سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سومرن جو دور

باب: 10

صفحو :13

 

باب ڏهون

سومرن جون ٻين قومن سان جنگيون

دودي - چنيسر جي ڳالهه جي ڪن بيانن مان معلوم ٿئي ٿو، ته عالادين بادشاهه کان سواءِ، ڪن ٻين قومن سان پڻ سومرن جون جنگيون ٿيون. سومرن جي اوائلي دؤر ۾ اهي جنگيون واگهيلن ۽ گجرن سان ٿيون، ۽ سندن پوئين دؤر ۾ اهي جنگيون سمن ۽ سندن قبيلن سان ٿيون. انهن تاريخي واقعن جون يادگيريون هن وقت تائين صدري روايتن ذريعي هلنديون آيون آهن، جيڪي اسان ڪن ڪچهرين ۾ ٻڌيون. مثلاً: عمر رسيده راوي مير خان ڀنڀري چيو ته: ’سومرن لڙايون گجرن سان ڪيون، ۽ پوءِ پڇاڙيءَ جو سمن سان ڪيون ۽ سمن سومرن کي تباهه ڪري ڇڏيو‘(1).

سومرا ۽ واگهيلا: ڪڇ ۽ گجرات جي ڪهاڻين ۾ سنڌ جي سمن قبيلن ۽ ڪڇ جي واگهيلن جي جنگين جا بيان ملن ٿا. انهن ڪهاڻين مطابق اهي جنگيون سومرن واري اوائلي دؤر ۾ يا اڃان به ان کان اڳ لڳيون. ڪڇ وارا بيان موجوده صورت ۾ نهايت مـُـنڌل آهن، خصوصاً انهيءَ ڪري جو گذريل صدي کان وٺي، هندو مؤلفن انهن کي يڪ - طرفو ڪري سهيڙيو ۽ پيش ڪيو آهي، ۽ سنڌ کي گهٽ ۽ گجرات کي مٿي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سنڌ جي سورهيه لاکي ڦـُـلاڻي، ڪڇ ۽ گجرات طرف وڏيون سوڀون ڪيون ۽ دشمنن کي جنگين ۾ هميشہ شڪست ڏنائين. مڙس مرڻ جو ڪونه هو، پر پنهنجي گهرو قبائلي اختلافن ڪري سندس مامي کنگهار کيس مارايو(2). پر گجرات ۽ ڪڇ جي ڪهاڻين ۾، جيڪي ان واقعي کان پوءِ، هلايون ويون، تن ۾ گجرات، ڪڇ ۽ مارواڙ جي مختلف هندو سربراهن کي ساراهڻ خاطر سندن هٿان لاکي ڦلاڻي کي مارايو ويو. نه فقط ايترو، پر جن هندو صاحبن اهي ڪهاڻيون گذريل صدي ۾ سهيڙيون تن پنهنجي طرفان پڻ وڌاءُ ڪري ڳالهه کي اتي وڃي پهچايو ته: فلاني يا فلاڻي جاءِ تي لاکي کي ماريو ويو ۽ اتي سندس موت جي نشاني طور لڳايل پٿر اڃان تائين بيٺو آهي. جڏهن تحقيق ڪئي وئي، ته معلوم ٿيو ته اهڙو ڪوبه پٿر موجود ناهي. اسان اهڙن دعويدارن تي تنقيد ڪئي آهي ۽ سندن دعوائن کي پڪن پختن دليلن سان رد ڪيو آهي(1).

سنڌ ۽ ڪڇ بابت اهڙين ڪهاڻين ۾ خاص طرح واگهيلن ۽ ٻين کي مٿي ڪيو ويو آهي. مثلاً: ائين ڄاڻايو ويو آهي ته:

- 9 صدي عيسوي ۾ جڏهن سما ڪڇ ۾ داخل ٿيا، تڏهن وگهم چاوَڙو سامونڊي ڪناري لڳ حڪمران هو، وچ ڪڇ ۾ ڪاٺـِـي حڪمران هئا، ۽ اوڀر ڪڇ ۾ واگهيلن جي حڪومت هئي.

- مولجي واگهيلو، سـِـيو جي راٺوڙ سان شامل ٿيو، ۽ ٻنهي گڏجي لاکي ڦلاڻي کي ماريو.

- ڪڇ ۾ ’گيڙِي‘ جي رياست تي واگهيلن سن 1400 سنبت (تيرهين صدي عيسوي) ۾ قبضو ڪيو. سندن آخري راجا ڌرڻ کي پوءِ مـُـهڙ پٽ ساند سمي ماري ’گيڙِي‘ تي قبضو ڪيو. پوءِ گيڙِي مسلمانن جي هٿ ۾ آئي.

تاريخي لحاظ سان، ڪڇ اٺين صدي عيسوي کان وٺي سنڌ جي عرب - اسلامي نظام حڪومت هيٺ آئي. سنڌ جي سمن ئي ڪڇ کي وسايو ۽ اتي پنهنجو تسلط قائم ڪيو. سمن جا گهڻا سڀ قبيلا اسلام قبول ڪري چڪا هئا ۽ ٻيا ٿورا جيڪي نالي ۾ هندو هئا، سي به اسلامي ريت رسم جا پابند هئا. ڪڇ جا جاڙيجا (سما) راو ويندي پوئين وقت تائين ڄڻ اڌ مسلمان هئا. 19 - صدي جي شروع کان وٺي انگريزن ڪڇ تي قبضو ڪري، مسلمان قبيلن جي طاقت ۽ اسلامي رواج کي ڪنهن حد تائين ختم ڪري، حڪمران راو کي هڪ ’هندو راو‘ جي حيثيت ۾ چمڪايو. تاريخ جي روشنيءَ ۾، واگهيلن جو لاکي ڦلاڻي کي مارڻ يا گيڙِي (جتي سما حڪمران هئا) تي سندن قبضو ڪرڻ محض افسانا آهن. سنڌ جا سما سنبت 1400 کان گهڻو اڳ ڪڇ جا حڪمران ٿيا. سنڌ جي سومري بادشاهه همير سومري (وڏي)، پنهنجي قوت ۽ طاقت سان ڪڇ کان اڳتي گجرات طرف سوڀون ڪيون، ۽ ڪڇ ۾ سما حڪمران وڌيڪ طاقتور ٿيا. ڪڇ - گجرات جي ٻين ڪهاڻين موجب سولنڪي گهراڻي بعد، سنبت 1238 کان پوءِ، واگهيلا ڪڇ ۾ حڪمران ٿيا. سومرن واري دؤر ۾ ڪڇ ۾ آباد سنڌ جي قبيلن ۽ ڪڇ جي واگهيلن جي وچ ۾ صلح ۽ سڱابندي جا رشتا پڻ هئا، جن جا اهڃاڻ ”اڍي ۽ هوٿل واري داستان ۾ ملن ٿا. اَڍي جي شادي ويسر راءِ واگهيلي جي ڌيءَ سان ٿيڻي هئي، پر پوءِ جڏهن هوٿل جي عشق ۾ ان جي پويان روانو ٿيو، ته پنهنجي مرڻ جي جڙتو خبر ويسر راءِ ڏي ڏياري موڪليائين، ته جيئن سندس آسرو نه ڪري پنهنجي ڌيءَ اُٿاري ڇڏي:

ويسر راءِ واگهيلي کي جهجها ڏيج جـُـهار
اَڍو اتي ماريو جتي پهتي وار.

 

ڪڇ جي ڏکڻ ۽ اوڀر طرف وارن ملڪن ۾ گهڻو آڳاٽو گجرن جي حڪومت هئي. ڪڇ - گجرات جي ڪهاڻين موجب واگهيلا سنبت 1238 کان پوءِ، يعني ته اندازاً تيرهين صدي عيسوي جي شروع ڌاري ڪڇ ۾ آيا ۽ سندن سرداري ڪڇ جي اوڀر واري علائقي تي رهي. سنڌ جي تاريخ ۽ سومرن جي دؤر جي روايتن جي روشني ۾ چئي سگهجي ٿو ته اندازاً سومرن جي اوائلي دؤر جي ڏيڍ سؤ سالن (1250 - 1100ع) واري عرصي ۾ سومرن جون گجرن ۽ واگهيلن سان لڙايون ٿيون ۽ انهن لڙاين ۾ آخر سوڀ سومرن جي ٿي. ڪڇ جي روايتن ۾ پڻ اهڙا اهڃاڻ موجود آهن، پر اتان مؤلفن اهڙن بيانن کي گذريل صدي کان وٺي نظراندازا پئي ڪيو آهي.

