29 April 2009

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو

باب: --

صفحو :6

ايراني حڪومت:

دارا، ايراني حڪومت جي انتظام لاءِ خاص طرح گهڻو مشهور آهي. هن جي زماني تائين فتح ٿيل ملڪ پنهنجو مڪاني انتظام رکندا هئا ۽ مٿن رڳو قلعي جو لشڪر نظرداري ڪندو هو، جڏهن به ڪنهن صوبي جو گورنر پـاڻ کـي ڪـافي طـاقـتور

 

دارا اعظم جو مجسمو

سمجهندو هو، ته خراج موڪلڻ بند ڪري ڇڏيندو هو ۽ پنهنجي خودمختياريءَ جو اعلان ڪندو هو. ان ڪري گهڻا فساد ٿيندا هئا ۽ حڪومت ۾ ڦير ڦار ايندي هئي. دائمي حڪومت لاءِ رڳو هڪ مضبوط ۽ مها لشڪر ئي يقين ڏياري سگهيو پئي. دارا هن اُنڌڌنڌُ جي حالت کي پنهنجن ڪن ڏاهپ جي نون قدمن کڻڻ سان ختم ڪيو. هر هڪ صوبي لاءِ هن ٽي اعليٰ آفيسر مقرر ڪيا: هڪ سپهه سالار، هڪ گورنر، جنهن کي ”ست رپ“ (Satrap) يا صوبيدار ڪوٺيندا هئا ۽ هڪ دبير يا منشي. اهي ٽيئي شخصي طرح بادشاهه وٽ جوابدار هئا. سپهه سالار صوبي جي لشڪر جو منهندار هو، پر سپاهين جي پگهار لاءِ صوبيدار جو محتاج هو. دبير هڪ قسم جو جاسوس به هو، جو بادشاهه اعظم کي يڪدم خبر پهچائيندو هو. جي هن جي همڪارن مان ڪنهن به ويساهه گهاتيءَ جي سازش جا اهڃاڻ نظر آيا، بادشاهه جي حڪم جي پهچ سان بنا مقدمي جي کين قتل ڪري ٿي سگهيو. صوبي کي ”سـَـتَ رَپـِـي“ يا صوبو ڪوٺيو ويندو هو ۽ حڪومت جي نموني کي صوبيداري.

هي سرشتو پنهنجي وقت کان هڪ قدم اڳتي هو پر اڄڪلهه جي حڪومتن سان ڀيٽجي ته ناقص نظر ايندو. ان وقت محصول جو ڪو باقاعدي طريقو ڪونه هو. هر هڪ صوبو شهنشاهه کي پئسي يا جنس (جهڙوڪ: گهوڙا، چوپايو مال ۽ داليون وغيره) ۾ ساليانو خراج ڏيندو هو. ٽن اعليٰ آفيسرن ۽ سندن عملي جا ڳرا خرچ به صوبي جي ماڻهن مان پيڙهي ڪڍندا هئا. ڪنهن به آفيسر جو پگهار مقرر نه هو پر کيس ڪو ضلعو يا شهر مليل هوندو هو، جنهن مان هو پنهنجو محصول پيڙهي ڪڍندو هو.

دارا جي وفات کان اڍائي سؤ ورهيه پوءِ تائين سندس سڌارا قائم رهيا. کانئس پوءِ وارا تخت نشين آهستي آهستي عيش جي ڪري ڪمزور ۽ سست ٿيندا ويا. بادشاهن کي ديوتا وانگر سمجهيو ويندو هو ۽ ڪنهن کي به هنن جي حضور ۾ حاضر ٿيڻ جي اجازت نه هئي، سواءِ انهن آفيسرن جي اجازت جي، جن کي بادشاهه جون ”اکيون“ ۽ ”ڪن“ ڪري ڪوٺيو ويندو هو. سڀ کان وڌيڪ اخلاق کان ڪريل رواج ”حرمَ“ جو هو. ان رواج جي ڪري خواجه سرائن (کدڙن) ۽ مقبول زالن کي اَجوڳي طاقت حاصل ٿي، جنهن ڪري ملڪ جا مکيه مسئلا محل جي خسيس منصوبي بازيءَ سان حل ٿيندا هئا. پويان بادشاهه جي پنهنجي محلات جي عيش کي هڪ قابل ڪار حڪومت جي محنتي فرضن تي ترجيح ڏيندا هئا، سي آهستي آهستي درٻاري منظور نظرن جا هٿ ٺوڪيا بڻجي پيا. دارا کان اڳ ۾ اهڙي حالت جي ڪري سلطنت جو هڪدم خاتمو اچي ها، پر سندس (دارا جي) سرشتي هن وسيع سلطنت کي مضبوط جهليو، جيتوڻيڪ گهڻي وقت کان سندس هلائيندڙ بگڙي چڪا هئا. ايران، جو ظاهري طور طاقتور نظر پئي آيو، سو سڪندر اعظم جي ننڍڙي لشڪر لاءِ هڪ آسان شڪار ثابت ٿيو.

 

باب پنجون

قديم مشرقي ملڪ

مقدمو

قديم مغربي دنيا ڀونوچ سمنڊ جي چوگرد واقع هئي، جنهن تمدن جي آفريقا يا يورپ هام پئي هنئي، سا هن سمنڊ جي ويجهڙائيءَ ۾ ملي ٿي سگهي. مشرق سان تعلق انهن ملڪن جي ذريعي هو، جي سمنڊ يا خشڪيءَ جي رستي هندستان سان ڳنڍيل هئا، يعني: مصر، فنيقيه، الجزيري يا عراقي ملڪ ۽ ايران. جانباز واپاري، جي هندي وڏو سمنڊ پار ڪري ريشم جي سامان، مصالحن، عاج ۽ ٻين مشرقي وکرن جي ڳولا ۾ ويندا هئا، اهي هندستاني دولت جون عجيب و غريب ڪهاڻيون کڻي موٽندا هئا. بعد جي زماني جي ڀيٽ ۾ ان وقت جو هندستاني واپار تمام گهٽ هو ۽ چوٿين صدي ق . م تائين ڪيترن ڀونوچ سمنڊ وارن ملڪن لاءِ هندستان هڪ ڏند ڪٿائي ملڪ هو. قديم هندستاني تاريخ مغرب کان الڳ پنهنجي نموني هلندي رهي. هندستان جي دنيا ئي پنهنجي هئي، جا پنهنجي مغربي ۽ مشرقي پاڙيسرين کان پربتي جبلن ۽ خوفناڪ سمنڊن جي ڪري الڳ ٿيل هئي.

رومي سلطنت جي وقت تائين هندستان جي مشرق وارا، ملڪ ۽ ماڻهو قديم مغرب ۾ صفا گمنام رهيا. انهن سياحن لاءِ، جي هندستان جي مسافري لاءِ مس همٿ ٻڌي ٿي سگهيا، چين جي طرف سامونڊي مسافريءَ جا وڏا مفاصلا ۽ مصيبتون مها ڪٺن هيون. جڏهن ”هوانگ هو“ (پيلي ندي) جي واديءَ مان پيدا ٿيل تمدن صدين کان مشرقي ايشيا ۾ پنهنجي پاڙ پڪي ڪري چڪو هو ته يونان ۽ روم ۾ چين جي باري ۾ ٻڙڪ به نه ٻڌي وئي هئي. خود هندستان ۽ چين جي وچ ۾ ايتري اچ وڃ ڪانه هئي. تنهن ڪري قديم زماني ۾ تاريخ ٽن مختلف وهڪرن مان وهي پئي: ڀونوچ، هندي ۽ مشرق اقصيٰ. هن ڪتاب جي بيان مان معلوم ٿيندو، ته ڪيئن اهي ٽي وهڪرا مرحليوار هڪٻئي کي ويجها ايندا ويا، ايستائين جو اڄڪلهه جي زماني ۾ سڄي دنيا جي تاريخ جي هڪ شاهي وهڪري ۾ متحد ٿي ويا.

اڄوڪي دنيا کي متحد ڪرڻ جو ڪم ڀونوچ سمنڊ وارين ۽ جرمن قومن ڪيو. هي ڪتاب انهن جي تاريخ جو خاص ذڪر ڪندو ۽ مشرقي قومن جي تاريخ جو ذڪر رڳو تڏهن ايندو جڏهن اڄوڪي دنيا جي (تاريخ) سمجهڻ لاءِ اهو تمام ضروري هوندو.

1 - هندستان:

هندستان جي جاگرافي هت بيان نه ٿي ڪري سگهجي، پر هر ان شاگرد لاءِ، جو اُن ملڪ جي تاريخ جو ابتدائي علم حاصل ڪرڻ ٿو چاهي، ضروري آهي ته ان جي جاگرافيءَ کي مدنظر رکي.

