سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب؛ 8

صفحو :28

بصري وارن کي جڏهن ان شڪست جي خبر پئي ته سڄي شهر ۾ هل مچي ويو ۽ سڀني ارادو ڪيو ته شهر ڇڏي ڪيڏانهن ڀڄي وڃن. بصري جي والي واثقي کي جڏهن شهر وارن جو اهو ارادو معلوم ٿيو ته هنن سڀني کي سمجهائي جهليو ۽ چيو توهان کي ڊڄڻ نه گهرجي. ابو سعيد جي ايتري مجال ناهي جو بصري ڏانهن ارادو ڪري سگهي. قرامطين جي ڌاڪ هاڻي ايتري قدر ويهي رهي هئي جو مٿاڇري نظر سان بصري جو بچڻ ڏاڍو ڏکيو هو، پر معتضد پاران هڪ غلام جنهن جو نالو بدر هو، قرامطين جي مقابلي لاءِ موڪليو. بدر ويندي ئي قرامطين تي اهڙو سخت حملو ڪيو جو هڪ ئي حملي ۾ سڀئي قرامطي ڇڙوڇڙ ٿي ويا ۽ ابو سعيد جنابي جي سڄي ڪاميابي ڌوڙ ۾ ملي ويئي. بدر قرامطين تي ايترو ڪڙهيو ويٺو هو جو عام طرح هر قرامطي کي مارن جو گهورو هو. پر جڏهن اهو ڏٺائين ته بحرين ۽ عراق جي ڪنارن جون سڀئي واهڻ وستيون ان مذهب کي مڃي چڪيون آهن هن پنهنجو هٿ قتل کان جهلي ورتو ته جيڪڏهن سڀئي قرامطي پاڙه کان پٽجي ويا ته ملڪ ۾ ڪوڪڙو ڪو لڳي پئي هوندي نه ٻني ٻارو ڪندڙ هوندا ۽ نه زميندار. تڏهن به بدر قرامطين جي ڪنهن آفيسر کي جيئرو نه ڇڏيو. انهي زماني جي لڳ ڀڳ عراق جي سواد علائقي ۾ ذڪرويه بن مهرويه نالي هڪ نئون قرامطين جو باني ساماڻو ۽ عوام ۾ القائم بالحق پنهنجو لقب مشهور ڪيائين ۽ هر پاسي ماڻهن کي پنهنجي دام ۾ ڦاسائڻ لڳو، جنهن جو نتيجو هي ٿيو جو ڪوفي جي ڀرپاسي ۾ وري فساد مچي ويو، ڪوفي جي والي احمد بن محمد طائي تائين جڏهن خبر پهتي ته گهڻي فوج وٺي حملو ڪيائين. قرامطين کي اڳئين شڪستن ايتري قدر هيڻو ۽ ڊڄڻو ڪري ڇڏيو هو جو لڙائي لڳندي ئي کين سخت شڪست ٿي. سڀ تڙ پکڙ ٿيا، خود ذڪرويه ڀڄي وڃي عربن جي ٿرن ۾ رهيو. هاڻي ان جي هي حالت ٿي جو برابر عرب جي قبيلن وٽ ويندو هو ۽ پناهه گهرڻ سان گڏ هنن کي پاڻ ڏانهن دعوت ڏيندو هو پر ان جو اهو رڻن ۾ رلڻ بلڪل بيڪار ثابت ٿيو. ڪنهن به سام جهلڻ جي دل نه جهلي، هاڻي ذڪرويه بن مهرويه پنهنجي ڪارروائي جو ڍنگ بدلايو هڪ رڻ پٽ جي صحرا ۾ هڪ تهخانو کوٽي ٺاهيو جنهن ۾ لوهه جو دروازو هنيو، جيڪو ٻاهر کان بلڪل تندور جهڙو نظر ايندو هو، جڏهن ماڻهن ان ڏانهن ڇڪ ڪندا هئا ته هو ڪنهن عورت کي ويهاري ڇڏيندو جيڪا ان تندور ۾ ٽانڊو ٻاري ڇڏيندي هئي ۽ پاڻ چانئٺ تي ويهي رهندي ۽ ماڻهن کي ڪڏهن گمان به نه ٿيندو هو تن ٻرندڙ تندور ۾ ڪو رهي سگهي ٿو، خود ذڪرويه تارڪ دنيا ڪنهن ڪشالو ڪڍندڙ وانگر ان تهخاني ۾ ويٺو رهيو ۽ پنهنجي ٽنهي پٽن يحيٰ، حين ۽ علي کي سامهون گهرائي هدايت ڪئي ته توهان قبيلي ڪعب بن ديره ۾ وڇي پنهنجو پاڻ کي امام اسماعيل جعفر صادق جي نسل مان ظاهر ڪريو ۽ انهن ماڻهن ۾ پناهه وٺي کين پاڻ ڏانهن دعوت ڏيو، اهي ٽيئي پٽ پيءُ کان ڌار ٿي ڪعب قبيلي ۾ پهچي ويا پر اميد خلاف ناڪام وريا. ۽ ڪنهن قبيلي ۾ کين پناهه نٿي ملي، نيٺ ڦرندي ڦرندي هو بني قليص بن ضمضم قبيلي ۾ آيا ان قبيلي پناهه ڏني ۽ ان جي نسبي دعويٰ کي مڃيائون. سڀني 289 هه ۾ سرزمين سماهه ۾ يحيٰ جي هٿ تي بيعت ڪئي ۽ کيس يحيٰ بن عبدالله بن محمد بن اسماعيل مڃي ورتو. جيتوڻيڪ ماڻهن کي خبر هئي ته محمد بن اسماعيل جو ڪو پٽ عبدالله نالي هو ئي ڪونه پر يحيٰ جي دعويٰ کي سڀني اکيون ٻوٽي تسليم ڪيو، يحيٰ موقعو تاڙي پنهنجي ڪنيت ابوالقاسم رکي ۽ پنهنجو پاڻ کي تمام معتقدن ۾ شيخ جي لقب سان مشهور ڪيو.

