سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سومرن جو دور

باب: 8

صفحو :10

 

باب اٺون

سومرن جي پـُـري پيڙهي ۽ سندن حڪمران

هن ڳالهه جي مختلف روايتن ۾ سومرن جي پـُـري پيڙهي، حڪمرانن ۽ وزيرن، حڪومت جي گادي جي هنڌن ۽ حدن، ان وقت جي ڪن ٻين قبيلن ۽ سربراهن ۽ راڄن ۽ رسمن بابت ڪافي اشارا ۽ اهڃاڻ سمايل آهن، جن جو مطالعو ان وقت جي تاريخي، سماجي ۽ جغرافيائي پس منظر کي سمجهڻ لاءِ ڪنهن حد تائين ڪارگر ٿي سگهي ٿو. اسان هيٺ انهن مختلف پهلوئن بابت آيل ٽاڻن ۽ اهڃاڻن جو وچور ڏينداسون ۽ انهن مان مجموعي طور سان جيڪي نتيجا نڪرن ٿا يا نظريا قائم ڪري سگهجن ٿا، تن کي نروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسون. ان کان اڳ البت ڪن ضروري وضاحتن کي ڌيان ۾ رکڻو آهي: پهريون ته هر پهلو بابت مختلف روايتن وارا بيان جيتوڻيڪ ڪي پڪا پختا ’تاريخي بيان‘ ناهن، مگر انهن ۾ ڪي ميساريل تاريخي اهڃاڻ سمايل آهن ۽ انهيءَ ڪري تاريخي پس منظر کي سمجهڻ لاءِ اهميت رکن ٿا. دودي - چنيسر جو هي ’جـُـنگ ڪيڏارو‘ جيتوڻيڪ معاصرانه تاريخ ناهي، پر تنهن هوندي به، سومرن جي تاريخي دؤر بابت هڪ اهم روايتي ماخذ آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز ڪري نٿو سگهجي. ٻيو ته ڪنهن به عنوان بابت جيڪي معلومات اسان مرتب ڪنداسون، سي هن ڳالهه جي فقط ڪنهن هڪ خاص روايت مطابق ناهن، مگر انهن جو مدار مڙني روايتن جي مطالعي تي هوندو، انهيءَ لاءِ ته جيئن هن ڳالهه جي مڙني روايتن جي روشنيءَ ۾ مجموعي طور سان هر پهلو بابت معلومات مهيا ٿي سگهي.

سومرن جو اصل نسل:

ڳالهه جي مختلف روايتن ۾ سومرن جي اصل نسل بابت جيڪي اشارا ۽ اهڃاڻ ڏنل آهن، تن مطابق سومرن جو سلسلو عربن سان ملي ٿو. ان کان سواءِ، سندن ٻيو ڪوبه حسب نسب ڄاڻايل ڪونهي. سندن عربي نسل بابت هيٺيان اهڃاڻ ڏنل آهن:

* پهريون ته سومرا حضرت علي رضه جي اولاد مان آهن(1).

* ٻيو ته سندن (عرب) قبيلو ڪربلا جي جنگين ۾ امام حسين جي پاران وڙهيو. ٻيا مارجي ويا باقي هڪ پير مرد ۽ سندس پيرسن زال بچيا، جن کي هڪ ننڍو ڇوڪرڙو ’سومر‘ نالي هو، ان کي پڻ ماءُ امام حسين جي آڏو پيش ڪيو، ته ڀل هو به قربان ٿئي، پر امام حسين دعا ڪئي ته هو ڀل جيئي ۽ اهل اولاد وارو ٿئي:

انهين سومر مؤن ساٿ ٿيندا، سڏبا سومرا سردار(2)

* ٽيون ته سومرن جو پهريون وڏو ڏاڏو جيڪو ڪنهن عرب گهراڻي جو هو، بلڪ حضرت علي رضه جي اولاد مان حسيني وياء هو، سو مڪي ۾ ڄائو، هو پوءِ سنڌ ۾ آيو ۽ وڏو ٿيو. هو وڏي طاقت ۽ ڪـَـلان وارو هو، ايتري قدر جو ڄڻ کيس واءُ اُڏائي سنڌ ۾ آندو. ديوَ سندس هٿ ۾ هئا ۽ انهن ئي سندس گادي جو شهر ’وڳهه ڪوٽ‘ اڏيو (يعني ته ديون جهڙي ڪنهن طاقتور لشڪر جي مدد سان هن هي هٿ ڪيو ۽ اتي پنهنجي حڪومت ۽ گادي قائم ڪئي). حڪومت جي انهيءَ پهرئين باني مـَـباني جو نالو ڇا هو، تنهن بابت مختلف اهڃاڻ ڏنل آهن. ٽن روايتن ۾ کيس، سندس زور ۽ طاقت جي لحاظ سان، ’واڇرو‘ يا ’واڇڙو‘ سڏيو ويو آهي(3). اهو ’واڇڙو‘ ڇوڪرو مڪي ۾ ڄائو. معصوم هوندي به واڇن جي طاقت اهڙي هئس جو کير پيڻ وقت ڄڻ ماءُ جا ببا ڇني پيو ڇڏي، انهيءَ ڪري ’واڇڙو‘ سڏيائونس. پوءِ مينهن ڌارايائونس ۽ ڄڻ پاڏڙو ٿي کير پيتائين ۽ وڏو ٿيو، انهيءَ ڪري ’واڇڙو‘ (وڇڙو) سڏيائونس. پوءِ ’واڇڙي‘ کي واءُ اڏائي سنڌ ۾ آندو ۽ هو هتي وڏو ٿيو. سندس پٺيءَ مان ’ڪارو دودو‘ ٿيو ۽ ڪاري دودي مان ڀونگر ٿيو(4) .

واء اڏايو واڇڙو، مڪي مديني کانء
پوٽو علي شير جو، حسيني وياء.

 

--

واء اُڏايو ’واڇرو‘، مڪي شهر مٿاءِ

 

رهندو شهر ٻنگار ۾ راڄ ڪندو ڀونگر راءِ(1)

 

حڪم ٿيو ديوَن کي اڏيو وڳهه ڪوٽ اوهان(2)

 

--

واء اڏايو ’واڇرو‘، مڪي مديني اوريا

 

پاڻ ڌڻي پيدا ڪيو، ڀلو ڀونگر راءِ(3)

 

پوئين بيت جي مراد تي وڏو ڏاڏو ’واڇرو‘ مڪي مديني کان آيو، جنهن جي پٺيءَ مان پوءِ ڀونگر راءِ ٿيو، جيڪو اهڙو ڀلو هو جو ڄڻ پاڻ ڌڻي کيس ڀلو ڪري جوڙيو.