دودي - چنيسر جي ڳالهه جي ڪڇ ۾ هلندڙ هيٺين روايت اسان کي مٺو نهڙيي ڪڇي کان ملي، ان ۾ واگهيلن ۽ سومرن جي لڙاين بابت ڏنل اهڃاڻ غور طلب آهن:

ڀونگر کيليـَـل مان هڪ پٽدودو‘ ۽ هڪ ڌيءَٻاگهي ياٻاگهل هئي.* ڀونگر جي وفات کان پوءِ ٻاگهل ٻائي گادي سنڀالڻ لڳي ۽ پنهنجي ڀاءُ دودي کي به موٽي اچڻ لاءِ لکيائين. جيسين دودو اچي تيسين ٻاگهل ذات جا، جن جي اڳي ئي هن گادي ۾ نظر هئي، سي ڪاهي آيا ۽ وڳهه ڪوٽ کي گهيرو ڪري ويهي رهيا. اهو حال ڏسي ٻاگهل ٻائي دودي کي قاصد موڪليو. دودي کي قاصد پهتو ته هن يڪدم موٽڻ جي ڪئي ۽ پنهنجن زالن کي ٻڌايائين ته: آءٌ ڀونگر بادشاهه جو پٽ دودو آهيان. رُوپاهه، جيڪا پيٽ سان هئي، تنهن کي چيائين ته: جي پٽ ڄمئي ته نالودودو رکجان. ائين چئي وڳهه ڏانهن روانو ٿيو. وڳهه ڪوٽ ۾ ٻاگهلَ جنگ جوٽيو بيٺا هئا. دودي به اچڻ سان انهن جي لشڪر ۾ ٻاڪر ڪٽو وڌو، پر دودو مارجي ويو. ٻاگهيءَ مٿان ماڙيءَ تان ويٺي ڏٺو، سا ڳجهه ڳوهه ۾ دودي جو لاش کڻائي آئي، جنهن جي ڪـَـل ٻاگهـُـلن کي ڪانه پئي، نيٺ اُهي هارائي ڀڄي ويا.

ٻاگهي ڇا ڪيو جو دودي جي لاش کي مصالحو لڳائي ڪـُـرمي ڪري ويهاري ڇڏيائين ۽ ان جي هٿ ۾ حـُـقو به ڏيئي ڇڏيائين. ٻاگهـُـل به دودي کي جيئرو سمجهي ڊپ ۾ ويٺا هوندا هئا. ڏهن - پنڌرهن سالن کان پوءِ ٻاگهـُـلن کي شڪ پيو ته دودو مري ويو آهي. سو هڪڙي ڌُوتيءَ کي ماڙيءَ ۾ موڪليائون، جيڪا ٻاگهيءَ وٽ اچي رهي. پوءِ هن اتي هڪڙو ڪـُـڪڙ جو ٻچو پاليو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ، ان ٻچي کي ڌڪ هڻي ماري، پوءِ ويهي پار ڪڍي روئڻ لڳي. ٻاگهيءَ کيس گهڻو ئي سمجهايو، پر هوءَ ماٺ ئي نه ڪري ۽ چئي ته: هاءِ ڙي منهنجو ڪڪڙ! اهو ٻڌي نيٺ ٻاگهي به چئي ڏنو ته: ناني آءٌ پنڌرهن - سورهن سالن کان ڪونڌر ڀاءُ ڪهايو، سـُـورَ سهايو ويٺي آهيان، پر تون ڪڪڙ جي ٻچي لاءِ پئي پار ڪڍين! اتي پوڙهيءَ چيس ته: امڙ! دودو ته جيئرو آهي. تڏهن ٻاگهيءَ چيس ته: هن کي شهيد ٿئي پنڌرهن سال ٿي ويا آهن. هي ته سندس مڙهه مصالحن جي زور تي رکيو آهي. اهو راز وٺي، ٻئي ڏينهن صبح سان اها پوڙهي گم ٿي وئي.

ٿورن ڏينهن کان پوءِ ٻاگهلن طرفان ٻاگهيءَ کي خط اچي مليو ته: يا ته گادي اسان جي حوالي ڪر، يا ته جنگ لاءِ تيار ٿي. هوڏانهن ٻاگهي پنهنجن ڀائٽين ڏانهن نياپو موڪليو ته: ٻاگهل ٿا ڪاهين، توهين جلد اچو. اهو نياپو ٻڌي، اهي به يڪدم وڳهه ڪوٽ پهچي ويا. ٻاگهيءَ کين چيو ته: توهين منهنجا ڀائر سڏايو. دودي جي شڪل هوبهو پنهنجي پيءُ جهڙي هئي، انهيءَ ڪري، جڏهن ٻاگهل ڪاهي آيا ۽ دودي کي جيئرو ڏٺائون، تڏهن جنگ جي همٿ نه ساري، ماٺ ميٺ ۾ موٽي ويا(1)

هن بيان ۾ ’ٻاگهل مان مرادواگهيلا‘ آهي، البت فرق اهو آهي، ته ڪڇ ۾ ’واگهيلن‘ جي جن قبيلن اسلام قبول ڪيو، سي پوءِ ٻاگهل سڏجڻ لڳا ۽ منجهانئن گهڻن اچي سنڌ کي وسايو(2). ٿي سگهي ٿو ته مسلمان ٻاگهل قبيلن جي ڪن طاقتور سردارن اهو حملو ڪيو هجي. سومرن واري دؤر ۾ سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر اتر - اولهه هندوستان ۾ مسلمانن جي سياسي طاقت وڌندڙ هئي ۽ انهيءَ ڪري ڪن هندن (واگهلن) جو مسلمانن (سومرن) کان سڱ گهرڻ امڪان کان ٻاهر هو.

سومرا ۽ گجر: مٿيون بيان جيڪو ڪڇ جي روايت موجب سومرن ۽ واگهيلن  بابت آهي، سو سنڌ جي روايتن ۾ جزوي اختلاف سان سومرن ۽ گجرن جي جنگين بابت پڻ موجود آهي، مگر واگهيلن جي ڀيٽ ۾، سومرن ۽ گجرن جي ناتن ۽ لاڳاپن، جهيڙن ۽ جنگين بابت دودي - چنيسر جي ڳالهه جي مختلف روايتن ۾ وڌيڪ اشارا ۽ اهڃاڻ موجود آهن. انهن کي صحيح نموني ۾ سمجهڻ لاءِ، سنڌ اندر عربن ۽ سومرن واري دؤر ۾ سنڌ ۽ گجرن جي سياسي تعلقات جي تاريخي پس منظر کي ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي. جيتوڻيڪ اها تاريخي تحقيق اڃان انهيءَ پايي تي نه پهتي آهي، جو اهو پس منظر پوري طرح روشن ٿي سگهي، ته به مجموعي طور سان هيٺيان نتيجا قائم ڪري سگهجن ٿا. محمد بن قاسم جي فتحن سان، سنڌ کان اوڀر ۽ ڏکڻ وارا ملڪ، موجوده بيڪانير، جوڌپور، مارواڙ ۽ ڏکڻ طرف ڪڇ، ڪاٺياواڙ تائين، سنڌ جي سياسي اثر هيٺ اچي ويا، جيتوڻيڪ بعد ۾ انهن ملڪن جي گهڻن ڀاڱن تي وري مقامي حڪمرانن جو قبضو ٿي ويو ۽ سنڌ جي سياسي طاقت جو دائرو گهٽجي ويو، ته به سنڌ سان بالڪل لاڳيتا علائقا ۽ ڪڇ جو وڏو حصو سنڌ جي دؤرانديشي ڪري سنڌ جي پاڙيسري حڪومتن سان صلح جا ناتا وڌايا ۽ مضبوط ڪيا ۽ اهي مجموعي طور سان 8 کان 10 صدي تائين قائم رهيا. البت سنڌ ۾ عرب حڪومت جي زوال ۽ سومرن جي نئين حڪومت قائم ٿيڻ واري عرصي ۾ يعني ته 10 صدي جي آخر کان وٺي 11 صدي جي آخر تائين، ڏکڻ - اوڀر کان گجرن حڪمرانن طرفان سندن پنهنجي طاقت وڌائڻ جو گمان ٿي سگهي ٿو، مگر انهيءَ دؤر ۾، سنڌ جي چوڌاري اوڀر طرفان جوڌپور ۽ مارواڙ وارن ملڪن کان وٺي، ويندي ڏکڻ ۾ ڪاٺياواڙ تائين سلطان محمود غزنوي جي فتحن سببان اتي جا گجر ۽ ٻيا حڪمران سنڌ ڏانهن پيش قدمي ڪري نه سگهيا. سنڌ ۾ سومرن پڻ غزني ۽ غوري سلطانن سان پنهنجو سياسي ناتو قائم ڪيو، جنهنڪري سومرن جي طاقت مضبوط ٿي ۽ اوڀر ۽ ڏکڻ طرف وارين حڪومتن طرف سندن سياسي اثر جو دائرو وڌيو.

