سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب:  تاريخ سنڌ

باب؛ --

صفحو :28

ارغون گهراڻي جي وقت ۾ مکيه عالم، درويش ۽ شاعر

مرزا شاهه بيگ ۽ سندس والد امير ذوالنون توڙي مرزا شاهه حسن جو لاڳاپو جن جن بزرگن ۽ عالمن سان خراسان قنڌار ۽ ڪابل جي حڪومت وقت هو، تن عالمن ۽ درويشن يا انهن جي اولاد کي هو سنڌ ۾ اچڻ وقت پاڻ سان وٺيو آيا، يا پوءِ گهرائي ورتائون. انهن بزرگن، عالمن ۽ شاعرن سنڌ ۾ روحانيت ۽ علميت جو نئون دور اچي پيدا ڪيو ۽ انهن جي فيض ڪري سنڌ ۾ به ڪيترائي درويش، عالم ۽ شاعر پيدا ٿي پيا. اهڙن درويشن، عالمن ۽ شاعرن مان هت ڪن ٿورن جو بيان لکجي ٿو.

(1) سيد محمد عرف شير قلندر (عليہ الرحمة)

سيد محمد (عليہ الرحمة) جو والد سيد مير حسين (عليہ الرحمة) سبزواري سادات ۽ حضرت امام موسى ڪاظم (رضي الله تعالى عنہ) سان نائين پيڙهيءَ ۾ ڳنڍيل هو. سيد محمد رحه جو مامو قنڌار جو مشهور درويش بابا حسن ابدال (عليہ الرحمة) هو.

سيد محمد رحه قنڌار ۾ ننڍي هوندي ئي عبادت، رياضت ۽ ڪرامتن جي ڪري مشهور ۽ هزارين ماڻهو سندس معتقد هئا. هڪڙي ڀيري سيد قشغه نالي هڪڙي شخص امير ذوالنون وٽ سيد محمد رحه جي حق ۾ گلائون ۽ گهٽ وڌ ڳالهيون ڪيون، جنهن ڪري امير ذوالنون سيد محمد رحه کي گهرائي هڪڙي ڪوٺيءَ ۾ بند رکيو ۽ مٿس پهريدار بيهاري پاڻ پنهنجي گهر ڏي هليو ويو. گهر وڃڻ بعد سيد کي بند ۾ رکڻ بابت پشيماني پيدا ٿيس تنهن ڪري پنهنجي گهران ٻه ٽي ٿانوَ طعام جا پنهنجن خاص ماڻهن جي هٿان ڏياري موڪليائين. اهي ماڻهو طعام کڻي ڪوٺيءَ تي آيا ۽ در کوليائون، ته اندر فقط هڪڙو وڏو شينهن نئود تي پئي ليٽيو ٻيو ڪو به ماڻهو ڪوٺيءَ ۾ نه هو. انهن ماڻهن موٽي اچي امير ذوالنون سان احوال ڪيو، تنهن تي امير ذوالنون پاڻ پنهنجن پٽن مرزا شاهه بيگ مرزا محمد مقيم ۽ مرزا سلطان علي کي ساڻ ڪري ڪوٺيءَ تي آيو ۽ اچي ڏٺائين ته برابر سيد محمد رحه جي بدران هڪڙو وڏو شينهن ڪوٺيءَ ۾ پوريو پيو آهي. تنهن تي امير ذوالنون ڏاڍو پڇتايو ۽ اتيئي ويهي آزيون نيازيون۽ عاجزيون ڪري پنهنجي ڀل ۽ خطا جي معافي گهرڻ لڳو. ٿوريءَ ويرم کان پوءِ امير ذوالنون ۽ سندس پٽن ڏٺو، ته شينهن جي بدران فقط سيد محمد رحه ويٺو آهي. پوءِ امير ذوالنون شاهه صاحب کي گهڻيءَ تعظيم سان پاڻ وٽ وٺي آيو. ان وقت کان وٺي سيد محمد رحه کي عام خاص ماڻهو شير قلندر سڏيندا هئا. امير ذوالنون ۽ ان جا پٽ ان وقت کان وٺي شير قلندر جا معتقد ٿيا ۽ ان سان خواه ان جي اولاد سان ادب ۽ تعظيم جو رستو قائم رکندا آيا. شير قلندر رحه هجري سنه 933 ۾ وفات ڪئي، جڏهن ڪه مرزا شاهه حسن کي سنڌ ۾ حڪومت ڪندي پنجون سال ٿيو هو.

سيد محمد شير قلندر رحه جي تربت قنڌار کان ويهه ميل الهندي طرف اشڪلچه ڳوٺ ۾ آهي، جتي روزانو هزارين ماڻهو زيارت لاءِ ايندا آهن ۽ لنگر جاري آهي. (تاريخ معصومي)

نوٽ: تاريخ معصومي ۾ شير قلندر رحه جون گهڻيون ڪرامتون لکيل آهن جيڪي اختصار جي مدنظر هت نه آنديون ويون آهن. (مؤلف)

(2) مير محمود عرف شيخ ميرڪ (عليہ الرحمة)

مير محمود عرف شيخ ميرڪ بن مير ابو سعيد پوراني ڏاڏاڻي طرف ڪري عرب شاهي سادات هو ۽ مير ابو سعيد جو نالو شيخ جلال الدين بايزيد پوراني هو. سندن زاد بوم سبزوار شهر هو. پوءِ قنڌار ۾ اچي رهيا. جڏهن مرزا شاهه بيگ سنڌ ۾ آيو، تڏهن مير محمود (شيخ ميرڪ) ۽ ڀاڻس ميرڪ با يزيد کي پاڻ سان سنڌ ۾ وٺي آيو. ٻئي ڀائر جهڙا خدا پرست ۽ تقوى  جا صاحب هئا، تهڙائي شرعي علمن ۾ باخبر عالم هئا. شيخ ميرڪ کي مرزا شاهه بيگ بکر جو شيخ الاسلام مقرر ڪيو جيڪو ورهين جا ورهيه انهيءَ عهدي تي قائم هو. بکر ۾ ان هڪڙو وڏو مدرسو به جاري رکايو جنهن ۾ پري پري جا پرديسي شاگرد پارسي ۽ عربي جي تعليم وٺندا هئا. سندس لنگر به سدائين جاري هوندو هو، جتي ڪئين مسڪين، محتاج ۽ پرديسي پيا پلندا هئا. پاڻ اعلى درجي جو خوشنويس به هو، تنهن ڪري مدرسي ۾ به خوشنويسيءَ تي خاص زور هوس.

مرزا شاهه حسن جي حڪومت ۾ مير محمود ۽ سندس ڀاءُ ميرڪ با يزيد وري ٺٽي ۾ اچي رهيا ۽ اتي به بکر وانگر وڏو مدرسو ۽ لنگر جاري رکيائون.

مرزا شاهه حسن جي وفات کان ڇهه ورهيه پوءِ يعني هجري سنه 968 جي محرم مهيني ۾ مير محمود وفات ڪئي. مير محمود ۽ ميرڪ با يزيد جو اولاد تمام گهڻو ٿيو ۽ ٺٽي  ۾ اڄ تائين جيڪي ميرڪ سيد يا سبز واري سادات موجود آهن، سي انهن ٻنهي بزرگن جو اولاد آهن. انهن بزرگن جي اولاد مان ڪيترائي سادات سنڌ ۾ خدا پرستي ۽ علمي لياقت جي ڪري تمام مشهور ٿي گذريا آهن. جيئن ته مير محمود جو فرزند ميرڪ شيخ عبدالباقي پنهنجي والد کان پوءِ ٺٽي ۾ شيخ الاسلام مقرر ٿيو هو، جيڪو تحرير اقليدس ۾ اعلى درجي جو ماهر هو ۽ ڪيتريون ئي خيالي شڪليون (سڌيان) پاڻئون ايجاد ڪيون هئائين، جن جي حل ڪرڻ ۾ سيوهڻ ۽ بکر وارا رياضيدان به حيران هوندا هئا.

