سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب:  تاريخ سنڌ

باب؛ --

صفحو :8

 

تاريخ سنڌ

 

 

ڀاڱو ٻيو

 

عرب دؤر

 

 

 

مولوي نور محمد نظاماڻي


 

ڀاڱو ٻيو

 

باب پهريون:

سنڌ جي تاريخ

محمد بن قاسم جي خاتمي سان گڏ عام فارسي مؤرخ سنڌ ۾ عربن جي زماني جو حال به ختم ڪري ڇڏين ٿا. بلڪ هر مؤرخ جو هي خيال آهي ته ابن قاسم کان پوءِ محمود غزنوي تائين سنڌ جي تاريخ اهڙي اونداهي ۾ پيل آهي جنهن جو ڪو پتو نٿو پوي، ۽ بيشڪ آهي به ائين. ڇو ته جيڪڏهن ائين به کڻي هو تڏهن به فارسي مؤرخن جن جي معلومات نهايت ئي محدود هئي تن ان کي منجهائي سنجهائي رڳو قياسي بيانن کان ڪم وٺي اصلي واقعات تي بلڪل پردو وجهي ڇڏيو آهي.

اصل ۾ هن طرح آهي ته اهو فارسي مصنفن جو زمانو هو. فقط چچ نامي جو ترجمو ڪندڙ سنڌ جو سڀ کان پهريون مؤرخ آهي جنهن هڪ عربي ڪتاب جو ترجمو ڪري ملڪ ۾ پکيڙيو مگر ان محمد بن قاسم جي زندگي سان گڏ پنهنجي تاريخ به پوري ڪري ڇڏي آهي. جيڪڏهن اڳ ۾ ڪي ٻيا حالات به درج ٿيل هجن ها ته گهڻو ڪري فارسي مؤرخن ۽ انهن کان پوءِ انگريزي مصنفن ۾ اهڙو اختلاف نه پيدا ٿئي ها ۽ سنڌ جي تاريخ اهڙي ڇڪتاڻ ۾ نه پئجي وڃي ها. مگر وڏي تعجب ۽ حيرت جهڙي هيءَ ڳالهه آهي جو سڀني فارسي مؤرخن سنڌ جا واقعات فقط فارسي تاريخن جي اندر ڳوليا، ڪنهن کي به اها توفيق نه ٿي جو عربي علم جي خزاني تائين پنهنجو هٿ وڌائن. جيڪڏهن ان پاسي ڪجهه به توجهه ڪئي وڃي ها ته ساري تڪليف رفع ٿي وڃي ها ۽ پونيان غريب هن طرح مشڪلات ۾ نه ڦاسن ها. هندوستان جي فارسي تاريخن لکڻ جو سلسلو خاندان غزنويه جي پوري ٿيڻ بعد جاري ٿيو. انهن مصنفن جو خاص مرڪز دهلي هو ۽ سندن اڳيان جي واقعات موجود هئا سي ايتري قدر دلچسپ هئا جو انهن سنڌ جي تاريخ ڏي بلڪل توجهه نه ڏني ۽ جڏهن گهڻن ڏينهن بعد پونين ماڻهن کي پتو پيو ته سنڌ ۾ محمد بن قاسم نالي هڪ عربي سپهه سالار وڏا وڏا نمايان ڪارناما ڏيکاري چڪو آهي، تڏهن کين سنڌ جي حالات معلوم ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو پر عربي ڪتابن جي شايد انهن ڪا تلاش ئي ڪا نه ڪئي جنهن جي ڪري ۽ اهي سندن نظر کان اصلي پري رهجي ويا، باقي فارسي جي اندر معلومات جو ڪو به ذريعو وٽن موجود نه هو، تنهنڪري مجبوراً ٻڌل سڌل آکاڻيون پنهنجي تصنيفات ۾ داخل ڪري ڇڏيائون جي کين فقط سنڌي ماڻهن جي واتان ٻڌڻ ۾ آيون.

هندوستان جي انهن فارسي مؤرخن فقط قياسي طرف کڻي اها ڳالهه قبول ڪري ورتي ته محمد بن قاسم کان پوءِ عربن جي حڪومت ڪمزور ٿي ويئي. ان سان گڏ هڪ هيءَ ڳالهه به کين ذرا تحقيقات سان معلوم ٿي ويئي ته غزنوي خاندان جي زماني ۾ ملڪ سنڌ تي سومرا نالي هڪ قوم جو بڪل گهڻو اثر هو ۽ سلطنت غزنويه جي زوال سان گڏ هڪدم انهي قوم آزادي جي سند حاصل ڪري ورتي ۽ سواءِ ڪنهن تڪليف جي هنن سنڌ کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي ڇڏيو. بس هي ئي ٻه ڳالهيون آهن جي فارسي مورخن جي معلومات جو بنياددي پٿر آهن، مگر انهن ٻن ڳالهين تي جي وري هنن يارن ويهي پنهنجي راين جا حاشيا چاڙهيا آهن تن هيڪاري سنڌ جي تاريخ جو اهڙو ستياناس ڪري ڇڏيو آهي جو جيسين سندن انهي ڇڙواڳي کي خوب طرح رڳڙي رڳڙي ڪوڙو ثابت نه ڪيو ويندو تيسين اصلي حالات پنهنجي رنگ ۾ جلوه نما ٿي ئي ڪين سگهندا. جنهن لاءِ وري وڃڻ جي ضرورت ئي ڪا نه ٿيندي، فقط سومرا قوم جي تحقيقات ۾ هنن ايتريون قلابازيون کاڌيون آهن جن جو ڇيهه ئي ڪونهي. ڪاڏي جو ڪاڏي وڃي نڪتا آهن. هر مؤرخ پنهنجو رخ وٺي اٿي هليو آهي مطلب ته رڳو ان ئي باري ۾ سندن جدا جدا بيان ڏسي توهان حيران ٿي ويندا، مگر انهيءَ قوم جو احوال هن تاريخ جي ٽئين حصي سان تعلق ٿو رکي، تنهنڪري اها صفائي به انهي موقعي تي ڪئي ويندي. هاڻي اسان سلسلي جي لحاظ تي محمد بن قاسم کان پوءِ جي زماني جا حالات بيان ڪرڻ ضروري ٿا سمجون ۽ ڀانيون ٿا ته جنهن زمين ۾ سنڌ خلافت جي فرمان برداري جو بوجو پنهنجي ڪنڌ تان لاهي اُڇلي ڦٽو ڪيو ان وقت تائين جيڪي به والي ۽ عامل دارالخلافت کان مقرر ٿي هتي آيا تن سڀني جو تفصيلي حال سلسلي وار بيان ڪريون. انهي لاءِ جو ڀل زمانو ڏسي ته فارسي مؤرخ ڪيتري قدر ناواقف هئا ۽ هندوستان جا يورپين خواه ديسي مؤرخ ڪيتري نه وڏي غلطي ۾ پيل آهن. سچ پچ حيرت جي ڳالهه آهي جو هڪ ملڪ جي ڪيترين صدين جي تاريخ باوجود موجود هجڻ جي ايتري قدر ميٽجي وڃي، جو خود اتي جي ماڻهن کي به هن جو پتو نه هجي بهرحال هاڻي انهي تاريخ کي سلسليوار شروع ڪيو ٿو وڃي.

يزيد بن ابي ڪبشه

محمد بن قاسم غريب کي شام جي طرف روانو ڪري يزيد بن ابي ڪبشه سنڌ جي حڪومت جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ ورتي مگر فقط نالي ڪاڻ. ڇو ته محمد بن قاسم کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ کيس آرام جي گهڙي نصيب نه ٿي. سر زمين سنڌ ۾ قدم رکڻ شرط هو آبهوا جي ناموافقت يا ڪنهن ٻئي سبب بيمار ٿي پيو ۽ ان مظلوم قيدي جنهن کي هن بيگناه زنجيرن ۾ جڪڙيو، اڃان عراق ۾ داخل ئي نه ٿيو هوندو ته هي سنڌ ۾ اچڻ کان پوري ارڙهين ڏينهن عالم آخرت ڏي روانو ٿي ويو. (يعقوبي)

