سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: سمن جي سلطنت

باب: --

صفحو :8

 

(ب) سماجي ۽ ثقافتي صورتحال

قبيلا ۽ ذاتيون: ڪنهن به دور جي قبيلن ۽ ذاتين جو تفصيلي اڀياس ان زماني جي سماجي صورتحال جانچڻ ۾ وڏي مدد ڪري ٿو. سمن جي دور ۾ ذاتين ۽ قبيلن جا ٽي مکيه گروپ ڏسجن ٿا: سماٽ قبيلا، عربي نسل ذاتيون ۽ باقي ننڍا ننڍا گروه ۽ جاتيون، اسلام کان اڳ ڪجهه سمن قبيلن جو ذڪر ملي ٿو، جن آخري هندو راجائن جي ظلمن کان تنگ ٿي، سنڌ جي فتح ۾ عربن جي مدد ڪئي هئي. سومرن سان سمن جي آخري معرڪي جي قيادت ڄام هالي ڪئي هئي، تاهم اقتدار انڙ جي حوالي ٿيو. ان بعد سمن ماڻهن گڏجي فيروزالدين ان‏ڙ کي ”ڄام“ جو لقب ڏنو. ڄام انڙ جو اولاد اڳتي هلي ”سماٽ“ جي سڀني قبيلن ۽ ذاتين جو مکيه سردار بنجي ويٺو. سماٽ ۾-برفت، پلي، لاکا، ڌاريجا، ڏهر، سهتا، ڪوريجا، ڏاهري، انڙ، راهو، جوڻيجا ۽ ٻيا گهڻا قبيلا شامل آهن. سومرن کي پڻ نسلي مطالعي جي ماهرن سماٽ قبيلن جي فهرست ۾ شامل ڪيو آهي. سمن جي سلطنت شروع ٿيندي ئي حسب روايت سومرا عتاب هيٺ آيا. انهن پنهنجي ذات تبديل ڪري کٽي، ڌوٻي ۽ ڊکڻ سڏائي زندگي بسر ڪئي. سومرن جي شاهي خاندان گجرات طرف پناه ورتي ۽ ٻين خاندانن (سومرن) ٿر ۾ رهائش اختيار ڪئي. اهڙيءَ طرح سمن جي بادشاهي ختم ٿي ته انهن پڻ گجرات ۽ ٿر ڏي رخ رکيو. ٿر جي پرانهين علائقن ۾ هنن قبيلن پنهنجي صديون پراڻي ڪلچر کي اڃا تائين برقرار رکيو آهي. سماجي معاملن ۾ سومرن سخت گير پاليسي اختيار ڪئي. جڏهن ته سمن بادشاهن گجرات ۽ خانديش تائين مٽيون مائٽيون ڪيون. سومرن ۽ خاص طرح سندس حمايتي قبيلن، سمن جي باد‏شاهي قائم ٿيڻ بعد هن ريت پنهنجي غم ۽ غصي جو اظهار ڪيو هو:

ڪارا ڪُرَ ڪراين ۾، سون اسان کي سُوءِ،

ور جيڏيـن سين جُـوع، فاقو فرحت ڀانيان!

(شاهه عبداللطيف)

سمن جي سلطنت ۾ اهم فوجي، سياسي ۽ انتظامي عهدن تي شاهي خاندان کان علاوه ٻين سماٽ قبيلن مان پڻ ماڻهو کنيا ويندا هئا. ان جو هڪ مثال دولهه دريا خان جي روپ ۾ ملي ٿو. تحريري رڪارڊ موجب هو سيد زادو هو. سنڌ جي مقامي روايتن موجب هن عظيم سپه سالار ۽ سفارتڪار جو تعلق ”قبوليا“ گهراڻي سان هو. اهڙيءَ طرح صنعت، تجارت ۽ زمينون سنڌ جي مقامي ماڻهن جي حوالي هئا. ارغون پيداواري وسيلا ۽ سپاه گيري، پنهنجن ماڻهن جي حوالي ڪيا. ان ڪري سمن ۽ فاتحن ۾ طويل ڇڪتاڻ جاري رهي.(47) ارغونن هڪ رٿا هيٺ سمن جي مرڪزيت ختم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. سورهين ۽ سترهين صدين ۾ سنڌ ۾ ٿيل مقامي جنگين ۽ گهرو لڙائين سبب سماٽ قبيلن کي گهڻو نقصان پهتو. ان هوندي به هنن ذاتين ۽ گروهن پنهنجو وجود برقرار رکيو. انڙن جي قبيلي پنهنجي موجوده اڳواڻ ڄام تماچيءَ جي روپ ۾ سمن جي شاهي خاندان جي نالن کي به قائم رکيو آهي ته صدين جي سياسي تسلسل (سردار ڄام تماچي: سال1987ع ۾ پاڪستان پارليامينٽ جي ايوان بالا يعني سينيٽ جو ميمبر هو) تي به نگاه رکي آهي. سمن جي دور ۾ سماٽ جي مختلف گروهن کي پڻ جدا جدا لقب مليل هئا. ان ريت شاهي خاندان ۾ سندن اهميت ۽ سڃاڻپ ٿيندي هئي. بادشاهي وڃڻ بعد سماٽ جي مختلف ذاتين ۾ وڌيڪ تقسيم ٿي. ان ڏس ۾ هڪ مؤرخ لکيو آهي ته: اها سما قوم گهڻن قبيلن ۾ ورهايل هئي، جن جا سردار ڄام، ارباب، وڏيرا، ڄاموٽ وغيره لقبن سان سڏبا هئا. هر هڪ پاڙي، ڪٽنب، قبيلي جي وفاداري پنهنجي مک ماڻهوءَ سان هوندي هئي. انهن مک ماڻهن جي وفاداري وري مکيه راجا يا بادشاه سان هوندي هئي، جنهن جو لقب ”ڄام“ هوندو هو. ليڪن وڏيءَ حڪومت وڃڻ کان پوءِ ننڍن قبيلن جا مک سردار به ’ڄام‘ سڏائڻ لڳا. ڪي ڄاموٽ سڏبا هئا، جنهن جي معنيٰ ’ڄامزادا‘ ٿئي ٿي. جهڙي طرح راجا جي اولاد کي راجپوت يا نواب جي اولاد کي نوابزادو سڏڻ ۾ آيو ٿي.(48) موجوده دور ۾ جوڻيجا، سهتا،. جوکيه، ڪوريجا، ڏهر ۽ انڙ قبيلن جا چڱا مڙس ڄام جو لقب رکن ٿا.

سنڌ ۾ عربن جي حڪومت جي زماني ۾ ڪيئي عربي نسل قبيلا نمايان آهن. سومرن ۽ سمن جي زماني ۾ مختلف ملڪن مان ساداتن (سيدن) سنڌ طرف لڏپلاڻ جاري رکي. عربي نسل قبيلن بکر کان پاٽ ۽ ٺٽي تائين قضا ۽ تعليم جي شعبن ۾ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون. هي طبقو حڪمرانن جي ويجهو هجڻ سبب رعايت يافته هو. سنڌ جي سياست ۾ ساداتن سڌي طرح حصو نه ورتو، تاهم اڻ سڌي طرح انهن مقامي ملڪي ماحول ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو. ان ڏس ۾ اسان کي مخدوم جهانيه جهان گشت طرفان ڄامن ۽ تغلقن ۾ ڪرايل معاهدن کي ڏسڻ گهرجي. علمي ۽ ادبي سطح تي به هنن قبيلن بهرو ورتو. بدلي ۾ کين وظيفا، جاگيرون ۽ روزينا مقرر ٿي مليا. هن دور ۾ ساداتن ۽ ٻين عربي نسل خاندانن، سنڌ ۾ تصوف کي وڌايو ۽ ان لاءِ باقاعده درگاهون قائم ڪيون.

