29 April 2009

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو

باب: --

صفحو :28

6. فرانس، بنا ڪنهن ڊپ جي يورپ تي غالب هو. پر جرمني سندس مقابلي ۾ هئي، جيڪا ازل کان سندس دشمن هئي، جو کيس فرانس هٿان تلخ شڪست ملي هئي. اها فرانس کان بدلي وٺڻ لاءِ جلي ٿي ۽ مٿانئس آيل مصيبتن جي ڪري جنوني ٿي چڪي هئي. اها جرمني جنهن ڳجهي طرح پاڻ کي هٿياربند پئي ڪيو، جرمني جنگ جي ڏنڊ جي رقم ڏيڻ کان نٽائڻ لاءِ پڪو ارادو ڪري چڪي هئي ۽ 1919ع وارن معاهدن جي شرطن کي بدلائڻ لاءِ منتظرهئي. فرانس جرمنيءَ کي چوڌاري هڪ مضبوط هٿياربند طاقت جي حلقي سان گهيري، پنهنجي بچاءَ جي ڳولا ۾ مشغول هو ۽ اهڙيءَ طرح سندس وري لڙائي ڪرڻ واري سـَـڌ کي روڪڻ ڏانهن مائل هو، يعني بيلجيم، پولينڊ، چيڪو سلواڪيا، يوگوسلاويا ۽ رومانيا جي ننڍڙي ٻڌيءَ واري ٺاهه سان جرمنيءَ جي چوڌاري حلقو ٿي ٺاهيائين.

7. ڏور اوڀر ۾ 1920ع- 1024ع وارو زمانو چين ۾ ڪو منٽنگ (Kuokuomiutong) يا قومي پارٽيءَ اڳواڻ ڊاڪٽر سنيات سين ملڪ کي متحد ڪرڻ، ان کي جمهوري بنائڻ، عوام تعليم ڏيڻ ۽ پرڏيهي غلبي کان آزاد ڪرڻ جي وڏي ڪوشش کان خاص طرح مشهور آهي. هن ڏکڻ چين ۾ چڱو مڪمل قبضو حاصل ڪيو، پر اتر ۾ ڪيترن ئي ٽوچون يا فوجي سردارن جي هٿ هيٺ هن کان ماڻهو پري رهيا ۽ هن جي اختياريءَ جو مقابلو ڪيائون. بدبختيءَ سان هن پڻ روسي بالشويڪن سان ڳٺ جوڙ ڪئي ۽ سندس اشتراڪي اتحادين ۽ صلاحڪارن پنهنجا وجهه ڏسي زبردست معاشي ۽ هنري بي آرامي پيدا ڪئي. تنهن ڪري انهيءَ سڄي هـُـل هنگامي واري دور ۾ چين بغاوت ۽ گهرو ويڙهه سان ڀرپور هو. جيستائين جاپان جو تعلق آهي ته هن پنهنجي ايشيا جي فتح ۽ تسلط جي پاليسيءَ کي اوچتو روس، آمريڪا ۽ برطانيا جي هٿان رُڪجندي ڏٺو، ڇو ته روس، برطانيا ۽ آمريڪا، جاپاني پاليسين سبب سڀني پنهنجا مفاد خطري ۾ ڏٺا. نيٺ مجبور ٿي ولاڊي ووسٽو ۽ ڪيائوچو، (جي جاپان جنگ واري زماني ۾ والاريا هئا،) خالي ڪري ڏنا ۽ واشنگٽن جي معاهدي مطابق (1921ع) کيس پنهنجي بحري هٿياربنديءَ کي گڏيل رياستن جي 5/3 حـصي جي برابر محدود ڪرڻ جي ڳالهه مڃڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو. آخر هن ساڳئي دور ۾ ليگ آف نيشنس، جنهن جنوري 1920ع ۾ پنهنجو پهريون اجتماع ڪيو، تنهن جون اوائلي فائديمند ڪاروايون واقع ٿيون. انهن آزمائشي سالن ۾ ليگ آف نيشنس ڏاڍو مفيد ڪم ڪيو. ننڍڙا جهڳڙا نبيريا. ٻين جي ذمي ۾ ڏنل ملڪن کي باقاعدي هلايو. زالن ۽ ٻارن جي اغوا ڪرڻ وارن ڏوهن کي گهٽ ڪيو، صحت ڪانفرنسون شروع ڪيون ۽ ٻيا اهڙا ڪم ڪيا، پر 1923ع ۾ کيس هڪ وڏي مسئلي کي منهن ڏيڻو پيو ۽ هي فورم ان کي مناسب طرح حل ڪري نه سگهيو. اهو مسئلو هـُـئو ته اٽليءَ ۽ يونان جي وچ ۾ هڪ جهڳڙو ٿي پيو، جنهن تي يونان وڃي ليگ اڳيان پڪاريو. چالاڪ ميسوليني ليگ جي انهيءَ معاملي ۾ ليگ جي فيصلي ڪرڻ جي لياقت جو انڪار ڪيو، سندس اختياري نه مڃي ۽ يوناني ٻيٽ ڪورفيو تي وقتي قبضي ڪرڻ سان هن ان جي بدلي وٺڻ جي گهر ڪئي. ليگ مهاڀاري لڙائيءَ جي ڪلورن کي روڪڻ کان لاچاري ظاهر ڪئي. اهو دراصل ليگ جي ناڪاميءَ جو هڪ نـجس انڪشاف هو.

ٻيهر حالتن سڌارڻ وارو دور: (1924ع - 1929ع)

1924ع ۾ حالتون  سڌرڻ شروع ٿيون ۽ پنجن سالن تائين سڌريون رهيون. هيءُ سڌارو پهريائين سياست جي دائري ۾ نمايان ٿيو. تقريباً ساڳئي وقت هر اسٽريسيمن (Herr Streseman) جو جرمني ۾، موسيو هيريو جو فرانس ۾، ۽ مسٽر رافري ميڪوتونائوڊ جي جاپان ۾ عهدي تي اچڻ وارن واقعن بين الاقوامي لاڳاپن ۾ هڪ اهڙي ٻڌي، نيڪ نيتي  ۽ باهمي مفاهمت آندي، جنهن جهڙي پنجاهه سال اڳ ڪنهن نه ڏٺي هئي. دوستيءَ ۽ ڀروسي جي هڪ نئين ماحول ۾ جرمنيءَ جي ڏنڊ ڀرڻ واري منجهيل سوال تي بحث ڪيو ويو ۽ 1924ع جي آخر کان اڳ ۾ ڊاوس پلان (Dawes Plan) مطابق ظاهري طرح ان جو نبيرو ڪيو ويو. جرمن سڪو وري قائم ڪيو ويو ۽ ان جو آئيندي جو ضابطو سرڪار کان آزاد ڪيو ويو. سالياني ڏنڊ جي قسط جي رقم کي گهٽائڻ تي اتفاق ڪيو ويو ۽ وڌ ۾ وڌ ٻارنهن ڪروڙ پنجاهه لک پائونڊ قسط طور ڏيڻ لاءِ يقين ڏياريو ويو. جرمنيءَ وارن کي اختياري ڏني وئي، ته هو ٻاهرين ملڪن مان قرض وٺن، ان لاءِ ته جيئن پنهنجي اقتصادي حالت وري سڌارين. رُووَر جي علائقي کي فرينچ ۽ بيلجيم جي لشڪرن کان هڪدم خالي ڪرائڻ لاءِ بندوبست ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح سرچاءَ جو سٺو سلسلو، جيڪو تمام سهڻي نموني شروع ڪيو ويو، تنهن کي اوستائين جاري رکيو ويو جيستائين انگريزي پاليسي آسٽن چيمبرلين جي هٿ ۾ آئي ۽ 1925ع ۾ فرانس جي موسيو بريانڊ (M.Briand) اقتدار سنڀاليو. انهن ٻنهي هير اسٽريسمين سان دوستاڻيون ۽ ڳجهيون ڳالهيون ڪرڻ جي نتيجي ۾ مشهور ”لوڪارنو جي معاهدن“ ڪرڻ ۾ رهنمائي ڪئي. انهن معاهدن مطابق جرمني، بيلجيم، فرانس ۽ برطانيا گڏجي ۽ الڳ الڳ هنن ڳالهين جو ذمو کنيو: 1. هڪ طرف جرمنيءَ ۽ ٻئي طرف فرانس ۽ بيلجيم جي وچ ۾ ان وقت جي موجود سرحدن کي نه ٽوڙڻ ۽ 2. رائن نديءَ جي اڀرندي ڪناري تي پنجاهه ڪلوميٽرن اندر جرمن مملڪت جو هميشـہ لاءِ فوج کان خالي رهڻ. جيستائين پولينڊ ۽ چيڪو سلواڪيا جي مقابل جرمن سرحدن جو تعلق هو ته جرمني انهن متعلق پنهنجو ناراضپو ڏيکاريندي واعدو ڪيو ته هو ڪڏهن به انهن کي طاقت سان درست ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندو. ايئن پئي نظر آيو ته آخر صلح جو زمانو اڀريو آهي ۽ جڏهن ان جو روشن اميدون وڌي ويون ته ٺيڪ انهيءَ وقت 1926ع ۾ جرمني ليگ آف نيشنس ۾ داخلا  لاءِ ڪوشش ڪئي، جا نه رڳو کيس ملي پر ليگ آف نيشنس جي ڪائونسل ۾ کيس هڪ دائمي سيٽ پڻ حاصل ٿي. آخرڪار جنوري 1927ع ۾ جرمنيءَ تي اتحادي فوجي قبضو ختم ڪيو ويو.

اهڙي طرح ليگ آف نيشنس تمام مضبوط ٿي ۽ اُن پنجن سالن جي دور ۾ بهترين ۽ ڪامياب ڪم ڪيو. انهيءَ ترڪي ۽ عراق، يونان ۽ بلغاريا، پولينڊ ۽ لٽوينيا جي وچ ۾ اينگهيل جهڳڙا نبيرو ڪيا. تنظيم ان کانسواءِ سندس ذمي ۾ ڏنل ملڪن جي نظرداري ڪندي ۽ اقليتن جي حقن جي حفاظت ڪندي رهي. سار (Saar) وارو ملڪ ۽ ڊئنسڪ جو انتظام پڻ هلائيندي رهي، قومن جي وچ ۾ اقتصادي هم آهنگي وڌائيندي رهي، صحت جي لاءِ ڪمن کي ترقي ڏياريندي رهي. قانون ۽ اخلاق جي اصولن کي قائم رکندي رهي. سندس همه گير ميثاق (covenant) ۽ لوڪارنو معاهدن ٿيڻ سان ايئن پئي ظاهر ٿيو ته يورپ وارن جي وري پاڻ ۾ لڙائي ٿيڻ ممڪن نه هئي. ان صورتحال کي 1928ع ۾ پئرس جي معاهدي، جنهن کي عام طور ڪئلاگ پئڪٽ (Kellogg Pact) ڪري ڪوٺيو وڃي ٿو، سان وڌيڪ زوردار ڪيو ويو. هي هڪ آدرشي دستاويز هو جو پنجهٺ قومن قبول ڪيو ۽ جنهن اوائلي اڻويهين صدي عيسويءَ جي مقدس اتحاد (Holy Alliance) جي ميثاق جي ياد تازي ڪئي پئي. پنجهٺ صحيح ڪندڙ ملڪ، جن ۾ جرمني، اٽلي ۽ جاپان پڻ شامل هئا، تن واعدو ڪيو ته هو ”هڪٻئي سان پنهنجي تعلقات ۾ لڙائيءَ کي، قومي پاليسيءَ جي اوزار جي حيثيت ۾ استعمال وارو رويو ترڪ ڪندا.