حڪومت ۾ بدانتظامي

محمد بن قاسم جي گرفتاري ۽ ان جي پٺيان هڪدم نئين والي يزيد بن ابي ڪبشه جو موت، ڇا هي ٻئي ڳالهيون ملڪ سنڌ ۾ بدنظمي پيدا ٿيڻ ۽ اسلامي قوت جي گهٽجڻ لاءِ ڪو ٿورو سبب هيون؟ وري هيڪاري محمد بن قاسم جهڙي جوان مرد ۽ فياض سردار کان بيقصور حڪومت جي واڳ کسي وٺڻ ۽ ساڻس هيڏي بيدردي جو برتاءُ ڪرڻ، ان عبرت انگيز بيقدري کان ماڻهن ۾ طرح طرح جون بدگمانيون پيدا ٿي ويون، عربن مان فقط اهي ماڻهو سر زمين سنڌ ۾ رهجي ويا جيڪي هتي ويهي رهيا هئا ۽ جن کي جاگيرون ڏنيون ويون هيون مگر مجاهدين جي اها زبردست جماعت جا فقط محمد بن قاسم جي پٺيان پنهنجا گهر ٻار ڇڏي غريب الوطني ۾ پنهنجون جانيون قربان ڪرڻ لاءِ تيار هئي. سا ٽڙي پکڙي ويئي، ۽ انهي جماعت جا سڀ ماڻهو هن ملڪ کي ڇڏي پنهنجي پنهنجي وطن ڏي هليا ويا ۽ هندستان جو ميدان مجاهدن کان بلڪل خالي ٿي ويو. (يعقوبي)

حبيب بن مهلب

انهن ڏينهن ۾ سليمان ابن عبدالملڪ بصري جي حڪومت يزيد بن مهلب جي حوالي ڪئي هئي. ان کي جڏهن معلوم ٿيو ته سنڌ جي حالت خراب ٿي رهي آهي، تڏهن هن پنهنجي ڀاءُ حبيب بن مهلب کي سنڌ جو والي مقرر ڪري سنڌ ڏانهن روانو ڪيو. جو اڃا سر زمين سنڌ ۾ پهتو ئي مس ته راجا ڏاهر جو پٽ جيسنگهه جو غالباً ڪشمير کان واپس اچي ويو سو، برهمڻ آباد ۾ داخل ٿي ويو. حبيب سنڌ ۾ داخل ٿي سنڌو درياءَ جي ڪناري منزل انداز ٿيو. الور وارن سندس اطاعت قبول ڪئي مگر ڪي ماڻهو وڙهڻ لاءِ تيار ٿيا،جن کي حبيب پڪڙي، بغاوت جي ڏوه ۾ پوري پوري سزا ڏني.(بلاذري)

انهي زماني ۾ چيو وڃي ٿو ته ڪو وقت عامر بن عبدالله به سنڌ جو والي رهيو مگر بلاذري ۽ يعقوبي جن تي گهڻو ڀروسو ڪري ٿو سگهجي، توڙي ٻيا قابل اعتبار مؤرخ به هن بابت ڪجهه نٿا لکن تنهنڪري اسان جي نزديڪ هيءَ ڳالهه نه ايتري قدر ڀروسي جهڙي آهي نه مڃڻ جي لائق.

 

باب ٻيو

خلافت بني اميه جو باقي زمانو

حبيب اڃان سنڌو دريا جي ڪناري تي ئي لٿو پيو هو ته خليفي سليمان وڃي قبر ۾ جاءِ ورتي ۽ عمر بن عبدالعزيز جي عالمانه ۽ ديندارانه خلافت شروع ٿي. جنهن گادي تي ويهڻ شرط يزيد بن مهلب کي ان ڪري بصري ۽ خراسان جي گورنري کان موقوف ڪري ڇڏيو جو هو نهايت هٺيلو هو ۽ سندس عزيز و قريب ڏاڍا ظالم ۽ ناخدا ترس هئا. عراق جي والي عدي بن ارطات کي لکيائين ته يزيد بن مهلب کي هڪدم گرفتار ڪري وٺي. عدي انهي حڪم جي تعميل لاءِ موسى بن حليسبه حميري کي روانو ڪيو. جنهن پهچڻ شرط يزيد کي گرفتار ڪري خليفي عمر بن عبدالعزيز جي درٻار ۾ موڪلي ڏنو. خليفي، يزيد کان اها رقم طلب ڪئي جنهن جي نسبت هن گذريل خليفي سليمان کي لکيو هو ته ”جرجان کان خزانو وصول ٿيو آهي ۽ عنقريب روانو ڪندس“ يزيد انڪار ڪيو ۽ چيائين ته ”مون هونئن کڻي خليفي مرحوم کي لکي ڇڏيو هو. ڇو ته مون ڀانيو ٿي ته نه خليفي صاحب جن مون کان گهرندا ۽ نه مون کي موڪلڻا ئي پوندا.“ عمر بن عبدالعزيز چيو ته ”هي مسلمانن جو مال آهي، ان ۾ ليمان کي خواه مون کي معاف ڪرڻ جو ڪو حق حاصل نه آهي، پوءِ يزيد بن مهلب سان عمر بن عبدالعزيز اهو ئي برتاءُ ڪيو جو محمد بن قاسم سان ڪيو ويو هو. هن کيس قيدخاني ۾ موڪلي ڏنو جو تيسين اتي پيو هو جيسين يزيد بن عبدالملڪ جي خلافت شروع ٿي. ان وقت وجهه وٺي هو قيدخاني مان نڪي ڀڄي ويو ۽ آخر وڏي مشڪلات سان ڪيترين خونريزين بعد سنه 102 هجري ۾ مارجي ويو. (ابن اثير - ابن خلدون ۽ بلاذري)

راجائن ۾ تبليغ اسلام:

خليفي عمر بن عبدالعزيز پنهنجي زماني ۾ هڪ نئين ۽ نهايت عمدي ڪارروائي ڪئي، جنهن مان دراصل اها مراد هئي ته حجت پوري ڪئي وڃي. سنه 100 هجري ۾ هندستان جي سڀني راجائن ڏي خط موڪليا، جنهن ۾ اول انهن کي دين اسلام جي طرف دعوت ڏني ويئي هئي، ۽ انڪاري صورت ۾ سڀني کي هدايت ڪئي ويئي هئي ته اسلام جي جهنڊي اڳيان مٿو جهڪائين، ان سان گڏ هي به ٻڌايو ويو هون ته انهي صورت ۾ سندن حق حقوق اهي ئي قائم ڪيا ويندا جي عام مسلمانن جا آهن ۽ سلطنت جي ڪاروبار ۾ سندن ۽ مسلمانن جا فرائض به هڪ جهڙا رهندا. هندستان جي ماڻهن کي عمر بن عبدالعزيز جي سهڻن اخلاقن ۽ سندن دينداري ۽ سچي نيڪ نفسي جو احوال به معلوم ٿي چڪو هو.

راجا ڏاهر جو پٽ(1) جيسنگهه سياسي مصلحت خاطر مسلمان ٿي ويو. مگر هن جي اها ڪارروائي خود لاءِ ئي نقصان واري ٿي. ڇو ته ڀرپاسي وارا سڀئي راجا دل و جان سان اسلام قبول ڪري چڪا هئا، هي ئي وقت آهي جنهن کان وٺي عربي اخلاق ۽ عادتون سنڌ وارن ۾ پيدا ٿيون ۽ انهن عربن جي نالن جهڙا نالا پنهنجي ٻارن جا به رکڻ شروع ڪيا.(بلاذري)

عمر بن مسلم باهلي

حضرت عمر بن عبدالعزيز جيئن يزيد بن مهلب کي بصري ۽ خراسان جي گورنري تان لاٿو، تيئن ساڻن گڏ سندس ڀاءُ حبيب  بن مهلب کي به ولايت سنڌ کان معزول ڪري ڇڏيو ۽ ان جي جاءِ تي عمر بن مسلم باهلي کي سنڌ جو حاڪم مقرر ڪيو، جو قتيبه بن مسلم جو ڀاءُ هو، جنهن جو ذڪر هن ڪتاب جي پهرئين حصي ۾ اچي چڪو آهي. عمر بن مسلم سنڌ ۾ داخل ٿيڻ شرط ڪن شهرن تي حملا آور ٿيو ۽ فتحيابي حاصل ڪئي. (بلاذري)

هن خلافت جي حڪم موجب سنڌ جي علائقي قصه (ڪڇ) تي ڪاهه ڪئي جو جالنڌر سان لڳ هو. کي فتح ڪري اسلامي ملڪن ۾ شامل ڪري ڇڏيو. هتي جو راجا ملهر ڪوٺيو ويندو هو. (چچ نامه)