* چوٿون ته ڪارو دودو (هڪ روايت موجب) ڀونگر راءِ جو پٽ هو ۽ ڀونگر راوَ جي شادي اهڙي قبيلي وارن مان ٿي هئي، جيڪي (ڄڻ) ديو هئا، يعني ته وڏا پهلوان ۽ طاقتور هئا(4) . هڪ روايت موجب هو ’سـَـڪر‘ ديو جي ڌيءَ ’لـَـيل‘ سان پرڻيو، جنهن مان دودو ڄائو(5) . ’سـَـڪر‘ ۽ ’لـَـيل‘ ٻئي عربي نالا آهن. ڪارو دودو پنهنجي انهن ناناڻن ۾ ڄائو ۽ اهي عرب هئا. پوءِ (اتان عرب مان) انهيءَ ڪاري دودي کي واءُ اُڏائي سنڌ ۾ آندو(6) .

* پنجون ته’ٿهيم قبيلو‘ نبس جي لحاظ سان عرب قبيلو ’بنو تميم‘ آهي، ۽ هڪ روايت موجب ٿهيم کي سومري جو ويجهو ڀاءُ ڪري ڄاڻايو ويو آهي. جڏهن پڳ جو سوال اُٿيو ته راڄن پهريائين اها صلاح ڏني هئي ته پڳ ٿهيم کي ٻڌايو:

”چـُـونِ: ڏيو پڳ ٿهيم کي جيڪو آ ڀلو ڀونگر ڀاء“

پوءِ جڏهن  چنيسر تي راءِ بيٺي ۽ چنيسر ماءُ کان پڇڻ ويو ته دودي جي ڀان وزير وري به اها صلاح ڏني ته: پڳ ٿهيم کي ٻڌايو، پر جي هو نه ٻڌي، ته پوءِ ٻيو ڪو ٻڌي(1) . هن ٽاڻي  مطابق اهو ٿهيم ڪو وڏو لائق سردار هو، جنهن کي پڳ ٿي ٻڌايائون. ٿهيم عرب قبيلي بنو تميم مان هئا ۽ انهيءَ لحاظ سان ٻين قبيلن جي ڀيٽ ۾ اهي ڄڻ ڀونگر سومري جا وڌيڪ ويجها ڀاءُ هئا ڇاڪاڻ جو سومرا پڻ عرب قبيلي مان هئا.

* ڇهون ته وڏو دودو (ڪارو دودو يا نهري دودو؟) جنهن جا ناناڻا عرب هئا، تنهن کي دلوراءِ بادشاهه پنهنجي ڌيءَ پرڻائي، اڌ بادشاهي ڏني ۽ کيس ’وڳهه ڪوٽ‘ جي تخت تي ويهاريو. ان مان ظاهر آهي، ته دلوراءِ جو خاندان ۽ دودن جو خاندان ويجها شريڪ ڀاءُ هئا. ٻين روايتن مطابق دودو (پويون) دلوراءِ جي ڌيءَ مان هو ۽ اها ڏاڏي پوٽي هئي:

’دودو دلوءِ ڏوهٽو، سو پيڙهيءَ ويٺو راءِ‘

ان اهڃاڻ مطابق دلوراءِ سومرن واري ساڳئي خاندان مان هو. دلوراءِ جو قبيلو ”عمراني“ هو، جيڪو يا ته عرب قبيلو هو، يا ته سومرن جي وڏي عرف  ’واڇري‘ وانگر ڪنهن عرب قبيلي جو ڏوهٽاڻ هو(2) .

سومرن جا اوائلي سردار ۽ حڪمران:

مٿين ٽاڻن مطابق، بلڪل اوائلي سومرن سردارن مان ٻن جا نالا مشهور آهن: هڪ اهو جيڪو ’واڇڙو‘ جي عـُـرف سان مشهور ٿيو ۽ جنهن جي پٺيءَ مان ’ڪارو دودو‘ ٿيو، ۽ ٻيو اهو جنهن جو نالو ’سومر‘ هو، جنهن جو جهجهو اولاد ٿيو، جن مان ”سومرا سردار“ (حڪمران) ٿيا.

ڪارو دودو انهيءَ لحاظ سان سڀ کان ’وڏو دودو‘ يا ’پهريون دودو‘ هو. ان جي پـُـري بابت به اهڃاڻ ڏنل آهن: پهريون ته هو عرب نسل جي سردار عرف ’واڇڙي‘ جي ”پٺيءَ مان ٿيو“ (يعني ته سندس پٽ، پوٽو يا اڃان به پڙ پوٽو هو)، ۽ ٻيو ته هن ’ڪاري دودي‘ مان پوءِ (سندس پٽ، پوٽو يا پڙپوٽو) ’ڀونگر راءِ‘ ٿيو. چئن روايتن ۾ اها پـُـري ڄاڻايل آهي(3) . ڪن روايتن ۾ ڪاري دودي کي ڀونگر راءِ جو پٽ ڪري ڄاڻايو ويو آهي(1) ، پر اڃان به ڪن ٻين روايتن ۾، دودو جيڪو ڀونگر راءِ جو پٽ هو، تنهن کي وڌيڪ سڃاڻپ خاطر ’نهرو دودو‘ يا فقط ’دودو‘ سڏيو ويو آهي. بهرحال ساڳئي نالي (دودي) سببان، راوين ٻن يا ٽن جدا شخصيتن ۾ امتياز نه ڪيو آهي: نه فقط ساڳئي دودي کي هڪڙين روايتن ۾ ’ڪارو دودو‘ ته ٻين روايتن ۾ ’نهرو دودو‘ سڏيو ويو آهي، پر ساڳيا ڪارناما ٻنهي سان منسوب ڪيا ويا آهن. انهن ڪارنامن مان تاريخي لحاظ سان اهميت رکندڙ ڪارنامو اهو آهي جو دودو دلو راءِ بادشاهه جي دؤر ۾ ٿيو. ان وقت هو نوجوان پهلوان هو ۽ سندس بهادري کان متاثر ٿي، دلوراءِ بادشاهه کيس پنهنجي ڌيءَ پرڻائي. پر سوال آهي ته اهو ڪهڙو دودو؟ انهيءَ سلسلي ۾ هيٺيان ٽاڻا غور طلب آهن:

*   ’ڪارو دودو‘ يا ’دودو ڪارونڀار‘ پٽ ڀونگر راءِ جو، جنهن لوهار جي ڌيءَ ۽ پڻ دلوراءِ بادشاهه جي ڌيءَ سان شادي ڪئي:

- صابر نوحاڻي جي روايت (ص ص 161 - 162) مطابق: دلوراءِ جي ملڪ ۾، راڪاس، گرڙ پکي ۽ شينهن ماريائين، لوهار جي ڌيءَ سان شادي ڪيائين ۽ پڻ دلوراءِ ڌيءَ پرڻايس ۽ عزت سان پاڻ وٽ رهايائينس.