ذڪر هيٺ آيل دور ۾ ٽيون قبائلي گروپ ننڍن ننڍن قبيلن ۽ گروهن جو ڏسجي ٿو. هندن کي هن زماني ۾ مناسب مقام حاصل هو. تاهم ارغونن کان پوءِ هي طبقو هرسطح تي اڀري آيو. سورهين صديءَ جي ابتدا ۾ وچ ايشيا ۾ آيل تبديلين سبب متعدد قبيلن سنڌ ۾ پناه ورتي. ان ريت سنڌ جهڙو امن ڀريو خطو، تشدد ۽ ظلم جي راه تي راهي ٿيو. مير علي شير ان جو ماتم ڪيو آهي. سمن جي دور جي ابتدا ۾ بلوچ پڻ هن ملڪ ۾ داخل ٿيا. ڄام تغلق هڪ موقعي تي کين ضابطي ۾ آڻڻ لاءِ فوجي قدم کنيا هئا. سمن جي آخر ڌاري بلوچن جي طويل گهرو جنگ ڪري لاشارين ۽ رندن سنڌ ۾ پناه ورتي. شاه بيگ ارغون، سمن سان گڏ سنڌ جي ٻروچن تي پڻ سخت قدم کنيا هئا. هن دور جي معاشري جي ڪهڙي صورت هئي؟ ان متعلق هڪ مصنف لکي ٿو ته:

”اسان کي سچو پچو سنڌي چوائڻ جو حق مليو، سو سمن جي حڪومت کان پوءِ ئي مليو، نه ته انهيءَ ۾ وڏو شڪ هو ته اسين عربي ۽ پارسي ادب پٺيان عرب ۽ ايراني سڏجي وڃون ها، پر قدرت کي شايد اهو ئي منظور هو.“(49)

سمن جي سلطنت جي خاتمي کان پوءِ سنڌي سماج طويل آزمائشي مرحلن مان گذريو. هزارين خاندانن گجرات ۽ خانديش ۾ پناه ورتي. سوين عالم، اديب ۽ ڪاريگر جلاوطن ٿيا. اتر ۽ اولهه مان آيل قبيلن هتي جرگه ۽ سرداري سسٽم کي رائج ڪيو. ان ڪري سنڌي معاشرو وڌيڪ ونڊورڇ جو شڪار ٿي ويو.(50)

صوفياڻي ۽ مذهبي زندگيِ: سمن ڄامن دين اسلام جي اشاعت ۾ ڀلان ڀل حصو ورتو. هنن بادشاهن جي دينداري ۽ اسلام دوستي تاريخن ۾ بلڪل پڌري آهي. ڄام تماچي، ڄام سنجر، ڄام نندي ۽ دريا خان دين جي واڌاري ۾ دلچسپي ورتي. هن دور ۾ مذهبي عالم، صوفي ۽ درويش وڏي مرتبي وارا هئا. ڄام تماچي اهل تصوف جو مداح هو، جڏهن ته ڄام جوڻو صوفين وٽ ناپسند ڪيو ويندو هو. سمن سلطانن مذهب اسلام جي خدمت ڪندي، ڪڏهن به ڪٽرپڻي کي پسند نه ڪيو. ان ڏس ۾ اسان کي ڄام نندي پاران وزارت ۾ هندو وزيرن جو مثال ڏسڻ گهرجي. سمن بادشاهن تعليمي مرڪزن سان گڏ خانقاهن ۽ درگاهن لاءِ پڻ ڪثير رقمون ڏنيون. ڄام نندي جي دور ۾ شريعت جي وڏي پابندي ٿي ۽ مسجدون نمازين سان ڀريل ڏسبيون هيون.

سنڌ ۾ تصوف جي روايت ڪافي پراڻي آهي. مشهور صوفي بايزيد بسطامي پڻ سنڌ جي هڪ بزرگ بوعلي سنڌيءَ کان تصوف جا ڪي نقطا سکيا هئا. سمن جي دور ۾ اسماعيلي مبلغ به پنهنجي تبليغ ۾ مصروف ڏسجن ٿا. تصوف جي سلسلي جا چار مکيه ڪتب آهن. چشتي طريقو ڪڏهن به سنڌ ۾ خاص طرح سان رائج نه ٿي سگهيو، جڏهن ته نقشبندي مڪتب گهڻو پوءِ هت پهتو. البت قادري ۽ سهروردي سلسلا سنڌ ۾ سومرن جي زماني کان موجود هئا. نوح بکري، قلندري، لعل شهباز، پير پٺو، سيد علي ۽ پير پٿوري کي سنڌ جي تصوف ۾ ابتدائي اهميت حاصل آهي. هنن بزرگن جون درگاهون هتي صوفي ازم کي رائج ڪرڻ ۾ مٿانهون رتبو رکن ٿيون.

هڪ طرف سهروردي ۽ قادري صوفي پنهنجي مسلڪ جي پرچار ۾ رڌل هئا ۽ ٻئي طرف مهدوي بزرگن ۽ اسماعيلي مبلغن به پنهنجي طريقي کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي. ڊاڪٽر انصار زاهد جي راءِ آهي ته قادرين وڏي ڪوشش سان اسماعيلي اڳواڻن کي سنڌ ڇڏائي گجرات طرف هجرت لاءِ مجبور ڪيو.(51) قادري صوفين هن زماني ۾ لوهاڻن جي وڏي تعداد کي مسلمان بنايو. سنڌ ۾ سهروردي مسلڪ سومرن جي دور ۾ پهتو. سنڌ جا اڪثر قبيلا مخدوم بهاؤ الدين زڪريا جي اثر هيٺ سهروردي طريقي ۾ داخل ٿيا. اڃا تائين ڪيئي قبيلا هن درگاه سان لاڳاپيل آهن. سهروردي صوفين سنڌ ۾ سرڪاري پاڇي ۾ پنهنجو پرچار جاري رکيو. صوفين جون درگاهون ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ قائم ٿيون، جتي راڳ ۽ موسيقي سان گڏ سنڌي زبان کي به وسعت ملي. بلاشڪ صوفين الاهيات ۽ روحانيت جي معاملن ۾ ماڻهن کي روشني ڏني، تاهم اهي ملڪي معاملن کان لاتعلق نه هئا. ان ڏس ۾ شيخ حماد جمالي ۽ درويش نوح کيبر وڏي اهميت رکن ٿا. شيخ حماد بن رشيد الدين وڏو اولياءُ هو. اچ جي مشهور درويش شيخ جمال جو ڏوهٽو هو، ان ڪري جمالي سڏيو ويو. درويش نوح ذات جو کيبر هو. هن جي ڪنهن وڏي بزرگ جو نالو هوٿي (يا هوٿياڻي) هو، جنهن سبب هوٿياڻي سڏجڻ ۾ آيو. هن جي مزار موجوده کيبر شهر ۽ کنڊو اسٽاپ جي وچ تي قومي شاهراه جي اوڀر پاسي واقع آهي. شيخ حماد جو مقبرو مڪليءَ تي ڄامن جي مقام ۾ واقع آهي.