عمر بن عبدالعزيز جي بيماري

هاڻي عمر بن عبدالعزيز بيمار ٿي پيو ۽ مرض جي مدت وڌي ويئي. يزيد بن مهلب کي قيدخاني ۾ اچي ڊپ ورتو ته جيڪڏهن هي مري ويو ۽ يزيد بن عبدالملڪ تخت جو والي ٿيو ته مون سان الائجي ڇا ڇا ڪري گذري. ڇو ته انهي زماني ۾ ان کان وڌيڪ هن جو وڏو دشمن ڪو به نه هو. جنهن جو سبب هي هو جو سليمان جي وقت ۾ جڏهن هن (يزيد بن مهلب)  خاندان حجاج جي ماڻهن کي پڪڙيو تڏهن انهن ۾ يزيد بن عبدالملڪ جي زال به هئي، جا حجاج جي ڀائٽي هئي. هو پنهنجي زال کي آزاد ڪرڻ لاءِ هن وٽ ويو ۽ وڃي کيس هزارها منٿون ميڙون ڪيون مگر هن اصلي نه مڃس. حالانڪ عمر بن عبدالعزيز کان پوءِ يزيد بن عبدالملڪ جي خليفي هجڻ لاءِ مسلمانن کان بيعت به ورتي ويئي هئي. اها خبر هوندي به هن سنگدل سندس ڪو لحاظ نه ڪيو ۽ آخر هن هڪ لک دينار ڏيئي پنهنجي عورت کي ڇڏائي ورتو مگر يزيد بن مهلب ڏي نهاري ايترو چيائين ته ”چڱو توکي ڏسي رهندس.“ جنهن تي يزيد بن مهلب ڪاوڙجي جواب ڏنو ته ”تون ڇا ڏسندين؟ جيڪڏهن تون خليفو ٿئين ته خدا جو قسم آئون توتي هڪ لک تلوارن سان وار ڪندس.“ يزيد بن عبدالملڪ دل ئي دل ۾ ڪاوڙکائي هليو آيو ۽ ان وقت ڪجهه به نه ڪڇيو.

ابن مهلب جو ڀڄي وڃڻ

ان ڳالهه جو پورو کٽڪو يزيد بن مهلب جي دل ۾ موجود هو. جڏهن هن ڏٺو ته عمر بن عبدالعزيز قريب الموت آهي تڏهن نهايت ئي ڊنو ۽ بلڪل گهڻي انداز ۾ زر خرچ ڪري قيدخاني مان نڪري اُٿي ڀڳو. آزاد ٿيڻ بعد عبدالعزيز کي هڪ خط لکي موڪليائين جنهن جو مضمون هي هو”جيڪڏهن توهان جي ڀڱي ڀلي ٿيڻ جي ڪا اُميد هجيم ها ته آئون هرگز قيدخاني مان نڪري نه وڃان ها. مگر هاڻي مون کي ڊپ آهي ته جيڪڏهن خلافت جي واڳ يزيد بن عبدالملڪ جي هٿ ۾ آئي ته هو مون کي بڪل بري طرح مارائي ڇڏيندو.“ (ابن خلدون)

يزيد بن عبدالملڪ جي خلافت

آخر زماني عمر بن عبدالعزيز جي مقدس خلافت جو ورق به الٽايو ۽ يزيد بن عبدالملڪ خليفو ٿيو. هن جي وقت ۾ مهلب جي اولاد تي انهن مصيبتن جو سامان تيار ٿيڻ لڳو جو سليمان جي زماني ۾ حجاج جي خاندان تي وارد ٿي چڪيون هيون.

ابن مهلب جي بغاوت:

يزيد بن عبدالملڪ تخت تي ويهڻ شرط عدي بن ارطاه کي تاڪيدي حڪم موڪليو ته يزيد بن مهلب کي سندس سڀني قرابت وارن سميت گرفتار ڪيو وڃي. مگر هو به ان کان غافل نه هو.

ابن مهلب ڪوشش ڪئي ته نتيجو کڻي ڪهڙو به نڪري مگر يزيد کي اهو ئي ڪري ڏيکارجي جو ساڻس واعدو ڪيو ويو هو. هن هڪ طرف پنهنجي قوت ۽ پنهنجي اثر سان سڀني اڀرندي ملڪن تي قبضو ڪري ورتو ۽ ٻئي طرف اهواز، ايران، ڪرمان، مڪران سنڌ ۽ ٻين انهن ملڪن ۾ جي درياءَ اٽڪ جي ڪنارن تائين پکڙيل هئا، پنهنجي طرفان والي ۽ حاڪم مقرر ڪري موڪلي ڏنا، ۽ سنڌ کي جا دارالخلافت کان بلڪل پري هئي پنهنجي لاءِ آخرين پناه جي جاءِ قرار ڏنو ۽ وداع بن حميدازدي کي پنهنجي طرفان روانو ڪيو ته وڃي سنڌ جي شهر قندابيل کي مضبوط ڪري ۽ وڏيون وڏيون فوجون مقابلي لاءِ تيار رکي.

خلافت سان مقابلو:

هن انتظام کان پوءِ هو. خلافت جي لشڪر سان لڙڻ لاءِ وڏيون فوجون تيار ڪري نڪتو. هن جون هي ڪوششون اهڙيون هيون جو گمان هو ته بني اميه جي قسمت کي هو وقت کان اڳ پلٽائي ڇڏي ته عجب نه آهي. مگر وڏا وڏا علماءَ سندس برخلاف ٿي پيا. انهي هوندي به هو اهڙي بهادري سان لڙيو جو ابتدائي حملن ۾ هن عدي بن ارطاه کي گرفتار ڪري ورتو ۽ پوءِ شهر واسط کي پنهنجو تختگاه مقرر ڪري پنهنجي پٽ معاويه کي اتي پنهنجو جانشين بڻائي ويهاريو.

ابن مهلب جو مارجڻ:

ابن مهلب عدي بن ارطاه کي سندس عزيزن سميت جي گرفتاري ڪيا ويا هئا پنهنجي پٽ معاويه جي سنڀال هيٺ شره واسط ۾ ڇڏي پاڻ بصري جي فوجن سان مقابلي لاءِ اڳتي وڌيو. لڙائي گهڻا ئي رنگ بدلايا مگر آخر نتيجو هي ٿيو جو يزيد بن مهلب عين ميدان جنگ ۾ مارجي ويو ۽ هن جا سڀ رفيق ۽ عزيز ڀڄي ويا.

معاويه بن يزيد جو شهر واسط ۾ هو تنهن کي جڏهن پنهنجي پيءُ جي بدقسمتي جي خبر پهتي تڏهن عدي بن ارطاه ۽ ٻين سندس رفيقن کي قيدخاني مان ڪڍي سڀني کي پنهنجي اکين آڏو مارائي پنهنجو جگر ٺاريو ۽ پوءِ اتان اهل و عيال ۽ پنهنجي سڀني لاڳاپي وارن سميت لڪي لڪي بصري ۾ آيو جتي سندس چاچي، مفضل اڳئي ٻيڙين جو بندوبست ڪري ڇڏيو هو. ان سان گڏ ٻيڙين ۾ سوار ٿي اوڀر جي واٽ ورتائين ۽ اچي مڪران جي ڪناري تي لنگر انداز ٿيو. هتي به کيس گهڻيون تڪليفون پيش آيون، مگر وڙهندو جهڙندو پنهنجي خاندان ۽ دوستن جي عورتن ۽ ٻچن جو قافلو وٺي اچي قندابيل ۾ پهتو. وداع جنهن کي سندس پيءُ پنهنجي طرفان قندابيل ۾ موڪليو هو اُن هن سان شريڪ ٿيڻ ۾ ڪو فائدو نه ڏٺو تنهنڪري هڪدم خلافت جو طرفدار ٿي ويو.

