سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب: 4

صفحو :23

رشيد کي جڏهن اهو حال معلوم ٿيو ته کڻي خانداني لحاظ ۽ رتبي جي ڪري زبان مان ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍيائين پر دل ۾ عيسيٰ بن جعفر جي غفلت تي سخت ڏمريو ۽ مجبوريءَ ۾ سنڌ جو ڪاروهنوار خاص پنهنجي هٿ ۾ وٺي ورتو. محمد بن عدي جيڪو هاڻي ڪنهن به طرح سنڌ ۾ حڪومت ڪرڻ جي قابل نه رهيو هو هٽايو ويو ۽ عبدالرحمان نالي هڪ شخص کي پنهنجي پاران مقرر ڪري سنڌ روانو ڪيو. عبدالرحمان اتي پهتو پر محمد بن عدي ڪجهه اهڙي بدانتطامي ڪري ڇڏي هئي جو عبدالرحمان کان ڪنهن نموني انتظام نه سڀناليو پئي ويو. تڏهن رشيد ايوب بن جعفر بن سليمان کي مقرر ڪري موڪليو، پر افسوس جو ايوب به سنڌ جي بدانتظامين ۾ سڌارو نه ڪري سگهيو ۽ بلڪل ناڪام رهيو. جڏهن رشيد کي معلوم ٿيو ته ايوب کان به ٻوٽو نه ٻريو ته هن آخر ٿڪجي 184هه ۾ دائود بن يزيد بن حاتم مهلبي کي والي مقرر ڪري هندوستان روانو ڪيو. داؤد سان گڏ هڪ همراهه ابو الصمه نالي به هند ۾ لٿو جنهن پوءِ جي ڏينهن ۾ بغاوت ڪئي ۽ جنهن بابت بلاذري لکي ٿو ته منهنجي ڏينهن ۾ هو بغات جو جهنڊو بلند ڪيون بيٺو هو. داؤد به ڪنهن حد تائين آرام طلب هو پر ان سان گڏ هو هڪ اهڙي سخت گير طبيعت جو آفيسر هو جو جيڪڏهن ڇيڙيو وڃي ته وري شايد ان کان وڌيڪ ڦڙت ۽ جفاڪش به ڪو ثابت نه ٿيندو. اهو ئي حال سندس زماني ۾ سنڌ جو ٿيو. جڏهن  شروعات ۾ 184هه ۾ رشيد سنڌ جي حڪومت ان جي هٿ ۾ ڏني ته هن دل ۾ چيو ته هاڻي وطن جي يارن کي ڇڏي ڪير وڃي ۽ پنهنجي ڀاءُ مغيره کي پنهنجو نائب بڻائي هندوستان موڪلي ڇڏيو. مغيره واٽ ۾ ئي هو ۽ اڃا هو هندستان ۾ داخل به نه ٿيو هوندو ته هڪدم ترارين ڪنڌ کنيو ۽ ايتري قدر جوش ۽ جذبي سان بگڙيا جو حڪومت کي دٻجڻو پيو. جڏهن هنن حاڪمن کي دٻائي ورتو ته پاڻ ۾ اقرار ڪيائون ته سڄي سنڌ جي شهرن کي چئن حصن ۾ ورهائڻ گهرجي. هڪ حصي ۾ قريشي رهن هڪ ۾ قيس قبيلي وارا. هڪ ۾ ربيعه وارا ۽ چوٿين ۾ تراري قبيلو آباد ٿئي. يمانين لاءِ بلڪل زمين نه رکي وڃي ۽ جنهن نموني ٿئي انهن کي ڪڍي ٻاهر ڪجي. هي هڪ اهڙي تجويز هئي جنهن کي خلافت ڪنهن طرح به منظور ٿي ڪري سگهي پر تراري ماڻهن حصد ڪيو ته ائين ٿي ۽ اسان يمانين کي ملڪ ۾ هرگز رهڻ نه ڏينداسين. مغيره جڏهن منصوره شهر ويجهو پهتو ته شهر وارن ڦاٽڪ بند ڪري ڇڏيا ۽ چيو ته ڪنهن اهڙي حاڪم کي جيڪو اسان جي مرضي خلاف ڪرڻ گهري اسان کيس نه اچڻ ڏينداسين. مغيره شهر جي ڀر ۾ رهي پيو ۽ سڏ وارن کي پنهنجو ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويو. نيٺ گهڻي هڻ هڻان کان پوءِ مغيره کي درخواست ڪئي ويئي ته جيستائين اهو اقرار نه ڪيو ويندو ته اسان تي تعصب واري حڪومت نه ڪئي ويندي ۽ ڪڏهن تعصب جو نالو به نه ورتو ويندو. ايستائين اسان ڪنهن کي شهر ۾ اچڻ به نه ڏينداسين يا جيڪڏهن تعصب ڪرڻو ئي آهي ته اسان کي پهرين اطلاع ڏنو وڃي، تانجو ٻيو بندوبست ڪيو وڃي. اهو هي ته ٻئي ڦاٽڪ گڏ ئي کوليا وڃن هڪ پاسي کان اوهان داخل ٿيو ۽ ٻي پاسي اسان نڪري وڃون. ظاهر آهي ته اهو ڪڏهن به گوارا نه ڪيو ويندو ته شهر جا سڀئي ماڻهو نڪري وڃن،. باقي رهيو تعصب ان ۾ به يمانين سان ظلم ٿي رهيو هو ۽ تراري کين ستائي رهيا هئا. ڪيئن ممڪن ٿي سگهيو ٿي ته مظلومن جي مدد نه ڪئي