هن ملڪ جي تاريخ جون مکيه فيصلائتيون ڳالهيون هي آهن:

1. هماليا جبلن جي آڙ ۽ انهن جبلن مان نڪرندڙ شاخن ۽ اتر اوڀر ۽ اتر اولهه جي جابلو لڪن جي رستي حملو ڪندڙ، هندستان ۾ ڪاهي آيا آهن. خاص طرح خيبر جي لـَـڪَ ۽ ٻين افغانستان مان پنجاب ۾ ايندڙ رستن جي ذريعي آريائي، ترڪي ۽ مغل لشڪرن مختلف وقتن تي هندستان تي ڪاهون ڪيون آهن.

قديم هندستان جو نقشو

2. مغرب ۾ سنڌو نديءَ ۽ سندس شاخن وارو آباد ڪيل ميدان ۽ اتر - مشرق واري پاسي گنگا نديءَ وارو آباد ڪيل ميدان ۾ هميشـه عجيب شهر ٿي گذريا آهن، جي ڀرپور زراعتي وسنديءَ ۾ تمدن جا سرچشما هئا.

3. ٽڪنڊو مٿانهون پٽ، جو ”دکن“ جي نالي سان مشهور آهي. هن ۾ ڏکڻ اپٻيٽ جو گهڻو حصو اچي ٿو وڃي. هن جي جبلن قديم ملڪي آباديءَ کي حملي آور دشمن جي ڪاهه کان پناهه ۾ رکيو آهي.

4. گرم آبهوا هندستان جي گهڻي ڀاڱي ۾ ڪوسي ڪمربند جي گرميءَ ماڻهن کي نـِـستو ڪري ڇڏيو آهي. ٿڌن جابلو ملڪن مان ايندڙ حملي آور قومن هتان جي ميدانن جي گرم هوا کائي پنهنجون اصلوڪيون جنگي خاصيتون وڃايون. ان ڪري ڪجهه صدين کان پوءِ ايندڙ تازن دشمنن جي خلاف سامهون ٿيڻ جي منجهن گهٽ طاقت هئي.

هندستان جا اصل رهاڪو:

تاريخ کان اڳ واري زماني ۾ هندستان جي زمين لاءِ مختلف ڪاري چمڙيءَ وارين قومن جي وچ ۾ ڪشمڪش ٿيندي رهي. انهن مان ڪيترا اگهاڙا وحشي هئا، جي جهنگن ۾ شڪاري ٿي رهندا هئا. ٻين، تمدن جي ڏَسَ ۾ ڪجهه ترقي ڪئي هئي، پوک ڪندا هئا ۽ چوگرد ديوارين وارا شهر ٺاهيائون. انهن قديم قومن جا پويان اڃا تائين دکن ۽ هماليا جي ڏورانهن جابلو ماٿرين ۾ ملن ٿا. درحقيقت هندستان ۾ ايتريون ته قومون ملن ٿيون جو کيس ”اقوامي عجائب گهر“ جو ٺهڪندڙ نالو ڏنو ويو آهي.

سندن ٻولين جي علمي اڀياس ثابت ڪيو آهي ته هو ٽن (انساني) نسلن مان آهن. هڪڙا: ٿٻيٽي برما جون قومون آهن جي هماليا جي لاهين تي رهندا آهن. ٻيا: ڪولَ، جي اڪثر اتر - اوڀر دکن جي جبلن ۾ رهندا آهن. ٽيان: دراوڙ، جي دکن جي ڏکڻ واري اڌ جا مالڪ آهن.

آرين جو هندستان فتح ڪرڻ:

سن 2000 ق . م جي ڪنهن زماني ۾ اڇي چمڙيءَ وارا حملي آور اتر اولهه کان پنجاب ۾ آيا ۽ آهستي آهستي اتر هندستان جا مالڪ بڻجي ويٺا. اهي آريا لوڪ به ساڳئي قديم هنڌ کان آيا. يعني مغربي ايشيا يا يورپ ۾ ڪنهن هنڌان، جتان يوناني، رومين ۽ ٽيوٽن (قديم جرمنيءَ جي قوم) جي وڏڙن پنهنجي فتحن واري زندگي شروع ڪئي هئي. کين ساڳيون وڏيون اکيون هيون ۽ نمايان نـَـڪَ هئا، جهڙيءَ طرح سندن مغربي سؤٽن کي. ايتري قدر جو اڄڪلهه به هندو آرين جا مهانڊا مغربي يورپ وارن جهڙا آهن ۽ نه مغل يا حبشي قومن جهڙا، جيتوڻيڪ سندن مهانڊا ساڙيندڙ سج جي اڳيان صدين تائين کليل رهڻ ڪري ڪڻڪ رنگا ٿي ويا آهن.

يورپي ۽ هندستاني ٻولين ۽ مذهبن جو ساڳيو سرچشمو:

هندستانين ۽ يورپ وارن جي مائٽي، جو سندن علم، ادب ۽ مذهب مان به پتو پوي ٿو. ڪيترا ساڳيءَ معنيٰ وارا لفظ هڪ طرف لاطيني يا جرمن ٻولين ۾ ته ٻئي طرف هندستاني ٻوليءَ ۾ ذري گهٽ ساڳيا آهن. هندستاني آرين جي قديم ادبي ٻولي يعني سنسڪرت، مکيه يورپي زبانن سان تمام گهڻي مشابهت رکي ٿي. جن ديوتائن جي قديم هندستاني پوڄا ڪندا هئا، اهي يوناني ۽ رومي ديوتائن کان گهڻو مختلف نه هئا. هندستان ۽ ڀونوچ سمنڊ جي ڪناري تي اصلوڪو مذهب ”سرشٽي“ (Nature) رائج هو، جنهن ۾ آسمان، سمنڊ، ڪڪر، باهه ۽ ٻين قدرتي مظاهرن کي پوڄيو ويندو هو. سنسڪرت جو لفظ ”ديو“ (چمڪندڙ) جنهن جي معنيٰ ديوتا آهي، سو لاطيني ٻوليءَ ۾ ”ڊيوس“ (Devs) ]خدا[ ۽ انگريزيءَ ۾ ”ڊِوِنـِـٽـِـي“ (Divinity)  خدائيت آهي.

ويدَ:

تاريخ کان اڳ واري زماني جي آرين متعلق اسان جي علم جو بنياد هڪ مذهبي ۽ ڏند ڪٿائي شعرن جي مجموعي تي ٻڌل آهي، جن کي ”ويد“ چئجي ٿو. انهن سڀني ۾ قديم ترين يعني ”رِگ ويد“ تقريباً 1400 ق . م ۾ تاليف ٿيو، جنهن وقت آريا لوڪ اڃا ڪاري چمڙي وارن اصلوڪن رهاڪن سان لڙائيءَ ۾ مشغول هئا. ادبي خوبيءَ کان سواءِ ويدن مان قديم هندستانين جي ٻولي، مذهب، رسم و رواج ۽ قاعدي قانون متعلق معلومات حاصل ٿئي ٿي.

چئن نياتن جو اُڀرڻ:

آرين جي فتح کان ڪجهه صديون پوءِ منجهن نيات جو سرشتو پيدا ٿيو، جنهن کان اڄ ڏينهن تائين هندستان مشهور آهي. اهي خاندان جن کي ويدن جا گيت برزبان ياد هئا، سي موروثي طرح پروهتي طبقو بڻجي پيا، جن کي ”برهمڻ“ ڪوٺيو ويندو هو. جن زراعت جي عزت واري پيشي بدران خالص جنگي زندگي اختيار ڪئي سي سپاهي نيات ٿي رهيا، جن کي راجپوت يا ”کتري“ ڪوٺيو ويندو هو. آزاد آريا پوکي راهي ڪندڙ ٽيئن طبقي ۾ هئا، جن کي ”وئش“ سڏبو هو ۽ باقي اڻ آريا رعيتي قومون، جن کي حاڪم قوم جي خدمت لاءِ مجبور ڪري کانئن نوڪرن جو ڪم ورتو ويندو هو، سا حقير ”شودرن“ جي ذات ڪري ليکي ويندي هئي.

برهمڻ:

ويدن جي زماني کان وٺي اڄ ڏينهن تائين برهمڻ هندستاني سوسائٽيءَ ۾ ذهني ۽ روحاني پيشوا ٿي رهيا آهن. انهن هندستان کي علم و ادب، فلسفي ۽ مذهب جو شاندار خزانو ڏنو آهي ۽ اتان (هندستان مان) اڌ دنيا جي مذهبن کي متاثر ڪيو آهي.

