سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب: 4

صفحو :22

 

باب چوٿون

هارون رشيد کان مامون جي آخري دور تائين

170 هه ۾ جڏهن موسيٰ هادي اجل جي سڏيندڙ جو سڏ ڀريو تڏهن خلافت جي واڳ هارون  جا قدم مبارڪ ڇهڻ جي سعادت حاصل ڪئي. جيڪو هارون الرشيد اعظم جي لقب سان ياد ڪيو ويو. ۽ جنهن اهڙي خوبي ۽ تهذيب سان حڪومت ڪئي جو سندس دور وڏي قدر ۽ عزت جي نگاهن سان ڏٺو ويو ۽ سدائين ڏٺو ويندو. هارون خلافت جو تاج مٿي تي رکندي ئي جڏهن جڳ جي ڪاروهنوار ڏانهن ڌيان ڏنائين ته ليث کي سنڌ جي حڪومت کان معزول ڪيائين ۽ اسماعيل علي بن علي جي غلام سالم يونسي کي سنڌ جو والي مقرر ڪري روانو ڪيو. سالم جي حڪومت جو زمانو تمام گهٽ معلوم ٿي سگهيو پر اتي مورخ ايترو اعتراف ڪن ٿا ته هن ڏاڍي احسن طريقي سان حڪومت ڪئي ۽ هند جي سرزمين تي قدم رکي بهتر ڪار گذاريون ڏيکاريون. پنهنجي مقرر جي چئن سالن کان پوءِ هٽايو ويو ۽ رشيد سندس جڳهه تي 174 هه ۾ اسحاق بن سليمان هاشمي کي سنڌ جو والي مقرر ڪيو ۽ مڪران به ان جي اختيار ۾ ڏيئي ڇڏيو. اسحاق سنڌ ۾ داخل ٿي ٿورائي ڏينهن حڪومت سنڀالي هوندي ته موت اچي پهتو ۽ دنياوي دولت کي الوداع ڪرڻ جي تقاضا ڪيائين. اسحاق بابت چيو وڃي ٿو ته ڏاڍو ديندار ۽ پاڪباز شخص هو آخر هن پنهنجي پٽ يوسف کي جانشين مقرر ڪيو ۽ آخرت جي جهان ڏانهن پنڌ پيو. يوسف بن اسحاق پيءُ جي مرڻ کان پوءِ ٿورن ڏينهن تائين سنڌ ڌرتي تي حڪومت ڪندو رهيو پر سندس انتظام جي ڍنگ کي رشيد پسند نه ڪيو جنهن جي بنياد تي هو هٽايو ويو. يوسف کي هٽائي رشيد طيفور بن عبدالله بن منصور حميري جي هٿ ۾ سنڌ جي حڪومت ڏني، طيفور جي انتظام ۾ اهو نقص پيدا ٿيو جو هندستان ۾ رهندڙ عربن ۾ پنهنجي قومي تعصب جي باهه هڪدم ڀڙڪي اٿي. اهو يماني ۽ تراري عرب جو پاڻ ۾ تعصب هو. عربن ۾ هي هڪ اهڙو عالمگير تعصب ۽ جهڳڙو پيدا ٿيو هو جنهن جي باهه ڏسندي ئي ڏسندي هندستان کان وٺي اسپين تائين جتي جتي عربي گروهه آباد هئا، هر ڳوٺ ۽ وانڍ ۾ پکڙجي ويئي. جڏهن ته طيفور جي ڏينهن ۾ ان تعصب زور ورتو ۽ تراري ۽ يماني قبيلا سواءِ ان جي جو خلافت جي حڪمن جو خيالن ڪن علي الاعلان وڙهڻ لڳا. هي هڪ عجيب ۽ غريب تعصب هو جنهن جو بنياد عام مورخن جي بيان موجب هي هو ته عرب جا سڀئي قبيلا ٻن قسمن جا هئا. هڪ ته اهي ماڻهو جيڪي قحطان جي نسل مان هئا ۽ تاريخ کان اڳي يمن ۾ آباد هئا. عرب انهن ماڻهن سان آباد هو جو جناب حضرت اسماعيل مڪي وڃي رهيو. اسماعيل عليه السلام به قحطان نسل مان شادي ڪئي ۽ انهن جي نسل مان اولاد ڇڏيو ڪجهه وقت ۾ اسماعيل جو نسل ايتري قدر پکڙيو جو سڀئي ماڻهو انهيءَ بڻ مان هئا. صرف يمن ۾ البته قحطاني نسل باقي هو، جن ۾ گهڻو ۽ مٿاهون گروهه حمير جو هو ۽ ٿورا ٻيا قبيلا به هئا جيڪي قحطان جي اولاد مان هئا ۽ يماني سڏائيندا هئا. باقي سڄي عرب ۾ جيترا قبيلا هئا سڀ حضرت اسماعيل جي اولاد مان هئا. انهن مان گهڻو ۽ مٿاهون گروهه انهن ماڻهن جو هو جيڪي حضرت اسماعيل جي نسل مان ترار جي خاندان مان هئا. ترار نسب جو سلسلو نبي ﷺ جي ڏاڏاڻن مان آهي. بس اهي ٻئي قبيلا يماني (قحطاني) ۽ تراري (اسماعيلي) پاڻ ۾ وڙهي پيا. ان تعصب جي بنياد مسعودي جي بيان مطابق ته عرب جي مشهور شاعر ۽ اهل بيت جي مداح ڪميت ابن زياد اسدي جيڪو اصل ۾ تراري هو. بني هاشم جي تعريف ۾ ڪجهه قصيدا چيا، جڏهن ته شعر چوڻ ۾ سندس پهرين ڪوشش هئي. احتياط خاطر ان زماني جي نامي گرامي شاعر فرزوق وٽ آيو ۽ چيائين اي ابو فراس (اها فرزوق جي ڪنيت آهي)آءٌ تنهنجي ئي قوم جو ڇوڪرو آهيان. فرزوق ”ڪهڙي خاندان مان آهين“ ڪميت پنهنجي خاندان ۽ بنياد جو پورو پتو ڏنو. فرزوق ”خير پنهنجو مطلب بيان ڪر“ ڪميت ” جڏهن ته آءٌ اوهان کي پنهنجي قوم جو وڏو سمجهي آيو آهيان تنهن ڪري اميد ڪريان ٿو ته منهنجي زبان تي ڦيڻو هڻو شايد اوهان جي برڪت سان آءٌ چڱو شعر چوڻ لڳان“ ان کان سواءِ منهنجي خواهش آهي ته پنهنجو ڪلام اوهان جي اڳيان پيش ڪريان. ان مان جيڪو اوهان کي پسند هجي ان بابت اجازت ڏيو ته عام طور تي مشهور ڪريان ۽ جيڪو پسند هجي ان بابت اجازت ڏيو ته عام طور تي مشهور ڪريان ۽ جيڪو پسند نه هجي اهو به ٻڌايو ته ڪنهن جي اڳيان نه پڌرو ڪريان. ۽ اوهان مان اميد آهي ته منهنجي عيب کي ڪنهن جي سامهون پڌرو نه ڪندا. فرزوق اي صاحبزادا ٻڌ، اها ڳالهه ذهن ۾ رهي ته جيترو تنهنجو عقل هوندو ان جي مطابق شعر هوندو، ڪجهه سکڻ سيکارڻ سان نه ٿيندو تنهن ڪري آءٌ ٻڌڻ لاءِ موجود آهيان جيڪي ڪجهه هجي ٻڌاءِ.