هڪٻئي سان سرچي وڃڻ ۽ سرچائڻ جي اهڙي ڀرپور ماحول ۾ اهو فطري هو ته هٿيارن جي عام گهٽائڻ جو مسئلو، (جو 1919ع ۾ وارساءِ ۾ اڳي ئي نظر ۾ رکيو ويو هو) اُميد سان اڳڀرو ڪيو وڃي. ڊسمبر 1925ع ۾ ليگ جي ڪائونسل هڪ ”هٿيارن گهٽائڻ جي ڪانفرنس جي اهتمام واري ڪميشن (Preparative Commission for the Disarmament Conference) مقرر ڪئي، جنهن مئي 1926ع ۾ پنهنجي ٽارگيٽ کي سمجهڻ جو ڪم شروع ڪيو. ان سلسلي جو اڳتي وڌڻ اميد جي خلاف ۽ نراسائيءَ سان نهايت ڍلو ثابت ٿيو ڇو ته جلدئي هڪٻئي جي ابتڙ خيال ظاهر ٿي پيا ته ڪيترو لشڪر محدود رکجي، ڪهڙا هٿيار ممنوع ڪجن ۽ ڪهڙي خرچ جي اجازت ڏجي؟ انهن معاملن تي ويچاريندي مونجهارو هٿان وڌي ويو، جڏهن 1927ع ۾ هڪ سوويت وفد جنيوا ۾ ضد ٻڌي بيهي رهيو. ان وقت جي سوويت رواج جي بلڪل مطابق سندس طرفان مطالبو ڪيو ويو ته مڪمل ۽ عالمي سطح تي (Disarmament) يا هٿيارن جو کسڻ عمل ۾ آڻجي. جيئن ته هو ڪنهن به ڳالهه تي ٺهي نه سگهيا، ان ڪري ڪميشن پٺتي هٽي وئي ۽ ڳالهين جاري رکڻ جو ڪم هڪ ”امانت ۽ حفاظت واري ڪاميٽي“ کي سونپيائون، جنهن ٻه سال لاڳيتو محنت ڪري جملي ڏهه، مثالي امانتي معاهدن جو مسودو ٺاهيو، پر هن معاهدي اختيار ڪرڻ لاءِ ٿورن ملڪن چاهه ڏيکاريو. 1930ع ۾ ”تياري ڪميشن“ (Preparatory Commission) وري ظاهر ٿي ۽ هڪڙي آخري ميٽنگ ڪيائين. هيءَ ڪميشن جو ڪجهه ڪري سگهي، سو فقط اهو هو جو ڪجهه بيڪار ٺهراءَ پاس ڪيائين ۽ 1932ع ۾ هٿيارن کسڻ واري مڪمل ڪانفرنس جي سڏائڻ جي سفارش ڪيائين. (انهيءَ جو اڳتي هلي بيان ڪبو.)

هٿيارن کسڻ واري تياريءَ ڪميشن جي ناڪاميءَ جو جيتوڻيڪ عام طرح افسوس ڪيو پئي ويو، پر جيئن ته دُنيا تي دوستاڻو ۽ صلح وارو ماحول غالب هو، تنهن جي ڪري ان ناڪاميءَ کي گهڻي اهميت نه پئي ڏني وئي.

خاص طرح جرمني نمايان باقاعدگيءَ سان هلت پئي ڪئي. اُن ڊاوس پلان جي تحت (آمريڪا کان اڌارن ورتل پئسن مان، جيڪو فرانس ۽ برطانيا ذريعي وري موٽي آمريڪا ٿي ويو) جنگي نقصان جو ڏنڊ پئي ڀري ڏنو. هن پنهنجي طاقت کي پنهنجن هنرن ۽ تجارت (اهي پڻ اٿاهه آمريڪي قرضن جي ذريعي) کي ٻيهر قائم ڪرڻ ۾ مصروف پئي ڪيو. انهن حالتن ۾ ليگ همدرديءَ سان هر اسٽريسمين جي 1928ع ۾ ڳالهه ٻڌي، جڏهن هن عرض ڪيو ته: 1. اتحادين جو لشڪر رائن لينڊ کي خالي ڪري وڃي، 2. سار جو علائقو (Saar) جرمنيءَ کي وري موٽائي ڏنو وڃي ۽ 3. جنگي نقصان جي ڏنڊ ڀري ڏيڻ جي مسئلن تي ٻيهر ويچار ڪيو وڃي ۽ آخري طرح نبيرو ڪيو وڃي. فرينچن انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو ته جنگي نقصان جي ڏنڊ جي ڳالهه سڀ کان اڳ ۾ نيڪال ڪئي وڃي. تنهن ڪري نام نهاد ينگ ڪاميٽي (Young Committee) پئرس ۾ فيبروري 1929ع ۾ ويٺي. انهيءَ ڪاميٽيءَ جرمني ڏنڊن جي سالياني قسط ٻارهن ڪروڙ پنجاهه لک پائونڊن مان گهٽائي ڏهه ڪروڙ پائونڊ ڪئي. انهيءَ جرمنيءَ کان طلب ڪرڻ واري جملي رقم به مقرر ڪئي. اهڙيءَ طرح اصلوڪي طلب ڪيل رقم تمام گهٽ ۾ گهٽ ضروري رقم تائين گهٽائي آندي، ان لاءِ ته اتحادين تي آمريڪا جون دعوائون برحق رهن. انهيءَ ڪاميٽيءَ بين الاقوامي ٺاهه ڪرڻ واري بئنڪ قائم ڪرڻ جي سفارش ڪئي، جيڪا جنگي نقصان جي ڏنڊ ملڻ جي سڄي سلسلي، لڙائيءَ وارن قرضن کي رد ڪرڻ ۽ بين الاقوامي قرض کڻڻ وارن معاملن جي نظرداري ڪري. ينگ پلان (Young Plan) مئي 1930ع ۾ عمل ۾ آيو ۽ بعد جي چند مهيني ۾ اتحادي لشڪر رائن لينڊ کي ڇڏيو. پر سار (Saar) 1935ع تائين ليگ جي نظرداريءَ جي حد اندر رهيو.