سندن اولاد مان ميرڪ محمد احسن اهڙو زبردست عالم پيدا ٿيو هو، جنهن کي نادر شاهه بادشاهه جي حڪومت وقت ٺٽي مان داغستان ۾ گهرائي اتي کيس شيخ الاسلام ڪري رکيو ويو.

سندن اولاد مان ميرڪ عبدالواسع ٺٽي ۾ هڪڙو زبردست شاعر ٿي گذريو هو. (تاريخ معصومي جزءِ سيوم ۽ تحفة الڪرام جلد 3)

(3) شيخ عبدالوهاب (عليہ الرحمة)

شيخ عبدالوهاب بن شيخ ميرڪ با يزيد بن مير ابو سعيد پوراني هڪڙو زبردست عالم ۽ واعظ هو، جيڪو مرزا شاهه حسن جي وقت ۾ بکر، ٺٽي، سيوهڻ وغيره شهرن ۾ وعظ ڪندو هو حڪومت ڪندڙن عملدارن کي عدالت ۽ رعيت پروريءَ جون نصيحتون ڪندو هو ۽ عام خلق کي شرع ۽ اخلاق بابت هدايتون ڪندو هو. شاعر به اعلى درجي جو هو. سندس ٺاهيل ڪتاب ”جامع فتاوى پوراني“ علم فقه ۾ اهڙو لاثاني ڪتاب هو، جو ان وقت ۾ بکر ۽ ٺٽي جا قاضي ان ڪتاب جي تحرير موجب شرعي فيصلا ڪندا هئا.

شيخ عبدالوهاب مرزا شاهه حسن جي وفات کان پوءِ به ٽيهارو ورهيه سنڌ ۾ شروعي خدمتون ڪندو رهيو ۽ ترخان گهراڻي جا حاڪم به سندس ادب ۽ تعظيم رکندا رهيا. هجري سنه 990 ۾ شيخ عبدالوهاب ٺٽي ۾ وفات ڪئي. (تاريخ معصومي ۽ تحفة الڪرام)

(4) شاهه قطب الدين بن شاهه محمود (عليہ الرحمة)

هي عالم خدا شناس بزرگ خراسان جي ساداتن مان هو. مرزا شاهه حسن جي وقت ۾ بکر ۾ آيو ۽ مرزا شاهه حسن کيس بکر جي جامع مسجد ۾ واعظ مقرر ڪيو. مرزا شاهه حسن ۽ توڙي سلطان محمود خان جي حڪومت ۾ هو هر ڪنهن جمعي جي ڏينهن جامع مسجد ۾ شريعت جي مسئلن ۽ خدا شناسيءَ بابت وعظ ڪندو هو ۽ سندس وعظ نهايت اثرائتو  هوندو هو. هجري سنه 977 ۾ بکر ۾ وفات ڪيائين. هيءَ عجيب حسن اتفاق چئبو، جو سندس وفات جو سال به ”واعظ“ لفظ قائم ٿيو جنهن جو عدد ابجد موجب (977) آهي. (تاريخ معصومي ۽ تحفة الڪرام)

(5) سيد مير ڪلان (عليہ الرحمة)

هيءُ بزرگ سيد اصل ڪربلا معلى جو ويٺل هو. اتان لڏي اچي قنڌار ۾ رهيو هو. مرزا شاهه بيگ جي وقت ۾ قنڌار کان لڏي عيال سميت سيوهڻ ۾ اچي رهيو. قنڌار ۾ سيد شير قلندر (عليہ الرحمة) جنهن جو بيان مٿي ڪيو ويو آهي، تنهن سان به گهڻي قدر صحبت ڪئي هئائين. سيوهڻ ۾ سيد مير ڪلان پنهنجو گهڻو وقت حضرت لعل شهباز (عليہ الرحمة) جي مقبري ۾ گذاريندو هو. سندس زهد رياضت جي هاڪ گهڻي قدر پکڙجي ويئي ۽ ڪيترائي خدا جي راهه جا طالبو سنديس صحبت مان اچيو فيض حاصل ڪندا هئا. سندن پوٽاڻ ۽ ڏهٽاڻ مان هو. شاهه صاحب سيوهڻ ۾ ئي وفات ڪئي. سندس اولاد ٺٽي ۽ بکر ڏانهن ٽڙي پکڙي ويو ۽ اڄ تائين سنڌ ۾ موجود آهي. (تاريخ معصومي)

(6) مخدوم محمد فخر پوٽو (عليہ الرحمة)

هي مخدوم صاحب اصل هرات جو ويٺل هو. مرزا شاهه حسن جي وقت ۾ سنڌ ۾ آيو ۽ ڳوٺ ڪاهان (ٽلٽي ڀرسان) اچي وڏو مدرسو کوليائين، جنهن ۾ سوين ديسي توڙي پرديسي شاگرد تعليم وٺندا هئا. جيڪو شاگرد پوري تحصيل ڪريو چڪندو هو، تنهن کي وري سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃي مڪتب جاري ڪرڻ جو حڪم ڏيندو هو.

ارغُون گهراڻي جي حڪومت وقت پارسي ۽ عربي علم جي تعليم کي مخدوم محمد جيتري قدر سنڌ ۾ پکيڙيو اوتري قدر ٻئي ڪنهن به عالم نه پکيڙيو هو. هو خدا پرست بزرگ هو ۽ ڪن وقتن تي ڪرامتون به ڏيکاريندو هو. حضرت خواجه خضر عليہ الاسلام سان به سندس ملاقات ٿيندي هئي. ڳوٺ ڪاهان ۾ ئي وفات ڪيائين.(تاريخ معصومي)

(7) مخدوم بلال (عليہ الرحمة)

هي بزرگ اصل ٽلٽيءَ جو ويٺل سمو بزرگ هو. سمن جي حڪومت جي پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ سندس نيڪي ناموس پکڙجي ويئي هئي. تقوى، زهد ۾ برک هو، علم تفسير ۽ علم حديث ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. هميشه عام خلق کي اخلاقي، شرعي ۽ روحاني وعظ ۽ نصيحتون ڪندو هو. سندس خليفا ۽ شاگرد سنڌ جي جدا جدا شهرن ۾ روحاني ۽ شرعي فيض بخشيندا رهيا.

هڪڙي ڀيري مخدوم بلال (عليہ الرحمة) ٻيڙيءَ ۾ چڙهي حضرت مخدوم لعل شهباز عليہ الرحمة جي زيارت ڪرڻ لاءِ ٽلٽيءَ کان سيوهڻ ٿي آيو. واٽ تي ٻيڙيءَ ۾ ٻيڙيءَ جو ناکئو هميشه جي دستور موجب واهيات بڪ شڪ ۽ گار گند ڪندو ٿي آيو. مخدوم بلال (عليہ الرحمة) پنهنجي هڪڙي شاگرد کي پنهنجي ٽوپي لاهي ڏني، ته اها ان ناکئي جي مٿي تي رکي. شاگرد مخدوم صاحب جي ٽوپي ناکئي جي مٿي تي رکي ته اهو ناکئو حديث ۽ تفسير جو اهڙو وعظ ڪرڻ لڳو، جهڙو ڪو عالم ڪري. ٻيڙيءَ ۾ چڙهيل سڀ ماڻهو حيران ٿي ويا ۽ سڀني کي تسلي ٿي ته بيشڪ جيئري جاڳندي دل ڪنهن به مئل دل کي جيئرو ڪري سگهي ٿي. (تاريخ معصومي)

