سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب: 9

صفحو :12

انهن سڀني استادن مان علامه ابوالحسن جي ذهن ۽ فڪر تي شيخ ابراهيم ڪوراني جو سڀ کان زياده اثر ٿيو. مولانا ڪوراني جي درسگاهه مان سنڌ ۽ هند جا ٻه متبحر عالم مولانا ابوالحسن ڪبير سنڌي ۽ شاه ولي الله دهلوي پڙهي نڪتا.

علامه ابوالحسن جڏهن حديث جي تحصيل لاءِ حرمين شريفين جو سفر ڪيو ته اتي ئي سڪونت اختيار ڪيائين ۽ ڏهن سالن تائين مدينه طيبه ۾ تفسير بيضاوي، صحاح ستہ، موطا امام مالڪ، مسند امام احمد بن حنبل ۽ فقهه ۾ هدايه جو درس ڏيندو رهيو. علامہ ابوالحسن اتي ”مدرسة الشفا“ نالي هڪ مدرسو قائم ڪيو، جيڪو اڄ به موجود آهي ۽ ترڪي جي اوقاف ۾ شامل آهي.(1) انهيءَ مدرسي کي ”مدرسة الشفا“ ڇو سڏيو ويو؟ ان لاءِ ٻه روايتون آهن: هڪ هي آهي ته هن مدرسي ۾ قاضي عياض جي مشهور ڪتاب ”الشفا في تعريف حقوق المصطفيٰ“ جو درس لازمي طور تي ڏنو ويندو هو. ٻي روايت موجب فوج جو هڪ بيمار سالار زندگي جي آخري ڪشمڪش ۾ مبتلا، علامه ابوالحسن ڏانهن رجوع ڪيو، جيڪو انهيءَ وقت مسجد نبويءَ ۾ درس ۾ مشغول هو. علامه ابوالحسن سندس صحت لاءِ دعا گهري، جيڪا خدا تعاليٰ وٽ مستجاب ٿي ۽ سالار کي تندرستي عطا ٿي، جنهن وري علامه ابوالحسن لاءِ هڪ مدرسو تعمير ڪرايو، جنهن جو نالو ”مدرسة الشفا“ مشهور ٿي ويو.

مدرسي کي پنهنجو چڱو خاصو ڪتب خانو آهي، جنهن ۾ مخطوطات جو هڪ وڏو ذخيرو جمع آهي. چون ٿا ته اهي سڀ ڪتاب گهڻو ڪري علامه ابوالحسن جي شاگردن جا لکيل آهن. مسند امام احمد بن حنبل جي هڪ نسخي جي آخر ۾ ڪنهن شاگرد لکيو آهي ته ”هن اهو ڪتاب شيخ ابوالحسن سنڌي جي خدمت ۾ مسجد نبوي ۾ فلاني وقت پڙهي پورو ڪيو ۽ حلقه درس ۾ هيترا شاگرد شامل هئا.“ سندس شاگردن جو تعداد بيشمار آهي، پر انهن مان نمايان محدث محمد حيات سنڌي مدني آهي. علامه محمد حيات کان پوءِ مسند درس کي جنهن بزرگ سنڀاليو، سو سندس شاگرد رشيد شيخ ابوالحسن صغير محدث سنڌي ثم المدني هو. اهڙيءَ طرح مسجد نبويءَ ۾ درس حديث جو جيڪو سلسلو علامه ابوالحسن ڪبير جاري ڪيو، تنهن کي سندس شاگردن تاحيات قائم رکيو.

علامه ابوالحسن کي تفسير، حديث، فقهه، اصول، نحو، معاني ۽ منطق جي ڄاڻ ۾ وڏو درجو حاصل هو. صحاح ستہ، سنن نسائي ۽ سنن ابن ماجه تي حاشين سان گڏ شرحون لکيائين، ايتري قدر جو حافظ سيوطي کي به شهه ڏيئي ويو. برصغير هند و پاڪ جو هي واحد عالم آهي، جنهن کي صحاح ستہ جي سڀني ڪتابن تي شرح لکن جو فخر حاصل آهي.

شيخ اسماعيل بن محمد سعيد، علامه ابوالحسن بابت لکي ٿو ته: ”ڪان احد الحفاظ المحققين والجهابذده المدققين“(1)

علامه ابوالحسن جا ”حواشي علي الصحاح الستہ“ حديث تي جدا جدا ڇهه حاشيا لکيل آهن. البت جامع ترمذي تي سندس حاشيا مڪمل ٿي نه سگهيا. سنن ابن ماجه جو حاشيه سڀ کان وڌيڪ اهميت وارو ۽ مشهور آهي.

صحيح بخاري ۽ سنن ابن ماجه مڪرر طبع ٿي ويا آهن. سنن نسائي جو حاشيه هند و پاڪ ۽ مصر ۾ شايع ٿي چڪو آهي. صحيح مسلم جو حاشيه جيڪو بلڪل مختصر آهي، ملتان مان شايع ٿيو آهي. سنن ابي دائود جو حاشيه، جنهن جو نالو فتح الودود آهي، جيتوڻيڪ جدا شايع نه ٿيو آهي، پر سنن ابي دائود جي تمام شرح، حواشي ۾ موقع بموقع منقول آهي  انهيءَ جو قلمي نسخو پير جهنڊي جي ڪتبخاني ۾ موجود آهي.(1)

7- حاشيه مسند الامام احمد جو ربع اول صاحب فهرست الفهارس وٽ موجود آهي، جنهن جو تعارف هنن لفظن ۾ ڪيو آهي: ”لا يستغني عنها مطالعہ او قارئہ“.

8- حاشيهه تفسير البيضاوي، جنهن جو ٻيو نسخو مولانا قاسمي جي ذاتي ڪتبخاني ۾ موجود آهي. ملا حيات سنڌي هن بابت لکي ٿو ته: ”و ڪتب عليها حاشية لطيفة.

