سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب: 2

صفحو :3

 باب چوٿون

دنيا ۾ اسلام جو ظهور

حضور پاڪ محمد مصطفيٰ صلي الله عليہ وسلم جن کان اڳ سموري دنيا تي شرڪ ۽ ڪفر جا ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا. سڄي دنيا فتني فساد جو گهر بنجي چڪي هئي. بت پرستي عروج تي پهتل هئي. عين انهيءَ دور ۾ رب پاڪ پنهنجو پيغمبر، انسان ذات جي اصلاح ۽ هدايت لاءِ عرب جي سرزمين تي قريشي قبيلي جي هاشمي خاندان مان پيدا ڪري موڪليو.

20- اپريل 571ع (وڪرمي سنبت ڄيٺ، 628 ۾ پيغمبر آخر الزمان رحمت للعالمين حضرت محمد بن عبدالله عليہ الصلواة والسلام مڪي معظم ۾ هن دنيا ۾ جلوهگر ٿيا. سندن پيارو نالو ”محمد“ رکيو ويو. سندن ولادت وقت ڪسريٰ جو ڪوٽ جا ڪنگرا ڪري پيا ۽ دنيا سڀ آتشڪدا سرد پئجي ويا. دنيا ۾ ان معجزي ڪري اها خبر عام ٿي ويئي ته پيغمبر آخرالزمان، شهنشاهه عرب و عجم پيدا ٿيا آهن.(1)

مڪي جا سڀئي قبيلا سندن سچائي ۽ ايمانداري ڪري کين ”الامين“ چوندا هئا. قرآن پاڪ ۾ سندن نالو ڪيترين جاين تي محمد صه آيو آهي. هڪ هنڌ سورة الصف آيت 6 سيپارو 28 ۾ ”احمد“ به آيو آهي، ليڪن پاڻ دنيا ۾ ”محمد صه“ جي نالي مبارڪ سان مشهور آهن. دنيا ۾ جيڪي به پيغمبر آيا، تن مان حضور پاڪ صلي الله عليہ وسلم جن جي واحد ذات گرامي آهي، جن جو پورو احوال تاريخ جي روشني ۾ ملي ٿو. سندن سيرت پاڪ تي سڀ کان قديم تاريخ ابن اسحاق (150هه/767ع) جي ملي ٿي. سندن تصنيف ڪيل سيرت نبويءَ کي ابن هشام نئين سر ترتيب ڏنو. ابن هشام 218هه/833ع ۾ مصر ۾ وفات ڪئي.

مڪي جي قديم رواج موجب پاڻ سڳورا صلي الله عليہ وسلم بني سعد قبيلي جي نيڪ خصلت خاتون حضرت حليمه وٽ نپيا. چئن سالن جي عرصي کان پوءِ پاڻ موٽي پنهنجي والده وٽ آيا. پاڻ سڳورا صلي الله عليه وسلم ڇهن سالن جا ٿيا ته والده جي شفقت جو مبارڪ سايو سندن سر مبارڪ تان کڄي ويو ۽ ڏاڌي جي سنڀال هيٺ رهڻ لڳا. ٻن سالن کان پوءِ سندن ڏاڏو حضرت عبدالمطلب به عالم بقا ڏانهن راهي ٿيو ته سندن پرورش جو بار سندن چاچي ابو طالب جي مٿان آيو.

حضور پُر نور صلي الله عليه وسلم جڏهن ويهن ورهين جي ڄمار جا ٿيا، تڏهن قريش ۽ قيس قبيلن جي وچ ۾ جنگ لڳي. آخر ۾ حلف الفضول جو عهدنامو ٿيو، ان ۾ پاڻ شريڪ هئا. انهيءَ زماني ۾ ڪعبة الله شريف جي عمارت زبون ٿي چڪي هئي. ان جي نئين سر تعمير لاءِ قريش قوم ۾ حجر اَسود جي نصب ڪرڻ تان تڪرار ٿيو، ليڪن پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جي دانشمنديءَ سان اهو جهيڙو ٽري ويو.

پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن 25 سالن جي عمر ۾ مڪي پاڪ جي هڪ عالي نسب ۽ مالدار بيوه خاتون حضرت خديجة الڪبريٰ سان شادي ڪئي. شادي ڪرڻ کان پوءِ سندن ڪاروبار ۾ ڪافي اضافو ٿيو. پاڻ سڳورا صلي الله عليه وسلم اگرچه دنيوي تعلقات کان بلڪل آزاد نه هئا، تاهم سندن طبيعت رفتي رفتي خلوت نشيني ڏانهن مائل ٿيڻ لڳي، جنهن ڪري مڪي کان ٻاهر هڪ پهاڙ ۾ غارِ حرا ۾ وڃي خدا تعاليٰ جي عبادت ڪندا هئا.

غارِ حرا ۾ ئي کين هڪ فرشتي مخاطب ٿي فرمايو: ”اقراءَ باسم ربک الذي خلق.“ اها قرآ ڪريم جي پهرين آيت هئي، جا مٿن نازل ٿي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ٻيهر وحي جو نزول ٿيو، ان بعد کين باقاعدي الله پاڪ جي طرفان انساني هدايت لاءِ پيغام پهچائيندا رهيا ۽ وحي جو سلسلو جاري رهيو.

پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن پهريائين پنهنجي قبيلي اندر الاهي پيغام جو پرچار شروع ڪيو ۽ ڪن خاص ماڻهن کي اسلام جي دعوت ڏنائون. سندن ان دعوت تي عورتن ۾ سڀ کان اول سندن پاڪ بيبي حضرت خديجہ، مردن ۾ حضرت ابوبڪر رضـي الله عنہ، ٻارن ۾ حضرت علي رضـي الله عنہ ۽ ٻانهن ۾ زيد بن حارث رضـي الله عنہ اسلام آندو.(1) ٽن سالن جي عرصي تائين پاڻ سڳورا صلي الله عليه وسلم اسلام جي تبليغ مخفي طرح سان ڪندا رهيا. سندن انهيءَ تبليغ ۽ حضرت ابوبڪر رضـي الله عنہ جي ترغيب ڪري حضرت عثمان، زبير بن عوام، عبدالرحمٰن بن عوف، سعد بن ابي وقاص ۽ صالح بن زبير، سندن چاچو حضرت عباس ۽ حضرت عمر بن خطاب اسلام جي حلقي ۾ داخل ٿي ويا. مڪي جا قريش جيڪي بت پرست هئا، تن سندن مخالفت ڪرڻ شروع ڪئي. ليڪن حضرت عمر ۽ حضرت عباس رضي الله عنہ جي مسلمان ٿيڻ کان پوءِ حضور پاڪ صلي الله عليہ وسلم جن کليو کلايو اسلام جي تبليغ شروع ڪري ڏني.