ڏهين صدي عيسوي ۾ سنڌ جي ڏکڻ - اوڀر طرف گجرن جي شاهي حڪومت (gujara Empire)  هئي، جنهن جي گادي جو شهر اَنهلواڙ - پـَـٽڻ هو. اندازاً 980ع ڌاري چالـُـوڪيه گهراڻي جو خاتمو ٿيو ۽ حڪومت جون واڳون سولنڪي گهراڻي هٿ ڪيون. سنه 1025ع ۾ سلطان محمود سومناٿ تي چڙهائي ڪئي ۽ گجرن ۾ ٿرٿلو وجهي ڇڏيو. سومناٿ ڏانهن ويندي سنڌ جي اُڀرندان لـُـڊاڻي جو قلعو فتح ڪيو، هيٺ ڏکڻ طرف گجرن جي راجا چامـَـند کي شڪست ڏنائين ۽ سندس جاءِ تي راجا ديو شرمن کي گادي تي ويهاريائين.

انهن واقعن کان 25 سال پوءِ 1050ع ڌاري سنڌ ۾ سومرن جي مرڪزي طاقت مضبوط ٿيڻ لڳي. ٻئي طرف گجرن جي طاقت جي چوٽي ڀڄي چڪي هئي، جيتوڻيڪ 1037ع ڌاري چامـُـند جي پٽ دُرلڀ وري پنهنجي پيءُ جي گادي هٿ ڪئي. عرب - اسلامي دؤر ۾، گجرن جون ننڍيون سرداريون ۽ رياستون جيڪي سنڌ جي سرحدن کي بالڪل ويجهيون ۽ لاڳيتيون هيون، سي اسلامي تهذيب جي زير اثر اچي چڪيون هيون ۽ نه فقط اتي جا ڪي گجر سردار ۽ حڪمران اسلام قبول ڪري چڪا هئا، پر ڪي گجر قبيلا اسلام قبول ڪري سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا ۽ ويندي اڄ تائين آباد آهن(1). باوجود انهيءَ جي انهن علائقن ۾ گجر حڪمران مقامي طور خودمختار ۽ مضبوط هئا. دودي - چنيسر جي ڳالهه جي اهڃاڻن توڙي سنڌ ۾هلندڙ ٻين روايتن مان ائين معلوم ٿئي ٿو، ته انهن ويجهين گجر رياستن جي حڪمرانن ئي سومرن جي اوائلي دؤر ۾ پنهنجي طاقت کي وڌائڻ ٿي چاهيو ۽ انهيءَ ڪري سومرن سان سندن جنگيون ٿيون.

دودي - چنيسر جي ڳالهه ۾ آيل اهڃاڻن مان اهڙي تصديق ٿئي ٿي، ته گجرن جون رياستون سنڌ جي سرحد سان لاڳيتيون هيون ۽ پڻ گجر سومرن سان سڱيڻا هئا. گجرن جا ڪيترائي قبيلا سنڌ ۾ آباد هئا ۽ اهي سنڌ ۾ وسندڙ ڪن ٻين قبيلن وانگر سومرن حڪمرانن جا مک صلاحڪار ۽ مددگار هئا. انهن ٽاڻن مطابق، ڪن گجرن سردارن جو باغ سومرن جي بادشاهي جي دنگ تي هو(1). وڏي دودي انهيءَ باغ ۾ پنهنجي مينهن کي چاريو ۽ باغ کي ڀيلايو. گجرن اها شڪايت دودي جي پيءُ سان ڪئي، ۽ سندن ايترو اثر رسوخ هو، جو جڏهن دودي تي اها ڳالهه ثابت ٿي، تڏهن پڻس مجبور ٿي کيس ديس نيڪالي ڏني(2). اهڙي طرح هڪ ٻيلو جنهن ۾ چنيسر شينهن ماريو سو پڻ گجرن جو چراگاهه هو، چنيسر ٿو چوي ته:

شينهن ماريم ٻيلي ۾ جتي گجرن چراگاهه(3)
 

گجرن سردار ۽ حڪمران، سومرن جي اوائلي دؤر ۾ ئي ساڻن سڱيڻا ٿيا  ۽ سومرن حاڪمن کي سڱ ڏنائون. هڪ روايت موجب وڏي مـُـنگر راوَ گجرن سان شادي ڪئي هئي ۽ ان گهر مان کيس ٽي پٽ ڀونگر، چنيسر ۽ ڏونگر ٿيا. انهن مان ڀونگر راو کي هڪ پٽ وڏو دودو يا دودو نهرو، ۽ هڪ ڌيءَ ٻاگهي ٿي. جڏهن ڀونگر راو حڪمران ٿيو تڏهن سندس ٻيا ڀاءَ چنيسر ۽ ڏونگر راو حڪمران ٿيو تڏهن سندس ٻيا ڀاءُ چنيسر ۽ ڏونگر ٻئي پنهنجن ناناڻن گجرن ۾ رهيل هئا. ڀونگر راو پنهنجن ڀائرن جو خيال رکندي، گجرن ۾ ويو ۽ اتي پنهنجي ڌيءُ ٻاگهيءَ جي آڇ ڪري ٻه سڱ ورتائين. هڪڙي ڇوڪري اتي پنهنجي ڀاءُ چنيسر کي پرڻايائين، ۽ ٻيءَ لاءِ پنهنجي پٽ دودي جو چوڻ ڪري موٽي آيو. پر سندس ننڍو ڀاءُ ڏونگر ۽ پٽس دودو نهرو انهيءَ مائٽيءَ تان اچي ڪاوڙيا، ۽ پوءِ جڏهن گجر سڱ وٺڻ لاءِ آيا، ته کين تڙي ڪڍيائون. انهيءَ تان ئي ڀونگر راو ساڻن ڪاوڙيو، جو ٻئي ديس ڇڏي مـُـنهن ڪري هليا ويا(4). ٻي هڪ روايت (جيڪا البت اڻپوري آهي) مان پڻ هن اهڃاڻ جي تائيد ٿئي ٿي. ڀونگر راو کي پهريائين اولاد ڪونه ٿي ٿيو ۽ جڏهن نجومي کان پڇيائون ته هن چيو ته: پٽ ۽ ڌيءَ ٿيندا، پر ڌيءَ جو سڱ گجرن ۾ ٿيندو ۽ گجر ڀونگر راو جا ناٺي ٿيندا:

ڌيءَ ڄڻيندو هيڪڙي ڀونگر پٺ منجها
نياڻا ٿيندس گجرا، پوٿي ايئن ڳالهاءِ(1).

 

اڃا به هڪ ٻي روايت ۾ ڄاڻايل آهي ته: سومرا ۽ گجر پاڻ ۾ سڱڻيا هئا، جو گجر ڀونگر راو وٽ ٻاگهي جو سڱ گهرڻ آيا. ڀونگر راو کين چيو ته: ٻاگهي منهنجي پٽ دودي جو وِڻو (عيوض) آهي. ان کي مون ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي هو دلوراءِ وٽ ٿو رهي. خط موڪليانس ٿو ته گجر آيا آهن ۽ ٻاگهي جو سڱ ٿا گهرن. پوءِ جيڪو جواب ڏئي(2).

انهن بيانن مان تصديق ٿئي ٿي، ته آڳاٽي وقت کان وٺي گجرن سردارن ۽ سومرن حاڪمن جا پاڻ ۾ رشتا ٿيا. ٿي سگهي ٿو ته انهن گجرن حڪمرانن جيڪي سومرن سان سڱيڻا هئا، تن سڱن بندن تان سومرن سان لڙايون ڪيون، يا سندن ٻين پاڙيسرين اهي جنگيون ڪيون. مگر گجر سردارن ۽ قبيلن سان سومرن جون مائٽيون دودي - چنيسر واري دؤر تائين هلنديون آيون، ۽ پڻ سندن وقت ۾ گجرن جا راڄ ۽ قبيلا سنڌ ۾ آباد هئا ۽ اهي سومرن جي خاص صلاحڪارن ۾ شامل هئا. هڪ روايت موجب، دودي جي ڀاءُ چنيسر جي شادي پڻ گجرن مان ٿي هئي.