9- حاشيه فتح القدير شرح هدايه، اهو ڪتاب النڪاح تائين ته فتح القدير جو حاشيه آهي ۽ وري انهيءَ جو متن هدايه جو آهي. علامه حيات سنڌي ان کي ”حاشيہ، ذات تحقيق“ لکي ٿو. انهيءَ حاشيه جو نالو البدر المنير آهي، جنهن جو قلمي نسخو مدينه منوره جي ڪتبخاني محموديه ۽ پشاور جي اسلاميه ڪاليج جي لائبريري ۾ موجود آهي.(2)

10- حاشيه ڪتاب الاذڪار، امام نوري.

11- حاشيه علي الزهراوين، ملا علي قاري.

12- تفسير لطيف.

13- حاشيه الجلالين.

14- حاشيه شرح جمع الجوامع، لابن قاسم انهيءَ جو نالو الايات البنيات آهي.

15- الغيوضات النبويہ في حل المغازي البرڪويہ“ جنهن جو نسخو بنگال ايشياٽڪ سوسائٽي ۾ موجود آهي.

16- حاشيہ شرح النخبة، جنهن جو ذڪر فهرس الفهارس ڪيو آهي.

علامه ابوالحسن ڪبير سنڌي جي سن وفات ۾ عجيب و غريب اختلاف آهي. ملا عابد سنڌي سن1141هه لکيو آهي (درج الدرر)، علامه محمد حيات سنڌي 1139هه ٻڌائي ٿو (درج الدرر). مرادي سن1138هه ۽ جبرتي 1136هه. فهرس الفهارس ۽ اليايع الجني ۾ 1139هه مرقوم آهي. ليڪن مولانا قاسمي صاحب جي تحقيق موجب صحيح سن1138هه آهي. حرم نبويءَ ۾ سندس جنازي نماز ادا ڪيائون ۽ مدينه منوره ۾ جنت البقيع ۾ دفنايو ويو.(1)

مخدوم محمد معين ٺٽوي ۽ سندس درسگاهه:

علامه مخدوم محمد معين ٺٽوي، جنهن کي مخدوم ٺارو به سڏيندا هئا. تنهن جو ذڪر مولانا عبيدالله سنڌي پنهنجي ڪتاب ”شاهه ولي الله ڪي سياسي تحريڪ“ ۾ ڪيو آهي.(2)

مخدوم محمد معين بن محمد امين ذات دل، جي ملن جي خاندان مان هو. مخدوم محمد معين جو خاندان علم ۾ ٽن پيڙهين کان ممتاز هو. سندس جد امجد مخدوم طالب الله موضع والي تعلقي روپاهه و پٽ باران جو رهاڪو هو. مخدوم محمد معين جي والد محمد امين لڏي اچي ٺٽي ۾ سڪونت اختيار ڪئي، جيڪو پڻ هڪ وڏو عالم ۽ درويش صفت هو، جنهن جي شادي ٺٽي جي مشهور، شاعر ۽ مير منشي فاضل خان جي نياڻي سان ٿي. فاضل خان 1096هه ۾ ٺٽي ۾ وفات ڪئي.

مخدوم محمد معين، مخدوم محمد هاشم ٺٽي جو همعصر هو. مخدوم محمد هاشم وٽس ڪجهه سبق پڙهيا هئا، ان ڪري هو ديني مسئلن ۾ اختلاف هوندي به سندس وڏو احترام ڪندو هو. مخدوم محمد معين، مخدوم عنايت الله کان تعليم پرائي، منقول ۽ منقول وقت جو عالم ٿي گذريو. وري ميان ابوالقاسم نقشبندي سان ارادت جو رستو استوار ڪيائين ۽ کانئس تصوف ۾ بيعت ورتائين. شاهه عبداللطيف ڀٽائي سان گهري دوستي ٿي ويس. انهيءَ ڪري جڏهن به راڳ ٻڌندو هو ته مٿس ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي ۽ ڏاڍا شعر به چوندو هو. سنڌي شعر ۾ سندس تخلص ”بيراگي“ هو.

مخدوم معين شروع ڄمار ۾ ٺٽي ۾ رهي تحصيل ڪئي. جيتوڻيڪ شاهه ولي الله رح کان عمر ۾ ويهه سال وڏو هو، تڏهن به ان کان حديث جي علم ۾ روبرو سند ورتائين.ان بعد به شاهه ولي الله سان سندس خط و ڪتابت هوندي هئي. شاهه ولي الله جي ڪتاب ”تفهيمات الاهيه“ ۾ مخدوم محمد معين ڏانهن شاهه صاحب جا به خط لکيل آهن، جن ۾ ان کي وڏن لقبن سان ياد ڪيو ويو آهي. ٺٽي ۾ سيد علي رضا جيلاني کان شيخ محي الدين ابن العربي جو مشهور ڪتاب ”فصوص الحڪم“ سبق ڪري پڙهيائين.(1)

مخدوم محمد معين ٺٽي ۾ درس تدريس ۽ تصنيف و تاليف جو شغل جاري رکندو آيو. وٽانئس گهڻا ماڻهو علم پرائي فيض ۽ فتويٰ جا صاحب ٿيا. سندس باڪمال شاگردن مان سيد نجم الدين عزلت رضوي بکري (وفات 1160هه) به هو، جيڪو سندس ڀاڻيجو ۽ سندس علمن ۾ اعتقاد جو داعي هو.(1) مخدوم محمد حيات مدني پڻ هن مدرسي مان فيض پرائي پوءِ مديني منوره ويو. مخدوم محمد هاشم جيڪي سندس رد ڏنا آهن، تن ۾ به نهايت ادب سان سندس نالو ورتو اٿس. مخدوم عبداللطيف بن مخدوم محمد هاشم، مخدوم محمد معين جي مشهور ڪتاب ”دراسات اللبيب“(2) جو هڪ وڏو مبسوط جواب لکيو. آخر ۾ مخدوم محمد ابراهيم مڏئي واري بزرگ ۽ مخدوم عبداللطيف، سندس سموري تصنيفات کي آڏو رکي ”قسطاس المستقيم“ نالي هڪ ڳري جلد ۾ رد لکيو.(3)

مخدوم محمد معين جي تصنيفات جو تفصيل هن ريت آهي:

(1)     دراسات اللبيب، حديث تي عمل ڪرڻ بابت آهي ۽ ان سان گڏ حنفي مذهب جي به تائيد ڪيل آهي. هندستان جي اهل حديث جماعت 1866ع ۾ پهريون دفعو اهو ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪيو.