طربت وما شوقاَ الي لبيض المرب ولا لعباَ مني وذوالشپب يلعب.

آءٌ خوش آهيان پر حسينن جي شوق ۾ نه ۽ نه دلچسپي کيل جي لاءِ پوڙهن کي ان سان ڪهڙو مطلب.

فرزوق- ”ٺيڪ تون خوش ٿي اڳتي وڌ.

ڪميت:

ولم يلهني دار والا رسم منزل ولم تيطر بني بنار مخضب.

مون کي نه ڪنهن گهر پنهنجي دلفريبي ۾ مبتلا ڪيو آهي ۽ نه ڪنهن گهر جي اهڃاڻن ۽ نه مهندي لڳل آڱرين مون کي فريفته ڪيو آهي. فرزوق ”پوءِ ڪهڙي شيءِ خوش ڪري ٿي“

وما انا ممن يزجر الطير همه اصاح غراب او تعرض ثعلب.

۽ نه آءُ انهن ماڻهن مان آهيان ته بدشگوني جن جي ارادي کي بدلائي ٿي. عام ان سان ته ڪانگ پنهنجي منحوس رڙ ڪري يا لوڪڙ واٽ ۾ اڳيان مٽي وڃي فرزوق ” ته ڪم بخت نيٺ تون ڪهڙي نموني جو ماڻهو آهين؟ ۽ ڪهڙي دين تي آهين.