- بودن فقير ڀنڀري جي روايت (ص ص 258 - 260) مطابق: ڀونگر جو پٽ ’دودو ڪارونڀار‘ ٿيو:

سنجهيئي سور ٿيا، صبح ڄائو ٻار
ماڻهن سڀني ائين آکيو، هي آهي دودو ڪارونڀار.

 

ماءُ جا بـُـبا ڌائي ته ٻنڊون پيون پٽجن، انهيءَ ڪري مينهن ڌارايائونس. وڏو ٿيو، ته پنهنجي انهيءَ مينهن کي هنج ۾ کڻي وڃي دلوراءِ جي باغن ۾ چاري ايندو هو. دلو راءِ گهڻي ئي ڳولا ڪرائي، پر پير کـُـر ئي ڪونه پيو لڳي. تڏهن دلوراءِ چيو ته: ڀونگر راءِ کي چئو، ته چور ڳولي ڏئي. پوءِ جڏهن دودو جهلجي پيو، ته ڀونگر راءِ کيس ملڪ نيڪالي ڏني. دودو پوءِ روانو ٿيو ۽ بالاخر ”درياء ٽپي“ دلوراءِ جي بادشاهي ۾ داخل ٿيو. جتي وڏا ڪارناما ڪيائين، لوهار جي ڌيءَ سان شادي ڪيائين ۽ پڻ دلوراءِ کيس پنهنجي ڌيءَ پرڻائي ۽ اڌ بادشاهي ڏني.

*  ’دودو وڏو‘ پٽ ڀونگرراءِ جو، جنهن هڪ لوهار جي ڌيءَ سان ۽ دلو راءِ بادشاهه جي ڌيءَ سان شادي ڪئي.

- فقير عبدالستار مهر جي روايت (ص ص 317 - 318) مطابق، هو دلوراءِ جي بادشاهي ۾ اچي پهتو، جتي گرڙ پک ماريائين. ان تي دلو راءِ ماڻهو موڪلي دودي کي گهرايو ۽ خوش ٿي کيس پنهنجي ڌيءَ جو سڱ ڏنائين.

* ’دودو‘ پٽ ڀونگر راءِ جو، جنهن لوهار جي ڌيءَ سان ۽ پڻ دلوراءِ بادشاهه جي ڌيءَ سان شادي ڪئي:

- ڏاڙهون شيدي جي روايت (ص 214) مطابق: دودي راڪاس ماريو، اها خبر بادشاهه کي پئي، جنهن تي دلوراءِ دودي کي گهرايو ۽ پنهنجي ڌيءَ جو سڱ ڏنائين. دودي دلوراءِ جي ڌيءَ سان شادي ڪئي. ٿوري گهڻين ڏينهن دلوراءِ کي وزيرن برغلايو ته: دودو تنهنجي بادشاهي تي قبضو ڪندو، تڏهن دلوراءِ شڪيو ۽ سپاهه کي چيائين ته ڀل دودي کي ڪنهن حيلي سان ماري وجهو. دودي پوءِ دلوراءِ جي شهر جو پاڻي پيئڻ حرام ڪري ڄاتو (۽ ٻاگهي جي قاصد اچڻ تي اُتان روانو ٿيو).

- رکيل عرف ڏوو راڄڙ جي روايت (ص 235) مطابق: دودو انهيءَ شهر ۾ پهتو جتي راڪاس ايندو هو ۽ ان کي ماريائين. انهيءَ شهر جي بادشاهه جو نالو دلو راءِ هو. بادشاهه دودي کي گهرايو ۽ سندس وڌيڪ آزمودو وٺڻ لاءِ ٻه مست هاٿي ويڙهايائين ۽ دودي کي چيائين ته انهن کي ڇڏائي ڌار ڪري. دودي ٻنهي هٿن سان سٽ ڏيئي ٻئي هاٿي جدا ڪيا. دلوراءِ بادشاهه اها بهادري ڏسي، پنهنجي نياڻي دودي سان پرڻائي، ۽ دودو اتي خوش گذارڻ لڳو.

* ڪارو دودو پٽ ڀونگر راءِ جو، جنهن لوهار جي ڌيءَ ۽ ٻئي ڪنهن بادشاهه جي ڌيءَ سان شادي ڪئي.

- مٺو نهڙيي ڪڇي جي روايت (200 - 201) ۾ بادشاهه جو نالو ڄاڻايل ڪونهي، پر راڪاس ۽ مست هاٿي ماريائين، تڏهن اتان جي بادشاهه دودي کي اڌ راڄ ڀاڳ ۽ ڌيءَ جو سڱ ڏنو.

- عرس جمالي جي روايت (ص ص 109، 114 - 115) مطابق، دودي جي بهادري ڏسي، بادشاهه کيس پنهنجي ڌيءَ ڏني پر بادشاهه جو نالو ڏنل ڪونهي.

* نهري دودو پٽ ڀونگر راءِ جو، جنهن هڪ شادي لهاري سان ۽ ٻي ڏاڏي پوٽيءَ سان ڪئي:

- ماڻڪ خان چانڊيي جي روايت (ص 904)

- فقير مولا بخش ميراثي جي روايت (ص 954)

- سگهڙ جاڙي خان مري جي روايت (ضميمو).

* دودو پٽ ڀونگر راءِ جو، جنهن لوهار جي ڌيءَ ۽ گل بادشاهه يا ٻئي ڪنهن بادشاهه جي ڌيءَ سان شادي ڪئي:

- عبدالله جمالي جي روايت (ص 75). دودو گل بادشاهه جي بادشاهي ۾ ويو ۽ اتي سندس بهادري کان خوش ٿي گل بادشاهه کيس پنهنجي ڌيءَ ڏني.