(2)    حجة الجليلہ: حضرت علي رضه جي فضيلت ۾، جنهن تي شيخ محمد حيات سنڌي مدني ۽ مخدوم محمد هاشم رد لکيا.

(3)    نورالعين، جنهن تي به مٿين ٻنهي بزرگن جا رد لکيل آهن.

(4)    انوار امجد في مع الجود. (تصوف)

(5)     مواهب سيد البشر (اهل بيت جا فضائل)

(6)    الجود الشمس (دنيا جي پيدائش ۽ ان جي فنا ٿيڻ تي فلسفيانه بحث)

(7)    الخواطف التصوف.

(8)    مطارحات التحقيق في برهان التطبيق (فلسفه)

(9)    رساله الاعتدالات الاربہ (منطق، فلسفہ)

(10)   رفع الغين.

(11)   رفع الاشڪار والزحمت (شيخ معين الدين ابن العربي جي بعض قولن جي شرح)

(12)   ايقاظ الوسنان.

(13)   الابداغ في محاڪمہ بين الانووي و ابن الصلاح (اصول حديث)

(14)   الحق الصريح (سماع تي فلسفيانه بحث)

(15)   رسالت الڪلي الطبعي (منطق)

(16)   المدار المديميت علي حاشيہ القديمہ (علم الڪلام)

(17)   شرح ديوان حافظ.

(18)   حاشيه شرح زوراءَ (ڪبريٰ منطق).

ٻيا به سندس ڪيترائي رسالا ۽ تحريرون آهن، جي هن وقت ناياب ٿي چڪا آهن، پر مجموعه رسالن مان 17 مخدوم صاحب جي آثارن ۾، ۽ 15 رسائل مرحوم خواجه حسن جان سرهندي جي ڪتبخاني ۾ موجود آهن.(1)

سنڌ جي تاريخ ۽ تذڪره ۾ مخدوم معين جي شاگردن جي هڪ وڏي فهرست نظر اچي ٿي. کيس عربي زبان ۾ جيڪا ڪماليت حاصل هئي، سا سندس ٻين معاصرين ۾ گهٽ نظر اچي ٿي. فارسي ۾ سندس تخلص ”تسليم“ ۽ سنڌي ۾ ”بيراڳي“ هو.(1) هن سن1161هه ۾ وفات ڪئي. سندس مقبرو مڪلي تي پنهنجي مرشد مخدوم ابوالقاسم نقشبندي جي پيراندي ۾ آهي.

شيخ محمد حيات سنڌي ثم مدني، مدرسة الشفا مدينہ منوره:

شيخ محمد حيات بن ابراهيم ملا ڦليارو، ذات جو چاچڙ، ڳوٺ عادل پور، گهوٽڪي ۾ پيدا ٿيو. سندس شمار وڏن عالمن، فاضلن ۽ محدثن ۾ ٿئي ٿو. سندس تعليم ۽ تربيت سنڌ ۾ ٿي. ان کان پوءِ حجاز مقدس ويو، جتي شيخ ابوالحسن ڪبير، شيخ عبدالله بن سالم البصري، شيخ ابو طاهر ڪوراني ۽ شيخ حسين عجمي جهڙن عالمن کان استفاده ڪيائين. شيخ ابوالحسن ڪبير جي وفات کان پوءِ مسجد نبوي ۽ مدرسة الشفاءَ ۾ مسلسل 34 سالن تائين درس تدريس جو سلسلو جاري رکيائين.(2) سندس شاگردن مان ڪن جا نالا هن طرح آهن:

سيد عبدالقادر بن احمد ڪوڪباني، سيد غلام علي آزاد بلگرامي، شيخ احمد بن عبدالرحمٰن شامي، شيخ محمد صغير، شيخ محمد بن عبدالوهاب نجدي، شيخ محمد فاخر الهه آبادي، شيخ عبدالقادر خليل ڪدڪ، شيخ ابوالحسن صغير سنڌي، مولانا خير الدين محمد زاهد سورتي وغيره. سيد غلام علي آزاد بلگرامي جي تصنيفات مان ”سبحة المرجان في آثار هندستان“ ۽ ”خزانہ عامره“ (جو 1871ع ۾ لکنو مان ڇپيو) مشهور آهن.(3) مولانا خير الدين سورتي جو تصوف ۽ سلوڪ متعلق ڪتاب ”شواهد التجديد“ مشهور آهي. مولانا سورتي 1206هه ۾ وفات ڪئي.(1)

شيخ محمد حيات جي تصنيفات مان ڪن مشهور ڪتابن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:

منذري جي ڪتاب ترغيب و ترهيب جي شرح ٻن جلدن ۾، نوري جي ڪتاب اربعين جي شرح، الايقاف علي سبب الاختلاف- تحفة الانام في العمل بحديث النبي صلي الله عليہ والصلوات والسلام، رسالہ رد بدعت تعزية (جنهن ۾ سندس استاد مخدوم معين ٺٽوي جو رد آهي)، النهي عن عشق المردان النسوان، هن رسالي جو گهڻو حصو نواب سيد محمد صديق حسن خان ”هداية السائل“ ۾ نقل ڪيو آهي.(2)

شيخ عبدالقادر ڪوڪباني لکي ٿو ته هو وڏو عرصو سندن صحبت ۾ رهيو، پر هن ڪڏهن به نه ڏٺو ته سندس واتان ڪابه مباح (خلاف سنت) واري ڳالهه نڪتي هجي. علامه ابو طيب سنڌي جي هٿ اکر لکيل (قلمي نسخي) ڪتاب قره الانظار شرح تنوير الابهار(3) جي شروع ۾ پهرئين صفحي تي مولانا محمد حيات سنڌي بابت هڪ عربي تحرير ۾ هن ريت لکي ٿو ته:

وقف الله تعاليٰ..... مصنف الفقير الي الله تعاليٰ محمد ابوالطيب بن عبدالقادر علي طلبہ العلم الشريف بالمدينہ المنوره و شرط النظر لنفسہ مده حياتہ ثم لا ولاده ابداما تناسلوا ثم لمحمد حيات السندي ثم لمن يکون مدرسا في علم الحديث بالمسجد الشريف ثم لمن يکون ناظر اعلي ڪتب السيد اسماعيل بشرط ان لا يکون من اهل المناصب و شرط عليٰ الڪل ان يسعوا في مطالعہ اهل العلم واستفادتهم منہ وصلي الله- الخ.