خاندان مهلب جو خاتمو:

اتفاقاً ان ئي زماني ۾ هتي هلال بن احوز تميمي اچي پهتو جو خلافت جي طرفان خاص انهن ماڻهن جي پٺيان روانو ڪيو ويو هو. تنهن هڪدم اچي کين گهيرو ڪيو ۽ هي سڀ مجبور ٿي لڙائي لاءِ تيار ٿيا. هلال پنهنجي طرفان امن جو جهنڊو کڙو ڪيو.(1) مهلب جي خاندان وارن هي غنيمت سمجهي هڪدم هٿيار ڇڏي ڏنا ۽ هٿ ٻڌي اچي حاضر ٿيا. هلال انهن سڀني ماڻهن کي جن ۾ پنجاه زالون ۽ ڪيترا ٻار هئا گرفتار ڪري ورتو ۽ شهر قندابيل جي اندر آڻي مهلب جي سڀني عزيزن ۽ پٽن، مفضل، عبدالملڪ، زياد، مروان ۽ پوٽي معاويه(1) بن يزيد بن مهلب وغيره نامور ماڻهن کي مارائي سندن يزيد بن عبدالملڪ اهي سڀئي سر ۽ قيدي حلب ۾ عباس ڏي روانا ڪري ڇڏيا. جنهن انهن سرن کي رستن ۽ کليل جاين تي ٽنگائي ڇڏيو ۽ ارادو ڪيائين ته عورتن ۽ ٻارن کي وڪڻين ڇڏيان مگر حلب جي هڪ سردار جراح بن عبدالملڪ کي انهن تي رحم اچي ويو تنهن هڪ لک دينار ڏيڻ جو واعدو ڪري سڀني کي آزاد ڪرائي ڇڏيو مگر عباس پوءِ ايتري رعايت ڪئي جو جراح کان اُهي دينار ورتائين ڪونه. (ابن خلدون ۽ يعقوبي)

مهلب جو خاندان اگرچه ان زماني ۾ ائين ٿو ڀانئجي ته گويا بلڪل ناس ٿي ويو. مگر جيڪي ٻار جيئرا رهجي ويا هئا انهن مان ڪن کي اڳتي هلي اسان وڏن معزز عهدن تي ڏسون ٿا. جيئن ان زماني کان پنجاه ورهيه پوءِ ڏسندؤ ته يزيد مهلبي افريقا جي حڪومت ڪري رهيو آهي ۽ سندس پٽ دائود سنڌ جو حڪمران نظر اچي ٿو. (ابوالفداءِ)

بني هاشم جون اٽڪل بازيون:

غالباً هلال بن احوز تميمي سان گڏ هڪ نائب يا وزير جي حيثيت سان بڪير بن ماهان به سنڌ ۾ ويو هو ڇو ته سنه 105 هجري ۾ هو سر زمين کان واپس اچي بني هاشم جي بزرگن سان شريڪ ٿي ويو. هي هڪ وڏو تاريخي شخص آهي ۽ سچ پڇو ته عباسي حڪومت جو پهريون باني هي ئي آهي، ان وقت ڇو ته بني هاشم جو طرفدار ٿيڻ هڪ وڏي ۾ وڏو ڏوهه هو. تنهنڪري جڏهن ان ڳالهه جي خبر بني اميه حاڪمن کي پيئي، تڏهن انهن هڪدم بني هاشم جي ٻين ڪيترن طرفدارن سميت هن کي گرفتار ڪري ورتو، ۽ آخر ٻين سڀني کي تحقيقات بعد ڇڏي ڏنو ويو، مگر بڪير تي ڏوهه ثابت ڪري کيس قيدخاني ۾ موڪليو ويو. جنهن قيدخاني ۾ بڪير کي رکيو ويو، ان ۾ ابو عاصم يونس ۽ عيسى بن مغفل عجلي به قيد هو. عيسى سان گڏ قيدخاني ۾ ابراهيم نالي هڪ ننڍي عمر جو غلام به هو. بڪير هتي به پنهنجي فرض ادائي کان غفلت نه ڪئي ۽ مٿي ذڪر ڪيل سڀني ماڻهن کي هاشمين جي طرفداري جي دعوت ڏني، جا هنن يڪدم قبول ڪئي بڪير ٿورن ئي ڏينهن ۾ انهن سان اتحاد جو ڳانڍاپو وڌائي ورتو، ۽ آخر عيسى کان گهر ڪيائين ته پنهنجو غلام ابراهيم مون کي وڪرو ڪري ڏي. عيسى چيو ته توهان ائين ئي وٺي وڃو. قيمت جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ مگر بڪير اها ڳالهه قبول نه ڪئي، ۽ نڪي وري هن ئي پئسا وٺڻ قبول ٿي ڪيا. آخر بڪير زور ڪري کيس چار سؤ درهم ڏنا ۽ ابراهيم جي ٻانهن پنهنجي حوالي ڪئي. هي ڇوڪرو ننڍي وهي کان ئي نهايت هوشيار ۽ هردلعزيز شخص هو ۽ قسمت جو ستارو هينئر ئي سندس پيشاني تي چمڪي رهيو هو. ڪن ڏينهن بعد انهن قيدين کي آزادي نصيب ٿي ۽ بڪير حسن عقيدت سبب پنهنجي نوڪر غلام کي وٺي وڃي ابراهيم امام کي بطور نذراني جي ڏنو، جو ساري بني هاشم ۾ پيشوائي جي حيثيت رکندو هو، ۽ رسول الله ﷺ جي چاچي حضرت عباس جي نسل مان هو. اهڙي طرح ابراهيم جو خاندان عباسيه سان تعلق پيدا ٿيو. ۽ هي ئي نو عمر غلام ٿورن ڏينهن بعد ابراهيم نالو ڇڏي ابو مسلم خراساني بڻيو، ۽ هڪ اهڙو عجيب و غريب ۽ هيبت ناڪ شخص ٿي پيو، جنهن خراسان ۾ عباسي جهنڊو بلند ڪيو ۽ بني اميه جي زبردست حڪومت کي پاڙان پٽي ڦٽو ڪيو، ۽ گهڙي جو گهڙي ۾ يڪايڪ اهڙي هوا پلٽائي ڇڏي، جو خلافت بني اميه جو خاتمو ٿي ويو ۽ عباسي حڪومت شروع ٿي ويئي. (ابن اثير)

 

هشام بن عبدالملڪ جي خلافت

سنه 105 هه کان 125 هه تائين.

يزيد جو دور به ختم ٿيو ۽ خلافت جو تاج هشام بن عبدالملڪ جي سر تي آيو. هن جي خلافت جي ٻئي سال سنه 107 هجري ۾ خالد قسري(1) جيڪو عراق ۽ بصري جو والي مقرر ٿي چڪو هو. تنهن عمر بن مسلم باهلي کي موقوف ڪري، جنيد بن عبدالرحمان مري کي سنڌ جو والي مقرر ڪري روانو ڪيو.

سنڌ جو والي جنيد

جنيد هن سر زمين ۾ پهچي، اهڙيون ڪارگذاريون ڏيکاريون، جو دربار خلافت مان خاص شاهي فرمان سڌا هن جي نالي اچڻ لڳا، ۽ هاڻي گويا هو خليفي جي حڪم موجب سنڌ جو فرمانروا مڃيو ويو. مگر جنهن صورت ۾ خليفي کيس لکيو هو ته سنڌ جي هر معاملات ۽ حالات بابت خالد مذڪور سان خط و ڪتابت جاري رکو تنهن ڪري جنيد انهي فرمان مطابق خالد کان اڳتي وڌڻ ۽ حملي آوري جو حڪم حاصل ڪري فوجڪشي شروع ڪئي. (ابن اثير)

جنيد جا جنگي ڪارناما

جنيد پهريائين ته ديول ۾ داخل ٿي ڪجهه وقت اتي ئي ويهي رهيو، ۽ جڏهن کيس پنهنجي بهادري ۽ اولوالعزمي ڏيکارڻ جو شوق پيدا ٿيو، تڏهن سنڌوندي جي ڪناري وڃي خيما، کوڙيائين. راجا ڏاهر جي پٽ جيسنگهه فقط سياسي خيالات جي بنا تي اسلام قبول ڪيو هو مگر دراصل هو اڃان هندو ئي هو. شايد هي ڳجهه ظاهر ئي نه ٿئي ها پر جڏهن جنيد هن جي ملڪ ڏي ڪوچ ڪري اچي سندس سرحد جي ويجهو پهتو تڏهن سارو راز پڌرو ٿي پيو. سبب هي ٿيو جو هن بچاءَ جي بهاني جنيد کي پنهنجي ملڪ ۾ اچڻ کان روڪي ڦٽو ڪيو، ۽ چوائي موڪليو ته آئون دين اسلام قبول ڪري چڪو آهيان ۽ مون کي مرد صالح (عمر بن عبدالعزيز)  پنهنجي سڀني شهرن تي پوري تصرف ۽ آزادي سان حڪومت ڪرڻ جو اختيار ڏنو آهي. مون کي توتي پورو پورو ڀروسو ڪونهي ۽ جڏهن آئون خود مختيار آهيان، تڏهن ڪهڙو سبب آهي جو توکي سنڌو ندي کان پار اڪرڻ ڏيان ۽ توکي آخر ضرورت ڪهڙي جو منهنجي حد ۾ داخل ٿين؟ جنيد کي اهو جواب سخت ڏکيو لڳو، ۽ جڏهن غور ڪيائين تڏهن کيس معلوم ٿي ويو ته جيسنگهه اگرچه بظاهر اسلام قبول ڪيو آهي، مگر سندس جواب ۽ برتاءَ مان صاف طرح تڪبر ۽ ڪفر جي بوءِ اچي ٿي. ڇو ته جيڪڏهن هو سچ پچ مسلمان آهي ته پوءِ اسان کان هن کي ڊڄڻ ۽ انديشي ڪرڻ جو سبب ڪهڙو؟ بلڪ بجاءِ هن جي کيس هيڪاري خوشي ٿيڻ گهرجي. ڇو ته سندس حد مان لنگهي جيڪڏهن ٻين حڪومتن تي اسان ڪاهون ڪنداسين، ته کيس به گهڻن ئي فائدن جي اميد ٿي سگهي ٿي. مگر جنيد هي خيال پنهنجي دل ئي دل ۾ رکيو ۽ ڪنهن جي به اڳيان ظاهر نه ڪيو. البت وڌيڪ تسلي لاءِ عهدنامي پڪي ڪرڻ جي بهاني سان جيسنگهه جا ڪي سردار بطور ڪفيل (ضامن) پنهنجي قبضي ۾ رکي ڇڏيا. پر هن ۾ به ايتري قدر دانائي کان ڪم ورتائين، جو انهن سردارن جي عيوض پنهنجا به ڪي ماڻهو هن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيا. هيءَ ڪارروائي ڪري جنيد سنڌوندي جي ڪناري ترسي پيو، ۽ ويهي جيسنگهه جي راه روش کي جانچڻ ۽ سندس عملي طريقي جو اندازو ڪرڻ لڳو.