- علي محمد مري جي روايت (ص 882) مطابق: ڀونگر راءِ پٽ وڏي دودو جو ]ڀونگر راءِ جو پٽ دودو ٿيو[ جنهن هڪ لوهار جي ڌيءَ سان ۽ ٻيو هڪ بادشاهه زادي سان شادي ڪئي. بادشاهه زادي ڏاڏي پوٽي هئي، يعني ته ڪنهن سومري بادشاهه جي ڌيءَ هئي، جو راڄن چيو ته:

چنيسر پٽ لوهاري جو آهي هر ڪنهن کي به سماء

دودو سارو سون جو جنهن کي ريهه رُپي جو ناهه.

هن روايت جي منڍ واري بيان (ص ص 282 - 283) ۾ راوي کان ڀـُـل ٿي آهي جو سڄو بيان ڀونگر راءِ پٽ وڏي دودي جو ڪيو اٿس: يعني ته ڀونگر راءِ اهي ٻه شاديون ڪيون ۽ کيس ٻاگهي، چنيسر ۽ دودو ٿيا. پر هن ساڳي ڳالهه ۾ اڳتي (ص 889 تي) چنيسر پاڻ پنهنجي سڃاڻپ ڪرائيندي چوي ٿو، ته هو دودي جو (۽ نه ڀونگر راءِ جو) ”ٻـِـسر پـُـٽ“ آهي، يعني پيءُ دودو سومرو ته ماءُ لوهاري اٿس:

]نڪي آهيان دودو سومرو، نڪي وڳـہ جو وريام
ٻسر پٽ دودي کي ڄائو غيلاني غلام
[

 

* غلام حسين ڪلهوڙي جي روايت (ص 419) موجب، ڀونگر راءِ پٽ ڪاري دودي جو، تنهن هڪڙي شادي لوهار جي ڌيءَ سان ۽ ٻي ڏاڏي پوٽيءَ سان ڪئي.

مٿين ٽاڻن ۽ اهڃاڻن مان، باوجود اختلافن جي، مجموعي طور هيٺيان نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا:

- هن ڳالهه جي مڙني مختلف روايتن جي مدنظر، ٽي دودا ٿيا: ڪارو دودو يا وڏو دودو،نهرو دودو، ۽ دودو چنيسر جو ڀاءُ. ڪارو دودو يا وڏو دودو سڀني کان اڳ ٿيو. سندس وڏو ڏاڏو عرف ’واڇڙو‘ عرب نسل جو سردار هو ۽ سندس ناناڻا پڻ عرب هئا. ڪاري دودي جي پٺيءَ مان پوءِ، ڀونگر راءِ ٿيو. ٻيو نهرو دودو يا نهري دودو، ڀونگر راءِ جي پٺيءَ مان ٿيو ۽ اڪثر روايتن مطابق هو ڀونگر راءِ جو پٽ هو. ٽيون دودو جيڪو چنيسر جو ڀاءُ هو.

- اهي ٽي دودا ڪڏهن ۽ ڪهڙي دؤر ۾ ٿيا، ان لاءِ پڻ ڪو يقيني دليل موجود ڪونهي. البت مختلف ٽاڻن جي مدنظر هن نتيجي تي پهچجي ٿو ته: وڏو دودو يا ڪارو دودو، دلو راءِ بادشاهه جي ڌيءَ پرڻيو ۽ سندس پٺيءَ مان پـُـري پڌري ٿي ۽ ڀونگر راءِ ۽ ٻيا حاڪم ٿيا، نهري دودو، ڀونگر راءِ جو پٽ هو، جنهن گـُـجرن سان جنگ ڪئي. چنيسر جي ڀاءُ دودي، عالادين جي لشڪر سان مقابلو ڪيو ۽ انهيءَ جنگ ۾ ماريو.

اهي نتيجا وڌيڪ قرين قياس آهن، حالانڪه مٿين روايتن ۾ وڏي ڪاري دودي توڙي نهري دودي کي ڄڻ ساڳيو هڪ ئي شخص ڪري سمجهيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪاري دودي توڙي نهري دودي جا بلڪل ساڳيا ڪارناما بيان ڪيا ويا آهن، جو ٻنهي کي ڀونگر راءِ جو پٽ ڪري ڄاڻايو ويو آهي ۽ ٻنهي جي نالي چيو ويو آهي، ته دلو راءِ جي ڌيءَ سان شادي ڪيائون، پڻ ڪيترين ئي روايتن ۾ نهري دودي کي ئي دودي ۽ چنيسر جو پيءُ ڪري ڄاڻايو ويو آهي: يعني ته ننڍو دودو (چنيسر جو ڀاءُ) نهري دودي يا ڪاري دودي جو پٽ هو، ۽ دلو راءِ بادشاهه جو ڏوهٽو هو. انهن روايتن مان اهو گمان پڻ نڪري ٿو، ته دلوراءِ ۽ ٽيئي دودا ڄڻ بالڪل ساڳئي وقت جا هئا، مگر اهڙو گمان تاريخي اعتبار سان صحيح نه ٿيندو. هن دليل کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي، ته دلو راءِ جي دؤر کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي.

دلوراءِ جو دؤر ۽ سومرا حاڪم:

هن ڪتاب کان اڳ ٻين مختلف ماخذن جي مطالعي ۽ انهن ۾ آيل حوالن جي تور تڪ ڪندي، اسان دلوراءِ بادشاهه بابت هيٺين راءِ ڏيئي چڪا آهيون:

”تاريخي طور، دلوراءِ جو دؤر هن وقت تائين روشن ٿيل ناهي، پر اسان جي راءِ ۾ عرب دؤر جي پڄاڻي بعد دلوراءِ پهريون مشهور حڪمران ٿيو، جو هڪ وڏو مدبر ۽ داناء هو ۽ جنهن دؤر ۾ وڏا ڪارناما ٿي گذريا. دلوراءِ جي حڪمراني غالباً پنجين صدي هجري (11 - صدي عيسوي) ۾ هئي“(1).