هي پنج سال، جنهن ۾ هڪٻئي کي سرچائڻ ۽ مستقل حالتون آڻڻ جي عام تحريڪ واقع ٿي، انهيءَ ۾ دنيا جي گهڻن ملڪن ۾ پڻ اهڙيون تحريڪون ٿيون. ايئن پئي نظر آيو ته مهاڀاري جنگ جي وڏي اٿل پٿل کان پوءِ حالتون وري ٺيڪ پئي ٿيون. هنر ۽ ڪاريگري وري آهستي آهستي زندهه پئي ٿيا. بين الاقوامي تجارت وڌي پئي، سڪا معياري ٿيندا پئي ويا، نئين جوڙجڪ عمل ۾ آئي پئي. اٽليءَ ۾ ميسوليني بااثر نموني ۾ وري صلح سانت ٿي آندي. 1929ع ۾ هن کي اها فتح حاصل ٿي، جنهن تقريباً سٺ ورهين تائين هن جي اڳين جانشين کان منهن پئي موڙيو هو. هن اٽليءَ جي بادشاهت ۽ پوپ جي حڪومت جي وچ ۾ هڪ صلحنامي تي ٺاهه ڪرايو. اسپين ۾ پرائيمو دي ريورا (Primo de Revera) هڪ مضبوط، اثرائتي ۽ سراسري طرح فائديمند حڪومت قائم رکي. هن جي هٿ هيٺ مـُـلڪ ۾ ٻيهر حفاظت واري زندگي قائم ٿي. زراعت کي همٿايو ويو. هنري واپار ترقي ڪئي، ريلوايون وڇايون ويون. سٺا رستا ٺاهيا ويا ۽ عام آسودگي وڌي. 1926ع تي پولينڊ ۾ هڪ جهڳڙالو جمهوري وڳوڙ بجاءِ هڪ محب وطن ۽ قابل ڊڪٽيٽر شپ قائم ٿي. ساڳيءَ طرح يوگوسلاويا ۾ سربن ۽ ڪروٽن جي وچ ۾ ڪشمڪش، (جنهن پارليامينٽري حڪومت جو هلڻ ته ناممڪن ڪري ڇڏيو هو ۽ جي ڪري بادشاهه اليگزينڊر مجبور ٿي جمهوري جوڙجڪ کي ملتوي ڪيو) گهٽي ۾ جنهن انهيءَ ڇڙوڇڙ ٿيل ملڪ کي هڪ اڪيلي بادشاهه واري حڪومت جي صلح سانت جو وقت ڏنو. سلطنت ۽ خلافت جي جنجال مان آزاد ٿي، ترڪي مصطفيٰ ڪمال جي هٿ هيٺ تيزيءَ سان يورپي تهذيب جي ڏس ۾ ترقي پئي ڪئي. مصطفيٰ ڪمال جي سڀ کان وڌيڪ نمايان ڪمن مان هڪڙو اهو هو ته هن 1930ع ۾ يونان سان، (جو ڪنهن وقت هنن جو جاني دشمن هو) هڪ عزت وارو صلحنامو ڪيو. روس ۾ اسٽالن هڪ طويل ۽ خوفناڪ ڪشمڪش کان پوءِ ٽراٽسڪيءَ، جو 1927ع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ مان هڪالي ڪڍيو ويو هو ۽ 1928ع جي اوائل ۾ (مـُـلڪ نيڪالي ڏني وئي هئس) تي مڪمل فتح حاصل ڪئي. ٽراٽسڪيءَ تي اسٽالن جي فتح جي معنيٰ هئي بين الاقواميت جي فتح، سرمائيداريءَ جي ڪٽر مخالفت تي سرمائيداريءَ سان ٺاهه واري تصور جي فتح، آبادگارن جي شهري ماڻهن تي فتح، اوچتي انقلاب واري خيال تي مرحليوار ترقي ڪرڻ واري اصول جي فتح. 1928ع ۾ پرڏيهي سرمائي ۽ تمام وڏين پگهارن وارن ڪاريگرن جي مدد سان اسٽالن پنهنجي پهرين پنج سالا پلان جو افتتاح ڪيو، جنهن جو مقصد هو ته ڪميونسٽ اصولن جي خلاف مٿاهين درجي تي روس جي هنر ۽ زراعت کي وري زندهه ڪجي. هن دور ۾ چين، اتحاد ۽ صلح سانت جي ڏس ۾ نمايان ترقي ڪئي. بزرگ محب وطن سن يات سين بدقسمتيءَ سان 1925ع ۾ گذاري ويو، پر هن کي چيانگ ڪائي شيڪ جهڙو لائق جانشين ملي ويو، جنهن جلدئي سن يات سين جي پاليسيءَ جي هڪ وڏي غلطي درست ڪئي، يعني بالشويڪ سان همراهه ٿيڻ کان نابري واري. ڏکڻ ۾ پنهنجي مرڪز مان هن آهستي آهستي اتر طرف پنهنجي طاقت وڌائي. 1926ع ۾ هئنڪو، 1927ع ۾ ٽساگائي ۽ نائڪنگ ۽ 1928ع ۾ پيڪنگ والاريائين. هن جي فتحيابيءَ سان اڳتي وڌڻ جو تـُـرت نتيجو اهو ٿيو جو ليگ آف نيشنس هن جي قومي حڪومت کي مڃيو ۽ جينيوا ۾ ڪائونسل جي نمائندگيءَ لاءِ کيس داخلا ڏني. ان کان پوءِ وري قومي سرڪار سڀني مغربي طاقتن ڏانهن هڪ گهـُـر موڪلي، جنهن ۾ کين چيو ويو ته چين جا جيڪي ملڪي حق سندن هٿ ۾ بند آهن، سي هو سندس حوالي ڪن. هن گهر  جو يورپي قابضن اڪثريت خاطر خواهه جواب ڏنو. اهڙيءَ طرح مشرق توڙي مغرب ۾ هيءَ پنج سالي رٿا 1924ع کان 1929ع تائين ڀروسي ۽ اميد تي پوري ٿي.