جيسنگهه جي رياڪاري

ٿورن ئي ڏينهن جي جانچ مان معلوم ٿي ويو ته جيسنگهه دل ۾ مرتد آهي، ۽ فقط ان مطلب تي بظاهر مسلمان ٿيو آهي ته پنهنجي ملڪ کي عربن جي حملي کان بچائيندو رهي. جنيد جي هوشياري ۽ جيسنگهه جي چالبازي، ٻنهين طرفن بدگماني پيدا ڪري وڌي، ۽ آخر اها بدگماني اهڙي حد کي وڃي پهتي، جو ڪنهن کي ڪنهن تي اعتبار نه رهيو، ۽ ٻنهين ڌرين گروي رکيل ماڻهو هڪ ٻئي کي موٽائي ڏنا. ڪو عجب نه آهي ته هن ۾ به جنيد جي ڪا حڪمت عملي هجي، ڇو ته جيسنگهه کي جڏهن مسلمانن ۾ ڪا اميد نه رهي تڏهن هن پنهنجو ارتداد (ڪافر هجڻ) کلي طرح ظاهر ڪري ڏنو، ۽ کلم کلا ٻڌايو ته ”آئون مسلمان نه آهيان“ هڪ اسلامي فرمانروا ۽ جنرل جي نزديڪ هي ايڏو وڏو جرم هو جنهن جي سزا قتل کان اوري ٻي ڪا به ٿي نٿي سگهي. جيسنگهه جي هن رنگين مزاجي تي جڏهن جنيد ناراضپو ظاهر ڪيو، تڏهن اُن ذري جيتري به سندس پرواهه نه ڪئي، ۽ بنا ڪنهن ويچار ۽ اڳ پوءِ جاچڻ جي هڪدم خلافت جي لشڪر سان اچي سامهون ٿيو. (بلاذري)

ڪي ماڻهو چون ٿا ته هن معاملي ۾ دراصل جنيد جي اڳرائي هئي. انهن جو بيان آهي، ته جيسنگهه کي ڪنهن ذاتي عداوت سببان جنيد هرڀرو کڻي مرتد مشهور ڪيو، ۽ اهو ڏوهه لڳائي هن کي مارڻ لاءِ تيار ٿيو. مگر اها ڳالهه قياس ۾ اچي نٿي سگهي، ڇو ته جنيد جو ارادو فقط هي هو ته سندس ملڪ مان لنگهي وڃي هندوستان جي ٻين شهرن تي حملو ڪري. جنهن تي جيسنگهه کيس زبردستي روڪي. خواه مخواه پاڻ ڏي بدگمان ڪري ڇڏيو. جنيد کي ان سان ٻيو ڪو اهڙو تعلق به نه هو، جنهن مان ان ڳالهه جي قياس ڪرڻ جو موقعو ملي ته هن ڪنهن ذاتي عداوت جي بنا تي جيسنگهه کي زڪ ڏني. حقيقت ۾ جيسنگهه پاڻ پنهنجي عملي طريقي مان ثابت ڪري ڏيکاريو، ته نه هو خلافت اسلامي جو تابع آهي ۽ نه ان جو دوست، بلڪ اندروني طرح پورو باغي ۽ پڪو دشمن آهي.

لڙائي جون تياريون:

الغرض نتيجو هي ٿيو جو جنيد جنهن قوم کي ٻين هندو رياستن تي خرچ ڪرڻ گهريو ٿي، سا خود جيسنگهه جي خلاف خرچ ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو، ۽ پنهنجي فوجي انتظام قائم ڪرڻ لاءِ اوري پري جي اسلامي شهرن مان ماڻهو گڏ ڪري درياءَ کان پار اڪرڻ لاءِ ٻيڙيون گهرايون ۽ لڙائي تي تيار ٿي ويو.

جيسنگهه ۽ سندس ڀاءُ جو مارجڻ

هي بندوبست ڪرڻ بعد جنيد پنهنجي فوج کي ٻيڙين تي سوار ڪري درياءَ کان پار اُڪاريو، ۽ درياءَ جي اڀرندي طرف جبلائتي ڪناري تي لڙائي لڳي. جنهن ۾ جيسنگهه سخت شڪست کائي اهڙي بي انتظامي سان ڀڳو، جو پنهنجي جان به بچائي نه سگهيو ۽ جنيد جي هٿ ۾ گرفتار ٿي پيو. جنهن کيس گرفتار ڪرڻ شرط قتل ڪري ڇڏيو. هن سان گڏ چچ نالي ڏاهر جو ٽيون پٽ به هو جو پڻ گرفتار ٿي مارجي ويو. (بلاذري)

جنيد ان کان پوءِ بلڪل بي فڪري سان هندوستان تي فوج ڪشي شروع ڪئي، جيتوڻيڪ هن تي فريب ۽ انجام شڪني جا ڪي اهڙا الزام لڳايا وڃن ٿا، جي هن کان اڳ ڪنهن به عرب سپهه سالار تي لڳائي نٿا سگهجن. مگر تنهن هوندي به هن پنهنجي ايامڪاري ۾ اهڙا ڪارناما ڏيکاريا ۽ اهڙي جوش و خروش سان جهاد ڪيو، جو محمد بن قاسم کان پوءِ ڪنهن کي به هن جهڙي ناموري نصيب نه ٿي.

ڪيرج تي حملو

جنيد هتان ڪيرج جي طرف ڪوچ ڪيو. ان وقت جيڪو شخص اُتي جو حڪمران هو، تنهن جو نالو راه لکن ٿا. هتي جي ماڻهن محمد بن قاسم کان پوءِ انجام ٽوڙي کلي طرح بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو هو. جنيد اوچتي بلا وانگي وڃي ڪيرج تي ڪڙڪيو. هاڻي هيتري مدت ۾ اسلامي حڪومت هي رنگ پيدا ڪري ڇڏيو هو، جو جيتوڻيڪ هن ملڪ ۾ مخالف هندو راجائن سان لڙائي ٿي ته ڪيترا هندو راجا به مسلمانن سان شريڪ ٿي پيا ٿي. جيئن ته هن حملي ۾ به هڪ هندو راجا اشندرابيد جنيس دان رفيق هو. لڙائي شروع ٿي، ۽ آخر ڪيرج جو راجا مقابلي جي طاقت نه ساري ڀڄي ويو، ۽ جنيد وڃي شهر تي قبضو ڪيو. (يعقوبي)

جنيد جون ٻيون سوڀون

ان کان پوءِ جنيد امن و امان قائم ڪري، هتي ئي رهي پيو ۽ پنهنجي طرفان عربي فوجون مرمد(1) منڊل، دهنج ۽ ڀڙوچ تي روانيون ڪيون. (بلاذري)

هڪ فوج آزين تي موڪلي، ۽ جيب نالي هڪ نامور ۽ بهادر سردار کي ٿوري فوج ڏيئي، مالوا جي طرف روانو ڪيو. انهن فوجن هر طرف وڃي فتحون حاصل ڪيون. جو لشڪر آزين تي ويو هو، تنهن ان کي فتح ڪري ۽ اتان وڌي وڃي هنرمد تي حملو ڪيو، ۽ بلڪل ڪاميابي سان جنيد وٽ واپس آيو. (بلاذري)

