻيٽ جو مـُـک شهر هو[، جي شهرين کي سزا ڏيڻ ۾ پنهنجي ظلم جو مظاهرو ڪيو. هن شهر جي ماڻهن سندن (اٿينس وارن) اتحاد جي خلاف بغاوت ڪئي هئي. اٿينس جي هڪ سياسي اڳواڻ ڪـِـليون (Cleon) جي چـُـرچ تي مشاورتي اسيمبليءَ يا اڪليزيا“ (Ecelesia) فيصلو ڪيو ته مٽيليني جي سڀني ماڻهن کي قتل ڪيو وڃي، ۽ زالن ۽ ٻارن کي غلام ڪري وڪيو وڃي. ٻئي ڏينهن تي ٻين ڏاهن ماڻهن جي صلاح تي ساڳيءَ مشاورتي ڪائونسل، اهو خوني فيصلو رد ڪيو. ان جي اُبتڙ فيصلي مطابق تيز رفتار وارو جهاز روانو ڪيو ويو، جنهن کي اهو حڪم مليل هو ته فوجي رڳو اميرن کي قتل ڪن، جن جو خود عدد هزارن کان مٿي هو.

ڏهن سالن جي لڙائيءَ کان پوءِ ڌُرين مان ڪنهن کي به ڪو فيصلائتو فائدو ڪونه پهتو. 421 ق.م ۾ اٿينس جي طرفدار نـِـسياس (Nicias) شهر جي رياست ايترو ڪري سگهي، جو مڙني رياستن ۾ پنجاهه سالن لاءِ صلح جو عهدنامو ڪيو ويو. پر هن عهدنامي جي شرطن جي ڌُرين مان ڪنهن به چڱيءَ طرح بجاآوري نه ڪئي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو ٽن سالن جي اندر وري ٻيهر لڙائي شروع ٿي ويئي.

اٿينس جي جمهوريت جو زوال:

مٽيليني واري معاملي مان ظاهر آهي ته اٿينس جي عظيم رهنما پيريڪليز جي وفات کان پوءِ اٿينس جا ماڻهو ڪيتريقدر نه اُٻهرا ۽ پـُـورالا  ٿي پيا. پيريڪليز هميشـہ انهن کي سندن غصي يا اُٻهرائيءَ جي اوچتن مظاهرن کان باز رکندو پئي آيو، ۽ گهٻراهٽ جي وقت ۾ انهن جي حوصلي افزائي ڪندو پئي آيو. کانئس پوءِ جن جي هٿن ۾ طاقت آئي، انهن مان ڪوبه اهڙي طاقتور ۽ محڪم شخصيت جو مالڪ نه هو، جا عوام کي قبضي ۾ رکڻ لاءِ ضروري هئي. انهن مان گهڻن رڳو اهڙن ٺهرائن تي عمل ڪيو، جي رڳو ماڻهن کي راضي ڪرڻ واسطي هئا، ۽ جن جي ذريعي کين ماڻهن جو راضپو حاصل ٿي سگهيو ٿي. ساڳئي وقت انهن پنهنجي شخصي ترقيءَ کي ملڪ جي ڀلي تي ترجيح ڏني. انهن لاءِ اها فائدي جي ڳالهه هئي ته اسيمبليءَ جو گهڻو حصو هيٺانهين طبقي وارا ماڻهو هـُـجن، ڇو ته جاهل عوام هميشـہ پنهنجي انڌي جوش ۽ هـَـوَسَ جي پٺيان ڀڄندو آهي، ۽ عقل سان ڪم نه ڪندو آهي. ان ڪري جمهوريت عوامي رهنمائن يا ڊيناگوگس (Denagogues) جي رهبريءَ هيٺ عوامي هجوم جي حڪومت ٿي پئي هـُـئي. انهن عوامي رهنمائن مان پهريون پهريون ڪـِـليون (Cleon) هو، جنهن مٽيليني جي خلاف ظالماڻو حڪمنامو ڪڍيو هو. هن ۽ هن جهڙن ٻين ماڻهن پيريڪليز جي تدبر واري پاليسيءَ جي بلڪل ابتڙ ڪيو، جنهن جي ڪري هونئن اٿينس کي فتح حاصل ٿئي ها. هنن ماڻهن کي همٿايو ته پرانهن ملڪن ڏانهن وڃڻ وارا خطري جهڙا ڪم هٿ ۾ کڻن، جن ۾ کين خيالي سوڀن جا خواب ڏيکاربا هـُـئا. ڪي پراڻي خيال وارا سياستدان، جن ۾ نسياس سڀنيءَ کان اڳرو هو، ”عوام جي بيوقوفن“ کي سڌيءَ راهه تي آڻڻ لاءِ درست نه ڪري سگهيا.