سمن جي زوال ۾ مهدوي فرقي ۽ سهروردي بزرگن جي فڪري تصادم کي به وڏو دخل حاصل آهي. مخدوم بلال سمن جي معتبر خاندان جو فرد هو. هو زبردست عالم ۽ سهروردي مسلڪ جو بزرگ هو. سندس مکيه خليفن ۾ مخدوم هنڱوري (گچيرو)، مخدوم سعد عرف ملان ساند (لاکا آباد: سڪرنڊ) شاه حيدر (سن)، مخدوم ساهڙ لنجار (انڙ پور)، مخدوم حسن (ڀاڻوٺ: پير بلاولي) ۽ مخدوم مٺو يا رڪن الدين (مڪلي) کي وڏي اهميت حاصل آهي. سيد ميران محمد جونپوري پنڌرهين صديءَ جي آخري اڌ ۾ مهدوي مسلڪ جاري ڪيو. جڏهن پاڻ حج پڙهڻ لاءِ مڪي ۾ هو، تڏهن شيخ جهنڊو پاتڻي سندس مريد بنيو. شيخ جهنڊو سنڌ موٽيو، تڏهن ڄام نندي کيس سخت ناپسند ڪيو. ان حالت ۾ شيخ واپس مڪي روانو ٿيو. ڄام حڪم ڪيو ته جهنڊي کي درياه ۾ غرق ڪيو وڃي. ڄام نندي جي آخري ڏينهن ۾ ميران مهدي جونپوري ٺٽي پهتو. مختصر مدت ۾ کيس وڏي وقعت ملي. افغانستان وڃڻ وقت هن پنهنجن پوئلڳن جو وڏو تعداد پيدا ڪري ورتو هو. انهن ۾ قاضي قادن، شيخ صدر الدين، شيخ الياس، پير آسات، قاضي شيخ محمد اچي ۽ ميان ابوبڪر بکري شامل آهن.(52)

ميران مهدي جونپوريءَ جي تبليع ڪري سنڌ جي مذهبي ماحول ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي. مخدوم بلال ۽ سندس خليفن، مهدي جونپوريءَ جي زبردست مخالفت ڪئي. ان ڪري سيد صاحب ڪٺن حالتن ۾ افغانستان پهتو. هتي شاه بيگ سندس معتقد بنجي ويو. سنڌ جي فتح کان پوءِ هتان جي مهدوين شاه بيگ ارغون جو ساٿ ڏنو ۽ مخدوم بلال ۽ سندس خليفن کي ختم ڪرايو. قاضي قادن معرفت مخدوم بلال کي صلح جي آڇ موڪلي وئي. سنڌ جي سهروردين هر سطح تي ارغونن سان مجادلا ۽ معرڪا ڪيا. ڄام ڏاتار ذات جو سمون هو. سندس مقبرو تعلقي نواب شاه ۾ آهي، جتي هر وقت خلق جا هجوم رهن ٿا. هي پڻ بلاولي حلقي ۾ شامل هو. ارغونن ابتدا ۾ ئي کيس شهيد ڪيو. (روايت: محمد ابراهيم جويو) مخدوم سعد، سندس پٽن ۽ پوٽن سنڌ جي فاتح سان چڪريون کاڌيون. ان بعد مخدوم بلال کي شهيد ڪيو ويو. مخدوم بلال ۽ سندس خليفن جي خاتمي بعد قاضي قادن به بکر جو قاضي بنجي ويو. گمان غالب آهي ته ڪجهه وقت بعد ارغونن ۽ قاضي قادن ۾ سخت اخلاف پيدا ٿيا، جنهن ڪري پاڻ وطن جا وڻ ڇڏي حجاز مقدس ڏي هليو ويو. سندس وفات توڙي دفن ڪفن اتي ئي ٿيو.

تمدن ۽ فن تعمير: سنڌ جي شاندار فن ۽ تمدن جا اهڃاڻ ڪافي پراڻا آهن. عربن ۽ سومرن کان پوءِ جڏهن هتي سمن جي سلطنت قائم ٿي، تڏهن ڪافي شهر اسريا ۽ اتي تمدن ۽ تهذيب پنهنجي اوج کي پهتا. مقامي هنر ۽ آرٽ کي ڪافي ترقي ملي. ارغونن جي فتح بعد سمن جي شهرن ۽ هنرن کي ڪافي نقصان پهتو. ان ڪري ان دور جي آرٽ ۽ تهذيب بابت گهٽ مواد ملي ٿو. بکر، سبي، سيوهڻ ۽ نصرپور ۾ سمن جا تعميرات ڊاهي، شاه بيگ ۽ شاه حسن ارغون نيون اڏاوتون ڪرايون. شروع ۾ ساموئي ۽ پوءِ ننگر ٺٽو – سنڌ جو تختگاه بنيو. هن شهر جي سونهن ۽ سينگار طرف ڀرپور ڌيان ڏنو ويو. هي شهر ڄام نظام الدين جي دور ۾ بين الاقوامي تمدني شهر بنجي ويو. جدا جدا حويليون ۽ پاڙا تعمير ڪيا ويا، جتي ڏيهي توڙي پرڏيهي عالمن ۽ ڪاريگرن پنهنجا مرڪز جوڙيا. ڊاڪٽر ڇٻلاڻي ٺٽي جي جيوت بابت لکي ٿو ته: ”هتي جي رهواسين تڪليف ۽ رنج کي ڪڏهين ڪين ڏٺو آهي. جهڙو آرام ۽ خوشي هنن کي آهي، اهڙي ٻئي ڪنهن هنڌ ورلي لڀندي. هفتي ۾ هڪ ڏينهن پورهيو ڪري، باقي ڏينهن آرام ڪرڻ ۽ دل جو سڪون لاهڻ فقط ٺٽي جي ماڻهن کي نصيب آهي.“ هن شهر جي ڀرسان مڪلي ٽڪر تي صوفين جون خانقاهون هيون، جتي راڳ ۽ سماع جي محفلن ۾ ڪثير ماڻهو شرڪت ڪندا هئا. ننگر ٺٽي جي بنياد بابت عالمن ۾ اختلاف هوندي به ان جي قدامت ڪافي مڃيل آهي. سنڌ جي مشهور عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هن شهر جي هار سينگار توڙي اڏاوت بابت هڪ قديم بيت هن ريت ڏنو آهي:

جڏ ٺٽي ٿي ٺاه ڪيو، اڏيو ٿي ملتاڻ

سؤ سهيلين ساڻ، مون مٽي کنئي مٿي تي(53)

شهر ٺٽي ۾ هڪ طرف عالم ۽ ماهرن جي رهائش هئي ته ٻئي طرف تختگاه هجڻ سبب سمان سلاطين جون جايون ۽ فوجي مرڪز پڻ هتي هئا. دولهه دريا خان جي رهائش ٺٽي جي اولهه ۾ مڪلي ٽڪر جي ڀڪ ۾ هئي. مڪلي ۽ ٺٽي ۾ موجود سمن جي مقبرن ۽ چوڪنڊين جي اڀياس، هن دور جي فني تعمير بابت دلچسپ نقطا مهيا ڪيا آهن. سيد حسام الدين راشدي ڄام نندي جي مقبري جي اڏاوتي هنر بابت لکي ٿو:

”ڄام نظام الدين جو مقبرو تعميري فنڪاريءَ جو نهايت ئي نادر نمونو آهي. بناوٽ ۾ گجراتي، هندو، اسلامي ۽ خالص سنڌي طرزن کي گڏي هڪ عجيب شاهڪار پيدا ڪيو ويو آهي. هن مقبري تي پکن جي قطار، سورج مکي، ڪنول گل جي مهاڙيءَ ۾ سٽا، جهروڪن جا وڌاوڙا ۽ انهن جا پاوا، آڳر واري ٻاهر نڪتل حصي جي سموري سنجهٽ ۽ ٻاهيون، خواه هندي فن تعمير جو اثر، سمن جي ٻين چوڪنڊين ۽ مقبرن تي به نمايان ڏسجي ٿو.“