مخدوم بلال (عليہ الرحمة) پاڻيءَ جي وڏي ڪونڊي ڀرائي تنهن ۾ راتين جون راتيون ويٺو ذڪر ڪندو هو. ذڪر جي اثر ۽ سندس حال جي غلبي ڪري ڪونڊيءَ وارو پاڻي چڪيءَ وانگر پيو ڦرندو هو. صبح جو پاڻ ڪونڊيءَ مان نڪرندو هو، ته به پاڻي پيو ڦرندو ۽ جوش ڏيکاريندو هو. جڏهن درياءَ ۾ اها ڪونڊي هاريندا هئا، تڏهن پاڻيءَ جو چڪر ۽ جوش گم ٿيو ويندو هو. (تحفة الڪرام)

مخدوم بلال (عليہ الرحمة) جي خليفن، شاگردن ۽ مريدن جو انداز تمام گهڻو هو. جڏهن مرزا شاهه بيگ اپر سنڌ تي اچي قبضو ڪيو هو ۽ باغبان شهر جا سڀ وڏيرا اچي سندس تابعدار بڻيا هئا، تڏهن مخدوم بلال (عليہ الرحمة) ان جي تابعداري نه مڃي، جنهن ڪري ان جا سڀ معتقد ۽ مريد مرزا شاهه بيگ سان جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا هئا. مرزا شاهه بيگ اهو وقت ٽاري ويو. جڏهن ڄام فيروز کي تابعدار بنائي اپر سنڌ جو آزاد حاڪم ٿيو، تڏهن مخدوم بلال ۽ ان جي مريدن کي طرح طرح تڪليفون اچي ڏنائين. (تاريخ معصومي)

مرزا شاهه بيگ جي وفات کان پوءِ ٻئي سال يعني هجري سنه 929 ۾ مخدوم بلال رحه وفات ڪئي. سندس درگاهه ڳوٺ باغبان(1) ۾ موجود آهي، جنهن تي مقرر ماه جي پهرين جمعي تي گهڻي خلق اچي گڏ ٿيندي آهي ۽ وڏو ساليانو ميلو لڳندو آهي.

(8) مولانا عبدالعزيز هروي (عليہ الرحمة)

مولانا عبدالعزيز هروي (هرات جو ويٺل) شاهه اسماعيل صفوي جي هرات فتح ڪرڻ وقت پنهنجي عيال سميت سنڌ ۾ لڏي آيو هو ۽ ڳوٺ ڪاهان (نزديڪ ٽلٽي) ۾ اچي مڪتب کوليو هئائين. سندس ٻه لائق فائق فرزند هر هڪ مولانا اثير الدين ۽ مولانا يار محمد به ساڻس هئا، جيڪي ٻئي ظاهري خواهه باطني علم ۾ يگانا هئا. سندن مڪتب مان سنڌ جي طالب علمن تمام گهڻو فيض حاصل ڪيو. مولانا عبدالعزيز ڄام فيروز سمي جي حڪومت جي پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ آيو هو ۽ ارغون گهراڻي جي حڪومت وقت حاڪمن جي طرفان سندس تمام گهڻي حوصله افزائي ۽ تعظيم ٿيندي رهي. مشڪواة شريف تي تمام عمدي شرح لکي هئائين. (تاريخ معصومي ۽ تحفة الڪرام)

(9) قاضي ڏتو (عليہ الرحمة)

هيءُ بزرگ سيوهڻ ۾ ڄائو نپنو هو. قاضي صدر الدين (عليہ الرحمة) جو سمن جي حڪومت وقت سيوهڻ جو قاضي هو، تنهنجي پنجينءَ پيڙهيءَ ۾ هو. سندس والد قاضي شريف الدين جنهن کي مخدوم راهو ڪري سڏيندا هئا، سو به هڪڙو زبردست عالم ۽ خدا آگاهه بزرگ هو. قاضي ڏتو پهريائين پنهنجي والد وٽ تعليم وٺندو هو ۽ پوءِ مخدوم بلال (عليہ الرحمة) وٽ علم حديث ۽ علم تفسير جي تعليم ورتائين. مخدوم محمود فخر پوٽه رحه ۽ مولانا عبدالعزيز هروي (عليہما الرحمة) جي مڪتبن ۾ به گهڻو وقت تعليم ورتي هئائين. ارڙهن تفسير پڙهيا هئائين جن مان ڪي لفظ به لفظ بر زبان ياد هئس. علم جعفر ۾ به اڪابر هوندو هو. مرزا شاهه حسن قاضي ڏتي کي وقت به وقت پاڻ وٽ گهرائيندو هو کانئس تعليم وٺندو هو ۽ نهايت گهڻي تعظيم ڏيندو هوس ۽ کيس ”مخدوم جو لقب به ڏنو هئائين.“ تاريخ معصومي جو مصنف سيد مير معصوم شاهه (عليہ الرحمة) لکي ٿو، ته ”مون به مخدوم قاضي ڏتي کان ڪي سبق ورتا هئا“. قاضي ڏتي (عليہ الرحمة)باغبان شهر ۾ وفات ڪئي هئي ۽ سنديس تربت به اتي آهي.(تاريخ معصومي ۽ تحفة الڪرام)

(10)مخدوم رڪن الدين (عليہ الرحمة)

مخدوم رڪن الدين کي مخدوم مٺو به ڪري سڏيندا هئا. هيءُ بزرگ مخدوم بلال (عليہ الرحمة) جي خليفن مان هڪڙو خليفو هو ۽ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعلى عنہ جي اولاد مان هو. عبادت زهد ۽ تقوى ۾ مشهور هو. هزارين ماڻهو وٽانئس اچيو فيض وٺندا هئا. ٺٽي شهر ۾ مڪتب کوليائين، جنهن ۾ علم حديث جي تعليم ڏيندو هو. شرح اربعين ۽ شرح ڪيداني ڪتاب ۽ ٻيا به ڪي رسالا سندس تصنيف ڪيل آهن. هن بزرگ مرزا شاهه حسن جي حڪومت وقت هجري سنه 948 ۾ ٺٽي ۾ وفات ڪئي. (تاريخ معصومي)

(11) جناب قاضي قاضن (عليہ الرحمة)

 جناب قاضي قاضن (عليہ الرحمة) بن قاضي ابو سعيد بن قاضي زين الدين بکري جا وڏا ٺٽي ۽ سيوهڻ ۾ رهندا هئا. قاضي قاضن جو پڙڏاڏو قاضي ابو الخير، جيڪو هڪڙو خدا شناس بزرگ هو، سو سيوهڻ مان لڏي اچي بکر جو رهاڪو ٿيو هو. قاضي قاضن کي قرآن شريف برزبان ياد هوندو هو. هو علم تفسير، علم حديث ۽ علم تصوف ۾ بي نظير هوندو هو. انشا پرداز به اول درجي جو هو. هو درويش ۽ بزرگ شاعر به هو. هن وقت تائين جيڪو پهريون پهريون سنڌي شعر هٿ اچي سگهيو آهي سو قاضي قاضن (عليہ الرحمة) جو ئي آهي. قاضي قاضن کان اڳ جو ڪو به سنڌي شعر هن وقت تائين هٿ اچي نه سگهيو آهي.

قاضي قاضن (عليہ الرحمة) حج به ڪري آيو هو ۽ سفر به گهڻو ڪيو هئائين. سيد محمد جونپوري جنهن کي ميران مهدي ڪري سڏيندا هئا، تنهن کان ”طريقت“ جي تلقين وڃي ورتي هئائين، جنهن ڪري ٻيا علماءَ کيس طعنا هڻندا هئا،ته ”ههڙو قابل شريعت دان عالم ٿي ڪري وري به طريقت واري فقير جو مريد وڃي ٿيو آهين“. پر قاضي قاضن (عليہ الرحمة) انهن ظاهر پرست علمائن جي طعنن تنڪن جي ڪا به پرواهه ڪانه ڪئي.