ابتدائي زماني ۾ برهمڻ ان ذهني سطح تي پهتا جتي هو ويدن جي سرشتي پوڄا وارن ديوتائن مان ايمان وڃائي ويٺا. سندن ڊگهي عرصي جي ويچار کين يقين ڏياريو ته خدا واحد آهي، جو هن دنيا ۾ جيڪي به شيون ڏسجن ٿيون تن جو خالق آهي.هنن خدا کي شخصي خدا ڪري نه سمجهيو پر هڪ اصول جي طرح يا ”علتِ اول“ (پهريون سبب) جيڪو سڄي سرشٽيءَ ۾ هر هنڌ عملاً نمايان هو. هن اصول کي هنن ”برهما“ ڪري ڪوٺيو، جنهن ڪري سندن مذهب کي ”برهمڻ جو مذهب“ ڪوٺجي ٿو. هن متي ۾ ايمان رکندڙ جو اخلاقي عمل تمام اعليٰ هو، پر عام ماڻهن لاءِ برهمڻ جي مذهب کي سمجهڻ البت ڏکيو هو. ان ڪري پروهتن عام ماڻهن جي گهڻ ديوتائن ۾ اعتقاد سان هٿ چـُـراند نه ڪئي.

ٻـُـڌَ جي زندگي:

ڇهين صدي ق . م ۾ ڪيترن مذهبي سڌارڪن برهمڻ مذهب کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن سڀني ۾ وڌيڪ ڪامياب ٿيندڙ گوتم ٻـُـڌ هو، جيڪو ٻڌ مذهب جو باني هو. هي مذهب هندستان ۾ قديم برهمڻ مذهب سان گڏوگڏ هزار ورهين تائين قائم رهيو. جيتوڻيڪ هزار ورهيه ٿيا جو هندستان جي گهڻي حصي ٻڌ مذهب اختيار ڪيو. تڏهن به اڄ ڪلهه دنيا ۾ ٻئي ڪنهن به مذهب کان وڌيڪ ٻـُـڌ مذهب جا پوئلڳ آهن.

مهاتما گوتم ٻڌ جو مجسمو

گوتم، ڪپل وستوءَ جي ملڪ جي حڪمران بادشاهه جو اڪيلو پٽ هو. ننڍپڻ کان وٺي سندس ذهن سوچ ويچار ڪرڻ ڏانهن مائل هوندو هو، پر جوانيءَ ۾ جنگي جوڌو ثابت ٿيو. ٽيهن ورهين جي عمر ۾ پنهنجي شهزادگيءَ جو شان شوڪت ۽ ناز نعمت ترڪ ڪري ڇڏيائين ۽ پنهنجي خوبصورت زال ۽ پٽ کي ڇڏي پاڻ کي هڪ اجاڙ غار ۾ غريب پينو سنياسي طور لڪايائين. جهنگ ۾ ڇهن ورهين جي اڪيلائيءَ ۾ هي اهڙي متي جي تلاش ۾ رهيو جو انسان ذات لاءِ سـُـک آڻي. ڪيترن اتساهي برهمڻ لوڪ تياڳين وانگر هن ورتن (روزن) رکڻ جي وسيلي ۽ پنهنجي جسم کي تڪليفون ڏيڻ ۽ درد پهچائڻ جي ذريعي روحاني ثواب حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. آخر ۾ سنئون رستو لڌائين ۽ اڳتي هلي نئين مذهب جي پرچار ڪيائين. ان کان پوءِ کيس ”ٻـُـڌ“ ڪري ڪوٺيندا هئا جنهن جي معنيٰ آهي ”روشني مليل“. گوتم ٻـُـڌ هندستان جي ڪيترن ئي ڀاڱن ۾ اسي ورهين جي عمر تائين ماڻهن ۾ پرچار ڪئي. جڏهن پنهنجي پيءُ جي شاهي محل ۾ وري داخل ٿيو ته هڪ رمتي پرچارڪ وانگر آيو، جنهن جا ڪپڙا ڦاٽل هئا ۽ جنهن کي هٿ ۾ پنڻ جو ڪـِـشتو هو. سندس زال پهرين ٻڌ سنياسڻين يا ويراڳڻين مان هئي.(1)

 

ٻـُـڌَ جو مـَـتو:

پنهنجي متقدمن (پيشروئن) وانگر ٻـُـڌ جو متو هو ته انساني زندگي غم ۽ ڏک سان ڀريل آهي، ۽ اسان کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، ته جيئن انهن (حياتيءَ جي) مصيبتن کان آجا ٿيون. گوتم ان ڇوٽڪاري يا سک جو نئون طريقو سيکاريو. هن پاڻ کي تڪليفن ۾ وجهڻ وارو طريقو، جو برهمڻ ويراڳي اختيار ڪندا هئا، ان جي مخالفت ڪئي. هن پنهنجن پوئلڳن کي ٻڌايو ته انسان نيڪيءَ واري زندگي گذارڻ سان ڪمال کي پهچندو ۽ نه ديوتائن اڳيان ٻلي (ٻليدان) چاڙهڻ سان. مطلب ته سندن متو محبت ۽ شفقت وارو متو هو. غريب شودر، جن کي برهمڻ مذهب مان نيچ ذات ڪري ڪڍيو ويو هو، انهن جي ٻڌ پريت ۽ شفقت سان يا ايتري ئي مرحبا ڪئي جهڙي مغرور برهمڻن جي.

ٻڌ جي خيال مطابق انسان جنهن اعليٰ ترين حالت کي پهچي سگهي ٿو، سا آهي مڪمل آرام جي حالت. اها حالت تڏهن حاصل ٿي سگهندي جڏهن روح دنيا ۽ سندس لاڳاپن کي پٺتي ڇڏي ٿو ۽ ڪائنات جي روح سان گڏ متحد ٿئي ٿو. هن دائمي آرام يا بيهوشيءَ جي حالت کي ”نرواڻ“ چئجي ٿو. ٻين مذهبي اعليٰ تخلين وانگر هي (نرواڻ) به چٽيءَ طرح سمجهائي نه ٿو سگهجي، ڇو ته هيءُ فڪر کان وڌيڪ جذبي سان تعلق رکي ٿو. جيڪو شخص نرواڻ حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ان جا ٽي وڏا فرض آهن: پاڻ تي ضابطو، ٻين ماڻهن سان رحمدل ٿي رهڻ ۽ سڀ ڪنهن ساهواري جيوَ جي زندگيءَ لاءِ عزت هئڻ. ٻڌ مذهب ۾ شخصي خدا نه آهي جو دنيا تي حڪومت ٿو هلائي ۽ نه ئي ڪرستانن ۽ مسلمانن جي خدا وانگر جزا (اجورو) ۽ سزا ڏئي ٿو.

ٻـُـڌ مذهب جو ڦهلاءُ:

گيا – بهار (ڀارت) ۾ موجود اهو وڻ جتي گوتم ٻڌ کي گيان مليو

ٻڌ مذهب جلدئي بگڙجي ويو ۽ منجهس ڪئين قسمن جا رسم و رواج داخل ٿي ويا. ايتري قدر جو جاهل عوام ۾، جن لاءِ مذهب جو خالص متو تمام مٿانهون هو، انهن ۾ بت پرستي شروع ٿي وئي. تقريباً 150 ق . م ۾ هندستاني راجا اشوڪ (آسوڪا) ٻڌ مذهب جي سڌاري لاءِ وڏي سڀا ڪوٺائي. اشوڪ جا مت ا، جن کي اڪثر ”جنوني ٻڌ مذهب“ سڏيو ٿو وڃي، سي اڃا تائين سيلون ۽ برما جي رهاڪن ۾ رائج آهن ۽ اهي هن جي پيروي ڪندا آهن.

ٻي مشهور سڀا سن 40ع ڌاري هندستاني راجا ڪنشڪ ڪوٺائي. هيءُ راجا ٿٻيٽي خاندان مان هو. ڪنشڪ جيڪو مقدس ڪتابن ۾ سڌارو ڪيو، ان مطابق اُترئين ٻڌ مذهب جي تشڪيل ٿي. سن 25 هه ۾ چيني شهنشاهه ”منگ ٽي“ هندستان ڏانهن پنهنجا ايلچي موڪليا ته وڃي ٻڌ مذهب بابت پڇا ڳاڇا ڪن. هو ٻڌ مذهب جي ڪن عالمن کي ساڻ وٺي پٺتي موٽيا، جن جي رهنمائيءَ هيٺ دارالسلطنت ۾ نئون مذهب قائم ٿيو. عيسوي تيرهين صديءَ ۾ يونان جي راڄ جي ڏينهن کان وٺي چيني ٻڌ مذهب ٻن فرقن ۾ ورهائجي ويو آهي: هڪڙا، ”فو“ (Fo) يعني ٻڌ جا پوڄاري ۽ ٻيا، ”لاما“ (Lama) ۾ ايمان رکندڙ. لاما مذهب جو اصلوڪو گهر ٿٻيٽ ۾ آهي جتي ستين صدي عيسويءَ ۾ ٻڌ مذهب آيو. لهاسا ۾ دلائي لاما جي صدارت ۾ هن مذهب جي سٺي نموني ۾ منتظم مذهبي جماعت آهي. دلائي لاما هڪ روحاني حڪمران آهي جنهن جو عهدو روم ۾ ”پوپ“ يا ”پاپا“ (Pope) جي عهدي سان گهڻي مشابهت رکي ٿو. لاما مذهب جا رسم رواج، جي روم جي مذهبي منڊليءَ جي رسم رواج وانگر آهن، تنهن جو ٻڌ مذهب جي تعليمات سان ڪو واسطو ڪونهي، پر بعد واري زماني جي پيدائش آهن. وچ ايشيا جون مغل قومون لاما مذهب جون ڀرپور حامي آهن.