ڪميت:

وما السانحات البارحات عشيتهَ امر سليم القران ام مرا غصب.

۽ نه اهو سانحو جيڪو ڪلهه رات گذري ويو منهنجي ارادي کي روڪي سگهيو ۽ خبر به نه پئي ته آساني سان گذري ويو يا ڏکيائي سان.

فرزوق: ”واهه ڀائي اهو خوب چيو“

ڪميت:

والکن الي اهل الفضائل والهنيٰ وخير نبي حواءَ والخير يطلب.

پر فضيلت ۽ ڏاهپ جي صاحبن جي ياد ۾ خوش رهندو آهيان جيڪي حوا جي سڀني ٻارن مان ڀلا آهن ۽ انسان چڱن جو ئي گهرجائو هوندو آهي.

فرزوق: ”اڙي ته ڪم بخت اهي ڪير آهن.“

ڪميت: اهي النفرالبيض الذين بجهم اي الله فيمانابني القريب.

انهن خوبصورت ماڻهن جي ياد ۾ جن جي محبت سان پنهنجي مصيبتن ۾ آءٌ خدا ڏانهن موٽان ٿو.“

فرزوق:”خدا جي مون کي مونجهاري مان ڪڍ، نيٺ اهي آهن ڪير ماڻهو.

بني هاشم رهط النبي فانني بهم ولهم ارضي مرارا واطيب.

بني هاشم خاندان نبوت جا ماڻهو جن کان آءٌ اڪثر راضي رهندو آهيان ۽ جن جي لاءِ ڪيترائي ڀيرا ماڻهن کان ناخوش ٿي ويندو آهيان.

فرزوق: سبحان الله پٽڙا خوب چيو اٿئي انهن ننڍي گجي اوباش (بني اميه) کان ڌار ٿي ويا ته توهان جو نشانو ڪڏهن خطا نه ٿيندو ۽ توهان جي ڳالهه ڪڏهن ڪسي نه هوندي.

ڪميت: ته هاڻي اوهان ان لاءِ ڪهڙو حڪم ٿا فرمايو.

فرزوق: ميان پنهنجي نظم کي شوق سان شايع ڪر ۽ ڪنهن جي پرواهه نه ڪريو. والله توهان گذريل ۽ ايندڙ سڀني شاعرن کان ڀلا آهيو.

اهڙي طرح فرزوق جي زبان مان اهي اطمينان جا الفاظ ٻڌي ڪميت امام باقر ابو جعفر محمد بن علي بن حسين بن بن علي بن ابي طالب جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. اجازت حاصل ڪري اڳيان ويو ۽ پنهنجا اهل بيت بابت مدح ۽ قصيدا ٻڌائڻ لڳو جڏهن هن شعر تي پهتو.

وقتيل ڪي بالطف غودر منهم بين غوعاءَ امته وطعام.

۽ اهو ڪربلا جو مقتول جنهن سان دوکو ڪيو ويو ڪميڻن ۽ عام ماڻن جي ميڙ ۾، ته امام محمد باقر جا لڙڪ لڙي پيا ۽ دل جي جوش سان فرمايائين ”اي ڪميت! جيڪڏهن اسان وٽ ڏوڪڙ هجن ته توکي ڏيئي ڇڏيون. پر اسان وٽ تنهنجي لاءِ اهو ئي آهي جيڪو رسول الله صه جن حسان بن ثابت کي چيو هو ته تون اسان تان تهمتون هٽائيندو رهج. هميشه روح القدس تنهنجو مددگار رهندو.

ڪميت ان کان پوءِ هتان کان روانو ٿي عبدالله بن حسن بن علي وٽ ويو ۽ ان کي به پنهنجا قصيدا ٻڌايا. انهيءَ ٻڌي چيو”مون وٽ هڪ ٻنيءَ جو ٽڪرو آهي، جنهن جي خريداري ۾ منهنجا چار هزار روپيا لڳا آهن. وٺ هي ان جو دستاويز آهي ان تي ملڪيت جي تبديليءَ جون شاهديون به آهن“.