ڄام فيروز جي حڪومت وقت قاضي قاضن ٺٽي شهر جو قاضي هو. جڏهن مرزا شاهه بيگ ٺٽي ۾ اچي ڦرلٽ ڪئي هئي ۽ شهر جي معزز ماڻهن جا ٻار ٻچا گرفتار ڪرايا هئائين. تڏهن قاضي قاضن جا ٻار ٻچا به سندس غير حاضريءَ ۾ گرفتار ٿي ويا هئا. قاضي قاضن هڪڙو خط مرزا شاهه بيگ ڏي لکي موڪليو، جنهن ۾ اهڙا  چڀندڙ لفظ لکيا هئائين، جو مرزا شاهه بيگ قاضي قاضن جو عيال ته هڪدم آجو ڪيو، پر پنهنجن عملدارن کي حڪم ڏنائين، ته جن گرفتار ٿيلن ماڻهن تي قاضي قاضن هٿ رکي تن کي سندن مال متاع سميت آزاد ڪري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح قاضي قاضن جي فقط قلم جي برڪت سان ساري ٺٽي شهر تان آفت ٽري ويئي.

مرزا شاهه بيگ جيترو وقت سنڌ ۾ رهيو. اوترو وقت قاضي قاضن جي نهايت گهڻي عزت رکيائين ۽ قضا جو ڪم ان جي ئي حوالي ڇڏيائين. مرزا شاهه بيگ جي وفات کان پوءِ مرزا شاهه حسن قاضي قاضن کي بکر جو قاضي مقرر ڪيو، جتي توڙ تائين قاضي ٿي رهيو. قاضي قاضن جڏهن تمام پيرسن ٿي ويو، تڏهن قضا جي ڪم جي استعفا ڏنائين ۽ پنهنجي ڀاءُ قاضي نصرالله کي بکر جو قاضي مقرر ڪرايائين. قاضي قاضن (عليہ الرحمة) مرزا شاهه حسن جي وفات کان چار سال اڳ يعني هجري سنه 958 ۾ بکر ۾ وفات ڪئي. (تاريخ معصومي ۽ تحفة الڪرام)

(12) مخدوم ميران (عليہ الرحمة)

مخدوم ميران بن مولانا يعقوب سهڻن اخلاقن ۽ فضيلت ڪري مشهور هو. ظاهري ۽ باطني علمن ۾ برک هو. ٺٽي شهر ۾ سندس وڏو مڪتب هوندو هو، جتان سوين شاگرد علمي فائدا حاصل ڪندا هئا. ڳچ ڏينهن مرزا شاهه حسن به پنهنجي حڪومت وقت کيس پنهنجو استاد ڪري پاڻ وٽ رکيو هو. هن بزرگ مرزا شاهه حسن جي حڪومت وقت هجري سنه 949 ۾ ٺٽي ۾ وفات ڪئي.

(13) مولانا ضياءُ الدين (عليہ الرحمة)

سمن جي حڪومت وقت مخدوم الياس نالي هڪڙو بزرگ، جيڪو شيخ شهاب الدين سهروردي (عليہ الرحمة) جي ڏهٽاڻ مان هو، سو سنڌ جي جوڻ شهر ۾ اچي رهيو هو. ان جي وفات کان پوءِ سندس فرزند مخدوم هارون (عليہ الرحمة) جوڻ مان لڏي ٺٽي ۾ اچي رهيو. مولانا ضياءُ الدين انهيءَ مخدوم هارون جو پوٽو ۽ مخدوم صدر الدين راهوٽيءَ جو فرزند هو. مخدوم صدر الدين پاڻ ٺٽي مان لڏي ڳچ وقت راهوٽ ڳوٺ ۾ وڃي رهيو هو، مگر مخدوم ضياءُ الدين تعليم حاصل ڪرڻ جي خيال ڪري ٺٽي ۾ ئي گذاريندو هو.

ٺٽي ۾ هو هڪڙو مشهور خدا شناس زبردست عالم ٿي پيو. مرزا شاهه حسن جي وقت ۾ هو ٺٽي شهر ۾ مڪتب پاڙهيندو هو ۽ ڪيترائي مذهبي ڪتاب لکيائين، جن مان ڪن جو ترجمو (سنڌي ڏوهيڙن ۾) اڄ تائين موجود آهي.

حياتيءَ جي پوين ڏينهن ۾ هو دنيا جا واسطا ڦٽا ڪري خلوت نشين وڃي ٿيو هو ۽ انهيءَ خلوت نشينيءَ ۾ ئي وفات ڪيائين. (تاريخ معصومي ۽ تحفة الڪرام)

(14) قاضي عبدالله بن قاضي ابراهيم (عليہ الرحمة)

هيءُ بزرگ درٻيلي(1) شهر جو ويٺل هو، مگر علم جي تحصيل مخدوم عبدالعزيز هري (عليہ الرحمة) جي مڪتب ۾ ڪيائين جنهن جو بيان هن کان اڳ ڪيو ويو آهي. علم جي تحصيل ڪرڻ بعد هو وري به پنهنجي وطن درٻيلي ۾ اچي رهيو ۽ اتي شاهي مڪتب جاري ڪيائين.

جڏهن مرزا شاهه بيگ اڌ سنڌ جو حاڪم هو، تڏهن قاضي عبدالله باغبان شهر ۾ وڃي مڪتب کوليو. هجري سنه 934 (مرزا شاهه حسن جي حڪومت وقت) ۾ قاضي عبدالله پنهنجي عيال سميت سنڌ مان گجرات ويو ۽ اتان وري مديني منوره ۾ وڃي ساڪن ٿيو ۽ وفات به اتيئي ڪيائين. سندس ٽن فرزندن مان شيخ رحمت الله (عليہ الرحمة) مديني منوره ۾ مڪتب جاري ڪيو ۽ شيخ حميد مڪي معظمه ۾ علم حديث جي تعليم جو مڪتب کوليو هو. ٻنهي بزرگ ڀائرن وفات به انهيءَ پاڪ زمين تي ڪئي. (تاريخ معصومي)

(15) مولانا مصلح الدين (عليہ الرحمة)

 هيءُ بزرگ نهايت دانشمند ۽ زبردست عالم هو. عربي زبان ۾ هن جهڙو قابل ٻيو ڪونه هو. گهڻو وقت مرزا شاهه حسن جو استاد به ٿي رهيو هو. سنه 951 هجري ۾ حج ڪرڻ ويو ۽ اتي وڃي وفات ڪيائين. ”شرح شمائل نبوي“، ”حاشيه تفسير بيضاوي“، ”شرح فارسي منطق“ ۽ ٻيا به ڪي رسالا تصنيف ڪيا هئائين. (تاريخ معصومي)

(16) شيخ عبدالله متقي بن مولانا سعد (عليہ الرحمة)

هيءُ بزرگ درٻيلي شهر جو ويٺل هو. ”علم حديث“ ۽ ”علم تفسير“ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو هجري سنه 947 ۾ سنڌ مان گجرات ويو ۽ تان وري مدينه منوره ۾ وڃي قاضي عبدالله درٻيلائي جي صحبت ۾ رهيو. قاضي قاضن (عليہ الرحمة) جيڪو وقت مديني منوره ۾ وڃي رهيو هو، سو وقت شيخ عبدالله متقي به ان جي صحبت ۾ گذاريندو هو. شيخ عبدالله متقي به جدا جدا علمن ۾ ڪيترائي رسالا تصنيف ڪيا آهن. (تاريخ معصومي)

(17) شيخ يونس سمرقندي (عليہ الرحمة)

 هيءُ بزرگ علم ديني ۽ علم معرفت ۾ اڪابر هو. مرزا شاهه حسن جي حڪومت وقت سمرقند مان لڏي سنڌ ۾ آيو ۽ ڪيترائي ڏينهن مرزا شاهه حسن کي فقط ”شرح موافق“ ۽ ٻين علمن ۾ تعليم ڏيندو هو. هجري سنه 951 ۾ وفات ڪيائين.