چنيسر جي زال مريم پڻ محمد نالي گجر سردار جي، جيڪو دودي جو دوست هو، پڦي هئي. هڪ بيان ۾ ڄاڻايل آهي، ته عالادين جي اچڻ جو ٻڌي جڏهن دودي پنهنجي ڀائٽيي ننگر کي سڏيو ته ننگر پنهنجن پنجاهن يارن سان گڏ دودي جي درٻار ۾ اهڙي طرح گوڏو ڀڃي اچي ويٺو، جو دودو حيران ٿي ويو. انهيءَ حيراني ۾ هو جو محمد نالي دودي جي دوست اچي سلام واريو پر دودي سندس سلام ڪونه جهليو، محمد ڀانيو ته ننگر کي مٿي ڪرڻ خاطر دودي سندس سلام ڪونه جهليو، سو دودي کي ننگر جي نالي طعني طور چيائين ته:

ننگر تنهنجو ننڍڙو، جنهن کي وهي کير مـُـنها
جنهن کي ڇڏي نه سيڪ سانداڻ جو،

جنهن جا لوهر ناناڻا!

ننگر جي پيءُ چنيسر جا ناناڻا لوهر هئا، انهيءَ ڪري محمد ائين چيو. اهو ٻڌي ننگر کيس جواب ڏنو ته:

پڻهين - ڀيڻ، تو پڦي، سا منهنجي سڳي ماءُ
لـڄ اچنهان ڪانڪا، جو ڏنان سومرن ڏانـہ(1)!

عالادين جي چڙهي اچڻ وقت دودي جيڪي امير، صوبا ۽ سردار صلاح لاءِ سڏايا، تن ۾ ٻين قبيلن ۽ قومن سان گڏ گجر پڻ شامل هئا(2). گجر قبيلا ان وقت کان وٺي اڄ تائين سنڌ ۾ (خاص طرح سومرن جي حڪومت واري مرڪزي علائقن ۾) آباد آهن. گجرن جو مشهور مقام ’ڀـِـڙو ڪـُـنڀارڙو‘ (لڳ ڳوٺ حاجي عيسو راهواڻي نهڙيو ۽ پراڻ جي پتڻ ڪاٺڙي، سامهون، ڀٽ ڏڏر) آهي. اتي جي مقامي روايت موجب دودي ۽ چنيسر ”ڏَڏَر ڀـِـٽ“ تي توب رکي گجرن کي تباهه ڪيو هو.

سومرن ۽ گجرن جون لڙايون: سومرن ۽ گجرن جي جنگين بابت ڳالهه جي مختلف روايتن ۾ هي اهڃاڻ ڏنل آهن ته بالڪل اوائلي دؤر ۾ سومرن گجرن کان وڳـہ ڪوٽ ورتو. ان بعد گجرن جو زور ٿيو ۽ هنن ڀونگر راو جي وقت ۾ وڳـہ تي ڪاهيو. ڀونگر جي پٽ ڪاري دودي پوءِ، گجرن کي شڪست ڏني ۽ سندن طاقت کي ختم ڪيو. ڪيترين روايتن ۾ انهن لڙاين جو سلسلو ويندي دودي ۽ چنيسر تائين پهچايل آهي. انهن روايتن موجب دودي ۽ چنيسر ئي گجرن کي شڪستون ڏيئي سندن طاقت جو خاتمو آندو.

وڳهه ڪوٽ تي سومرن جو قبضو: وڳـہ ڪوٽ اصل گجرن جو هو ۽ پوءِ اهو سومرن هٿ ڪيو ۽ ان کي پنهنجي گادي جو شهر ڪيائون. محمد خان ڪپري جي روايت موجب: ’وڏي دودي واڇري جو پٽ ڪارو دودو جنهن جو پٽ ڀونگر ٿيو. وڳـہ ڪوٽ اصل گجرن جو هو، جن کي دودي گهاڻي ۾ پيڙي ڇڏيو ۽ وڳـہ پنهنجو ڪيائين‘(3) . هي روايت سومرن جي طاقت جي بالڪل اوائلي دؤر جو يادگار آهي، جڏهن سومرن پهريائين وڳـہ ڪوٽ تي قبضو ڪيو. البت ’دودي جو گجرن کي گهاڻي ۾ پيڙڻ‘ يعني ته گجرن جي طاقت کي صفا ختم ڪرڻ وارو ٽاڻو غالباً اوائلي دؤر کان پوءِ وارين جنگين متعلق آهي، جن بابت وڌيڪ ٻيا اهڃاڻ پڻ ملن ٿا.

ڀونگر راو جون گجرن سان جنگيون: هڪڙين روايتن ۾ ائين ڄاڻايل آهي، ته ڀونگر راوَ پاڻ جنگيون ڪيون ۽ انهن جنگين ڪندي فوت ٿيو. ٻين روايتن موجب پنهنجي پٽ (وڏي ڪاري) دودي کي مدد لاءِ گهرايائين ۽ ڀونگر ۽ دودو انهن جنگين ۾ مئا. اڃان به ٻين روايتن موجب، ڀونگر، گجرن کي شڪستون ڏيئي ڀڄايو. ان کان پوءِ وڏي دودي جنگيون ڪيون ۽ گجرن جي طاقت کي ختم ڪري ڇڏيو. ان وقت ڀونگر بادشاهه جيئرو هو، دودو ۽ چنيسر اڃان ننڍا هئا.

جئيسنگ گجر ۽ ڀونگر راو: جئيسنگ گجر جوڳين کان پڇيو ته: اوهين ملڪ پيا گهمو، منهنجي جوڙجيس ڪا عورت ڪٿي ڏٺيوَ؟ جوڳين جواب ڏنو ته ٻي ڪا عورت تو جوڳي اسان کي ڪانه سجهي، باقي وڳـہ ڪوٽ ۾ شهزادي ٻاگهي تنهنجي لائق آهي، اهو ٻڌي گجر ميڙ ڪري وڳـہ ڪوٽ ۾ حاڪم ڀونگر راو سومري وٽ ٻاگهي جي سڱ لاءِ آيا، پر اچي پنهنجي طاقت ڏيکاريائون ۽ سڱ لاءِ زور رکيائون. ان وقت ڀونگر راءِ پيرمرد ٿي چڪو هو ۽ گجرن جو زور ڏسي، کين چيائين ته هو پنهنجي پٽ دودي سان صلاح ڪري، کين جواب ڏيندو. سندس پٽ ڪارو دودو، جنهن کي ملڪ نيڪالي ڏني هئائين، سو ان وقت دلوراءِ جي شهر ۾ هو ۽ دلوراءِ جي ڌيءَ سان شادي ڪئي هئائين. ان ڏانهن قاصد موڪليائين، جنهن اچي دودي کي ذهن نشين ڪرايو، ته جيڪڏهن گجر ڪا ٻانهي وٺي ويا ته به ماڻهو ائين چوندا، ته دودي جي ڀيڻ آهي. پوءِ دودو وڳـہ ڪوٽ آيو، پر ڀونگر راو ان کان اڳ گذاري ويو هو(1).

* ٻين روايتن موجب دودي جي پيءُ ڀونگر گجرن سان لڙائي ڪئي، پر سڱ نه ڏنائين(2). ڀونگر راو پنهنجي پٽ ڪاري دودي کي ملڪ نيڪالي ڏني ۽ هو دلوراءِ جي بادشاهي ۾ پهتو، جتي دلوراءِ جي ڌيءَ سان شادي ڪيائين. پويان ڀونگر راوَ جي گهر ٻاگهي ڄائي ۽ اها جڏهن وڏي ٿي، ته گجرن ٻاگهي جو سڱ گهريو. ڀونگر کين جواب ڏنو ته: اسان سومرن ڪنهن کي سڱ نه ڏنو آهي. انهيءَ تان جنگ لڳي. گجر هارائي ڀڳا(3).

* هڪ روايت موجب پهرين جنگ ۾ گجر هارائي ڀڳا، پر وري ٻيو ڀيرو ڪاهي آيا. انهيءَ جنگ ۾ به گجرن هارايو پر ڀونگر زخمجي پيو. هاٿيءَ جو مڙهه مٿان ڪريس جنهن ۾ گذاري ويو. ٻاگهي ڀونگر جي جسم کي مصالحو ڏيئي ڪرسيءَ تي وهاري ڇڏيو، جنهنڪري گجرن ڪي ٻه - چار سال وري سومرن ڏي منهن نه ڪيو(1) .

