سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي درٻار

 

صفحو ؛ 4

اميدن جي خلاف اوچتيءَ شفا جو مکيه سبب هيءُ هو، ته مون اچڻ سان گرم دوائن جو استعمال بند ڪيو هو، پر ميرن سمجهيو، ته مان ڪو نهايت حاذق حڪيم آهيان. وري خوش قسمتيءَ سان ڪي اهڙا اتفاق ٿيا، جو ميرن جو آقي باقي وڌيڪ ويساهه پڪو ٿيو. ڪنهن وقت مراد عليءَ کي هڪ طاقت جي دوا کارائڻي هئي. ڪمبخت نوڪر تي دوا آزمائڻ کان پوءِ، به مير کائي ڇو ٿو؟ چوي، ته جيستائين اهو نه ٻڌائيندين ته ان جو مون تي ڪهڙو اثر ٿيندو، تيستائين مان دوا کي هٿ به نه لاهيندس، مان سمجهي ويس، ته هيءَ هنن جي خيال ۾ منهنجي علم جي هڪ وڏي آزمائش آهي. مان منجهي پيس، ته هاڻي ڇا ڪجي؟ آخر هڪڙو ڌڪو هنيم، ۽ خوش قسمتيءَ سان اهو صحيح نڪتو. هن خسيس ڳالهه جو ميرن تي ايترو اثر پيو جو هو هميشه ياد ڪندا هئا.

پر هن معاملي ۾ سڀ کان وڌيڪ مشڪور ”ڪوئنين“ جو هوس. ڪوئنين هڪ اها شيءِ (دوا) آهي، جنهن جي سنڌ جي ماڻهن کي اڃا خبر ڪانه آهي. اها مڪاني ماڻهن جي ”واري جي بخارن“ لاءِ هڪ ٽڪ علاج آهي. تنهنڪري مان اڳواٽ ٻڌائي سگهندو هوس، ته ان جو ڪهڙو اثر ٿيندو، ۽ ماڻهو تي اُٰن حيران ٿيندا هئا. سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ ٿورن ڏينهن اندر مان انهيءَ ڪارائتي دوا جي وسيلي وزيراعظم جي هڪ خاص پياري ٻار کي، جنهن کي ڪيترن مهينن کان بخار ايندو هو، ۽ ميرن جي ٻين ڪيترن خاص ماڻهن کي ڇٽايو. مان اهڙيءَ طرح ٻين ماڻهن جو علاج ڪري، پنهنجو نالو ڪڍان ها، پر مير صاحبن کي جڏهن ڪوئنين جي اثر جي خبر پئي، تڏهن ڇا ڪيائون، جو ڪوئنين جو شيشو ئي مون کان بنا اجازت جي کسي پنهنجي استعمال لاءِ قفل ڪنجيءَ ۾ بند ڪري رکائي ڇڏيائون. ان کان پوءِ، جڏهن مان خود سخت بيمار ٿي پيس، تڏهن به ان مان رتي به ڪڍي ڪونه ڏنائون. موڪلائڻ وقت خالي بوتل واپس گهري مانِ، جو اها هڪ قيمتي دوائن جي پيٽيءَ مان نڪتل هئي، پر صفا نابري واريائون. ان جي عيوض ٻي هڪ شيشي آڇيمانِ پر اها قبول نه ڪيائون. شايد سمجهيائون، ته دوا سان گڏ شيشيءَ جو به جادوءَ جو اثر آهي.