وڃي. مغيره ڪنهن ڳالهه جو صاف واعدو ته نه ڪيو پر حڪمت عملي سان شهر وارن جي دل وٺڻ خاطر آخر ڦاٽڪ کولائي ورتا. ۽ حڪومت پنهنجي هٿ ۾ ورتي. پر روي اهي ئي ترارين هٿان يمانين تي زيادتيون ٿيڻ لڳيون. مغيره انصاف خاطر ترارين کي دٻائڻ ۽ خلاف ورزي ڪرڻ وارن کي سزا ڏيڻ گهري ته هو پنهنجي طاقت جي ٻل تي مڇرجي اٿي پيا. نيٺ جنگ جو رنگ ڄمي ويو هڪ پاسي مغيره جي فوج مظلوم يمانين سان گڏ هئي ۽ ٻي پاسي ان جي مقابلي ۾ تراري قبيلا سينو تاڻي بيٺا. ترارين جي طاقت دراصل تمام گهڻي هئي ۽ وري ان سان گڏ وقتي تعصب وڙهايو به ڏاڍي جوش جذبي سان. آخر انهن خوب همت ۽ جانبازي سان مقابلو ڪري يمانين ۽ شاهي طرفداري کي وڏي شڪست ڏني. مغيره شڪست کائي منصوره مان هليو ويو ۽ ٻيا سنڌ جي شهرن ۾ وڃي ترسيا. داؤد کي جڏهن خبر پهتي ته حميت جي رڳ جوش ۾ آئي ۽ ڀاءُ جي شڪست تي ڏاڍو صدمو رسيو. هڪدم پنهنجي عشرت گهرن مان نڪري پيو. فوج مرتب ڪئي ۽ سن تي چڙهائي ڪيائين. ترارين تي هو ايتري قدر ٽٽو جو منصوره کان سواءِ ٻين سنڌ جي شهرن ۾ جيڪي سندس واٽ ۾ آيا ٿي انهن ۾ ترارين جي مرمت ڪندو ويو. برابر انهن کي ماريندو سزائون ڏيندو منصوره جي هيٺان وڃي خيما کوڙيائين، منصوره وارن ڊڄي شهر جا ڦاٽڪ بند رکيا پر داؤد آزاديءَ سان تلوار بلند ڪرائي ۽ شهر تي اهڙي سختي سان حملي آور ٿيو جو منصوره کان ٻاهر جيڪي لڙايون ٿيون انهن ۾ ترارين جي هڪ وڏي خلقت قتل ٿي. منصوره کان ٻاهر برابر ويهن ڏينهن تائين قتل جو بازار گرم رهيو ته زبردستي شهر جا ڦاٽڪ کوليا ويا ۽ ترارين کي سندس فتنه خورين جي بدلي ۾ خوب سزائون ڏيئي حڪومت پنهنجي هٿ ۾ ورتي. پرا يتري وڏي عام قتل ۽ اهڙي خونريزي کان پوءِ به ترارين جا حوصلا هيڻا نه ٿيا. انهن فساد جي باهه کي اجهامڻ نه ڏنو ۽ ڪيترن مهينن تائين برابر جنگ ۽ هنگامو برپا رهيو. اهو رنگ ڏسي داؤد ڏاڍو غضبناڪ ٿيو ۽ انهيءَ پڪو پهه ڪيو ته جهڙي طرح ٿئي ترارين جي طاقت کي سدائين لاءِ بلڪل ٽوڙي ڇڏي. هن منصوره جي اندر ترارين جا پاڙا ۽ گهر بلڪل ڌوڙ ڪري ڇڏيا. عام طور تي ماريو ۽ جلاوطن ڪيو. تڏهن وڃي منصوره ۾ امن امان قائم ٿيو. منصوره شهر جو انتظام ڪري هن ٻين سنڌ جي شهرن ڏانهن ڌيان ڏنو جڏهن ته ترارين جي ڀڙڪايل باهه سڀني پاسن کان پکڙيل هئي. تنهن ڪري هن عام طور تي سنڌ جا سڀئي اهي شهر، وسنديون ۽ محلا جتي تراري آباد هئا تباهه ۽ برباد ڪيا، گهر ڀڙڀانگ ٿي ويا. تڏهن وڃي ملڪ کي انهن فسادن مان ڇوٽڪارو مليو ۽ حڪومت کي پنهنجي طاقت وڌائڻ ۽ امن امان سان حڪمراني ڪرڻ جو موقعو مليو. داؤد اهڙي چالاڪي سان هندستان جي فتنن ۽ فسادن کي ميساريو جو رشيد کي ان جي سجاڳ ذهني تي پورو ڀروسو ٿي ويو ۽ وري ڪنهن نئين والي مقرر ڪرڻ جي ضرورت نه پئي، ان جي آخري دور تائين اهو ئي سنڌ جو حڪمران رهيو. انهن فسادن جي ختم ٿيڻ کان دائود نهايت ئي انصاف ۽ مهذب نموني سان حڪومت ڪئي. ٻاهرين راجائن تي هن ڪوبه حملو نه ڪيو. ان جي زماني جي احوال ۾ چيو وڃي ٿو ته پنهنجي فتح ڪيل پرڳڻن جي حفاظت خوب مضبوطي سان ڪئي ويندي هئي نه ان تي ڪو هندو راجا حملو ڪندو هو نه هو ڪڏهن ڌاري ملڪ تي چڙهائي ڪندو هو. اهي جيترا والي بيان ڪيا ويا آهن اهي آهن جو جو سلسلو وار پتو عربي تاريخن يعقوبي، ابن اثيرا ۽ ابوالفدا مان لڳايو ويو. بيشڪ هي سلسلو ڏاڍو چڱو آهي، ان لاءِ ته سن وارا هڪٻئي جي جانشين ثابت ٿي ويئي آهي. پر تعجب آهي ته فارسي مورخ رشيد جي دور جا ڪجهه ٻين والين جا نالا به ٻڌائين ٿا. هڪ ته شيءِ ابو تراب جو جيڪو حاجي تراب جي نالي سان مشهور آهي، جنهن بابت لکيو آهي ته هو اولهائين سنڌ ۾ ضلع ساڪوره جي مضبوط قلعي تي قابض هو. ان جو مقبرو اڄ تائين ٺٽي کان اٺن ميلن تي عام خاص جي زيارت گاهه آهي، جنهن تي 171 هه وفات جي تاريخ ڇٽيل آهي. ان نالي جي ڪنهن بزرگ جي هئڻ کان انڪار ناهي. اهو به ممڪن آهي ته ڪنهن خاص قلعي تي کيس حڪومت حاصل هجي، پر هي ڪنهن طرح اعتبار لائق ناهي. جو پورو سنڌ ملڪ خلافت پاران ڪڏهن ان جي هٿ هيٺ هو. هارون الرشيد جي خلافت ۾ ٻيو والي ابو القاسم جي نالي سان ٻڌايو وڃي ٿو. پر ان جو به پتو نٿو پوي. ان زماني ۾ سنڌ جي اسلامي سلطنت جنهن نموني رعب ۽ دٻدٻي واري هئي ان جو اندازو ان مان ٿي سگهي ٿو ته سڀني ديسي راجائن تي عربن جو بي انتها دٻاءُ پيل هو ۽ سنڌ جي اترين حدن تائين هر هنڌ انهن جي ڌاڪ ويٺل هئي، اڃان ان کان وڌ ڇا هوندو جو تبت جو خاقان ان سلطنت جي رات ڏينهن ترقي ڏسي ڏسي دل ئي دل ۾ ڏڪي ويندو هو. ان زماني ۾ هندستان سان دارالخلافت جا تعلقات ايتري قدر وڌي ويا هئا جو رشيد عربي سمنڊ کان درياءَ رستي ڪنهن ديسي راجا ڏانهن ڪيترين ئي سوکڙين پاکڙين سان گڏ هڪ سفارت موڪلي ۽ لکيو ”آءٌ هڪ سخت مرض ۾ مبتلا آهيان ۽ جڏهن ته خراسان جي پري جي سفر لاءِ آماده آهيان، تنهن ڪري گهران ٿو ته هندستان جو مشهور طبيب ”ڪنڪو“ جنهن جو ٻيو نالو ”تانڪيو“ آهي، هيڏانهن موڪليو وڃي جيڪو ان سفر ۾ مون سان گڏ رهي ۽ واعدو ڪريان ٿو ته جيئن ئي شاهي سواري بلخ پهچندي ان کي واپسي جي اجازت ڏني ويندي. (ان هندستاني طبيب جو نالو گنگو ۽ مانڪوه هو جيڪو عربي ٻولي جي اختيارن سان ان غير مانوس صورت تي آيو) اهو طبيب هڪدم روانو ڪيو ويو ۽ هن پهچي اهڙو بهتر علاج ڪيو جو حلوان پهچندي پهچندي خليفو چڱو ڀلو ٿي ويو ۽ ڪابه شڪايت نه هئي. پر طوس پهچي رشيد مري ويو ۽ گنگو واعدي موجب بلغ روانو ڪيو ويو جتان هو پنهنجي وطن واپس آيو. پر ڪجهه معتبر عربي مورخن جي بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته ان شخص جو نالو ”ڪنسڪو“ نه پر ”منڪو“ هو(غالباً اهو عربي تحرير جي خرابي سبب ٿيو آهي) جنهن کي رشيده وڏي اهتمام سان ۽ گهڻو ڪجهه خرچ ڪري گهرايو ۽ هن علاج ڪيو ۽ رشيد چاق ٿي ويو. رشيد قدر ڪئي ۽ کيس وڏي مقدار ۾ اجورو ڏيئي راضي ڪري روڪي ڇڏيو، ان منڪي بابت چيو وڃي ٿو ته هن بيت الحڪمت جي محڪمي ۾ وڏي مدد ڏني. جڏهن ته هندستان جي مشهور قديم طبيب شاناق جي ڪتاب السموم جو هن ترجمو ڪيو. هو ٻڌائيندو ويندو هو ۽ ابو حاتم بلخي لکندو ويندو هو. ان طريقي سان اهو ڪتاب سنسڪرت مان ترجمو ٿي اسلامي ڪتب خاني جي لاءِ رونق جو باعث ٿيو. اهو منڪو پڇاڙي ۾ اسحاق بن سليمان بن علي هاشمي جو ماڻهو هو. رشيد جي زماني جي رونق هڪ ٻيو هندستاني طبيب به هو، جيڪو غالباً مسلمان ٿي ويو. سندس نالو صالح ٻڌايو وڃي ٿو ۽ چيو وڃي ٿو ته هو ”ڀلو“ نالي هندو جو پٽ هو. هي ايترو وڏو نامور ۽ زماني ۾ هاڪارو هو جو رشيد جي خاص طبيب ابن بختيشوع يوناني طبيب جي مقابلي جو رقيب هو. ان رشيد جي ڀيڻ عباسه بنت مهدي جي مڙس ابراهيم بن صالح جو اهڙو عجيب غريب ۽ معجزي جهڙو علاج ڪيو جو سڀ ماڻهو ان جي