سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سومرن جو دور

باب: 2

صفحو :17

باب ٻيو

جـَـڪڙيون

سومرين ماين جا ڳيا

]1[

مانيءَ جو لولو کائيجا
ٻاجهريءَ جو لولو کائيجا
سرتيون طعنو نه ڏجا
ڪڇ ڪوٽ هلنديونسين.

 

ڪوه ڄاڻان پنهنجا ڪهڙي وطن ويا؟
ڪوه ڄاڻان پنهنجا ڪهڙي ديس رهيا؟

 

]2[

- مـُـنهن - مـَـتوران نڱيون، مـَـرڪن سومريون
سونهنِ سنڌ ڏاڏيون سومريون.

 

- منهن - متوارن نڱيون، ڏري هڏ موتيون خرار
سنڌ سومريون، سونهن سنڌ ڏاڏيون سومريون.

 

- هيون هندؤرن هيريون، پڌر ڏنائون پير
سنڌ سومريون، سونهن سنڌ ڏاڏيون سومريون.

 

- ڇـُـلي پيئيون ڇپرين، ڪانڀن ڪلهار ٻار
سنڌ سومريون، سونهن سنڌ ڏاڏيون سومريون.

 

- اُڀي رڻ ڏي ڏاڏيون هليون، ڀـَـنڀين ڀريا پير
سنڌ سومريون، سونهن سنڌ ڏاڏيون سومريون.

 

- ننڍي وڏيءَ سومريءَ آهي پٽوري لـِـيهـَـه
مرڪن سومريون، سونهن سنڌ ڏاڏيون سومريون.

 

- آديءَ ٻڌا اکيا، منجي ٻڌا موڙ
مرڪن سومريون، سونهن سنڌ ڏاڏيون سومريون.

 

- سومريون بيٺيون سيل تي هٿ وٽا ڀري کير
مرڪن سومريون، سونهن سنڌ ڏاڏيون سومريون.

 

- سٻڙ سالار ابڙو، ٽيئي جوڌ جوان
مرڪن سومريون، سونهن سنڌ ڏاڏيون سومريون.

 

]3[

مـُـنهن - متوارن نڱيون، ڏاڏيون ڏري موتين خرار
موڪل ڏي منهنجا ونهيان، آءٌ دودل جو در پسان،

 

پـِـير ابڙي مهندان آهي تماشو -

موڪل ڏي منهنجا ونهيان، آءٌ دودل جو در پسان.

 

- هيون هندؤرن هيريون، ڏاڏين پڌر ڏنا پير

 

پـِـير ابڙي مهندان آهي تماشو -

موڪل ڏي منهنجا ونهيان، آءٌ دودل جو در پسان.

 

- اُڀي رڻ ڏي ڏاڏيون هليون، ڀنڀين ڀرڙيا پير

 

پـِـير ابڙي مهندان آهي تماشو -

موڪل ڏي منهنجا ونهيان، آءٌ دودل جو در پسان.

 

- ننڍڙي وڏيءَ سومريءَ آهي پٽوري ليهه

 

پـِـير ابڙي مهندان آهي تماشو -

موڪل ڏي منهنجا ونهيان، آءٌ دودل جو در پسان.

 

- آديءَ ٻڌا اکيا، منجي ٻڌا موڙ

 

پـِـير ابڙي مهندان آهي تماشو -

موڪل ڏي منهنجا ونهيان، آءٌ دودل جو در پسان.

 

- سومريون بيٺيون سيل تي ڀري وٽا کير

 

پـِـير ابڙي مهندان آهي تماشو -

موڪل ڏي منهنجا ونهيان، آءٌ دودل جو در پسان.

 

- سپڙ سالار ابڙو، ٽيئي جوڌ جوان

 

پـِـير ابڙي مهندان آهي تماشو -

موڪل ڏي منهنجا ونهيان، آءٌ دودل جو در پسان.

 

]4[

اُڀريو مٿان آس ڪري، ساڻيهه مٿان سـِـڄُ

 

ابڙا ڄام تو ڪيو تي ڪلام.