سنڌ ۾ انگريزي نيم - حڪمت لاءِ چڱو ميدان آهي. ميرن کي خاطري هئي، ته جيڪڏهن مان چاهيان، ته جوانيءَ جي وڃايل طاقت واپس وٺي ڏئي سگهان ٿو، مير سهراب مون کي چوائي موڪليو، ته سندس هڪ ٻار جو علاج ڪريان، جنهن جو ٻارهن سالن کان مغز خراب هو، مير نورمحمد بدشڪل ۽ بيڊولو هوندو هو، هنن جي مرضي هئي، ته مان کيس بدلائي سندس ڀاءُ نصير خان جهڙي شاندار شڪل ڪريانس، پر مان جڏهن چيومانس، ته مون وٽ الادين جو ڏِيو يا جادوءَ جي لڪڙي ڪانه آهي، تڏهن هو ڏاڍو نا اميد ٿيو. مير محمد خان مون کي درخواست ڪئي، ته سندس حرم جي هڪ البيليءَ جي ڳچيءَ تي هڪ اڇو داغ ڄائي ڄم جو هو، سو لاهيان. مير صاحب وڏي جن البت ناراض ٿيا، جڏهن منهنجون ڪوششون ناڪام ٿيون. مائيءَ سان منهنجي ملاقات هڪ عجيب نموني ۾ ڪرائي وئي- پهرين صلاح ڪئي وئي، ته مان کيس هڪ باغ ۾ ڪلهي جيڏي اُوچيءَ ڀت جي ٻيءَ ڀر کان بيهي ڏسان. مان اعتراض واريو، ته هڪ مريض کي ڏسڻ جو هيءُ صحيح طريقو نه آهي. نيٺ هن کي ويڙهي سيڙهي، سندس ٻڍين ۽ بدصورت ٻانهين سان گڏ مون وٽ وٺي آيا. مائي نهايت حسين هئي ۽ يورپي زالن جهڙو گورو رنگ هوس. ائين چئجي، ته هوءَ سنڌي زالن جو نڪ هئي. سنڌ جون زالون هندستان جي زالن کان وڌيڪ حسين آهن. مون ڪيتريون ناچ واريون ڏٺيون، جي سچ پچ خليفي وليد جي حرم جي لائق هيون.

جيئن مراد عليءَ جي صحت سڌري وئي، تيئن ميرن جي مون ڏانهن مهرباني ۽ شفقت به وڌندي وئي. مان جيڪي اڍائي مهينا ٻيا حيدرآباد ۾ رهيس، انهن ۾ هنن مون کي هر نموني ۾ راضي ۽ خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. مون کي سندس وزير پاڻ صبح سانجهيءَ درٻار ۾ وٺي ويندو هو، جتي مان روز ڇهن ڪلاڪن کان وڌيڪ هنن جي صحبت ۾ گذاريندو هوس. پڇاڙيءَ جو هو مون کي پنهنجن شهزادن مان ليکيندا هئا. هڪ - ٻن ملاقاتن کان پوءِ، در تي جـُـتي لاهرائڻ جو رواج بند ڪيو ويو. مون ٻڌو آهي، ته اڳي جڏهن اسان جا وڪيل هڪ - ٻه دفعو ساڻن ملاقات ڪرڻ لاءِ آيا هئا، تڏهن انهيءَ ڳالهه تي ميرن ڏاڍي شدت سان زور ڏنو هو. منهنجي لاءِ هنن هڪ ڪرسي رکي، پنهنجي درٻار جو سمورو انتظام ڦيرايو. مون ڪيترو چيومانِ، ته به هنن پڇاڙيءَ تائين پنهنجي مهمان نوازيءَ ۾ ڪمي ڪانه ڪئي.

”جهڙا لاٽون تهڙا چـُـگهه!“ جهڙي خودمختيار حاڪمن جي هلت هوندي آهي، سندن پوئلڳن جي هلت به اهڙي ئي هوندي آهي. جڏهن سنڌي درٻارين، ميرن جو رخ ڏٺو، تڏهن هو به منهنجي خوشامد ڪرڻ لڳا. جڏهن مان حيدرآباد ۾ هوس، تڏهن مان ڀانئيان ٿو ته سڀني قومن جا سردار، جي درٻار ۾ رهيل هئا، سي مون سان گڏجڻ آيا. سکن ۽ ٻين دوستن ڏانهن مراد عليءَ جي صحتيابيءَ جي اطلاع جا، جي خط تيار ڪيا ويا هئا، سي منهنجي روبرو درٻار ۾ پڙهيا ويا. انهن ۾ منهنجي ڍَوَ تي ساراهه ڪيل هئي. ٻين کان سواءِ مير سهراب ۽ مير ٺاري وٽان به مبارڪ باديءَ جا خط آيل هئا، جن ۾ سفارش ڪئي وئي هئي، ته منهنجي هر نموني خاطرداري ڪئي وڃي.