ڪميت: عرض ڪيو” اهو ٿي نٿو سگهي اوهان ماڻهن جي سواءِ ٻي ڪنهن جي تعريف ۾ جيڪي ڪجهه چوندو آهيان ان ۾ البته دنياوي مقصد هوندو آهي ۽ بخدا اوهان جي شان ۾ مون ڪنهن دنياوي طمع سان نه چيو آهي ۽ جيڪا شيءِ خالص الله ڪارڻ چئي آهي ان جي صلي ۾ ڪجهه نه وٺندس“ پر عبدالله ڪنهن به طرح نه مڃيو دستاويز ڏيئي ڇڏيو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ ڪميت وري عبدالله بن حسن جي خدمت ۾ آيو ۽ چيو ”اي  ابن رسول الله منهنجو هڪ عرض آهي“ عبدالله يڪدم چيو ”تنهنجي جيڪا غرض هوندي پوري ڪئي ويندي ٻڌاءِ ڇا آهي“ ڪميت چيو ” جيڪا به هوندي اوهان واعدو فرمايو“ عبدالله واعدو ڪيو تڏهن ڪميت اهو دستاويز سامهون رکيو ۽ چيو ”ان کي واپس وٺي وٺ“ عبدالله مجبوري خاطر کڻي ورتي ۽ ماٺ رهيو. اتفاق سان ان وقت هتي عبدالله بن معاويه بن عبدالله بن جعفر طيار موجود هو. هن اهو رنگ ڏسي هڪ چادر کنئي هن جا چار ئي پَلوَ چئن غلامن جي هٿ ۾ ڏنا ۽ جهولي ٺاهي بني هاشم جي دروازن تي پهتو ۽ چيو اي بني هاشم! ڏسو هي ڪميت آيو آهي جنهن ان وقت اوهان جي مدح سرائي ڪئي جڏهن ته هڪ زمانو اوهان جي فضيلتن کان خاموش ٿي ويو آهي انهيءَ اهي قصيدا نه چيا آهن پر پنهنجو خون بني اميه جي اڳيان پيش ڪيو آهي. جيڪي ڪجهه پڄي هن کي ڏيو.“ بني هاشم جوش جذبي سان ان چادر ۾ درهم ۽ دينار وجهڻ شروع ڪيا. ايستائين جو زائفن کي پتو پيو اهي به موڪلڻ لڳيون. ڪجهه زائفن وٽ روڪڙ قسم جي ڪا شيءِ نه هئي انهن پنهنجا زيور لاهي لاهي موڪليا. اهڙي نموني هڪ لک درهم جو ڌن گڏ ٿي ويو. ان کي وٺي ڪميت وٽ آيا ۽ چيو ”وٺو هي بني هاشم تو کي ڏنو آهي، پنهنجي پنهنجي ڪم آڻ. في الحال اسان دشمن جي حڪم هيٺ آهيون وڌيڪ طاقت ناهي. ڏسو هن ۾ زيور پيا آهن.“ ڪميت چيو ”اوهان وڏي سخاوت کان ڪم ورتو آهي پر آءٌ نه وٺندس، جنهن جنهن کان اوهان آندا آهن واپس موٽايو، منهنجو مطلب سواءِ خدا ۽ رسول جي ڪجهه ناهي.“ جڏهن ڪميت ڪنهن نموني به نه قبول ڪيو ته عبدالله اها رقم واپس ڪري ڇڏي ۽ ڪميت کي چيو ٺيڪ ته پوءِ منهنجي هڪ خواهش اهي توهان ان کي پورو ڪريو ته وڏو ڪم ٿئي. ڪا اهڙي نظم چئو جنهن سان ماڻهن ۾ چرپر پيدا ٿي وڃي ۽ هڪ فتنو اٿي شايد ان سان اسان لاءِ ڪو خاطر خواهه نتيجو نڪري.“ ڪميت عرض ڪيو ڏاڍو بهتر اها ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي“ بس انهيءَ اشاري موجب ڪميت اهو مشهور قصيدو چيو جنهن ۾ پنهنجي قبيلي مضر بن ترار ۽ ترا جي سڀني قبيلن جي تعريف ڪئي هئي. ان جي فضيلت تي وڏو زور ڏنو ۽ صاف چيو ته هو يمانين جي ڏاڏي قحطان کان افضل ۽ اعليٰ آهي ان قصيدي جو مطلع.

الاحييت عنايا مدينا   و حل ناس تقول مسلمينا

اي جهنگلي شينهن ڇا تو کي اسان جي پاران مبارڪباد نه ڏني ويئي؟ ۽ اهڙا ماڻهو آهن جيڪي اسلام جي دعويٰ ڪن ٿا؟ ان کان پوءِ چوندي چوي ٿو.