السيبائيڊيز (Alcibiades):

نسياس جي صلح کان پوءِ السيبائيڊيز وري اچي جنگ شروع ڪئي. هيءُ هڪ جوان ۽ مالدار امير هو، جنهن جو اٿينس وارن ماڻهن تي گهڻو اثر رسوخ هو. السيبائيڊيز  ۾ اُهي سڀئي صفتون هيون، جي عوام کي حيرت ۾ وجهن يا کيس عوام ۾ مقبول ڪن.

هيءُ بدن ۾ طاقتور ۽ خوبصورت، روشن دماغ، همٿ ڀريو ۽ جوش وارو، ماڻهن جي دل وٺندڙ، تقرير جو ڪوڏيو جوان هو. پر سندس اخلاق بلند ڪونه هئا، ۽ ملڪ جي رسم رواج ۽ حڪومت لاءِ کيس ڪا عزت ڪانه هئي، ۽ پڻ سخت خودغرض هو. عوامي خطري جي حالت ۾ هن تي ڪوبه ڀروسو نه پئي ڪري سگهيو، ڇاڪاڻ ته هن جو خود پاڻ تي ڀروسو ڪونه هو. سندس حيواني طبيعت کيس ڪڏهن مجبور ڪندي هئي ته هو اهڙيون حرڪتون ڪري، جيڪي هڪ خراب اسڪولي ڇوڪرو يا هڪ چريو ماڻهو ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ ڪري، يا ٻئي ڪنهن وقت ڪري. مثلاً، هڪڙي ڏينهن هن شرط رکيو ته هـُـو عام رستي تي سڀ کان وڌيڪ عزت واري شهريءَ کي مار ڪڍندو. هن سچ پچ انهيءَ شخص کي مار ڪڍي، ۽ شرط کٽي، پر ٻئي ڏينهن تي هن پنهنجو پاڻ ان شخص جي ڪيل بيعزتيءَ جي سزا ۾ پاڻ کي مار ڪڍڻ لاءِ عوام آڏو پيش ڪيو. اهو سمجهڻ مشڪل آهي ته ڇو اٿينس وارن اهڙي پورالي ماڻهوءَ ۾ پنهنجو اعتماد رکيو. اجمالي طور تي انهيءَ جي سمجهاڻي هيءَ ٿي سگهي ته هن جون خوبيون ۽ اوگڻ، ڪجهه قدر، ماڻهن ۾ خود موجود هئا (جنهن ڪري هي مقبول هو). جيڪڏهن السيبائيڊيز  روز روز پنهنجا خيالات ڦيرائيندو رهيو هو ته عام ماڻهن جي نظرن ۾ اهو ڪو وڏو گناهه ڪونه هو، ڇو ته هو خود پنهنجا خيالات ساڳئي تيزيءَ سان بدلائيندا رهندا هئا. ماڻهن ۾ جيڪي پاڻ ۾ اوڻايون هونديون آهن، اهي اوڻايون هو ٻين ماڻهن کي معاف ڪرڻ لاءِ جلدي تيار هوندا آهن. هڪ اٿينس جي ليکڪ السيبائيڊيز ۽ عوام جو تعلق هن طرح بيان ڪيو آهي:

”هو هن کي ڌڪارين ٿا، پر کين سندس گهرج آهي، ”کانئس سواءِ رهي نٿا سگهن.“

سسليءَ تي چڙهائي (415 - 413 ق.م):

السيبائيڊيز جي عروج تي اچڻ واري معاملي اٿينس وارن لاءِ ڏکيا ڏينهن آندا. انهن مصيبتن کان وچولي درجي وارن سياستدانن اٿينس وارن کي اڳي ئي آگاهه ڪيو هو. هن ماڻهن سان واعدو ڪيو ته سسليءَ ۽ ڏکڻ اٽليءَ کي فتح ڪندو، ۽ ان طرح اٿينس جي شهنشاهت جو پايو وجهندو.