سڀ کان اول ’تاريخ طاهري‘ جي مصنف، دلوراءِ ۽ سومرن جي دؤر بابت سندس (مصنف) پنهنجي دؤر ۾ هلندڙ هڪ روايت بيان ڪئي آهي، جنهن کي پوءِ مير علي شير قانع پڻ ’تحفة الڪرام‘ ۾ نقل ڪيو آهي. انهيءَ روايت مطابق دهلي جي سلطان ۽ سومرن جي جنگ وارو واقعو تڏهن ٿيو:

”جڏهن دلوراءِ جي ظلم کان الور وٽان وهندڙ درياء سڪي ويو ۽ مٿان پنجاب واري درياءِ جو وهڪرو ڦري سيوهڻ طرف کان ٿيو ته هي سرزمين جا هينئر آباد آهي سا آباد ٿي ۽ سومرن جا آباد شهر خشڪيءَ سبب ويران ٿيڻ لڳا“(2) .

هن بيان جو مطلب اهو آهي، ته سومرن ۽ دهلي جي سلطان جي جنگ وارو واقعو سومرن جي ڪمزوري ۽ زوال واري دؤر ۾ ٿيو. سومرا ڪمزور انهيءَ ڪري ٿيا هئا جو درياء سيوهڻ ۽ ٺٽي وٽان وهڻ لڳو. درياء جو رخ الــٰـهي ڏمر سببان مـَـٽيو، ڇاڪاڻ جو دلوراءِ پنهنجي حڪومت واري دؤر ۾ ظلم ڪيا هئا. جيتوڻيڪ ٽي مختلف واقعا هڪ ئي جملي ۾ بيان ڪيل آهن، مگر ظاهر آهي، ته وقت جي لحاظ سان اهي وڏن وقفن بعد مختلف دؤرن ۾ ٿيا. پهريون دؤر اهو هو جنهن ۾ درياء رخ مٽايو ۽ سومرن جي حڪومت واري اراضي غير آباد ٿيڻ لڳي. ان بعد سومرا ڪمزور ٿيڻ لڳا ۽ انهيءَ دؤر ۾ دهلي جي سلطان ۽ سومرن جي وچ ۾ جنگ ٿي.

انهن واقعن ۽ وقفن کي ذهن ۾ رکندي، معلوم ٿيندو ته دلوراءِ گهڻو اڳ ٿي گذريو، ۽ دودو چنيسر گهڻو پوءِ ٿيا، ڪارو دودو يا وڏو دودو اوائلي عرب سردار جي پٺيءَ مان هو، انهيءَ ڪري اهو به اوائلي دؤر ۾ ٿيو ۽ غالباً اهو ئي دلوراءِ جو همصر ۽ ناٺي هو. ڀونگر راءِ سندس پٺيءَ مان ٿيو. هڪ روايت موجب دلوراءِ کيس اڌ بادشاهي ڏني يعني ته ڏکڻ - اولهه سنڌ واري ايراضي کيس ڏنائين، جتي هن وڳـہ ڪوٽ کي پنهنجي گادي جو شهر بنايو. هڪ روايت موجب ”اول مشهور وڏو ڪارو دودو ٿيو، جنهن وڳـہ ڪوٽ جي بادشاهي ورتي“(1) . ٻيو دودو يعني نهرو دودو جيڪو ڀونگر راءِ جو پٽ هو، سو ان کان پوءِ ٿيو، ۽ شايد سومرن جي حڪومت جي وچئين دؤر ۾ يا اڃا به ڪجهه اڳ ٿيو، ڇاڪاڻ ته ان وقت اڃا سومرا طاقتور هئا ۽ هنن گجرن سان جنگيون ڪيون ۽ کين شڪستون ڏنيون. ٽيون دودو ان کان پوءِ ٿيو.

اڪثر روايتن ۾ ائين ڄاڻايل آهي، ته دلو راءِ بادشاهه پنهنجي ڌيءَ ڪاري دودي يا نهري دودي کي ڏني ۽ پڻ اڌ بادشاهي ڏني. انهيءَ مان گمان نڪري ٿو، ته دلو راءِ جو خاندان ۽ دودن جو خاندان مٿي ڪنهن ساڳئي قبيلي مان هئا. هڪ روايت موجب درويش ڇـُـٽو عمراني جيڪو سيوهڻ ۾ مدفون آهي، سو دلوراءِ جو ڀاءُ هو: يعني دلوراءِ ۽ ڇـُـٽو ٻئي عمران جا پٽ هئا ۽ انهيءَ لحاظ سان هو ’عمراني خاندان‘ جا هئا، جو ڪنهن عرب قبيلي جي شاخ هو. هوڏانهن دودن جو خاندان پڻ ڪنهن عرب قبيلي مان هو. بهرحال ٻنهي قبيلن جا ڏاڏاڻا يا ناناڻا عرب هئا، ٻنهي قبيلن ۾ مٿي عربن يا سومرن جي سلسلي ۾ ڪا نسبت هئي، جو اهو سڱ ٿيو. انهيءَ سڱ سببان دلوراءِ جو خاندان وڏي دودي جي خاندان جو ناناڻو خاندان هو. جيتوڻيڪ ساڳئي نالي دودي سببان ٽئين (پوئين) دودي کي پڻ دلوراءِ جو ڏوهٽو ڪري ڄاڻايو ويو آهي: ”دودو ڏاڏي پوٽي دلوءَ جي ڌيءَ مان هو، تنهن کي راڄن پڳ ڏيئي ڇڏي“ (۽ چنيسر لوهاري مان هو انهيءَ ڪري ان کي نظرانداز ڪيائون. چنيسر کي ڪنهن چيو ته):

”ميڙيون ۽ منٿون تو کي ڪيون ننڍي ڀاءُ
پر رڳ  ڇڪيون ناناڻي بڇڻ هليون ماءِ
هو دودو دلوءِ ڏوهٽو، سو پيڙهي ويٺئي راءِ

 

]بودن فقير ڀنڀري جي روايت، ص 264[

”توکي ٽاه ٽـَـڪـُـن جو، لوهر تنهنجي ماءِ
اڳيان دودو ڏوهٽو دلوءِ جو آهي پيڙهيءَ مٿي راءِ

 

]روايت رکيل عرف ڏوو راڄڙ، ص 248[

مٿين اهڃاڻن مان اها تصديق ٿئي ٿي، ته دلو راءِ به سومرو هو، ڇاڪاڻ جو مڙني روايتن مطابق دلوراءِ جي ڌيءَ جو پٽ دودو ڏاڏي پوٽيءَ مان هو، يعني ته ’سومري‘ ماءِ مان هو. تاريخ طاهري واري مٿئين مبهم بيان مان پڻ اهو شبهو نڪري ٿو ته دلوراءِ سومرو هو ۽ انهيءَ ڪري سندس ’ظلمن‘ سببان سومرن جي ايراضي خشڪي سببان ويران ٿي ۽ سومرن جي حڪومت تي زوال آيو.