سندن مذهب ڦيرائڻ کي گهڻي سياسي اهميت حاصل آهي، جو ان جي ڪري سندس اڳيون جنگي جذبو زماني ڏانهن مائل ٿيو آهي. جيستائين هرڪو مغل خاندان سستيءَ سان ڪنهن نه ڪنهن لاما ويراڳيءَ جو حمايتي آهي، تيستائين اڄڪلهه جي دنيا کي ڪنهن نئين چنگيز خان جو ڊپ نه هئڻ گهرجي. چين کان ٻڌ مذهب ڪوريا تائين به وڌي ويو ۽ ڇهين صدي عيسويءَ ۾ جاپان تائين پهچي ويو.

يوناني هندستان ۾ (327 ق.م - 161 ق . م):

سن 327 ق.م ۾ سڪندراعظم هندستان تي ڪاهي آيو (ڏسو باب ڏهون). هن ملڪي شهزادن سان عهد ناما ڪيا، شهر ٻڌا ۽ يوناني قلعي جو لشڪر ڇڏي ويو. سڪندر جي پوين هندستاني راجائن سان لاڳاپا قائم رکيا، پر يوناني اثر ايترو زور نه ورتو جو هو هن ملڪ تي هميشـه لاءِ نشان ڇڏي وڃي.

چيني جنگي سُورمن جا مجسما

2. چين

چين جي جاگرافيءَ ۾ زمين ۽ آبهوا جا ايترا مختلف قسم آهن، جو اُن جو ابتدائي خاڪو ئي هن ڪتاب جي حدن کان مٿي چڙهي ويندو. چين ۾ دنيا جون بهترين قدرتي نهرون آهن، جيڪي واپار جا اهڙا شاهي رستا آهن. جن کي واهن جي ذريعي وڌايو ويو آهي. پئداوار جي سولي مٽاسٽا هڪ طرف اتر ۽ ڏکڻ جي وچ ۾ ۽ ٻئي طرف ڪناري وارن علائقن ۽ اندروني حصي ۾ چين کي گهڻي قدر پاڻڀرو ڪري ڇڏيو. کيس خارجي ملڪن جي شين جي ضرورت نه هئي، پر چين جي دنيا کان الڳ هئڻ جو مکيه سبب سندس بلند جبلن جون قطارون ۽ وسيع بيابان هو، جن سندس اتر ۽ ڏکڻ وارن سرحدن جي وچّ ۾ لوڙهي جو ڪم ڏنو. پورچوگيزن جي مشرق اقصيٰ ڏانهن سامونڊي رستي لهڻ کان اڳ سندس ڊگهي سامونڊي ڪناري کي دشمنن جو ڪو ڀؤ نه هو، جيتوڻيڪ اهو اڄڪلهه جي بحري ٻيڙن جي حملي اڳيان کليل آهي.

مطلب ته، چين جون جاگرافيائي حالتون اهڙيون هيون جو، پهريون ته وڏي تمدني قوم جي ترقي جي لاءِ مناسب هيون ۽ ٻيو ته هن قوم کي مغربي دنيا جي پر امن ملڪن ۾ رهندڙ تمدني قومن کان الڳ ڪري ٿي ڇڏيائون.

چيني پنج هزار ورهيه اڳ ”پيلي ندي“ (Yellow River) جي وچ واري واديءَ ۾ رهندا هئا. اهو يقين سان چئي نه ٿو سگهجي، ته هو هن ملڪ جا اصلوڪا رهاڪو هئا يا اتر اولهه کان حملو ڪري آيا هئا، جيتوڻيڪ پهريون نظريو (اصلوڪا رهاڪو) ممڪن آهي ته صحيح هجي. هٿيارن جي زور سان ۽ صلح جي زماني ۾ سندن ڪاريگريءَ جي فوقيت سبب چين ڀرپاسي وارن رهاڪو قومن جي وسايل ملڪ کي پنهنجي ملڪ سان ڳنڍي ڇڏيو. هي اصلوڪا رهاڪو چين جي قومي ڳانڍاپي ڪري، آخر ۾ سڱاوتيءَ جي ذريعي چينين ۾ جذب ٿي ويا. فاتح ۽ مفتوح قومن جي مشابهت ڏيکاري ٿي ته ڇو اڄڪلهه جو چين هن وسيع سلطنت ۾ عجيب طرح هڪجهڙو نظر اچي ٿو. هن ڏس ۾ چين هندستان جي بلڪل ابتڙ آهي ۽ يورپ جي ننڍن ملڪن ۾، ماڻهن ۾ قومي فرق يا رنگ برنگي ”وچين سلطنت“ کان وڌيڪ نظر ايندو. اها ”وچين سلطنت“ جنهن ۾ 40 ڪروڙ، يا اٽڪل ايترا ماڻهو رهن ٿا جيترا سڄي يورپ ۾ آهن.

چين جي قديم ترين تاريخ:

چين جي بنهه آڳاٽي تاريخ کان اڳ هڪ ڏند ڪٿائي يا ان سان مشابهت رکندڙ زمانو ٿي گذريو آهي، جنهن زماني ۾ چيو وڃي ٿو ته وڏي طاقت ۽ اخلاق وارا بهادر بادشاهه عام خلقت جي ڀلي لاءِ معجزن جهڙا ڪم ڪندا هئا. معتبر تاريخي احوال ”شـُـو چـِنگ“ (Shu-Ching) جي تاريخ مان ملي ٿو، جو سن 300ع ق . م کان شروع ٿئي ٿو. ان وقت چين هڪ جاگيرداري نظام رکندڙ ملڪ هو جنهن ۾ اڄوڪي چين وارو حصو يئنگسٽي نديءَ جي اتر ۾ اچي وڃي ٿو. چڱيءَ طرح منتظم حڪومت ۽ زراعت، ريشم پيدا ڪرڻ ۽ کاڻين کوٽڻ جو وسيع علم ثابت ڪري ٿو ته هن ترقيءَ کي ڪئين صديون گذري چڪيون هيون.

چاؤ (Chow) خاندان (1122 ق.م - 249 ق.م) جي باني ” وُو وانگ“ (Wu- Wang) جاگيري سرشتي کي ڪمال تي پهچايو. وو وانگ اڃا تائين ماڻهن جي ڀلي خاطر جيڪو ڪم ڪيو، اُن جي ڪري مشهور آهي. پنهنجي ملڪ ۾ هن اسڪول کولايا ۽ پوڙهن لاءِ خيراتي گهر قائم ڪيائين، جي هڪ رحمدليءَ واري سياستدانيءَ جو ثبوت آهن، جو اُن زماني ۾ دنيا جي ٻئي ڪنهن به حصي ۾ اهڙو مثال نه ٿو ملي سگهي، پر جاگيردارن کي خود مختياريءَ جي طاقت جي ملڻ ڪري شاهي سردار هن جي نافرماني ڪرڻ لڳا. قرون وسطيٰ (وچئين دور) واري زماني جي جرمنيءَ جي پوين بادشاهن وانگر چاؤ خاندان جي حاڪمن پنهنجي بغاوتي جاگيردارن جي مٿان ضابطو وڃائي ڇڏيو ۽ سڄي ملڪ ۾ دائمي گهرو لڙائيءَ جو دور شروع ٿي ويو.

 

قديم چين جون سرحدون

ڪنفيوشس:

داخلي وڳوڙ مان جيڪي خرابيون پيدا ٿين ٿيون، تن جي ڪري اڪثر سڌارڪ اٿيا آهن، جن پنهنجي تعليمات جي وسيلي ڪوشش ڪئي آهي ته بهتر حالتون وري پيدا ڪجن. اهڙو هڪ سڌارڪ ڪنفيوشس يا ڪنگ فيوٽزي (Kung-u-tze)  هو.

