سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: نئين مصر جا پراڻا ورق

 

صفحو ؛ 2

 انهن خاصيتن هوندي به اُهي هڪ اهڙي هنڌ تي ٺهيل آهن جو هاڻي انهن کي جهنگلي ڀيل يا رولاڪ جوڳي لتاڙيندا رهن ٿا، جيتوڻيڪ انهن لاءِ به اُتي پهچڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. چوڏهين صديءَ ۾ اَبوءَ جي اوڀر ۾ چندراوتيءَ جي نالي هڪ شهر هو، جنهن ۾ پئوڙا راجپوت رهندا هئا ۽ ان جو فاصلو ابوءَ کان چوڏهن ميلن جي پنڌ تي هو. ان وقت انهن پوتر پهاڙن تي پهچڻ ايترو اڻائو نه هو ۽ نه وري اُتي آمدرفت جي ايتري گهٽتائي هئي. ذڪر ڪيل ڍنڍ کي ”نـَـڪـِـي تلا ِّ“ ڪري ڪوٺين ۽ اُها سمنڊ جي مٿاڇري کان 3800 فوٽن جي اوچائيءَ تي آهي. چون ٿا ته ڪنهن ويراڳيءَ ان کي ڏوئيءَ (2) سان کوٽي ٻاهر ڪڍيو هو، جو انهيءَ چڱي ڪم خاطر اُتي ڪـِـلو کوڙي ويٺو هو. اها ڍنڍ هڪ ميل ڊگهي ۽ ان جو چوٿون حصو ويڪري آهي ۽ ڪن هنڌن تي ڪيترائي وال اونهي آهي. انهيءَ ساڳئي مٿاڇري تي اٽڪل اڌ ميل جي پنڌ تي الهندي پاسي جين مندر آهن، ۽ اتر ڏانهن وري گروسڪر جي چوٽي آهي، جا اٽڪل ڇهه هزار فوٽن جي اوچائيءَ تي آهي. ضميمي 1 - ۾ ڏنل اقتباسات، جيڪي هڪ دوست جي رجسٽر تان ورتل آهن، انهيءَ وقت جي آبهوا جي فطرت ڏيکارين ٿا جڏهن ديسا جي چوڌاريءَ ميدانن ۾ بلڪل اڻسهائيندڙ گرمي هوندي آهي.

منهنجي آڏو اهڙي سهڻي ايڪانت هوندي به آءٌ انهيءَ خيالن کان رهي نه سگهيس ته ڪهڙو نه افسوس آهي جو اسان جي يورپي پلٽڻ کي گرم مهينا ديسا جي ساڙيندڙ اُس ۾ پچايو وڃي ٿو، جڏهن ته ٿوريءَ موڙيءَ سان انهن لاءِ هن جبلن جي عدن (1) ۾ آرام ڏيندڙ جايون ٺاهي سگهجن ٿيون. جيئن فرينچن پاڻ کي الجزائر جي رستن ۾ موکيو هو، تيئن جيڪر اسان جي فوج ٿوري هنر ۽ محنت کان ڪم وٺي ته بنان دير انهن چاڙهين کي آسانيءَ سان چڙهڻ جهڙو ڪري وجهي ۽ پاڻ کي اهڙي آبهوا تائين پهچائي، جا سندن ملڪ جي آبهوا کان ڪنهن به حالت ۾ گهٽ نه آهي. سياري جي ٿڌن مهينن ۾ يورپي فوجن کي آڻي ميدانن ۾ ڪڍجي ۽ انهن کي پريڊ وغيره جي ڪم ۾ لڳايو وڃي. پر جيئن ئي مارچ شروع ٿئي، تيئن کين پنهنجي محنت سان ٺاهيل رستي جي ذريعي وڃي جبلن جي اتاهينءَ تائين پهچائجي ۽ اهو رستو پوءِ قيمتي ورثي وانگر قائم مقام فوج کي بدلي ڪري ڏنو وڃي.