مڪي جا قريش  حضور پاڪ صلي الله عليہ وسلم جي واتان پنهنجن بتن جي مخالفت ٻڌندي ڪاوڙ ۾ اچي ويا. اهي هڪ طرف نبي سڳوري صلي الله عليہ وسلم جي مخالفت ڪرڻ لڳا ته ٻئي پاسي نو مسلم ٻانهن ۽ ٻانهين تي طرح طرح جا ظلم ڪرڻ لڳا. جڏهن سندن ڏاڍايون حد کان لنگهي ويون، تڏهن ڪن مظلوم مسلمانن مجبور ٿي مڪي کي سن615ع ۾ الوداع ڪيو ۽ حبش ڏانهن هجرت ڪيائون، جن ۾ حضرت عثمان بن عفان پڻ هو. نبوت جي چوڏهين سال يعني هجرت نبوي کان اٽڪل ٽي سال اڳ حضرت ابو طالب وفات ڪئي ۽ ڪجهه عرصي کان پوءِ حضرت بيبي خديجه به گذاري وئي. حضور صلي الله عليہ وسلم جن کي انهن ٻن رفقين جي جدائي جو ڌاڍو صدمو رسيو. انهيءَ هجرت واري زماني کان اڳ ”اسريٰ“ جو واقعو به رونما ٿيو، يعني پاڻ ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن مڪي کان بيت المقدس ۽ آسمانن جو سير ڪيو، جنهن کي ”معراج نبوي“ چيو وڃي ٿو.

ڪيترا عرب قبيلا هر سال حج ڪرڻ جي ارادي سان مڪي شريف ۾ ايندا هئا. هڪ ڀيري عقبه جي مقام وٽ يثرب جي خزرج قبيلي جا چند ماڻهو حضور جن سان ملاقاتي ٿيا. حضور صلي الله عليہ وسلم جن کين اسلام جي دعوت ڏني، جا هنن خوشي سان قبولي ۽ ان اقرار کي ”بيعت عقبہ“ ڪري سڏيائون. جڏهن حضور صلي الله عليہ وسلم جن کي يثرب جي رهاڪن جي وفا ۽ سچائي جو چڱي طرح سان يقين ٿي ويو، تڏهن مسلمانن کي مڪي کان مديني هجرت ڪرڻ لاءِ چيائون، جنهن ڪري مڪي کان ڪافي قبيلا هجرت ڪري مديني پهتا. صرف پاڻ سڳورا صلي الله عليہ وسلم، حضرت ابوبڪر رضي الله عنہ، حضرت علي رضي الله عنہ ۽ چند ٻيا اصحاب رهجي ويا.

مڪي جي مشرڪن اسلام کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪيتريون سازشون ڪيون. آخر ۾ اها سازش ڪيائون ته ڪنهن نموني حضور صلي الله عليہ وسلم جن کي شهيد ڪيو وڃي. کين جڏهن مشرڪن جي سازش جو پتو پيو، تڏهن رات جو حضرت علي رضي الله عنہ کي پنهنجي بستري تي سمهاري، ماڻهن جون امانتون سندس حوالي ڪري، پاڻ صلي الله عليہ وسلم پنهنجي رفيق حضرت ابوبڪر رضي الله عنہ سان گڏجي مڪي کان ٻاهر جبل ثور جي غار ۾ اچي منزل انداز ٿيا، جتان ٽن ڏينهن کان پوءِ يثرب جي طرف روانا ٿيا. حضور صلي الله عليہ وسلم جن 22 سيپٽمبر 622ع تي مديني ڏانهن هجرت ڪئي. ان کي ”هجرت نبوي“ ڪري چئبو آهي ۽ انهيءَ واقعي کان وٺي اسلام ۾ هجري سنه شمار ڪيو ويندو آهي.(1)

هجرت جي نقطه انقلاب واري اثر هيٺ سن624ع ۾ بدر جي مقام وٽ جنگ لڳي، جنهن ۾ مسلمانن جي سوڀ ٿي. اسلام جي سڀ کان پهرين اها سوڀ هئي، جنهن جو ذڪر قرآن پاڪ ۾ پڻ آيو آهي.(2) مڪي جي مشرڪن بدر جي لڙائي جو بدلو وٺڻ لاءِ ابو سفيان جي سپہ سالاري هيٺ 625ع ۾ ”احد“ جي ميدان تي جنگ ڪئي، جنهن ۾ پڻ آخرڪار فتح مسلمانن جي ٿي. ان کان پوءِ وري 627ع ۾ جنگ احزاب لڳي.(3)

انهيءَ مدني دور ۾ اسلام تي قوميت جو نمايان رنگ چڙهيو. حضرت محمد صلي الله عليہ وسلم جن يهودين ۽ عيسائين سان بلڪل قطع تعلقات ڪيو. ڇنڇر جي بجاءِ جمعي کي مسلمانن لاءِ عبادت جو ڏينهن مقرر ڪيو ويو. گهنڊن گهڙيالن جي جاءِ تي اذان جو آواز مقرر ٿيو. ماهه رمضان ۾ روزن رکڻ، پنج وقت نماز پڙهڻ ۽ ڪعبي ڏانهن قبلي رخ تبديل ڪرڻ جو حڪم مليو. سن628ع ۾ آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جن چوڏهن سو مؤمنن سان گڏجي مڪي ۾ ويا ۽ اتي صلح حديبيه جو مشهور عهدنامو ڪيو ويو.(1) صلح حديبيه کان ٻه سال پوءِ جنوري 630ع/ سن8 هجري ۾ مڪو فتح ٿيو. حضور پاڪ صلي الله عليہ وسلم جن خانه ڪعبه ۾ داخل ٿي، پاڻ پنهنجن هٿن سان بت ڀڳا. بتن کي ٽوڙڻ وقت سندن زبان مبارڪ تي هي الفاظ هئا: جاءَ الحق و زهق الباطل.“ يعني حق آيو ۽ باطل نابود ٿي ويو. پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم مڪي وارن تي رحم ۽ ڪرم جو برتاءُ ڪيو.(2)

تاريخن جي اهڙي فاتحانه انداز ۾ داخل ٿيڻ جو ٻيو ڪوبه مثال ڪونه ٿو ملي.