سندس خيال هـُـئو ته هـُـو اتان لشڪر هٿ ڪري، ته پوءِ اٿينس سولائيءَ سان اسپارٽا کي دٻائي ٿي سگهيو، ۽ سڄي هيلاس (Helas) اتي راڻي ٿي راڄ ڪري ٿي سگهي. نيساس گهڻي ڪوشش ڪئي ته ماڻهن کي ذهن نشين ڪرائي ته، السيبائيڊيز هنن کي جيڪي سبز باغ ڏيکاريا هئا، اهي سندس شرم ۽ نابوديءَ جو سبب بنجندا، پر سندس ڪوشش اجائي ويئي. نوجوان سياستدانن جي هلڪڙي جوش سندس ڳڻتيءَ ۾ وجهندڙ گهـُـنجن تي فتح پاتي. نتيجي ۾ اسپارٽا تي چڙهائيءَ ڪرڻ لاءِ هڪ وڏي بحري ٻيڙي جو فيصلو ڪيو ويو، ۽ نسياس ۽ السيبائيڊيز  ۽ هڪ ٽئين شخص کي ان بحري ٻيڙي جي سپردگي سونپي ويئي.

شروع کان ئي هن مهم کي بدبختيءَ پاسو ڏنو. السيبائيڊيز  جي دشمنن مٿس مذهب جي خلاف ڏوهه جي تهمت رکي، ۽ مٿس مقدمي هلائڻ لاءِ کيس اٿينس واپس گهرايو. اٿينس جي اميرالبحرن ننڍين مهمن ۾ پنهنجو قيمتي وقت وڃايو، بجاءِ انهيءَ جي، جو سسليءَ جي مضبوط ترين شهر سيراڪيوز (Syracuse) تي هڪدم حملو ڪن. ان وچ ۾ سيراڪيوز وارن هڪ مضبوط مقابلي لاءِ اڳواٽ تياري ڪري ڇڏي، تنهن ڪري جڏهن نسياس آخر ۾ حملو شروع ڪيو، ته هو اهو شهر قبضي ۾ نه آڻي سگهيو. اسپارٽا جي لشڪر جي هڪ مهندار، گـِـليپس (Gylippas)، شهر جو بچاءُ اهڙيءَ طرح جوڙيو، جو نسياس جي شڪست جو خطرو پيدا ٿي ويو، جنهن ڪري کيس اٿينس مان مضبوط ڪـُـمڪ گهرائڻي پيئي. تقربياً اٿينس جو سڄو جنگي لشڪر، جو ٻه سئو جهازن ۽ چاليهن هزارن ماڻهن تي مشتمل هو، سو سڄو هاڻي سيراڪيوز اڳيان اچي ڪٺو ٿيو، پر جهاز ۽ لشڪر جو هڪڙو به ماڻهو، هن خطرناڪ نابوديءَ کان بچي نه سگهيو. ڪيترين شڪستن کان پوءِ جيڪي ڪجهه باغي، ٻيڙي مان باقي بچيا ها، سي سيراڪيوز جي بندر تي اچي بيٺا، ۽ اُنهن پاڻ کي بچاءُ ڪندڙن جي هٿ ۾ ڏنو. کين سلامتي انهيءَ ڳالهه ۾ ملي ٿي سگهي ته هو ان ٻيٽ تي پٺتي موٽي وڃن، پر دشمن جي هن ملڪ ۾ کاڌي ۽ پاڻيءَ کان سواءِ اڳتي وڌڻ موت جي منهن ۾ وڃڻو هو. ڪيترائي لشڪري سپاهي پنهنجي اُميد ڏيئي وٺي بيٺا، بنا ڪنهن مقصد ۽ تنظيم جي اڳتي وڌيا، ۽ سندن پٺيان پوندڙن جو ڪوبه مقابلو نه ڪيائون. اسيناروس (Asinarus) نديءَ جي منهن وٽ انهن بدبخت ڀاڄوڪڙن کي سيراڪيوز وارن ٽڪرا ٽڪرا ڪري قتل ڪيو. نسياس کي قتل ڪيو ويو، ۽ باقي لشڪرين کي غلام بنايو ويو.