* ڀونگر بادشاهه پنهنجي پٽ ڪاري دودي کي ملڪ نيڪالي ڏني هئي. پوءِ ڏانهس خط لکيائين ته: گجرن مون سان لڙائي ڏني آهي، توکي اچڻ گهرجي. جڏهن دودو وڳـہ ڪوٽ آيو ته اڃان جنگ جاري هئي، پر ڀونگر بادشاهه فوت ٿي چڪو هو(2) .

* ڀونگر راو پير مرد ۽ اکين کان وڏو هو، جو گجرن ڪاهيو. ڀونگر راو  پنهنجي پٽ دودي ڏانهن قاصد موڪليو، جنهن وڃي دودي کي خبر  ڏني ته: گجرن اچي جهيڙو لاتو آهي، ڀونگر راءِ اکين کان وڏو ٿي ويو آهي ۽ ٻيا ماڻهو سڀ ڦري دشمن ٿي ويا آهن. اهو ٻڌي دودو وڳـہ ڪوٽ آيو(3) .

* جڏهن گجر ڀونگر راءِ وٽ ٻاگهي جو سڱ گهرڻ آيا ته ڀونگر راءِ انهن کي چيو ته: ٻاگهي منهنجي پٽ دودي جو وڻو (عيوض) آهي. هن کي مون ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي هو دلوراءِ وٽ رهي ٿو. خط موڪليانس ٿو ته گجر آيا آهن ۽ ٻاگهي جو سڱ ٿا گهرن، پوءِ جيڪو جواب ڏئي. پوءِ ڦـُـليي قاصد هٿان خط موڪليائين، جنهن کي دودي چيو ته جي وڏا سڱ ڏين ٿا ته ڀلي ڏين. انهيءَ تي ڦليي چيس ته: جي وڏا سڱ ڏيندا ۽ ٻاگهي گجرن ۾ ويندي ته به ماڻهو ائين چوندا ته دودي جي ڀيڻ گجرن ۾ ڏنل آهي. اهو ٻڌي دودو وڳـہ ڪوٽ ۾ ڀونگر راءِ وٽ آيو ۽ ٻاگهي جي سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيائين. پوءِ گجرن سان جنگ ڏنائين. دودي جي مرڻ کان پوءِ به ڀونگر راءِ اڃان جيئرو هو(4) .

* ڀونگر راءِ دودي کي ديس نيڪالي ڏني ۽ هو وڃي دلوراءِ جي شهر ۾ رهيو، ته پويان ڀونگر سان گجرن جنگ ڏني ته ٻاگهي جو سڱ ڏي. اها جنگ چار پنج سال هلي. انهيءَ وچ ۾ ڀونگر وفات ڪري ويو(1) .

وڏي دودي جي گجرن سان جنگ: ڀونگر جي وقت ۾ گجر هارائي ڀڳا پر ڀونگر جي مرڻ کان پوءِ گجر وري وڳـہ ڪوٽ تي ڪاهي آيا، تڏهن ٻاگهي دودي ڏانهن قاصد موڪليو، جنهن کيس ذهن نشين ڪرايو، ته گجر وڳـہ ڪوٽ مان ڪا گولي ٻانهي وٺي ويا ته به ماڻهو ائين چوندا، ته دودي جي ڀيڻ آهي. اهو ٻڌي دودي چيو ته ڀونگر بادشاهه ويٺي گجر گولي به ڪيئن وٺي ويندا. تڏهن قاصد کيس ٻڌايو ته:

پياري پاڳوڙو نه سهي، نه ڏئي کنو چس
نه ته گجرا ائين ڀانئيان جيئن ڪاڳر مٿي مس!

 

يعني ته ’پياري‘ نالي گهوڙي تي ڪو چڙهڻ وارو ڪونهي ۽ ترار کي چاه مان کڻڻ وارو ڪونهي، يعني ته ڀونگر گذاري ويو آهي. اهو ٻڌي دودو وڳـہ ڪوٽ آيو ۽ اچي ڀيڻ ٻاگهي سان پنهنجي سڃاڻپ ڪرايائين ۽ کيس ٻڌايائين ته دلوراءِ جي شهر ۾ سندس زالون ۽ پٽ آهن. پوءِ جڏهن دودي گجرن جي جنگ تي چڙهڻ جي تياري ڪئي، ته ڀونگر بادشاهه وارو مڪنو هاٿي جيڪو کليل هو، سو موجود ڪونه هو. دودي جي روانگي وقت هاٿي آيو، جنهن کي دودي ترار هنئي. پوءِ دودو هليو ويو ۽ گجرن کي شڪست ڏيئي فتح ڪري موٽي آيو. هاٿي اڃان جيئرو هو ۽ ڌڪ جهلي بيٺو رهيو. پر جڏهن دودو ڀرسان اچي بيٺو ته هاٿي مرڻ وارو ٿيو ۽ مٿان ڪريو ته دودو هيٺان اچي ويو ۽ انهيءَ حادثي ۾ مئو. پوءِ ٻاگهي کيس ڪپڙا پهرائي، ڇٽ پارائي، ترار هٿ ۾ ۽ حقو وات ۾ ڏيئي ڇهه مهينا ويهاري ڇڏيو ۽ ماڻهن ڀانئيو ته دودو جيئرو آهي. انهيءَ ڪري، گجرن کي به همت ڪانه ٿي جو ٻيهر جنگ تي چڙهائي ڪن(2) .

* ڪارو دودو (پنهنجي خيال سان) واپس وڳـہ ڪوٽ ۾ آيو ته گجرن جي جنگ لڳي، جنهن ۾ دودو ۽ ڀونگر ٻئي ختم ٿي ويا(3) .

* دودو وڳـہ ڪوٽ پهتو ۽ گجرن سان جنگ ڪيائين. گهڻن ڏينهن جي جنگ کان پوءِ، گجرن شڪست کاڌي ۽ وٺي ڀڳا. دودي کين ملڪ مان هڪالي ٻاهر ڪڍيو ۽ واپس وريو، پر لڙائي جي تڪليفن ۽ کاڌي پوري نه ملڻ سبب هيڻو ٿي پيو هو. واپس ورندي واٽ تي هڪ بيٺل هاٿي جي وڏي ڊُونڊ (مڙهه ۽ پڃرو) ڏٺائين، جنهن جي ڇانو ۾ سمهي رهيو. پوءِ سخت هوا لڳڻ ڪري اها ڊونڊ اُٿلي اچي دودي جي مٿان پئي. ڪي هڏا چيلهه ۾ ڦاسي پيس -- پوءِ پاڻ ڇڏائڻ خاطر وٺي سٽ ڏنائين ته ڪمر ٽٽي پيس ۽ مري ويو. ٻاگهي سندس مڙهه کڻائي آئي. پوءِ پيٽ چيري، جگر جيرا ڪڍي، مصالحا ڏيئي کٽ تي ويهاري ڇڏيائينس ته جئن ماڻهن کي خبر نه پوي، ته ڪو دودو مري ويو آهي(1).

* دودو وڳـہ ڪوٽ ۾ آيو، ته ٻاهران گجرن جو گهيرو هو سو ڪوٽ جا دروزا بند پيا هئا. اتي دودي نيشاني هي موڪلي جو هڪ پاڏو جهلي کڻي اڇلايائين ته وڃي ڪوٽ جي اندر ڪريو. گجرن اڳ گهـَـٽن جون چـُـوڙيون پئي اُڇليون. اندر سهي ڪيائون، ته اها طاقت دودي جي آهي، تڏهن در کوليائون. دودو ڀونگر راوَ سان مليو، پوءِ اچي گجرن سان جنگ جوٽيائين. گهڻن کي ماريائين ۽ گهڻا ڀڳا. هاٿيءَ کي ڌڪ هنيائين ته تلوار منجهائنس مـَـٽي وئي، پر مئل هاٿي جو مڙهه اتي ئي بيٺو رهيو. دودو جنگ ڪري موٽيو ته اچي انهيءَ مئل هاٿيءَ جي ڇانو ۾ بيٺو  ته مئل هاٿي اچي مٿانئس ڪريو. زور ڏيئي ڇڪي ٻاهر نڪتو ته ڇنُ پئجي ويس. پوءِ انهيءَ بيماري ۾ ڪن ڏينهن بعد مري ويو. سومرن، گجرن جي ڊپ کان دودي کي مصالحو ڏيئي سنئون ڪري ويهاري ڇڏيو، انهيءَ لاءِ ته متان گجرن کي خبر پوي ته دودو مري ويو آهي ۽ ڪاهي اچن(2).