هن دور جي فني مطالعي دوران دريا خان جو مدفن، مڪلي ۽ ڪينجهر تي سمن جا تباه ٿيل مقبرا ۽ جامع مسجد مڪلي خاص اهميت رکن ٿا. سورهين صديءَ جي ابتدا ۾ ڪراچي ۽ سونڍا طرف ڪجهه چوڪنڊيون تعمير ٿيون، انهن جو اڀياس پڻ حيرتناڪ نتيجا سامهون آڻي ٿو. ڀوڏيسر ۾ سلطان محمد بيگڙي جي ٺهرايل مسجد پڻ هن دور جو يادگار آهي. هن زماني ۾ مختلف اڏاوتن تي سيوهڻ جي ڪاشي استعمال ڪئي ويندي هئي. ابن بطوطه لاهري بندر جي سونهن ۽ سوڀيا بابت ٻڌايو آهي. سمن جي سلطنت دوران هن بندر جي ترقي ۽ واڌاري ۾ دلچسپي ورتي وئي. جنهن دور ۾ ننگر ٺٽو تمدني خواه فني سطح تي پنهنجي شباب تي هو، ان زماني ۾ ملتان به موجود هو ۽ جوڌپور توڙي احمد آباد جا شهر به وجود ۾ آيا. هي شهر اڄ سوڌو سياسي ۽ تهذيبي حيثيت ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. ملتان پوري حسن ۽ سونهن سان موجود آهي، جڏهن ته جوڌپور سموري راجسٿان ۾ مرڪزي اهميت رکي ٿو ۽ احمد آباد پڻ گجرات رياست جو اڄ تائين تختگاه آهي. ارمان آهي جو ”ننگر ٺٽو“ هر اعتبار کان پنهنجي اهميت وڃائي ويٺو آهي. مڪليءَ جا مقبرا ۽ خانقاهون ويران ۽ ٺٽو ۽ سندس آباد محلا ۽ بازاريون سنسان ٿي چڪا آهن. اڄ ماضيءَ جي سنڌ جو هي دارالحڪومت، مشڪل سان ضلعي صدر مقام وڃي رهيو آهي. ٺٽي شهر جي موجوده حالت ڏسي ائين ٿو لڳي ته:

ڪتي ڪتي ڪالهه، اڄ نه آتڻ آيون

ارٽ اکلي مالهه، پوري ويون نجهرا.

وچئين دور جي ماخذن ۾ بادشاهن يا عوام جي تمدني طور طريقن بابت گهٽ مواد ملي ٿو. هٿ آيل مواد ۽ صدين جي روايتي تسلسل جي اڀياس ذريعي ڪنهن حد تائين هن عنوان تي روشني پوي ٿي. عام جيوت ۾ مقامي صنعت استعمال ٿيندي هئي. جنڊي، ڪاشي، ڪپڙي ۽ ٿانون جي ڪاريگري، سنڌ جي جدا جدا شهرن ۾ ٿيندي هئي. کيس، لونگي ۽ اجرڪ جي صنعت ٺٽي، سيوهڻ، نصرپور ۽ بکر ۾ ڏسبي هئي. ٿر جي پرڳڻي ۾ کٿا ۽ لويون ٺهنديون هيون. مکيه مرڪزي شهرن ۾ مروجه دفاعي ساز وسامان به ٺهندو هو. ڄامن بادشاهن جا مقبرا ته اڄ موجود آهن، ليڪن سندن محل ۽ ماڙيون اسان جي اڀياس لاءِ نه بچيون آهن. سواريءَ لاءِ اٺ ۽ گهوڙو ڪتب ايندو هو. هنن جانورن کان باربرداريءَ جو ڪم به ورتو ويندو هو. انهن جي هار سينگار تي به خاص توجه ڏنو ويندو هو. جهاز راني ۽ ٻيڙيءَ جي صنعت به اوج تي هئي. مٽيءَ جي ٿانون کان علاوه ڪٽ ۽ ٽامي جو استعمال به ڏسجي ٿو. مقامي صنعت کان علاوه ٻين ملڪن مان به مختلف شين جي درآمد ٿيندي هئي. مٿيون طبقو سون ۽ چانديءَ جو زيور استعمال ڪندو هو، جڏهن ته هيٺيون طبقو ڪُٽِ (ڪنجهو)، ٻاٽ (مٺ) ۽ رڪ جي ملاوٽ سان ٺهيل زيور ڪتب آڻيندو هو. چوڻي آهي ته:

ڪي ڪنجهو، ڪي ٻاٽ، ڪي ڪي ريکون رڪ جون

هي تڏهوڪو گهاٽ، جڏهن سمان هئا سنڌ تي!

اهڙا زيور هر هڪليندي، ٽامي جي ٿانون ۾ ديهه راهو، تعلقي هالا مان لڌا هئا. لڳي ٿو ته ارغونن جي حملن وقت سڪا ۽ زيور زمين حوالي ڪيا ويا هئا.(54)

 

(ج) علم ۽ ادب

عربي زبان: سمن جي زماني ۾ ٿيل ساهتي واڌاري بابت گهڻي معلومات ميسر ڪانهي. جائزي هيٺ دور ۾ عربي زبان کي سرڪاري، علمي ۽ درسي سطح تي گهڻي اهميت ڏسجي ٿي. سمان سلاطين تعليم ۽ تدريس جي معاملي ۾ نمايان دلچسپي ورتي. ٻن صدين جي هن طويل عرصي ۾ عالمن ۽ استادن جو وڏو تعداد موجود هو. جي گهڻو ڪري مقامي قبيلن سان تعلق رکندڙ هئا. ارغون ۽ ترخان دور ۾ صوفين، عالمن ۽ اديبن جي وڏي تعداد مشڪل صورتحال کي منهن ڏنو. انهن مان ڪجهه عتاب هيٺ آيا ۽ ڪي وري هندستان ۽ عربستان ڏي لڏي ويا. افراتفري ۽ ڀڄ ڀڄان جي ماحول ۾ سنڌ اندر پيدا ٿيل علمي ذخيرو ناپيد ٿي ويو. ان ڪري سمان دور ۾ تحرير ٿيل عربي ڪتابن جي باري ۾ ڪجهه لکڻ ڏکيو ڪم آهي. ذڪر هيٺ زماني جا ٻه ڪتاب اڄ به موجود آهن:

الزبدة: هيءَ شرح مولانا علاؤالدين منگلوري (گجرات) تيار ڪري، سنڌ جي ڄام سڪندر شاهه (ثاني) جي نالي منسوب ڪئي. هي ڪتاب ورهين تائين گجرات ۽ سنڌ جي نصاب ۾ شامل رهيو. قاضي اختر جهوناڳڙهي صاحب جي ذخيري مان هي ڪتاب سنڌ يونيورسٽي لئبريري (علامه آءِ آءِ قاضي لئبريري) ۾ داخل ٿيو، ليڪن هن وقت هي ڪتاب مذڪورہ ڪتبخاني ۾ موجود ڪونهي دنيا جي مختلف ڪتب خانن ۾ هن ڪتاب جا نسخا موجود آهن.

تذڪرة المراد: هي تذڪرو حاجي حسين صفائي (وفات: 931هه/1526ع) پنهنجي مرشد پير مراد شيرازيءَ جي سوانح بابت تيار ڪيو هو. هي مختصر ڪتاب آهي.

مخدوم عبدالعزيز ابهري پڻ عربي زبان ۾ ڪجهه ڪتابن جا شرح تيار ڪيا هئا، جن جو ذڪر مير معصوم ڪيو آهي. هن دور جي آخر ۾ مهدوين ۽ سهروردين ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي. انهن پڻ هڪ ٻئي کي رد ڏيڻ لاءِ ڪتاب تيار ڪيا هئا.

فارسي ادب: سنڌ جا ماڻهو صدين کان فارسي زبان ۽ ادب کان واقف هئا. عرب دور جي سياحن هن زبان جي سنڌ ۾ موجودگيءَ جو ٻڌايو آهي. سومرن جي دور ۾ جڏهن اتر سنڌ تي ناصر الدين قباچه حڪمران هو، تڏهن سندس درٻار جي ٻن عالمن فارسي شاعري ۽ نثر ۾ قلم ڪاهيو هو. علي بن حامد ڪوفي فارسي زبان ۾ هن ملڪ جو پهريون تاريخي ماخذ ”چچ نامہ“ عربي زبان مان ترجمو ڪيو. محمد عوفي ”لباب الالباب“ جي نالي سان فارسي گو شاعرن جو پهريون تذڪرو تيار ڪيو. لعل شهباز قلندر ۽ علي ڪوفي ڪجهه فارسي شعر به ڇڏيو آهي. قباچه جي خاتمي سان سنڌ ۾ فارسي زبان جي سرڪاري سرپرستي ختم ٿي.