هجرت جي ڏهين سال حضور پاڪ صلي الله عليہ وسلم جن حاجين جي وڏي قافلي کي ساڻ ڪري حج جي ارادي سان وڏي شان و شوڪت سان مڪي شريف ۾ آيا، اهو سندن آخري حج جو، جنهن کي ”حجة الوداع“ به چوندا آهن. حج جي موقعي تي هڪ وڏو خطبو ڏنائون، جيڪو اسلام ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. مڪي شريف کان موٽي اچڻ بعد ٽن مهينن کان پوءِ سندن طبيعت ناساز ٿي پيئي ۽ سر مبارڪ ۾ درد جي تڪليف محسوس ڪيائون. آخرڪار 8 جون 632ع تي هن جهان مان برقعو مٽايائون.

(الف) مسجد نبوي - اسلام جو پهريون درسگاهه

مسجد متعلق حضور صلي الله عليہ وسلم جن جي حديث آهي: ”جعلت لي الارض مسجدا“ يعني الله تعاليٰ منهنجي لاءِ سڄي زمين مسجد ٺاهي آهي. اسلام کان اڳ وارن نبين لاءِ ڪنهن نه ڪنهن مقرر جاءِ ۾ وڃي عبادت ڪرڻ ۽ عبوديت جي اظهار واري فرض کي پورو ڪرڻ لازمي هو، پر اسلام ان حالت کي بلڪل بدلائي ڇڏيو. تاريخ جي ورق گرداني مان چڱيءَ طرح سان معلوم ٿئي ٿو ته مصر، يونان ۽ ٻڌ ڌرم جي تهذيبن ۾ جيڪي عبادت خانه تعمير ڪيا ويندا هئا، اهي ڪنهن نه ڪنهن ”معبود“ جي نالي سان منسوب ڪيا ويندا هئا ۽ ٻئي ڪنهن به هنڌ عبادت ڪرڻ کان منع هئي.(1)

رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن مڪي شريف ۾ ڪنهن به کليل هنڌ تي نماز نه پڙهي هئي. بلڪ مڪي جي اصحابن جي گهرن ۾ نماز ادا ڪندا هئا. حضرت عمر رضي الله عنہ جي اسلام اختيار ڪرڻ کان پوءِ اسلام جي قوت ۽ دٻدٻي ۾ ڪافي اضافو ٿيو ۽ ان کان پوءِ ئي نماز جماعت سان گڏ ڪعبة الله جي ويجهو پڙهڻ شروع ڪئي ويئي.

حضور پاڪ صلي الله عليہ وسلم جن مڪي کان هجرت ڪري، جڏهن مديني ڏانهن روانا ٿيا، تڏهن مديني کان ٻاهر قبا نالي هڪ جاءِ تي قيام ڪيائون. سومر کان خميس جي ڏينهن تائين اُتي بنو عمرو بن عوف (قبيلي) وارن وٽ رهيا ۽ اتي اسلام جي پهرين مسجد جو بنياد وڌائون. حضور پاڪ صلي الله عليہ وسلم جن انهيءَ مسجد جو بنياد پنهنجن مبارڪ هٿن سان رکيو ۽ قبيل جو رخ بيت المقدس طرف ڪيائون. جمعي جي ڏينهن منجهند کان اڳ مديني طرف وڃڻ شروع ڪيائون ۽ عين سج لٿي واري نماز مهل زانوبہ جي ماٿري ۾ پهتا، جتي بني سلام بن عوف جي مسجد ۾ جمعي جي نماز ادا ڪيائون. اسلام جي تاريخ ۾ اها جمعي جي پهرين نماز هئي.

مديني منوره ۾ پهچڻ کان پوءِ حضور صلي الله عليہ وسلم جن سڀ کان اول مسجد نبوي جي اڏاوت جو ڪم هٿ ۾ کنيو. مسجد جي تعمير ٿيڻ کان پوءِ نماز باجماعت ادا ٿيڻ لڳي. پاڻ سڳورن صلي الله عليہ وسلم ان مسجد شريف جي ڀرسان پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي رهائش واسطي حجرا تعمير ڪرايا. انهيءَ مسجد شريف کي ٽن طرفن کان ٽي دروازا هئا، انهيءَ مسجد جو قبلو به بيت المقدس طرف هو، جيڪو پوءِ هجرت جي سورهين مهيني ۾ پنڌرهين شعبان تي الاهي امر مطابق بدلايو ويو هو.(1)

اسلام جي اوائلي دور ۾ مسجد شريف نه صرف نماز ۽ عبادت الاهيءَ لاءِ مخصوص هئي، بلڪ ان ۾ ديني علمن جي تعليم ۽ سياسي اهم فيصلن جو نبيرو به ڪيو ويندو هو. خلفاءِ راشدين جي دور ۾ پڻ ديني خواهه دنيوي معاملن ۾ مسجد شريف وڏو اهم ڪردار ادا ڪيو. مسجد ۾ کلئي عام تعليم ڏني ويندي هئي. اوائلي دور ۾ ته وڏا جيد اصحابي به مسجد شريف ۾ رهندا هئا ۽ قرآن ۽ ان جو تفسير بيان ڪندا هئا. حضور پاڪ صلي الله عليہ وسلم جن پڻ قرآني علم جو درس مسجد شريف ۾ ويهي ڏيندا هئا ۽ سندن چوگرد اصحابن جو وڏو اجتماع رهندو هو. عبدالله بن عباس جي باري ۾ ڪتابن ۾ اچي ٿو ته پاڻ ڪعبة الله جي صحن ۾ ويهي قرآن شريف جي تشريح ڪندا هئا. ربيعة الرائي نالي هڪ شخص مديني جي مسجد نبوي ۾ عام مسلمانن کي قرآن شريف سمجهائيندو هو.

حضور صلي الله عليہ وسلم جن جي زماني ۾ مديني شريف ۾ اٽڪل نَوَ مسجدون هيون ۽ انهن مسجدن ۾ قرآن پاڪ جو درس ڏنو ويندو هو. مديني ۽ ان جي آس پاس رهندڙ مسلمان پنهنجا ٻار مسجد نبوي ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليندا هئا.(1) خلفاءِ راشدين جي زماني ۾ پڻ درس تدريس جو ڪم مسجد ۾ ٿيندو هو.حضرت عمر رضي الله عنہ پنهنجي خلافت جي زماني ۾ اسلامي تبليغ ۽ ديني تعليم لاءِ ڪوفي، بصره ۽ دمشق جي مسجدن اندر بندوبست ڪيو هو. جتي وڏا وڏا عالم ۽ اصحابي درس ڏيندا هئا.

(ب) اسلام ۾ تعليم جو رجحان ۽ علوم اسلاميه جي تبليغ ۽ اشاعت

حضرت آدم عليہ السلام جي تخليق کان پوءِ کيس سڀ کان اول عالم جي نعمت سان نوازيو ويو. جيئن الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ فرمايو آهي ته: ”علم آدم الاسماءَ کلها.“ حضرت آدم کي علم جي عطا ٿيل اهائي خصوصيت هئي، جنهن جي بدولت انسان کي دنيا جي ٻي سموري مخلوق تي فوقيت حاصل رهي. انهيءَ ڪري اسلام جي وجود۾ علم جي روشني کي بنياد بنايو ويو، جنهن جي شعائن پوءِ سڄي دنيا کي منور ڪري ڇڏيو.