ابوءَ کي جيترو وڌ ۾ وڌ ٿي سگهيو، ٿورڙي وقت ۾ جيڪو منهنجي زيارت لاءِ محدود هو، ڏٺم، ۽ پوءِ هيٺ لهڻ شروع ڪري ڏنم. ديسا پهچڻ تي مون کي مسافريءَ تي اڳتي وڌڻ لاءِ تياريءَ ۾ فقط هڪ ڏينهن لڳو. مون 18- تاريخ ديسا کي خيرباد چوندي، شام جو اچي پٽن(2) ۾ منزل ڪئي جو ديسا کان ارڙهن ميلن جي پنڌ تي آهي. منهنجو گس اهڙي ملڪ مان ٿي ويو، جو انهيءَ ڌڪار آميز جاين کان بچيل هو جن کي مسافرن جو بنگلو ڪري سڏيو ٿو وڃي. اهي بنگلا اهڙي موقعي تي ٺاهيا وڃن ٿا، جو ويجهڙائيءَ جي دز ۽ مکيون اچيو اتي گڏ ٿين. انهن جون ڀتيون جـَـهڪي اڇي رنگ جون هونديون آهن پر جيئن ته نويڪلائيءَ ۾ هوندا آهن، ان ڪري انهن ۾ ڪابه دلچسپي ڪانه هوندي آهي. انهن جي ابتڙ هندستاني چٽيل مندر ۽ مسافر خانا آهن، جي گهاٽي وڻڪار ۾ هوندي به قدرتي نظارن سان ڀريا پيا آهن. مون پٽن ۾ هڪ اهڙي مسافرخاني ۾ منزل ڪئي هئي، جو بڙ جي وڻن جي هڪ عاليشان جهڳٽي هيٺان هو ۽ اهي بڙ جا وڻ ڀولڙن سان ڀريا پيا هئا، جن جي ناٽ نخرن مون کي لاڳيتو پئي وندرايو. موقعي جي تلاش ۾ هوندي جڏهن انهن ڏٺو، ته ڀر وارين ٻنين ۾ ڪو ڪونهي، تڏهن انهن جو ٽولو هڪٻئي پٺيان لهي وڃي واڙيءَ ۾ پيو ۽ جلديءَ ۾ سنگ گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڏنائون. پر هڪڙو ڀولـُـو ٻاهر بيهاري ويا. اوچتو هاريءَ کي خبر پئجي ويئي ۽ جيسين اهو موقعي تائين پهچي ئي پهچي تنهن کان اڳ، منهنجا يار (ڀولڙا) سلامتيءَ سان اچي پنهنجي ماڳ پهتا ۽ ڦرلٽ (ڪيل ان) کي ڪٽنب جي وڏن ڀاتين ۾ هڪجيترن حصن ۾ ورهائڻ لڳا. پٽن کان واڌوان تائين، جو ڪاٺياواڙ ۾ آهي، هڪ سؤ پنجاهه ميلن جو فاصلو آهي، پر انهيءَ سفر ۾ نڪو مون مشاهدو ڏٺو ۽ نڪا وري اهڙي دلچسپيءَ جي ڳالهه، جا هتي بيان ڪجي. پٽن کان ٻيءَ منزل تي مون پوڄارين جو هڪ وڏو ٽولو ڏٺو، جو ڌاماجي گائڪواڙ جي ٺهرايل مندر ڏانهن وڃي رهيو هو، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو بت رکيل نه آهي. پر اهو ديويءَ(1) لاءِ آهي پوتر، ڇاڪاڻ ته جيڪو ميڙ اتي اچي گڏ ٿيو هو، تنهن پرارٿنائن رستي، ماتا جي ڪلور کي ٽارڻ لاءِ پئي ايلاز منٿون ڪيون. اتي جي برهمڻن مون کي مندر جي ويجهو هڪ سائي پاڻيءَ جو دٻو ڏيکاريو، جو سندن چوڻ موجب سال ۾ ٻه دفعا (ماتا) ديويءَ جي ظاهر ٿيڻ سان ڳاڙهو ٿي ويندو هو. اهو هڪ معدني چشمو ڏسڻ ۾ ٿي آيو ۽ منجهس پاڻي ننهن - سوسڙو هو. جيئن جيئن آءٌ ڪاٺياواڙ جي ويجهو پوندو ويس، تيئن ملڪ وڌيڪ غيرآباد هو ۽ هرهڪ ڳوٺ جي چوڌاريءَ هڏن جو ڍير ڏسڻ ۾ آيو. سچ پڇو ته خشڪ سالي اهڙي ته خطرناڪ هئي جو انهيءَ ملڪ جو چوپايومال يا ته ناس ٿي ويو يا وري سرحد پار لوڌجي ويو هو. ملڪ ۾ تمام سخت ڏڪر هو. مائٽ پنهنجا ٻار وڪري لاءِ آڇي رهيا هئا، ۽ شڪ ناهي ته ڪيئن ٻار ڳاڻيٽي کان سواءِ، بنا سنڀال جي مري ويا هئا. اهڙيون مصيبت ڀريل مندون ڪاٺياواڙ ۽ پاڙيسري ملڪ ڪڇ ۾ هر هر اينديون رهن ٿيون. جيتوڻيڪ انهن کي روڪڻ جا اپاءَ وٺي سگهجن ٿا پر جيڪڏهن سرڪار انهيءَ ڏانهن ٿورو ڌيان ڏي ته. اسين انهيءَ علائقي مان هر سال ڇهه لک اسي هزار اڳاڙيون ٿا پر انهيءَ رقم جو ڪوبه حصو پبلڪ ڪمن ۾ خرچ نٿو ڪيو وڃي. وڏي ۾ وڏي ضرورت جا هينئر آهي، اها هيءَ آهي ته جيڪي به نهرون آهن، انهن تي بند ٻڌا وڃن، جيئن انهن کي ٿوري مينهن پوڻ سبب سڪي وڃڻ يا پاڻي گهٽجي وڃڻ کان روڪي سگهجي. اهو صحيح آهي ته اهڙا ڪم مهانگا ٿين ٿا پر اهو به صحيح آهي ته اهڙن ڪمن تي صرف ڪيل موڙي، ٿورن سالن اندر وياج سميت موٽيو ملي. اهڙن بندن جي فائديمند هجڻ جو مون کي صاف طور پرکڻ جو پورو پورو آزمودو آهي. راجڪوٽ(1) ۾ منهنجي رهڻ جي وقت، جڏهن ڏڪار چوٽ تي هو، تڏهن هڪ  نهايت تکو طوفان گجندو آيو ۽ ٿورن ڪلاڪن ۾ نهر جو پيٽ، جنهن ۾ ٿورو اڳ ٻار پئي کيڏيا، اونهي ۽ نه اڪرڻ جهڙي خطرناڪ پاڻيءَ جي وهڪري سان ڀرجي ويو. اهو پاڻي جيڪر روڪي وجهجي ها ته وڏو مـُـلهه ڪري ها، پر جهڙي تيزيءَ سان اها نهر ڀرجي ويئي، اهڙي جلد اها لهي ويئي ۽ اسان کي انهيءَ ساڳئي ڏوجهري ۾ ڇڏي ويئي، جنهن ۾ اڳ هئاسين. مصيبت وڌائڻ ۾ ملڪ جي واپارين جو به هٿ آهي، جي سڪار وقت اَن خريد ڪري زمين جي هيٺان تهخانن ۾ وڃيو گڏ ڪن. پوءِ اهي صبر ۽ تحمل سان پنهنجو گڏ ڪيل ان رکيو پيا واجهائين ۽ پڻ دعا ڪن ته ڪو خراب سال اچي. جيئن ئي اهو اچيو نازل ٿئي، تيئن اهي بدڪار، يوسف(2) ان جو اگهه چوٽ چاڙهيو ڇڏين، جنهنڪري غريب ماڻهو نااُميد ٿيو پون ۽ هٻڇي واڻيو پنهنجي ديس ڀاين جي تباهيءَ تي وڃي مچندو. انهن واڻين مان هڪڙي مردود، ڪنهن غريب خاندان کي ٿورو ان وڏي اگهه تي پهچايو هو، جي آهستي آهستي سندس وڏا قرضي ٿي پيا. هن پوءِ انهيءَ گهراڻي جي هڪ عورت جي عزت جي قيمت تي پنهنجي قرض تان هٿ کڻڻ جي آڇ ڪئي ۽ پڻ وقت جو ناجائز فائدو وٺندي، انهيءَ رٿا جي پورائيءَ لاءِ زور رکيو، پر وريس ڪي به ڪين. راجڪوٽ ۾ منهنجي پهچڻ کان پوءِ جڏهن اهو معاملو عدالت تائين ويو، تڏهن انهيءَ مـُـردار جا ناپاڪ ارادا، ڪن سببن ڪري، پاڻيءَ  ۾ ملي ويا ۽ اهو قرض اڳاڙي نه سگهيو.