(18) سيد حيدر شاهه (عليہ الرحمة)

هيءُ بزرگ سادات سن شهر جو ويٺل هو. ٻارهن ورهين جي عمر جو هو، ته مخدوم بلال (عليہ الرحمة)جي صحبت ۾ وڃي رهيو ۽ اتان ظاهري توڙي باطني علمن ۾ ڪماليت حاصل ڪيائين ۽ وڏو ڪرامت جو صاحب ٿي پيو. هڪڙي ڀيري ”عروج“ جي حالت وقت ڀري مجلس ۾ هوڪو ڏيئي چوڻ لڳو ته ”مون کي خدا سان واصل ٿيڻ جا ايترا رستا هٿ آيل آهن، جو اوهان سڀني مان هر هڪ کي اهڙي علحدي علحدي رستي سان واصل بالله ڪري سگهان ٿو، جو هڪڙي جي خبر ٻئي کي پئجي نه سگهندين.“

هن بزرگ سادات هجري سنه 937 (مرزا شاهه حسن جي حڪومت وقت) ۾ رحلت ڪئي. کيس گهڻو ئي اولاد هو. هاڻوڪا سنائي سادات انهيءَ بزرگ جي اولاد مان آهن. (تاريخ معصومي ۽ تحفة الڪرام)

(19) شاهه جهانگير هاشمي (عليہ الرحمة)

 هيءُ بزرگ سادات سيد طيب هروي (هراتي) جي اولاد مان هو. هيءُ نهايت فصيح ۽ بليغ شاعر هو. مرزا شاهه حسن جي حڪومت جي اوائلي ڏينهن ۾ خراسان کان سنڌ ۾ آيو هو ۽ بکر ۾ رهندو هو. ”تحفة الاحرار“ ڪتاب جي جواب ۾ ”مظهر الاثار“ ڪتاب مثنوي جي صورت ۾ لکيو هئائين. سندس مڪمل ديوان ”ديوان هاشمي“ جي نالي سان موجود آهي. مرزا شاهه حسن هن درويش بزرگ کي گهڻي تعظيم ڏيندو هو، ۽ کيس پنهنجي شاعرانه مجلسن جو سينگار سڏيندو هو هجري سنه 946 ۾ هي بزرگ ڪيچ ۽ مڪران جي رستي کان حج ڪرڻ ٿي ويو ته واٽ تي ڌاڙيلن جي هٿان شهيد ٿي ويو.

(20) شاهه حسين تڪدري رحه

هيءُ مرزا شاهه حسن جي درٻار جو هڪڙو خدا پرست درويش ۽ معزز امير هو. سندس اميراڻيون ڪارگذاريون مرزا شاهه حسن جي بيان ۾ ذڪر ڪيل آهن. هي تيز فهم، خوش خلق، قابل اديب ۽ فصيح شاعر هو. تاريخي ماده ٺاهڻ ۾ بي نظير شاعر هو. ”روضة السلاطين“ ڪتاب سندس تصنيف ٿيل آهي. شاهه حسين تڪدري سان گڏ مير شاهه مسعود، مولانا فخري هراتي، مولانا مير محمد سونارو، ملا جاني بندري ۽ ملا ظهوري به مرزا شاهه حسن جا درٻاري شاعر هئا. (تاريخي معصومي)

(21) سيد صفائي (عليہ الرحمة)

سيد صفائي بن سيد مرتضى ترمذي (عليہما الرحمة) سيد شير قلندر قنڌاري (عليہ الرحمة) جنهن جو ذڪر اڳي ڪيو ويو آهي، تنهن جي اولاد مان هو. سيد صفائي علم ۽ عمل جو صاحب، شريعت ۽ طريقت جو ماهر هو. شاهه قطب الدين واعظ جنهن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي، تنهن جي وفات کان پوءِ سلطان محمود خان بکر جي حاڪم سيد صفائي (عليہ الرحمة) کي بکر جو شيخ الاسلام مقرر ڪيو. سيد صفائي تمام پيرسنيءَ ۾ هجري سنه 991 ۾ وفات ڪئي. سندس فرزند سيد مير معصوم شاهه پهريائين سلطان محمود خان وٽ ۽ پوءِ اڪبر بادشاهه وٽ گهڻي عزت سان درجو حاصل ڪيو ۽ مرزا خان خانان سان همراهه ٿي سنڌ فتح ڪرڻ ۾ ان سان قيمتي مددون ڪيائين. سيد مير معصوم شاهه، اڪبر بادشاهه جي حڪم موجب قنڌار ۾ وڃي گهڻي خرچ ڪرڻ سان پٿر تي اڪبر بادشاهه جي نالي جا ”ڪتاب“ اڪرايا هئا. جيڪي اڄ تائين موجود آهن. سکر شهر ۾ جيڪو منارو آهي، سو به انهيءَ سيد مير معصوم شاهه جو ٺهرايل آهي. مير معصوم شاهه تمام قابل اهل قلم ۽ فصيح شاعر هو سندس تخلص هو”نامي“ ”تاريخ معصومي“ (سنڌ جي تاريخ) ”قطب نامي“ ”ديوان نامي“ ۽ ” مثنوي رازو نياز“ (سسئي ۽ پنهونءَ جو قصو پارسي نظم ۾) انهيءَ سيد مير معصوم شاهه جا تصنيف ڪيل آهن. (تحفة الڪرام جلد 3)

(22) مخدوم محمد جعفر بوبڪائي (عليہ الرحمة)

مخدوم محمد جعفر بوبڪن جي ڳوٺ جو ويٺل شريعت ۽ طريقت جو بزرگ عالم هو. سندس والد مخدوم ميران (عليہ الرحمة) بن مولانا يعقوب مرزا شاهه حسن جو استاد هو ۽ ٺٽي ۾ رهندو هو. اتي سندس وڏو مڪتب هو، جنهن ۾ سوين ديسي خواه پرديسي شاگرد تعليم پيا وٺندا هئا. مخدوم ميران هجري سنه 949 ۾ وفات ڪئي. سندس وفات جي تاريخ آهي ”وارث الانبياءَ (هجري 949)

مخدوم جعفر مخدوم نوح (عليہ الرحمة) جو همعصر ۽ صحبتي هو. هڪڙي ڏينهن مخدوم محمد جعفر رحه کي مخدوم نوح رحه فرمايو، ته ”مون خدا تعالى کي پنهنجين ظاهري اکين سان ڏٺو آهي“ تنهن تي مخدوم جعفر رحه جواب ڏنس ته ”اندر جي اکين سان خدا تعالى جو ديدار ڪيو هوندءِ، ڇاڪاڻ جو هنن ظاهري اکين کي اهڙي ديدار ڪرڻ جي طاقت ڪانهي. هاڻي ڇا ڪر، جو انهيءَ ديدار جي وقت پنهنجي ڪنهن خاص ماڻهو کي چئو ته تنهنجين اکين تي هٿ ڏئي. هٿ ڏيڻ کان پوءِ به جيڪڏهن ديدار ٿيندو رهي، ته پڪ ڄاڻج ته اندرين اکين سان ديدار ڪرين ٿو.“ مخدوم نوح رحه اهو آزمودو ورتو ۽ پڪ ٿيس ته مخدوم محمد جعفر رحه جي ڳالهه سچي آهي. پوءِ مخدوم نوح فرمايو ته ”جيڪڏهن نه هجي ها جعفر، ته نوح ٿئي ها ڪافر“. مخدوم محمد جعفر (عليہ الرحمة) جو اولاد اڄ تائين موجود آهي. (تحفة الڪرام)

(23) مخدوم احمد ڀٽي بزرگ هالائي (عليہ الرحمة)

هي بزرگ انهيءَ مخدوم اسحاق ڀٽي (عليہ الرحمة) جو فرزند هو، جنهن کي حضرت شيخ بهاءُ الدين زڪريا ملتاني (عليہ الرحمة) جي خاندان کان پشت به پشت دستار خلافت مليل هئي ۽ وڏي فضيلت ۽ ڪرامت جو صاحب هو. مخدوم اسحاق رحه جا ٻه فرزند مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد (عليہ الرحمة)به سندس جهڙا ئي خدا آگاه بزرگ هئا.