 

هن ڪتاب جي مصنف، الله تعاليٰ جي محتاج محمد ابو طيب بن عبدالقادر جي طرفان هي ڪتاب مدينه منوره جي علم شريف جي شاگردن لاءِ وقف آهي. پر شرط اهو آهي ته مصنف جي زندگيءَ ۾ ان جي زير مطالعي رهندو، وري سندس اولاد لاءِ نسلا بعد نسل هوندو. تنهن کان پوءِ وري محمد حيات سنڌي لاءِ هوندو. ان بعد مسجد شريف ۾ علم حديث جي مدرس لاءِ وقف هوندو. وري سيد اسماعيل جي ڪتابن جي نگران لاءِ هوندو. پر شرط انهيءَ تي ته اهو صاحب منصب نه هجي، سڀني لاءِ اهو شرط لازمي هوندو ته اهل علم هن ڪتاب جي مطالعي مان استفاده جي ڪوشش ڪندا رهن.

چاليهن حديثن جي شرح جا ٻيا به ڪيترائي مجموعا ڏٺا ويا آهن، پر امام نووي جي چاليهن حديثن تي مخدوم محمد حيات سنڌي جي تاليف شرح الاحاديث الاربعين النووية سڀني کان مشهور آهي. هن ۾ خط نسخ ۾ 32 ورق (64 صفحا)،  هرهڪ صفحي تي 19 سٽون آهن: ڪتابت جو سال 1144هه آهي، پر ڪاتب جو نالو نظر نٿو اچي. ممڪن آهي ته ڪتاب خود مصنف جو دستخط هجي.(1)

شيخ محمد حيات سنڌي تاريخ 26- صفر 1163هه، اربع جي ڏينهن وفات ڪئي ۽ جنت البقيع ۾ دفنايل آهي.(1)

شاهه عبداللطيف رح ۽ وائي وارو روحاني مدرسو:

شاهه عبداللطيف رح، سيد حبيب الله جو پٽ، سيد عبدالقدوس شاهه جو پوٽو هو.(2) شاهه صاحب جا وڏا متعلوي سيد سڏجن ٿا. شاهه صاحب سنڌ جو سدا جيئرو شاعر ۽ عارف ڪامل ٿي گذريو آهي. شاهه عبداللطيف رح جي ولادت باسعادت بعد شاهه حبيب، هالا حويليءَ مان لڏي اچي ڪوٽڙي ۾ مقيم ٿيو، جيڪا ڀٽ کان ٻن ڪوهن جي مفاصلي تي آهي. شاهه صاحب جو ننڍي هوندي کان عرفان ۽ تصوف ڏانهن لاڙو هو، ڇوته سندس والد سيد حبيب شاهه هميشه استغراق جي حالت ۾ رهندو هو۽ اهڙي ڪامل پيءُ جو پٽ تي وڏو اثر ٿيو.

انهيءَ وقت جي رواج موجب شاهه عبداللطيف کي آخوند نور محمد ڀٽي جي وائي واري (خطاب) مدرسي ۾ وهاريو ويو.(3) جيتوڻيڪ شاهه صاحب هڪ وڏو صوفي هو، پر سموري زندگيءَ ۾ ڪڏهن به نماز ترڪ نه ڪئي، ۽ نه وري روزا ڇڏيائين. هميشه پنهنجي طالبن ۽ مريدن کي حق جي هدايت ڏيندو رهيو. شاهه صاحب عربي ۽ فارسي جو وڏو ڄاڻو هو. ميان نور محمد ڪلهوڙي، شاهه ڀٽائي کي مولانا جلال الدين رومي جي مثنوي جو سونهري اکرن ۾ لکيل قلمي نسخو تحفي طور ڏنو.(4)

وقت جي حاڪمن مان ميان نور محمد ڪلهوڙو سندس نهايت معتقد هو ۽ علامه محمد معين ٺٽوي سان سندس گهاٽي دوستي هئي ڊاڪٽر گربخشاڻي، رسالي جي مقدمي ۾ لکي ٿو ته: شاهه صاحب عربي ۽ فارسيءَ جو عالم هو ۽ پنهنجي مادري زبان سنڌي تي کيس ڪُلي ضابطو هو. نه فقط ائين، پر ٻين ٻولين سان پڻ ڪي قدر واقفيت هيس، جهڙوڪ بلوچي، سرائڪي، هندي، پنجابي وغيره. ازانسواءِ سندس تاريخي معلومات به وسيع هئي.

سنڌ توڙي هندستان جي ٻين ڀاڱن جي قصن ۽ ڪهاڻين وغيره جو به ڳوڙهو اڀياس ڪيو ٿو ڏسجين. قرآن شريف، مثنوي مولانا روم ۽ شاهه ڪريم جو رسالو اڪثر ساڻس همراهه هوندا هئا. شاهه صاحب پنهنجي رسالي ۾ مولانا رومي جي ڪن شعرن جو ترجمو ۽ قرآن شريف جون آيتون مناسب هنڌن تي آنديون آهن. شاه صاحب لاءِ فطرت هڪ وڏو درسگاهه هو، جنهن جي وهندڙ نهرن ۾ هن لاءِ ڪتاب، پنن ۽ پٿرن ۾ معرفت ڪردگار جا دفتر موجود هئا. شاهه صاحب 1165هه ۾ وفات ڪئي ۽ ڀٽ تي دفنايل آهي. سن1167هه ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي عيدن رازي کان سندس مقبري مٿان عاليشان گنبذ ٺهرايو.