السيبائيڊيز جو غدار ٿيڻ:

جڏهن السيبائيڊيز کي واپس اٿينس وٺي پئي ويا، تڏهن هن پڪ سمجهيو ته مٿس مقدمو هلائي کيس سزا ڏني ويندي. جيڪي هن تي ڏوهه مڙهيا ويا هئا، انهن جو هيءُ سچ پچ ڏوهاري هو يا نه؟ ان ڳالهه جي پڪ نه آهي، پر وچ رستي تان ڀڄي وڃڻ اٿينس وارن لاءِ سندس ڏوهه جي ثابتي هئي. انهن هن کي هڪدم موت جي سزا ڏني. هوڏانهن وري السيبائيڊيز  پاڻ کي سڄي ملڪ، يعني اٿينس، تي فيصلو ڏيندڙ مقرر ڪري، ساڻس اهڙي بي شـُـڪريءَ جي هلت ڪرڻ لاءِ اٿينس کي سزا ڏني، يعني هيءُ ئي هو، جنهن اسپارٽا وارن کي صلاح ڏني ته گـِـليپس کي سيراڪيوز جي بچاءَ لاءِ موڪليو وڃي، ۽ ڇاڪاڻ ته گليپس جي مهنداري ئي هئي، جنهن فتح آندي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته اڻسڌيءَ طرح سسليءَ تي چڙهائيءَ واري لشڪر جو نابود ڪندڙ السيبائيڊيز  هو. هن اسپارٽا وارن تي پڻ زور آندو ته ايٽيڪيا ۾ هڪ جڳهه، جنهن جو نالو ڊيڪيليا (Deceleia) هو، ان جي قلعي بندي ڪن. هن قلعي مان هو ايٽيڪيا جي ميدان کي چڱيءَ طرح پنهنجي قبضي ۾ رکي ٿي سگهيا، ۽ اٿينس جو خشڪيءَ جي طرف کان ٿيندڙ امڪاني ناڪي بنديءَ جو بچاءُ ڪري پئي سگهيا. اسپارٽا وارن هن جي صلاح مڃي. ان کان پوءِ نوَن سالن تائين ڪوبه اٿينس وارو ان شهري ڪوٽ کان ٻاهر سلامت نه هو. هن پيلوپونيسس جي لڙائيءَ جو پويون حصو ان ڪري ڊيڪيلين لڙائيءَ جي نالي سان مشهور آهي. السيبائيڊيز پڻ اسپارٽا وارن کي ٻڌايو ته ايران وارن سان جنگي اتحاد ڪرڻ ڪري کين ڪيترو نه فائدو پهچي سگهي ٿو. اسپارٽا وارن تنهن ڪري ايرانين جي هڪ صوبي ٽـِـسافرنيس (Tissaphernes) سان هڪ شرمناڪ عهدنامو ڪيو، جنهن جي تحت اسپارٽا وارن کي اجازت ڏني وئي ته اُهي ايشيا ڪوچڪ ۾ سڀني يوناني ساحلن تي ٻيهر بيٺڪون قائم ڪن. ان عهدنامي مطابق ٽسافرنيس، بدلي ۾، اٿينس کي پئسا ۽ جهاز ڏنا.

اٿينس وارن جو بهادريءَ سان مزاحمت ڪرڻ، ۽ السيبائيڊيز کي واپس گهرائڻ:

مصيبت جي عروج ۾ اٿينس وارن بهادرن جهڙي همت ڏيکاري. حڪومت طرفان ماڻهن تي هڪ خاص ٽيڪس وڌو ويو، ۽ کانئن مسلسل ڪم وٺي هڪ سال اندر هڪ وڏو بحري ٻيڙو تيار ڪيو ويو، جنهن جي ذريعي پيلوپونيسس وارن ۽ ايرانين جي گڏيل لشڪر کي ڪيتريون شڪستون ڏنيون ويون. السيبائيڊيز اسپارٽا وارن جي وچ ۾ رهي، انهن جي خشڪ زندگيءَ کان تنگ ٿي پيو، ۽ ڪوشش ڪيائين ته پنهنجي مادر وطن جي ڪا اهڙي سٺي خدمت ڪري جو کيس موٽائي گهرايو وڃي. ان ڏس ۾ هـُـن ٽسافرنيس کي مڃايو ته اسپارٽا وارن جو پاسو ڇڏي اٿينس وارن جي مدد ڪري. جنهن نموني سان السيبائيڊيز ”لديا“ (Lydia) جي صوبي کي سمجهائي ان ڳالهه تي آندو ته هو پنهنجن اڳين اتحادين کان ڦري وڃن، اهو ڏيکاري ٿو ته السيبائيڊيز ڪيتري قدر يونان جون مايوسيءَ واريون حالتون سمجهي ٿي سگهيو. اٿينس جي پوريءَ شڪست کي روڪڻ سان، هـُـو لڙائيءَ جي مدت وڌائي ٿي سگهيو، ايستائين جو سڄو يونان لڙائي ڪري ٿڪجي پوي. تنهن کان پوءِ ايشيا جو سڄو ساحل ايران جي قبضي ۾ اچي ٿي سگهيو. ٽسافرنيس هن جي صلاح تي عمل ڪيو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو، ته اٿينس واري لشڪر کي هڪ ٻيو به فائدو پيو. انهيءَ جي بدلي ۾، شڪرگذاريءَ خاطر، هنن سچ پچ السيبائيڊيز  کي لشڪر جو مهندار کڻي بنايو، اهڙيءَ طرح السيبائيڊيز انهن ڪارنامن ڪري پيلوپونيسين کي اُتر ايجين (Aegean) جي علائقي مان جلدي هڪالي ڪڍي ڇڏيو. ڪجهه وقت لاءِ سندس ظلم ماڻهن جي دلين تان وسري ويا، ۽ هيءُ وري سندن اک جو تارو بنجي پيو، پر هن فتح ٿورو وقت جٽاءُ ڪيو. ٻيءَ لڙائيءَ ۾ السيبائيڊيز هڪ ناتجربيڪار دوست کي اميرالبحر مقرر ڪيو، ۽ پاڻ وڃي ٽـِـسافرنيس سان عهدنامي حّون ڳالهيون ڪرڻ لڳو. سندس مقرر ڪيل وقتي مهندار خراب شڪست کاڌي، ۽ سندس اڳواڻ، يعني السيبائيڊيز ، کي ٻيهر شهر بدر ڪيو ويو. السيبائيڊيز کي آخري پناهه ايرانين وٽ ملي، جتي هو اٿينس جي انصاف کان ڀاڄوڪڙ جي حيثيت ۾، ۽ اسپارٽا وارن کان هڪ پناهگيرن جي حيثيت ۾، وڃي رهيو هو.

پيلوپونيسين لڙائيءَ جو خاتمو:

اٿينس وارا پنهنجي دکدائڪ خاتمي تائين هن جنگ ۾ همٿ سان لڙندا رهيا. آخر سن 404 ق.م ۾ اِسپارٽا جي لشڪر جي اڳواڻ سندن بحري ٻيڙي تي اوچتو حملو ڪري کين نابود ڪري ڇڏيو. سڀني قيدين کي قتل ڪيو ويو، ۽ بغير پورڻ جي ايئن ڇڏيو ويو. پاڙيسرين طرفان ٿيل انهيءَ حملي کان پوءِ اٿينس کي نيٺ آڻ مڃڻي پيئي. هتان جا فخر ڪندڙ شهري مجبور ٿيا ته پنهنجي ڪوٽ کي پنهنجن هٿن سان ڊاهين. ساڳئي وقت اسپارٽا وارن خوشيءَ جا راڳ پئي ڳاتا. ڪن اتحادين گهر ڪئي، ته اٿينس جي شهر کي بلڪل خاڪ دوز ڪيو وڃي، پر اسپارٽا وارن ان جي اجازت نه ڏني. انهن کي ڊپ هو، جيڪڏهن اٿينس انهن جو منهن مقابل نه ٿيو بيٺو هوندو،  ته متان ڪارنٿ (Corinth) وارا، يا ٿيبيس (Thebes) وارا، زور نه وٺي وڃن.