وٽن هر روز فارسي قصيدا پڙهيا ويندا هئا، جن ۾ نهايت ذليل قسم جي خوشامد ۽ چاپلوسي ڪيل هوندي هئي. مير اها ٻڌي خوشيءَ ۾ نه ماپندا هئا. هو پاڻ تڪليف وٺي، ڏکين شعرن جي مون کي شرح ڪري ٻڌائيندا هئا. حاڪمن جي روش جو اثر رعيت تي به اندازاً پيو. مراد عليءَ جي شفايابيءَ جي خبر ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ باهه وانگي پکڙجي وئي. ماڻهن جا انبوهه لاعلاج بيمارين جي علاج لاءِ هر طرف کان اچي ڪٺا ٿيا. منهنجي باغ جي چوڌاري ڏورانهن ديسن جي ماڻهن جون ڇانوڻيون لڳي ويون. منهنجي در تي صبح کان سانجهيءَ تائين عرضدار بيٺا هوندا هئا. مان جنهن وقت ٻاهر نڪرندو هوس، تنهن وقت دوا ۽ سهائتا لاءِ دکدائڪ پڪارون ٻڌندو هوس، مون کي لاچار سڀني لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پوندو هو. مون سنڌ ۾ جيترو پورهيو ڪيو هو، ايترو مون اڳي ڪڏهن ڪونه ڪيو هو. اميرن مون کي منهنجي محنت جو چڱو داد ڏنو. هنن کي ڪنهن ٻڌايو هو، ته مون سندن ماڻهن تي چئن هزار رپين جون دوائون خرچ ڪيون آهن. مون کين خاطري ڏني، ته مان سندن لاءِ هر قرباني ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، مگر اهو کين ٻڌائڻ مون ضروري نه سمجهيو، ته ڪمپني بهادر کي چئن هزارن جو ته نه، پر چاليهن رپين جو به نقصان ڪونه پيو هو.

منهنجي محنت ۽ ڪشالي جو نتيجو اهو نڪتو، جو مون کي سخت بخار ٿي پيو، جنهنڪري مان ڪيترا ڏينهن بستري داخل هوس. ان وقت جا منهنجي تيمارداري ڪئي وئي، سا ته وسارڻ جهڙي نه آهي. اها حقيقت آهي ته ميرن مون کي ڪوئنين کان جواب ڏنو، پر هو هر وقت منهنجي پڇا ۽ فڪر ڪندا هئا. ولي محمد خان جنهن جي ٻارن جي مون ڪجهه خدمت ڪئي هئي، ۽ جنهن سان مان روز تبادله خيالات ڪندو هوس، سو منهنجو دوست ٿي ويو هو. هڪڙي ڏينهن جڏهن مان بيهوش هوس، هو سمورو وقت منهنجي پاسي ۾ ويٺو رهيو. جڏهن مان هوش ۾ آيس، تڏهن منهنجي پهرين نظر انهيءَ بزرگ تي پيئي، ۽ ڏٺم، ته منهنجي شفا لاءِ دعا ويٺي گهريائين. اهڙي جانثاري هن کان وڌيڪ متقي ۽ تعليم يافته ماڻهن لاءِ فخر جو باعث ۽ مثال ٿي سگهي ٿي.