آءٌ 23- مارچ تي راجڪوٽ پهتس. هتي هڪ ننڍي ڇانوڻي آهي ۽ پوليٽيڪل ايجنسي به آهي، جا آءٌ حيران آهيان ته ڪيئن ٿي اتي جي پندرنهن لک ماڻهن جي انصاف جو انتظام ڪري! جيتوڻيڪ اها بنا ڪنهن شڪ جي انصاف جو سرچشمو آهي پر جيڪو انصاف هتي ٿو پلئه پوي، اهو هن وڏي ۽ ويڪري صوبي جي ڪنڊن تائين پهچڻ ۾ ڇڊو ٿيو وڃي. سچ ته اسان جو ڪاٺياواڙ ۾ ديواني عملو پنهنجي فرض جي بجاآوريءَ لاءِ بلڪل اڻپورو آهي. ٽي يورپي صاحب، ڪيترو به کڻي جوش ايمانداري ۽ سخت محنت کان ڪم وٺن تڏهن به ٿورو ڳوهيل اٽو، ڪيترو به ڳوهجي، ڪٿي ٿو جـَـجهـَـن کي پورو پوي. ڪيڏي به پربت جيڏي ڪوشش ڪن، پر اهو ممڪن نه آهي ته سڄي علائقي جو بار، جو مٿن مڙهيو ويو آهي، کڻي سگهن. ڪاٺياواڙ جو ملڪ ٻن سوَن ننڍين رياستن کان به وڌيڪ حصن ۾ ورهايل آهي جنهن مان هر هڪ جو عيوضي يا وڪيل پوليٽيڪل ايجنٽ جي عدالت ۾ هوندو آهي، جو گهڻو ڪري گهڻ ڳالهائو هوندو آهي ۽ پاڻ کي ڪنهن به حالت ۾ پنهنجي برابر جي پهرئين درجي جي يورپي طاقت جي ڪارڪنن کان گهٽ نه سمجهندو آهي. منهنجو مطلب آهي، ته آهي انهن جهڙو دولابي. انهيءَ ڪـُـت خلق مان هرهڪ عيوضي پاڻ کي سالياني طور مقرر ڪيل تعداد ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ جي آڏو اهنج پيش ڪرڻ لاءِ ٻڌل ٿو سمجهي، نه ته ٻيءَ حالت ۾ هو سمجهندو ته سندس نوڪري ختم ٿي.