مخدوم احمد (عليہ الرحمة) ڄام نظام الدين سمي جي صاحبيءَ کان وٺي مرزا شاهه حسن جي حڪومت تائين حيات هو. هڪڙي ڀيري مخدوم محمد (عليہ الرحمة) ڪنهن حاجتمند جي ڪم ڇڏائڻ لاءِ ٺٽي  ۾ ڄام نظام الدين (ڄام ننده) وٽ ويو. ڄام نندي چيس ته ”تنهنجي ڀاءُ مخدوم احمد جي ڏاڍي هاڪ ٻڌي اٿم ۽ مون کي سندس زيارت ڪرڻ جي تمام گهڻي سڪ آهي تنهن ڪري تون هتي ئي رهه ۽ ان کي نياپو موڪلي گهراءِ“ مخدوم محمد رحه چيس ته ”ادي احمد کي نڪا منهنجي پرواهه آهي نڪا توهان جي“ اڃا انهيءَ گفتگو ۾ ئي هئا، ته مخدوم احمد رحه انهيءَ مجلس ۾ اچي ٺڪاءُ ڪيو. ڄام نندو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ نهايت عقيدتمندي ۽ تعظيم سان مخدوم احمد رحه کي پيش آيو ۽ خدمتون بجاءِ آندائين.

مخدوم احمد (الرحمة الله عليہ) هميشه گوشه نشينيءَ ۾ گذاريندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ”ذڪر ۽ سماع“ جي مجلسن ۾ به حاضر ٿيندو هو. ”سماع” جي مجلس ۾ ”وجد“ جي حالت مٿس غالب پئجيو ويندي هئي.

هڪڙي ڀيري ڪنهن رئيس ماڻهوءَ جنهن جو پٽ ڪنهن خطرناڪ بيماريءَ ۾ مبتلا هو، مخدوم احمد رحه ۽ ٻين درويشن جي جماعت کي دعوت ڏيئي گهرايو. جڏهن طعام اچي حاضر ٿيو، تڏهن مخدوم احمد فرمايو ته ”ٻه ٻه ٽي ٽي ڄڻا گڏجي ويهي کائن“ مگر پاڻ اڪيلو ويٺو ۽ ميزبان کي چيائين، ته ”تنهنجو پٽ مون سان اچي گڏجي کائي“. اتفاق اهڙو ٿيو، جو ميزبان جو اهو بيمار پٽ ان وقت وفات ڪري چڪو هو، پر ميزبان بزرگن جي اچي سهڙڻ جو خيال ڪري پنهنجي پٽ جي وفات جو ذڪر ظاهر نه ڪيو ۽ مخدوم احمد رحه کي عرض ڪيائين  ته ”منهنجي پٽ جي حالت هينئر تمام تڪليف واري آهي، تنهن ڪري هو اچي ڪين سگهندو، توهين ويهي کائو“مخدوم صاحب فرمايو ته ”آءٌ تنهنجي پٽ جي اچڻ کان سواءِ ڪڏهن به طعام نه کائيندس“، ائين چئي پنهنجي نوڪر رڪن کي چيائين ته ”رئيس جي ڇوڪر کي سڏي اچ“ رڪن ڇوڪر کي وڃي سڏ ڪيو، ته هو اٿي ويٺو ۽ ان سان گڏجي کاڌائين. اهو ڇوڪر ات مجلس ۾ چوڻ لڳو ته ”منهنجو روح قبض ڪري چوٿين آسمان تي کڻي ويا هئا. اتان مخدوم صاحب مون کي هت وٺي آيو آهي“. (تحفة الڪرام جلد 3)

حياتيءَ جي پوين ڏينهن ۾ هڪڙي مخدوم احمد رحه نيرن ڪوٽ ۾ آيو ۽ اتي اچي ڪنهن سماع جي مجلس ۾ شريڪ ٿيو. سماع ۾ هڪڙي سوناري ڇوڪر ڪو اهڙو سوز ڀريو ڪلام ڳايو، جنهن جي اثر ڪري مخدوم صاحب تي وجد طاري ٿيو ۽ ان وجد ۾ سندن سڳورو روح خاڪي پڃري مان پرواز ڪري ويو. سندن لاشو مبارڪ هالن ۾ کڻي آيا ۽ چون ٿا ته ساري واٽ انهيءَ لاشي مان ”ذڪر جلي“ چٽو ئي چٽو ٻڌڻ ۾ پي آيو. (تحفة الڪرام جلد 3)

مخدوم احمد رحه هجري سنه 930 ۾ مرزا شاهه حسن جي حڪومت وقت رحلت ڪئي هئي.

مخدوم احمد ۽ مخدوم محمد (عليہما الرحمة) جي اولاد مان وقت به وقت خدا آگاه درويش، عالم با عمل ۽ شاعر بزرگ پيدا ٿيندا آيا جيئن ته مخدوم فتح الله مخدوم عمر، مخدوم عبدالرؤف، درويش زڪريا وغيره (رحمت الله عليهم اجمعين) (تحفة الڪرام جلد 3)

هالن پراڻن وارا هاڻوڪا ڀٽي بزرگ انهن درويشن جي اولاد مان آهن. (مؤلف)

(24) مخدوم عربي ديانه (عليہ الرحمة)

مخدوم عربي ديانه رحه انهيءَ پير آسات (عليہ الرحمة) جو سڳو ڀاءُ هو، جنهن جو مقبرو مڪلي ٽڪريءَ تي مشهور آهي. مخدوم عربي رحه هالن ۾ رهندو هو ۽ قرآن شريف جو حافظ هو هڪڙيئي هنڌ قرآن شريف جا هڪ سؤ چاليهه ختما پورا ڪري سگهندو هو. قرآن شريف اهڙي مٺي آواز سان پڙهندو هو جو اڏامندڙ پکي ويهي رهندا هئا ۽ وهندڙ پاڻيءَ جو وهڪرو بيهي رهندو هو.

مخدوم عربي هڪڙي ڀيري مسجد ۾ ويٺو هو اوچتو ئي اوچتو سندس ٻانهن سمنڊ جي پاڻيءَ سان آلي نظر آئي ۽ پاڻيءَ جا ڦڙا پي ان مان ٽميا. حال محرم نوڪر، جو وٽس حاضر هو، تنهن زور رکي عرض ڪيس، ته ”ويٺي ويٺي اوهان جي ٻانهن پاڻيءَ ۾ ڪيئن پسي آهي؟“ پاڻ فرمايائين ته ”منهنجو پٽ بايزيد حج ڪرڻ ويو آهي. اهو جنهن ٻيڙيءَ ۾ چڙهيل آهي، سا ٻيڙي سمنڊ ۾ ٻڏڻ لڳي. ٻيڙيءَ ۾ جيڪا جماعت چڙهيل هئي، تنهن منهنجي پٽ کي ستايو ته ڪا دعا ڪري جيئن ٻيڙي سلامت رهي. اهي پڪارون ٻڌي مون سمنڊ ۾ هٿ وجهي ٻيڙي ٻاهر ڪڍي آهي تنهن ڪري ٻانهن آلي ٿي اٿم“. ٿورن ڏينهن کان پوءِ اهي حاجي سلامت هالن ۾ آيا ۽ مخدوم عربي رحه جي اڳيان اچي نذرانا رکيائون ۽ قبول ڪيائون، ته هڪڙو هٿ غيب کان پيدا ٿيو، جنهن ٻيڙي اچي ڪڍي.