حضرت ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن تي جڏهن غارِ حرام ۾ پهريون وحي نازل ٿيو ته کين ان وقت به علم پڙهڻ جو پيغام پهچايو ويو. اها ڳالهه علم جي اهميت ۽ افاديت کي واضح ڪري ٿي. نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن تي پڙهڻ بابت هي آيتون نازل ٿيون:

 

”پڙهه! پنهنجي رب پالڻهار جي نالي سان، جنهن پيدا ڪيو. انسان کي خون مان پيدا ڪيو آهي. پڙهه! تنهنجو رب وڏو ڪريم آهي. پڙهه! تنهنجو رب وڏو ڪريم آهي، جنهن انسان کي انهن شين جو علم عطا ڪيو، جن کي نه ڄاڻندو هو.“(1)

هن مان پڌرو ٿيو ته قرآن حڪيم جو پهريون پيغام پڙهڻ ۽ علم پرائڻ جو هو ۽ تعليم کان ان لحاظ سان ضروري ٺهرايو ويو. خود رسول ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن جا ڪئين ارشاد ملن ٿا، جن ۾ علم ۽ عالمن جي فضيلت بيان ڪئي ويئي آهي. سنن ابن ماجه ۾ حضرت عثمان رضي الله عنہ کان روايت آهي ته نبي صلي الله عليہ وسلم جن فرمايو ته قيامت جي ڏينهن ٽي (گروهه) شفاعت ڪندا. انبياءَ، پوءِ علماءَ، پوءِ شهداءَ. ٻي حديث ۾ اچي ٿو ته عالم کي عابد (عبادت ڪندڙ) تي اها فضيلت آهي، جيئن مون کي اوهان مان هڪ گهٽ ۾ گهٽ اصحابي تي آهي. هڪ حديث ۾ ته چٽائي سان فرمايو ويو آهي ته ”علم جي طلب هر مسلمان تي فرض آهي.“(2)

عهد رسالت ۾ بدر جي جنگي قيدين جي رهائي لاءِ اهو شرط هو ته هو مديني جي ماڻهن کي تعليم ڏين. حضرت ابوبڪر رضي الله عنہ، حضرت عمر رضي الله عنہ، حضرت عثمان رضي الله عنہ، حضرت علي رضي الله عنہ، حضرت صالح رضي الله عنہ، حضرت ابو عبيده رضي الله عنہ، حضرت سعد بن ابي وقاص رضي الله عنہ، حضرت عمرو بن العاص رضي الله عنہ ۽ ٻيا، درسگاهه نبويءَ جا وڏا معلم ٿي گذريا آهن.(3)

اسلام ۾ تعليم جي فلسفي جو ڪوبه شعبو جدا نه آهي. بلڪ نظريه ڪائنات، مقصد، زندگي ۽ مقصد تعليم هڪ ئي آهي. يورپ جي هڪ ماهر تعليم Keating جو قول آهي ته ”تعليم جو مقصد معين ڪرڻ بيسود آهي، ڇاڪاڻ ته هر شخص ان مان جدا فائدو وٺي سگهي ٿو.“

اسلام دنيا جو واحد مذهب آهي جنهن سموري انسان ذات لاءِ تعليم کي ضروري ۽ بنيادي جز قرار ڏنو آهي. يوناني ۽ چيني پنهنجي تهذيب ۽ تمدن جي لحاظ کان وڌيڪ ترقي يافته تصور ڪيا وڃن ٿا، ليڪن اهي به سموري انسان ذات جي تعليم جا قائل نه هئا ۽ انهن وٽ تعليم معاشري جي ڪن خاص طبقن لاءِ مخصوص هئي. افلاطون جهڙو ماهر تعليم پڻ انهيءَ خيال جو هو ته تعليم هڪ خاص طبقي کي ڏيڻ گهرجي، ليڪن اسلام ان ڳالهه جو قائل نه آهي. اسلام ته ”طلب العلم فريضة علي کل مسلم و مسلمہ“ جي تلقين ڪري ٿو.

رسول ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن اصحابن کي عربي ٻوليءَ کان سواءِ ٻين غير عرب ٻولين سکڻ جي نه صرف هدايت ڪئي، پر انهيءَ سلسلي ۾ ڪيترن ئي اصحابن کي عرب جي ٻين حصن ڏانهن روانو ڪيو.ڇاڪاڻ جو ائين ڪرڻ سان اسلامي تعليم ۽ تبليغ جو ڪم گهڻو آسان ٿي سگهيو ٿي. ان سلسلي ۾ زيد بن ضبط جو نالو اچي ٿو. هن يهودين ۽ اشورين جون ٻوليون سکيون هيون.(1) رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن پاڻ خود معلم يا استاد هئا ۽ سندن اصحابي سڳورا شاگردن جي حيثيت ۾ سندن مڪتب جا طالب العلم هئا. انهن جليل القدر اصحابن مان گهڻا اصحابي علوم اسلاميه جا جيد عالم ۽ فاضل ٿي گذريا آهن.

حضرت عمر رضي الله عنہ جي فرزند حضرت عبدالله جي دل علم جي روشني سان منور هئي ۽ اسلام جي اوائلي دور جي تاريخ جو وڏو معتبر عالم تصور ڪيو ويندو هو.(1) حضرت عبدالله بن عباس حضور صلي الله عليہ وسلم جن جو سوٽ هو. هو فقہ ۽ قرآن مجيد جي تشريح ڪرڻ ۾ وڏو ماهر هو. هن پنهنجي سموري حياتي علم پرائڻ جي سلسلي ۾ صرف ڪئي. مديني منوره ۾ هن حضور صلي الله عليہ وسلم جن جي حديثن جمع ڪرڻ ۾ وڏي محنت کان ڪم ڪرتو هو. حضرت علي بن ابو طالب رضي الله عنہ حضور صلي الله عليہ وسلم جن جو سوٽ ۽ نياڻو هو. حضرت علي رضي الله عنہ وڏين خوبين جو مالڪ هو. اسلامي علوم جو جامع ۽ قرآن پاڪ جو وڏو مفسر هو. حضرت رسول ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن کيس مديني جو فقيهه مقرر ڪيو هو. حضرت علي رضه، حضرت عبدالله بن عباس رضي الله عنهما جو استاد هو. حضرت ابوبڪر رضه پنهنجي خلافت جي زماني ۾ معاذ ابن جبل کي شام ڏانهن موڪليو هو ته هو اتي وڃي ماڻهن کي قرآن پاڪ جي تعليم ڏئي. اهڙيءَ طرح حضور صلي الله عليہ وسلم جن جي زماني ۾ خواهه خلافت راشده جي دور ۾ ڪيترائي اصحابي ٻين ڏورانهن ملڪن ۾ ويا ۽ اتي جي ماڻهن کي تعليم ڏنائون. سندن اهو قدم اڳتي هلي اسلامي تعليم جي راهه ۾ موثر ثابت ٿيو ۽ ڪيترائي درسگاهه قائم ٿيا، جن ۾ اسلامي علمن جو درس ڏنو ويندو هو.(2)