شاهه صاحب جو رسالو جهوني ٻوليءَ جي خزاني سان لبريز آهي ۽ سنڌي ادب جو قابل فخر شاهڪار آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ هن جهڙو ڪتاب اڃا پيدا نه ٿي سگهيو آهي. فصاحت، بلاغت، سلاست ۽ معاني جي جن قانونن کي دنيا ڪلام جو حسن ۽ بيان جو زيب مقرر ڪيو آهي، سي شاهه جي ڪلام ۾ موجود آهن.(1)

مير علي شير قانع ٺٽوي ولد مير عزت الله ٺٽوي:

شڪر الاهي سادات مان هو.(2) ابتدائي تعليم کان پوءِ علامه معين الدين، مخدوم رحمت الله ٺٽوي ۽ وقت جي استاد مير حيدر ابو تراب وٽان تعليم حاصل ڪري، سنڌ تي پنهنجي تعليم جو سڪو ڄمايائين. شاعريءَ لاءِ سندس طبيعت موزون هئي ۽ ”مظهري“ تخلص ڪندو هو. شاعرانه صفات جو نه فقط ماهر هو، پر موجد پڻ هو. سندس قابليت ڪري ميان نور محمد ڪلهوڙي، مرادياب خان ۽ ان کان پوءِ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو مصاحب ٿي رهيو. مير قانع کي تاريخي علم ۾ الهامي دسترس هئي. سندس لکيل ٽن جلدن ۾ ”تاريخ تحفة الڪرام“ جي ڪري سنڌين جي تاريخي اهميت ۽ عظمت هميشه لاءِ زنده جاويد رهندي. انهيءَ ڪري هن جي انهيءَ ڪتاب سنڌين تي وڏو احسان ڪيو آهي، جن مان پويون جلد تاريخ سنڌ متعلق راءِ گهراڻي کان وٺي ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي وفات تائين آهي، تنهن کان پوءِ سنڌ جي علمائن، بزرگن، اوليائن ۽ صوفين جو ذڪر پڻ ڏنل آهي. سچ پچ ته جيڪڏهن اڄ سنڌ وارن جي هٿن ۾ اها مختصر تاريخ نه هجي ها ته وٽن ڪجهه به نه هجي ها. سندس تصنيفات مان چند نسخن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:

(1) مڪلي نامه (2) قصاب نامه (3) زينت الاخلاق (4) نسخه غوثيه (5) مثنوي ختم الملوڪ (6) زبدة المقامات (7) زين الافڪار (8) تهذيب الطباع (8) مختار نامہ (10) معيار سالڪان طريقت (11) قصه ڪامروپ (12) مثنوي ڪرشمه قدرت (13) چهار منزله (14) حديقة الاولياءَ (15) رسالہ در صناع و بدائع (16) مثنوي قضا و قدرت (17) روضة الانبياءَ (18) لب لباب تاريخ ڪلهوڙه (19) بوستان بهار (20) رسالہ شرح معما (21) مقالات الشعراءَ ۽ (22) ديوان قانع، وغيره.

انهن قابل قبول مشعلن ۽ علمي ڄاڻ ۽ اهميت کان پوءِ به مير علي شير قانع ڪن مختلف مدرسن ۾ درس ۽ تدريس جي شغل کي ترجيح ڏني ۽ پاڻ مدرس ٿي طالبن ۽ عالمن جي رهنمائي ڪري کيس چڱو فيض رسايو.

مخدوم خواجه محمد زمان ولد حاجي عبداللطيف نقشبندي:

21 رمضان 1125هه/1713ع ۾ تولد ٿيو. ابتدائي تعليم پنهنجي پيءُ وٽ پڙهيو، ان کان پوءِ قرآن شريف پوري ڪرڻ بعد باقي ڪتاب ٺٽي ۾ محمد صديق وٽ اچي ختم ڪيائين. مخدوم محمد ٺٽوي جي خانقاهه ۾ رهي، فقهه حديث، تفسير سان گڏ تصوف ۾ ڪماليت حاصل ڪيائين ۽ ان وٽ ئي خلافت جو خرقو ڍڪيائين. ٺٽي ۾ رهڻ وارن ڏينهن ۾ مخدوم ابوالقاسم نقشبندي جي معتقدن ۾ شامل ٿيو. مخدوم محمد جي عيال سميت مڪي ڏانهن هجرت کان پوءِ خواجه محمد زمان سندس گادي تي ويٺو، جنهن اتي درس تدريس جو شغل جاري رکيو، جتان گهڻا ئي طالب ۽ ٻيا ماڻهو فيض حاصل ڪري ويا.

آخرڪار ڪجهه وقت کان پوءِ ٺٽو ڇڏي لنواري ۾ وڃي رهيو. سندس خليفن مان ميون عبدالرحيم گرهوڙي، حاجي ابو طالب اگهمي، حاجي محدم صالح گهرائي، حافظ هدايت الله مشهور ٿي گذريا آهن. مخدوم صاحب 4 ذوالقعد سن1188هه ۾ وفات ڪئي، پنهنجي مراقبي واري حجري ۾ دفنايل آهي.

مخدوم ضياءُ الدين ٺٽوي جي درسگاهه:

مخدوم ضياءُ الدين ٺٽوي سنڌ جي انهن ناميارن عالمن مان ٿي گذريو آهي، جن جي فيض نه رڳو سنڌ کي واسي ڇڏيو، پر سندس شاگردن جي ذريعي اهو فيض ٻاهرين اسلامي ملڪن ۾ به پهچي ويو. هي بزرگ شيخ شهاب الدين سهروردي (وفات 633هه) جي اولاد مان چيو وڃي ٿو. سندس نسب هن طرح آهي: ضياءُ الدين بن ابراهيم بن هارون بن عجائب بن الياس صديقي ٺٽوي، سندس پڙ ڏاڏو مخدوم الياس سومرن جي زماني ۾ عراق کان هجرت ڪري جوڻ ۾ اچي رهيو هو.(1) مير علي شير قانع ٺٽوي، تحفة الڪرام ۾ لکي ٿو ته پاڻ ورياهه ۾ اچي رهيو، ۽ پوءِ لڏي وڃي ٺٽي ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. (2) مخدوم ضياءُ الدين سن1091هه/1680ع ۾ قديم شهر جوڻ ۾ ڄائو ۽ تعليم وقت جي برک عالم مخدوم عنايت الله ٺٽويءَ کان حاصل ڪيائين.(3)