* دودو وڳـہ ڪوٽ ۾ پنهنجي پوڙهي پيءُ ڀونگر راءِ وٽ آيو. ٻاگهي جي سڱ لاءِ گجرن جو لشڪر لٿل هو، پر دودي گجرن کي ٻاگهي جي سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ان تي ڀونگر راءِ کيس جنگ لاءِ همتايو ۽ چيائينس ته:

ڌڙ ڌٻي، لڱ ڏڪن، جهلي نه سگهان پاڻ
جڏهن هوس جواڻ، تڏهن مون ڪوڙين ڪٺا ڪيترا.

اها ڳالهه ٻڌي، دودو کنو کڻي وڃي گجرن ۾ پيو ۽ گجرن کي ماري مات ڪيائين. سندس کنو وڃي هڪ هاٿي ۾ پيو پر هاٿي کي وڍي نه سگهيو. جيئن هاٿي مان کنو ڪڍيائين تيئن هاٿي مئو، پر اهو مٿان اچي پيس. اتان زور ڏيئي پاڻ کي ڪڍيائين ته ڌڙ ڇڄي پيس. مرڻ کان اڳ وصيت ڪيائين ته: (سندس زال) لوهاري مان جيڪڏهن پٽ ٿئي ته نالو چنيسر رکجوس ۽ بادشاهزادي مان پٽ ٿئي ته نالو دودو رکجو. اها وصيت انهيءَ لاءِ ڪيائين، ته جيڪڏهن دودو نالو قائم هوندو ته گجر حملو نه ڪندا. انهيءَ کان پوءِ دودو گذاري ويو(1).

* دودي پنهنجي ملڪ پهچي اچي گجرن سان جنگ ڏني جيڪا ٻارهن سال هلي. آخري جنگ هڪ ٽڪر هيٺان لڳي. اتي دودي جي مٿان هڪ وڏي ڇپ اچي وئي. دودي زور سان پاڻ ڇڏايو ته مري ويو(2).

دودي ۽ چنيسر جون گجرن سان جنگيون: اڪثر روايتن مان ائين معلوم ٿئي ٿو، ته وڏي دودي جي هاٿي هيٺان اچي مرڻ يا گجرن سان جنگ ۾ مارجڻ کان وٺي دودي ۽ چنيسر جي وڏي ٿيڻ تائين ڳچ سال گذري ويا. هڪڙن بيانن موجب انهيءَ عرصي ۾ ڀونگر بادشاهه ڪجهه وقت جيئرو هو. مثلاً: حيدرآباد جي ميراثين واري روايت ۾ ڄاڻايل آهي ته: ’نهري (نهرو) دودو گجرن واري جنگ ۾ مارجي ويو هو. چنيسر سندس حياتي ۾ ڄاول هو، باقي دودو پوءِ ڄائو. جڏهن دودو ڄائو، تڏهن ڀونگر راءِ جيئرو هو، پر جڏهن دودو وڏو ٿيو تڏهن ڀونگر راءِ مري ويو هو‘(3). انهيءَ وچين دؤر ۾ هڪڙين روايتن موجب کينئري نالي سومري سربراهه کي عارضي طور حڪومت جون واڳون ڏنائون، پر ٻين روايتن موجب کينئرو گجر هو، جنهن حڪومت تي قبضو ڪيو هو.

کينئري سان دودي ۽ چنيسر جي جنگ: ’دودي کي ٻاگهي مصالحو ڏياري ويهاري ڇڏيو هو، پر ڪن سالن کان پوءِ، گجرن جاسوس موڪليو، جنهن مـَـکو يا ڪانءُ دودي تي ويٺل ڏسي وڃي ٻڌايو ته دودو مري ويو آهي. ڀونگر ان کان اڳ مري چڪو هو. گجرن دودي جي مرڻ جو ٻڌي وري ميڙ ڪيو. ان وقت کينئرو نالي چاڪي سومرو اَڏو ڪري ويهاريائون، ته جيئن گجرن کي منهن ڏيئي سگهجي. حڪومت جي نشي ۾ پوءِ کينئرو ڳوهه مان واڳون ٿي پيو ۽ چوي ته گادي منهنجي آهي. تڏهن ٻاگهي، دودي ۽ چنيسر ڏانهن خط لکيو، ته پنهنجي پيءُ (دودي) جي پڳ اچي سنڀاليو، جنهن تي کينئرو قابض آهي:

ڪاغذ ڪاري اکرين ٿي ٻاگهي لکائي
پاڳ اوهان جي پيءُ جي کينئرو ٿو کائي.

اهو خط پڙهي دودو ۽ چنيسر اچي وڳـہ ڪوٽ ۾ پهتا ۽ گجرن سان جنگ جوٽيائون ۽ کين شڪست ڏنائون. انهيءَ عرصي دؤران کينئري تي راڄن زور آندو ته هو پڳ جي دعويٰ ڇڏي:

ڇڏ کينئرا پاڳڙي، آيل پاڳل پياڻي
پاڳ جني جي پيءُ جي سي آيا دوداڻي(1).

هن بيان جي انداز مان ائين معلوم ٿئي ٿو، ته کينئري سومري پوءِ پاڻ خوشي سان يا دودي ۽ چنيسر جي طاقت سببان حڪومت جي دعويٰ ڇڏي ۽ پوءِ هنن گجرن سان جنگ جوٽي.

ٻي روايت موجب(2) کينئرو گجر هو، جنهن حڪومت تي قبضو ڪيو هو. ٻاگهي دودي کي مصالحو ڏيئي ائين ويهاري ڇڏيو هو جو ڄڻ جيئرو آهي ۽ انهيءَ ڪري گجرن کي به همت ڪانه ٿي، جو ڪاهي اچن. پر پوءِ گجرن ۾ اچي چـَـئون پئون پئي ته ڇهه مهينا گذري ويا آهن، پر ماٺ آهي، دودو جنگ کان سواءِ ائين ماٺ ڪري ڪيئن ويهي ها! سو ڪا ڌوتي موڪليائون، جنهن سومرن جي حويلي ۾ اچي ڪنهن حيلي سان خود ٻاگهي کان دودي جي مري وڃڻ جو راز معلوم ڪيو. (پوءِ کينئري گجر اچي حڪومت تي قبضو ڪيو. جيتوڻيڪ اهڙو ذڪر هن بيان ۾ ڏنل ناهي) انهيءَ تي ٻاگهي، دودي ۽ چنيسر ڏانهن هڪ اوٺاري قاصد هٿان خط لکيو ته:

اڇا ڪاغذ ڪاري اکرين لکيو ٻاگهي مـُـڪي
ته پيڙهي اوهان جي بابي جي ٿو کينئرو گجر کائي
(3) .

اهو احوال پڙهي دودو ۽ چنيسر اوٺاري ساڻ ڪري اچي وڳـہ ڪوٽ پهتا. اوٺاري کي چيائون ته: هي ڪوٽ ڪيڏو نه سهڻو ۽ وڏو آهي، اسان جا مائٽ بيشڪ همت ڀريا هئا. پر هاڻي اول ٻڌاءِ ته کينئرو گجر ڪٿي؟ اوٺاري چيو ته: کينئرو گجر پنج سؤ گهرن وارو ۽ وڏن راڄن وارو آهي. پوءِ اوٺاري هنن کي گجرن جي شهر جو ڏس ڏيئي پاڻ وڳـہ ۾ ويو. هي مائرن سوڌا انهيءَ شهر ۾ ويا. دودو مائرن وٽ ويٺو ۽ چنيسر شهر ۾ ويو ته ڏسي ته هڪ گهانچي پيو گهاڻو وهائي. پڇيائينس ته تون ڪير آهين؟ چيائين ته: منهنجو نالو عاقـُـوب آهي ۽ آءٌ گهانچي آهيان. عاقوب پڇيو ته: تون ڪير آهين؟ چيائين ته آءٌ به گهانچي آهيان، پر آءٌ سرنهن جو تيل مهٽو ڏيئي ڪڍندو آهيان! اتي کينئرو گـُـجر ٽپ ڏيئي اٿيو ۽ پاڻهي پڌرو ٿي چوڻ لڳو ته: هن پنج سؤ گهرن جي بستي جو پٽيل آهيان. پنج سؤ رپيا ڏيندس، گهر گهر جو رپيو، اسان کي سرنهن جو تيل ڪڍي ڏي. چنيسر، عاقوب گهانچي کي ڪجهه رقم ڏيئي گهاڻو ورتو ۽ ان کي وزن ڏيئي ڳرو ڪيائين. پوءِ دودي کي وٺي گهاڻي تي ويهاريائين. چنيسر ظاهر ڪيو ته آءٌ چينسر سومرو آهيان. اتي گجر وڙهڻ لاءِ اُٿيا ته چنيسر هڪڙن کي پيو ماري ته ٻيا ڀاڪر ڀريو اچو گهاڻي ۾ هڻي:

ننڍي گهاڻو کوڙيو، ٿو وڏو ڀاڪر ڀري
ننڍو وڏو گجرو تنهن جو پيڙهيو تيل ڪڍي.