يڪتائي جا مڃيندڙ ٿي ويا. ان عهد ۾ اهو به پتو پوي ٿو ته رشيد جي درٻار ۾ ڪجهه سنڌ وارا نهايت ڀروسي جوڳا هئا ۽ خلافت پاران اڪثر ذميوارين جا ڪم انهن جي هٿ ۾ ڏنا ويندا هئا. جڏهن ته 179هه ۾ رشيد رمضان شريف ۾ عمري لاءِ مڪي شريف ويو. اتان واپس اچڻ وقت زيارت جي مطلب سان مديني ۾ نبي ﷺ جي قبر اطهر تي ويو. رشيد جنهن وقت روضي پاڪ تي پهتو ته قبر نبوي ڏانهن مخاطب ٿي چيو السلام عليڪ يا رسول الله يا ابن عم“ يعني اي رسول ۽ اسان جي چاچي جا پٽ توهان تي سلام هجي. ايترو چئي رشيد فخر ۽ ناز جي نگاهن سان هيڏانهن هوڏانهن حاضرين ڏانهن ڏٺو، جنهن مان جهڙوڪ اهو مقصد هو ته ڪو آهي جيڪو حضرت رسالت پناهه ﷺ ڏانهن انهن لفظن م خطاب ڪري سگهي. اتفاق سان ان وقت تي امام موسيٰ ڪاظم رضي الله عنه به موجود هو جيڪو هڪ خاموشي سان پري بيٺي رشيد جي چرپر کي ڏسي رهيو هو. جڏهن ان جي زبان مان اهو جملو نڪتو ۽ هن ڦونڊ مان چئني پاسي ڏٺو ته هن کان رهيو نه ٿيو. بي اخيتار جوش ۾ اچي اڳتي وڌيو ۽ پاڪ تربت ڏانهن مخاطب ٿي چيو السلام عليڪم يا ابت، اي بابا سائين اوهان تي سلام. ان جي اها جرئت ڏسي رشيد جو چهرو لال ٿي ويو ۽ ندامت واري ڪاوڙ جي لهجي ۾ چيائين ابوالحسن! (اها امام صاحب جي ڪنيت آهي) اهڙو فخر ”رشيد ان کانپوءِ امام موسيٰ ڪاظم کي گرفتار ڪري ۽ پاڻ سان گڏ بغداد وٺي ويو ۽ پنهنجي هڪ اعتمادي واري سنڌي همراهه جي حراست ۾ رکيو جنهن جو لقب ئي سنڌي پئجي ويو هو. سنڌي پاڻ امام جي نگهباني جي لاءِ پنهنجي هڪ ڀيڻ کي مقرر ڪيو جيڪا هڪ نيڪ بخت عورت هئي ۽ نبوت جي خاندان سان ڏاڍي سڪ رکندي هئي، ان پنهنجي حراست ۾ امام صاحب جي ڏاڍي خدمت ڪئي ۽ ڏاڍو آرام سان رکيو. ان زائفان جو بيان آهي ته امام موسيٰ ڪاظم رات جو سومهڻي جي نماز پڙهي جو الله جي يادگيري ۽ حمد وثنا ۾ مشغول هوندو هو ته صبح ٿي ويندو هو ان وقت صبح جي نماز پڙهندو هو ۽ ان کان پوءِ به برابر الله جي ياد ۾ ئي مشعول رهندو هو ايستائين جو چاشت جو وقت اچي ويندو هو چاشت کان پوءِ پاڻ آرام ڪندو هو، جنهن کان پوءِ سج لڙهڻ کان اڳ وري اٿي ويهندو ۽ وضو ڪري نماز کان پوءِ وري انهيءَ ذڪر ۾ مشغول ٿي ويندو هو. پاڻ اهڙي طرح الله جي ياد ۾ محو هوندو هو ۽ ٽپهري جو وقت اچي ويندو هو. ٽپهري پڙهي وري الله جي ذڪر ڏانهن ڌيان فرمائيندو هو. ته مغرب ٿي ويندي هئي ۽ سانجهيءَ کان پوءِ به پاڻ اهڙي نموني سومهڻي تائين الله جي ذڪر ۽ عبادت ۾ گذاريندو هو. سنڌ وارن جي اهائي حالت هئي جو 193 هه اچي ويو ۽ رشيد جي زندگي پوري ٿي. هو ته ٻي جهان جو واٽهڙو ٿيو ۽ امين خلافت جو تاج مٿي تي رکيو. امين کي ڀلا ايتري کوپڙي ڪٿي جو سندس عشرت جي مجلس ۾ ڪو سنڌ جي سماچارن جو نالو به وٺي ۽ هو بد دماغ ٿيڻ کانسواءِ ٻڌي وٺي. شروعات ۾ ته ناز ۽ نعمت جا مزا ماڻيندو رهيو ۽ جڏهن ماڻهن کين مامون سان وڙهائي وڌو ته مامون جي حملن ۽ خلافت جي خانگي جهڳڙن ان جي نظر کي ڪڏهن سنڌ ڏانهن ڌيان نه ڏياريو. انهيءَ ڪري دائود بن يزيد بن ابي حاتم سندن سڄي دور ۾ آزادي ۽ ڪامراني سان سنڌ ملڪ تي مقرر هو، هندن تي جهاد جو سلسلو ڪنهن حد تائين ضرور جاري هو، جيتوڻيڪ شفيق بلخي جيڪو ان دور جي مشهور ۽ معروف زاهدن مان ۽ ابراهيم اڌهم جي صحبت جي يادگارن مان هو. 195 هه ۾ هندستان جي هڪ جهاد ۾ ڪنهن ديسي راجا سان ٿيو هو شهيد ٿيو ۽ هي ئي هڪ واقعو آهي جيڪو ثبوت ڏي ٿو ته دائود فقط پاڻ وڙهندو جهڳڙن ڏانهن مشغول نه رهيو پر هن اسلام جي دشمنن تي به جهاد ڪيو. نيٺ امين طاهر ذواليمنين جي زبردست هٿن سان اجل جي نذر هيو ۽ خلافت 198 هه ۾ سڀني ملڪن تي مامون جهڙي جليل القدر ۽ علم دوست بادشاهه حوالي ٿي. مامون جي هٿ تي جيتوڻيڪ ان کان ٻه سال پهرين بيعت ٿي چڪي هئي. پر امين عراق ۾ زنده موجود هو ۽ دارالخلافت مدينت السلام بغداد خاص سندس تابعدار هئي، انهيءَ سال امين مارجي ويو ۽ بغداد کان وٺي سڀني اولهائين ۽ اوڀارين انتهائي دنگن تائين خلافت جي سڀني ملڪن مامون اڳيان ڪنڌ نمايو ۽ ان سال کان پوءِ کيس ملڪن جي انتظام ۽ ٺاهه ٺوهه ڏانهن ڌيان جو موقعو مليو. مامون به دائود جي انتظام کي پسند ڪيو ۽ ٻين خليفن وانگر اها ڳالهه ان جي طبيعت ۾ به نه هئي ته ڪنهن والي کي خومخواهه هٽائي ان جي جڳهه پنهنجي ڪنهن واقفڪار کي مقرر ڪري. مطلب ته سندس زماني ۾ به سنڌ تي دائود ئي حڪمران رهيو ۽ اقرار ورتو ته ان جي طرفان هر سال ڏهه لک درهم خزاني ۾ داخل ڪيا ويندا. بشير چار پنج سال سنڌ تي حڪومت ڪئي هئي جو پنهنجي فضول خرچين سبب سرڪاري پئسو خزاني ۾ جمع نه ڪرائي سگهيو، جنهن تي ماڻهن طرح طرح جا خيال قائم ڪيا. اها خبر مامون جي ڪن ۾ اهڙي طرح وڌائي پهچائي وئي ته هن بغاوت ڪئي آهي ۽ شاهي ڏوڪڙ کائي ويو آهي. مامون اهو ٻڌي حاجب بن صالح کي حڪم ڏنو ته سنڌ جي سرزمين تي پهچي بشير کان سرڪاري ڏوڪڙ وصول ڪري ۽ اتي جي حڪومت پنهنجي هٿ ۾ وٺي. حاجب 211 هه ۾ ٿوري فوج ساڻ ڪري سنڌ ڏانهن روانو ٿيو. سڀئي منزلون ٽپي مڪران ۾ داخل ٿيو. جتان بشير جي حڪومت شروع ٿيندي هئي. ڇو ته دائود جي قبضي ۾ سنڌ سان گڏ مڪران به هو، جيڪو سندس والد جي وڃڻ تي کيس کي مامون جي حڪم سان ڏنو ويو. 205 هه ۾ دائود هن جهان ڏانهن لاڏاڻو ڪيو. مامون وڌيڪ قدرداني جي رستي سندس پٽ بشير بن دائود جي قبضي ۾ سنڌ سان گڏوگڏ مڪران به هو جو ان مرڻ تي مامون جي حڪم سان بشير کي ڏنو ويو، بشير مڪران جي حڪومت تي پنهنجي پاران هڪ ڀاءُ کي مقرر ڪيو هو. حاجب مڪران پهچندي ئي بشير جي ڀاءُ سان مليو. پنهنجي اچڻ جو سبب بيان ڪيو مامون جو پروانو ڏيکاريو ۽ درخواست ڪئي ته مڪران جي حڪومت منهنجي حوالي ڪريو. بشير جي ڀاءُ چيو بيشڪ اوهان جي حڪم جي تعميل اکين سان ڪئي ويندي. پر اوهان پهرين منصوره ۾ وڃو ۽ بشير جي هٿان سڀئي ڪاروهنوار پنهنجي هٿ ۾ وٺو پوءِ جڏهن بشير مون کي لکندو ته آءٌ به هتي جي حڪومت اوهان جي حوالي ڪندس. ان لاءِ ته آءٌ قاعدي موجب بشير جي ئي حڪم جو پابند آهيان“ حاجب بگڙي چيو ”نيٺ بشير ته لکندو امير المومنين جي حڪم کان ڪڏهن انڪار ته ڪندو ڪونه، پوءِ توکي ڪهڙو عذر آهي. هن وقت منهنجي هٿ ۾ مڪران جي حڪومت ڏيئي ڇڏيو“ هن چيو ”اهو ٿي نٿو سگهي اوهان بشير وٽ وڃو ۽ ان تي ئي ان فرمان جي تعميل فرض آهي. آءٌ بشير جي اجازت کان سواءِ ڪجهه نٿو ڪري سگهان. نيٺ پاڻ ۾ بحث تي ڊيگهه ٿي. حاجب ڪاوڙجي مامون کي لکي موڪليو ته بشير بغاوت ڪئي. بيعت ٽوڙي ۽ لڙائي تي آماده آهي. حاجب اها ڳالهه واقعي خلاف رڳو ان مطلب سان لکي موڪلي هئي ته کيس بشير ۽ ان جي مٽن مائٽن تي ظلم زيادتي ڪرڻ جو موقعو ملي ۽ انهي ڪري جواب جي انتظار ۾ هو ۽ مڪران جي مٽي تي خيمو کوڙيون رهيو، تان جو مرضي موجب جواب اچي وڃي ته فوج مرتب