مخدوم محمد معين ٺٽوي سندس هم سبق هو. علم جي تحصيل کان پوءِ، مخدوم ضياءُ الدين ٺٽي ۾ ديني درسگاهه قائم ڪئي. دور دراز کان ڪيترائي شاگرد ڪهي اچي وٽس علمي ۽ اخلاقي فيض پرائيندا هئا. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي به سندس خاص شاگردن مان آهي. مخدوم ضياءُ الدين ٺٽوي 80 ورهين جي ڄمار ۾ 1171هه ۾ وفات ڪئي.(4) علامه ابوالحسن کان پوءِ مخدوم ضياءُ الدين پهريون عالم آهي، جنهن ديني مسئلن بابت سنڌي ۾ ڪتاب لکيو، جيڪو ”مخدوم ضياءُ الدين جي سنڌي“ جي نالي سان مشهور آهي.

علامه مخدوم ضياءُ الدين جي ڪتابي سلسلي کي مخدوم محمد هاشم ۽ مخدوم عبدالله نريي واري اڳتي وڌايو.(1) سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۾ اسلامي ۽ اخلاقي ڪتابن جو پڙهڻ جو رواج ٻارهين صدي ۾ پيو. سنڌي ڪتاب پڙهايا ويندا هئا. فقهه جا اهڙا ڪيترا مسئلا، جيڪي عربي جي اڻ لڀ ڪتابن ۾ ملندا هئا، سي سنڌي ڪتابن جي معرفت آساني سان ملڻ لڳا.(2)

مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو هاشميه مدرسو:

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو والد عبدالغفور بن عبدالرحمٰن بن محمد بن قاسم بن خير الدين الحارثي القريشي، سرزمين سنڌ جو هڪ وڏو بلند پايه عالم ٿي گذريو آهي. مخدوم صاحب شهر ميرپور بٺوري، ضلعي ٺٽي ۾ 1104هه/1690ع ۾ پيدا ٿيو.(3) ابتدائي تعليم پنهنجي آبائي ڳوٺ ۾ والد کان پرايائين. ان بعد وڌيڪ تعليم ٺٽي ۾ مولوي مخدوم محمد سعيد وٽ حاصل ڪيائين. مخدوم ضياءُ الدين وٽ باقي ڪتابن جي تحصيل کان پوءِ درس تدريس جو سلسلو جاري رکيائين، پر والد جي وفات کان پوءِ ٺٽي کي ڇڏي، ميرپور بٺوري جي ڀرسان بهرام پور ۾ اچي رهيو، جتي مدرسو کولي ديني علمن جي تعليم ڏيڻ لڳو، درس تدريس سان گڏ غير شرعي رسمن ۽ بدعتن جي خلاف زبردست جهاد شروع ڪيائين. ڪجهه وقت کان پوءِ بهرام پور ڇڏي وري اچي ٺٽي ۾ رهيو.

ٺٽي ۾ اچڻ کان پوءِ سندس علم جي ساک دور دراز ملڪن تائين پکڙجي ويئي ۽ ڪيترائي سندس علمي فيض مان فيضور ٿيا. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي طرفان کيس ٺٽي جو قاضي القضات جو عهدو مليل هو.

نادر شاهه بادشاهه ۽ احمد شاهه جهڙن وقت جي بادشاهن سان خط و ڪتاب جو رستو رکندو هو ۽ سندس استدعائن تي دين جي تقويت متعلق دل گهريا احڪام جاري ٿيندا هئا. سن1135هه ۾ حج جي ارادي سان عربستان ڏانهن روانو ٿيو، جتي بلند پايه علمن شيخ عبدالقادر الحنفي صديقي المڪي، شيخ عبد بن علي المصري، شيخ محمد ابي طاهر المدني ۽ شيخ علي بن عبدالملڪ الداوي کان حديث، تفسير، فقهه ۽ ٻين علمن ۾ سندون حاصل ڪيائين.(1) واپسي وقت سورت بندر تي سيد محمد سعد الله سورتي کان بيعت وٺي، خلافت جو خرقو ڍڪيائين. مخدوم صاحب 1138هه ۾ وطن موٽي آيو. ٺٽي ۾ مخدوم صاحب حديث جو درس ڏيڻ جو مشغلو جاري رکيو ۽ ان سان گڏ تصنيف ۽ تاليف جو ڪم به ڪندو رهيو.(2) مخدوم صاحب اٽڪل ڏيڍ سو ڪتاب عربي ۽ سنڌي ۾ تاليف ڪري سنڌ وارن تي هڪ ناقابل فراموش احسان فرمايو.

مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جون هيٺيون مشهور تصنيفون آهن:

رسالة اتحاف الاڪابر.

”ذيلها“

حديقة الصفافي اسماءَ المصطفيٰ ﷺ

فتح الغفار بعوالي اخبار

فاڪهہ البستان

مظهر الانوار

جنة النعيم في فضائل القرآن العظيم

تفسير القرآن سميہ ”التفسير الهاشمي“

حاشيہ التفسير بقدره

تفسير سورة الڪهف

تفسير سورتي الملڪ والنون في ثمانيہ ڪراريس.

ثمانيہ قصائد صفار في مدح النبي صلي الله عليہ وسلم.

درهم الصره وضع الدين تحت السره.

ترصيع الدره في علم درهم الصره.

معيار النقاد في تميز المغشوش عن الجياد.

السيف الجلي علي ساب النبي صلي الله عليہ وسلم.

رسالة في ڪيفية مسح الرئيس.

رسالہ صغريٰ في تقدير حمدقہ الفطر و منها

نور البصائر.

غنية الظريف بجمع المرويات والتصانيف.

ڪتاب غايہ النيل في اختيار الاتحاف والذيل.