جنيد جا ذاتي ڪارناما

جنهن زماني ۾ هي فوجون ٻين پاسن روانيون ٿيون هيون تن ڏينهن ۾ خود جنيد به ماٺ ڪري نه ويٺو هو. هو بيلمان ۽ جذر کي فتح ڪندو اُتر جي طرف وڌندو وڃي چين جي سرحد ۾ داخل ٿيو.(2) اول ته اُتي جي بادشاهه کي اسلام جي دعوت ڏنائين مگر انڪار جي صورت ۾ ٻنهين طرفن کان لڙائي شروع ٿي ويئي. شاهه چين جي فوجن کي جنيد جي مقابلي ۾ مختلف جاين تي سخت شڪستون آيون مگر تڏهن به هن همت نه هاري ۽ پڇاڙي تائين لڙندو رهيو، آخر جنيد اڳتي وڌي وڃي هڪ مضبوط قلعي کي گهيرو ڪيو ۽ ٻي ڪنهن به طرح ڪاميابي جي صورت نه ڏسي پنهنجي لشڪر کي روغن نفت جي ذريعي قلعي تي باهه وسائڻ جو حڪم ڏنو مگر کيس اهو ڏسي سخت حيرت ٿي جو قلعي وارن باهه جي شعلن کي هڪدم وسائي ٿي ڇڏيو ۽ جنهن صورت ۾ اها تجويز ان وقت سواءِ عربن جي ٻي ڪنهن کي به ياد نه هئي تنهنڪري جنيد کي يقين ٿيو ته قلعي جي اندر ضرور ڪي عرب ماڻهو آهن. اهو خيال ڪري هو قلعي کي سوڙهو پوندو ويو ۽ آخر قلعي وارن مجبور ٿي صلح جو پيغام موڪليو ۽ اطاعت قبول ڪئي. جنيد قلعي ۾ داخل ٿي تلاش ڪئي ته في الحقيقت ٻه عرب موجود ڏٺا، ۽ تحقيقات مان ثابت ٿيو ته برابر باهه وسائڻ جو ڪم هنن ئي هٿان ٿيو پئي، پوءِ جنيد انهن عربن کي قومي نمڪ حرامي جي ڏوهه ۾ قتل ڪري ڇڏيو. (يعقوبي)

جنيد کي انهن فتحن ۾ ايترو خزانو هٿ آيو جو انعام و اڪرام ڏيڻ ۽ فوجي اخراجات کان پوءِ به چار ڪروڙ درهم (هڪ ڪروڙ ڪلدار) خود وٽس بچي پيا حالانڪ ايتري رقم دارالخلافت ڏي بيت المال ۾ داخل  ٿيڻ لاءِ به رواني ڪري چڪو هو.

جنيد جي هنن فتحن جي ايتري قدر مشهوري ٿي جو فقط هي ئي هڪ عربي سپه سالار آهي جنهن جي فتح مندين ۽ بهادرانه ڪارنامن جا اقرار هندن ۽ چينين جا قديم داستان به ڪري رهيا آهن. (مسٽر ايليٽ)

هن پنهنجي فتوحات ۾ سوا ڇهه لک قيدي گرفتار ڪيا ۽ اَٺ ڪروڙ درهم (ٻه ڪروڙ رپيا ڪلدار) خلافت جي خزاني ۾ موڪليا ۽ ايترو ئي قدر سندس هٿان فوج ۽ اسلامي مجاهدين ۾ تقديم ٿيو. (يعقوبي)

سنه 111 هجري ۾ کيس سنڌ کان واپس ڪري خراسان جو حاڪم مقرر ڪيو ويو ۽ سنه 117 هجري ۾ خراسان جي حڪومت وري خالد قيسري کي ڏني ويئي جنهن کان پوءِ سنه 120 هجري ۾ هو معزول ٿيو. (ابن اثير ۽ ابن خلدون)

ملڪ غور تي عربن جو قبضو

هن موقعي تي هڪ ٻيو به ذڪر ڪرڻ جي لائق آهي. اهو هي ته جڏهن جنيد سنڌ جي شهرن ۽ هندستان جي برجن تي پنهنجا جهنڊا ڦڙڪائي رهيو هو اُنهي زماني ۾ اسد نالي هڪ عربي جوان جو خالد قيسري جو ڀاءُ هو ڪوهستان غور کي فتح ڪري هندوستان جي اُنهي اولهندي دروازي تي وڃي پهتو جو افغانستان جي طرف آهي. اسد غور جي ماڻهن کي شڪستن پٺيان شڪستون ڏيئي گرفتار ڪيو ۽ اُتي جي فرمانروا نمرون ايمان آندو ۽ اُتي جي حڪومت اُن جي ئي هٿ ۾ ڏني ويئي. (ابن اثير)

هن فتح کان پوءِ اسد ڪنهن ٻئي ميدان جي ڳولا ۾ چئني طرفن خيال ڊوڙائي رهيو هو ته اوچتو هڪ ٻيو دشمن اسد جي فتح مندي جون خبرون ٻڌي ڪوهستان غور ۾ اچي پهتو. هي انهي زماني جو مشهور ترڪي سپاهي خاقان هو جو وڏو بهادر هو ۽ هي ترڪستان ۾ مسلمان سپهه سالارن جي جرات ۽ سپهه، گيري جو پورو امتحان ڪيو ويٺو هو. اسد هڪدم سندس مقابلي لاءِ تيار ٿيو ۽ کيس وڏيون وڏيون شڪستون ڏيئي غور کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. (ابن اثير)

سنڌ جو والي تميم

جڏهن جنيد سنه 111 هجري ۾ سنڌ کي خالي ڪري خراسان هليو ويو تڏهن خالد قسري ان جي جاءِ تي تميم بن زيد عتبي کي سنڌ جو والي مقرر ڪري موڪليو. (بلاذري)

هي ئي اهو تميم آهي جنهن کي ”فرشته“ محمد بن قاسم جو جانشين ٻڌايو آهي ۽ افسوس جو ان لاعلمي جي سببان انگريزي مصنفن کي جنيد جي بهادرانه ڪارنامن جو حال بلڪل معلوم نه ٿي سگهيو آهي سر زمين هند ۾ عربن جو زور هن ئي شخص کان وٺي گهٽجڻ لڳو. چيو وڃي ٿو ته تميم سڀني ڪمن ۾ ڏاڍي سستي ڪئي جيئن ته هن جي هٿان ڪو هڪڙو به اولوالعزمي ۽ بهادري جو ڪم نه ٿيو ۽ آخر هندستان مان ڀڄڻ وقت هو ديول جي ويجهو هڪ ڍنڍ جي ڪناري جنهن کي ماءُ الجواميش(1) (مينهن جي ڍنڍ) ڪري چوندا هئا، عالم آخرت ڏي روانو ٿيو. (بلاذري)

تميم جي فياضي

تميم مذڪور جيتوڻيڪ سنڌ جي حڪمراني ۾ پنهنجي ذميداري جا فرائض پوري ڪرڻ ۾ سستي ڪئي مگر هن جي سخاوت ۽ فياضي پري پري مشهور هئي. فوجي سپاهين کي انعام اڪرام ڏيڻ سان جيترو هن خوش ڪيو اوترو ٻي ڪنهن کي ٿورو نصيب ٿيو هوندو. سنڌ جي خزاني مان هن هڪ ڪروڙ اسي لک درهم طاطري (هڪ هندستاني سڪو جو عربي ٻن درهمن ۽ هن زماني جي اٺن آنن جي برابر هوندو هو) خلافت جي خزاني ۾ موڪليا، (يعقوبي)

تميم جي ناڪامي جو سبب ۽ سندس موت

هي سنڌ جو والي مقرر ٿيڻ کان اڳ ئي سنڌ ۾ موجود هو ۽ انهن لائق بهادرن مان هو جيڪي حجاج جي زماني ۾ محمد بن قاسم سان گڏ موڪليا ويا هئا ۽ ڇاڪاڻ ته هي گهڻو وقت سنڌ ۾ رهيو هو تنهنڪري قياس ڪري سگهجي ٿو ته سندس خاندان ۽ نسل جا ماڻهو سنڌ ۾ عربن جي آخري وقت تائين باقي رهيا. (ايليٽ)

هن کي هي جي حڪومت ۾ جا ناڪامي نصيب ٿي تنهنجو وڏو سبب اهو معلوم ٿو ٿئي ته ان زماني ۾ ڪنهن خاص سبب کان مسلمان قبيلن جي وچ ۾ فساد پيدا ٿي پيو. اهي عرب جيڪي هتي ساڪن ٿي ويا هئا سي سڀ سندس مخالف ٿي ويا. (يعقوبي)

غالباً هو ضعيف جماعت سان رفيق ٿيو تنهنڪري جن ماڻهن ساڻس دشمني تي ڪمر ٻڌي هئي تن کي ڪنهن به طرح دٻائي نه سگهيو. اهي ماڻهو نه هندوستان جا هندو هئا نه ايران جا ايراني بلڪ عرب هئا جن ۾ عشرت ۽ دولت اڃان گهڻو ڦير ڦار پيدا نه ڪيو هو ۽ جن جي شجاعت پرجوش حوصلن جي اڳيان ڪنهن رحمدل ۽ نرم طبيعت حاڪم جي جاءِ نه هئي.