ڌارين حڪومتن کي خيال ويٺل آهي، ته سنڌ جي قسمت جون واڳون ٻن زنده ننڍن ڀائرن: مير ڪرم علي ۽ مير مراد عليءَ جي هٿن ۾ آهن، جي سنڌ ۾ خواهه ٻاهر مکيه اميرن جي نالي سان سڏبا آهن، ۽ جن جون مهرون سڀني سرڪاري دستاويزن تي لڳنديون آهن. ائين آهي، ته انهن ٻن جو سياسي اقتدار ۾ ڪو ثاني ڪونه آهي، پر خاندان جا ٻيا به ڪيترا ڀاتي آهن، جن جو حيدرآباد جي درٻار ۾ انهن کان گهٽ مرتبو نه آهي. فتح عليءَ ۽ غلام عليءَ ٻنهي، پٽ ڇڏيا هئا، جن کي حڪومت ۾ حصو هو. هنن جي ڪمسنيءَ ۽ سندن چاچن جي دٻاءَ جي ڪري، هنن جو نالو ڪونه ٻڌبو هو، پر هنن هاڻي زور ورتو آهي. منهنجي وڃڻ کان پو”، فتح عليءَ جو پٽ مير صوبدار، جنهن جو نالو نشان به ڪونه هوندو هو، ۽ جو مکيه اميرن جي ڄڻ چاڪريءَ ۾ گذاريندو هو، تنهن بغاوت ڪري پاڻ کي هنن جو ثاني ڪيو آهي. غلام عليءَ جي پٽ مير محمد کي به، جيڪڏهن همت ۽ مرضي هجي، ته هو به اهڙو ئي ڪامياب ٿي سگهي ٿو. مراد عليءَ جا ٻه پٽ: مير نورمحمد ۽ مير نصير خان به ملڪ جي والين ۾ شمار ٿي سگهن ٿا.

انهن سڀني حاڪمن جي قبضي ۾ سنڌ جا حصا آهن، جن تي هنن جو ضابطو آهي ۽ جن جي آمدني کين ملندي آهي. مير فتح عليءَ جي حياتيءَ ۾ ورهاست ڪانه ڪئي وئي هئي، ۽ سندن ننڍن ڀائرن جي گذران جو دارومدار سندس رحم ڪرم تي هوندو هو. هن جي وفات کان پوءِ، سنڌ جو صوبو چئن هڪجيترن ڀاڱن ۾ تقسيم ڪيو ويو هو، جنهن ۾ ٻه حصا مير غلام عليءَ کي ڏنا ويا هئا، جنهن حڪومت جي خرچ جو ذمو پاڻ تي کنيو هو، ۽ ٻه حصا ڪرم عليءَ ۽ مراد عليءَ کي ڏنا ويا هئا. غلام عليءَ 1811ع ۾ وفات ڪئي. ان کان پوءِ، ملڪيت ڪيترا دفعا تقسيم ڪئي وئي آهي. مراد عليءَ پنهنجي ڀاءُ مير محمد جي ڪيتري ملڪيت ڦٻائي آهي، انهيءَ بهاني تي، ته کيس اولاد آهي، پرهن وقت (1) مير سهراب ۽ مير ٺاري جي قبضي ۾ جيڪي ضلعا آهن، ۽ جن جو ذڪر پڇاڙيءَ ۾ ڪيو ويندو. انهن کان سواءِ، ملڪ، جي چئن اڻپورن حصن ۾ ورهايل آهي، انهن مان وڏي ۾ وڏو حصو مراد عليءَ جو آهي، ۽ باقي حصا ڪرم عليءَ، مير محمد خان ۽ صوبدار خان جا آهن، مراد عليءَ جي حـصي ۾ هو پاڻ ۽ سندس پٽ ڀاڱي ڀائيوار آهن. سنڌ جي آمدنيءَ متعلق مون کي ڪجهه وڌيڪ لکڻ جو ارادو ڪونه آهي، سواءِ ان جي، ته اها سال ۾ چاليهه لک رپين کان وڌيڪ نٿي شمار ڪئي وڃي.