طويل بحران وارو دور: (1929-1938ع)

1929ع جي آخر ۾ ٻن واقعن وري دنيا کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ واري دور جو خاتمو ظاهر ڪيو ۽ هڪ طويل ۽ اڳي ڪڏهن به پيش نه ايندڙ بحران جي ڏهه سالا رٿا جو افتتاح  ڪيو. اڳ وارو اهو امير طبع ۽ سمجهو، (هينئر گستاخ) اسٽريسيمن، جنهن يورپ جي جهڳڙن کي ختم ڪرڻ، ۽ پنهنجي ملڪ کي ٻيهر اها جڳهه وٺي ڏيڻ ۾،(جا هن انسانذات جي سياست ۾ وڃائي هئي، اهم ڪردار  ڪيو سو عجيب ڳالهيون ڪرڻ لڳو) هن جي وفات سندس نيشنل سوشلسٽ پوئلڳن لاءِ هيڪاري وڌيڪ رستو کولي ڇڏيو، جن لوڪارنو، جينيوا ۽ پئرس جي معاهدن کي نظرانداز ڪيو ۽ پنهنجي گمراهه ملڪي ماڻهن کي عليحدگي ۽ لڙائيءَ جي اُڀيءَ لاهيءَ ڏانهن وٺي ويا. ٻيو واقعو نيويارڪ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هڪ زبردست هراس پيدا ڪرڻ جو واقعو هو، جنهن جهڙو اڳي ڪڏهن به ڪونه ٿيو هو. اهو واقعو حالتن جي خاص طرح تمام گهڻي سٺي هئڻ، گهڻي پيداوار ڪرڻ ۽ گهڻي قرض ڏيڻ سان رونما ٿيو هو. انهيءَ جا ترت اثر هي هئا: آمريڪا جي پئسي جي يورپ ڏانهن هر قسم جي منتقلي جو بند ٿيڻ، جرمنيءَ، آسٽريا وغيره کي ٿوري عرصي لاءِ ڏنل قرض واپس وٺڻ ۽ ان آسودگيءَ جي سڄي نازڪ ڍانچي جو هيٺ اچي ڪرڻ، جيڪو يورپ ۾ بغير سوچ جي قرض کڻڻ تي ٻڌل هو. هن واپاري بازار جي اوچتي بـُـحران هر ملڪ تي اثر ڪيو، پر آمريڪا تي ان جو سخت اثر پيو. ڇو ته اهو اثر هن تي اوچتو ۽ غير متوقع طور اچي ڪڙڪيو ۽ آمريڪا ان جي مقابلي لاءِ ڪا تياري ڪانه ڪئي هئي. جلد ئي سندس بيروزگارن جو تعداد اٽڪل هڪ ڪروڙ کي وڃي پهتو. ٻئي پاسي وري سندس سوين بئنڪون بند ٿي ويون، جنهن ڪري ڪيترائي سيڙپڪار برباد ٿي ويا. جيستائين مارچ 1933ع ۾ فرئنڪلن روزويلٽ  پريزيڊنٽ جو عهدو نه سنڀاليو، تيستائين سيڙايل ناڻي جي ڌراوتن ڪرڻ، هنر ۽ ڪاريگريءَ جي زوال ۽ واپار جي گهٽجي وڃڻ مان جيڪي زبردست مسئلا پيدا ٿيا، انهن جي مقابلي ڪرڻ لاءِ ڪا اثرائتي ڪوشش نه ڪئي وئي.