ٿورن ڏينهن جي تجربي کانپوءِ جڏهن يحيٰ کي تسلي ٿي ته ماڻهن تي سندس اثر چڱو ويهي رهيو آهي ته هن پنهنجو پهريون نالو تبديل ڪيو ۽ سڀني کي چيو مون پنهنجو اصلي نالو ڪنهن ضرورت ڪري مخفي رکيو هو اصل ۾ آءٌ محمد بن عبدالله آهيان اها تبديلي ان ضرورت ڪري ڪئي ويئي جو عام ماڻهن جي اعتقاد ۾ هو ته امام موعود جو نالو محمد بن عبدالله هوندو. يحيٰ اهو نالو پنهنجي لاءِ خاص ڪري ڪوشش ڪئي ته پاڻ ئي امام آخر الزمان ٿي وڃي ان نالي جي بدلڻ سان گڏ ئي ان صاف ظاهر ڪيو ته آءٌ ئي امام منتظر آهيان، جنهن اٺ تي سوار ٿي آءٌ نڪرندس اهو ڪٿي بيٺو آهي ۽ جيڪو منهنجي مدد ڪندو ۽ فرمانبرداري ڪندو يقيناً سوڀارو ۽ ڪامياب هوندو.

اهڙي نموني ماڻهن ۾ جوش پيدا ڪري هو ڀرپاسي ۾ ڦرلٽ ڪر لڳو، يحيٰ بن ذڪرويه جو ڌڙو جڏهن وڌيو ۽ هر هنڌ قبيلن تي تباهي ۽ بربادي جي آفت ٽٽي ته ماڻهن ۾ ان جي خبر پهتي ايستائين جو عباسي حڪومت جا ڪارندن تائين خبر پهتي ته قرامطين جو هڪ ڌڙو وري گڏ ٿيو آهي ۽ انومان آهي ته اهي ماڻهو وري نئين سر ڦٽن ٿا، معتضد باالله عباسي جو غلام شبل فوج وٺي وڌيو ته انهن کي ٽڙ پکڙ ڪري. قرامطين پوري جوش جذبي سان مقابلو ڪري شبل کي شڪست ڏيئي ڇڏي. تڏهن محمد بن احمد طائي حملو ڪيو ۽ قرامطين کي پوري شڪست ڏني، ان شڪست م محمد قطائي قرامطين جي هڪ چڱي مڙس ابوالفوارس کي گرفتار ڪري دارالخلافت موڪليو، معتضد ابوالفراس کي پنهنجي سامهون گهرايو ۽ چيو ”آءٌ ٻڌان پيو ته توهان ماڻهو چئو ٿا ته الله جل شانه جو روح ۽ پڻ ان جي پيغمبرن جا روح توهان جي جسمن ۾ واسو ڪري توهان کي غلطين کان بچائن ٿا ۽ نيڪ ڪم جي توفيق ڏين ٿا. ڇا اهو صحيح آهي” ابوالفوارس چيو توهان کي ان سان ڪهڙو مطلب جيڪڏهن نبين جا روح اسان جي جسمن ۾ واسو ڪن ٿا ته توهان جو ڪو فائطو ناهي ۽ جيڪڏهن شيطان جو روح واسو ڪن ٿا ته ڪو نقصان ڪونهي. پوءِ ان جي پڇڻ مان فائدو؟ پڇڻو آهي ته اها ڳالهه پڇ جيڪا تنهنجي مطلب جي هجي“ معتضد چيو اهو منهنجي مطلب جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ ابوالفوارس هل ٻڌ ”رسول الله ﷺ جڏهن لاڏاڻو ڪيو توهان جو پيءُ عباس موجود هو، نه انهيءَ خلافت گهري ۽ نه ڪنهن ڏني هڪ ماڻهو به سندس هٿ تي بيعت نه ڪئي، پوءِ جڏهن ابوبڪر رضه آخرت جو سفر ڪيو ته عمر رضه جي لاءِ وصيت ڪيائين حالانڪه خبر هيس ته عباس رسول الله ﷺ جو چاچو آهي ۽ زنده موجود آهي اهو به ٿي چڪو هاڻي عمر رضه جي وفات جو زمانو آيو انهي ڪنهن جي حق ۾ وصيت نه ڪئي. عمر رضه خلافت کي اصحابن جي مشوري تي ڇڏي وڏيو، عباس جي لاءِ وصيت نه ڪرڻ ڇا کيس اصحاب حل و عقد ۾ به شامل نه ڪيو. جڏهن عباس هر موقعي تي خلافت جي لائق نه مڃيو ويو ته توهان ڪهڙي نڪ سان ۽ ڪهڙي حق سان خلافت جا دعويدار آهيو. ظاهر آهي ته عباس جي نه مستحق ٿيڻ تي لڳ ڀڳ سڀئي صحابين جو اجماع ٿي ويو“ معتضد تقرير جو ڪوبه جواب نه ڏنو پر ائين چوڻ گهرجي ته نه ڏيئي سگهيو پر هن حڪم ڏنو ته هن همراهه جون هڏيون ڀڃي ۽ هٿ پير ڳترا ڳترا ڪري ماريو وڃي. آخر ان قرامطي شخص کي ڳڀا ڳڀا ڪيو ويو. جيتوڻيڪ قرامطين کي سواد ۾ بري شڪست ملي پر سندن طاقت بلڪل نه ٽٽي هئي.