مخدوم عربي رحه هجري سنه 980 ۾ وفات ڪئي. سندس تربت هالن ۾ آهي. (تحفة الڪرام جلد 3)

(25) مخدوم نوح (عليہ الرحمة)

مخدوم نوح (عليہ الرحمة) ڄام ننده سمي جي صاحبيءَ وقت هجري سنه 911 ۾ تولد ٿيو هو ۽ ارغون گهراڻي جي حڪومت وارو سارو زمانو ڏٺو هئائين ۽ ترخان گهراڻي جي صاحبيءَ ۾ رحلت ڪيائين.

 مخودم نوح رحه جو اصل نالو مخدوم لطف الله هو، مگر سندس والد مخدوم نعمت الله جو ڳوڙهو قرب هڪڙي ڪامل درويش نوح هوتزاني (عليہ الرحمة) سان هو، تنهن وصيت ڪئي هيس ته ”منهنجي مرڻ کان پوءِ پٽهن جو نالو مٽائي نوح رکج“. انهيءَ وصيت موجب مخدوم نعمت الله رحه نوح هوتزائي رحه جي وفات کان پوءِ پنهنجي پٽ جو نالو مٽائي مخدوم نوح رکيو.

 مخدوم نوح رحه جا وڏا صديقي يعني حضرت ابوبڪر صديق رضه جو اولاد هئا. مخدوم نوح رحه ڄمڻ کان پوءِ ستين ڏينهن بانگ ٻڌڻ بعد فصيح زبان سان ڪلمو پڙهيو هو. ستن ورهين جي عمر ۾ قرآن شريف پڙهي ورتائين. پاڻ فرمايو اٿس ته ”جڏهن آءٌ چوڏهن ورهين جي عمر جو ٿيس، تڏهن حضرت علي المرتضى (رضي الله تعالى عنہ) کان اها ڏات حاصل ٿيم، جا حاصل ٿيڻي هيم.“ (تحفة الڪرام جلد 3)

هڪڙي ڏينهن مخدوم نوح رحه مسجد ۾ مخدوم عربي ديانه رحه وٽ مراقبي ۾ ويٺو هو ۽ مخدوم عربي رحه ڪلام الله شريف پي پڙهيو جيڪو پي ٻڌائين. جڏهن مخدوم عربي اٺاويهين سيپاري تي آيو، تڏهن مخدوم نوح پنهنجو ظاهري جسم اتي ڇڏي عالم بالا جي سير تي ويو. اڃا مخدوم عربي رحه رهيل سيپارا پورائي نه ڪيا، ته مخدوم نوح رحه عالم بالا جو سير ڪري واپس آيو. (تحفة الڪرام جلد)

فقير بهاءُ الدين گودڙيو رحه چوي ٿو ته هڪڙي ڏينهن آءٌ ۽ مخدوم  نوح رحه ٺٽي ۾ سيد جلال ولد سيد علي شيرازي رحه وٽ مهمان هئاسون، اتي مخدوم نوح رحه فرمايو ته ”حضرت ابوبڪر رضه ۽ حضرت علي رضه اچي لنگهيا. حضرت علي رضه تڪڙو هلي آيو ۽ فرمايائين ”اٿ، توکي حضرت محمد ڪريم (عليہ الصلواة والسلام) جن سڏايو آهي“ ۽ حضرت ابابڪر رضه هوريان هوريان پي آيو. جڏهن آءٌ حڪم موجب اٿي هليس، تڏهن ڄڻڪ لڪيءَ جي جبلن تي پي چڙهيس. جڏهن حضرت محمدﷺ جن جي مجلس ۾ پهتس، تڏهن ڏٺم ته حضرت عيسى (عليہ السلام) ات ويٺو آهي ۽ اوچتو هڪڙي لکيل تختي منهنجي هٿ ۾ اچي ملي. حضرت عيسى کان ان تختيءَ وارو لکيل سبق ورتم ٿي جڏهن ڪنڌ مٿي کنيم، تڏهن منهنجي نظر حضرت رسول ڪريم ﷺ جن تي پيئي تڏهن گوڏا ڦيرائي حضرت ﷺ جن ڏي منهن ڪيم ۽ نئين سر کانئن سبق وٺڻ شروع ڪيم. اتي حضرت ابابڪر رضه آيو ۽ حضرت جن ﷺ کي فرمايائين، ته ”هيءُ منهنجو اولاد آهي“ (تحفة الڪرام)

هڪڙي ڀيري مخدوم نوح رحه ٺٽي ۾ ويو. اتي جي عالمن کي معلوم ٿيو ته مخدوم نوح آهي به اڻ پڙهيل تنهن هوندي به قرآن شريف جي آيتن جون معنائون ۽ مطلب ماڻهن کي سمجهائيندو وتي. اهو خيال ڪري ڪي عالم مخدوم صاحب رحه وٽ آيا، ته ان بزرگ مسجد ۾ قرآن شريف جي هڪڙي آيت جي معنى پي بيان ڪئي. مخدوم صاحب ان هڪڙيءَ آيت جون اسي معنائون ڪيون، جيڪي ٻڌي اهي عالم حيران ٿي ويا ۽ وري ڪا به چؤپچو نه ڪيائون. (تحفة الڪرام)

مخدوم نوح رحه جا هزارين مريد هئا ۽ اڄ تائين به سندس خاندان جا مريد هزارن جي تعداد کان ٻاهر آهن. مخدوم نوح (عليہ الرحمة) هجري سنه 998 ۾ رحلت ڪئي. سندس خانقاه نون هالن ۾ آهي، جتي سال بسال وڏو ميلو لڳندو آهي.

(26) سيد عبدالڪريم عرف شاهه ڪريم (عليہ الرحمة)

 سيد عبدالڪريم (عليہ الرحمة) مرزا شاهه حسن جي حڪومت وقت هجري سنه 944 ۾ مٽيارين شهر ۾ ڄائو هو. ارغون گهراڻي، ترخان گهراڻي ۽ دهلي جي چئن پنجن نوابن جو زمانو ڏٺو هئائين.

سيد عبدالڪريم رحه جا وڏا هرات کان سنڌ ۾ آيا هئا ۽ اول هالن ۾، پوءِ مٽيارين ۾ ۽ پڇاڙيءَ جو وري ڳوٺ بلڙيءَ ۾ اچي رهيا، جتي شاهه ڪريم رحه جو قبو آهي.

سيد عبدالڪريم (رحمت الله عليہ) حضرت امام موسى ڪاظم (رضي الله تعالى عنہ) جي اولاد مان ننڍي هوندي کان ئي عبادت ۽ رياضت ۾ گذاريندو هو. مڪتب ۾ ڪا به تعليم نه ورتي هئائين ته به اعلى درجي جو روشندل شاعر هو. قاضي قاضن رحه کان پوءِ جيڪو سنڌي ڪلام هٿ اچي سگهيو آهي سو شام ڪريم رحه جو ڪلام ئي آهي. آڌيءَ رات جو مسجد ۾ وظيفا پڙهندو هو فجر نماز جي بانگ هميشه پاڻ ڏيندو هو. فجر نماز کان پوءِ ”اشراق“ نماز پڙهي پوءِ مسجد مان نڪرندو هو.  جوڙو ڍڳن جو اڳيان ۽ هر ڪلهي تي کڻي وڃي ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندو هو. جيڪڏهن ضرورت هوندي هئي، ته گهر ۾ ضروري ڪم ڪار رڌڻ پچائڻ جا پورا ڪرائي مسافرن ۽ مهمانن کي کارائي پياري پوءِ ٻنيءَ تي ويندو هو، جيڪي پرديسي فقير وٽس اچي گڏ ٿيندا هئا، تن جي لاءِ فقر به پاڻ؟ شهر مان ڪندو هو. جيڪي ڍڳا ٻنيءَ ۾ آڻيندو هو تن جي کاڌي پيتي جي سنڀال تمام چڱيءَ طرح ڪندو هو.