عام روايتن مطابق دلوراءِ جي گادي ’الور‘ (روهڙي لڳ) يا ’دَلور‘ (اڳيون شهر ’منصوره‘ يا ان لڳ ڪا ٻي بستي، ضلعو سانگهڙ) ڄاڻايل آهي. ٻين روايتن مطابق مورڙيي کي به دلوراءِ بادشاهه ڪـَـل ٺهرائي ڏني هئي، يعني ته ڏکڻ طرف سمنڊ تائين دلوراءِ جي حڪومت هئي. ٽيون ته هن ڳالهه جي ڪن روايتن مطابق، دودو به درياء ٽـپي، پوءِ دلوراءِ جي بادشاهي ۾ داخل ٿيو هو. ان وقت مکيه وهڪرو غالباً پـُـراڻ درياءَ وارو هو جيڪو ٽپي، دودو الهندي طرف دلوراءِ جي بادشاهي ۾ آيو هوندو. ان مان گمان نڪري ٿو ته پـُـراڻ درياء جي اولهه طرف، سڄي سنڌ ۾ الور کان وٺي، وچ ۾ دلور، ۽ هيٺ سمنڊ تائين، دلوراءِ جي بادشاهي هئي. پـُـراڻ درياء جي اُڀرندي طرف، خاص ڪري ڏکڻ - اولهه سنڌ ۽ ڪڇ لڳ واري حـصي ۾، دودن جي حڪومت هئي. يعني ته ڪنهن وقت سنڌ ۾ ٻه سومرا خاندان حڪمران هئا، جن مان دلوراءِ وڏو بادشاهه هو.

دلوراءِ جي ظلم جي روايت پهريائين ’تاريخ طاهري‘ جي مصنف بيان ڪئي ۽ ان بعد ٻين لکيتن ۾ پڻ مشهور ٿي. اسان ’تاريخ طاهري‘ جي مقدمي ۽ حاشين ۾ اها وضاحت ڪري آيا آهيون ته ’تاريخ طاهري‘ جي مصنف مير طاهر محمد نسياني جا سومرن ۽ سمن بابت معلومات ’تاريخي‘ نه هئا بلڪ ان وقت جي ڪنهن ’عامي‘ روايت تي مبني هئا، جنهن جي پڻ مير طاهر محمد ڇنڊڇاڻ ڪانه ڪئي. ازانسواءِ مير طاهر محمد ذاتي طور تي پڻ سومرن ۽ سمن لاءِ منصفانه خيال رکندڙ ته هو، ڇاڪاڻ جو سندس تعلق ’سهتن‘ سان هو، جيڪي سندس ناناڻا هئا. سهتن سومرن ۽ سمن جون قبائلي رقابتون آڳاٽي دؤر کان وٺي هلنديون پئي آيون.

سنڌ جي ٻين وڌيڪ عام مشهور روايتن مطابق، سواءِ سيف الملوڪ جي قصي جي (جنهن ۾ دلوراءِ جي ندا ٿيل آهي) باقي ٻين مڙني قصن ۾ دلوراءِ جي نيڪنامي ۽ دانائي جا اهڃاڻ ڏنل آهن. مثلاً: دلوراءِ بادشاهه مورڙيي جي قدرداني ڪئي ۽ کيس پاڻ وٽ رهايو ۽ مڇ کي مارڻ لاءِ سندس واسطي ڪـَـل جوڙائي، جنهن مان سندس دانائي جي تصديق ٿئي ٿي. سسئي پنهونءَ جي قصي کي پڻ سگهڙن دلوراءِ جي دؤر جو ڪري ڄاڻايو آهي. يعني ته ان وقت دلوراءِ پنهنجي پيڙهيءَ جو بادشاهه هو ۽ کيس ’داناء‘ ڪوٺيو ويو آهي:

’دانـَـهه دلوراءِ هو پاڇا پيڙهيءَ تي‘(1)

شروع واري ان دؤر ۾ غالباً سومرن جا ٻه حڪمران گهراڻا ٿيا: هڪ دلوراءِ جي پيڙهي وارا حڪمران، ۽ ٻيا دودن جي پيڙهي وارا حڪمران جن پوءِ گهڻو عرصو حڪمراني ڪئي.

ڪاري دودي کان ڀونگر راءِ تائين پيڙهيون:

دلوراءِ ۽ ڪاري دودي وارو دؤر، سومرن جي حڪمرانن جو اوائلي دؤر هو. دودي ۽ چنيسر ٻنهي کان اڳ مڙني روايتن مطابق، ڀونگر راءِ بادشاهه هو. دلوراءِ ۽ وڏي ڪاري دودي کان وٺي ڀونگرراءِ تائين ڪيترو عرصو گذريو ۽ ان ۾ ڪيترا ۽ ڪهڙا حڪمران ٿيا، ان بابت ڪوبه يقيني ثبوت موجود ڪونهي. البت هن ڳالهه جي ڪن روايتن ۾ انهيءَ وچئين دؤر جي سومرن حڪمرانن بابت جدا جدا اهڃاڻ ڏنل آهن، جن کي ويچاري سگهجي ٿو. اهي مڙئي اهڃاڻ ڄڻ پوئين دودي جي وقت جي جهونن ۽ ڄاڻو شخصن جون زبانيون ۽ شاهديون آهن، جن کان دودي پڇيو هو، ته: هن کان اڳ اسان جي پهرين پيڙهين کان وٺي ويندي پوئين ڀونگر راءِ تائين، ڪنهن ٻئي سومري بادشاهه پنهنجو به ڪو ٻار ٻاهر ڏنو يا نه، جو آءٌ ٻاگهي جو سڱ عالادين کي ڏيان؟ انهيءَ سوال جي جواب ۾ کيس هيٺينءَ طور جدا جدا جواب مليا:

(الف) دودي جي پڇڻ تي ته ڪنهن اڳ ٻاهر سڱ ڏنو، ڀاڳ مڱڻهار جنهن کي سورهن پيڙهيون ياد هيون، تنهن چيو ته:

ٽي دودا، ٽي ڀيئن، طائي چار، همير پنج
ڀلا ڀونگر شينهن، جنهن راڄ تي ڪچو ڀيٽيو.(1)

 

(ب) ڀان فقير چيو ته:

”ويهه پيڙهيون، سورهن ڏاڏا، دودا تنهنجا ٿو سنڀران“(2)

 

(ج) دودي جي طرفان ڪنهن ڀاڳ، ڀان يا وزير جي زباني ته(3) :

ڇٽيهه راڄ همير، سورهن پريون سومري
ورهيه پنج سؤ پنجهتر کڻي ويٺا وير.