- اسان ڇڏيو مـُـنهن - متوران مقام

 

ابڙا ڄام تو ڪيو تي ڪلام.

- اسان جا ڏندڻ ٿيڙاوڻ، جنهن جو ساکي رب سچاءُ

 

ابڙا ڄام تو ڪيو تي ڪلام.

 

- مـُـنهن - متوران نڱيون، ڏاڏيون ڏري موتين خرار

 

ابڙا ڄام تو ڪيو تي ڪلام.

 

- هيون هندؤري هيريون، پڌر ڏنائون پير

 

ابڙا ڄام تو ڪيو تي ڪلام.

 

- آديءَ ٻڌا اکيا، منجي ٻڌا موڙ

 

ابڙا ڄام تو ڪيو تي ڪلام.

 

- ننڍيءَ وڏيءَ سومريءَ آهي پٽوري ليهه

 

ابڙا ڄام تو ڪيو تي ڪلام.

 

- سومريون بيٺيون سيل تي، ڀري وٽا کير

 

ابڙا ڄام تو ڪيو تي ڪلام.

 

- ابڙي اؤنس ڪيا ٻاري ٻار ڪپاه

 

ابڙا ڄام تو ڪيو تي ڪلام.

 

]5[

ڏاڏيون آن جي پڙ کي سؤ ويهاڻ
آن کي کـَمان، ابڙو ڄام ملهي -
آن کي کـَـمان، ماڙيءَ جو ڄام ملهي!

 

- ڏاڏيون آن جي ڌوپڙن سؤ ويهاڻ
آن کي کمان، ابڙو ڄام ملهي -
آن کي کمان، ماڙيءَ جو ڄام ملهي!

 

- سومريون آن جي ديڳين سؤ ويهاڻ
آن کي کمان، ابڙو ڄام ملهي -
آن کي کمان، ماڙيءَ جو ڄام ملهي!

 

- ڏاڏيون آن جي ويس کي سؤ ويهاڻ
آن کي کمان، ابڙو ڄام ملهي -
آن کي کمان، ماڙيءَ جو ڄام ملهي!

 

- ڏاڏيون آن جي پوٽاڻ کي سؤ ويهاڻ
آن کي کمان، ابڙو ڄام ملهي -
آن کي کمان، ماڙيءَ جو ڄام ملهي!

 

- ڏاڏيون آن جي کـُـرجڻين کي سؤ ويهاڻ
آن کي کمان، ابڙو ڄام ملهي -
آن کي کمان، ماڙيءَ جو ڄام ملهي!

 

 

- ڏاڏيون آن جي گل باغ کي سؤ ويهاڻ
آن کي کمان، ابڙو ڄام ملهي -
آن کي کمان، ماڙيءَ جو ڄام ملهي!

 

 

- ڏاڏيون آن جي پڙ کي سؤ ويهاڻ
سومريون آن جي پڙ کي سؤ ويهاڻ.

 

 

]6[

ڏان سؤ وار ڏئي ٿو مڱڻي
روز گهڻيرو ڏئي ٿو مڱڻي.

 

- ابڙا پير آءٌ آيس عرضياڻي وار مَ خالياڻي -

 

ڏان سؤ وار ڏئي ٿو مڱڻي
روز گهڻيرو ڏئي ٿو مڱڻي.

 

- ڏاڏيون آن جي ڌوپڙي سؤ ويهاڻ
سومريون آن جي پڙ کي سؤ ويهاڻ -

 

ڏان سؤ وار ڏئي ٿو مڱڻي
روز گهڻيرو ڏئي ٿو مڱڻي.

 

- ڏاڏيون آن جي ويس کي سؤ ويهاڻ
سومريون آن جي پڙ کي سؤ ويهاڻ -

 

ڏان سؤ وار ڏئي ٿو مڱڻي
روز گهڻيرو ڏئي ٿو مڱڻي.

 

- ڏاڏيون آن جي گل باغ کي سؤ ويهاڻ
سومريون آن جي پڙ کي سؤ ويهاڻ -

 

ڏان سؤ وار ڏئي ٿو مڱڻي
روز گهڻيرو ڏئي ٿو مڱڻي.