 

بالاخر گجرن کي ماري سرسي ڪري، وڳـہ ڪوٽ ۾ آيا ته ٻاگهي کلي کينڪاريو ته اوهان سوڀ ڪري آيا آهيو. تڏهن خوشيءَ مان ڳيچ چيائين ته:

گـُـجر ماري ڳاهُ ڪري، وري آيا دوداڻي
هاڻ وري وڳـہ ڪوٽ تي ٿيون هـِـي رهاڻين.

* جڏهن گجرن واري جنگ ۾ وڏو دودو مارجي ويو، تڏهن ٻاگهي، دودي ۽ چنيسر ڏانهن خط اماڻيو، جيڪو چنيسر پڙهي، دودي کي چيو ته: هن ۾ لکيو پيو آهي ته پنهنجو بابو ختم ٿي ويو آهي. پوءِ پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته پاڻ کي بابي جو وير وٺڻو آهي، هاڻي هلون وڳـہ ڪوٽ. هنن لڙائي جي تياري اها ڪرائي جو پنهنجا ڪانجها گهاڻا ٺهرائي، کڻي پنهنجي ملڪ وڳـہ ڪوٽ ۾ آيا. هنن گجرن کي چيو ته: اسين پورهيت آهيون، تيل پيڙينداسين. اسان کي اهڙي ڪا جڳهه ملي، جتي اسين پنهنجو ڌنڌو ڪريون. سارو ڏينهن هنن پنهنجن گهاڻن جو ڪم ڪيو. سج لٿي مهل ٻنهي ڀائرن پاڻ ۾ صلاح ڪئي. چنيسر دودي کي چيو ته: هاڻي وڻئي راڄ ۾ ڍري پئو ۽ گجرن کي گهاڻي ۾ وجهندو وڃ، يا وري گهاڻو هلاءِ!

ننڍي گهاڻو کوڙيو، وڏو ڀاڪر ڀري ڏي
ننڍا وڏا گجرا پـِـيڙيو تيل ڪڍي
رت تني گجرن جو وڳـہ در وهي.

صبح ٿيو ته هنن اهڙو ڪو نروٽيو ڪونه ڇڏيو، جيڪو پينگهي ۾ دانهن ڪري. اتي ڀائرن پاڻ ۾ صلاح ڪئي، ته جنگ ته فتح ڪئيسين، هاڻي وڳـہ ڪوٽ جو در لاهي اندر ڏسون ته ڇا آهي؟ جڏهن رت سـِـمي دروازي کان هيٺ ڍريو تڏهن مائي ٻاگهي خيال ڪيو ته: هي ڪي ديو آيا آهن، جو اڄ رت پيو وهي.

دَس لڳي در کليا، آيا دوداڻي
لڳيون ڪوٽ وڳـہ ۾ وريون رهاڻيون.

پوءِ پڦي سان ڪوٽ ۾ گڏيا. ٻه ٽي روز گذريا ته چيائون ته: هاڻي پنهنجو ڪڙم وٺي اچون، هتي ته تباهي ٿي ويئي. پوءِ پنهنجا ڪڙم سڀئي آڻي اتي گڏ ڪيائون. جيڪي راڄ لڏي ويا هئا، سي به موٽي آيا وڳـہ ڪوٽ ۾. پوءِ متو پڳ تان مامرو(1).

* دودي کي ٻاگهي مصالحا ڏيئي ويهاري ڇڏيو هو، پر گجرن به پنهنجو جاسوس ڇڏيو هو ته: دودي سان ڪا بيماري لڳي ته اسان کي خبر ڪجانءِ. هڪڙي ڏينهن دودي جي ڀرسان ويٺل ماڻهو دودي کان پاسي ٿي ويو ۽ ڪانگ اچي سندس مٿي تي ويٺو. جاسوس سمجهي ويو ته مڙس مري ويو آهي. سو اها خبر ڏيڻ لاءِ گجرن ڏانهن روانو ٿيو. ٻاگهي ڏٺو، ته راز ظاهر ٿي پيو، سو وڏي ڀاءُ دودي جي ڏنل ڏس موجب هو پاڻ دودي ۽ چنيسر وٽ پهتي ۽ کين سڃاڻي چيائين ته: آءٌ دودي جي ڀيڻ ٻاگهي آهيان. اوهان جو پيءُ گجرن سان جنگ ڪندي مري ويو. گجرن اسان تي ڪاهڻ جو سعيو ڪيو آهي. هاڻي جيڪڏهن ڪا اوهان ۾ همٿ هجي ۽ مائٽاڻي وطن جو ڪو ننگ پئيوَ، ته هلي دشمنن کي منهن ڏيو! چنيسر چيو ته: هاڻ اسان کي ان پاڻي حرام آهي، جيستائين گجرن کي نه ماري مڃايون. منهنجو ٻيو ڀاءُ دودو آهي. پوءِ ناناڻن کان موڪلائي، ٻئي ڀائر پڦيءَ سان گڏ وڳـہ ڪوٽ روانا ٿيا. اتي پهتا ته گجرن جي گهڻي فوج ڏٺائون. خيال ڪيائون ته تلوار سان مارڻ کان زور آهن، تنهنڪري هڪڙو گهاڻو ٺهرايائون. هڪڙو ڀاءُ گهاڻي ۾ پيو وهي، ٻيو گجرن جا ڀاڪر ڀريندو گهاڻي ۾ پيو وجهي:

ننڍي گهاڻو کوڙيو، ٻيو گهاڻي منجهه وهي
سڀڪنهن گـُـجري مان پيو پيڙيو تيل ڪڍي.

آخر گجرن جي هار ٿي ۽ ڀڄي ويا(1).

* جڏهن وڏو دودو ڇپ جي هيٺان اچڻ سببان مري ويو ته ٻاگهي پنهنجن ڀائٽين دودي ۽ چنيسر ڏانهن (دلوراءِ جي گادي واري شهر ۾) ماڻهو موڪليو، ته اچي راڄ سنڀاليو:

ڪاغذ ڪاري اکرين ٿي ٻاگهي چٽائي
پيڙهي پنهنجي پيءُ جي اچي ڪو نـَـرُ نباهي.

 

دودي ۽ چنيسر کي جڏهن پيغام پهتو، ته هو وڳـہ ڪوٽ آيا. ماڻهن سندن وڏو آڌر ڀاءُ ڪيو. پوءِ پنهنجي ماڻهن سان گڏجي ’گوجرن‘ کي ماريائون:

ٻاگهي ڀائٽين کي ٿي پلنگيون پائي
پٽ پٽيهل بافتا ٿي ويڙهو وڇائي
ننڍي گهاڻو مـَـنـِـيو، وڏو ڀاڪر ڀرِي
ننڍا وڏا گوجرا ٿي پيڙايو تيل ڪري.

گجرن کان جنگ کٽيائون. هاڻي ٿيو پڳ (جي فيصلي) جو سڏ(2).

* ڀونگر بادشاهه هاٿي جي مڙهه هيٺان اچڻ سببان زخمجي مري ويو هو، پر ٻاگهي کيس مصالحو ڏياري ڪرسي تي ويهاري ڇڏيو هو. دودو ۽ چنيسر اڃان ڳڀرو هئا، جيستائين وڏا ٿين تيستائين گجرن جي جنگ جو ڊپ هو، جيڪي ڀونگر کان ڊنل هئا. ڪي ٻه چار سال سومرن ڏي منهن ڪونه ڪيائون، جو ڀونگر ڀانيائون ته جيئرو آهي. آخر پنهنجو جاسوس موڪليائون، ته جانچ ڪري ته ڀونگر جيئرو آهي يا مري ويو. جاسوس آيو، ڏٺائين ته ڀونگر ويٺو آهي. ترسي پيو روزانو ڏسندو هوس. هڪ ڀيري ڏٺائين ته ڪانءُ اچي مٿس ويٺو تڏهن پڪ ٿيس ته مڙس مئل آهي. وري وڃي گجرن کي خبر ڪيائين، گجر وري ٽيون ڀيرو جنگ تي چڙهيا. چنيسر ۽ دودو هاڻي جوان هئا، شڪار تي ويل هئا، ٻاگهي ماڻهو موڪلين ته گجرن جو لشڪر چڙهي آيو آهي. انهيءَ تي اچي پهتا. گهاڻو اندر کوڙيائون ته جيئن اندر گجر گهڙن ته کين پيڙيندا وڃن. چنيسر چيو ته آءٌ پيڙيندس ۽ تون ڀاڪر ڀري اَچينن. پوءِ ائين ڪيائون ۽ گجر گهڻا مارجي ويا ۽ وري سومرن تي حملو نه ڪيائون. ان کان پوءِ سومرا ۽ ٻيا راڄ گڏ ٿيا، ته ڀونگر جي پڳ جو فيصلو ڪن(1).