 

-----

طائي، خفيف، کينئرا ۽ ڀونگر ڀينءَ
پـُـٺو پـُـٺيءَ سين نسريا، ڇهه ڀونگر، ڇهه ڀينءَ.

 

------

خفيف ٽي، دودا چار، راڻا راءَ ڪري
آئـِـي دودا تو سين
]آئي ڪين ٽري[.
 

(د) جڏهن ٻاگهيءَ جي سڱ ڏيڻ جو سوال آيو ته دودي پڇيو ته: اسان جي وڏن جي ريت رسم جي خبر ڪير ڏيندو؟ تڏهن حيدر هولاڻي چيو ته:

”ٽي پيڙهيون ٿو سنڀران، ٽي ڪارا دودا ڀينءَ“(4)
 

پوءِ چنڊ فقير مڱڻهار کان دودي پڇيو ته گهڻيون پيڙهيون ٿو سنڀرين؟ جواب ڏنائين ته:

”ست ئي پيڙهيون ٿو سنڀران، ست ڪارا دودا ڀينءَ
نڪو سڱ ڏنو سومرن، نڪو ڪنهن کان ورتائون“

 

(هه) دودي جي آڏو هڪ جهور پير مرد (کڙڳ) کٽيءَ جي زباني:

”ست دودا، ست پيڙهيون ٿو سنڀران مان ڀي
ته اڳ پيءُ سماٽ ۾ ڪنهن نه ڏني ڌيءَ“(1)

 

(و) حيدر هالاڻي (ائين) کان دودي پڇيو ته جواب ڏنائين(2)

”چئي چار چنيسر سنڀران، چار ڀونگر ڀينءَ
تن به ڏني ڪانه ڪا، تون دودا ڏيندين ڪيئنءِ“.

 

(ز) لاڏو ڀاڳ، تنهن دودي کي پيڙهيون هن طرح ٻڌايون(3):

”ٻارهن دودا، تيرهن ڀين، ايتا مون سنڀريا
ٻين مڙني ڏنيون، ڏني نه ڀونگر راءِ“.

 

(ح) ڀينء نالي مڱڻهار، دودي کي چيو ته:

”ست دودا، ست ڀيئن، تن ڏني هئي ڪانڪا

 

هاڻي آئي توسينءَ

جي تـُـرڪ پرڻائيين، تنهن کان ڏومن کي ڏين“(4)

 

(ط) شجري جو پڇيائون ته اڳ سومرن ڪو ٻين کي سڱ ڏنو؟ تڏهن ٻڌايائون (نالو ڪونهي) ته(5):

”ٻارهن دودا، خفيف ڀڙ، ٽي طائي، ٽي ڀيئن
اڳينِ آڳ لنگهائـِـي، ڀلي ڀونگر سيئن
ٻين مڙني نه ڏنيون، سو دودو ڏيندو ڪيئن!“

 

(ي) دودي جي پڇڻ تي ڀاڳو ڀان جي زباني:

”نـَـو خفيف، ٻارهن ڀينء، پوءِ آئي ڀونگر ڀينء
ڀونگر ڀوگي ڇڏي، هاڻي آئي دودل شينهن“
(6)

 

(يا) جڏهن عالادين کي چنيسر چاڙهي آيو ته ننگر کي چنيسر ڏانهن ميڙ ڪري موڪليائين. ڀاڳو ڀان به ساڻس گڏ ويو، جنهن کي ننگر اماڻيو ته پهريائين وڃي چنيسر سان حالي حوالي ٿئي. ان وقت ڀاڳو، چنيسر کي پيڙهي ڪڍي ٻڌائي ته:

”ست ڀينءِ، ست ڀونگر، ست سنڀران دودا راءِ
ٽي ستا ايڪيهه ٿيا، لنگهيا وڳهه جا بادشاهه“
(1)

 

(يب) الله بخش لاشاري جي روايت موجب ”نوعمر، ڏهه ڀين“ ٿي گذريا(2)

مٿين زبانين کي ويچارڻ سان هيٺيان نتيجا نڪرن ٿا:

* انهن شاهدين موجب، سومرن ۾ ساڳئي نالي وارا هڪ کان وڌيڪ حڪمران ٿيا، جن ۾ وڏي دودي کان وٺي ڀونگر راءِ تائين هيٺين نـَـوَن (9) نالن وارا حڪمران مشهور هئا، جن جا نالا کنيا ويا آهن: ڪارو دودو، دودو، ڀينءَ، طائي، همير، خفيف، کينئرو، چنيسر ۽ ڀونگر.

* (الف) ۽ (ب) مطابق اندازاً سورهن پيڙهيون سومرا بادشاهه ٿيا:

(الف) 3 دودا + 3 ڀين + 4 طائي + 5 همير + هڪ ڀونگر = 16

(ب) هڪ طائي + هڪ خفيف + ٻه (؟) کينئرا + 6 ڀونگر + 6 ڀين = 16

* (ح)، (ط) ۽ (ي) مطابق لڳ ڀڳ ايڪيهه پيڙهيون سومرا بادشاهه ٿيا:

(ح) 12 دودا + 3 (؟) خفيف + 3 طائي + 3 ڀين = 21

(ط) 9 خفيف + 12 ڀين = 21

(ي) V ڀين + V ڀونگر + V دودا = 21

* (ب) جي هڪ ٻي ڳاهه مطابق سومرن (حاڪمن) جون ’سورهن پـُـريون‘، ۽ سومرن جا راڄ ڇٽيهه ڄاڻايل آهن. ان کان سواءِ سومرن جي حڪمراني جو جملي عرصو پنج سؤ پنجهتر سال (575) ڄاڻايل آهي:

ڇٽيهه راڄ همير، سورهن پـُـريون سومري
ورهيه پنج سؤ پنجهتر کڻي ويٺا وير.