 

- ڏاڏيون آن جي کرجڻين کي سؤ ويهاڻ
سومريون آن جي پڙ کي سؤ ويهاڻ -

 

ڏان سؤ وار ڏئي ٿو مڱڻي
روز گهڻيرو ڏئي ٿو مڱڻي.

 

]7[

ابڙا پير تنهنجي پـَـٽ جهڙ لايو
ابڙو پير ماڙيءَ ۾ ٿو موجون ماڻي

 

ساٿ سلامت مجرو ماڻي
صحيح سلامت مجرو ماڻي.

 

- ابڙا پير تنهنجي پڙ جهڙ لايو
ابڙو پير ٿو موجون ماڻي
شاهه ماڙيءَ ۾ ٿو موجون ماڻي

 

ساٿ سلامت مجرو ماڻي
صحيح سلامت مجرو ماڻي.

 

- ابڙا پير تنهنجي ڌوپڙي جهڙ لايو
ابڙو پير ماڙيءَ ۾ ٿو موجون ماڻي
شاهه ماڙيءَ ۾ ٿو موجون ماڻي

 

ساٿ سلامت مجرو ماڻي
صحيح سلامت مجرو ماڻي.

 

- ابڙا پير تنهنجي ديڳين جهڙ لايو
ابڙو پير ماڙيءَ ۾ ٿو موجون ماڻي
شاهه ماڙيءَ ۾ ٿو موجون ماڻي

 

ساٿ سلامت مجرو ماڻي
صحيح سلامت مجرو ماڻي.

 

- ابڙا پير تنهنجي نـَـنهڻن جهڙ لايو
ابڙو پير ماڙيءَ ۾ ٿو موجون ماڻي
شاهه ماڙيءَ ۾ ٿو موجون ماڻي

 

ساٿ سلامت مجرو ماڻي
صحيح سلامت مجرو ماڻي.

 

]8[

آن کي جشن لکيو، جمعي جي رات
آن کي جشن لکيو، سڳوري رات،

 

آن کي کمان.

- ڏاڏو دودو هوندو مڪي ملتان
آن کي جشن لکيو، جمعي جي رات
آن کي جشن لکيو، سڳوري رات،

 

آن کي کمان.

- ونهيل ويندو جمعي جي رات
آن کي جشن لکيو، جمعي جي رات
آن کي جشن لکيو، سڳوري رات،

 

آن کي کمان.

- سيد حسين ويندو مڪي ملتان
آن کي جشن لکيو، جمعي جي رات
آن کي جشن لکيو، سڳوري رات،

 

آن کي کمان.

- آجــهــل مــنــهــنــجــا پــيــر،   
آن کي جشن لکيو، جمعي جي رات
آن کي جشن لکيو، سڳوري رات،

 

آن کي کمان.

]9[

ستيون ڪوه ڪريو، آن جي جاڳڻ مان جس،
الله ياد ڪريو، نماڻيون اکڙيون،

 

ستيون ڪوه ڪريو.

- ستيون ڪوه ڪريو، آئـِـين ابڙو پير جاڳايو

 

اکڙيون الا، ستيون ڪوه ڪريو

 

الا ياد ڪريو، نماڻيون اکڙيون، ستيون ڪوه ڪريو.

 

- ستيون ڪوه ڪريو، آئين سپڙ سالار جاڳايو

 

اکڙيون الا، ستيون ڪوه ڪريو

 

الا ياد ڪريو، نماڻيون اکڙيون، ستيون ڪوه ڪريو.

 

]10[

ماڙيءَ جو آءٌ ڀريان سلام
ڀـِـٽ جو آءٌ ڀريان سلام،
ونهيل ڄام، منهنجا دودل ڄام
ماڙيءَ جو آءٌ ڀريان سلام.

 

- جني ڏنم ميهڻا، الا ميهڻا

تني ڏنم کيرون،

ونهيل ڄام، منهنجا دودل ڄام
ماڙيءَ جو آءٌ ڀريان سلام.