مٿي ڏيکاريل شهزادن کان سواءِ، ٽالپر قوم جا ٻيا به ڪيترا سردار، ميرن جي درٻار ۾ دائمي رهندا آهن: جيتوڻيڪ هو ”مير“ يعني واليءَ جي لقب سان سڏبا آهن. پر کين حڪومت جي ڪاروبار ۾ دست اندازي ڪرڻ جي اختياري ڪانه هوندي آهي. هنن جو رعب تاب ان ڪري هوندو آهي، جو شاهي خاندان سان عزازت اٿن. مير سهراب ۽ مير ٺارو انهيءَ طبقي مان آهن. کين جدا جدا ضلعا مليل آهن، جن ۾ سندن حڪومت هلي ٿي. هو مکيه ميرن جا خراج ڀريندڙ آهن. ڪلهوڙن جي هار وقت هنن پنهنجي بهادريءَ سان ملڪ جون وڏيون ايراضيون هٿ ڪيون هيون، جي ان وقت کان سندن قبضي ۾ رهيون آهن. مير سهراب، پنجاب جي سرحد تي شڪارپور ۾، ۽ مير ٺارو ٿر ميرپور ۾ رهندا آهن، جتي هنن جي پنهنجي پنهنجي درٻار ٿيندي آهي. مير ٺارو پهريائين فتح عليءَ (1) جي خلاف هو، پر هو گهڻو ڪري ميرن جي مدد ڪندو هو، پر مير ٺاري ڪيترا دفعا هنن سان لڙايون ڪيون آهن، ۽ انهن ۾ پنهنجي ارهه زورائيءَ لاءِ سـَـٺو اٿس. هو ٻيئي وڏي عمر جا آهن. مير ٺارو ته ايڏو پيرسن آهي جو انڌو ٿي پيو آهي.(1) هن جو پٽ علي مراد، سنڌ درٻار جو سڀ کان وڌيڪ سرڪش تابعدار آهي. هن هاڻي تازو مياڻن قوم جي ڌاڙيلن کي پناهه ڏئي پاڻ ڏانهن انگريزن ۽ ڪڇ جي حڪومتن جو ڌيان ڇڪايو آهي. انهن سردارن جي، ميرن سان جا عزازت آهي، سا ٽالپرن جي شجري ۾ ڏيکاريل آهي.

ظاهراً ائين ٿو نظر اچي ته، ڄڻ سنڌ جو اختيار حڪومت جي وڏن ماڻهن يا سردارن ۾ يڪسان ورهايل آهي. پر جاچي ڏسبو، ته معلوم ٿيندو، ته جيتوڻيڪ انتظام جو بار گهڻن ماڻهن جي ڪلهي تي آهي، پر اهو هڪ خود مختيار ماڻهوءَ جي سرفرازيءَ لاءِ آهي. پر اهو ماڻهو مير مراد علي آهي، جنهن پنهنجي فضيلت ۽ لياقت سان خاندان جي ٻين شاخن جي همدردي ۽ مدد حاصل ڪئي آهي. هو پنهنجي ڀاءُ کان ننڍو آهي، پر ڀاڻس هن جي اثر هيٺ آهي ۽ هو کيس ٻين سان گڏ ڪارائتو سرڪردو ۽ عيوضي ڪري تسليم ڪندو آهي.

هاڻي مان انهيءَ حقيقت جي سببن ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس. ايشيا جي ظالم حاڪمن جي سلسلي ۾ دلي محبت جو ذڪر شايد ڪن ماڻهن کي ڏکيو لڳي، پر اها حقيقت آهي، ته هن خاندان ۾ هڪ اهڙو گڻ آهي، جو پنهنجو مٽ پاڻ آهن. جنهن جي ڪري هو اوج کي پهتا آهن، ۽ گذريل ٽيهه ورهيه سنڌ امن امان ۾ رهي آهي. منهنجو اشارو فتح عليءَ ڏانهن آهي، جنهن حڪومت حاصل ڪرڻ کان پوءِ، برادرانه محبت ۽ شايد مصلحت وچان پنهنجن ڀائرن جون مسندون پنهنجي مسند سان گڏ رکايون هيون، ۽ اهڙيءَ طرح کين انفرادي طرح بغاوت ڪري، حڪومت هٿ ڪرڻ کان روڪيو هو. عموماً مخالف اغراض ۽ مقصد برادرانه محبت جهڙي نازڪ جذبي لاءِ قاتل هوندا آهن، پر ان هوندي به اها حقيقت آهي، ته ٽالپر خاندان جي سڀني شاخن ۾ انهيءَ جذبي جا اهڃاڻ آهن، جنهنڪري ننڍا هميشه وڏن جي چئي ۾ هوندا آهن ۽ سندن حياتيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنهنجا جذبات قبضي ۾ رکندا آهن. هيءُ رايو شايد ڪن کي خيالي نظر اچي، پر مراد عليءَ جي عزيزن کي سندس بيماريءَ لاءِ جو انتظار ۽ انديشو هو، سو جنهن ڏٺو هوندو، سو ضرور انهيءَ رايي جو ٿيندو. جي ميرن جو هڪٻئي سان سٺو سلوڪ نه هجي ها، ته جيڪر سنڌ جي حڪومت جو ناموافق انتظام ايترو وقت هلي نه سگهي ها.