هو سن 551 ق . م ۾ ”لـُـو“ جي جاگير ۾ ڄائو هو، جا اڄوڪي (شانتونگ) جي علائقي يا صوبي ۾ آهي. هو پاڻ چوي ٿو ته پندرهن ورهين جي عمر ۾ هن علم حاصل ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو ۽ ٽيهن ورهين جي عمر ۾ پنهنجن عقيدن تي هيءُ مضبوطيءَ سان قائم رهيو. ٻاويهن ورهين جي عمر ّ۾، هن هڪ استاد جي حيثيت واري زندگي شروع ڪئي. سن 501 ق.م ۾ ”لـُـو“ جي امير کيس هڪ شهر جو گورنر مقرر ڪيو ۽ جلد ئي پوءِ ٽن مهينن تائين ”لـُـو“ جي حڪومت هن جي مشوري سان هلندي هئي. هن دور جي متعلق چيو وڃي ٿو: ”بد ديانتي ۽ اوباشي جي علتن شرم کان مٿو لڪايو. جڏهن ته وفاداري ۽ ديانت مردن جون ۽ عفت ۽ حليمائي زالن جون خاص خصلتون ٿي پيون.“ ڀرواري حڪمران ”لـُـو“ جي ساوڪ ۽ شادابي ڏسي مٿس حسد ڪيو ۽ امير کي خوبصورت وئشائن ۽ عمدن گهوڙن جي سوغات ڏيئي کيس بد اخلاق بڻايو. ڪنفيوشس جي صلاح مشوري جي امير کي هينئر ڪا ضرورت ڪانه هئي، جنهن ڪري هو (ڪنفيوشس) ”لـُـو“ ڇڏي ٻين ڪيترن ملڪن ۾ رلندو رهيو ۽ جتي ويو اتي سندس جانثار پوئلڳن سندس ساٿ ڏنو. جڏهن هو اٽڪل پنجهٺ ورهين جو هو تڏهن پاڻ کي هڪ دفعي هيٺئين ريت بيان ڪيائين: ”مان اهو ماڻهو آهيان جو علم جي تلاش ۾ پنهنجو کاڌو به وساري ڇڏيان ٿو ۽ علم جي حاصلات جي خوشيءَ ۾ پنهنجا ڏک ڀلجي ٿو وڃان، ۽ مون کي اهو به محسوس نٿو ٿئي ته پيري ايندي پئي وڃي.“ هن بزرگ جا پويان ڏينهن سندس جنم واري ملڪ لوُ ۾ گذريا، جي هن اڀياس ۽ ادبي محنت ۾ گذاريا. ”چئن چيو“ (Chiun Chiu) يعني ”بهار ۽ سرءُ واري تاريخ“ سندس لکيل هڪ شاهڪار ڪم آهي، جو لـُـو جي سن 823 ق.م کان 481 ق . م تائين تاريخ آهي، تنهن ڪري سمجهجي ٿو ته هن وقت ڌاري لکيو ويو هو. هن بزرگ سن 489 ق . م ۾ وفات ڪئي.

ڪنفيوشس پنهنجي قول مطابق ”باني“ نه پر مـُبـَلـِـغ هو. هن ڪوشش ڪئي ته پنهنجي هم جنسن جي اڳيان قديم ڏاهن جي حڪمت ۽ اخلاق پيش ڪري سندن رهنمائي ڪري سندس تعليم نج اخلاقي ۽ علمي هئي، جا انسان جي مـِـلڪ ۽ سندس خاندان جي هڪ فرد هئڻ جي حيثيت ۾ روزاني زندگي تائين ّمحدود هئي. خدا متعلق هن گهٽ ڳالهايو ۽ ما بعدالطبعيات متعلق ڪجهه چوڻ کان پاسو ڪيائين. ان سبب ڪري چيو ويندو آهي ته هن کي مذهبي سکيا ڏيندڙ يا معلم نه ٿو ڪوٺي سگهجي، پر رڳو هڪ اخلاقي فيلسوف چئي سگهجي ٿو، ۽ ڪنفيوشس جي طريقي کي مذهب نه پر هڪ اخلاقي نظام چئي سگهجي ٿو.

ڪنفيوشس جي طريقي جو نفوذ يا اثر:

ڪنفيوشسي اخلاقي سرشتي ۾، فضيلت، رسم و رواج جي عزت ۽ ماءُ پي جو ادب تمام مکيه گڻ آهن. انهن نصيحتن چيني سوسائٽيءَ کي ٻن هزار ورهين کان وڌيڪ سڌاريو آهي. ٻئي ڪنهن به سڌارڪ يا مصلح انسانيت جي اڪثر حصي تي ايتري وڏي مدت تائين مطلق ضابطو نه ڪيو آهي. ڪنفيوشس جي اثر ڪري چيني سلطنت بي مثل ڊگهي مدت تائين قائم رهي. نج خانداني لاڳاپا، اولاد جي والدين سان فرض شناسيءَ واري هلت ۽ حاڪم يا اختياريءَ واري جي عزت ڪرڻ، انهن سڀني ڳالهين جي اثر ڪري قديم چيني سياست محفوظ رهي آهي. ٻئي طرف وري نين ڳالهين جي لاءِ حقارت سبب چين ۽ سندس عوام جي ترقي رڪجي ويئي. مثلاً: هزار ورهيه اڳ عرب سياحن چيني سوسائٽيءَ جي جيڪا حالت بيان ڪئي آهي، سا ذري گهٽ چين جي هاڻوڪي (انقلاب چين کان اڳ واري) حالت جهڙي آهي.

ڪنفيوشس کان پوءِ چيني علم ۽ ادب:

ڪنفيوشس جي پوئلڳن مان مشهور ترين مينشس يا مينگزي (Meng-Tze) هڪ اخلاقي فيلسوف هو، جو 386 ق . م کان 289 ق . م تائين حيات هو. هن جا ڪتاب وڏي بزرگ (ڪنفيوشس) جي ڪتابن کان پوءِ ٻئي نمبر ۾ آهن، جن ڪتابن تي چيني تعليم جو بنياد آهي.

ٻڌ مذهب جي اثرن کي ڇڏي، چيني علم ادب اُتان جو نجو ورثو ۽ مـُـلڪي پيدائش آهي. اهو اثاثو خاص طرح تاريخ ۽ جاگرافيءَ ۾ وڌيڪ ذخيري هئڻ ۽ معتبر هئڻ ڪري. سڀني مشرقي ادبيات کان وڌيڪ ضخيم آهي. چين ۾ ڇاپي جي قديم ايجاد (600ع ڌاري) ڪتاب سستا ڪري وڌا، جي غريب ترين ماڻهن کان سواءِ سڀني کي دستياب ٿي پئي سگهيا. چيني علم ادب ۾ سڀني کان وڌيڪ ”پنجن شاهڪارن“ ۽ ”چئن ڪتابن“ جو قدر ڪيو ويندو آهي.

ڪنفيوشس

 انهن پنجن شاهڪارن مان پهريون ”شوچنگ“ (Shu-Ching) يا تاريخ جو ڪتاب آهي، جنهن ۾ قديم سرڪاري ڪاغذ آهن، جي ڪنفيوشس جمع ڪري ڇپايا هئا. شهه چنگ (Shih-Ching) يا ”غزلن جو ڪتاب“ به ان وڏي بزرگ جو ورثو آهي. اهو خاص طرح قيمتي ڪتاب آهي، جو ان مان ڪنفيوشس جي زماني کان اڳ واري چيني رسم و رواج ۽ اخلاق جي خبر پوي ٿي. ان کان پوءِ ”آءِ چنگ“ (I-Ching) يا ”ڪتاب التبديلات“ آهي، جنهن ۾ فلسفي جو هڪ عجيب سرشتو ڏنل آهي. جيڪو ملڪي عالمن ۾ تمام گهڻي عزت سان ڏٺو ويندو آهي، جيتوڻيڪ حقيقتاً ڪو ان کي سمجهي نه ٿو سگهي. ان کان پوءِ لي چي (Li Chi) يا ”رسم و رواج جو ڪتاب“ آهي. آخر ۾ مٿي ذڪر ڪيل ”بهار ۽ سرءُ واري تاريخ“ آهي. ”چار ڪتاب“ لـُـن يـُـوئي“ (Lun Yuie) يا ”ڪنفيوشسي ادبي انتخاب“ سان شروع ٿين ٿا، جنهن ۾ مرشد جي مريدن سندس تعليم ۽ شخصيت جو گهڻو تفصيل محفوظ رکيو آهي. هن ۾ اهو سونهري قاعدو ملي به ٿو ته: ”جيڪي تون نه چاهين ته ٻيا توسان ڪن، سو تون ٻين سان نه ڪر“. پنج سؤ سال پوءِ حضرت عيسيٰ عليه ساڳيو قاعدو اثباتي طرح بيان ڪيو: ”جيئن تون چاهين ته ٻيا تو سان هلت ڪن، تون به انهن سان اهڙيءَ طرح هـَـلُ“. ادبي انتخاب کان پوءِ ”مينشس“ (Mencius) جو ڪتاب اچي ٿو، جنهن کي ”ٻيو مقدس شخص“ سمجهيو وڃي ٿو ۽ جنهن جي ذڪاوت ڪري ڪنفيوشس جي نظريي جي آخرڪار فتح ٿي.