اسپارٽا جو تسلط:

لڙائيءَ جي سموري عرصي ۾ اسپارٽا وارن ايئن ڏيکاريو، ڄڻ ته اهي اٿينس جي ظلمن خلاف يوناني آزاديءَ جا بچائيندڙ هئا. پر هن واقعي ثابت ڪيو ته اسپارٽا وارن جو ٻٽاڪون ڪيتري قدر نه منافقت واريون هيون. اسپارٽا جي مشاورتي ڪائونسل سڀني فتح ڪيل ملڪن ۾ اسپارٽا جا گورنر موڪليا، جن اُتي پنهنجي خيال موجب، بنا ڪنهن قاعدي قانون جي حڪومت ڪئي، ۽ جهڙو ورتاءُ اتان جي ماڻهن اٿينس وارن سان ڪيو هو، انهيءَ کان به بـُـرو ورتاءُ هنن ساڻن ڪيو. هنن اٿينس ۾ هڪ اميرشاهي حڪومت (Oligarchy) برپا ڪئي، جيڪا ”ٽيهن ظالمن جي حڪومت“ جي نالي سان مشهور آهي. هڪ سال جي بد انتظاميءَ واريءَ حڪومت کان پوءِ شهرين بغاوت ڪئي، ۽ انهن ظالمن کي قتل ڪيو ويو. جمهوريت وري ڪجهه اهڙيءَ طرح برپا ڪئي وئي، جهڙيءَ طرح ڪلائيسٿينس (Cleisthenes) جي ڏينهن ۾ هئي. ٻين شهرن ۾ اسپارٽا جي شهر جي گورنرن لاءِ ڌڪار وارو جذبو چوٽيءَ تي پهچي ويو، جنهن جو نتيجو اهو ٿيو جو کين هڪالڻ لاءِ هڪ اتحاد ڪيو ويو. ٿيبيس ۽ ڪارنٿ، جيڪي هينئر مهندار هئا، تن سان اسپارٽا جي تسلط خلاف سندن اڳيون مها دشمن، اٿينس، به اچي شامل ٿيو. ايشياڪوچڪ جي ايراني صوبن خوشيءَ سان اتحادين کي سون ميسر ڪيو. نيٺ انهن اتحادين اسپارٽا جي ٻيڙي کي شڪست ڏني. پر هن ڪشمڪش ۾ وڏو فائدو اٿينس کي پيو. شهر کان وٺي پيريئس (Piraeaus) تائين، ايراني پئسي جي مدد سان، ڊگها ڪوٽ ٺاهيا ويا، ۽ شهر وري پنهنجي اڳئين سک واري حياتي حاصل ڪئي. پر تڏهن به ٿيمس ٽاڪيليز (Themistocles) ۽ پيريڪليز (Pericles) وارا ڏينهن وري موٽي ڪونه آيا.

ٿيبيس جي مهنداري (371-362 ق.م):

سن 379 ق.م ۾، ٿيبيس ۽ اسپارٽا جي وچ ۾ نئين لڙائي شروع ٿي. پنهنجي پاڙيسري ملڪ جي حقن لاءِ احترام نه رکندي، اسپارٽا وارن اوچتو هڪ مضبوط لشڪر ٿيبيس ۾ موڪليو، ۽ اُتان جي جمهوري حڪمرانن کي ڪڍي اُتي امير شاهي راڄ قائم ڪيو. چئن سالن تائين ٿيبيس وارن هن بيعزتيءَ کي ظاهري نماڻائيءَ سان سـَـٺو، پر هڪڙيءَ رات اسپارٽا وارن جي مقرر ڪيل ”امير حڪمرانن“ کي باغين قتل ڪيو، جي سندن گهرن ۾ عورتن جو لباس پهري اندر ويا. قلعي جي لشڪر کي باغين جو هڪ تربيت يافته لشڪر چوڌاري وڪوڙي ويو، جنهن ڪري انهن کي پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪرڻا پيا.

جڏهن اسپارٽا جي هڪ شاهي لشڪر بوئيٽيا (Boeotia) تي حملو ڪيو، ته ٿيبيس وارن ليوڪترا (Leuctra) جي شهر وٽ، سن 371 ق.م ۾، دشمن جي اڌ جيتري لشڪر سان کين شڪست ڏني. هن فتح جي ڪري ٿيبيس وارا دنيا ۾ جنگ جي فن ۾ قابل لشڪر طور مشهور ٿي ويا. سندن هن اوچتي بخت لاءِ ٻه ماڻهو جوابدار هئا، جن جا نالا هئا، ايپامينونڊاس (Epaminondas) ۽ پيلوپيڊاس (Pelopidas). پيلوپيڊاس هڪ بهترين مهندار ۽ بيباڪ جنگي جوڌو هو. هن پاڻ، شخصي طرح، اسپارٽا وارن جي امير شاهي حڪمرانن جي چڱي مڙس کي ٿيبيس ۾ قتل ڪيو هو. هن نوجوان محب وطن چونڊ ماڻهن جي هڪ جماعت منظم ڪئي، جنهن کي ”پاڪ گروهه“ سڏيو ويو. انهن سڀني جماعتين عهد ڪيو ته هو ملڪ لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪندا.