 

- هليا هيڙون ڪري،

الا هيڙون ڪري،

ونهيل ڄام، منهنجا دودل ڄام
ماڙيءَ جو آءٌ ڀريان سلام.

 

- ڌوپڙا تنهنجي پڙ ۾

الا تنهنجي پڙ ۾،

ونهيل ڄام، منهنجا دودل ڄام
ماڙيءَ جو آءٌ ڀريان سلام.

 

- سومرين ڌوپڙا واسيا،

الا ڌوپڙا واسيا،

ونهيل ڄام، منهنجا دودل ڄام
ماڙيءَ جو آءٌ ڀريان سلام.

 

- ڇـُـلي پيئيون ماتائون ڇپرين

جن جا ڪلر ڀريا پير،

ونهيل ڄام، منهنجا دودل ڄام
ماڙيءَ جو آءٌ ڀريان سلام.

 

]11[

روپا سجي سونَ جي، آءٌ گهوري وڃان

 

آءٌ گهوريس، در دودل جو ڀيٽيان.

 

- ماڙي سڄي سونَ جي، آءٌ گهوري وڃان

 

آءٌ گهوريس، در دودل جو ڀيٽيان.

 

- سونا در روپا جا، آءٌ گهوري وڃان

 

آءٌ گهوريس، در دودل جو ڀيٽيان.

 

- جهنڊولا پٽ هنج ۾، آءٌ گهوري وڃان

 

آءٌ گهوريس، در دودل جو ڀيٽيان.

 

- چانئٺ سڄي سون جي، روپا در سندس

 

گهوري وڃان، در ڏاڏي جو ڀيٽيان
آءٌ گهوريس، در دودل جو ڀيٽيان.

 

- آيس عرضياڻي مون کي وار مَ خالياڻي

 

گهوري وڃان، در ڏاڏي جو ڀيٽيان
آءٌ گهوريس، در دودل جو ڀيٽيان.

 

- منجهه گـُـهگهلن ٻاٻيها، مـِـٺڙي مور چينگار

 

گهوري وڃان، در ڏاڏي جو ڀيٽيان
آءٌ گهوريس، در دودل جو ڀيٽيان.

 

- جهاڪوئن گاڏيون جوٽيون، هليا هيڙون ڪري

 

گهوري وڃان، در ڏاڏي جو ڀيٽيان
آءٌ گهوريس، در دودل جو ڀيٽيان.

 

- پپر آن جا ٻوريا، ڦلڙن ڦانٽون ڀريون

 

گهوري وڃان، در ڏاڏي جو ڀيٽيان
آءٌ گهوريس، در دودل جو ڀيٽيان.

 

- ڄاريون آن جون ڄميون، لاڻا لال ليار

 

گهوري وڃان، در ڏاڏي جو ڀيٽيان
آءٌ گهوريس، در دودل جو ڀيٽيان.

 

- انڌا منڊا پـِـڙ ۾، انڌن مليون اکيون، منڊن مليا پير

 

گهوري وڃان، در ڏاڏي جو ڀيٽيان
آءٌ گهوريس، در دودل جو ڀيٽيان.

 

- روپا سڄي سونَ جي، نيزي نور وسي

 

آءٌ گهوريس، در دودل جو ڀيٽيان.

 

- هي جا وڃي ڪونجڙي، سومرين ڏيج سلام

 

آءٌ گهوريس، در دودل جو ڀيٽيان.

 

- ٻين سڀني هٿڙا، سومرين پير رڱيا

 

آءٌ گهوريس، در دودل جو ڀيٽيان.

 

- هي جا وڃي ڪونجڙي، ٽويو ميندي ڏيج

 

آءٌ گهوريس، در دودل جو ڀيٽيان.