الغرض انهن عربي نسل فتنه پردازن جي خوف کان هن غريب کي جان بچائڻ لاءِ عراق ڏي ڀڄي وڃڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نظر نه آيو ۽ انهي خيال سان هندستان ڇڏي روانو ٿيو ۽ درياءَ سنڌ کان پار اُڪريو ئي مس ته قسمت سندس پير پڪڙي ورتا ۽ ماءُ الجواميش جي ڪناري اجل جو شڪر ٿي عالم آخرت ڏي راهي ٿيو. (بلاذري)

عربن جو سنڌ کي ڇڏي ڏيڻ

تميم جي زماني ۾ فقط ايترو نه ٿيو جو هو پاڻ ناڪامي سبب سنڌ کي ڇڏي اُٿي ڀڳو بلڪ اُن وقت جا فتنا ۽ فساد ڏسي ٻيا نامور مسلمان به سنڌ جي زمين کان نفرت ڪري ڇڏي هليا ويا. هن زماني بعد جيتوڻيڪ عربن جي طرفان کٽيل ملڪن کي پنهنجي قبضي ۾ رکڻ جي هميشه ڪوشش رهي مگر مسلمانن کي اها اعلى ڪاميابي ۽ فتحمندي وري ڪڏهن به نصيب نه ٿي جا محمد بن قاسم ۽ جنيد جي ڏينهن ۾ حاصل ٿي چڪي هئي. البت ايترو هو جو حڪومت جو سلسلو قائم رهيو پئي آيو.

حڪم والي سنڌ

تميم کان پوءِ خالد جي سفارش سان حڪم بن عوانه ڪلبي سنڌ جو حڪمران مقرر ٿي آيو. هي پاڻ سپاهيانه طبيعت جو ماڻهو نه هو ۽ انهي ئي سببان خراسان جي حڪومت وقت هو هڪ وڏي الزام هيٺ اچي معزول ٿيو هو، تنهنڪري هتي هو هندستان جي گذريل ۽ هميشه ياد رهڻ واري فاتح محمد بن قاسم جي پٽ عمرو کي ٻانهن ٻيلي طور پاڻ سان وٺيو آيو، جو سپهه گيري ۾ وڏو هوشيار ۽ بهادري ۽ حوصله مندي ۾ پنهنجي پيءُ جو سچو وارث هو. سمورا اختيارات ان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيا ۽ هن جي ئي مرضي مطابق حڪومت ڪرڻ جو ارادو ڪيو. (بلاذري)

شهر محفوظه جو بنياد

جڏهن حڪم سنڌ ۾ آيو تڏهن ملڪ جي حالت بلڪل خرب هئي. ننڍن ڳوٺن کان سواءِ شهرن جا نو مسلم ماڻهو سڀ مرتد ٿي ويا هئا. اهڙو ڪو به شهر باقي نه هو جنهن ۾ امن ۽ امان جو يقين ٿي سگهي تنهنڪري هن سنڌونديءَ جي ڇوڙ کان اُڀرندي طرف هڪ نئون شهر ٻڌائي اُن جو نالو محفوظه رکيو ۽ ان کي خوب طرح آباد ڪيو. (بلاذري)

محمد بن قاسم جو پٽ عمرو ۽ شهر منصوره جو بنياد

حڪم پڇاڙي تائين هتي ئي رهيو ۽ شهر محفوظه جي بنياد وجهڻ بعد حڪومت جو سارو ڪاروبار محمد بن قاسم جي پٽ عمرو جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ هن کي هڪ فوج ڏيئي جهاد جي غرض تي روانو ڪيو، جتان هو گهڻيون سوڀون حاصل ڪري موٽي آيو. تڏهن اُنهن سوڀن جي خوشي ۾ يادگار قائم رکڻ لاءِ درياءَ سنڌ جي اُلهندي ڪناري تي هڪ ٻيو شهر آباد ڪيائين جنهن جو نالو ”منصوره“ رکيائين هي ئي اُهو شهر آهي جو پڇاڙي ۾ سنڌ جي گادي جو هنڌ رهيو ۽ جتي عباسي حڪومت جا حاڪم سنڌ ۾ اچڻ وقت اچي رهندا هئا. (بلاذري)

سنڌ جا اُهي سڀ شهر جن تي دشمن قابض ٿي ويا هئا حڪم جي زماني ۾ عمرو وري ٻي دفعي فتح ڪري ورتا. هن جي حڪومت ۾ سنڌ جا ماڻهو بلڪل خوش رهيا ۽ اسلام جي غلبي سان هر جڳهه امن و امان قائم ٿي ويو. خالد قسري اڪثر تعجب ڪندو هو ته مون هڪ فياض جوان مرد عرب (تميم) کي سنڌ جو والي مقرر ڪيو ته هر طرف کان ناراضپي جو آواز کڙو ٿي ويو ۽ ان کان پوءِ مون سڀني کان زياده بخيل ۽ نالائق  شخص (حڪم) کي موڪليو ته اُن کان سڀ ماڻهو راضي ٿي ويا ۽ جيڏانهن تيڏانهن تحسين ۽ مرحبا جو آواز بلند ٿي ويو. (بلاذري)

حڪم جي زماني کان پوءِ بني اُميه جي آخري وقت  تائين سمورا حالات وڏي ڪوشش ۽ ڳولا هوندي مسٽر ايليٽ کي به معلوم ٿي نه سگهيا جنهن جو سبب هي آهي جو اول ته تاريخ يعقوبي سندس هٿ ۾ نه هئي ۽ ٻيو هي جو هن سنڌ جي متعلق تفصيلي حالات ڳولهڻ وقت ابن اثير ۽ ابن خلدون جي ورقن اُٿلائڻ جي زياده محنت گوارا نه ڪئي. اهو ئي سبب آهي جو ان موقعي تي هن بلاذري جي هيءَ عبارت نقل ڪري ڇڏي ته حڪم کان پوءِ خلافت جي طرفان برابر والي مقرر ٿي پئي آيا ۽ جڏهن خاندان عباسيه جي خلافت قائم ٿيڻ تي هن کي منصور بن جمهور سنڌ جو حڪمران نظر آيو تڏهن هن پنهنجي لاعلمي سبب ائين سمجهيو ته هي شخص به بني اُميه جي خليفن جو مقرر ڪيل والي هو حالانڪه ان زبردستي پنهنجي ذاتي ڪوشش سان سنڌ تي قبضو حاصل ڪري ورتو هو جنهن جو پورو احوال اسين اڳتي هلي بيان ڪنداسين.

حڪم جي شهادت

الغرض سنڌ جي حڪومت اڃان حڪم جي ئي هٿ ۾ هئي ته خالد قسري جيڪو سندس حامي ۽ مربي هو سو سنه 121 هه ۾ عراق جي گورنري کان معزول ٿي ويو ۽ ان جي بجاءِ هي معزز عهدو يوسف بن عمرو ثقفي جي هٿ ۾ آيو جو هن کان اڳ خراسان جو والي هو. يوسف عراق جي گورنر ٿيڻ شرط خالد جي مقرر ڪيل سڀني والين سان بلڪل بدسلوڪي جو رستو اختيار ڪيو. جڏهن هن جي انهن ڪاروائين جي خبر حڪم تائين پهتي تڏهن دل ۾ چيائين ته يا اهڙي فتح حاصل ڪرڻ گهرجي جنهن ڪري يوسف خوش ٿئي يا ته شهادت نصيب ٿي پوي ته سڀني ڳڻتين ۽ سورن کان ڇٽي پئجي اهو خيال ڪري هو پروانه وار دشمنن جي لشڪر ۾ ڪاهي پيو ۽ هندو فوجن سان وڙهندو وڙهندو شهيد ٿي ويو. (يعقوبي)