چيني مذهب:

چين جو قديم ترين مذهب هو ”اسلاف پرستي“ (ابن ڏاڏن جي پوڄا)، جو اڃا تائين اُتان جي قومي مذهبي زندگي جو بنياد آهي. ان سان گڏوگڏ چڱيءَ طرح سمجهايل ”فطرت جي پوڄا“ هلندي آئي. هن مذهب ۾ آسمان (ٽين Tien يا شنگ ٽي(Shing Ti اعليٰ ترين ديوتا هو، جنهن کان پوءِ ڌرتيءَ (Ti) جو ديوتا هو. انهن ٻن مان ٻيون سڀ شيون پيدا ٿيون. ننڍن ديوتائن جي گروهه کان پنجن مقدس جبلن ۽ چئن مقدس نهرن جي تمام گهڻي تعظيم ڪئي وڃي ٿي. هن مذهب ۾ پروهتي ذات ڪانه هئي.

ڇهين صدي ق . م ۾ ٻه نوان مذهب پيدا ٿيا. تائو جو مذهب (Taoism)،جو لائوزي (Lao-tze) فيلسوف جي تعليمات تي مبني هو ۽ شروع ۾ اعليٰ ۽ روحاني مذهب هو. قديم ”فطرت جي پوڄا“ جي ميلاپ ۽ ٻڌ ڌرم جي رسم رواج جي ڳانڍاپي ڪري ۽ هر قسم جي مذهبي پيشوائن جي دغا بازيءَ ڪري، هي ڌرم بگڙي وسوسن جو هڪ عجيب مرڪب بڻجي پيو. ڪنفيوشس جو طريقو، جو خالص ڌرم هو، سو اخلاقي فلسفي جو هڪ سرشتو آهي، جنهن کي اسلاف پرستيءَ جي ذريعي ۽ ڪنفيوشس جي تعظيم وسيلي ڌرم جو درجو حاصل ٿيو آهي.

ٻڌ ڌرم چين ۾ چوٿين صدي ق . م کان اڳ آهستي آهستي پکڙبو ويو. هن ڌرم وارن ڪيتريون قديم ڌرمي رسمون اختيار ڪيون، ايتريقدر جو ٻڌ جي اصلي ڌرم مان ٿورو وڃي باقي رهيو ۽ عوام ۾ مروج ڌرم بڻجي پيو.

شيهه هوُانگ ٽي (Shih Hwang Ti) ]246- 221 ق . م[ جو گڏيل چيني سلطنت جو بنياد رکڻ:

چاؤ (Chow) خاندان ۽ ان سان گڏ جاگيرداري سرشتو تقريباً نـَـو صديون هليو. هي مردم خيز زمانو هو، جنهن لاؤ زي (Lao-tze)،ڪنفيوشس ۽ مينشس جهڙا مشهور بزرگ انسان پيدا ڪيا. البت جيستائين ”وچين بادشاهي“ يعني چاؤ گهراڻي جي حڪومت ٻين رقيب جاگيردارين سان چوڌاري وڪوڙي پئي هئي، تيستائين ماڻهن جي سياسي طاقت داخلي جهڳڙن جي ڪري ضايع پئي ٿي. رڳو اتحاد جي وسيلي ئي ملڪ پنهنجي بلند ترين قومي ترقيءَ جي درجي تي پهچي پئي سگهيو.

چين جي جاگيري صوبن کي گڏي هڪ يڪي قوم ٺاهڻ جو ڪٺن ڪم مشهور ”چـُـنگ“ (Chung) يا ”شيهه هوانگ ٽي“ يعني ”ٽسين“ (Tisin) گهراڻي جي ٻئي نمبر حڪمران اچي راس ڪيو. هن کي هڪ مدبر ۽ سپهه سالار دماغ هو ۽ کيس خبر هئي ته ڪيئن قابل ماڻهن مان چين جي تنها حڪمران ٿيڻ جي مقصد لاءِ فائدو وٺجي؟ سندس قوت ارادي ايتري هئي جو، جي سندس حڪمن جي برخلافي ڪندا هئا، انهن سان بيرحميءَ ڀريل ظلم ڪرڻ مان به نه مڙندو هو.

”چنگ“ جي مرضي هئي ته ماضيءَ سان تعلق ٽوڙجي ۽ سڄي حڪومت جي انتظامي سرشتي کي نئين تشڪيل ڏجي. هن شرطي جاگيرن جو سلسلو ختم ڪيو ۽ سلطنت کي ڇٽيهن صوبن ۾ ورهايائين، جن مان هر هڪ تي ٽي آفيسر حڪومت ڪندا هئا، جي سڌيءَ طرح بادشاهه ڏانهن جوابدار هئا. گورنر يا وائسرا“، سپهه سالار ۽ خزانچي، جي اڄڪلهه صوبي جي انتظام جا صدر آهن، سي انهن ٽن آفيسرن سان مشابهت رکن ٿا، جي ”شيهه هوانگ ٽي“ پيدا ڪيا. دارا جيڪا ايراني حڪومت بڻائي هئي، ان جو سرشتو به ساڳيو هو. وانگ (بادشاهه) جي لقب بدران چنگ، ”هوانگ ٽي“ (خودمختيار ۽ خدائي حڪمران) جو لقب اختيار ڪيو.

چيني ديوار:

15-16 هين صدي عيسويءَ ق.م ۾ ٺهرايل ديوار چين

”هـَـن“ قوم (Hun) جي حملن کي روڪڻ لاءِ تڏهوڪي بادشاهه چين کي چوڌاري هڪ عظيم ديوار (Great Wall) ٺاهڻ جو حڪم ڏنو. هن عجيب اڏاوت جا ڪجهه حصا اڳ ۾ ئي اتر واري سرحد جي شهزادن جا ٺهرايل هئا، ۽ هينئر يڪو هڪ شاهي ڪوٽ ڪري ڳنڍيا ويا، جنهن جي ڊيگهه تقريباً ٻه هزار ميل آهي. هي ”ديوار عظيم“ دنيا جي سڀ کان وسيع اڏاوت آهي، پر هن جي ڪري ”هـَـن“ قوم جا حملا نه رڪيا.

ادبي ڪتابن کي ساڙڻ:

پراڻي خيال جي عالمن ”شيهه هوانگ ٽي“ جي سخت مخالفت ڪئي. سخت مخالفت ڪئي. هنن پراڻي جاگيرداري سرشتي کي وري قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ڪئي. هو هميشـه پنهنجي پاليسيءَ جي فائدي ۾ ادبي ڪتابن (مٿي ذڪر ڪيل) مان سـَـنـَـدَ پيش ڪندا هئا. ماضيءَ جي آواز کي خاموش ڪرڻ خاطر بادشاهه حڪم ڪيو ته سڀ ادبي شاهڪار، خاص طرح ڪنفيوشس جا ڪتاب ساڙيا وڃن. هي ظالماڻو حڪم تمام گهڻي سختيءَ سان عمل ۾ آندو ويو. خوش بختيءَ سان ڪيترن عالمن کي اهي ڪتاب برزبان ياد هئا، جنهن ڪري پوءِ اهي ڪتاب سندن يادگيريءَ جي بـُـنياد تي لکيا ويا.

”شيهه هوانگ ٽي“ جي نالي کي سڀ چيني عالم حقارت جي نگاهه سان ڏسڻ ۾ برحق آهن پر هن ڪـُـڌن ڪرتوتن کي ان خوبيءَ کان محروم نه ٿو ڪري سگهجي ته سندس هٿان سڄو چين متحد ٿي ويو. ان ڪري هيءُ بادشاهه سڄي انساني تاريخ ۾ سلطنت جي وڏن بانين مان ليکيو ويندو آهي.

هئن(Han) خاندان (206 ق.م - 25ع) ۽ سندس پويون خاندان (25ع - 221ع):

شيهه هوانگ ٽي جي ڪمزور جانشين جي دور ۾ سلطنت ۾ وري وڳوڙ  پئجي ويو. پر ”ليوپئنگ“ (Lio-Pang) جلدئي وري اتحاد قائم ڪيو. هي ”هئن“ (Han) خاندان جو باني هو ۽ خانداني لقب ”ڪائو ٽي“ (Kau Ti) سان مشهور هوس. ان وقت اتحاد مان ڏکڻ ۽ اولهه وارين حڪومتن پڻ فائدو ورتو. هيونگنو (”هـَـن“ قوم) جي چين مٿان مستقبل ۾ امڪاني حملن جي خوف، شاهي سپهه سالار کي انهن بربرين (”هـَـن“ قوم) تي سندس ملڪن ۾ حملي ڪرڻ تي آماده ڪيو. نتيجي ۾ چيني لشڪرن وچ ايشيا تي ڪاهيو ۽ پنهنجي سوڀن جي ذريعي سلطنت جون حدون وڌائي وڃي بحرخزر (Caspian Sea) جي ڪناري سان لڳايائون ۽ چيني نوآبادين کي اتر اولهه سرحد وارن ملڪن ۾ پـُـهچايائون. اهو عمل بعد ۾ رولو قومن جي حملن جي خلاف ”ديوار عظيم“ کان وڌيڪ روڪ ثابت ٿيو.