يورپ ۾ پهريون ملڪ، جنهن تي ان مصيبت جو بار ڪڙڪيو، سو هو آسٽريا، جيڪو لڙائيءَ جي خاتمي وقت ٿيل سندس گهٽتائيءَ کان پوءِ مڪمل طرح ٻاهرين مدد تي ڀاڙيو ويٺو هو. جون 1931ع ۾ ويانا ۾ پئسي جي رکت واري بئنڪ، (جو ملڪ ۾ سڀ کان وڏو مالي ادارو هو)، پنهنجي ڏيوالي ٿيڻ اعلان ڪيو. سندس ڏيوالپڻ کي انگلينڊ ۽ فرانس جي بئنڪن مان وڏا قرض ڏئي روڪيو ويو. پر انهيءَ کان اڳ ۾ جو هن جو بچاءُ ٿئي، جرمنيءَ جي مـُـک بئنڪن، جنهن ۾ راشس بئنڪ (Reichs bank) پڻ شامل هئي، تنهن جو پڻ زوال آيو. جرمن ناڻي جي ڌراوتن مڪمل زوال کان بچائڻ ۽ نئين جرمن سڪي جي جملي قيمت نه گهٽائڻ لاءِ هڪ سال جي مهلت جو اعلان ڪيو ويو، انهيءَ شرط تي ته جرمنيءَ جا بين الاقوامي قرض ادا ڪيا ويندا. هي مهلت جو وقت جيتوڻيڪ جرمنيءَ جي بخت لاءِ ڀلو هو، پر انهيءَ خوشبختيءَ برطانيا کي جون 1932ع ۾ پوري ٿيندڙ سال جي چار ڪروڙ ويهه لک پائونڊن جي رقم جي ادائگيءَ کان محروم رکيو. هيءُ ڌڪ جيڪو ڪرندڙ تجارت، سست هنر، وڌندڙ بي روزگاري، ۽ معاشرتي خدمتن تي اجائي خرچ جي مٿان آيو، تنهن جلدي جرمنيءَ ۾ هڪ مالي بحران پيدا ڪيو، جنهن جي ڪري هڪ قومي سرڪار (آگسٽ 1931ع) جا سڀني پارٽين جي نمائنده هجي) قائم ڪرڻ جي ضرورت ڏيکاري ۽ جنهن (سيپٽمبر 1931ع) سون جي معياري سڪي کي ترڪ ڪرڻ جي ضرورت پيش آندي.

1931ع ۾ جرمنيءَ جي معيشيت جيتوڻيڪ هن مهلت واري وقت ڪري جملي زوال کان بچي وئي هئي، پر تڏهن به مصيبت واري حالت ۾ ضرور هئي. انهيءَ سال ۾ اٽڪل سترهن هزار ڪمپنين جو ڏيوالو ٿي ويو. مـُـلڪي سياست ۾ زورا زوري رائج ٿي وئي، سياسي خون جلد جلد ٿيڻ لڳا، بي قاعدي لشڪر ٺهڻ لڳا ۽ مـُـختلف گروهه گهرو ويڙهه لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻ لڳا. سڀ کان وڌيڪ هٽلر جي هٿ هيٺ نيشنل سوشلسٽ شماري طاقت ۾ وڌي ويا.

سندس پاليسي ۽ پروگرام، جيڪو هٽلر پنهنجي ڪتاب مئن ڪئمف (Mein Kampf) يا ”منهنجو جهاد“ ۾ پيش ڪيو هو، سو جرمنيءَ جي شڪست کاڌل ۽ نااميد قومن کي ڏاڍو دل سان لڳو. اها دراصل مقابلي ڪرڻ ۽ بدلي وٺڻ، دشمنن جي دٻاءَ کي ختم ڪرڻ، ٿيل معاهدن کي ٺوڪر هڻڻ ۽ دنيا تي تسلط قائم ڪرڻ لاءِ ٻيهر لڙائي تازي ڪرڻ جي هڪ پاليسي هئي. انهيءَ پاليسيءَ ڪميونزم يا اشتراڪيت کي پاڙؤن پٽي ڪڍڻ، يهودين کي جرمنيءَ مان ملڪ بدر ڪرڻ، لڙائيءَ جي نتيجي ۾ وڃايل سڀني ملڪن کي وري هٿ ڪرڻ، آسٽريا ۽ ٻين سڀني جرمني خطن کي جذب ڪرڻ، يوڪرائن کي فتح ڪري، پنهنجي ملڪ سان ملائڻ ۽ ساري دنيا ۾ جرمن بلنديءَ ۽ اوج کي وري قائم ڪرڻ جو پڪو ارادو ظاهر ڪيو. 1928ع ۾ نازين کي ريش ٽاگ (Reischstag) يا جرمن پارليامينٽ ۾ رڳو ٻارنهن سيٽون هيون. 1930ع ۾ هنن 107 جايون حاصل ڪيون، 1932ع ۾ اهو انگ وڌي 230 کي پهتو ۽ اهڙيءَ طرح نازين ملڪ ۾ پاڻ کي سڀ کان وڏي پارٽي ظاهر ڪيو. اڪثريت واري پارٽيءَ جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ هينئر هٽلر راش يا جرمن حڪومت جي وزيراعظم هئڻ جي دعويٰ ڪئي. جيستائين ممڪن ٿي سگهيو، تيستائين پيرسن صدر فيلڊ مارشل هنڊن بورگ انهيءَ دعويٰ جو مقابلو ڪيو، پر جنوري 1933ع ۾ پنهنجي مرضيءَ جي بلڪل ابتڙ هن کي آڻ مڃڻي پئي ۽ هٽلر پنهنجي وڌندڙ آپيشاهيءَ جي زندگي شروع ڪئي. سال جي خاتمي تائين هن ملڪ جي سڀني پارٽين کي دٻائي رکيو. يهودين جي خلاف پنهنجي مهم جاري ڪيائين ۽ خود ڪرستاني ديولن جي آزادي خطري ۾ وڌائين. ان کان وڌيڪ بين الاقوامي سطح تي سندس ڪم خطرناڪ هئا. هن لڙائيءَ جي نقصان جي ڏنڊ ڀري ڏيڻ ۽ لڙائي جي قرضن کي رد ڪيو، خود جرمن رعيت جي خانگي قرض ڏيندڙن جي وياج جي ادائگي ملتوي ڪئي. 1933ع ۾ هٽلر ليگ آف نيشنس مان جرمنيءَ کي ٻاهر ڪڍيو، 1934ع ۾ وارساءِ جي معاهدي جي مقابلي ۾ هن جرمن لشڪر جو تعداد ٽيڻو ڪيو، ۽ 1935ع ۾ هن زوري جنگي سکيا ڏيڻ واري قانون کي وري شروع ڪيو.