سمن حاڪمن کي هن ٻوليءَ سان خاص دلچسپي نه هئي، ان ڪري ان کي هتي حاڪماڻي برتري حاصل نه ٿي سگهي. بهرحال ايران ۽ هرات کان عالمن ۽ اديبن جو سنڌ طرف سفر جاري هو. ان ڪري سنڌ عالم ۽ حاڪم فارسي شعر ۽ نثر ۾ ٿيندڙ تخليقن کان بلڪل واقف هئا. ايران جي اهم شاعرن جا ديوان ۽ ڪليات ٺٽي تائين موجود هئا. حامد بن فضل الله جمالي پنهنجي تذڪري ۾ لکيو آهي ته: مخدوم بلال تصوف جو وڏو ڄاڻو هو ۽ ”عوارف المعارف“ جي مطالعي ۾ مشغول هو.(55) ياد رهي ته هي شيخ شهاب الدين سهروردي (وفات: 1166ع) جي تصنيف آهي. عالمن هن دور ۾ ڄام جوڻي، شيخ حماد جمالي، مخدوم بلال، شيخ عيسيٰ ۽ ڄام نندي کي فارسي سخن جي حوالي سان اڳتي آندو آهي.(56) تاهم نئين تحقيق موجب ڄام جوڻي ڏي منسوب هڪ سٽ امير حسن سجزيءَ جي ثابت ٿي آهي. شيخ حماد ۽ ڄام نندي ڏي منسوب شعر پڻ تحقيق طلب آهن. ڄام فيروز لاءِ اثير الدين ابهريءَ جو چيل قصيدو هن دور جو يادگار آهي. سمن جي بادشاهي ختم ٿيڻ کان پوءِ فارسي ٻولي، سنڌ تي ڇانئجي وئي ۽ ان ۾ نثر ۽ نظم جو وڏو ذخيرو پيدا ٿيو.

سنڌي ساهت: سنڌي زبان سومرن ۽ سمن جي زماني ۾ حاڪمن ۽ بادشاهن جي ٻوليءَ جي حيثيت ۾ نسري نروار ٿي. سومرن جو دور سنڌي ساهت جو بنيادي زمانو آهي. رومانوي داستان، رزميه واقعن، سخي سردارن جي ڪارنامن ۽ واقعاتي بيتن جو بنياد هن دور ۾ پيو. اسماعيلي مبلغن سنڌي زبان ۾ شعر چئي، اسلامي اصولن ۽ اخلاقي هدايتن جو پرچار ڪيو. روحانيت ۽ تصوف به سنڌي شعر جا موضوع بنيا.

سمن جي سلطنت دوران سنڌي زبان جون حدون پکڙيون ۽ ان ريت هن ٻوليءَ بلوچستان، راجسٿان، ڪڇ، گجرات ۽ ملتان تائين مڃتا حاصل ڪئي. سنڌي شعر ۽ بزم جي عنوان ۾ وسعت آئي ۽ نوان نوان تجربا ٿيڻ لڳا. شاعرن تصوف ۽ روحانيت کي به موضوع بنايو ته ملڪي ماحول ۽ صورتحال جي جهلڪ به سندن شعر ۾ ڏسجي ٿي. ڪوبه مقرر رسم الخط نه هجڻ ڪري سنڌي شعر تمام ٿوري مقدار ۾ محفوظ رهيو آهي. پير صدر الدين جا گنان ۽ ماموئي فقيرن، مخدوم احمد ڀٽي، شيخ حماد جمالي، مخدوم نوح هوٿياڻي ۽ اسحاق آهنگر جا بيت سمن جي دور جي سنڌي شعر جو قيمتي ورثو آهن.(57) ان دور جا ڪجهه سنڌي شعر هت ڏجن ٿا:

سڏ سڻي پرينءَ جو، وانگي جي نه ورن

ڪوڙي دعوا دوست جي، ڪڄاڙي کي ڪن!

(مخدوم احمد ڀٽي)

هاڪ وهندا هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ آروڙ،

بهه، مڇي ۽ لوڙهه، سمي ويندا سوکڙي!

(ماموئي فقير)

ٿيان مان جهرڪ، وهان پرينءَ جي ڇڄ

مان ڪرن ڊرڪ، ٻولي ٻاجهاري مون سين.

(اسحاق آهنگر)

پير پٺو، شيخ حماد جمالي ۽ درويش نوح هوٿياڻي جا شعري ٽڪرا، گذريل صفحن ۾ اچي چڪا آهن.

 

 

 

 

 

حوالا ۽ حاشيه

 

(1)              ”تحفة الڪرام“ (سنڌي) ص254

(2)             ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ“ ص350

(3)             ايم. ايڇ. پنهور جو ڪتاب، نقشو ص368

(4)             ”تاريخ معصومي“ ص109 سنڌي ڇاپو

(5)              سيد طاهر محمد نسياني ”تاريخ طاهري“ ايڊٽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ص58

(6)             ”ڪيمبرج هسٽري آف انڊيا“ جلد ٽيون ص278

(7)             ”ڪيمبرج هسٽري آف انڊيا“ جلد ٽيون ص501 7 پنهور صاحب جو ڪتاب ص316

(8)             ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ“ ص345

(9)             سيد حسام الدين راشدي ”مڪلي نامہ“ ص120

(10)         ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ“

(11)          مولائي شيدائي ”تاريخ تمدن سنڌ“ ص373

(12)         ”مڪلي نامہ“ ص98

(13)         ”تاريخ معصومي“ ص113

(14)         ڊاڪٽر صابر فاروقي ”تاريخ ڪشمير: اسلامي عهد مين“ ص104

ڊاڪٽر صابر ان ڏس ۾ لکي ٿو: ”اوڻيهن سالن جي عمر ۾ تخت نشين ٿيو ۽ اوڻهتر سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. ڪشمير جي پوري تاريخ ۾ سندس جهڙو مثالي بادشاه نه ٿيو. هن علم ۽ ادب، امن امان، سيڪيولر سوچ ۽ سماجي توڙي اقتصادي بهتريءَ تي زور ڏنو. خارجه پاليسي به بهترين هيس. سنڌ جي حاڪم سان تحفن جي مٽا سٽا به ڪندو هو.“

(15)          محمود شاه بخاري ”تاريخ بلوچستان“ ص189-190

(16)         ايم. ايڇ. پنهور ”سنڌ – ڪڇ رليشنس“ ص12-13

(17)         ابن بطوطه جو سفر ص10 سنڌي ڇاپو

(18)         اسٽينلي لين پول ”ميڊيول انڊيا“ ص141

(19)         ”تاريخ تمدن سنڌ“ ص372

(20)        ايم. ايڇ. پنهور ص363

- ائين ٿو لڳي ته ”سبي“ سورهين صديءَ جي سنڌ جي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن شهر جو ارغونن جي قبضي ۾ اچڻ هڪ متضاد مسئلو آهي. مثال طور محمود شاه بخاري ٻين عالمن جي برعڪس لکي ٿو: مير چاڪر سبي قلعو فتح ڪيو. هن کان چند سال اڳ سبيءَ جي حاڪم ڄام نندي، شاه بيگ ارغون کي 1486ع ۾ بيبي نانيءَ جي ڀر ۾ جلوگير وٽ شڪست ڏني هئي ۽ هاڻي مير چاڪر سمه خاندان کي سبيءَ مان تڙي ڪڍيو. مير چاڪر هٿان شڪست کائي ڄام نندي مخفي طرح سبي شاه بيگ کي ڏني ته جيئن ان ريت مير چاڪر کي تنگ رکيو وڃي. (ص182 تاريخ بلوچستان) هن صورتحال ۾ هن مسئلي بابت تفصيلي ڇنڊڇاڻ جي ضرورت آهي.

(21)         ”تاريخ معصومي“ ص158

(22)        ”تاريخ معصومي“ ص163-164

(23)        ”تاريخ معصومي“ ص183

(24)        روايت: حاجي ولد محمد ڪنڀار (وهرو: عمرڪوٽ)

(25)         مير علي شير قانع ”تحفة الڪرام“ (سنڌي) ص139

(26)        ”هسٽري اينڊ ڪلچر آف انڊين پيپل“ جلد ڇهون ص460-461

(27)        ”تحفة الڪرام” ص126

(28)        ”تاريخ معصومي“ ص111

(29)        ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ (سنڌي) ص216

(30)        ”جنت السنڌ“ ص372

(31)         انصار زاهد خان ”هسٽري اينڊ ڪلچر آف سنڌ“ ص236

(32)        وڌيڪ تفصيل لاءِ ”مڪلي نامہ“ ۽ ”تاريخ معصومي“ ڏسڻ گهرجن.