بدقسمتيءَ سان کٽين(1) کي پنهنجي پاڙيسرين خلاف دانهن ڪرڻ جا سبب آهن. اهي ڏوهه ۽ زبردستيون، جي ايتريون ته رائج آهن جو انهن جي گهٽ ٿيڻ جو ڪوبه امڪان ناهي. جيئن ته آءٌ ڏڪر جي وقت پهتو هوس، ان ڪري اهو ضروري نه هو ته ڪو ڌنڌو بيهي ويو هوندو، ويتر تڪرار وڌي ويا، ڇاڪاڻ ته انهن لاءِ فقط ٿوري ڪوشش ڪرڻي پوندي هئي. جيڪي به مهينا انهيءَ عهدي تي هوس، مون ٽن سون ڪيسن بابت پڇا ڪئي ۽ انهيءَ ۾ مون کي ڏهه ڪلاڪ روزانو ڪم ڪرڻو پوندو هو. جيڪي ماڻهو سرڪاري عملي ۾ مقرريءَ جا شوقين هوندا آهن، انهن کي اها غلط فهمي نه هئڻ گهرجي ته مون کي ڪو ڪم جي برابر اجورو مليو هوندو. اها ته ٿي پري جي ڳالهه، اٽلو جيڪي الائونس مون کي ريجمنيٽ ۾ هجڻ سان ملندا هئا، اهي به مقرر ڪيل عددن کان گهٽايا ويا، ڇاڪاڻ ته مون پنهنجو ڪمپني الائونس به وڃايو هو ۽ ان جي بدران مون کي پندرهن رپيا في مهينو ديواني پگهار ملندو هو. وڌيڪ چٽي مون کي وري انهيءَ ڊگهي سفر جي خرچ جي برداشت ڪرڻي پئي ۽ آئون تسليم ٿو ڪريان ته منهنجو ”ڪارو ڪوٽ“ مون کي ڪي قدر مهانگو پيو.