مراد علي اٽڪل پنجونجاهه ورهين جي ڄمار جو آهي. هن جو رنگ گورو آهي، ۽ هن جي شڪل سندس ملول ۽ اداس دل جو آئينو آهي. هو خشڪ ۽ شوم طبعيت جو آهي، ۽ سندس منهن تي ورلي مشڪ نظر ايندي آهي. هو ڪڏهن به دل کولي ڪونه ڳالهائيندو آهي. هن جا محب، فقط سندس گهر جا ڀاتي آهن. اها خبر نٿي پوي، ته هو محبت جي ڪري سندس سڄڻ آهن يا کانئس ڊڄن ٿا. بهرحال، هو پنهنجي زور ۽ زبردستيءَ ۽ رعيت جي خوف ۽ هراس سان سنڌ جي قسمت تي قبضو ڪيو ويٺو آهي. اها ڳالهه تعجب جهڙي آهي، ته هيءُ ظالم سچ پچ گيدي ۽ ڪانئر آهي. هن کي هر وقت موت جو خوف رهندو آهي، ۽ وهمي ڀوت اڳيان ڦرندا اٿس. سندس رعيت جا ڪي ماڻهو، ته چوندا آهن ته هو بهادر به آهي، پر اها ڳالهه ناقابلِ اعتبار آهي. مگر مون خود ڏٺو آهي، ته هن کي ڪا معمولي بيماري ٿيندي آهي، ته ڳڻتيءَ ۾ ڪيتريون راتيون ننڊ نه ايندي اٿس.

مراد عليءَ کي حرص جو مرض آهي. هو پنهنجي طمع جي پوري ڪرڻ لاءِ، پنهنجي عزت ۽ رعيت جي فائدي جو به خيال ڪونه ڪندو آهي. هو ورلو ڪو وعدو ڪندو آهي ۽ جي ڪندو آهي، ته پاڙيندو نه آهي. مطلب ته هو هڪ خودغرض ۽ ملول ظالم آهي، هو ٻيو ايشيا جو ٽبيريس (روم جو شهنشاهه) يا فلپ ٻيو آهي. هو پنهنجي طاقت جي زور تي حڪومت ڪري ٿو، ۽ سندس دل ۾ ڪي به نازڪ انساني جذبا ڪونه آهن، هو روم جي شهنشاهه ٽبيريس سان ايتري ته مشابهت رکي ٿو، جو رومي تاريخ نويس جيڪو شهنشاهه جو بيان ڏنو آهي، سو هن سان هوبهو لڳي اچي ٿو.

مير ڪرم علي، ڀاءُ جي بلڪل برعڪس آهي، هن جي بهادري تسليم شده آهي، هو درٻار جي آداب ۽ رسوم مطابق کلمک، مهربان ۽ شفيق آهي، هو چڱي پوشاڪ ۽ ڏيک ويک جو شوقين آهي، ۽ عام ماڻهن جي خوشامد کي پسند ڪندو آهي. هوڏانهن مراد علي ڏيکاريندو آهي، ته کيس چاپلوسي پسند نه آهي. ٿورو وقت اڳ مير ڪرم علي تمام هٿ - ڦاڙ هوندو هو، هاڻي به هو سخي آهي، جيتوڻيڪ سنڌ جي حاڪمن جي روايتن مطابق پئسو گڏ ڪرڻ شروع ڪيو اٿس. مون ڏٺو، ته حيدرآباد ۾ خلق جو آواز هن جي فائدي ۾ هو، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي رعيت ۽ زيردستن تي مهربان، ۽ وعدي جو پڪو آهي. هو قد جو لاٺيرو آهي، شڪل موچاري ۽ عادتون وڻندڙ اٿس. هو مراد عليءَ کان فقط پنج ورهيه وڏو آهي، پر هن جي منهن ۾ گهنج ۽ جوانيءَ جي غلطين جا نشان آهن. ڏسڻ ۾ ٿو اچي، ته هو جلدئي ميدان پنهنجي جانٺي ۽ چالاڪ ڀاءُ لاءِ خالي ڪري ويندو.