ان شڪست کان پوءِ ئي يحيٰ وري پنهنجي ڪاميابين جي تدبيرن ۾ لڳي ويو. هاڻي ان پنهنجي حملن جو نشانو دمشق کي بنايو، ڇاڪاڻ ته گذريل شڪست سان کيس ان ڳالهه جو پورو يقين ٿي ويو هو ته عراق جي سواد علائقي ۽ ڪوفي تي هاڻي ڪاميابي جي اميد ناهي. دمشق تي تن ڏينهن ۾ مصر جي حاڪم ابن طولون جو غلام طغج حڪمران هو. ان جڏهن قرامطين جو اهو جوش جذبو ڏٺو ته دل ۾ ڏاڍو خوفزده ٿيو ۽ مصر کان مدد طلب ڪئي، ان مدد جي اچڻ تي طغج قرامطين سان مقابلو شروع ڪيو. مختلف لڙايو ٿيون ۽ نيٺ قرامطين کي پوري شڪست ملي. خود يحيٰ جيڪو امام موعود ٿيو ويٺو هو ماريو ويو ۽ سندس مريد هنڌين ماڳين پکڙجي ويا، فرارين مان جيڪي ماڻهو هلندي پڄندي وارا هئا انهن پاڻ ۾ گڏجي يحيٰ جي ڀاءُ حسين کي پنهنجو پيشوا بنايو، ان پنهنجو لقب احمد مقرر ڪيو ابو العباس ڪنيت ڪئي ۽ بياباني عربن کي وري پاڻ ڏانهن دعوت ڏيڻ لڳو. ڪيترائي قبيلا ۽ گروهه انهن جي ڀر ۾ گڏ ٿي ويا ۽ يحيٰ کان وڌيڪ رعب ۽ دٻدٻو کيس حاصل ٿي ويو. تڏهن هن پنهنجي چهري جو هڪ داڳ ڏيکاري چيو هي حق جي نشاني آهي جيڪا خدا جي پاران مون کي ملي آهي انهيءَ وقت کان هي همراهه ”صاحب شام“ (داڳ وارو) مشهور ٿيو.

مطلب صاحب شام پوري طاقت حاصل ڪري قرامطي وهڪري کي وري دمشق ڏانهن ڌڪيو. هاڻي جو دمشق وارن ۾ اها ڌر نه هئي جو پنهنجي حمايت ۽ حفاظت ۾ هٿ پير هڻن نيٺ دمشقين امان گهري ۽ ڏن ڏيڻ جي واعدي تي ٺاهه ٿيو. تڏهن صاحب شام دمشق شهر ڇڏي وڃي حص جي ديوارن تائين پهتو، حمص کي هن هڪدم فتح ڪري ورتو ۽ اتي جي منبرن تي پنهنجي نالي جو خطبو پڙهيو ۽ انهيءَ وقت کان هن پنهنجو نالو ”المهدي امير المومنين“ مقرر ڪيو. ان زماني ۾ صاحب شام جو هڪ ڪاڪائي ڀاءُ ان سان اچي مليو ته ان کي پنهنجو جانشين مقرر ڪيو. ۽ کيس مدثر جو خطاب ڏنائين ۽ چيو هي اهو مدثر آهي جنهن جو ذڪر قرآن پاڪ ۾ آهي. پوءِ پنهنجي غلام کي ”مطوق“ جي خطاب سان نوازيائين ۽ ان جي ذمي اها خدمت سپرد ڪيائين ته گرفتار ٿيل ملسمانن کي قتل ڪندو هو ۽ اهل اسلام کي مارڻ سندس حوالي هو. حمص کان پوءِ ابن شامه شام جي شهر حماهه ۽ معرت النعمان تي حملو ڪيائين انهن شهر ۾ هڪ وڏي خلق کي قتل ڪيو. جنهن ۾ مرد، عورتون ٻار سڀ شامل هئا، پوءِ هن شهر بدلبڪ تي حملو ڪيو ۽ اتي لڳ ڀڳ سڀني رهواسين کي قتل ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ سلميه شهر پهتو، هتي جي ماڻهن پهرين مقابلي جو ارادو ڪيو پر پنهنجي طاقت گهٽ ڏسي نيٺ سڀني اطاعت جي درخواست ڪئي. ابن شام انهن جي درخواست منظور ڪري شهر جا ڦاٽڪ کولرايا ۽ اندر داخل ٿيندي ئي قتل عام جو حڪم ڏنو ۽ قيامت اها جو باوجود پنهنجو پاڻ کي بني فاطمه جو نقيب سڏائيندو هو ۽ پاڻ فاطمي هئڻ جو دعويدار هو هتي قتل عام ۾ بني هاشم کان ئي شروعات ڪئي ويئي. چيو وڃي ٿو ته قرامطين کي سليمه ۾ جڏهن ماڻهو نه مليا ته سندن بنا جهل تلوارن جانورن تي وسڻ لڳيون ۽ ڪيترائي جانور ماريا ويا. انهن جي بي ترس ظالمن مڪتبن ۽ مدرسن ۾ گهڙي معصوم ٻارن کي قتل ڪيو. جڏهن ابن شامه ڏٺو ته سليمه ۾ هاڻي ڪو ساهوارو نظر نٿو اچي ته هن حڪم ڏنو ته ڀرپاسي ۾ جيڪي ڳوٺ هجن انهن ۾ قتل عام ڪيو وڃي.