مون کي ان ڪري ڪو ڏک نه ٿيو ۽ پاڻ عجب لڳو، جڏهن مون مـَـئي مهيني جي پڇاڙيءَ جي هڪ صبح جو پنهنجو نالو جنرل رجسٽر ۾ ڏٺو، جنهن ۾ منهنجون خدمتون بنگال سرڪار جي حوالي ڪيون ويون هيون. پوءِ خدا حافظ، اي آفيم کائيندڙ ۽ ننڍڙين نياڻين کي قربان ڪندڙ راجپوتن جا ملڪ ۽ پڻ موڪلاڻي آهي محنت جي ڊگهن ڪلاڪن ۾ ٿورڙي معاوضي کي. هاڻي پارسين جي چوڻيءَ موجب ڏسجي ته، ”سڀاڻي جو سج ڇا ٿو ڏيکاري“. مون راجڪوٽ کي 5- جون تي ڇڏيو ۽ جوڙيا ڏانهن پنڌ پيس، جو هڪ ننڍڙو سامونڊي بندر آهي ۽ نوانگر جي ڄام جي مـِـلڪ آهي. اهو ڄام هڪ راجپوت حاڪم آهي، جو پنهنجي پيئڻ جي خفت، بنان ڊپ ۽ دلير گهوڙيسواريءَ جي ڪري مشهور آهي. هن اسان جي بهترين سوئر - مار شڪارين سان، ڏڦي سان شڪار ڪرڻ تي بازي لڳائي هئي. جيڪا رات آئي اها طوفان واري هئي ۽ آسمان جي چوماسي جي گڏ ٿيندڙ ڪڪرن سان ڪومايل. پر ان هوندي به بکايل رعيت انهيءَ جو به، ان کان وڌيڪ آڌر ڀاءُ ڪيو، جيڪو سدا بهار انگلنڊ جا ماڻهو کليل ڏينهن ۾ سج جي تڙڪي جو ڪندا آهن. قلعي جي شهر پناهه تي مون ڪي پراڻيون انگلنڊ جون ٺهيل جهازي توبون ڏٺيون ۽ ايندڙ ٻن ڏينهن مون کي آڻي ڀـُـڄ ۾ پهچايو، جو ڪڇ جو مرڪزي شهر آهي. آءٌ انجار کان ٿيندو آيو هوس، جو ڏسڻ ۾ ته موچارڙو شهر آهي پر ٻين ديسي شهرن وانگر هتي به ٻاهتر کان وڌيڪ ڍوهيون هيون، جي هڪٻئي کان جدا ۽ ظاهر پئي ڏسڻ ۾ آيون. اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته ڀـُـڄ ۾ مون کي راءَ سان ملاقات جو شرف مليو، جنهن کي پنهنجي ملڪ جي انتظام رکڻ جي وڏي قابليت هئي. پر ان کان به وڏي قابليت منجهس هئي اسان جي سرڪار کي پنهنجو ڪري ان کان رعايتون وٺڻ جي ۽ اسان جي موڪليل پوليٽيڪل ايجنٽن جي دل وٺي، پنهنجي متعلق سٺي راءِ قائم ڪرائڻ جي. هو انگريزي چڱي ڳالهائي ڄاڻي ۽ ساڻس ڳالهائڻ مان مون اهو پروڙي ورتو ته کيس پنهنجي ملڪ ۽ ڪاٺياواڙ ۾ وصول ٿيندڙ ڍل ۽ محصول جي پوري پوري خبر هئي. هن مون کي پنهنجو محلات به ڏيکاريو، جو اڳي سندس چاچي راءَ پرمل جي گناهه سان ڀريل رنگ رلين جو ماڳ هو. اهو شخص هاڻي ٽڪريءَ تي هڪ قلعي ۾ نظر بند آهي ۽ جيتوڻيڪ دنيا کيس وساري ڇڏيو آهي پر پاڻ دنيا کي به ڪونه وساريو آهيس. اسان جي هندستاني سلطنت جي پهاڙي علائقن جي اڳين راجائن شهزادن ۽ حاڪمن، جيڪي هينئر ڏک ۽ عذاب جي ماني کائي رهيا آهن (جيتوڻيڪ انهن مان ڪي اهائي لهڻن، پر ان هوندي به اها ڪا گهٽ ڪـَـڙي ڪانهي!) جو جيڪڏهن احوال ورتو وڃي ته اسان جي انگريزي دنيا عجب ۾ پئجي وڃي. جيڪڏهن اهڙو رجسٽر رکجي ته پوءِ اهڙا ڪئين نالا ڏسڻ ۾ ايندا، جن لاءِ جنم ٽيپ جي خطرناڪ سزا جي لکڻ جو به ضرور نه آهي، ڇاڪاڻ ته اهي انهيءَ کان به وڌيڪ سزا جا مستحق آهن(1) اسان کي خبر آهي ته ڪيترن کي تمام وڏا معاوضا ڏنا ويا آهن ۽ ڪن جي رتبي ۾ به گهٽتائي اچي ويئي آهي، پر ان هوندي به اهي نهايت موثر لفظن ۾ هڪ سنڌي امير جو ڏنل جواب ورجائي چوندا آهن،..... مير صاحب، ان وقت ٿڌو ساهه کڻي چيو ته ”هاءِ صاحب، منهنجي ملڪ جي وڻ جي ڇانوَ به هتي جي ديس نيڪاليءَ جي محلات کان بهتر آهي“ (2).

ڀـُـڄ ۾ مون کي سر هينري پاٽنجر (جو ان وقت ڪرنل هو) جو خط مليو، جنهن مون کي رڻ جي رستي سنڌ ڏانهن وڃڻ کان جهليو هو، ڇاڪاڻ جو سندس چوڻ هو ته چوماسي جي مـُـند ۾ اهو رستو ڪم نه آندو ويندو آهي. پر جيئن ته هوا سڌو ڪناري ڏانهن پئي لڳي ۽ سامونڊي رستو بند ٿي چڪو هو، ان ڪري مون لاءِ ٻي ڪا به واهه ڪانه هئي. آخر مون 19 - تاريخ ڀـُـڄ ڇڏيو ۽ 23 - تاريخ لکپت بندر تي پهتس. هن بندر جي ويهن ميلن اندر رستو اُجڙيل هو. ٻنهي طرفن کان سـُـڃا ٽـَـڪـَـر هئا، جن ۾ نه هئي ساوڪ ۽ نه وري پاڻي. لکپت خود اڌ - ويران هو، جهڙو سڙي ويل شهر! سندس قلعو البت وڏو آهي، جو مرحوم فتح محمد ڪڇ جي وزير ٺهرايو هو. هـُـن سخي ۽ لائق شخص جي وفات کان پوءِ هن شهر جو تڪڙو زوال آيو ۽ هاڻي منجهس انهيءَ آباديءَ جو ٽيون حصو وڃي بچيو آهي، جا مرحوم فتح محمد جي ڏينهن ۾ هئي. اُتي منهنجي منزل وقت ڪالرا بيماريءَ ڪلور ڪري ڇڏيا هئا. اُتي ميري پاڻيءَ جو هڪ چشمو هو، اُن تي به رات ڏينهن ماڻهن جي پيهه لڳي پئي هئي. آخر انهيءَ جي مٿان هڪ چوڪيدار رکيو ويو ته جيئن تازي آيل ماڻهوءَ کي سندس وارو ملي. مون اُتي ٻن عورتن جي وچ ۾ جيڪا گفتگو ٻڌي، انهيءَ مان ماڻهن جي بيحاليءَ جو پتو پوي ٿو.