 

***

باب ٽيون

سومرن جو نسبنامو، شجرا ۽ پاڙا

سومرن جي نسبنامي، پيڙهين ۽ پاڙن بابت هڪ اهو مواد آهي، جيڪو ٿورو گهڻو تاريخي يا ٻين ڪتابن ۾ ملي ٿو ۽ جيڪو گهڻي حد تائين شايع ٿي چڪو آهي. ٻيو اهو مواد آهي جيڪو مسلسل زباني روايتن ذريعي هلندو آيو آهي. اهڙين روايتن مان هڪ مکيه روايت ’دودي - چنيسر جي ڳالهه‘ آهي جنهن ضمن ۾ سومرن جي پـُـري پيڙهي ۽ سندن حڪمرانن جي سلسلي تي مٿي باب اٺين (ص ص 202 - 236) هيٺ روشني وڌي وئي آهي. هن ڳالهه کان ٻاهر نسبنامي ۽ شجري يا پيڙهين ۽ پاڙن بابت ٻيو اهو مواد آهي، جيڪو سومرن جي ڀاڳن فقيرن يا سنڌ جي ٻين سگهڙ ڀانن جي روايتن ۾ محفوظ آهي، يا خود موجوده دؤر ۾ سومرن جي جدا جدا پاڙن جي نالن ۽ انهن پاڙن جي زباني روايتن ۾ محفوظ آهي. انهن پاڙن وارا هڪڙا اُهي آهن، جن پاڻ کي منڍ کان وٺي ’سومرو‘ سڏايو ۽ ٻيا اُهي، جيڪي پنهنجي پيشي جي لحاظ سان کٽي، کهنباٽي، رنگريز، ڊکڻ، واڍا يا چاڪي سڏجڻ لڳا. البت اهڙن پيشه ور ڪاريگرن ۾ سومرن کان سواءِ ٻين قومن ۽ قبيلن وارا به شامل رهيا آهن ۽ ٿي سگهي ٿو ته انهن به پاڻ کي سومرو سڏايو هجي.

سنڌ جي نسبنامن، پيڙهين ۽ شجرن جو ڪنهن وقت وڏو روايتي علم موجود هو، جيڪو هن وقت زوال پذير آهي. باوجود انهيءَ جي نسبنامن ۽ شجرن، پاڙن ۽ پيڙهين جي جيڪا روايت موجود آهي، سا تاريخ جو هڪ مکيه ماخذ آهي، جنهن کي سهيڙڻ ۽ سنوارڻ سان تاريخي تحقيق ۾ مدد ملي سگهي ٿي.

اسان کي سومرن جي نسبنامي، پيڙهين ۽ پاڙن بابت هن وقت تائين هيٺيون ست روايتون دستياب ٿيون آهن، جيڪي ڇاپي هيٺ نه آيون آهن ۽ هاڻي هن باب هيٺ سلسليوار ڏنيون ويون آهن: (1) ڀاڳن فقيرن جي روايت، (2) ڀانن جي لکيل يادداشت، (3) محمد هاشم سـَـڪريي سومري جو گڏ ڪيل شجرو، (4) فقير مرحوم خير محمد صوفي ۽ ميان فتح محمد سومري وارو شجرو، (5) سگهڙ صوفي عثمان کٽيءَ جي روايت، (6) سومرن جا ڪي موجوده پاڙا ۽ راڄ، ۽ (7) مولوي محمد هاشم کٽي مرحوم جي تصديق موجب کٽين جا پاڙا ۽ نکون.

وڌيڪ ڪوشش سان اهڙيون ٻيون روايتون دستياب ٿي سگهن ٿيون. البت هڪ ته انهن کي صحيح نموني سان قلمبند ڪرڻو آهي ۽ ٻيو ته انهن کي تنقيدي نگاهه سان ڀيٽڻو آهي، ته جيئن خاطر خواه نتيجا ڪڍي سگهجن. مثال خاطر هيٺ اسان سومرن جي ڪن خاص ڪـُـڙمن واري روايت، جيڪا ’ساڍن چوڏهن ڪـُـڙمن‘ جي نالي سان مشهور آهي، تنهن جو تنقيدي نگاهه سان وچور ۽ ويچار ڪنداسون ۽ ان بعد مٿيون ست روايتون سلسليوار ڏينداسون.