(ث) قرآن، تفسير، حديث ۽ فقہ:

قرآن مجيد الله تبارڪ وتعاليٰ جي طرفان موڪليل آخرين آسماني ڪتاب آهي. جنهن ۾ نه رڳو مسلمانن لاءِ، پر سموري انسان ذات لاءِ دستور حيات بيان ٿيل آهي. اسلامي فقہ جا سمورا قاعدا ۽ قانون هن ئي الهامي ڪتاب مان اخذ ڪيا ويا آهن.

قرآن جو لفظ ”قراء“ مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”هن گڏ ڪيو.“ ان جي ٻي معنيٰ اها به آهي ته”هن پڙهيو.“ قرآن شريف موقعي جي مناسبت سان رفته رفته آيتن جي صورت ۾ نازل ٿيو ۽ مسلسل ٽيويهن سالن جي عرصي ۾ (609ع کان 632ع) مڪمل ٿيو. جيئن جيئن قرآن پاڪ نازل ٿيندو ويو، تيئن تيئن ان جون آيتون ۽ سورتون، زيد بن ثابت، حضور صلي الله عليہ وسلم جن جي حڪم موجب کجين جي ڦڙهن، چمڙي ۽ ٻڪرين جي کلن ۽ دفترين تي لکائي محفوظ ڪيا. قرآن پاڪ ۾ ڪل 114 سورتون آهن. انهن مڙني سورتن مان سورة بقره قرآن شريف جو ٻارهون حصو والاري ٿي. هر هڪ سورت وري آيتن ۾ ورهايل آهي. وڏي سورة بقره ۾ 286 آيتون آهن ننڍي سورة ۾ فقط ٽي آيتون آهن.

قرآن شريف جي ترتيب ۽ تربيت:

قرآن شريف، رسول اڪرم صلي الله عليہ وسلم جن تي آيتن جي صورت ۾ مختلف موقعن ۽ وقت جي حالتن موجب نازل ٿيو. نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن جي وفات کان پوءِ حضرت ابوبڪر صديق رضه کي حضرت عمر رضه صلاح ڏني ته قرآن پاڪ جا حافظ رفتي رفتي وفات ڪندا پيا وڃن، ان حالت ۾ بهتر آهي ته قرآن پاڪ کي جمع ڪيو وڃي.(1) اهو ڪم پيغمبر صلي الله عليہ وسلم جن جي سابق وحي ڪاتب حضرت زيد بن ثابت جي حوالي ڪيو ويو. هن کجين جي ڦڙهين ۽ سفيد پٿرن تي لکيل، توڙي ماڻهن جي سينن ۾ محفوظ سورتن کي يڪجاءِ ڪري قرآن پاڪ جو متن تيار ڪيو. حضرت عثمان رضه جي خلافت (644-656ع) ۾ عربي ٻولي جي مختلف لهجن ڪري قراءَت جي باري ۾ اختلاف پيدا ٿيو. تنهن ڪري حضرت عثمان رضه ان کي قريش جي فصيح لغت ۽ لهجي ۾ نقل ڪرايو، جنهن جو بنياد حضرت ابوبڪر وارو نسخو هو، جو ان وقت ام المؤمنين حضرت حفصہ بنت عمر رضه وٽ هو. ان نئين نسخي جا ٽي نسخا تيار ڪرايا ويا، جيڪي دمشق، بصره ۽ ڪوفي جي اسلامي مرڪزن ڏانهن موڪليا ويا. ان بعد حضرت عثمان رضه وري جي نشانيون (اعرابون) مقرر ڪرايون ته جيئن قرآن شريف پڙهڻ ۾ ڪا غلطي يا سَهوَ نه ٿئي.

قرآن مجيد جي تاريخي حيثيت:

قرآن شريف دائمي دستور حيات آهي ۽ هر وقت ۽ هر زماني جي حالتن ۽ تقاضائن جو پورائو ڪندڙ آهي. ويهين صديءَ ۾ پڻ ان جي وڏي اهميت آهي. قرآن شريف ۾ نه فقط رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن جي ڪاميابين جو رڪارڊ آهي، پر ان ۾ ظهور اسلام کان اڳ واري دور جي تاريخ پڻ سمايل آهي، جنهن ۾ قومن جي تهذيب ۽ تمدن، عروج ۽ زوال، تاريخي واقعن جو احوال پڻ آيل آهي. دراصل قرآن پاڪ گذريل دور جي واقعن جي ڀرپور تاريخ آهي. سياسي پهلوئن لاءِ پڻ قرآن شريف هڪ سڌي راهه ڏسي ٿو. هن ۾ حاڪم، سلطنت، رعايا بابت جيڪي به حق حقوق ٻڌايا ويا آهن، تن ۾ ڪنهن به شڪ شبهي جي ڪابه گنجائش باقي نه آهي.

قرآن شريف جو ادبي مقام:

عربي علم ادب ۾ قرآن شريف هڪ اعليٰ مقام رکي ٿو. قرآن شريف جي نازل ٿيڻ کان اڳ ۾ ڪوبه سلسلي وارو ادب ڪونه هو. نظم عربن ۾ مروج هو، جن ۾ صرف شراب، عورت، حسن، گهوڙي ۽ تلوار جي ساراهه هئي.اهو قرآن شريف ئي آهي، جنهن عربي ادب کي صحتمند عنوان ڏنا، جن جو اثر پوري دنيا تي ڇائنجي ويو. F. Arbuthnot جو چوڻ آهي ته ”قرآن شريف نج عربي ادب جو مشاهدو آهي، جيڪو اڌ نظم ۽ اڌ نثر ۾ لکيل آهي.“ گرامر جي ڪن ماهرن پنهنجو اهو رايو به ڏنو آهي ته قرآن پاڪ ۾ ڪيترائي اهڙا محاورا ۽ ترڪيبون استعمال ۾ آيل آهن، جن جي ڀيٽ ۾ ڪوشش جي باوجود اهڙي مثالي تحرير وجود ۾ نه اچي سگهي آهي. بيشڪ قرآن شريف اعليٰ خيالن جي اظهار، عبارت جي بلندي، ٻولي جي سِٽاءِ، سلاست ۽ بلاغت جي لحاظ کان دنيا جي ادبي ٻولين ۾ بي نظير آهي. ڊي. لا. وينسٽ لکي ٿو ته قرآن ڪريم مسلمانن جي عقيدي موجب دنيا ۾ انسان ذات جي ڀلائي ۽ بهبودي لاءِ مطلب ۽  مقصد رکي ٿو ۽ آخرت ۾ سندن ڇوٽڪاري جي ضمانت ڏئي ٿو. هڪ فرينچ عالم جو چوڻ آهي ته ”قرآن شريف کي سائنسدانن لاءِ سائنسي تحقيق جو ادارو سڏيو وڃي ته بجا ٿيندو. هي ساهوارن جي علم ۾ عمرانيات، اشتقاق جي ماهرن لاءِ لغت، صرف نحو وارن لاءِ قاعدي قانون جو ڪتاب، شاعرن لاءِ علم عروض ۽ ملڪي دستور جو وڏو دستاويزي ڪتاب آهي.“

اُميہ دور ۾ اسلامي علوم جو دنيا ۾ ڦهلجڻ (21هه-123هه)

بنو اميه جي دور ۾ اسلامي حڪومت جو نظام خلافت کان تبديل ٿي ملوڪيت ۾ آيو ۽ جمهوريت جو بلڪل خاتمو ٿي ويو. رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن جي آخرين جاءِ نشين حضرت علي رضه جي شهادت کان پوءِ خلافت حضرت معاويه بن ابو سفيان کي ملي.

حضرت عمر رضه جن جي دور خلافت ۾ مسلمانن ۽ ايرانين جي وچ ۾ لڙايون لڳيون، تڏهن سنڌ جي ”ٻڌ“ حڪومت جون فوجون پڻ ايرانين جي حمايت ۾ مسلمانن جي خلاف ميدان ۾ آيو. ايران ۾ ساساني حڪومت جي خاتمي بعد ايراني سردارن سنڌ ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي ۽ اهي مسلمانن جي خلاف سازشون ڪندا رهيا. ان کان سواءِ ڪي عرب سردار به حڪومت سان بغاوت ڪري اچي سنڌ ۾ مقيم ٿيا.

وليد اول بن عبدالملڪ (86هه-96هه) کي محمد بن قاسم، قتيبہ بن مسلم، موسيٰ بن نصير، طارق ۽ مسلم بن عبدالملڪ جهڙا اسلامي تاريخ جا عظيم سپهه سالار مليا، جن يورپ ۽ ايشيا جي ميدانن کي لتاڙي فتوحات حاصل ڪيون. جن ۾ محمد بن قاسم ثقفي جي اڳواڻي هيٺ سنڌ جي فتح جو عظيم ڪارنامو تاريخي يادگار آهي.

بنو اُميه دور ۾ اسلامي تعليم ۽ تهذيب جو ڦهلاءُ دنيا جي ڪافي حصن تائين پکڙجي ويو(1) ۽ عربن تاريخ، جاگرافي، علم هيئت، قرآن، حديث، قانون سازي، فلسفي ۽ فقه جي تعليه ڏيڻ شروع ڪئي. قرآن شريف ۽ حديث جي تعليم تي خاص ڌيان ڏنو ويو. عام ماڻهن کي تعليم حاصل ڪرڻ جي کُلي اجازت هئي.(2) ڪيترن مڪتبن، مدرسن ۽ درسگاهن کي وقف ڪري مسجدن سان منسلڪ ڪيو ويو. پڙهائڻ جوطريقو آزاد خطبن ۽ وعظن تي مبني هو. قابل اُستادن ۽ عالمن جي گرد سوين شاگرد ويهي تعليم حاصل ڪندا هئا.(3)

ابن خلڪان جي تحرير مطابق اسلام جي اوائلي دور ۾ اصحابن، قريشن ۽ عربن مان ڄاڻو ماڻهن تعليم ڏيڻ شروع ڪئي، بعد ۾ انهيءَ پيشي کي روزگار جو ذريعو بنايو ويو. جيئن ته ملڪي ۽ سياسي استحڪام لاءِ تعليم انتظاميه ۽ عدليه ۾ عربي ٻولي کي مقرر ڪيو ويو، تنهن ڪري شام ۾ يوناني ۽ سرياني ٻولين، مصر ۾ قبطي ٻولي، ايران ۽  عراق ۾ آرامي ٻولي جي جاءِ تي عربي ٻولي کي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن دور ۾ ثقافت ۽ علم ادب جو پرچار ٿيو. مدرسا ۽ شفاخانه ملڪ جي مختلف حصن ۾ کوليا ويا. اُميه بادشاهن شاعرن ۽ قصي خوانن کي پنهنجي درٻار ۾ رکيو، جن فصاحت ۽ بلاغت، پهاڪن، محاورن، اصطلاحن ۽ فلسفي کي ٻولي ۾ ڪم آڻي ادبي ذوق کي اوج تي پهچايو.

امير معاويه، عيسائين جي ايڊسا جي زلزلي ۾ ڊٺل ديول کي وري ٺهرائڻ جو حڪم ڏنو. هن پنهنجي درٻار ۾ عيسائي طبيب ابن عادل کي گهرائي طب جا ڪتاب عربي ۾ ترجمو ڪرايا ۽ کيس دمشق روانو ڪري، يمن جي حڪمرانن جي تاريخ لکڻ لاءِ پڻ چيو. خالد بن يزيد بن معاويه سٺو شاعر ۽ بهترين مقرر هو. هي پهريون شخص هو، جنهن علم هيئت ۽ ڪيميا جا ڪتاب ترجمو ڪيا. هن اسٽيفن ۽ ميرين جي ڪتابن کي عربي ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو.(1)

عمر بن عبدالعزيز سنڌ جي غير مسلم بادشاهن کي اسلام ۾ اچڻ ۽ ان جي تعليم تي عمل ڪرڻ لا دعوت ناما موڪليا، تنهن ڪري راجا ڏاهر جو پٽ ۽ ٻيا ڪي هندو مسلمان ٿيا.

هن يوناني فلسفي جي معلم ابن ابجر کي ڪيميا جي شعبي جو سربراهه مقرر ڪيو. هن جي ڪري ئي يوناني فلسفو مصر کان انطاڪيه ۽ خاران ڏانهن منتقل ٿيو.