”ڪهڙي خبر آهي، ڀاڳي؟“ هڪڙي عورت انهن مان ٻيءَ کان پڇيو.

”ساڳيو حال آهي، ادي!“ اهو هو سوال جو جواب. ”پاڻ سان اڃا بيماريءَ جي مصيبت ۽ پاڻيءَ جي اڻاٺ جو وَيل آهي.“

ڏينهن جي وقت ته موتمار گرمي هئي پر رات وري اڻسهائيندڙ ۽ شوخ هوا ٿي آندي، جا سوساٽ ڪندي تنبوءَ کان پئي گذري، شايد اها پڇا ڪرڻ لاءِ ته هيترين سارين مصيبتن کان پوءِ به هن غمگين علائقي ۾ ڪو سلامت بچيو آهي ڇا؟ مون واريءَ منزل جي هيءَ جاءِ بلڪل خراب هئي،پر انهيءَ کان به وڌيڪ خراب هو منهنجو ايندڙ سفر. 24 - تاريخ صبح جو آئون جهاز ۾ چڙهيس ۽ ساڳي ڏينهن ڇهين بجي شام جو اچي سنڌ جي رڻ ۾ پهتس.

”ڌٻڻ جي نرم واري،

نه آهي سمنڊ ۽ نه آهي وري چڱي سڪل زمين.“

جيستائين نظر پئي پيئي تيستائين هڪ ويڪري بي انت، ڀوري رنگ جي پوٺي کان سواءِ ٻيو ڪي ڪين ٿي ڏٺو. اهو ميدان سمنڊ جي مٿاڇري سان اهڙو ته سنوت ۾ هو، جو جيڪي ٻڌو هوم، سو ڏٺم، يعني وير چڙهڻ وقت اهو سڄو علائقو سمنڊ جي پاڻيءَ هيٺ اچي ٿي ويو. ڀانئجي پيو ته ڄڻ:

”اُها سربونين ڌٻڻ (1)، جا دمياتا ۽ پراڻي جبل ڪاسبس جي وچ ۾ آهي، جتي سڄيون ساريون فوجون گم ٿي وييون“.