ساڍا چوڏهن ڪڙم:

سومرن جي نسبنامي ۾ چوڏهن يا پنڌرهن ڪڙمن جي روايت، تاريخي ويچار جي لحاظ سان هڪ خاص اهميت رکي ٿي. اهو انهيءَ ڪري جو هن روايت موجب اهي وڏي پيڙهي وارا پاڙا ۽ اصل بادشاهي گهراڻا هئا: يعني ته سومرا بادشاهه ۽ حڪمران انهن ڪـُـڙمن مان ٿيا. ڀاڳن فقيرن جي روايت موجب، اهي بادشاهي گهراڻا هئا، اهي اصل سومرا هئا، انهن ڪڏهن به ٻاهر سڱ ڪونه ڏنو ۽ انهيءَ ڪري ئي دودي واري جنگ لڳي. انهن بابت ئي چيو ويو ته:

سڱ نه ڏين سومرا، ڌارين ۾ ڌِيءَ
اول آخر اِي، سڃاڻپ سومرن جي.

ڀاڳ فقير به انهن ڪڙمن وٽ ويندا ۽ پنندا، باقي ٻين وٽ ڪين ويندا.

اها سهڻي ڳالهه، پر سوال آهي، ته اهي ڪڙم ڪيترا ۽ ڪهڙا؟ آدم ڀاڳ چيو ته اصل پنڌرهن ڪڙم هئا، جن مان جيئا سومرا ’اڌ ڪڙم‘ ڪري ليکيائون، ڇاڪاڻ جو هن ڪڙم جو وڏو ’جيئو‘ گهوڙا ٻاري طرف رهيو ۽ ٻاهران شادي ڪيائين، انهيءَ ڪري سندس اولاد کي اڌ ڪڙم ڪري سڏيائون. پوءِ باقي ’ساڍا چوڏهن ڪڙم‘ ٿيا.

اهي پنڌرهن ڪڙم ڪهڙا هئا، تن جي نالن بابت ڪا پڪي پختي شاهدي موجود ڪانهي، سواءِ انهيءَ جي جو چوندا ته ’ڀاڳ فقير فقط انهن پاڙن ۾ ويندا، باقي ٻين وٽ ڪين ويندا.‘ سؤ ٻه سؤ سال اڳ وڏن ڀاڳن فقيرن جي وقت ۾ جيڪڏهن پڇا ڪجي ها، ته پڪي تصديق سان ڪم از ڪم ايترو معلوم ٿي سگهي ها، ته آڳاٽي وقت کان وٺي ڀاڳ فقير ڪهڙن پاڙن ۾ ويندا هئا. جيئن وقت گذرندو ويو ته ڀاڳن فقيرن ۾ به اها اڳين رک ڪانه رهي ۽ جنهن پاڙي کين وڌيڪ ورثايو تنهن کي ’بادشاهي گهراڻن‘ يا ’چوڏهن ڪڙمن‘ ۾ ڳڻي مشهور ڪيائون.

چوڏهن ڪڙمن بابت نسبتاً پوئين دؤر جون ڪي روايتون هلندڙ آهن، جن مان هيٺين روايت مثال طور ميان محمد هاشم سڪريي بيان ڪئي.

1. متو سومرا          8. خفيف سومرا

2. لڌا سومرا           9. عيسيٰ سومرا

3. سڪريا سومرا      10. سـَـنهـِـيان سومرا

4. گاگن سومرا        11. سميسا سومرا

5. همون سومرا        12. مـَـرڪندا سومرا

6. همير سومرا         13. ساجن سومرا

7. جيئا سومرا         14. آسـُـو سومرا

هن روايت تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿيو، ته هي بالڪل پوئين دؤر جي آهي ۽ پڪي پختي ناهي. آدم فقير ڀاڳ چيو ته: هن ۾ ڪي بنيادي وڏا پاڙا، جيئن ته ’محمد سومرا‘ ۽ ٻيا شامل ناهن، ساجن، همون ۾ شامل آهن، ’آسو‘ اڃا به پوءِ جا آهن.