 

ڀونگر راءِ کان دودي - چنيسر تائين شجرو:

ڀونگر راءِ جي پنهنجي پيءُ ڏاڏي توڙي سندس پٽن پوٽن بابت پڻ مختلف ٽاڻا ملن ٿا، جيڪي وضاحت طلب آهن. اسان انهن اختلافن کي هيٺ شجرن جي صورت ۾ درج ڪريون ٿا، انهن لاءِ اهي آساني سان سامهون اچي سگهن. البت ڪن اهم اختلافن بابت اسان مٿي وضاحت ڪري آيا آهيون، ته ڪن روايتن ۾ ڀونگر راءِ کي ڪاري دودي جو پٽ يا ڪاري دودي جي اولاد مان ڪري ڄاڻايو ويو آهي (جيڪو وڌيڪ قرين قياس آهي)، ۽ ٻين روايتن ۾ وري ڪاري دودي ۽ پڻ ’نهري دودي‘ کي ڀونگر راءِ جو پٽ ڪري ڄاڻايو ويو آهي. اهو پڻ واضح ڪري آيا آهيون ته ساڳئي نالي (دودي) هئڻ سببان روايتن ۾ ڀـُـل ٿي آهي، مگر ڪارو دودو ۽ نهري دودو ٻه جدا شخص هئا. وڏو ڪارو دودو ممڪن آهي، ته ڪنهن اڳئين وڏي ڀونگر جو پيءُ هجي، پر پوئين ڀونگر راءِ جو غالباً هو ڪو وڏو ڏاڏو هو. نهري دودو اڪثر روايتن مطابق پوئين ڀونگر راءِ جو پٽ هو.

انهن وضاحتن جي روشني ۾ هيٺين شجرن کي تورڻ تڪڻ گهرجي، جيڪي مجموعي طور سان ٻن قسمن جا آهن: هڪڙا اهي جن ۾ دودي ۽ چنيسر کي ڀونگر راءِ جا پوٽا ڪري ڄاڻايو ويو آهي. پويون رايو موجوده دؤر جي سڄاڻ سگهڙن وٽ وڌيڪ وزندار آهي. البت پوئين قسم جي شجرن مان ڪن ۾ ڪاري دودي کي، ڪن ۾ نهري دودي کي، ۽ ڪن ۾ فقط دودي (وڏي) کي دودي ۽ چنيسر جو پيءُ ۽ ڀونگر راءِ جو پٽ ڪري ڄاڻايو ويو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ اسان اڳ وضاحت ڪري چڪا آهيون، ته ڪارو دودو اڳ ٿي گذريو، ۽ دودي چنيسر جو پيءُ غالباً نهري دودو هو.


(1) ڏاڙهون شيدي جي روايت، ص 207

(2) غلام حسين ڪلهوڙي جي روايت، ص 490

(3) زباني ڳالهه کڻڻ وقت اچار اڪثر ’واڇرو‘ پئي ڪيائون

(4) محمد خان ڪيري جي روايت، ص 118 حاشيـه

(1) وريام نقرج جي روايت (ضميمو)

(2) عارب ڪپري جي روايت ص 118

(3) ڏاڙهون شيدي جي روايت، ص 207

(4) ’جنگ ڪيڏاري‘ يا ’مها ڪٿا‘ (Epic) ۾ ڪرشمائي وڌاءُ ۽ خرافات واري لازمي جز تي مٿي روشني وڌي ويئي آهي. سومرن سورهيه جي طاقت ۽ بهادري کي وڏي ڪرڻ لاءِ کين ’ديون جو اولاد‘ ڪري ڄاڻايو آهي.

(5) مٺو نهڙي ڪڇي جي روايت، ص 197

(6) صابر نوحاڻي ۽ ساٿين جي روايت، ص 158

(1) واحد بخش ڄامڙي جي روايت، ص 467

(2) تفصيل لاءِ ڏسو هيٺ عنوان ’سومرن جا اوائلي حڪمران‘

(3) پير مرد ۽ سڄاڻ سگهڙ محمد خان ڪپري جي وهڃايل ڳالهه (ص 118 حاشيه)، محمد ملوڪ ڪوري جي روايت (ص 745)، علي محمد مري جي روايت (ص 882)، جنهن ۾ ڪاري دودي کي ’وڏو دودو‘ سڏيو ويو آهي ۽ سگهڙ جاڙي خان مري کان قلمبند ڪيل ڳالهه (ص 1228)

(1) مثلاً: عبدالله جمالي جي روايت (ص ص 72 - 76) ۽ عرس جمالي جي روايت (ص 109) جن جو بنياد ساڳيو آهي، صابر نوحاڻي جي روايت (ص 158)، غلام حسين ڪلهوڙي جي (ص 577) روايت ۾ ’ڪارل شير‘ جي نالي سان ’ڪاري دودي‘ جو اهڃاڻ ڏنل آهي، پر سندس پـُـري پڌري ڪيل ناهي.

(1) لوڪ ادب سلسلي جو ڪتاب ’سسئي پنهون‘، مقدمو، ص 2

(2) ڏسو ڪتاب ’دودو چنيسر‘ متن ص ص 1 ۽ 4.

(1) غلام حسين ڪلهوڙي جي روايت (ص 491).

(1) سڄي بيت لاءِ ڏسو لوڪ ادب سلسلي جو ڪتاب ’سسئي - پنهون‘ مقدمو ص 6

(1) منشي اَڌارام جي ڇپايل ڳالهه، ص 23

(2) محب فقير ملڪ جي روايت، ص 402

(3) سامي نالي شاعر جي بيتن واري ڳالهه، ص 53

(4) يار محمد ماڇي جي روايت، ص 839

(1) غلام حسين ڪلهوڙي جي روايت، ص 531

(2) عارب ڪپري جي کنيل ڳالهه، ص 133

(3) فقير عبدالستار مهر جي روايت، ص 328

(4) رکيل عرف ڏوي راڄڙ جي روايت، ص 251

(5) صابر نوحاڻي جي روايت، ص 192

(6) ڪريم بخش مهر جي ٻڌايل ڳالهه، ص 385

(1) حيدرآباد جي ميراثين جي روايت (ص 934) ۽ تاج محمد واري ڳالهه (ص 875) ۾ هي بيت ڪچو ڪري ڏنل آهي:

ســت ڀــونــگر مــون ســئا، ســت سـئم دودا

ته ستا ايڪيهه هئا، ٿيا وڳهه جا بادشاهه.

(2) ضميمو، ص 1223

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org