مشهور آهي ته ابن شامه جي فتني ۾ اڪثر هاشمي زائفون قرمطين جي هٿن ۾ گرفتار ٿي لشڪرين مان حمل سان ٿيون جن جي ٻارن جي نسبت پتو ئي نه پوندو هو ته ڪنهن جي نسل مان آهن.

جڏهن اها حالت ٿي ته شام جي سرزمين تي هر پاسي هائي هائي ٿي ويئي هر ڳوٺ بلڪه هر گهر مان آهه ۽ واويلا جون دانهون بلند ٿيون، اهو پڙاڏو جڏهن دارالخلافت بغداد پهتو تڏهن خليفو المڪتفي باالله اٿي تيار ٿيو ۽ پڪو ارادو ڪيو ته جيتري قدر ٿي سگهيو قرامطين جو ڪم پورو ڪبو. ان پنهنجون فوجون وڌائي قرامطين سان مقابلو ڪيو ۽ کين شڪست ڏني. قرامطين ڀجي وڃي حلب جهليو. المڪتفي ته پهرين شڪست ڏيئي واپس رقه ۾ ويو ۽ مصر جي حاڪم ابن طولون جو غلام بدر فوج وٺي قرامطين ڏانهن روانو ٿيو. ٻي پاسي خود مڪتفي يحيٰ بن سليمان ڪاتب کي روانو ڪيو جنهن سان گڏ بني شيبان جو هڪ وڏو گروهه شامل هو ۽ حسين بن حمدان تغلبي به موجود هو، انهن ماڻهن وڃي 291 هه ۾ قرامطين کي وڏي شڪست ڏني سندن هڪ وڏو گروهه قتل ٿيو، خود صاهب شام پنهنجي خليفي مدثر ۽ غلام مطوق منهن ڍڪي ڪوفي ڏانهن ڀڳا، رحبه جي هنڌ پهتا جو ماڻهن کين سڃاڻي ورتو ۽ اتي جي گورنر کي ٻڌايو. ان هڪدم گرفتار ڪري مڪتفي جي درٻار ۾ موڪلي ڏنا اتي سندس حڪم سان پهرين صاحب شام کي ٻه سؤ ڪوڙا هنيا ويا ۽ ان کان پوءِ ٽيئي تلوار سان ڪٽيا ويا.

هاڻي ذڪرويه جو پٽ علي وڃي رهيو، هو شروعات ۾ يحيٰ جو ساٿي هو پر جڏهن يحيٰ دمشق ۾ مارجي ويو ته هن صاحب شامه جو ساٿ نه ڏنو پر ڀڄي فرات جي ڪناري وارن شهرن ۾ رهيو، هتي به ڪجهه قرامطي هن سان گڏجي ويا ۽ موقعو ڏسي هن طبريه تي چڙهائي ڪئي ۽ طبريه وارن تي ڪو ظلم زبردستي نه ڪئي پوءِ جڏهن حسين بن حمدان قرامطين جي پيڇي ۾ روانو ٿيو ته علي بن ذڪرويه ڀڄي وڃي يمن ۾ پناهه ورتي، اتي به ڪيترائي قرامطين جا داعي ساڻس گڏجي ويا، جن طاقت وٺي هو يمن جي گهڻن شهرن تي قبضو ڄمائي ويو. ٻين آسن پاسن جڏهن سندس ڌاڪ ويهي ويئي ته يمن جي خاص ٺڪاڻي ضعاءِ ڏانهن روانو ٿيو. جڏهن ان جي خبر يمن جي حاڪم ابن يعفر کي پهتي ته ضعا ڇڏي ڀڄي ويو. علي ضعاه ۾ داخل ٿي هر طرح جي زيادتي ۽ رتوڇاڻ اتي جائز ڪئي. ان کان ٿورا  ڏينهن پوءِ هو يمن جي پاسي مري ويو. جنهن زماني ۾ علي بن ذڪرويه يمن تي قبضو ڄمائي رهيو هو، ان زماني ۾ ٻي پاسي خود ذڪرويه جڏهن ڏٺو ته سماه وارن ۾ خاموشي ڇائنجي ويئي آهي ۽ خلافت جي فوجن کان هار کائي انهن بلڪل ماٺ ڪئي آهي ته پنهنجي خاص مريدن مان عبدالله بن سعيد نالي هڪ شخص کي جيڪو ابو غانم جي ڪنيت سان مشهور هو 293 هه ۾ پنهنجو خط ڏيئي ان ڏانهن روانو ڪيو. ان جي خط جو مضمون هي هو ته ” مون کي وحي جي ذريعي معلوم ٿيو آهي ته صاحب شام ۽ ان جو ڀاءُ شيخ يحيٰ ٻئي اچڻ وارا آهن ۽ ٻنهي کان پوءِ خود امام عليه السلام پڌرا ٿيندا جن جي پڌري ٿيندي ئي سڄي دنيا عدل انصاف سان ڀرجي ويندي.“ اهو خط وٺي ابو غانم ڪلب قبيلن ۾ دورو ڪرڻ شروع ڪيو. ڪيترائي ماڻهو سندس آس پاس گڏ ٿي ويا ۽ هن پنهنجي حڪم هيٺ ڪافي طاقت حاصل ڪري شام جي شهرن ڏانهن ڌيان ڏنو اتي جي شهر بصري ۽ ڪجهه زرعي هنڌن کي تباهه ۽ برباد ڪيو ۽ دمشق جي ديوارن هيٺان وڇي رهيو. دمشق جو والي احمد بن ڪيقلع مصر ويل هو، ان جي نائين قرامطين سان مهاڏو اٽڪايو پر ابو غانم جي سوڀ ٿي. مصر جي والي ۽ نائين مان گهڻا قتل ٿيا ۽ قرامطي دمشق تي قبصو ڪري اردن ڏانهن وڌيا، اتي جي گورنر کي قتل ڪري شهر تي قبضو ڪيو ۽ وڃي طبريه کي لٽيو تڏهن خليفي مڪتفي بالله حسين بن حمدان کي روانو ڪيو ته قرامطين جو وري ڪنڌ ڀڃي حسين جي روانگي جي خبر ٻڌندي ئي ابو غانم ڀڄي وڃي. سماه ۾ رهيو. حسين پيڇو ڪندو وڃي سماه تائين پهتو، پر ابو غانم ڀڄندي اها ڪارروائي ڪئي جو سماه جي سرزمين جو سڄو پاڻي ڪنو ڪري ڇڏيو، جنهن ڪارڻ حسين کي واپس عراق اچڻو پيو. هاڻي ذڪرويه جي ٽنهي پٽن جو خاتمو ٿيو ۽ اهي تدبيرون به پڄاڻي تي پهتيون جيڪي ذڪرويه پنهنجي گهر ۾ ويٺي ويٺي عمل ۾ آڻي سگهيو ٿي. لاچار قرامطين جا چڱا مڙس سندس ڀر ۾ گڏ ٿيا ۽ ان کي ان تهخاني مان ڪڍيو، جنهن ۾ هو ويهن سالن کان اڪيلائي ۾ ويٺو هو، قرامطين جا سڀئي داعي ان موقعي تي گڏ هئا، ذڪرويه بن مهدويه پنهنجي صورت ڪنهن کي نه ڏيکاري ۽ احمد بن قاسم کي پنهنجي پاران حڪمران ۽ نائب مقرر ڪيو. ذڪرويه سڀني ماڻهن کي تاڪيدي حڪم ڏنو ته ابن قاسم جي پوري پوري اطاعت ڪن ۽ ڪنهن ڳالهه ۾ ان سان تڪرار نه ڪيو وڃي. اهڙي طرح قرامطين جو هي نئون لشڪر مرتب ٿي هليو. خود ذڪرويه گڏ هو پر اهڙي ٺٺ سان جو ڪنهن کي به پنهنجو منهن نه ڏيکاريندو هو ۽ احمد بن قاسم ان جي پاران سڀ ڪاروهنوار ڪندو هو.