ٻيو ته ميان محمد هاشم واري مرتب ڪيل شجري توڙي ’ڀانن واري شجري‘ کي ڏسبو ته: لڌو، سڪريو، گاگن، همون چارئي پٽ ڌڻي پسايي جا، جن جي اولاد مان لڌا، سڪريا، گاگن ۽ همون ٿيا. اهي بيشڪ اصل نسل چـِـند سومرا شمار ڪري سگهجن ٿا، پر سندن ڏاڏو ڌڻي پسايو گهڻو پوءِ ٿيو. جيئن خود سندس نالي جي سٽاءَ مان ظاهر آهي. ڌڻي پسايو غالباً وڌ ۾ وڌ اڄ کان ٽي چار سؤ سال اڳ مغلن جي آخر ۽ ڪلهوڙن واري دؤر ۾ ٿي گذريو.

ٽيون ته همير ۽ جيئو به هڪ روايت موجب مـَـتـُـو جي پيڙهي مان ٿيا ۽ سندن اولاد ’همير پوٽا‘ ۽ ’جيئا‘ يا ’جيئي پوٽا‘ سڏجي: يعني ته اهي پاڙا پوءِ جا آهن.

چوٿون ته خفيف سومرا، ميان محمد هاشم واري شجري موجب ڌڻي پسايي جي پٽ همون جو اولاد آهن، يعني ته اهي اڃان به پوءِ جا آهن.

پنجون ته عيسا، سـَـنهيان، سميسا ۽ مرڪندا چارئي محمد جي اولاد ۾ آهن ۽ سندن وڏي ڏاڏي جي لحاظ سان ڄڻ ’محمد سومرا‘ آهن. وقت ۽ پيڙهين جي لحاظ سان اهي به وڌ ۾ وڌ ڌڻي پسايي جي اولاد مان هليل پاڙن وانگر پوئين دؤر جا آهن.

ڇهون ته ساجن ۽ آسو، ٻئي ننڍا ۽ اڃان به پوئين دؤر جا آهن ۽ انهن کي چوڏهن وڏن ڪڙمن ۾ شمار ئي نٿو ڪري سگهجي.

مٿين ڳالهين کي ڌيان ۾ رکندي ويچار ڪرڻو آهي، ته اهي اصل وڏا ڪڙم ڪهڙا؟ جيڪڏهن انهن جي سڃاڻپ اها هئي، ته اهي مٿين پيڙهين وارا آڳاٽا پاڙا هئا ۽ ٻيو ته اهي بادشاهي گهراڻا هئا، ته پوءِ انهن جي ڳڻپ ۾ انهن ٻن ڳالهين کي ڌيان ۾ رکڻو پوندو. مٿي ڏنل شجرن ۽ پاڙن کي ڌيان ۾ رکبو ته پوءِ پيڙهي ۽ دؤر جي لحاظ سان مٿيان ۽ آڳاٽا پاڙا هيٺين طور بيهندا:

1. طائي                       8. ڀينءَ، ڀينئان

2. دوداڻي                      9. جيئا (وڏي جيئي جو اولاد)

3. همير (وڏي همير جو اولاد) 10. جکري ريحاڻ - ڀوٽڙا

4. متوئي                      11. لڌا

5. عمر پوٽڙا           12. سڪريا

6. کينئرا                      13. گاگن

7. خفيف                      14. همون

                                15. محمد پوٽڙا

باوجود مٿئين وچور جي، جنهن ۾ ڌڻي - پسائي جي اولاد وارا پاڙا به شامل آهن، سومرن جي چوڏهن يا پنڌرهن ڪڙمن واري روايت اڃا وڌيڪ تحقيق طلب آهي. مثلاً: نڀي جو اولاد، يعني ’مـَـرڪڻ‘ ۽ ننگر پوٽڙا سومرا به پيڙهي مطابق مٿئين پاڙي ۾ اچن ٿا ۽ جي ڳڻجن ته اهي نائين نمبر ۾ ايندا.

 

 

***

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org