رسالہ نور العين في اثبات الاشاره في النشهدين

خلاصہ البيان في عداي القرآن.

رسالہ وجود القراه الحاريہ.

رسالہ تسمي شد النطق في ما يلحق من الاطلاق.

رسالہ تسمي مد الباع الي تحرير الصاع.

الفصل المبين بکل عقده قولهم الشک لا يرفع اليقين.

رسال ہو في عمار تقتلہ الفتہ الباغية.

رسالہ تسمي بالحجہ الجليہ في حڪم ڪراهيہ سور الاجنيہ

رسالة في البجواب عما کتب بعض الافضل في الجواب عنها.

رفع الفطاءَ عن مسئلہ جهل العمامہ تحت الرداءَ.

الشفاءَ في مسئلہ الراءَ.

رفع الخفاءِ عن مسئلة الراءَ.

وسيلہ القبول في حضرت الرسول.

رسالہ في ان ساب النبي صلي الله عليہ وسلم

ڪشف الفطاءَ عما يحل وبڪرم من النوح والبکاءَ

رسالہ في تعداد وجود القراه الجاريہ

ڪفايت القاري و منها رسالہ تسمي

اللؤلؤ المڪنون في تحقيق مد السڪون

رسالہ في جمع وجود القراه الجاريہ في آية سورة ”البقره“ اذا اخذنا ميثاق بني اسرائيل لا تعبدون الا الله الآية.

ڪشف الرين عن مسئلہ رفع اليدين

بسط البرده لزي نظم البرده

الحصن المنوع عما اورد علي من ادراح الحديث الموضوع

الوصية الهاشميہ.

بالشفاءَ الدائم عن اعتراض القائم.

تحفة القاري بجمع المقاري.

فتح الخلاف بموازين السبعہ من الاوفات.

في الحڪم بالاسلام علي الذمي انندرام و منها رسالہ تسمي.

موهبة العظيم في ارث حق مجاوره الشعر الڪريم.

رفع الغين عن مسئلہ الجمع بين العمتين.

فيض الغني في جواز نڪاح البالفہ بدون ازن الولي.

بالحجة القرية في الفرق صريح الطلاق والڪنايہ.

تمام العناية في الفرق صريح الطلاق والکنايہ.

تحفة العلماءِ في قول الصلواة خير من النوم في اذان الفجر حال القضاءَ.

رسالة في تحقيق اسانيد حديث اقتلوا الساحر والساحرة و منها رسالة في تحقيق اسانيد حديث اقتلوا الساحر والساحره ومنها رسالہ تسمي.

ڪشف الرمز عن وجوده الوقف علي الهمز.

ڪحل العين بما يقع من وجود القراه بين السورتين.

التحقيق الڪلام في الرد علي من نفيٰ صحہ اسلام المخطي بڪلمہ السلام.

التحفة الهاشمية في شرح القصيدة القاسمية.

شفاءَ الجنان لاهل الصدق والايقان.

تحرير ڪبير في الرد عليٰ من اعتراض علي الحافظ ابن تيميہ.

تحقيق المسلڪ في ثبوت اسلام الذمي بقولہ للمسلم انا مثلک.

مختصره من الرسالہ السابقہ و منها رسالہ تسمي.

بالسنة النبرية في حقيقة القطعة بالافضلية.

بالطريقہ القويہفي مسئلہ القطع بالافضلية.

بالحجتہ القويہ في مسئلہ القطع بالافضلية.

النور المبين في جمع اسماءِ البدريين.

رفع المنکب الي تکثير المتشهدات في صلوات المغرب.

رفع المعجب في بيان ڪثرت تشهدات المغرب.

القول المعجب في بيان ڪثرت تشهدات الغرب.

القول الانور في حڪم لبس الاخر.

بالسيوف القارة علي ساب الخسة الطاهره.

بالحتفة المرغوبة في عدم ڪراهيہ الدعاءَ بعد المڪتوبہ.

حيات القاري باطراف صحيح البخاري.

بذل القوة في حوادث سني نبوت النبي صلي الله عليہ وسلم.

تنقيع الڪلام في النهي عن قراة الفاتحة خلف الامام.

بفتح العلي في حوادث سني نبوت النبي صلي الله عليہ وسلم.

حلاوت الغم بذڪر جوامع الڪلم.

فرائض الاسلام.

ڪتاب وسيلة الفقير بشرح اسماءَ الرسول البشر.

زاد السفينہ لسالڪي المدينة.

ذريعہ الوصول الي جناب الرسول.

حيات الصائمين.

نتيجة الفڪر في تحقيق صدقة الفطر.

فتح الڪلام في ڪيفيہ اسقاط الصلواة والصيام.

رشف الزلال في تحقيق فيءَ الزوال.

تحفة الاخوان في منع شرب الدخان.

فتح القوي في نسب النبي صلي الله عليہ وسلم.

النفحات الباهره في جواز القول بالخمسة الطاهره.

فيض الغني في تقدير صاع النبي صلي الله عليہ وسلم.

رسالہ في تقدير الغسل ولو ضوءَ بموازين بلده تتہ و رسالت تسمي.

الباقيات الصالحات في ذڪر الازواج الطاهرات.

حيات القوب في زيارة المحبوب و مختصرها السمي.

سفينة السالڪين الي بلد الله الامين.

تحفة المساکين الي جناب الامين.

رسالہ في تحقيق ان الواجب علي العالم المقلد اتباع المجتهد والعمل بظاهر الحديث.

رسالہ اصلاح مقدمة الصلواة.

جمع اليواقيت في تحقيق المواقيت.

رسالہ في المنع عن الماتم في ايام عاشوراءِ.

وسيلة الفريب الي جناب الحبيب صلي الله عليہ وسلم.

تحفة المسلمين في تقدير مهور امهات المؤمنين.

رسالہ راحة المؤمنين و رسالہ في مسائل الصيام تسمي.

زاد الفقير.

قوة العاشقين.

رسالة في ذڪر افضل ڪيفيات الصلواة علي النبي صلي الله عليہ وسلم.

رسالہ في موعظة ما يتعلق باحوال القبر وما بعد رسالہ في ذڪر عقائد الدين سميتها.