ڪرم عليءَ ۾ گهڻو حوصلو ڪونه آهي، جيتوڻيڪ هن کي چڱي تعليم مليل آهي. هو اهڙو ته ضعيف طبع ۽ آسائش پسند ماڻهو آهي. جو هن حياتيءَ ۾ هميشه ٻين جي صلاح ۾ مرضيءَ تي هلڻ جو پاڻ کي عادي ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن هن جو ڀاءُ کانئس اڳ گذاري ويو، ته ممڪن آهي، ته هو ان کان پوءِ گوشه نشينيءَ ۾ رهڻ پسند ڪندو، ڇاڪاڻ ته کيس اولاد ڪونه آهي، ۽ وري کيس پنهنجن ڀائٽن کي قبضي ۾ رکڻ جي طاقت ۽ همت نه آهي، پر جيڪڏهن هو اول فوت ٿي ويو، ته ڀائن ۾ ايتري ٻڌي ۽ محبت آهي، جو هن جي خزاني ۽ ملڪيت جو وارث مراد علي ٿيندو ۽ حڪومت جون واڳون اڪيلي سر سنڀاليندو.

مکيه ميرن کان پوءِ، ٻيو نمبر درجو آهي، مير غلام عليءَ جي پٽ، مير محمد خان جو. هن جي اٽڪل ٽيهه ورهيه ڄمار ٿيندي. هو هڪ ٺاهوڪو جوان آهي، جيتوڻيڪ چپ لڙڪيل اٿس، جنهن کيس ڪجهه بدزيبو ڪيو آهي. هن کي پنهنجي پيءُ کان گهڻي دولت ۽ اثر ورثي ۾ مليو هو. ڪجهه وقت، ته هو پنهنجن چاچن سان گڏ مسند تي ويهندو هو، ۽ جڏهن ٻاهر نڪرندو هو، تڏهن کيس سندس چاچن وانگر حيدرآباد جي قلعي جي ديوارين تان سلامي ملندي هئي: پر هو هڪ نرم دل ۽ گهٽ حوصلي وارو ماڻهو آهي، ۽ کيس عزت يا مرتبي جو ڪو خيال ڪونه آهي. هن جي ملڪيت جي وڏي حـصي تي مراد عليءَ ۽ هن جي خاص نوڪرن قبضو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته هن جو مٿن رعب ڪونه آهي ۽ هن ۾ پنهنجي ڪاروبار سنڀالڻ جي لياقت ڪانه آهي. هو نهايت حليم طبع جو آهي، ۽ حڪومت ۽ اڊمبر جي پرواهه ڪانه رکندو آهي. هن جا، جي خاص خدمتگار آهن، تن جي ساڻس ڏاڍي محبت آهي. هنن مان ڪيترن سندس نوڪريءَ مان وڏيون ملڪتيون ٺاهيون آهن.

مير محمد خان کي ٻار ٻچو ڪونه آهي. ياد رکڻ کپي، ته سنڌ جي درٻار جو رواج آهي، ته حاڪمن کي جي ٻانـِـهين مان ٻار ٿيندا آهن، تن کي ماريو ويندو آهي. هن خوفناڪ رواج ڪري نهايت بي قياسيءَ سان ظلم ٿيندا هوندا. مون کي خاطريءَ سان معلوم ٿيو آهي، ته هن خاندان جي فقط هڪ ڄڻي، گهٽ ۾ گهٽ ستاويهه ري نڪاح ٻار قبر داخل ڪيا هئا. هندن ۾ صدين کان وٺي ستيءَ ۽ ٻارن جي مارڻ جي هولناڪ رواجن جي اجازت ڏنل آهي، ۽ انهن کي ڌرمي متن جي پڻ ٽيڪ آهي. هڪڙو مغرور راجپوت، جيڪڏهن پنهنجي ڌيءُ کي ڄمندي ئي نڙيءَ تي ننهن ڏئي ته هن کي، جيڪڏهن معافي نٿي ڏئي سگهجي، ته به مٿس رحم ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته هنن کان وڏي هوندي ڪڇ جي ملڪ وانگر بدپيشو ڪرايو ويندو آهي. پر سنڌ ۾ جو وحشياڻو رواج آهي، ان جي بيرحميءَ کان انسانيت جي لونءَ لونءَ ڪانڊارجيو وڃي ٿي. اهو جهڙو قرآن شريف جي احڪامن جي خلاف آهي، تهڙو انساني فطرت جي فرمان جي- مطلب ته ان لاءِ اهو معقول عذر نه آهي. حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن فرمائين ٿا ته: ”جيڪي پنهنجي جهالت ۽ بيعلميءَ کان پنهنجا ٻار مارين ٿا ۽ جيڪي خدا جي ڏنل رزق کي حرام ٺهرائين ٿا، انهن جي لاءِ ڪو ڇوٽڪارو ڪونه آهي- هو خدا تي ڪوڙ مڙهين ٿا“.