لنا قمرا السماءِ و کل نجم    تشير اليہ ايدي المهتدينا.

اسان جي لاءِ آسمان جو چونڊ ۽ سڀ تارا آهن، جن ڏانهن هدايت وٺڻ وارن جا هٿ اشارا ڪندا اهن.

وحدت الله اذ سمي ترارا       سهڪنم بمڪه قاطنينا.

جڏهن ته الله ترار نالو رکيو ۽ ان کي همٿ سان مڪي ۾ آباد ڪيو ان مان مون کي معلوم ٿئي ٿو ته خدا

لنا جعل المڪارم خالصات   وللناس الفقاولنا بجينا

سڀئي خوبيون خالص اسان لاءِ مخصوص ڪيون ۽ سڀني جي لاءِ پٺ ۽ اسان جي لاءِ پيشاني مقرر ڪئي.

وما ضربت هجائن من ترار فوالح من فحول لا عجمينا

ترار جي پاڪيزه توڏين تي عجمي جي نر اُٺن جو ڪڏهن حملو نه ٿيو.

وما حملو الحمير عليٰ عتاق مطهرته فيلخو مبلغينا.

۽ ڪڏهن گڏهه ڀلين پاڪ صاف ۽ جواني ڀريل وڇيرين تي اهڙي طرح نه ٽپيا جو ڪامياب ٿيا هجن.

وما وجدت نبات بني ترار     حلائل اسودين واحمرينا.

۽ بني ترار جي نياڻين ڪڏهن ڪارن ۽ گورن آشنائن جي شڪل نه ڏٺي. (ڪارن مان مراد حبشي آهن، جيڪي ابرهه جي زماني ۾ يمن تي قابض ٿي ويا هئا ۽ گورن مان ايراني مراد آهن جنهن سيف بن ذي يزن جي سڏ تي يمن کي تباهه ڪيو هو.)

ان قصيدي سڄي عرب ۾ باهه لڳائي ڇڏي، هر پاسي ماڻهو بگڙي پيا، جتي جتي يمن قبيلا آباد هئا سڀ جان ڏيڻ تي آماده ٿي ويا. دعبن بن علي خزاعي جيڪو انهيءَ دور ۾ نامور يمني شاعر هو. ان قصيدي کي چڱي نموني ڪميت تي واريو. ان ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي قوم جي فضيلت بيان ڪئي آهي ۽ ترارين تي طعنو مهڻو ڪيو آهي، چوي ٿو.

افيقي من ملامڪ يا ظعينا   ڪفاڪ اللوم مدلار بعينا

اي ڪجائي ۾ ويهندڙ! هاڻي ملامت ڇڏ تنهنجي لاءِ اها ملامت ڪافي آهي ته چاليهه سال جي عمر ٿي ويئي.

الم تحزنڪ احداث الليالي    يشبين الذوائب والقرونا.

ڇا تو کي ان جو ڏک ناهي جو رات ۽ ڏينهن جي لاهن چاڙهن چوٽيون ۽ وار اڇا ڪري ڇڏيا.

احيي الغر من سردات قومي لقد حييت عنايا مدينا.

آئون پنهنجن ڀلن ڀلن قوم جي بهادرن کي مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ اي ڪجائي ۾ ويهندڙ! تو کي ته اسان پاران مبارڪباد ڏني ويئي آهي.

فان يڪ آل اسرائيل من ڪم و ڪنتم بالاعاجم فاخرينا

جيڪڏهن بني اسرائيل تو مان آهن  ۽ توهان عجمين تي فخر ڪريو ٿا.

فلا تنس الخنازير اللواتي مسخن مع القرودانحا سيئنا.

توهان انهن سوئرن کي نه وساريو جيڪي بگڙجي زيان ڪندڙ سان بگڙي خنزير ٿي ويا هئا.

يا يلته والخلح لهم رسوم و آثار قدمن وما محينا.

ايله ۽ خليج ۾ انهن جا نشان ۽ آثار اڄ تائين موجود آهن. پراڻا ٿي ويا پر ميساراڻا ناهن.

وما طلب الڪميت طلاب وتر ولڪنا لنصرتنا هجينا.

۽ ڪميت ڪيناوري نه ڪئي پر اسان جي هجو ڪئي ويئي، ان سان خود اسان کي مدد ملي.