”هئن“ خاندان جي بادشاهيءَ وارو زمانو عوام جي سک ۽ ڀاڳ جو زمانو ۽ ذهني هلچل وارو دور هو. ان شاندار دور جي يادگيريءَ ۾ چيني اڃا تائين پاڻ کي ”هئن“ جا ماڻهو ڪوٺيندا آهن.

”تانگ“ (Tang) خاندان (618-908ع) :

”هئن“ خاندان کان پوءِ جيڪي چار صديون گذريون، انهن ۾ چين گهرو لڙاين ۽ خارجي حملن جي ڪري گهڻو ڪجهه سٺو. ”هـَـن“ قوم آخر ۾ چين جا اُتر وارا ڀاڱا فتح ڪيا ”وا“” (Wei) جي نالي سان پنهنجي حڪومت کڙي ڪيائون، جا 386ع کان 534ع تائين هلي.

بهرحال اهو سچ آهي ته تانگ گهراڻي سان چين ۾ آبادي ۽ شادابيءَ جو هڪ نئون دؤر شروع ٿيو. ويل وليمز (Well Williams)(1) لکي ٿو: ”ٻه سؤ ستاسي ورهين جي مدت ۾، جڏهن چين جو تخت سندن (تانگ گهراڻي) قبضي ۾ هو، تنهن وقت، چئي سگهجي ٿو ته چين دنيا ۾ مهذب ترين ملڪ هو. مغرب جي ”ڪاري دور“ وارن ڏينهن ۾ جڏهن يورپ وچئين دؤر جي جاهليت ۽ بداخلاقيءَ ۾ وڪوڙيل هو، تنهن وقت مشرق ۾ شاندار ترين دور هو. هنن پنهنجي ڀرپاسي وارن ملڪن تي سٺو ۽ انسانيت ۾ ويساهه پيدا ڪندڙ اثر وڌو، انهن ملڪن جي رهاڪن کي محسوس ڪرايو ۽ سيکاريو ته ان حڪومت ۾، جتي قاعدو آفيسر کان بالا آهي، ان جا ڪهڙا فائدا آهن.“

هن گهراڻي جو ٻيو سلطان، تائي سونگ (Tai-Tsung) ]اسان جو اعليٰ بزرگ[ جي لقب سان مشهور هو، سو پنهنجي ڏاهپ ۽ انسانيت جي اعليٰ گـُـڻن ڪري تاريخ ۾ هميشـه معزز ليکيو ويندو. هن علم پرائيندڙن جي همت افزائي ڪئي. تعليم ڦهلائي ۽ تاريخي دفترن يا ڪارگذارين جي لکڻ ۾ گهڻي ڪوشش ورتي. اهو ڏسڻ لاءِ ته ماڻهن جي حالت ڪهڙي آهي هن شخصي طرح صوبي ۾ گشت ڪيا. هن هڪ سڌاريل قانون جو دستورالعمل ٺاهيو، جيتوڻيڪ هي هڪ عالماڻي خاموش زندگي وڌيڪ پسند ڪندو هو، تنهن هوندي به بهادري ۽ سپهه سالاريءَ ۾ پڻ نالو ڪڍيائين. وچ ايشيا جي تـُرڪ قومن کي هٿ هيٺ آندائين ۽ سلطنت جون حدون وري وڃي ايراني سرحد ۽ بحر خزر (ڪئپسين سمنڊ) سان لڳيون. تائي سونگ، جيڪو ڪوريا کي فتح ڪرڻ وارو سلسلو شروع ڪيو، ان کي سندس جانشين اچي مڪمل ڪيو. هندستان، ايران ۽ بازنطيني شهنشاهه ٿيودوسيوس (Theodosius) جا ايلچي تائي سونگ جي دربار ۾ پنهنجن حاڪمن طرفان دوستي جو اظهار ڪرڻ لاءِ آيا.

چيني ۽ يورپي تاريخ ۾ فرق:

تانگ گهراڻي جي خاتمي وارو زمانو ڏهين صدي عيسويءَ تائين  اچي ٿو، جيڪو زمانو مغربي تاريخ جو قرون وسطيٰ (وچيون دؤر) لـيـکـيـو وڃـي ٿو. چيـن لاءِ

 

تان خاندان جي دور حڪومت ۾ چيني شهنشاهت جو نقشو

پوئين هزار سالن جي تاريخ کي جديد تاريخ سمجهڻ گهرجي. جاگيرداريءَ جي ختم ٿيڻ کان پوءِ اٽڪل ٻه هزار، هڪ سؤ ورهـين تائين چين ۾ ڪـابه اهـڙي گهـري تبديـلي ڪانه آئي آهي، جنهن جي يورپ ۾ رومي سلطنت(1) جي زوال کان پوءِ آيل تبديليءَ سان ڀيٽ ڪري سگهجي. يورپ جون جديد ۽ وچئين دؤر واريون حالتون ايتريون مختلف آهن، جو انهن جي هڪٻئي سان ڀيٽ نه ٿي ڪري سگهجي، پر چيني حالتون نائين ۽ اڻويهين صديءَ ۾ ايتريون ساڳيون آهن، جو انهن ۾ اختلافي ڳالهيون لهڻ مشڪل ٿيندو.

چيني حڪومت جو انتظام:

چيني حڪومت هڪ وڏي خاندان وانگر منظم ٿيل آهي. شهنشاهه کي رعيت جو پيءُ ۽ ماءُ يا ”مائي باپ“ سمجهيو وڃي ٿو ۽ انهن تي کيس اُهو پورو تسلط حاصل آهي، جو ڪيترن قديم ملڪن جي ڪٽنبن ۾ پيءُ کي حاصل هوندو هو. اهو ئي (بادشاهه) قانون ساز آهي، اهو ئي فيصلو ڪندڙ آهي ۽ اهو ئي ملت جو اعليٰ مذهبي پيشوا آهي. جهڙي طرح ڪٽنب جو وڏو پنهنجي خاندان جي فردن جي نالي ۾ اسلاف يا ابن ڏاڏن کي قرباني پيش ڪري ٿو، تهڙيءَ طرح بادشاهه پڻ هر سال قوم جي نالي ۾ آڪاس اڳيان قرباني ڏئي ٿو. هن قسم جي حڪومت کي ”پطريقي“ يا ابوي بادشاهت (پطر يا پاطر = ابو يا پيءُ) سڏجي ٿو. يونان، روم، يهودين ۽ ٻين ملڪن جون ابتدائي حڪومتون پطريقي بادشاهتون هيون، پر ٻئي ڪنهن به هنڌ هن قديم رواج ايتري گهڻي مدت تائين بنا ڦيرڦار جي جٽاءُ نه ڪيو آهي، جيترو چين ۾. البت بادشاهه ڪروڙن انسانن جا ڪم ڪاريون شخصي طرح نه ٿو سنواري سگهي.2000 (ٻه هزار) ورهيه ق.م ڌاري پڻ سرڪاري آفيسرن جي درجن جو سرشتو بالا آفيسر کان هيٺين آفيسر تائين مقرر ٿيل هو، جي شاهي حڪومت جو انتظام رکندا هئا. اهي آفيسر سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح بادشاهه مقرر ڪندو هو ۽ سندس مقرري ادبي شاهڪارن جي ڀرپور علم تي مبني هوندي هئي ۽ اميدوارن جو باقاعدي ادبي امتحان وٺي پوءِ کين چونڊيو ويندو هو.(2)

ماڻهن جي آزادي:

اڪثر ڪري چين ۾ جيتوڻيڪ حڪومت نالي ۾ مطلق العنان آهي، تنهن هوندي به گهڻن مشرقي ملڪن جي ظالماڻي حڪومت سان سندس پري جو به واسطو ڪونهي. عوام جي خيالات جو آفيسرن کي قدر آهي. نج مڪاني معاملن ۾ عوام کي گهڻي قدر مڪاني خودمختيار حڪومت مليل آهي. ڳوٺن ۾ ڪٽنبن جا وڏا پنهنجو مـُـکي چونڊيندا آهن. هو ڳوٺ جي پئنچائت جو سڀ مجموعي وهنوار هلائيندو آهي، ڪٽنبن جي وچّ ۾ تڪرارن جا نبيرا ڪندو آهي ۽ سرڪاري آفيسرن سان معاملن ۾ ڳوٺ جو عيوضي ٿي ڪم ڪندو آهي. انگلينڊ کان سواءِ يورپ ۾ ٻيو ڪو به اهڙو ملڪ ڪونهي، جنهن ۾ فرد جي معاملن ۾ ايترو ٿورو دخل ڏنو وڃي جيترو چين ۾.