ايپامينونڊاس يونان جو هڪ تمام حيرت انگيز فرزند هو، جنگ جي ميدان تي هڪ ”جنگي حرفتيءَ“ جي نالي مشهور هو. يعني هي اهو مهندار هو، جيڪو سمجهي ٿي سگهيو، ته ڪهڙيءَ طرح پنهنجي لشڪر کي دشمن جو مقابلو ڪرائجي، ۽ ڪهڙي طرح ميدان جو بهترين فائدو وٺجي؟ هن حملي ڪرڻ جو هڪ نئون طريقو ايجاد ڪيو، جنهن هن جي لشڪر کي اَجيت بڻائي ڇڏيو. هو هڪ عالم ۽ اديب، فصيح مقرر ۽ هڪ سمجهو سياستدان هو. سندس مهنداريءَ هيٺ ٿيبيس، پيلوپونيسس تي چار دفعا حملو ڪري، اسپارٽا کي شڪست ڏني، ۽ ليسيڊيمونيا (Lecedaemonia) وارن کي سندن شهر مان هڪالي ڪڍيو. ٿيبيس وارن جي سوڀن ۾ ظلم يا غرور جو تاءُ ڪونه هو. ايپامينونڊاس هڪ ئي يوناني سياستدان هو، جنهن نه رڳو پنهنجي شهر جي شان جو خيال پئي رکيو، پر ٻين شهرن جي ڀلي جو پڻ. پر بدبختيءَ سان هيءُ يوناني تاريخ ۾ دير سان پيدا ٿيو، ۽ سندس زندگي ايتري وڏي نه هئي جو ملڪ لاءِ ڪو دائمي فائدو پيدا ڪري. سن 362 ق.م ۾ هيءُ جنگ جي ميدان ۾ هڪ ڀالي لڳڻ سبب مري ويو، ۽ هن جي مرڻ سان گڏ ٿيبيس جو زور پڻ ختم ٿي ويو.

مقدوني طاقت جو اُسرڻ:

جنهن وقت يوناني رياستون هڪٻئي کي نابود ڪندڙ لڙائين ۾ مشغول هيون، ان وقت سندن اُتر ۾ هڪ نئين طاقت اُسري، جنهن جلدئي سندن جهڳڙن مان فائدو ورتو. مقدوني ريڍار ۽ هاري، قوم جا طاقتور ماڻهو هئا، جن جو يوناني قوم سان گهڻو لاڳاپو هو. هنن فلپ بادشاهه جي حڪومت کان اڳ يوناني تاريخ ۾ ڪو گهڻو حصو ڪونه ورتو هو. هن حڪمران پنهنجي جوانيءَ ۾ ٿيبيس ۾ ٽي سال حڪومت جو ضامن ٿي قيد ۾ ڪاٽيا هئا، ۽ اتي هن ايپامينونڊاس کان جنگ جو علم ۽ حرفت سکي هئي. سندس قدرتي لياقت هڪ سپاهي ۽ سياستدان جي حيثيت ۾ تمام اوچي درجي تي پهتل هئي. هن جيڪي سبق ايپامينونڊاس کان سکيا هئا، انهن ۾ درستيون ڪيون، ۽ جنگ جي هنر ۾ هڪ نئين قسم جي تنظيم پيدا ڪئي، جنهن کي ”سپاهين جو دستو” فئلنڪس“ (Phalanx) ڪوٺيو وڃي ٿو. هي پيادن لشڪرين جو منظم دستو هو، جيڪي سورنهن صفن ۾ هڪٻئي پٺيان ٿي اڳتي ٿي وڌيا، ۽ کين ڊگهن ڀالن سان هٿيار بند ڪيو ويو هو. اهڙي دستي جو اڳتي وڌڻ دشمن جي نظر ۾ هڪ اهڙو محاذ ٿي قائم ڪيو، جنهن کي هنن لاءِ ٽوڙڻ ممڪن نه هـُـئو. هيءُ سپاهين جو دستو تيستائين اجيت رهيو، جيستائين هڪ سؤ سالن کان پوءِ روم جي لشڪرن سان سندس مقابلو ٿيو. فلپس پنهنجي مـُـلڪ مقدونيا جون حدون فتح جي ذريعي گهٽيون ۽ وڌايون، ۽ پنهنجي ملڪ ۾ يوناني تعليم کي داخل ڪري ۽ نوان بحري بندر کولي پنهنجن ماڻهن جو ڀلو ۽ ترقي ڪئي.