مون کي اها خبر هئي ته ٿورا ڏينهن اڳ ستن ماڻهن رڻ کي پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي پنهنجي پڄاڻي آندي هئي. ان ڪري مون کي پنهنجي ٻيڙيءَ کي پوئتي هٽندو ڏسي نا اُميدي ٿيڻ لڳي. منهنجي اٽالي ۾ چار گهوڙيسوار، ٻارنهن اُٺ ۽ خدمتگارن جو معمولي تعداد هو. سفر جا پهريان ٻه ميل سخت ٿڪائيندڙ هئا، ڇاڪاڻ ته چڪڻ ايڏي ته اونهي هئي، جو اسان کي انهيءَ مان اُٺن کي ڪڍڻ ۾ وڏي تڪليف ٿي. ايتري ۾ سج به لهي ويو ۽ نيٺ اسان پاڻ کي وڃي سخت واريءَ تائين پهچايو، جنهن جي مٿان اسان لاءِ هڪ ڳاڙهو چنڊ پئي چمڪيو. سهائي رات هئڻ ڪري اسان پنهنجي کٻي پاسي سمنڊ پئي ڏٺو، جو اسان کي هيسائڻ لاءِ زور شور سان پئي اٿليو ۽ پٿليو. سامهون هڪ وڏو نرم مٽيءَ جو لس ميدان هو، جنهن کي ٿورن ڪلاڪن جو مينهن هڪ وڏي ڌٻڻ ۾ بدلائي ٿي سگهيو، جا اسان جي سڄي ٽولي کي جيڪر وڪوڙي وڃي ها. اتي سائڻ قدرت پهريون دفعو مون کي پنهنجي جادوگريءَ جي هڪ حرفت ڏيکاري ۽ اها هئي رڃ. جيتوڻيڪ مون کي انهيءَ قسم جي فريب جي خبر هئي پر ان هوندي به مون جڏهن انهيءَ کي ڏٺو تڏهن بلڪل ٺڳجي ويس. جيئن ته پري کان ڪي گهر ۽ انهن جي چوڌاريءَ ٿورو جهنگ پئي ڏٺو، ان ڪري مون کي پڪ ٿي ته اهو لاهه جو ڳوٺ آهي، پر جڏهن ويجهو پهتاسين، مون وارو ڏٺل ڳوٺ، اُٺ جي هڏن جي ڍير کان سواءِ، ٻيو ڪي ڪين هو. آخر جڏهن اسين اچي لاهه ۾ پهتاسين، تڏهن اتي ڪوبه ماڻهو اسان کي ڏسڻ ۾ نه آيو، فقط ڪي اجڙيل وڻ هئا ۽ ننڍڙيون ٽڪريون هيون، جي لاڻي سان ڍڪيون پيون هيون. اهو ڳوٺ ڪوٽڙو کان، جتي اسان اچي لنگر هنيو هو، ارڙهن ميلن جي پنڌ تي هو. سر گانڊا پهچڻ کان اڳ، جو پڃاري شاخ تي هڪ ڏتڙيل ڳوٺ آهي، سج ڪاپار تي اچي ويو هو ۽ سخت ساڙيندڙ هو. ڪوٽڙو کان گانڊا تائين ٽيهن ميلن کان مٿي فاصلو آهي پر انهيءَ وچ ۾ سواءِ لاهه جي، جتي ٿورو ٻاڙو پاڻي ملي ٿو، پيئڻ لاءِ پاڻيءَ جو ملڻ به محال آهي. سر گانڊا ۾ ته گهوڙيسوار فوج جي هڪ جٿي کي به پاڻي مهيا ڪري ڏيڻ ناممڪن نه، پر ڏاڍو ڏکيو ڪم ضرور آهي. ان ڪري ڪڇ جي رستي سنڌ پهچڻ، خاص ڪري فوج جي لاءِ ته بلڪل محال آهي. ڇاڪاڻ ته اهو رستو هڪ ننڍڙي ٽولي لاءِ به خوف ۽ خطري کان خالي نه آهي. منهنجي انهيءَ رستي اڪري وڃڻ کان پوءِ جيڪا رات آئي، ان ۾ معمول کان وڌيڪ وِير چوٽ تي چڙهيل هئي ۽ ساڳئي وقت سخت مينهن پوڻ ڪري لاهه تائين سڄو رستو پاڻيءَ سان ڀرجي ويو. مون سر گانڊا ۾ فقط شام تائين منزل ڪئي ۽ اتي جڏهن منهنجن اوٺين،جيڪي سنڌي هئا، اڳتي وڌڻ کان نابري واري، تڏهن آءٌ پنهنجو سامان سڙو ۽ نوڪر چاڪر اتي ڇڏي، ٻه گهوڙيسوار همراهه ڪري ٺٽي ڏانهن پنڌ پيس. سج لٿي مهل اسان پڃاري، جا هڪ لوڻاٽيل کاري آهي، اچي اُڪرياسين ۽ جڏهن مون سنڌين کان پڇيو ته ايندڙ ڳوٺ ڪيترو پري آهي؟ تڏهن جواب مليو ته چار ڪوهه يعني اٺ ميل آهي. اهي جرمن ميل وڃي ثابت ٿيا، ڇاڪاڻ ته جيئن اڳتي وڌون تيئن وڃي فاصلو وڌندو. سڄي رات سواري ڪندي گذري، ان هوندي به صبح جو کڻي پڇون ته ڪيترو پري آهي اهو ڳوٺ؟ ته جواب ملي ”چار ڪوهه“. سج جي گرمي شدت تي هئي ۽ اسان کي کائڻ لاءِ به ڪي ڪين هو، نه وري ڪو گهر گهاٽ ٿي ڏٺو ۽ جيڪي سنڌي اسان کي رستي تي مليا، تن اسان سان ڳالهايو ئي ڪونه. رات پئي، ته ٿڪجي ٽٽي اچي لاڏيءَ جي ڳوٺڙي ۾ پهتاسين، جو اسان جي سفر واري رستي تي سرگانڊا کان گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه ميلن جي پنڌ تي هو. جيئن ته هن کان اڳي ڪوبه يورپي هن علائقي ۾ نه ڏٺو ويو هو، ان ڪري انهيءَ ڳوٺ جو هرڪو ماڻهو فرنگين کي ڏسڻ لاءِ ٻاهر نڪري آيو. ويچار ڪريو ته اها ڪيترو نه ڪـَـڪِ ڪندڙ ڳالهه آهي ته ڪو ماڻهو ڇٽيهه ڪلاڪ بک ۾ پاهه ٿيڻ کان پوءِ پاڻ کي چؤطرف گهوريندڙ ٻوٿن جي گهيري ۾ ڏسي، ۽ ننڍڙن ٻارن کي هڪٻئي کي سڏ  ڪندو ٻڌي ته اچي ”ڪافر“ ڏس. ٿوري وقت کان پوءِ ڳوٺ جو وڏيرو اچي پر گهٽ ٿيو، جنهن فارسيءَ ۾ پئي ڳالهايو. مون کيس کاڌي پيتي هٿ ڪرڻ جي خيال کان پنهنجو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن چيو ته، ”اسان وٽان سيڌو پاڌو ڪونه ملندو.“ مون جڏهن ڏٺو ته نرميءَ سان نٿو سمجهي، تڏهن کيس دڙڪو ڏيئي چيم ته انهيءَ بابت آءٌ ميرن سان شڪايت ڪندس. انهيءَ تي هو پاڻ وڌيڪ ڪاوڙيو ۽ چيائين ته، ”آءٌ سيد آهيان. ڳوٺ جو آءٌ ڌڻي آهيان، مير ناهي! اوهان کي ڪي ڪين ملندو.“ انهيءَ گفتي کان پوءِ هو هليو ويو ۽ جيئن ته اسان کي انهيءَ لاءِ ڪجهه به نه ڪرڻو هو، ان ڪري اسان کي ٿورڙن چانورن تي گذر ڪرڻو پيو، جي هڪ سوار پاڻ سان آندا هئا. اهي ايترا ته ٿورا هئا جو جڏهن اسان ٽن ڄڻن پاڻ ۾ ورهايا، تڏهن هرهڪ کي ٻه - ٽي گرهه مس نصيب ٿيا. ٻئي ڏينهن صبح جو اسان منزل پـَـٽي رستي تي بهادر پور کان اچي لنگهياسين، جو لاڏيءَ کان ٻارنهن ميلن جي پنڌ تي هو. اُتان پوءِ چوڏهن ميل طئي ڪري سعدپور پهتاسين، جتي درياءَ جي ڪناري تي پهچي، ڪنڌي ڏيندا ڇهه ميل پنڌ ڪري وڃي انهيءَ پتڻ تي پهتاسين، جو ٺٽي جي آمهون سامهون هو. کاڌي جي اڻاٺ ۽ سج جي ساڙيندڙ گرمي، انهيءَ وقت اسان کي ايڏو ته ٿڪايو هو، جو مون درياءَ جو ڏيک، يعني اها قديم ندي جنهن جو مون کي عجيب تصور هوندو هو، شوق جي هڪ چڻنگ به مون ۾ اُڀاري نه سگهي. منهنجي لاءِ ان ۾ ڪا وندر جي شيءِ هجي، سا ڳالهه ته پري ٿي، اٽلو مون تپرس وچان پنهنجي اڳيان بازيليون کائي ڌوڪي ايندڙ ۽ گهمرا کائيندڙ، ٻه ميل کن ويڪرو پاڻي ڏٺو ۽ ان جي ڀر ۾ لوساٽيل واريءَ جو ميدان. نڪا هئي اتي ٻيڙي ۽ نه وري هو ڪو ٻيو ساهوارو! جيئن ته اسين انهيءَ ملڪ جا اڻسونهان هئاسين ۽ ٻيو ته اسين ۽ گهوڙا ٿڪ سبب ورچيل هئاسين، ان جي ڪري سچ پڇو ته اسان جي حالت رحم جوڳي هئي. ڪئمپ جي اختياريءَ وارن کي ڀانئجي ٿو ته ڪنهن چڱي فرشتي اها مـَـت ڏني جو انهن هڪ تڪڙو قاصد درياءَ جي رستي حيدرآباد ڏياري موڪليو هو. نيٺ هڪ ٻيڙي لهرن مٿان لڏندي لمندي اچي اسان وٽ پهتي ۽ ٿورين گهڙين ۾ اسان لهرون لتاڙي درياءَ جي ٻيءَ ڀر ننگر ٺٽي جي رستي تي وڃي پهتاسين.