جڏهن اها خبر مڪتفي کي پهتي ته ان سندس مقابلي جي لاءِ فوج رواني ڪئي. سواد عراق جي علائقي ۾ مقابلو ٿيو ۽ خلافت جي فوجن کي هار ملي. قرامطين خلافت جي لشڪر جو سڄو سيڌو سامان لٽي ورتو ۽ قرامطين وري ارادو ڪيو ته جيڪي مسلمان حج جي ارادي سان وڃن ٿا انهن جي رهزني ڪن. واٽ ويندي سڀئي ماڻهو صوان علائقي مان ٿي گذريا ۽ واقعه شهر جو گهيرو ڪيو واقعه جي رهاڪن شهر جا ڦاٽڪ بند ڪري ڇڏيا. تڏهن قرامطين آس پاس جي سڀني کوهن تي قبضو ڪيو جيئن شهر وارن کي پاني نه ملي. مڪتفي کي جڏهن اهو احوال معلوم ٿيو ته هن محمد بن اسحاق بن ڪنداج کي ان سان مقابلي لاءِ روانو ڪيو. پر اهو لشڪر بنا مقصد جي واپس آيو ۽ قرامطين حاجين جي قافلي تي حملو ڪري گهڻن کي قتل ڪيو ۽ واپارين جو مال وغيره لٽيو، پوءِ بني طوطون جو مال جنهن کي ماڻهو مصر کان مڪي شريف وٺي ويندا هئا قرامطين جي هٿ چڙهي ويو. ان کان پوءِ حمص شهر ويجهو باقي رهيل حاجين کي قرامطين وڃي گهيريو. هتان کان مڪتفي ٻيو جٿو روانو ڪيو جنهن جو وصف بن سوار تڪير سردار هو ۽ ڪيترائي نامي گرامي بالا عملدار موجود هئا. اها فوج افغان رستي کان رواني ٿي ۽ حمص ويجهو قرامطين سان منهان منهن ٿي. قرامطين به وڏي بهادري سان مقابلو ڪيو، پورا ٻه ڏينهن جنگ جيئن جو تيئن هلي، ٻي ڏينهن قرامطين کي شڪست ملي ۽ اهڙي بري شڪست جو خود ذڪرويه جي مٿي تي چوٽ آئي جنهن جي ڌڪ سان هو عش ٿي ڪري پيو ۽ جلدي گرفتار ڪيو ويو. ان سان گڏ سندس خليفو احمد بن قاسم پنهنجي پٽ ڪاتب سان گڏ ۽ بي بي سوڌو گرفتار ٿيو. گرفتاري جي پنجين ڏينهن ذڪرويه مري ويو ان جو لاش بغداد ۾ آڻي ڦاهيءَ تي ٽنگڻ واري کي ڏنو ويو ۽ سسي وڍي خراسان موڪلي ويئي، تان جو انهن حاجين جي واسطيدارن کي خوشي ٿئي، جيڪي ڦري ماريا ويا هئا.