ڊيماسٿينيز (Demosthenes):

ڊيلفي جو مندر

جنهن وقت فلپس اُتر ۾ پنهنجي طاقت مضبوط ڪئي، ته هن ساڳئي نموني ڏکڻ طرف يونان تي پڻ پنهنجي حڪمراني وڌائڻ چاهي. بدقسمتيءَ سان ڪن ننڍين رياستن فوئڪـِـس (Phocis) جي خلاف هڪڙيءَ جنگ ۾ کانئس مدد وٺي، هن کي سندس خواهشون پوريون ڪرڻ لاءِ بهترين وجهه ڏنو. فوئڪس وارن ڊيلفي (Delphi) جي مندر جا خزانا وڃي لـُـٽيا هئا، ۽ ان ڪري اهڙي پاپ جي ڪم لاءِ سزا ملڻي هئي. فلپ خوشيءَ سان انهن کي مدد ڪئي، ۽ فوئڪس وارن کي سزا ڏيڻ جي بدلي ۾ کيس ڊيلفيءَ جي مندر جو محافظ مقرر ڪيو ويو. سياسي لحاظ کان هيءُ مرتبو تمام اوچو هو. ان جي ذريعي فلپ يونان جي داخلي معاملن ۾ هميشـہ لاءِ پهچ حاصل ڪئي.

هو جيڪر ان وقت پاڻ کي سولائيءَ سان سڄي ملڪ جو مالڪ بڻائي ڇڏي ها، جيڪڏهن اٿينس جو هڪ مقرر، ڊيماسٿينيز، هن جي خلاف محاذ نه کڙو ڪري ها. هيءُ مشهور شخص، جو يوناني محب وطنن مان آخري ماڻهو هو، سو نوجوانن لاءِ هڪ آدرشي مثال ٿي رهيو. جيتوڻيڪ کيس تقرير ڪرڻ جي ڪا خاص ڏات ڪانه هئي، تڏهن به سالن جا سال اورچائيءَ سان ڪوشش ڪري، هن پاڻ کي انهيءَ فن جو استاد بنايو. سندس ڪيتريون تقريرون اڃا تائين محفوظ آهن، ۽ سڀني مغربي قومن جا عالم انهن تقريرن جو اڀياس ڪن ٿا، ۽ انهن تقريرن کي خطابت جي فن جو بهترين نمونو سمجهن ٿا، ڊيماسٿينيز جون تقريرون، ڌارين ظالمن کان پنهنجي شهري آزاديءَ کي بچائڻ لاءِ اٿينس وارن جي آخري شاندار ڪوشش هئي. بدبختيءَ سان شهر ۾ ڪيترا اهڙا رذيل ماڻهو هئا، جن فلپ جي فائدي لاءِ ڪم ڪيو. جيڪڏهن سڀني ۾ هڪ جهڙي حب الوطني هجي ها، ته جيڪر مقدونيا ڪڏهن به يونان تي قابض نه ٿي سگهي ها. سن 338 ق.م ۾، ڊيماسٿينيز، اٿينس وارن ۽ ٿيبيس وارن کي فلپ جي خلاف هڪ فيصلائتي جنگ لاءِ متحد ڪيو. بوئيٽيا (Boeotia) ۾، ڪيرونيا (Chaeroniea) وٽ، مقدوني سپاهين جي دستي اٿينس وارن محب الوطن سپاهين جون صفون ٽوڙيون ۽ اڳتي وڌيا، ۽ ان سان گڏ ئي يونان جي خودمختياري ختم ٿي. هن تاريخ کان پوءِ يونان مقدوني شهنشاهت جو هڪ حصو ٿي رهيو، ۽ سندس تاريخ، سندس مالڪن جي تاريخن سان ڳنڍجي ويئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org