هشام بن عبدالملڪ بن مروان (105-125) پڻ ٻين قومن جي علم ۽ ادب ۾ دلچسپي ڏيکاري، فارسي جا ڪيترائي مضمون عربي ۾ ترجمو ڪرايا. هشام جي ڏينهن ۾ اسلامي فتوحات جو دائرو وسيع ٿيندو ويو. عرب فوج سندس حڪم تي سنڌ ۾ رهڻ لڳي ۽ ٻه شهر ”محفوظہ“ ۽ ”منصوره“ آباد ٿيا.

اموي خلافت جي دور ۾ مڪو ۽ مدينو اسلامي تعليم ۽ ثقافت جا مرڪز هئا. عام ماڻهو به پري پري کان ڪهي اچي معتبر  مبلغن ۽ عالمن کان فيضياب ٿيندا هئا. مديني جي درسگاهن ۾ ڪيترائي عالم ۽ فاضل تاريخ، تفسير، حديث ۽ قانون جي تعليم اچي حاصل ڪندا هئا. عبدالعزيز ابن مروان مديني ۾ تعليم حاصل ڪئي.(1) محمد بن اسحاق ۽ الواقدي، حضور صلي الله عليہ وسلم جن جي سوانح ۽ مسلمانن جي لڙاين بابت تاريخون لکيون. هنن ٻنهي جي پرورش مديني ۾ ٿي هئي.

مڪي جي فتح کان پوءِ عوام جي تعليم جو ڪم حضرت معاذ بن جبل رضه جي سپرد هو. ان جي وفات کان پوءِ حضرت عبدالله بن عباس رضه سندس جاءِ والاري، جنهن پنهنجي معلمي واري پيشي جي شروعات ئي بصره ۽ مديني مان ڪئي هئي. هو ڪعبي جي صحن ۾ ويهي حديث، تفسير، فقہ ۽ قانون جي تعليم ڏيندو هو. مڪي جي مڪتب مان ئي مجاهد ابن جبر، عطاءَ بن ابي رباح ۽ طائوس بن ڪيسان جهڙا عالم ۽ فاضل پيدا ٿيا. مجاهد ابن جبر قرآن شريف جي تفسير لکڻ ڪري مشهور ٿيو. عطاءَ بن ابي رباح حج جي مسئلن جو ڄاڻو هو. طائوس بن ڪيسان فارسي هو ۽ ابن عباس جو پيارو ۽ وڏي ڄاڻ وارو شاگرد هو. کيس مڪي جي منصفن جو اڳواڻ ليکيو وڃي ٿو.

عراق جا مکيه شهر بصره ۽ ڪوفو تعليم و تربيت جا اهم مرڪز هئا. عربي گرامر جو ابو عبدالاسود (Du’Ali) بصره ۾ پيدا ٿيو هو، جنهن عربي لغت ”ڪتاب العين“ پڻ تصنيف ڪيو.(1)

ابو موسيٰ يمن جو ويٺل هو، جنهن مڪي ۾ اچي اسلا قبوليو. سندس شمار رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن جي ڄاڻو اصحابن ۾ ٿيندو هو. بعد ۾ بصري ۾ رهي قرآن جي تعليم ڏنائين. انس بن مالڪ مدني هو ۽ رسول الله صلي الله عليہ وسلم جن جي ڏهه سال خدمت ڪيائين. انهيءَ کان پوءِ بصري ۾ آيو جتي 92هه ۾ وفات ڪيائين. انس محدث جي حيثيت سان مشهور ٿيو.

بنو اُميه جي دور ۾ حسن البصري ۽ محمد ابن سيرين، بصري جا مشهور محدث ۽ عالم ٿي گذريا آهن.(2) حضور صلي الله عليہ وسلم جن جا ساٿي، جيڪي ڪوفي ۾ مقيم ٿيا، تن مان حضرت علي بن ابو طالب ۽ حضرت عبدالله بن مسعود جا نالا سرفهرست آهن.

ابن مسعود جيد عالم، محدث ۽ مفتي هو، کيس 848 حديثون برزبان ياد هيون ۽ انهن جي مرتب ڪرڻ ۾ وڏو مددگار ثابت ٿيو.(3) القمہ الاسود، Masrnq، عبيده الحارث، ابن حارث ۽ عمرو بن شربيل سندس شاگردن مان هئا. ابن سعد کان پوءِ انهن ئي عالمن سندس ڪم کي پايه تڪميل تي پهچايو ۽ ڪوفي ۾ ثقافتي تحريڪ جاري رکي.(4) اشور جا شهر انطاڪيه، بيروت ۽ دمشق ۽ حمص ثقافت ۽ سکيا جا اهم مرڪز هئا. اشور پيغمبرن ۽ نبين جي پيدائش جي سرزمين هئي ۽ قديم تهذيب اتي ئي جنم ورتو ۽ انهن ئي ڪلدانين، مصرين، عبرانين، يونانين ۽ رومين جي سڃاڻپ ڪئي. اشورين الف ب لکڻ جو طريقو انهن قومن کان سکيو. عبرانين کان دينيات جا اصول، يونانين کان فلسفو ۽ رومين کان فوجداري ۽ ديواني قاعدا ۽ قانون سکيا. اشوري، آرامي ۽ يوناني ٻوليون عربي سان مسلسل رابطي ۾ رهيون. مَلڪ، عبيده ۽ ابو برده اشور ۾ اسلامي تعليم جا اوائلي معلم هئا، جن کي حضرت عمر رضه قرآن شريف، حديث ۽ فقهه سيکارڻ لاءِ اتي مقرر ڪيو هو. مَلڪ پنهنجا آخري ڏينهن معلم جي حيثيت ۾ اشور ۾ گذاريا. عبيده بن الصامت مديني جو رهاڪو هو، جنهن قرآن کي گڏ ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. ابو برده حضور صلي الله عليہ وسلم جن جي اصحابن مان هو. هن دمشق جي قاضي جي حيثيت ۾ اتي وفات ڪئي. ابو ادري الخولاني، مخول الدمشقي، عمر بن عبدالعزيز، راجه بن حيوان، عبدالرحمٰن الاوزاعي ۽ ابو حنيف جهڙا عالم اشور جي درسگاهن مان پڙهي اسلام جي تبليغ ۾ مشغول رهيا.(1)