لقد علمت نزار ان قومي الي نصر النبوه فاخرينا

تراري ماڻهو ڄاڻن ٿا ته منهنجي قوم نبوت جي تائيد تي فخر ڪري رهي آهي.

رشيد سنڌ ۾ اهو رنگ ڏسي طيفور کي هٽايو ۽ جابر بن اشعت طائي کي روانو ڪيو جنهن جي هٿ م سنڏ سان گڏ مڪران جي حڪومت به ڏني ويئي. ٿوري زماني کان پوءِ جابر هٽايو ويو ۽ ان جي جاءِ تي سنڌ جي حڪومت جون واڳون سعيد بن مسلم بن قتيبه جي هٿ ۾ آيون. سعيد انهن ماڻهن مان هو جن کي خانداني  دولت آرام طلب بڻائي وطني صحبتن جو شوقين بڻائي ڇڏيو هو. هي ڀلا ڪيئن ممڪن هو ته هو ايترو پري جي سفر لاءِ آماده ٿي وڃي ۽ نه اهو مناسب هو ته انڪار ڪري. شاهي قدرداني جي اجوري ۾ ناشڪري ڪئي وڃي. انهن سببن ڪري هن پاڻ وطن کي نه ڇڏيو مگر پنهنجي ڀاءُ ڪثير بن مسلم کي پنهنجي طرفان والي ڪري سنڌ روانو ڪيو. ڪثير کان هتي اچي اهڙيون بداخلاقيون ۽ بدخصلتون نمودار ٿيون جو پنهنجي نالائق چال چلت جي ڪري ٿورن ئي ڏينهن ۾ هو هر هڪ جي نظر ۾ ذليل ٿي ويو. ان جي بد اخلاقين جي فرياد رشيد جي ڪن ۾ پهتي ته سعيد جي ان غفلت ۽ لاپرواهي کان مڇرجي سنڌ جي حڪومت ان جي هٿ مان کسي ورتي ۽ پنهنجي چاچي جي پٽ عيسيٰ بن جعفر بن منصور کي اڇي ۽ ڪاري جو ذميوار بنائي ڇڏيو. جڏهن سعيد کي ڌن دولت عشرت پسند بنائي ڇڏيو هو ته عيسيٰ جي ڪا شڪايت ئي نه ٿي ڪري سگهجي ان لاءِ ته خاص شاهي خاندان مان هو ۽ ان جو به هڪ معزز ۽ محترم رڪن هو. عيسيٰ پنهنجي پاران محمد بن عدي کي مقرر ڪري روانو ڪيو. محمد بن عدي عيجب فتنو ڪندڙ شخص هو. ان منصوره ۾ پير رکندي ئي اهڙيون ڪارروايون شروع ڪيون جو هڪدم پاڻ ۾ تعصبن جي باهه ڏاڍي سختيءَ سان ڀڙڪي اٿي ۽ عدي ان باهه ۾ تيل ڇڻڪي ڇڻڪي اهڙا الا بلند ڪيا جو سڀئي قبيلا پاڻ ۾ وڙهڻ ۽ ڪٽجڻ لڳا. انهن جي لڙاين جو خوب دل ڀري تماشو ڏسي هو مصنوره مان نڪتو ۽ ملتان ڏانهن روانو ٿيو. ملتان وارا سندس فتني خوريءَ جو احوال ٻڌي ايتري قدر ڪاوڙجي ويٺا هئا جو انهن دل ۾ پڪو پهه ڪري ڇڏيو ته کڻي ڇا به ٿئي عربن جي اطاعت هرگز نه ڪنداسين. محمد بن عدي جڏهن ملتان ويجهو پهتو، تڏهن خبر پئي ته ملتان وارا وڏي تياري سان ساڻس مقابلي لاءِ موجود آهن ۽ محمد لڙائي شروع ڪئي ته ملتان وارا بهادريءَ سان وڙهيا جو کيس سخت شڪست ٿي. اها ئي وڏي غنيمت هئي جو محمد بن عدي ٿورن ساٿين سان گڏ ڀڄي پنهنجي جان بچائي سگهيو. ملتان وارن ڪامياب ٿي محمد جو سڀ مال ۽ ملڪيت ڦري ورتو ۽ پنهنجي سوڀ تي خوشي جا گيت ڳائيندا ملتان ۾ داخل ٿيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org