(33)        غلام محمد لاکو ”سمه دور کي علمي اور سرکاري زبان“ سه ماهي اردو 2/1981ع ڪراچي

(34)        ”تاريخ معصومي“ ص104، 105، 110، 111 ۽ 112

(35)         ”جنت السنڌ“ ص373

(36)        ڊاڪٽر مبارڪ علي ”مئڪمروڊوز اڪائونٽ آف سنڌ“ ص36

(37)        اي ايل ماڙيوالا ”هسٽري آف دي ڪامرس آف سنڌ“ ص77 ۽ 78

(38)        ڊاڪٽر ڇٻلاڻي ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“ (سنڌي) ص21

(39)        ابن بطوطه جو سفر ص14 سنڌي ڇاپو

(40)        ”تاريخ طاهري“ ص58

(41)         ”تاريخ مظهر شاهجهاني“ ص283-284

(42)        ”مڪلي نامہ“ ص176

(43)        غلام محمد لاکو ”عمر ڪوٽ: چند تاريخي مسئلا“ سه ماهي مهراڻ 2/1986ع ص102-104

(44)        انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو بليٽن جلد3 نمبر2 ۽ 3 جولاءِ 1973ع ۾ شامل نوٽ: پري مغل مٽيريلز آف دي سما پيريڊ.

(45)         عبقدالقادر منگي (مرتب) ”ٿر“ مٺي، سال 1993ع ڪتاب ۾ شامل عبدالله ورياهه جو مقالو.

(46)        عبدالله ورياهه ”سمن جي دور جا سڪا“ رسالو ”سنڌي ادب“ ص196-199، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي سال1980ع

(47)        ”هسٽري اينڊ ڪلچر آف سنڌ ص228

(48)        جي ايم سيد ”جنب گذريم جن سين“ جلد دوم ص495، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو سال 1979ع

(49)        الهه بچايو يار محمد سمون ”لاڙ جو سير“ ص23

(50)         گنوفسڪي ”پاڪستان جون قوميتون“ (اردو) ص123

عمر ڪوٽ جو علم دوست انسان ۽ ڏاهو حاجي ولد محمد ڪنڀار چوندو هو ته سمن جي دور تائين سنڌ ۾ سماجي تفاوت گهٽ هو. رئيس ۽ سردار وغيره اتر مان آيل قومن جا اصطلاح آهن. (1986ع)

(51)          ”هسٽري اينڊ ڪلچر آف سنڌ“ ص284

(52)         تفصيلن لاءِ ڏسو ”مهدي جونپوري ۽ سنڌ“ ايم ايڇ صديقي، ترجمو: غلام محمد لاکو رسالو مهراڻ 2/1987ع

(53)         ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ”دي اوريجن آف ٺٽه“ ص202

هي هڪ مقالو آهي جيڪو ڊاڪٽر داني ”ٺٽه: اسلامڪ آرڪيٽيڪچر“ ڪتاب ۾ ضميمي طور شامل ڪيو آهي. هي ڪتاب اسلام آباد مان سال 1982ع ۾ ڇپيو آهي.

(54)         ڏسجي انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجيءَ جو بليٽن (حوالو مٿي ڏنل)

(55)         حامد بن فضل الله جمالي: سير العارفين اردو ترجمو محمد ايوب قادري ص174 مرڪزي اردو بورڊ لاهور 1976ع

(56)         ڊاڪٽر ايڇ آءِ سدارنگاڻي ”پرشين پوئٽس آف سنڌ“ ص10-13 حيدرآباد 1956ع

(57)         سيد حسام الدين راشدي ”سنڌي ادب“ سنڌي ترجمو: غلام محمد لاکو مقدمو ص14-17 سال 1981ع


 

 

 

 

(5)

سنڌ کان ٻاهر سمن جون حڪومتون

 

سنڌ جي ايراضي ۽ پکيڙ هر زماني ۾ گهٽ وڌ ٿيندي رهي آهي. تاريخ جي اڀياس مان ظاهر ٿئي ٿو ته راءِ خاندان ۽ برهمڻ گهراڻي جي حاڪميت دوران هن ملڪ جون حدون پنهنجي انتها کي پهتيون. عربن کان اڳ سنڌ جي پکيڙ تمام گهڻي هئي. هڪ طرف ملتان ۽ قنڌار ۽ ٻئي طرف مڪران توڙي ڪڇ به ان ۾ شامل هئا. اوڀر ۾ جيسلمير به سنڌ جي اختيار ۾ هو. اسلام کان اڳ هن ملڪ جي نشاندهي هن ريت ڪئي وئي آهي:

”هنن جو تختگاه ”الور“ جو شهر هو. ملڪ جون حدون: اڀرندي کان ڪشمير ۽ قنوج، الهندي کان مڪران ۽ عربي سمنڊ جي ڪناري يعني ديبل بندر، اتر کان قنڌار، سيستان، سليمان جبل، ڪردان ۽ ڪيڪانان ۽ ڏکڻ کان سورت بندر تائين هيون.“(1)

عربي فتوحات جي اٿل پٿل ۾ سنڌ جي سرحدن ۾ ڪمي آئي. ان کان علاوه ڪيترن ئي سنڌي قبيلن موجوده سنڌ کان ٻاهر لاڳاپيل علائقن طرف لڏپلاڻ ڪئي. انهن قبيلن ۾ سمن جي گروه ۽ سماٽ سان وابسته ذاتين کي خاص اهميت حاصل آهي. هنن ذاتين ۽ جاتين اتي پنهنجي رسم ۽ رواج کي به برقرار رکيو ته ان سان گڏ هندو ڌرم سان به ناتو قائم رکيو. سمن جي قبيلن موقعي ملندي، جهوناڳڙه، ڪڇ، لس ٻيلي ۽ ڪاٺياواڙ ۾ پنهنجي طاقت ڄمائي، اتي حڪومتون به هلايون. سومرن جي دور ۾ انهن قبيلن جو سنڌ سان وري تعلق پيدا ٿيو. ان ريت سماجي تعلق به پيدا ٿيو. سنڌ کان گهڻو اڳي، سمن، ڪڇ، لس ٻيلي، ڪاٺياواڙ ۽ جهوناڳڙه ۾ حڪم هلايو. جڏهن سنڌ ۾ سمن جي سلطنت پختي ٿي ظاهر ٿي، تڏهن هنن رياستن جي حڪمرانن کي اڃا به وڌيڪ مڃتا ملي. ڄام نندي جي دور ۾ هنن حڪومتن سان سياسي ۽ سماجي سهڪار وڌيو. ان ريت اتي سنڌي ڪلچر ۽ تهذيب کي هٿي ملي ۽ سنڌي ٻولي توڙي ساهت کي پکڙجڻ جو سرس موقعو مليو.(2) ان پس منظر ۾ ڪجهه عالمن جو خيال آهي ته سنڌ کان ٻاهر هي حڪومتون سمن جون طفيلي رياستون هيون. جناب جي.ايم.سيد هن مسئلي تي لکيو آهي ته: سمان نسل جا ڪٽنب سنڌ، راجپوتانا، ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ لس ٻيلي وغيره حصن ۾ رهندڙ هئا. انڙ، ابڙا، پلي، سميجا، ڏهر، هالا، لاکا، جوکيا، لاسي، ڄاموٽ، رونجها، جوڻيجا، جاڙيجا، شورا، سوڍا، نهڙيا، ڌاريجا وغيره سندن مکيه پاڙن جا نالا هئا. اهي سڀ هڪ قسم جون مڪاني سرداري حڪومتون هيون. انهن جا سردار پنهنجي حدن جا مالڪ هئا. اهي وري ڄام جا سلامي ۽ وفادار هوندا هئا، جو سندن شهنشاه مثل هوندو هو.(3) سورهين صديءَ جي ابتدا ۾ ڄامن سمن جي سنڌ واري حڪومت ختم ٿي. تڏهن به ڪڇ ۽ لس ٻيلي ۾ سندن هم قبيلي رياستون برقرار رهيون. هي رياستون انگريزن جي دور جي خاتمي تائين موجود رهيون. صدين جي طويل تاريخي سفر کان پوءِ به هنن رياستن جا سماٽ قبيلا، نمايان سياسي ۽ سماجي حيثيت رکن ٿا. سنڌ جي سمن جي مطالعي دوران ٻاهرين سمان رياستن جو اڀياس پڻ ضروري آهي.