(1)  جون 1828ع.

(1)  جڏهن بيروني حملي جو خطرو دور ٿي ويو، تڏهن مير سهراب خان گهڻن ٽالپرن ۽ ٻين سردارن جي صلاح سان رٿ ڏني، ته مير عبدالله خان جي پٽ مير غلام حسين خان، جو هاڻي بلوغت کي رسيو هو، تنهن کي سنڌ جي حڪومت جون واڳون سونپجن، جنهن جو هو وارث ۽ حقدار هو. هنن جو چوڻ هو، ته مير فتح عليءَ کي گادي عارضي طور ڏني ويئي هئي، ڇاڪاڻ ته ان وقت غلام حسين صغير هو. انهيءَ حجت جو جواب مير فتح عليءَ اهو ڏنو، جو هو رڪاب ۾ پير وجهي ميدان تي نڪتو. ٻنهي ڌرين پنهنجون فوجون ڪٺيون ڪيون. سڄا ٽي ڏينهن فوجون صفون ٻڌيو، هڪٻئي جي سامهون بيٺيون هيون. ٽالپر قوم جي هن خانه جنگيءَ ۾ عزيز، عزيز جي خلاف هو. پٽ، پيءُ جي گلي ڪپڻ لاءِ تيار هو، ۽ ڀائرن پنهنجو رت وساري ڇڏيو هو. پر قوم جي بزرگن کين سمجهايو، ته انهيءَ وحشت ۽ خونريزيءَ جا خراب نتيجا نڪرندا. زالون ٽپ ڏيئي، جهيڙي ٽارڻ لاءِ اچي ترارين جي وچ ۾ پيون. آخر ٻنهي ڌرين کي عقل آيو. مير غلام حسين، مير فتح عليءَ جي حڪومت تسليم ڪئي، ۽ سندس سنڀال هيٺ رهڻ جو وعدو ڪيو. هو اڃا هن جي سنڀال هيٺ رهي ٿو. مير فتح علي خان اها ڳالهه قبول ڪئي، ته مير سهراب خان ۽ مير ٺارو خان هميشه پنهنجي پنهنجي حدن اندر آزاد ۽ خودمختيار رهندا. انهيءَ نظام کان پوءِ، مير فتح علي خان نهايت فراخدليءَ سان پنهنجن ٽن ڀائرن: مير غلام علي خان، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان کي سندن رتبي مطابق جاگيرون مقرر ڪري ڏنيون، ان لاءِ هو گڏجي خاندان ۾ مفاد لاءِ ڪم ڪندا رهندا. خاندان جي عزت لاءِ هو اڳي به جنگ جي ميدان ۾ لڙيا هئا، خاص ڪري مير غلام علي خان، جنهن نهايت سرجوشيءَ کان ڪم ورتو هو. ساڳيءَ طرح هن کين حڪومت ۾ پاڻ سان شريڪ ڪيو، ۽ سندن مسندون پنهنجي مسند جي پاسن کان رکيائين ۽ اهو رواج اڃا تائين هلندو اچي ٿو. - ڪرو.

(1)  مير ٺارو آگسٽ 1829ع ۾ گذاري ويو، ۽ هن جي ملڪيت جو وارث سندس پٽ علي مراد ٿيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org