سنڌي ماڻهو دمشق ۽ بغداد ۾

هاڻي هي اُهو زمانو آهي جو مسلمانن جو سياسي اثر اوڀر جي سڀني ٻين شهرن وانگي سنڌ تي پڻ پئجي ويو هو. هتان ڪيترائي ماڻهو دمشق ۽ عراق ۾ وڃي ساڪن ٿيا هئا ۽ خلافت جي لشڪر ۾ پڻ ڀرتي ٿي چڪا هئا ۽ ٿيندا رهيا. جيئن ته سنه 122 هجري ۾ جڏهن حضرت امام حسين عليہ السلام جو پوٽو زيد بن علي بن حسين شهيد ٿيو تڏهن جيڪا فوج هن جي مقابلي لاءِ رواني ڪئي ويئي هئي ۽ جنهن هن کي گهيرو ڪري ورتو هو تنهن ۾ ٽي سؤ قيقاني به هئا (قيقان سنڌ جي علاقي ۾ هڪ وڏو مشهور تاريخي شهر هو) ۽ ان کان سواءِ زيد شهيد جو اهو ٻانهون به سنڌي هو جنهن سندس قبر جو پتو دشمنن کي ڏنو ۽ جنهن جي سازش سان هن جي لاش قبر مان ڪڍي سندس سر وڍيو ويو ۽ ڌڙ سوري تي لٽڪايو ويو. (ابن اثير)

محمد بن قاسم جو پٽ عمرو سنڌ جو والي

حڪم جي شهادت کان پوءِ سنڌ ۾ ٻه شخص وڏي طاقت وارا هئا، هڪ عمرو بن محمد بن قاسم ۽ ٻيو يزيد بن عرار. انهن ٻنهين ۾ مخالفت پيدا ٿي پيئي ۽ ٻئي پنهنجو زور ڏيکارڻ لڳا. مگر عراق جو گورنر يوسف بن عرو ثقفي کي جڏهن اها خبر پيئي تڏهن دربار خلافت مان اجازت وٺي پنهنجي ثقفي نسل محمد بن قاسم جي پٽ کي سنڌ جو والي مقرر ڪيو. (يعقوبي)

محمد بن قاسم جي پٽ حڪومت جي واڳ هٿ ۾ وٺڻ شرط پنهجي حريف ابن عرار کي قيد ڪري ورتو پر ان وقت ۾ دشمنن جو سخت هجوم ٿيو جن خاص شهر منصوره کي اچي گهيرو ڪيو. عمرو وٽ فوج ٿوري هئي تنهن پنهنجي مجبوري جو حال يوسف کي لکيو جنهن چار هزار فوج ڏانهس موڪلي ڏني. ان جي پهچڻ شرط دشمن ڀڄي ويا ۽ عمرو وجهه وٺي پنهنجي قوت خوب مضبوط ڪري ورتي. جڏهن هن کي پنهنجي طاقت تي پورو ڀروسو ٿيو تڏهن فوج وٺي هڪدم هڪ هندو دشمن راجا تي ڪاهي ويو، جنهن ۾ دشمن جي فوج گهڻي انداز ۾ قتل ٿي. اوچتو عين لڙائي جي وقت راجا پاڻ مقابلي لاءِ نڪتو ۽ مسلمانن ته کيس نه سڃاتو مگر ديسي ماڻهن جيتوڻيڪ اونداهي رات هئي پر هن کي سڃاڻي ورتو ۽ ”راءِ راءِ“ جي آواز سان يڪدم گوڙ مچائي ڏنو. مسلمانن ايترو ٻڌي سڌو وٺي راجا تي ڪاهيو ، راجا اٿي ڀڳو ۽ سندس رفيق به ساڻس گڏ اهڙي بدحواسي سان ڀڳا جو خوف کان پٺتي نظر نه ڪيائون.

هڪ باغي

ان کان پوءِ سڀني شهرن تي عمرو جو ڌاڪو ويهي ويو. سندس لشڪر ۾ يزيد بن مهلب جو پٽ مروان به هو جنهن مٿي ذڪر ڪيل لڙائي وقت پنهنجي رفيقن سان گڏ عمرو جو مال و اسباب ۽ ڪيترا سواري جا جانور وغيره لٽي ورتا هئا. جڏهن اها خبر عمرو کي پهتي تڏهن هن پنهنجي سرويچ سردار مئن بن زائده شيباني ۽ ٻين کي حڪم ڏنو ته يڪدم هن کي گرفتار ڪيو وڃي. ماڻهو کيس ڳولي وٺي آيا ۽ آخر هو عمرو جي هٿان قتل ٿي ويو. (يعقوبي)


(1) چچ نامي واري جيسنگهه جي متعلق نهايت اختلافات پيدا ڪري ڇڏيا آهن. ٻين سڀني مؤرخن جي بيان مان ثابت ٿئي ٿو ته هو سنڌ ۾ ئي موجود هو ۽ مسلمانن کيس پنهنجو مطيع ڪري ڪيترن ضلعن جو حڪمران بنائي ڇڏيو هو، ۽ جنهن صورت ۾ سڀني قديم مورخن جي بيان مان ثابت ٿئي ٿو ته هو سنڌ ۾ ئي موجود هو تنهنڪري اسين ان ڳالهه کي ڪوڙو چئي نٿا سگهون.

(1)  ان مان معلوم ٿئي ٿو ته تن ڏينهن ۾ به فوجي اشارا عربن ۾ مورج هئا ۽ ائين نه آهي ته اها ڪا هن زماني جي ايجاد آهي. البت ايترو ضرور آهي جو اڳوڻي کان هينئر ترقي گهڻي ٿيل آهي.

(1)  هي ئي اهو شخص آهي جنهن محمد بن قاسم کي زنجيرن ۾ جڪڙي پنهنجي قيد ۾ رکيو هو ۽ طرح طرح جون تڪليفون ڏيندو رهيو.

(1)  بلاذري لکي ٿو ته جنيد کي عمر بن هبيره قراري سنڌ تي روانو ڪيو هو، جيڪو اڳي بصري ۽ خراسان جو والي هو. مگر جڏهن هو معزول ٿيو، ۽ سندس جاءِ تي خالد بن عبدالله قسري بصري جو والي مقرر ٿيو، تڏهن هشام بن عبدالملڪ جنيد کي لکيو ته تون پنهنجي ڪمن ڪارين به نسبت خالد مذڪور سان لکپڙهه ڪندو رهه. مگر اهو غالباً صحيح نه آهي. ڇو ته جنيد جي مقرر سنه 107 هه ۾ ٿي ۽ سنه 106 هه ۾ هبيره معزول ٿي چڪو هو، ۽ انهي ئي وقت کان خالد قسري جي حڪومت شروع ٿي چڪي هئي. جيئن ابن اثير ۽ ٻين معتبر ڪتابن مان ثابت ٿئي ٿو.

(1)  انهن شهرن مان ڪن جا نالا موجوده زماني ۾ ملي سگهن ٿا، مگر پورو پتو پوڻ مشڪل آهي. مسٽر ايليٽ جي تحقيقات مان مرمد مراد آهي، مرسٿل جي، جيڪو هڪ وڏو ريگزار مارواڙ ۾ هو. مندل جو ذڪر اسان قديم جگرافيه جي بيان ۾ آڻينداسين. بيلمان هي غالباً اصل ۾ ورنلمه آهي جو عمرڪوٽ ۾ جيسلمير جي وچ ۾ آهي.

(2)  هندوستان کي چين سان ڪو تعلق نه آهي يقيناً هتي چين مان مراد شهر چنپايت آهي جو بياس ندي کان اُلهندي طرف ڏهن ميلن تي هو ۽ جيڪو گهڻي زماني تائين مشرقي ايشيا ۽اُتر هندوستان جي سياسي تعلقات جو ثبوت ڏيندو رهيو. چيني سياح هونئن ٽسانگ جو سنه 645ع کان سنه 699ع تائين هندوستان ۾ رکيو تنهن هن شهر کي ڏٺو هو. هتي هو چوڏانهن مهينا رهيو جيئن سر هنٽر پنهنجي تاريخ ۾ لکيو آهي. ”جنيد جي زماني ۾ معلوم ٿئي هو ته هتي هڪ مستقل حڪومت قائم هئي. جنهن جي ماتحت ڪيترائي قلعا هئا ۽ هتي جي راجا کي عرب جا ماڻهو چين جو بادشاهه ڪري چوندا هئا.“

(1)  هن ڍنڍ کي ماءُ الجواميش ان ڪري چڍوندا هئا جو درياءَ مهراڻ جي ڪناري ڀوري رنگ جا رڇ بلڪل گهڻي انداز ۾ هوندا هئا. انهن کان ڀڄي انسانن کي جان بچائڻ جي فقط اها ئي تدبير هوندي هئي جو هو هڪدم انهي ڍنڍ ۾ مينهن وانگي ڪاهي پوندا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31  32 33 34

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org