جڏهن پنهنجي ڳوٺ کان راهوٽ يا ٺٽي ڏي ويندو هو،تڏهن واٽ تي هر هڪ ڳوٺ جي مسجد ۾ پاڻيءَ ۽ چيڪي مٽيءَ جي ڀترن تي نظر ڪندو هو جيڪڏهن پاڻي نه هوندو هو ته اهو مسجد ۾ موجود ڪري ڀتر (استنجا لاءِ) مسجد ۾ گڏ ڪري پوءِ اڳتي هلندو هو.

ٺٽي ۾ وڃڻ وقت پهريائين مڪليءَ جي هر هڪ مقبري جي زيارت ڪندو هو، پير پٺي رحه جي زيارت به ضرور ڪندو هو ۽ ٺٽي شهر جي هر هڪ مسجد ۾ پاڻي ۽ ڀترن جي موجودگيءَ تي نظر ڪندو هو. پنهنجن همعصر درويشن سان هليو وڃيو ملاقاتون ڪندو هو ۽ انهن جي صحبت مان فيض پرائيندو هو. مخدوم نوح عليہ الرحمة، مخدوم آدم سميج رحه ۽ سيد محمد يوسف بکري رحه جي صحبت مان خاص طرح فائدا ورتائين. سنڌ ڪڇ ۽ گجرات ۾ اهڙو ڪو به سندس همعصر درويش نه هو، جنهن سان شاهه عبدالڪريم (عليہ الرحمة) ملاقات ۽ صحبت نه وڃي ڪئي هجي. ضروري وقتن تي ڪرامت جهڙا ڪم به ڏيکاريندو هو. هزارين سندس مريد اچي ٿيا ۽ اڄ به سندس درگاهه جي مريدن جو تعداد هزارن کان ٻاهر آهي.

شاهه صاحب هجري سنه 1030 ۾ پنهنجي ڳوٺ بلڙيءَ ۾ رضا ڪئي. ان وقت سنديس عمر مبارڪ ڇهاسي ورهيه هئي. (تحفة الڪرام جلد 3)

شاهه صاحب جو عاليشان قبو بلڙي شهر ۾ آهي، جتي سال بسال وڏو ميلو لڳندو آهي.

شاهه ڪريم رحه کي ننڍي هوندي شادي ڪرائي هئائون. وڏي هوندي فرمائيندو هو، ته خدا جي طالبو لاءِ شادي وڏو اٽڪاءُ آهي، کيس اٺ پٽ ۽ ٽي نياڻيون هيون. سندس پٽن ۽ انهن جي اولاد ۾ به وڏا وڏا ڪامل درويش پيدا ٿيا جهڙوڪ سيد عبدالرحيم (فرزند) سيد مبشر (فرزند)، سيد شاهه لطيف ڀٽائي (سندس پڙپوٽو) ۽ ٻيا (رحمت الله عليهم اجمعين) سندس ڪيترا مريد ۽ خليفا به وڏا ڪرامت جا صاحب بزرگ ٿي گذريا آهن جهڙوڪ بهاءُ الدين گودڙيو، مخدوم ابراهيم (مخدوم نوح جو فرزند)، فقير ابوبڪر سونڊائي ۽ ٻيا (عليم الرحمة). (رساله ڪريمي-مرزا صاحب)

(27) شاهه خير الدين (عليہ الرحمة)

سيد خير الدين عرف شاهه خير الدين (عليہ الرحمة) سيد احمد رحه جو فرزند ۽ حضرت عبدالقادر جيلاني (عليہ الرحمة) جي پنجين پيڙهيءَ ۾ هو. اصل بغداد شريف جو ويٺل هو. ۽ هجري سنه 911 ۾ ڄائو هو:  يعني انهيءَ ساڳئي سال ۾ ڄائو هو، جنهن سال ۾ سنڌ ۾ حضرت مخدوم نوح (عليہ الرحمة) تولد ٿيو هو. هي بزرگ سمجهه لائق ٿيڻ کان پوءِ بغداد مان مڪي شريف ۾ آيو ۽ اتي چوڏهن ورهيه رهي علم حاصل ڪيائين. تنهن کان پوءِ داڻي پاڻيءَ جي ڪشش سنڌ ۾ آڻي ڪڍيس. پهريائين هالن ۾ مخدوم نوح (عليہ الرحمة) جي صحبت ۾ اچي رهيو ۽ گهڻو فيض حاصل ڪيائين. تنهن کان پوءِ سکر  ۾ اچي هڪڙي ٽڪريءَ تي عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول ٿيو، جتي ڪيترائي ماڻهو اچي سندس مريد ٿيا. سيد مير معصوم شاهه رحه جو پوٽو سيد مير زڪريا رحه به سندس خاص معتقد ۽ مريد هو.

شاهه خير الدين رحه هڪ دفعي پنهنجي فرزند کي ذڪر جي اهڙي زبردست تلقين ڪئي جو هو برداشت ڪري نه سگهيو ۽ ساهه سپرين جي حوالي ٿي ويس، جنهن ڪري شاهه خير الدين رحه هميشه افسوس ڪندو هو ۽ فرمائيندو هو، ته اصلي تلقين وٺڻ جي طاقت ڪنهن به طالب ۾ نه آهي.

شاهه خير الدين جي خليفن مان سيد نصير الدين متعلوي مشهور آهي، جنهن شاهه صاحب جي وفات کان پوءِ مخدوم نوح رحه جي خليفي درويش يحيى رحه رانٽيه جي صحبت ۾ رهي گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو.

حضرت مخدوم نوح رحه جو مريد درويش حسين رحه ڳالهه ٿو ڪري، ته هڪ دفعي وجد جي حالت ۾ شاهه خير الدين رحه فرمايو، ته ”مخدوم نوح جا سنگتي قيامت جي ڏينهن حضرت خاتون جنت رضه جي فرزندن حضرات (حسنين رضه) جا پاڙيسري رهندا.“

شاهه خير الدين رحه آخري عمر ۾ ٽڪري ڇڏي سکر شهر ۾ اچي رهيو. ترخان خاندان جي مغلن پنهنجون جايون شاهه صاحب کي رهڻ لاءِ بخش ڪيون هيون. جتي هينئر سندن قبو آهي اتي سندن رهڻ جي جاءِ هئي. شاهه صاحب ارغون گهراڻي، ترخان گهراڻي ۽ دهلي جي ڪن نوابن جي حڪومت سنڌ ۾ ڏٺي هئي. تاريخ 27 رمضان هجري سنه 1027 ۾ (شاهه ڪريم رحه کان ٽي ورهيه اڳ) رحلت ڪيائون.

اخبار الوحيد جو سنڌ آزاد نمبر)


(1)  هي ڳوٺ دادو تعلقي ۾ آهي، هينئر ان کي ”باغ واهڻ“ سڏيندا آهن، هن ڳوٺ ۾ اصلوڪين عمارتن جا ڦٽل نشان اڃا تائين موجود آهن. (مؤلف)

(1)  هي ڳوٺ درٻيلي جي نالي سان اڃا ڪنڊيارو تعلقي ۾ موجود آهي. (مؤلف)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31  32 33 34

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org