لوڪارنو جي ٺاهه جي بي حيائيءَ سان ڀڃڪڙي ڪندي، هٽلر 1936ع ۾ رائن لينڊ کي وري والاريو ۽ ان ۾ فوج ويهاري ۽ آخر ۾ پنهنجي اڳرائيءَ واري پاليسيءَ کي مڪمل ڪرڻ لاءِ هي 1938ع ۾ آسٽريا تي چڙهي ويو ۽ ان کي پنهنجي ملڪ ۾ ضم ڪيائين.

انهيءَ ڳالهه ۾ شڪ نه آهي ته اهڙين حالتن ۾ هٿيارن کسڻ وارو اصول (Disarmament) گم ٿي ويو ۽ گهڻي وقت کان وٺي تجويز ڪيل هٿيارن کسڻ واري ڪانفرنس فيبروري 1932ع ۾ ويٺي، پر ٺاهه ٿيڻ واري ڪنهن به اهم ڳالهه تي پڄي نه سگهي. انهيءَ ڪانفرنس جا جون 1914ع تائين اجتماع ٿيندا ۽ وري ملتوي ٿيندا رهيا، پر اها ڪا به ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهي. تنهن ڪري ننڍين ۽ وڏين طاقتن هڪ دفعو وري بنهه پنهنجو پاڻ بچائڻ لاءِ هڪٻئي سان خطرناڪ هٿياربنديءَ جي ڊوڙ شروع ڪري ڇڏي، جا سولائيءَ سان لڙائيءَ جي خطرناڪ ڌُٻڻ ڏانهن وٺي وڃي ٿي. مسولينيءَ جي بحث پڻ پنهنجو جولان شروع ڪيو. جيستائين اٽليءَ جي ايلديوس (Ilduce) پنهنجا ڪارناما اٽليءَ تائين محدود رکيا، تيستائين هن حيرت انگيز طور سٺو ڪم ڪيو. صلح سانت آندائين، خلق لاءِ وڏا ۽ ڀلي جا ڪم ڪيائين، زراعت ۽ هنر کي همٿايائين ۽ واپار کي ترقي ڏنائين، پر 1935ع ۾ ڪيترن معاهدن ۽ قانون جي مقابلي ۾ فتح جي جشن لاءِ پاڻ کي تيار ڪيائين، جو ڀونوچ سمنڊ، لبنان ۽ فلسطين جي مٿان اٽليءَ جو مڪمل تسلط قائم ڪرڻ جي ڏس ۾ پهريون قدم هو. ليگ آف نيشن طرفان سندس حملي کي نندڻ ۽ سندس خلاف ٿوريون نرميءَ واريون بندشون وجهڻ بيڪار ويو. هيءُ پنهنجو ڪم اڳتي ٽپائيندو ويو ۽ 1936ع جي وچ ڌاري فتح جي جشن راس ڪيائين. اٽليءَ جي ڪاميابيءَ سان ليگ آف نيشنس جي سامهون ٿيڻ جي ڪري جاپان به اڳتي وڌي انحرافيون ڪيون. 1931ع ۾ چين جي گهرو لڙائين ۾ رُڌل هئڻ جو فائدو وٺي جاپان منچوريا تي حملو ڪيو ۽ کيس والاريو. چين ليگ کي (جنهن ۾ کيس تازي داخلا ملي هئي) اپيل ڪئي، پر ليگ تمام گهڻي هٻڪ ۽ حقارت آميز دير کان پوءِ سندس اپيل جي حمايت ڪئي هئي ۽ جاپان جي اڳرائيءَ کي ننديو هو. جاپان جو جواب ليگ مان استعيفا (1933ع) ۽ سندس فتويٰ جو مقابلو ڪرڻ جي روپ ۾ هو. هڪ وڏي طاقت جي طرفان ليگ جي نافرمانبرداريءَ جي ڪري سندس ڪمزوري ساري دنيا اڳيان ظاهر ٿي پئي. 1938ع ۾ جڏهن جاپان وري پنهنجيون اڳرايون شروع ڪيون ۽ چين جي مڪمل فتح کان گهٽ ڳالهه جي ڪوشش نه ڪئي ته ان وقت محب وطن چينين انهيءَ ڳالهه کي بيڪار محسوس ڪيو ته جينيوا جي بحث ڪندڙن کي پنهنجي مدد لاءِ پڪاري، وقت ۽ طاقت ضايع ڪجي. تنهن ڪري هنن پنهنجي نجات حاصل ڪرڻ بنا ڪنهن مدد جي جاپان جو دليراڻو مقابلو ڪيو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هو خوش قسمت هئا، جو سندن مهندار چيانگ ڪائي شيڪ جهڙو اخلاق ۽ لياقت وارو اڳواڻ هو.