ذڪرويه جا باقي رهيل ساٿي ڀڄي شام پهتا، اتي حسين بن حمدان موجود هو ان قرامطين جو قتل شروع ڪيو مطلب شام ۽ عراق نهي هنڌن ڳولهي قرامطين جي پاڙه پٽڻ شروع ٿي ۽ ان طريقي سان 394 هه ۾ (1) قرامطين جو خاتمو ڪيو ويو

هن دفعي خلافت جي فوجين قرامطين کي قتل ڪري انهن جي ايتري قدر بي عزتي ڪئي ۽ بغاوت پسند عرب جي قبيلن مان انهن جو اثر ايترو مٽايو جوابن ذڪرويه ۽ ان جي واسطيدارن جي گرفتاري کان پوءِ ان جا ٻه تابعدار ۽ سيڻ بدوي عربن ۾ ويا انهن مان هڪ نالو جداد ۽ ٻي منتقم ٻڌايو. پويون همراهه ذڪرويه جو سالو هو، انهن ٻنهي بدوين کي پنهنجي مد ۽ ابن ذڪرويه جي خون جو بدلو وٺڻ لاءِ دعوت ڏني پر بدوين ۾ خلافت جي فوج جي ايتري درجي ڌاڪ ويٺل هئي جو انهن بجاءِ ان جي جو جداد ۽ منتقم کي پناهه ڏين الٽو کين گرفتار ڪرڻ تي تيار ٿيا. پر بحرين ۽ آس پاس  اڃان تائين قرامطين جو اثر باقي هو جتي ابو سعيد جنابي ان مذهب جي پٺڀرائي ڪري رهيو هو.

299 هه ۾ هڪ جمعي جو ڪجهه قرامطي بصري شهر جي ڦاٽڪ تي اچي ويا. ماڻهو نماز ۾ مصروف هئا، ڦاتڪ تي جيڪي همراهه پهرو ڏيئي رهيا هئا انهن کي ڪجهه شڪ ٿيو انهن مان ٻه نڪري ٻاهر ويا ته هڪ کي قرامطين قتل ڪري وڌو. هڪدم شهر ۾ هل ٿي ويو ته قرامطي اچي ويا. بصري جو حاڪم محمد بن اسحاق بن ڪنداجيق مقابلي لاءِ ويو ته ڪنهن جو پتو نه پيو. سڀ ماڻهو انهن جي پيڇي  ۾ روانا ٿيا ۽ ٿورو پري وڃي کين جهليائون. ڪل ٽيهه ماڻهو هئا جن مان ڪجهه قتل ڪيا ويا ۽ ڪجهه ڀڄي ويا. ان کان پوءِ محمد بن اسحاق واپس آيو ۽ بصري جا ڦاٽڪ بند ڪرائي ڇڏيا. ڇو ته سڀني جو خيال هو ته اهي ٽيهه ماڻهو انهن جي پهرئين جٿي مان هوندا پورو لشڪر پويان هوندو ۽ گڏ ئي بغداد ۾ اطلاع ڪري مدد گهري ويئي. پر پوءِ پتو پيو ته قرامطين جو ڪٿي ڏس ڪونهي ۽ مدد طلب ڪرڻ تي شهر جي حاڪم کي شرمساري ٿي. مقتدر باالله عباسي خليفي جڏهن ڏٺو ته قرامطين جو فتنو ڪنهن نموني بند ٿيڻ جهڙو ناهي ته ڪجهه قاصد ابو سعيد جنابي ڏانهن خط ڏيئي روانا ڪيا جنهن ۾ ڏاڍا نرمي وارا الفاظ استعمال ڪيا ۽ خواهش ڪئي ته جيڪي مسلمان تنهنجي قيد ۾ هجن انهن کي ڇڏي ڏي ۽ جن عقيدي جي مسئلن ۾ توکي اختلاف آهي انهن ۾ مون سان اچي مناظرو ڪريو. پر اهي قاصد بغداد کان روانا ٿي بصري تائين پهتا هوندا ته خبر آئي ته ابو سعيد جنابي جي زندگي جو ڏيئو ئي وسامي ويو. ان جي موت جو اهوڪارڻ ٿيو جو ان وٽ سلي (صقليه) جو هڪ نوڪر هو ان کي خدا ڄاڻي پنهنجي ڌڻي سان ڇو وير ٿي ويو جو هڪ ڏينهن (301 هه ۾) جڏهن جنابي حمام ۾ اڪيلو غسل ڪري رهيو هو ان صقلي نوڪر اندر گهڙي کيس قتل ڪري وڌو. پوءِ ٻاهر نڪري هڪ ٻي وڏي معزز ۽ هلندي پڄندي واري قرمطي صاحب کي چيائين منهنجي سائين اوهان کي حمام ۾ سڏايو آهي جيئن ئي حمام ۾ ويو ان جو ڪم به پورو ڪيائين، پوءِ هڪ ٻي معزز قرمطي کي گهرائي قتل ڪيائين. ائين هن لڳاتار قرامطين جي چئن رئيسن کي گهرائي قتل ڪيو ۽ جڏهن پنجين کي گهرايائين ته شڪجي پيو ان حمام جي دروازي تي پهچندي ئي ان خادم جو هٿ پڪڙيو ۽ گهوڙا گهوڙا ڪئي. ماڻهو گوڙ ٻڌندي ئي ڀڳا ۽ پل ۾ مشهوري ٿي ويئي ته جنابي ۽ ان جا چار ساٿي صقلي خادم هٿان مارجي ويا. اهو خادم ان ڏوهه جي جرم ۾ هڪدم قتل ڪيو ويو ۽ جنابي جي جانشيني جو مسئلو طئي ٿيڻ لڳو. ابو سعيد زندگي ۾ ئي پنهنجي وڏي پٽ سعيد کي پنهنجو جانشين مقرر ڪري ڇڏيو هو پر ان ۾ پيءُ جهڙي اولوالعزمي نه هئي، پنهنجي گروهه جي سربراهي ڪري نه سگهيو، تڏهن ماڻهن ان جي ننڍي پت ابو طاهر سلمان کي پنهنجو حاڪم بڻايو جيڪو بهادر ۽ مدبر ۽ وڏي دٻدٻي وارو هو. احاءَ، قطيف، طائف ۽ بحرين جا سڀئي شهر ان جي قبضي ۾ اچي ويا.