 

جهوناڳڙه ۾ حڪمراني

جهوناڳڙه، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ڪنهن زماني ۾ سنڌ ۾ شامل هئا. موجوده دور ۾ هي رياستون هندستان جي گجرات پرڳڻي ۾ ملايون ويون آهن. اسلام کان پوءِ سمن قبيلن وڏي تعداد ۾ ماضيءَ جي هنن رياستن طرف لڏپلاڻ شروع ڪئي. سومرن جي همعصر زماني ۾ جهوناڳڙه ۾ ”چوڙا سمان“ خاندان پنهنجي حڪومت قائم ڪئي. راءِ ڏياچ ذات جو سمون هو. ڏياچ جهوناڳڙه جو حاڪم هو. هيءَ تحقيق مشهور اسڪالر ولبرفورس جي آهي. راءِ ڏياچ تاريخ ۾ سخا، بهادري ۽ وچن پاڙڻ سبب وڏي اهميت رکي ٿو. کيس هڪ چارڻ ٻيجل نالي پنهنجي سرندي جي آواز تي موهي وڌو هو، ان ڪري ڏياچ هن کي پنهنجو سر وڍي ڏنو هو. هي واقعو 1010ع ڌاري ٿي گذريو.(4) سنڌ ۽ گجرات جي تهذيب ۾ ”سورٺ راءِ ڏياچ“ جي قصي جي وڏي اهميت آهي. اسان جي سدا حيات شاعر شاه عبداللطيف ڀٽائي، وڏي سرور ۽ محبت سان هن قصي کي ڳايو آهي. جهوناڳڙه ۾ سنڌي قبيلن، انهن جي حڪومت ۽ سنڌي زبان جي واڌاري بابت ڪتابن ۾ تفصيلي مواد موجود آهي.(5)

ڪڇ ۾ حڪومت

هي خطو مختلف دورن ۾ سنڌ جي اثر ۽ حڪم تحت رهيو آهي. هتي جاڙيجن سمن صدين تائين راڄ ڪيو. ڪڇ جو راءِ جاڙيجن جي نسل مان هو. هن حڪومت جو باني جارو ولد لاکو ننگر ٺٽي جو ويٺل هو. ڊاڪٽر گربخشاڻي لکي ٿو:

”سما اصل جادوئي گهراڻي جا راجپوت هئا. سن1053ع ڌاري جڏهن سنڌ سومرن جي هٿ ۾ آئي، تڏهن هو سمن کي ڏاڍو ستائڻ لڳا. ان ڪري ڪيئي سما سنڌ ڇڏي، ڪڇ ڏي ڀڄي ويا. اتي سن 1320ع ڌاري پنهنجو راڄ کرو ڪيائون.“(6)

سنڌ ۾ سمن جي حڪومت جي قيام ۾ ڪڇ جي جاڙيجن سمن جو وڏو ڪردار آهي. هن دور ۾ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي سٺي روايت ڏسجي ٿي. ڪجهه موقعن تي سنڌ جي سمن حاڪمن، ڪڇ جي معاملن ۾ پڻ مداخلت ڪئي ٿي. ان کان علاوه محمود بيگڙي جهڙي طاقتور بادشاه به ڪڇ جي جاڙيجن کي مطيع بنائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. بهرحال، سنڌ ۽ گجرات ڪڏهن به مڪمل طور هن ننڍڙي ملڪ کي جهڪائي نه سگهيا. سمن جي حڪومت وقت سراسري طرح سنڌ ۽ ڪڇ جا سٺا لاڳاپا برقرار رهيا. سن 1510ع ڌاري جاڙيجن جي خانه جنگيءَ ۾ هڪ طرف ڄام فيروز ملوث ٿي ويو ته ٻئي طرف گجراتي بادشاهن به ان ۾ دلچسپي ورتي. آخرڪار هن جنگ ٺٽي تي به اثر ڇڏيا. ڪڇين ڄام صلاح الدين کي فوجي مدد ڏئي، ڄام فيروز جي مقابلي ۾ آندو. ان ريت سنڌ جي سمان حڪومت تمام تيزيءَ سان زوال پذير ٿي. ڄام فيروز کي به جاڙيجن، ارغونن جي مقابلي لاءِ لشڪر مهيا ڪيو هو.(7) ارغوني جبر ۽ ظلم وقت وڏي تعداد ۾ سنڌي قبيلن ڪڇ طرف لڏپلاڻ شروع ڪئي، جتي انهن کي اجهو ۽ پناه ملي. ايندڙ صدين ۾ ڪڇ ۽ سنڌ جا بهتر لاڳاپا وري قائم نه ٿي سگهيا. سنڌ جا سمان سياسي طرح 1520ع ۾ ختم ٿي ويا، تاهم جاڙيجا سمن ڪڇ تي 1947ع تائين حڪمراني ڪئي. موجوده دور ۾ هي پرڳڻو رياست گجرات ۾ شامل آهي.

سمن جي سلطنت دوران ڪڇ ۽ سنڌ ۾ واپار کي وسعت آئي ۽ معاشي ميدانن تي پڻ تعاون وڌيو. سنڌي ٻولي ۽ ساهت کي به اتي وڌڻ جو موقعو مليو. سنڌي قبيلن جي لڏپلاڻ کان پوءِ ٻنهي پرڳڻن ۾ سماجي ميل جول پيدا ٿيو ۽ اهڙي طرح سنڌي زبان جو ”ڪڇي“ لهجو وجود ۾ آيو. جيتوڻيڪ پوءِ جي زماني ۾ سياسي ميدان تي سرد مهري پيدا ٿي، تڏهن به ٻنهي رياستن ۾ گڏيل قبائلي اڳواڻن شادي غميءَ جي موقعن ۾ شرڪت ۽ مال چارڻ جي ساون ميدانن تي سانگين جي اچ وڃ ڪري، سماجي ۽ لساني تعلق برقرار رهيو. شاه عبداللطيف ڀٽائي ڪڇ ۾ سير سفر ڪيو هو. ان ڪري اڄ به شاه جا ڄاڻو اتي وڏي تعداد ۾ موجود آهن. مخدوم عبدالله نري وارو اسان جي ادبي تاريخ ۾ وڏي حيثيت رکي ٿو. ان جو واسطو پڻ ڪڇ سان آهي. صدين جي باهمي ميل جول، سياسي لاڳاپن ۽ سماجي ڳانڍاپي ڪري ڪڇ تي سنڌي ٻولي ۽ تهذيب وڏو اثر ڇڏيو آهي.(8) محمد سومار شيخ ”ڪڇين جا قول“ نالي ڪتاب ۾ هتي پيدا ٿيل سنڌي شعر گڏ ڪيو آهي.(9) پاڪستان ٺهڻ بعد ڪڇ ۾ سنڌي ساهت جي واڌاري ۾ گهڻي گهٽتائي ٿي آهي. بهرحال، اڄ به ”ڪڇ ڀڄ“ ريڊيو تان ٿيندڙ سنڌي نشريات چٽي نموني سان صدين جي سمن جي حڪومت جي باقيات کي ظاهر ڪري ٿي.