مصر ۾ جن عالمن قرآن ۽ حديث جي تعليم ڏني، ان ۾ عبدالله بن عمرو العاص هو. هي پنهنجي وقت جو عالم ۽ محدث ٿي گذريو آهي. انهيءَ کان سواءِ هو اشوري ٻولي جو ڄاڻو ۽ توريت کان پورو واقف هو. عبدالله ابن لهاعہ ۽ ليث ابن سعد، يزيد جي قابل ۽ چيده شاگردن مان هئا ۽ سندن علميت جي لحاظ کان هر هنڌ شهرت هئي. عابد ابن شاريه، واهب ابن منبہ ۽ ڪعب الاهبر يمني يهودي وڏا تاريخدان هئا. عابد ”ڪتاب الملڪ و اڪبر المدينہ“ لکي شهرت حاصل ڪئي. معاويہ، عابد ابن شاريه کي يمن مان گهرائي عربن جي تاريخ لکڻ لاءِ چيو. اهڙي طرح عربي تاريخ نويسي جو ڪم پهريون ڀيرو عمل ۾ آيو.(1)

خالد بن يزيد بن معاويه، علم ڪيميا ۽ علم منطق جي ڪيترن ئي ڪتابن کي عربي ۾ ترجمي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ابن قلبي هشام ۽ شارق بن قتمي، عرب قومن جي شجري جي فهرست تيار ڪئي.(2) ابن اسحاق ۽ ابن عقب، سرور ڪائنات صلي الله عليہ وسلم جن جي زندگي مبارڪ (سن727ع ۾) قلمبند ڪئي. ابن مقنف وري پهرئين خليفي کان وٺي سن743ع تائين جيڪي خاص واقعا رونما ٿيا، سي مرتب ڪيا. اُميه دور ۾ ابن ابو رابع، جميل، جرير، فرزدق ۽ اخطل جهڙا گوهر شاعر پيدا ٿيا، جن مان جرير، فرزدق ۽ اخطل ٽيئي عراقي شاعر هئا، جيڪي هجو توڙي تعريفي شعر جا ڀَڙ هئا. فرزدق، خليفي عبدالملڪ ۽ سندس ٽن پٽن وليد، سليمان ۽ يزيد جو درٻاري شاعر هو.

بنو اميه دور ۾ عربستان طب ۽ حڪمت ۾ گهڻي ترقي ڪئي. هجري پهرين صدي ۾ الحارث بن قلاده وڏو جراح ٿي گذريو آهي. سندس قابليت جي ڪري کيس ”عربستان جو حڪيم“ جي خطاب سان نوازيو ويو. حارث جي وفات کان پوءِ سندس پٽ النذر جاءِ نشين ٿيو. عمر بن عبدالعزيز اسڪندريه جي حڪيمن کي انطاڪيه ۽ خاران ڏانهن موڪليو، جن ڪيترائي يوناني طب جا ڪتاب عربي ۾ ترجمو ڪيا. ٻئي خليفي جي پٽ حڪمت ۽ ڪيميا ۾ وڏي مهارت حاصل ڪئي. هن طب، تاريخ ۽ ڪيميا جا يوناني ڪتاب عربيءَ ۾ ترجمو ڪيا.

اسلام جي اوائلي دور ۾ عربن تعمير جي فن بابت مفتوح ملڪن ۾ ڪوبه نمونو پيش نه ڪيو. انهيءَ دور ۾ آدمشماريءَ جي نوي سيڪڙو خانه بدوش هئا، جن لاءِ اڏاوت جو اعليٰ فن فقط اٺ جي مِلس مان ٺهيل تنبو هو.(1)

مسلمانن ۾ تعميرات جو فن مسجد جي اڏاوت سان شروع ٿيو. پهرين مسجد حضور صلي الله عليہ وسلم جن مديني کان ٽي ميل پري قبا جي جاءِ تي تعمير ڪئي، جنهن کي ڪوبه جارو، منارو، منبر، محراب ۽ گنبذ نه هو. صرف هڪ چورس سادي عمارت، ڇت کجي جي ٿڙن سان ٺهيل هئي. ٻي مسجد سن 639ع ۾ عراق جي ڪوفي شهر ۾ ٺهرائي ويئي، جنهن جي ڇت جون سنگ مرمر جون سرون حيرن کان آنديون ويون هيون. سن 642ع ۾ عمرو بن العاص، قسطاط (قاهره) ۾ هڪ ننڍڙي مسجد جو بنياد وڌو، جنهن جو منارو اوچو هو. منارن جو رواج ستين عيسوي صدي جي آخري ۾ پيو ۽ محراب جو رواج ان کان ڪجهه پوءِ پيو.


(1)    شبلي نعماني ”سيرت النبي“ جلد اول، ص160

(1)    سيرت ابن هشام، ص121-123

(1)    مسعودي، جلد 9 ص53

(2)    سورة آل عمران: 123، الانفال: 42.

(3)    سورة الاحزاب ۾ الله تبارڪ وتعاليٰ ان واقعي جو ذڪر ڪرڻ فرمايو آهي.

(1)    بلاذري ص35، ترجمو حتي سن61.

(2)    طبقات ابن سعد، جلد دوم، ص99

(1)    ڊاڪٽر محمد عبدالله چغتائي، ”مسجد نبوي“ (سنڌي ترجمو) نئين زندگي، سيرت النبي نمبر، آگسٽ 1963ع، ص86-88.

(1)    ڊاڪٽر محمد عبدالله چغتائي، ”مسجد نبوي“ (سنڌي ترجمو) نئين زندگي، آگسٽ 1963ع، ص86-88.

(1)    ڪي. علي: ايم. اي، ”مسلم تهذيب جي مختصر تاريخ“ (انگريزي)، ڊاڪا، 1965ع ص17

(1)    پاره عم، سورة العلق آيات 1-5

(2)    مخدوم محمد جعفر بوبڪاني سنڌي ”المتانہ في مرمہ الخزانة“ سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، ص2

(3)    Professor K. Ali. “History of Muslim Culture.” Decca 1, 1964, P-6

(1)    K. Ali. M. A. “History of Muslim Culture.” Education under the Prophet: Part II, Ch II P-II.

(1)    Ibid, P-12.

(2)    Opcit P-14

(1)    Professor K. Ali. M. A “History of Muslim Culture.” Compilation of the Holy Quran.

(1)    تاريخ ملت عربي، ص379

(2)    ايضاً ص378

(3)    A. M. A Shustery, “Outlines of Islamic Culture.”

(1)    Al-Jahidh, Al-Bayan Wa Al-Tibyin.

(1)    Ibn Al-Athir

(1)    ابن خلڪان ج 2 ص 223 ۽ ابو اعداءَ، جا ول ص 215

(2)    ابن خلڪان ج اول، ص 228

(3)    لال نوري، تهذيب الاسماءَ گوٽن جن، ص 370

(4)    طبقات ابن سعد، ج 3 ص110

(1)    علامه سمعاني، الانساب ليڊن، 1912ع ص334.

(1)    ابن النديم، الفهرست، ص81، 1872ع

(2)    ابن خلڪان ج2 ص365

(1)    K. A. C. Creswell, Early Muslim Architecture.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org