بناءَ الاسلام.

تحفة التائبين.

”اللهم اني“ و ”الله ربي“ بدون درج العربية.

سنديہ في ترجمة رسالتي اصلاح مقدمة الصلواة باللسان السندية.

التفسير الهاشمي.

اصح الاسانيد

اجادت النجده

تتميم حاشية الخيالي

تهذيب الاصلاح في تنوير النصباح

اساس المصلي.

عين الفقہ

فرائض الايمان

قال اقول

مفتاح الصلواة

ارشاد الظريف لاطوار التصنيف

دستور الفرائض

اسال في وجود قراة الآية.

الطراز المذهب في ترجيح الصحيح من المذهب


(1)   مخدوم امير احمد، الرحيم جولاءِ 1963ع، ص32

(1)   فهرس الفهارس، جلد اول ص103

(1)   مولانا محمد عبدالرشيد نعماني، الولي رسالو، شاه ولي الله اڪيڊمي حيدرآباد، آڪٽوبر ۽ نومبر 1976ع ص32.

(2)   ايضاً

(1)   فهرس الفهارس جلد اول ص103

(2)   مولانا دين محمد وفائي، تذڪره مشاهير سنڌ، 1974ع ص158

(1)   ايضاً ص159

(1)   سندس ديوان جو قلمي نسخو (تحرير 7 شوال 1276هه) پنجاب يونيورسٽي جي ڪتبخاني ۾ آهي.

(2)   هي ڪتاب توڙي ان جو جواب ”ذب ذبابات الدراسات“ سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيل آهي.

(3)   مولوي دين محمد وفائي ”تذڪره مشاهير سنڌ“ 1974ع ص161 هي قلمي نسخو مدرسه مظهر العلوم کڏه ڪراچي ۾ موجود آهي.

(1)   مولانا دين محمد وفائي، تذڪره مشاهير سنڌ، 1972ع ص163

(1)   مقالات الشعراءَ ص126

(2)   ارمغان (اردو) ڪل پاڪستان اسلامي ڪانفرنس 1963ع سنڌ يونيورسٽي ص23

(3)   سيد سليمان ندوي، عرب و هند کي تعلقات، باب اول

(1)   سيد عبدالحي، ياد ايام، ص ص62-63

(2)   مخدوم امير احمد، سر زمين سنڌ ۾ علم حديث، الرحيم، جولاءِ 1963ع ص42

(3)   هن ڪتاب جو ٻيو قلمي نسخو جيڪو مصنف جي هن نسخي جو نقل آهي. پشاور يونيورسٽيءَ ۾ موجود آهي.

(1)   مولانا قاسمي، مدينه منوره جا ڪتبخانه ۽ سنڌ جي عالمن جون تصنيفات ”الرحيم“ مئي 1964ع، ص ص39- 40

(1)   فهر الفهارس، جلد اول ص264، سجهة المرجان نمبر 95 ۽ حجج الڪرامة ابجد العلوم ص849

(2)   ڊاڪٽر گربخشاڻي، شاهه جو رسالو جلد 1 (مقدمہ) ڪراچي، 1924 ص ص 31-32.

(3)   غلام محمد شاهواڻي، شاهه جو رسالو (مقدمه) 1950ع ص4

(4)   ايضاً ص4

(1)   علامه دائود پوٽو، سنڌي شاعري جي تاريخ، جنوري 1949ع، ص ص33-39

(2)   سنڌ جي ساداتن مان مشهدي، نجوي شيرازي، شڪر الاهي شيرازي، سبزواري عرب شاهي، بخاري، امير خاني، خواجگاه علوي ۽ سادات حسيني مشهور ٿي گذريا آهن. سادات شڪر الاهي شيرازي جو شجرو قاضي نورالله شوستري جي تاريخ ”مجالس المؤمنين“ ۾ ڏنل آهي، جيڪا ايران ۾ 1299 هجريءَ ۾ ڇاپي ويئي. ٻي تاريخ ”حبيب السير“ لکيل مرزا غياث الدين آخوند مير (وفات 943هه ) ۾ ڏنو آهي، جيڪا 1273 هجري ۾ بمبئي مان شايع ٿي. ازانسواءِ ”روضة الصفا“ مير خوند (وفات 903هه) ۾ ڏنل آهي، جا 1832ع ۾ يورپ مان شايع ٿي. امين احمد رازي جي ”هفت اقليم“ قلمي نسخي ۾ لکيل آهي ته قاضي شڪر الاهي بن وجيهه الدين بن نعمت الله بن عرف شاهه بن نسيم الدين بن مير ڪشاه بن عطاءَ الله محدث بن فضل الله بن عبدالله الحسيني الاسڪي شيرازي پهريائين هرات کان قنڌار پهتو، مرزا شاهه حسن جي ڏينهن ۾ ٺٽي جو قاضي مقرر ٿيو. شاهه بيگ ارغون سان گڏجي سنڌ ۾ آيو (تحفة الڪرام، جلد ٽيون ص193)

(1)   محمد صديق ميمڻ، سنڌ جي ادبي تاريخ، جلد اول 1937ع ص131

(2)   مير علي شير قانع ٺٽوي، تحفة الڪرام، سنڌي ادبي بورڊ، 1957ع ص561

(3)   عبدالجبار جوڻيجو، سنڌيون، ص48

(4)   مير علي شير قانع ٺٽوي، تحفة الڪرام ص ص55-561

(1)   محمد عثمان ڏيپلائي، مخدوم ضياءَ الدين ۽ سندس سنڌي ”الرحيم“ 1966ع، ص109

(2)   ايضاً، ص110

(3)   مير علي شير قانع ٺٽوي، مقالات الشعراءَ، سنڌي ادبي بورڊ 1957ع، ص ص841- 842

(1)   مخدوم محمد هاشم التتوي، بذل القوة في حوادث سني النبوة، سنڌي ادبي بورڊ 1966ع، ص ص6-7

(2)   الوحيد اسپيشل نمبر، سنڌ جا ڪي مشهور بزرگ، 1936ع، ڪراچي ص ص 32-33

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org