ڪري گهڻي طاقت سان گڏ منصوره ۾ داخل ٿئي پر ان جو نتيجو بلڪل ابتڙ نڪتو. مامون کي بشير جي بغاوت جو ته بيشڪ يقين ٿي ويو پر ان سان گڏ حاجب بابت اهو خيال به قائم ٿي ويو ته هو ضعيف، ڪمزور ۽ گهٽ همٿ وارو آهي ۽ کيس ان جي ڳڻتي ٿي ته ڪنهن بهادر ماڻهو کي سنڌ ڏانهن روانو ڪري. مامون انهي سوچ ۾ هو ۽ سندس دل ۾ بار بار اها ئي راءِ قائم ٿيندي هئي ته غسان بن عباد کي ان مهم تي روانو ڪري پر جڏهن ته غسان بشير جو هم قوم ۽ هم قبيلو هو ۽ پڻ ان سبب جو ان جي مزاج ۾ خودداري جو مادو بلڪل نه هو. هڪ ڏينهن درٻار وارن ڏانهن متوجهه ٿي پڇيائين”آءٌ غسان کان وڏو وزني ڪم وٺڻ گهران ٿو توهان سڀني جي ان باري ۾ ڪهڙي صلاح آهي.“ سڀئي ماڻهو هر پاسي کان تعريف ڪرڻ لڳا ته هو ڏاڍو بهادر، سنجيدو ۽ لائق ماڻهو آهي، انهن ماڻهن جي ميڙاڪي ۾ احمد بن يوسف به هو پر سڀني جي خلاف هو خاموش هو. مامون ان ڏانهن مخاطب ٿي چيو ” احمد تون ڪجهه نٿو ڳالهائين“ احمد نهايت سنجيدگي ۽ اڪابري جي لهجي ۾ چيو. امير المومنين، غسان بيشڪ اهڙو شخص آهي جو سندس خوبيون عيبن کان وڌيڪ آهن ۽ اوهان جنهن ڪم تي موڪليندا ان جي هٿان اهو ئي عمل ۾ ايندو جيڪو ٺيڪ هوندو ۽ جڏهن اوهان ڌمڪي ڏيندا ته ان کان ڪو اهڙو امر نه ظاهر ٿيندو جنهن بابت وري معذرت ڪرڻ ۽ معافي وٺڻ جي ضرورت پوي. احمد جي ان جواب تي مامون حيران ٿي ويو ۽ چيو ”احمد توهان ته غسان جي دشمنن ۽ مخالفن مان آهيو تعجب آهي توهان جي زبان مان ان بابت اهڙا خيال ظاهر ٿين ”احمد جواب ڏنو ”امير المومنين آءٌ ته ان شاعري تي آهيان جيڪو چوي ٿو.

ڪفي شڪراَ لما ائديت اني صدقنڪ في الصديق وفي عداتي.

جيڪي مهربانيون حضور ڪيون آهن ان جي شڪر ۾ بس ايترو ئي ڪافي آهي جو پنهنجي دوست ۽ پنهنجي دشمن بابت مون اوهان جي خدمت ۾ سچي راءِ ظاهر ڪري ڇڏي.

ان نموني مامون غسان بابت مستقل راءِ قائم ڪري ان جي ڀاءُ محمد بن عباد تغلبي کي جيڪو بصري وارن ۾ نهايت اثر وارو ماڻهو هو ۽ اتي هڪ سردار جي حيثيت رکندو هو پنهنجي سامهون گهرايو ۽ چيو ”توهان ڪجهه ٻيو نه ٻڌو؟“ بشير باغي ٿي ويو“ محمد بن عباد عرض ڪيو”ڪهڙي مجال ان کي اهڙي هرگز اميد ناهي هن ڪڏهن بغاوت نه ڪئي هوندي“ مامون چيو ”ٺيڪ ته آءٌ تنهنجي ڀاءُ غسان بن عباد کي اوڏانهن روانو ڪريان ٿو توهان به ان سان گڏ وڃو“ محمد بن عباد چيو ”جيڪو حڪم هجي آءٌ وڃڻ لاءِ تيار آهيان“ مطلب ته حاجب ناڪامي جو الزام ڏيئي واپس گهرايو ويو ۽ غسان 213 هه ۾ تمام گهڻي فوج وٺي پنهنجي ڀاءُ محمد بن عباد سان گڏ سنڌ روانو ٿيو. غسان پاڻ سان گڏ يحييٰ بن خالد برمڪي جي پٽ موسيٰ کي به ورتو ان لاءِ ته مامون حڪم ڏنو هو ته بشير کي گرفتار ڪري موسيٰ جي هٿ ۾ سنڌ جي حڪومت ڏيئي ڇڏجانءِ ۽ اقرار وٺجان ته ڏهه لک درهم ساليانو خلافت جي خزاني ۾ جمع ڪرائي. انهن سامانن ۽ تجويزن سان گڏ غسان سنڌ ڌرتي تي پير رکيو. جڏهن غسان منصوره جي ويجهو پهتو ۽ بشير کي ان جي اچڻ جي خبر معلوم ٿي ته ان جي آجيان جي لاءِ شهر کان ٻاهر نڪتو ۽ وڏي احترام ۽ عزت سان کيس هٿو هٿ ورتو. جيئن ته بغداد ۾ ٻڌو ويو هو ان جي خلاف هتي اچي ڏٺو ته ڪجهه نه هو. بشير کان ڪنهن قسم جي مخالفت ۽ بغاوت ظاهر نه ٿي ۽ جڏهن ان جي معزولي ۽ موسيٰ جي مقرري جو حال ان جي سامهون بيان ڪيو ويو ته هن خلافت جي فرمان سامهون هڪدم ڪنڌ نمايو ۽ پاڻ ئي سڀئي وهنوار ۽ سڀئي دفتر موسيٰ جي اختيار ۾ ڏيئي ڇڏيا. غسان انهن سڀني ڳالهين جي تعميل ڪري سنڌ جي دفترن ۽ معاملن جي چڱي نموني سڌارو ڪري ۽ سڀني ڳالهين کي ٺيڪ ٺاڪ ڪري موسيٰ کي چڱي نصيحت ڪئي ۽ کيس ٻڌايو ته ائين انتظام ڪرڻ گهرجن. غسان بن عباد سان گڏ ان جو مشهور ۽ نالو وارو طبيب ابراهيم بن فرازون به ان سان گڏ سنڌ ۾ لٿو هو. ابراهيم جو بيان آهي ته عباد کي هتي مور جو گوشت ڏاڍو پسند آيو. چوندو هو ته مون پنهنجي عمر ۾ اهڙو ڀلو گوشت نه کاڌو آهي ۽ جيستائين رهيو مور ئي ڀڃي ڀڃي کاڌائين. اهي سڀئي ڪم ڪري غسان موسيٰ کي سنڌ جي والي جي حيثيت سان منصوره ۾ ڇڏيو ۽ خود بشير کي ساڻ وٺي بغداد ڏانهن روانگي ڪئي ۽ 216 هه ۾ بشير کي وٺي وڃي مامون جي اڳيان بيهاريو. مامون بشير جي مخالفت جو احوال ٻڌي مهلب قبيلي جي ٻين به ڪيترن ئي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو هو. جڏهن غسان بشير کي وٺي پهتو، ان جي پارت ڪيائين ۽ يقين ڏياريو ته هن هرگز بغاوت نه ڪئي هئي ۽ ڪنهن قسم جي نافرماني هن کان ظاهر نه ٿي ته مامون سمجهي ويو ته رڳو حاجب جي زيادتي بغداد جي معمولي اڏندڙ ڳالهه هئي. هن هڪدم سڀني مهلبين کي ڇڏي ڏنو جيڪي عرب جي رسم موجب بنا ڏوهه، خطا ۽ قصور جي جهليا ويا هئا. اهو سڀ ٿيو پر بشير جي ذمي سلطنت جي پاران ڏن جي بقايا رهيل هئي. تڏهن به مامون بشير جي اطاعت گذاري تي اهڙو خوش ٿيو جو هن جي فطرتي رحمدلي جوش ۾ آئي. پنهنجي دعويٰ تان هٿ کنيائين بشير کي خطا معاف ڪيائين. پئسا به بخشيائين ۽ کيس آزاد ڪيائين. مامون پڪڙيل مهلبين ۽ پڻ بشير کي آزادي ڏيندي وقت گهڻي ڪجهه انعام اڪرام سان نوازيو ۽ اهو ڪري ڏيکاريائين جيڪو چوندو هو ته ”مون کي رحم ۾ ايتري قدر مزو ايندو آهي جو جيڪڏهن ان کي ظاهر ڪريان ته ماڻهون گناهن کي سوکڙي طور وٺي وٺي مون وٽ اچن لڳن. غسان جي وڃڻ کان پوءِ موسيٰ سنڌ ملڪ ڏانهن آزادي سان ڌيان ڏنو ۽ جيڪو ڪم هن سڀ کان پهرين ڪيو اهو هي هو ته سنڌ جي اوڀارين پرڳڻن جي راجا بالي کي گرفتار ڪري قتل ڪري وڌو. بيان ڪيو ويندو آهي ته اهو رجا موسيٰ کي پنج لک درهم ڏيڻ ڪيا ته منهنجي جان بدلي هي قبول ڪر ۽ مون کي ڇڏي ڏي. پر موسيٰ هڪ نه ٻڌي ۽ ان جي خود پسندي تي ايتري قدر مڇرجي پيو جو جان ئي وٺي ڇڏيائين. ان راجا جو ڏوهه هي ٻڌايو وڃي ٿو ته جنهن وقت غسان بن عباد منصوره ۾ ترسيل هو، ان وقت ان راجا باوجود ان جي جو اسلام جو تابعدار هو غسان سان منهن موڙيائين ۽ منهن به اهڙي نالائق بنياد تي موڙيائين جو سواءِ ان جي ٻيو ڪجهه به نٿو چئي سگهجي ته هن پنهنجي موت کي پاڻ ئي گهرايو. راجا هڪ دعوت ڪئي هئي جنهن ۾ ڀرپاسي جي سڀني راجائن کي گهرايو هئائين. اها دعوت گهڻو ڪري ان نيت سان هئي ته جنهن ۾ سڀني راجائن کان پنهنجي عظمت جو اعتراف ڪرايو ويندو هو. گهوڙي جي قرباني ٿيندي هئي ۽ ان کان پوءِ دعوت جا سڀئي شريڪ جيڪي اڪثر ملڪن جا بادشاهه هوندا هئا، دعوت ڪرڻ واري راجا جي عظمت ۽ جلال کان وري ڪڏهن انحراف نه ڪندا هئا. مطلب ته بالي راجا اهڙي قسم جو هڪ جلسو جنهن کي اڄ ڪلهه جي ٻولي ۾ سربراهه ڪانفرنس چئجي، پنهنجي گهر ۾ ويٺي ويٺي ڪئي ۽ ان ۾ غسان کي به دعوت ڏني. ان ڪري جو دوکي ئي دوکي ۾ پنهنجي عظمت جو اقرار ڪرائي غسان جڏهن ان جلسي جي ڪيفيت ٻڌي ته ان ۾ شريڪ ٿيڻ پنهنجي گهٽتائي سمجهي ۽ راجا جي اٻوجهائي تي تعجب ڪيائين ته اسلامي حڪومت جو تابعدار ٿي ڪري اهڙن چريائي وارن ويچارن ۾ ڦاٿو پيو آهي. بهرحال غسان دعوت جي شرڪت کان صاف انڪار ڪيو. غسان پاران اهڙي توقع جي خلاف انڪار کي ٻڌي هو دل ۾ ڏاڍو ڏمريو ۽ انهيءَ ڏمر ۾ جيڪي خيال هن کان ظاهر ٿيا ان جي مزاج جي بدحواسي ۽ بغاوت جي ارادي جي خبر ڏنائون ٿي. غسان ته بغداد جي واٽ ورتي پر موسيٰ جڏهن ان جا اهي نراڙ وارا سر ڏٺا ته کيس ڏاڍا ناگوار لڳا هڪدم فوج موڪلي ان کي گرفتار ڪرائي ورتو ۽ گرفتاريءَ کان پوءِ جيتوڻيڪ هن گهڻائي لولهاٽ، منٿون، ميڙون ۽ خوشامدون ڪيون ۽ گهڻو ڪجهه لالچ ڏنو، پر موسيٰ بنا دير جي قتل ڪري وڌو. چيو وڃي ٿو ته مامون جي دور ۾ جڏهن خراسان جا قلعا ۽ قريب قريب خلافت جا سڀئي اوڀر جا ملڪ ظاهر ذواليمين جي هٿ ۾ ڏنا ويا ته سنڌ تي به جو قبضو ٿيو ۽ ان جو پٽ هتي جو والي مقرر ٿي آيو اهڙي طرح اهو به چيو ويندو آهي ته جڏهن بني سامان جو زمانو آيو ته سنڌ تي هو حڪمران هو پر انهن واقعن جو ڪو صحيح پتو نٿو پوي ان جي خلاف معتبر شاهديون اهو چئي رهيون آهن ته سنڌ کي انهن ماڻهن سان ڪنهن قسم جو تعلق نه هو. مامون جي ڏينهن ۾ جڏهن ته موسيٰ منصوره تي حڪومت ڪري رهيو هو معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي ٻين ضلعن تي ڪجهه عربي نسل خاندان مستقل طور تي حڪمران ٿي ويا هئا جيڪي منصوره جي والي جي اطاعت کان آزاد هئا ۽ خود خلافت به ان جي آزادي کي تسليم ڪري ورتو هو. جڏهن ته مامون جي ئي ڏينهن جي ڳالهه آهي ته بني صامه جو غلام فضل بن ماهان سندان شهر تي قبصو ڪيو ۽ خوب چڱي طرح آزادي سان اختيار حاصل ڪري اها چالاڪي ڪئي ته مامون جي خدمت ۾ هڪ هاٿي نذراني طور روانو ڪيو ۽ ان سان گڏ هڪ عريضو به موڪليو جنهن ذريعي اطاعت ۽ فرمانبرداري جو اعتراف ڪيو هو. ان کان پوءِ فضل سندان ۾ هڪ جامع مسجد ٺهرائي ۽ ان ۾ وڏي جوش ۽ جذبي سان مامون جي نالي جو خطبو پڙهيو ۽ ان جي دراز عمر لاءِ دعائون گهريون. جڏهن مامون الرشيد اهڙو اطاعت جو اظهار ڏسي کيس لڳاتار سندان جو والي تسليم ڪيو ۽ ان کان پوءِ سواءِ ان جي جو ڪڏهن سنڌ جي والي اڳيان ڪنڌ نمائڻو پوي هو پنهنجي ڏٺي سندان شهر تي قابض رهيو. فضل جڏهن هن فاني دنيا مان انتقال ڪيو ته ان جي مرندي ئي سندس پٽ محمد بن فضل پيءُ جو جانشين ٿيو. اهو محمد هڪ بهادر شخص هو. هن فقط هڪ شهر جي چار ديواري ۾ ويهڻ ۽ توڪل تي زندگي گذارڻ ناپسند ڪئي ۽ ستر ٻيڙيون وٺي پنهنجي جوانن کي سوار ڪيو ۽ درياءَ رستي وڃي هند جي ميد شهر تي حملو ڪيو. اتي گهڻن ئي ماڻهن کي ماري ۽ ڪاميابي جا هار ڳلي ۾ وجهي خالي شهر تي چڙهائي ڪئي ۽ هڪ ئي پرجوش حملي ۾ ان کي به فتح ڪري ورتو پر افسوس جو خانگي جهڳڙا يڪايڪ اهڙا ٿي پيا جو کيس لاچار خالي کان اڳتي وڌڻ جو موقعو نه مليو ۽ نهايت جهجهڪ ۽ تشويش سان سندان ۾ واپس آيو، جنهن جو ذڪر اسان اڳتي معتصم جي عهد ۾ بيان ڪنداسون. اهو ئي زمانو آهي جنهن وقت تائين جو سنڌ حڪومت جي مجموعي طاقت ٽٽي ويئي هئي ۽ سڀئي سنڌ جا شهر جيڪي ان کان اڳ هڪ والي جي ماتحتي ۾ رهندا هئا انهن مان هر ڪنهن پنهنجي لاءِ ڌار حڪمران چونڊيا. انهي دور ۾ جڏهن ته موسيٰ دارالخلافت پاران سنڌ تي مقرر هو، سندان وارن آزادي جو پروانو حاصل ڪيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org