ان کان پوءِ ڏهه يارهن سالن تائين قرامطين ۾ اهڙي ماٺ رهي جو ماڻهن جي دلين مان انهن جو کٽڪو ويو هليو. ۽ بلڪل غافل ٿي ويا پر جنابي جو حوصلي مند پٽ ابو طاهر خاموش ويهڻ وارو پٽ نه هو. 311 هه ۾ ريبع الثاني جي هڪ رات سترهن سؤ قرامطي هڪ اوچتي آفت وانگر اچي بصري تي ڪڙڪيا. ڏاس ۽ جٽ جون وٽيل چاڙهيون ساڻس گڏ هيون جن کي شهر پناهه تي لٽڪائي اڇلائي هڪدم چڙهي ويا. ۽ اندر گهڙي درٻارين کي قتل ڪيو ۽ ڦاٽڪ کولي ڇڏيو ۽ شهر ۾ قتل عام شروع ڪرايو. سبڪ مفلحي بصري جو بادشاهه سڄي رات کونگهرا هڻندو رهيو. صبح جو اک کوليائين ته خبر پيس رات قرامطي شهر ۾ گهڙي آيا آهن. هڪدم سوار ٿي مقابلي لاءِ ويو پر ويندي ئي مارجي ويو. هاڻي قرامطي شهر وارن کي بنا جهل ۽ فرق جي قتل رڪڻ لڳا، بصري وارن کان جڏهن ٻي ڪا ڳالهه نه پهتي ته ڀڄي هڪ هنڌ ڪٺا ٿيا ۽ مقابلو شروع ڪيائون. جيتوڻيڪ ڪاميابي جي ڪا صورت نظر نٿي آئي سر تان سوس پلي وڙهيا ۽ لڳاتار ڏهه ڏينهن قرامطي ۽ بصري وارا مقابلو ڪندا رهيا. پر انجام ۾ قرامطين جي ئي نصيب ۾ سوڀ هئي. خلق جو وڏو تعداد انهن هٿان قتل ٿيو. ان کان پوءِ ابو طاهر بصري کي لٽڻ ۽ بصري وارن جا ٻار ٻچا جهلي ٻانهيون غلام بنائڻ شروع ڪيون، اهي ماڻهو سترهن ڏينهن تائين بصري ۾ رهيا ۽ روپيا پئسا ڌن دولت جيڪي ڪجهه هٿ لڳو سڀ لٽي هليا ويا.

بصري جي ان تباهي جي خبر ٻڌندي ئي المتقد باالله محمد بن عبدالله فاروق کي فوج سان گڏ روانو ڪيو پر هو جيستائين پهتو ابو طاهر وڃي چڪو هو. ابو طاهر جي عمر اڃان سترهن سال هئي پر ان جي ظالماڻي ڪارنامن سان انهي عمر ۾ اهو جوش ۽ جذٻو ظاهر ٿيو جو جنابي جو نالو به اڳيان مٽجي ويو. بصري کي لٽندي ئي ان جي قيامت اها ڪئي جو حاجين جو سڀ کان وڏو قافلو بغداد مان عراق کان ارض حجاز ڏانهن وڃي رهيو هو انهن تي وڃي ڪڙڪيو وڏا معزز ماڻهو جيڪي ان قافلي ۾ هئا جن ۾ ابو المحيجاءَ احمد بن ڪثمرو ۽ خليفي مقتد جي والده جو چاچو احمد بن بدر جهڙا لائق ۽ بلند رتبي جا ماڻهو هئا، سڀ ان جي هٿ هيٺ گرفتار ٿيا. هو قافلي جا سڀ اٺ ۽ سڄو مال ملڪيت ڦري عورتن کي پڪڙي پاڻ سان گڏ وٺي ويو، حاجين کي مفلس، محتاج ۽ بي ثمر ريگستان ۾ ڇڏي ويو جتي انهن  بک، اُڃ سان ڪاڙهي ۾ ڦٿڪي ڦٿڪي ۽ کڙيون گسائي گسائي پساهه پورا ڪيا.