* وڏو دودو گذاري ويو هو، پر ڀونگر راءِ جيئرو هو. دودو ۽ چنيسر ننڍا هئا. گجرن کي خبر پئي ته دودو مري ويو آهي، سو يڪدم سومرن وٽ مـِـٽيءَ لاءِ آيا. تڏهن گجرن کي ڇهن مهينن جو آڪو (وعدي جو ڏينهن) ٻڌي ڏنائين. (انهيءَ وچ ۾ چنيسر ۽ دودي ڏانهن جيڪي دلوراءِ جي شهر ۾ هئا، قاصد اماڻيائين، احوال ڏنائين ۽ اچڻ لاءِ تاڪيد ڪيائين. احوال ٻڌي دودو ۽ چنيسر وڳـہ ڪوٽ ۾ آيا ۽ اچي پنهنجي ڏاڏي ڀونگر راءِ سان مليا. پوءِ گجرن سان جنگ جي رٿا تيار ڪيائون. ۽ (حويلي جي در جي اندران) گهاڻو ٺهرايائون. جڏهن گجر آيا تڏهن (کين گهاڻي پيڙڻ شروع ڪيائون):

ننڍي گهاڻو کوڙيو، وڏو ڀاڪر ڀري ڏي
ننڍو وڏو گجرو، اڄ پيڙي تيل ڪري.

گجر ختم ٿي ويا. ان کان پوءِ ڀونگر راءِ مري ويو ۽ سومرا گڏجي ويهي پڳ جو فيصلو ڪرڻ لڳا(2).

اهي جنگيون پڳ واري معاملي کان ڪجهه اڳ پوريون ٿيون هيون. هڪ روايت ۾ اهي جنگيون ’گجرن‘ جي بدران ’گجراتي بادشاهه‘ سان ڪري ڄاڻايل آهن. جڏهن چنيسر پڳ واري معاملي تان ڪاوڙجي دهلي ويو، ته اتي بادشاهه سان سندس سڃاڻپ ڪرائيندي چيائون ته:

گجراتي بادشاهه سان جنهنجو جهيڙو لڳل آه(1).

 

مگر اهي جنگيون پوريون ٿي چڪيون ۽ انهن ۾ سومرن جي سوڀ ٿي هئي، جو چنيسر پاڻ بادشاهه کي ٻڌايو ته:

گجراتي بادشاهه کؤن اسان واري وير وَدا(2)

 

وڌيڪ اها جنگ جيڪا ’مارو ڪوٽ‘ (مارواڙ؟) تي لڳي، تنهن جو تفصيل سان ذڪر ڪيائين ته:

هڪڙو ’مارو ڪوٽ‘ هو، جنهن ۾ لشڪر رهندو هو
تڏهن سڏ ڪري دودل کي مان انهيءَ مهل چيو
ته چڙهه تون ’ماري ڪوٽ‘ تي ڪ نه مان چڙهي مير وڃان!
تڏهن ٽپو ڏيئي ’ماري ڪوٽ‘ تي دودو مير چڙهيو(2)

 

* * *


 


(1) ميرخان ڀنڀرو (ڳوٺ بچل ڀنڀرو لڳ هڱورجا، ضلعو خيرپور) جنهن سان اسان 2 - نومبر 1969ع تي سندس ڳوٺ وڃي ملياسون ۽ دودي - چنيسر ۽ سومرن بابت ڪچهري ڪئيسون.

(2) تفصيل لاءِ ڏسو اسان جو ڪتابڙو ”لاکو ڦلاڻي“.

(1) ايضاً

* چون ٿا ته ٻاگهلون ٻه هيون، هڪ سوڍي ۽ ٻي سومري.

(1) ڏسو لوڪ ادب سلسلي جو ڪتاب ”دودو – چنيسر“ (جلد - 1)، 201 - 202 (روايت مٺو نهڙيو ڪڇي).

(2) هن وقت تائين ’ٻاگهل‘ ذات جا مسلمان حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر ضلعن جي لاڙ وارن ڀاڱن ۾ آباد آهن. ڪڇ ۾ ٻاگهل مسلمان ’ٻني‘ جي تڙ ’نيرِي‘ ۽ ’ڀوڄرلو‘ ۾ رهن. هندو واگهيلا، کريڙ کان اوڀر تعلقي لوڊاڻي ۾ رهن. اهو ملڪ سڏجي ئي واگهيلاڻي، جنهن جو مکيه شهر ’لوڍاڻي‘ آهي.

(1) ص 244

(1) ص 110.

(2) ص ص 110، 72 - 73 وغيره.

(3) ص 125.

(4) ص ص 1248 - 1229.

(1) ص 1232.

(2) ص 260.

(1) ص ص 783 - 784

(2) ص ص 1024، 1042، 1129

(3) ص 118 (حاشيه)

(1) روايت صابر نوحاڻي، ص ص 962 - 163

(2) ص 1223

(3) روايت ڏاڙهون شيدي، ص 214

(1) علي محمد مري جي روايت، ص ص 882 - 883. اڪثر روايتن مطابق دودي جي مٿان هاٿي ڪـِـريو ۽ دودي کي ئي ٻاگهي ائين وهاريو جيئن هيٺ بيان ٿيندو. فقط هن هڪ روايت ۾ ئي ڀونگر جي نالي اهو بيان ڏنل آهي.

(2) عبدالله جمالي جي روايت، ص 77

(3) رکيل راڄڙ جي روايت، ص ص 236 - 237

(4) بودن فقير ڀنڀري جي روايت، ص ص 260 - 261

(1) فقير عبدالستار مهر جي روايت، ص ص 317 - 318

(2) ڏاڙهون شيدي جي روايت، ص ص 214 - 217

(3) عرس جمالي جي روايت، ص 115

(1) رکيل راڄڙ جي روايت، ص ص 237 - 238

(2) صابر نوحاڻي جي روايت، ص 163

(1) بودن فقير ڀنڀري جي روايت، ص 261

(2) اصل بيان پورو سلجهايل ناهي. چيو ويو آهي ته: دودي خار مان وٺي هيٺ ٽپ ڏنو ۽ مري ويو. فقير عبدالستار مهر جي روايت، ص 319

(3) ص 904. ٻي روايت ۾ پڻ ڄاڻايل ته دودو وڏو ڳوٺ واري جنگ ۾ مارجي ويو (ص 115).

(1) پاڳل پياڻي ً پيءُ جي پڳ وارا. روايت صابر نوحاڻي ص ص 163 - 164

(2) روايت ڏاڙهون شيدي، ص ص 216 - 217

(3) هن بعد ڄاڻايل آهي ته: اهو خط پڙهي دودي چنيسر کي چيو ته:                       

مکڻ سونهي منڌيين، ڌؤنرو سونهي لاٽ

اســان گــجــرن قـْاڻ ۾ وهـان نـڪــي واٽ.

هيءَ ڳاهه گجرن جي سڱ گهرڻ جو ڄڻ جواب آهي ۽ کينئري گجر جي حڪومت تي قبضي سان نٿي لڳي. ٻين روايتن ۾ هيءَ ڳاهه مغلن بابت آهي.

(1) عرس جمالي جي روايت، ص ص 115 - 116

(1) رکيل راڄڙ جي روايت، ص ص 238 - 239

(2) فقير عبدالستار مهر جي روايت، ص 319

(1) علي محمد مري جي روايت موجب، ص ص 882 - 883. هن روايت مطابق ڀونگر جي لڙائي جو بيان اڳ اچي چڪو آهي.

(2) بودن فقير ڀنڀري جي روايت، ص 261، ڏنگين ۾ ڏنل بيان اصل متن ۾ رهجي ويو آهي.

(1) ميان غلام حسين ڪلهوڙي جي روايت، ص 506

(2) ميان غلام حسين ڪلهوڙي جي روايت، ص 498

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org