روس کان وڌيڪ ٻي ڪا به طاقت چين جي آزاديءَ لاءِ تڙپي نه رهي هـُـئي. ڇو ته اتر چين تي جاپاني حڪومت جي قائم ٿيڻ جو مطلب هو ته روس پئسفڪ سمنڊ کان ڪٽجي ويندو، ولاڊي ووسٽو جوبندر سندس هٿن مان نڪري ويندو، ۽ هيڏي ساري روسي واپار جي بربادي ٿيندي. پر روس ضابطي ۾ رهيو، ڪجهه ان ڪري جو جاپان ۽ جرمنيءَ جي وچ ۾ هڪ مفاهمت موجود هئي، جنهن ڪري ڊپ هو ته جيڪڏهن اوڀر ۾ روس جاپان سان جنگ ڪئي، جرمني روس تي اولهه جي طرف کان حملو ڪندي، پر انهيءَ کان وڌيڪ سبب هو اندروني وڳوڙ، جيڪي پهرين 1908ع واري پنج سالا پلان جي ناڪاميءَ ۽ ٻئي پلان جي (1932ع) ۾ شروع ڪرڻ جي ڪري وجود ۾ آيا. ٻئي پلان سان ماڻهن کي ستائڻ ۽ ايذائڻ جو سلسلو شروع ٿيو. ان کانسواءِ اسٽالن جي آپيشاهيءَ خلاف وسيع ڦهليل منصوبا هئا، اهي منصوبا جن جي دٻائڻ لاءِ ٿيندڙ ڪارروائي روس جي لشڪر کي سڀ کان وڌيڪ تجربيڪار مهندارن کان محروم رکيو. ٻيو ته روس هڪڙي گهرو ويڙهه ۾ تمام گهريءَ طرح ڦاسي پيو هو، جا 1936ع جي اونهاري ۾ اسپين ۾ واقع ٿي. انهيءَ کان اڳين پنجن سالن جي دوران اسپين ڪيترين تبديلين مان لنگهيو هو. 1931ع ۾ هن بادشاهه الفانسو تيرهين کي تخت ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو ۽ پنهنجي جمهوريت جو اعلان ڪيو. انهيءَ وقت کان وٺي اسپين هڪ ميدان بنجي پيو هو، جتي هڪ طرف کان عوامي محاذ، (جنهن ۾ اشتراڪي سرمائيدار، وڳوڙ وجهندڙ ۽ بنيادي انقلابي شامل هئا) ۽ ٻئي پاسي هڪ تعصب پسند اتحاد، (جنهن ۾ سرمائيدار، ڪئٿولڪ، سولجر ۽ شريف طبقي وارا شامل هئا) سي بلندي حاصل ڪرڻ لاءِ لڙيا پئي. 1936ع ۾ هيءَ ڪشمڪش جوڙجڪي حد کان مٿي چڙهي وئي ۽ سچ پچ لڙائيءَ جي شڪل اختيار ڪيائين. جيئن ته هيءَ ڪشمڪش نظرين جي گرمي هئي، تنهن ڪري ساري دنيا هڪ طرف يا ٻئي طرف همدردين ۾ ورهائجي وئي ۽ لنڊن ۾ گڏ ٿيل ”غير مداخلت ڪندڙ ڪاميٽيءَ“ جي هوشياري ۽ قابليت هئي، جنهن ساري دنيا کي انهيءَ جهڳڙي ۾ ڦاسڻ کان بچايو. فرينٽي پاپولر (Frente Popular) يعني عوامي محاذ جي طرف روس هو، ان سان گڏ فرانس، چيڪو سلواڪيا ۽ عام طرح سڀني ملڪن جون مزدور پارٽيون هيون. فرينٽي پاپولر جي دشمنن طرف وري اٽلي، جرمني، جاپان ۽ ساري دنيا جا ڪئٿولڪ مذهب وارا هئا.

اهڙي طرح 1938ع جي پڇاڙيءَ ۾ دنيا جون قومون هڪ ڀيرو ٻيهر ٻن هٿياربند ڪئمپن ۾ صف بند ٿي بيٺيون، ايئن ٿي نظر آيو، ڄڻ ته چين ۽ اسپين ٻنهي ۾ ڪن وحشي نمونن جي لڙائي سچ پچ ۾ هلي رهي هـُـجي. اهو محسوس پئي ٿيو ته هر جاءِ تي هٿيار هڪٻئي مٿان گڏ پيا ڪيا وڃن، بلڪه ايتريءَ چوٽيءَ تائين گڏ پيا ڪيا وڃن جو اڳي ڪڏهن به نه ڪيا ويا هئا. ايئن پيو نظر اچي ته دنيا جا سڀ شهر هوائي لڙائيءَ جي نابوديءَ جي امڪان جي سامهون بيٺا آهن. ساري انسانذات خوف سان ڏڪندي نظر پئي اچي. ٻئي طرف وري ايئن محسوس ڪيو پيو وڃي ته رڳو جيڪڏهن انسان جي بڇڙي هوس ۽ حرص کي سرچائي سگهجي ۽ جيڪڏهن رڳو دوستي ۽ هڪٻئي سان گڏجي ڪم ڪرڻ دشمني ۽ مقابلي جي جڳهه وٺي ته جديد سائنس جا ذريعا اهڙا آهن، جو ساري انسانذات اهڙي آرام ۽ عيش سان سک ۾ رهي، جيڪو هن وقت تائين ڪنهن نه ڏٺو آهي. انهيءَ ۾ ئي مستقبل جي اميد آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org