بغداد ۾ خبر پئي ته هر گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، هتي ماڻهو ابن الفرات وزير کان پهرين ئي ناراض ٿي رهيا هئا جنهن بغداد جي رعيت تي ڏاڍ ۽ ظلم ڪيو هو ۽ درٻار جي زبردست ۽ هر دلعزيز سپاهي مونس کي ٻاهر موڪليو هو. جن ماڻهن حج جي سفر ۾ قرامطين جي ستم کان جان ڏني هئي انهن جون عورتونانهن ماڻهن جي گهرن ۾ وڃي دانهون ۽ فرياد ڪرڻ لڳيون جيڪي ابن الفرات جا ستايل هئا ۽ سڀني جو چوڻ شروع ڪيو ته ”انهن ٻنهي ظلمن جو اصلي سبب ابن الفرات ئي آهي“ نيٺ مونس بغداد  واپس گهرايو ويو ۽ مقتدر ياقوت نالي هڪ آفيسر کي روانو ڪيو ته ڪوفي کي قرامطين جي هٿ چراند کان بچائي پر هو واٽ ۾ ئي رهي پيو ۽ ڪوفي تائين وڃڻ جي سگهه نه ساري سگهيو. ان وچ ۾ ابو ظاهر قرمطي اهو ڪيو جو حاجين جي قافلي مان جن بغداد جي معززن کي جهلي آندو هو انهن کي ڇڏي ڏنائين ۽ انهن ذريعي خليفي مقتدر کي نياپو موڪليائين ته بصري ۽ اهواز جا شهر مون کي ڏيئي ڇڏ ۽ جڏهن ان جي درخواست قبول نه ٿي ته پنهنجي رهڻ واري شهر هجر مان هلي روانو ٿيو ته وري حاجين جي قافلي تي حملو ڪري، ڪوفي جي حڪومت خلافت جي طرفان جعفر بن ورقاءَ سيباني جي هٿ ۾ هئي ۽ اهو ئي مڪي جي واٽ جو رکوالو هو. حاجي سڳورا جڏهن بغداد کان هليا ته ابو ظاهر جي کٽڪي سان جعفر جا ساٿي هار کائي ڀڳا. جعفر قافلي وارن سان ملي انهن کي ڦيري ڪوفي ڏانهن وٺي ويو. قرامطين ڪوفي جي دروازي تائين انهن جو پيڇو ڪيو هتي پهچي وري لڙائي لڳي ۽ شاهي لشڪر کي به قرامطين کان شڪست ملي. ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا، ڪيترائي گرفتار ٿيا جن ۾ ڪيترائي معزز سردار هئا. جڏهن سڀ ماڻهو ڪوفي کي ڇڏي ڀڳا ته ابو طاهر 312هه ۾ ڪوفي ۾ گهڙيو ۽ ڇهه ڏينهن هتي ئي پيو رهيو. معمول هو ته رات جو ابو طاهر شهر کان ٻاهر پنهنجي لشڪر گاهه ۾ سمهندو ۽ صبح ٿيندي ئي ڪفي ۾ اچي قتل ۽ غارت شروع ڪندو هو. مطلب کيس جيڪي ڪجهه هٿ آيو لٽي هجر کڻي ويو ۽ هار کاڌل ماڻهو ڏتڙيل ۽ ڦريل بغداد پهتا.

هاڻي مقتدر ان دور جي زبردست جرنيل مونس کي قرامطين جي ڪنڌ ڀڃڻ لاءِ روانو ڪيو پر قرامطي ان جي اچڻ کان اڳ ئي وڃي چڪا هئا. مونس ياقوت کي ڪوفي جو حاڪم بنايو ۽ پاڻ وڃي واسطه شهر ۾ رهيو. ان سال قرامطين جو فتنو ايتري قدر چوٽ چڙهي ويو هو جو بغداد وارا به گهٻرائجي ويا هئا ۽ دلين ۾ اهڙي دهشت ويهي ويئي هئي جو ماڻهو بغداد جي اولهائين حصي کي ڇڏي اوڀارين حصي ۾ رهڻ لڳا، ڇاڪاڻ ته دجلي دريا جي وچ ۾ رڪاوٽ ٿيڻ جي اميد ٿئي جو قرامطين کي هن پار پهچڻ ڏکيو ٿيندو.

انهن دين جي دشمنن جي کٽڪي کان ان سال ڪنهن کي حج ڪرڻ نصيب نه ٿيو. ٻي سال يعني 313 هه  به قرامطين حاجين جي قافلي تي حملو ڪيو قافلي سان گڏ خلافت پاران جيڪو لشڪر هو انهن کي به شڪست ملي پر ان دفعي قرامطين هڪ ٽيڪس حاجين تي مقرر ڪيو ته جيڪڏهن هو ادا ڪن ته حج تي وڃڻ مهاڏو نه اٽڪايو ويندو، سڀني رضا خوشيءَ سان ٽيڪس ادا ڪيو ۽ حج کان شرفياب ٿي واپس آيا.

انهن لڳاتار ڪاميابين ابو طاهر قرمطي جو دماغ ايترو خراب ڪيو جو 314 هه ۾ هن نيت ڪئي ته مڪي شريف تي قبضو ڪري. مڪي وارن جيئن ئي ٻڌو ته ٻار ٻچا وٺي طائف ويا پر طاهر مشهور ته ڪيو پر آيو ڪونه.


(1) حيرت جي ڳالهه آهي ته ان واقعي کي ابن اثير 294هه ۾ بيان ڪيو آهي ۽ ابن خلدون 394هه ۾ چوي ٿو. گهڻو ڪري ابن خلدون ۾ ڪاتبن ۽ نسخن جي ڀل سان ايترو وڏو ويڇو ٿيو نه ته هڪ صدي جو فرق ۽ ايتري وڏي چڪ ابن خلدون جهڙي محقق کي نٿي جڳائي يا سونهي،

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org