چيني ڪٽنب:

چيني سوسائٽيءَ جو فرد هڪ شهري نه پر ڪٽنب آهي. ڪٽنب ئي ملڪ جو بنياد آهي. فرزندي فرمانبرداري ۽ ڀائپيءَ تحت مدد جا قاعدا ڪٽنب جي ڀاتين جي هڪٻئي سان لاڳاپن کي ذري پرزي قاعدي اندر رکندا پيا اچن. سڀ ڀاتي ڪٽنب جي وڏي جا سخت فرمانبردار آهن. کيس ساڳي پدري اختياري حاصل آهي، جا روم جي ابتدائي زماني ۾ پيءُ عمل ۾ آڻيندو هو، جتي هو پنهنجي فرمانبردار پٽ کي قتل جي سزا به ڏيئي ٿي سگهيو. حقيقت ۾ روم جي ابتدائي زماني ۽ اڄوڪي چيني ڪٽنب جي قاعدي جي وچ ۾ تمام گهري مشابهت آهي.

اهو گهڻي قدر ڪٽنبي سرشتي کي محفوظ رکڻ ڪري ممڪن ٿيو آهي، جو چيني حڪومت اڄ تائين غير مبدل (تبديل نه ٿيندڙ) رهي آهي. سندن ساراهه جوڳين وصفن هوندي، منجهن ڪيتريون ئي وڏيون خاميون آهن. مثال طور: وڏن جا ننڍيءَ ٽهيءَ ڏانهن فرض، ان ڳالهه ڏانهن ڪو ڌيان ڪونه ڏنو ويو آهي. خانداني اخلاق ماضيءَ جو حامي ته ضرور آهي پر اڀرندڙ نسل جي ڪا حمايت نه ٿو ڪري، جنهن تي مستقبل جو مدار آهي. هڪ محنتي ننڍي ڀاءُ جو فرض آهي، ته پوڙهن مائٽن جي بيڪار لڏي کي کاڌ خوراڪ ڏيڻ لاءِ پنهنجي ڪمائي قربان ڪري. ان ڪري چين ۾ پراڻي خيال وارن جي طاقت، قرون وسطيٰ يا جديد زماني جي ٻئي ڪنهن به ملڪ کان هميشـه وڌيڪ مضبوط رهي آهي.

چيني تمدن جي فضيلت:

چيني تمدن ڪوريا، جاپان ۽ هند چيني اپٻيٽ تائين پکڙجي ويو. مشرق اقصيٰ ۾ جيڪو به وکر هنر، و فن، علم ادب ۽ فلسفي ۾ آهي، سو گهڻو ڪري سڄو سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح چيني دماغ جي پيدائش آهي. چيني تمدن ٻن ڳالهين ۾ ٻين سڀني تهذيبن کان اعليٰ آهي. هڪ ماڻهن جو تعداد جيڪي ان تمدن جو حصو رهيا آهن ۽ ٻيو ان تمدن جي قائم رهڻ جي ڊگهي مدت چوٿين صدي (ق.م) جو يوناني تمدن اڄ جديد مغربي تمدن جي جزن ۾ هڪ جزو ٿي چـُـڪو آهي، پر ساڳيءَ مدت ۾ چيني تمدن مسلسل ۽ گهڻي ڦيرڦار بنا ويهين صدي جي شروعات تائين هڪ ئي نموني قائم رهيو آهي.

3- جاپان

ملڪ ۽ ماڻهو:

جاپان، جنهن کي ڏيهي ٻوليءَ ۾ نپن (Nippon) چئجي ٿو، سو ننڍن وڏن ٻيٽن جو گڏيل سلسلو يا ميڙ آهي، جو ٿڌي اتر ۾ ”ڪمچٽڪا“ (Kamchatka) کان شروع ٿئي ٿو ۽ ڏکڻ چيني سمنڊ ۾ ”تائيوان“ (فارموسا) وٽ ختم ٿئي ٿو. هنن ٻيٽن جو وچيون وڏو ميڙ، جو اصل جاپان آهي، تنهن ۾ اهو سڀ قدرتي سامان موجود آهي، جو هڪ طاقتور بحري قوم جي ترقيءَ جي لاءِ ضروري آهي. جاپاني خلاصين پنهنجن ٻيڙن کي اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا جي سڀني بندرن تائين پهچايو. ٻئي طرف سمنڊ جاپان کي تاتاري حملن کان بچايو جن کان ڀر وارو ملڪ يعني چين مصيبت ۾ آيو. جو ڪجهه چين لاءِ اثراتي طرح ”ديوار عظيم“ نه ڪري سگهي، سو ڪم بنا روڪ جي جاپان لاءِ سمنڊ ڪيو.

جاپاني منگول قوم مان آهن ۽ چين کان ڪوريا وارن سان وڌيڪ سندن رشتو نظر اچي ٿو. هي اصلي ايشيا کنڊ مان آيا هئا ۽ جاپان جي اصلوڪن جهنگلي رهاڪن جي اچي جڳهه والاري هئائون. انهن جهنگلي اصلوڪن رهاڪن جو اولاد، جن جي بدن تي بج آهن ۽ جن کي آئينس (Ainus) چئجي ٿو، سي اڃا تائين ييسو (Yesso) جي ٻيٽ ۾ رهندا آهن. سڀئي ايشيا وارا جاپاني ان ڳالهه ۾ مشهور آهن ته هو ڌارين خيالن ۽ ايجادن کي سولائيءَ سان اختيار ۽ نقل ڪندا آهن.

جاپاني تاريخ جي ابتدا:

چيو وڃي ٿو ته سن 660 ق . م ۾ پهرئين مڪاڊي (Mikado) يا شهنشاهه، جنهن جو نالو جائمو ٽينو (Jaimmo Tenno) هو، تنهن جاپان جي سڀ کان وڏي ٻيٽ جو ڏاکڻيون ڀاڱو فتح ڪيو. اڄ تائين حاڪم خاندان جي وڏي بزرگ جي حيثيت ۾ هن جي پوڄا ڪئي ويندي آهي ۽ سندس تخت نشينيءَ جي سال کان وٺي جاپاني پنهنجي سن جو شمار ڪندا آهن. مسيحي سن کان اڳ جاپاني تاريخ گهڻي قدر ڏند ڪٿائن سان گڏيل آهي. ٽين مسيحي صديءَ ۾ وڌيڪ معتبر تاريخي خبرون ملن ٿيون. ان دور ۾ ملڪه جنگو (Jingo) ڪوريا تي ڪاهه ڪري وئي ۽ ان جو ڏاکڻيون ڀاڱو جاپان جو ڏنِ - ڀرُو بڻيو.

چيني تمدن ۾ ٻڌ مذهب جو داخل ٿيڻ:

ڪوريا واريءَ ڪاهه جاپان لاءِ هڪ نئون زمانو شروع ڪيو. ڪوريا وارا ان وقت ڀرواري چيني تمدن جي مڪمل اثر هيٺ هئا ۽ هنن جلد ئي چين جو هنر ۽ ڪاريگري ۽ علم ادب پنهنجن حاڪمن ڏانهن منتقل ڪيو. اهڙيءَ طرح چيني ”ادبي شاهڪار“ جاپاني علم جو خاص حصو بڻجي پيا. بعد ۾ معماري، نقاشي ۽ ادبيات ۾ جاپانين سڌارو آڻي ۽ ترقي ڏيئي ان مان پنهنجو قومي فن ۽ ادبيات پيدا ڪيو. ٻڌ مذهب ڇهين صديءَ جي وچ ڌاري چين مان داخل ٿيو ۽ جلد ئي سڄي جاپان ۾ ڦهلجي ويو.


(1) گوتم ٻڌ جو پورو نالو سڌارٿ گوتم هو ۽ ڪپل وستوءَ جي رياست بنگال جي اتر ۾، نيپال ۽ هندستان جي سرحد وٽ بنارس کان قريباً 160 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي رهندو هو. پنهنجي ڌرمي پرچارڪ تحريڪ شروع ڪرڻ کان اڳ هو “چار واڪ“ جي فلسفي کان متاثر هو. جنهن ۾ ڪنهن خدا جي بدران ماڻهن جي ڏکن ۽ اهنجن کي دور ڪرڻ جي تعليم ڏنل هئي. (سنڌي ايڊيٽر)

(1) چين تي هڪ عمدي ڪتاب “سلطنت وسطيٰ يا وچين بادشاهت“ جو مصنف.

(1) ڏسو باب 38.

(2) پوئين باب ۾ مذڪور سڌارن جي ڪري هي سرشتو بدلجي ويو. (مترجم)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org