 

لس ٻيلي ۾ حاڪميت

لس ٻيلو صدين کان سنڌ ۾ شامل رهيو آهي. عربن جي حڪومت واري عرصي ۾ لس ٻيلو سنڌ کان گهڻو پري ٿي ويو. سنڌ ۾ سمن جي حڪمراني قائم ٿيڻ بعد لس جي سنڌي قبيلن سک جو ساه کنيو ۽ سياسي طور تي کين اسرڻ جو موقعو ملي ويو. هڪ راءِ هيءَ به آهي ته سومرن ۽ سمن جي دور ۾ لس ٻيلو سنڌ جو هڪ مکيه ڀاڱو هو. سنڌ جي سمن گهڻي انداز ۾ وڃي لس کي وسايو، جنهن ڪري خاص سنڌ جو تمدن لس ٻيلي ۾ رائج ٿي ويو.(10) ان دور ۾ هتي ”رونجها“ قبيلي جي حڪمراني هئي. رونجهن جو تعلق سنڌ جي سماٽ قبيلن سان آهي. ڪاڪي ڀيرومل جي تحقيق موجب رونجها، ڄام انڙ جي خاندان مان هئا. انهن مان هڪ حاڪم ”سٻڙ“ يا “سپڙ“ جي نالي سان ٿيو، جيڪو سخاوت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. شاه عبداللطيف ڀٽائي به کيس ياد ڪيو آهي.(11) رونجهن تيرهين صديءَ جي وچ ڌاري پنهنجي حڪومت قائم ڪئي ۽ سترهين صديءَ جي آخري اڌ ۾ ختم ٿي. رونجهن کان پوءِ ”گونگا“ حڪومت ۾ آيا. بعد ۾ سمن جي ”برفت“ قبيلي هتي حڪومت ڪئي. ملڪ پاهڙ خان برفت سنڌ جي حدن ۾ دخل ڏنو. ان ڪري ميان يار محمد ڪلهوڙي ۽ پاهڙ خان ۾ سن 1117هه/1705ع ۾ جنگ لڳي. پاهڙ خان کي شڪست ملي ۽ وري سنڌ جي معاملن ۾ دخل نه ڏنائين.(12)

ان کان پوءِ ”ڪوريجا“ قبيلي سن 1742ع ڌاري هتي حڪومت قائم ڪئي. ڪوريجا حاڪمن ”ڄام“ جو لقب اختيار ڪيو. هن خاندان جو آخري والي ڄام غلام قادر هو، جنهن سال 1956ع تائين هتي حڪم هلايو. ون يونٽ ٺهڻ تي لس ٻيلو ضلعي جي شڪل ۾ ڪراچي ڊويزن سان ملايو ويو. سال 1970ع ۾ ون يونٽ ٽٽو تڏهن لس ٻيلو ضلعو، صوبي بلوچستان ۾ شامل ڪيو ويو.

لس ٻيلي ۾ سمن قبيلن جي صدين جي راڄ، هتي سنڌي ٻولي، ساهت ۽ تهذيب کي وڌڻ جو موقعو ڏنو. هي علائقو سمن جي سلطنت ۾ هڪ طفيلي رياست ڏسجي ٿو. ان بعد جيتوڻيڪ سياسي لاڳاپا بهتر شڪل ۾ موجود نه رهيا، تاهم ٻنهي رياستن ۾ سماجي ۽ تهذيبي تسلسل برقرار رهيو. اڄ سوڌو سماٽ قبيلا پاڻ ۾ مٽيون مائٽيون ڪن ٿا ۽ ڏک توڙي غم جي موقعن تي لس ۽ سنڌ ڏي سفر ڪن ٿا. ان ريت سنڌي قبيلن هتي سنڌي تهذيب ۽ زبان کي زنده رکيو آهي. هتي جي سنڌي زبان ”لاسي“ لهجي جي صورت ۾ موجود آهي.(13) اهڙي طرح اڄ به سنڌي قبيلا، هتي پنهنجو مقامي اثر رکن ٿا. ڄام غلام قادر گذريل حڪومت توڙي موجوده دور ۾ بلوچستان جو وزير اعليٰ آهي. (ڄام صاحب: وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي ۽ پوءِ وزيراعظم محمد خان جوڻيجي جي زماني ۾ صوبي جو اعليٰ حاڪم رهيو) لس ٻيلي ۽ سنڌ جي سرحدي ويجهڙائيءَ سبب ٻنهي طرفن اديبن ۽ شاعرن جي اچ وڃ جاري رهي آهي. ان ڪري هتي بهترين سنڌي شعر پيدا ٿيو. شيخ ابراهيم ۽ ڪبير شاه جو شعر وڏي اهميت رکي ٿو. لس ٻيلي جي سنڌي شاعري ”ٻيلاين جا ٻول“ ڪتاب ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڇاپي آهي. تازو (1987ع) بلوچستان اسيمبليءَ سردار چاڪر ڊومڪيءَ جي هڪ رٿ تي بحث ڪيو، تڏهن خبر پئي ته موجوده دور ۾ به هن صوبي ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ ڪل آدمشماريءَ جو چوٿون حصو آهن. هن رٿ ۾ سرڪار تي زور ڀريو ويو ته ڪوئيٽا ريڊيو ۽ ٽيليويزن تان سنڌي پروگرام نشر ڪيا وڃن. وزيراعليٰ ڄام غلام قادر ان رٿ جي حمايت ڪئي ۽ وعدو ڪيو ته ان مسئلي کي وفاتي حڪومت وٽ پيش ڪيو ويندو.(14) هي مطالبو تاريخ جي صدا آهي. اميد ته سنڌي زبان کي تمام جلد بلوچستان ميڊيا تان نشر ٿيڻ جو پنهنجو بنيادي حق ملندو. موجوده دور ۾ لس ٻيلي ۾ سنڌي ٻولي هن ريت ڳالهائجي ٿي:

”آهين دلجاءِ ڪريو، آهان کي کونئر کڻائي ڏبا. رستا ٺهيندا، ڪارخانا لڳائبا ۽ آهان ماڙو مڙوئي خوشحالي ڏسيندا. آئون اوهان کي گذارش ڪندوس ته آهان ملڪ دشمنن ڪنان ڌيان نه ڏيو. ايها ڳالهه اهان پنهنجي ذهن ۾ رکو ڪه هيءُ سندءِ حڪومت آهي. اسون اهان جا پنهنجا مزور آهيون. اهان جو ڏک مڙوئي اسون پنهنجو درد ڪري وٺون ٿا. اڳيان جي ٻين حڪومتن ڪنان اهان ايترو وقت ساري ڏنو، اسون ايها گذارش ڪنداسون ڪه اسان کي ڪجهه وقت درڪار آهي. اهان ڏسيندا ڪه لس جو، بلوچستان جو ۽ ساري ملڪ جو نقشو جيڪو آهي، اهو يڪسر تبديل ٿي ويندو ۽ ماڙو خوشحاليءَ جي زندگي بسر ڪندا.“(15)

 

ڪاٺياواڙ ۾ حڪومت

اندازو آهي ته راجا ڏاهر جي بنهه آخري دور ۾ هڪ سنڌي قبيلو ”ڪاٺيو“ ڪن سببن جي ڪري سنڌ مان لڏي ڪڇ ڏي هليو ويو. هن قبيلي اوڀر ڪڇ ۾ سن 725ع کان 740ع ڏاري پنهنجي حڪومت قائم ڪئي ۽ ڪنٺ ڪوٽ تختگاهه مقرر ڪيو. هي قبيلو پوءِ هتان به لڏي ويو ۽ وڃي ڪاٺياواڙ کي وسايو. خود هي ملڪ به سندن نالي تي مشهور ٿيو ۽ سڏجڻ ۾ آيو. ياد رهي ته ڪاٺيا قبيلو اڄ به سنڌ ۾ آباد آهي.(16) سنڌ کان ٻاهر سمن جي حڪومتن جو هي مختصر مطالعو آهي. تفصيلي اڀياس ان متعلق مفيد نتيجا سامهون آڻي سگهي ٿو.


 

 (وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org