(2) ڏوئيءَ مان مراد آهي ڍنڍ جي شڪل، جا ڏوئيءَ جهڙي آهي.

(1) عدن: يعني جنات عدن، عدن جي مشهور باغن ڏانهن اشارو آهي جي عاد قوم جا ٺاهيل هئا ۽ عرب دنيا ۾ مشهور هئا. انهن مان جنت الفردوس جو نالو قابل ذڪر آهي.

(2) پٽن - انهيلوارا جي  پٽن ڏانهن اشارو آهي، جو گجرات ۾ آهي.

(1) ديويءَ مان مراد ماتا ديوي آهي. سنڌ ۾ ماتا جي بيماريءَ وقت لولي ڏياري ديويءَ کي راضي ڪيو ويندو آهي ته جيئن خير سان گذري.

(1) راجڪوٽ، ڪاٺياواڙ جو مرڪزي شهر آهي ۽ هالار ۾ واقع آهي. ڪاٺياواڙ جا چار حصا آهن جهالاوار، هالار، گوهلواڙ ۽ سورٺ، جنهن کي سوراشٽر به ڪري سڏبو آهي.

(2) يوسف: حضرت يوسف عليه السلام ڏانهن اشارو آهي - پر بدڪار اکر واڻين لاءِ استعمال ڪيل آهي، جي نفعي جي لالچ ۾ ماڻهن جي حياتيءَ سان کيڏندا آهن. يوسف انهيءَ ڪري آندل آهي جو هو هڪ مشهور هورڊر هو ۽ هن سـُـڪار جي وقت ۾ مصر ۾ ان جا انبار جمع  ڪرائي ڇڏيا، ڇاڪاڻ ته فرعون جي خواب موجب، ست سال ڏڪار کي منهن ڏيڻو هو.

(1) کٽي يا ڪاٺي قوم، جنهن جي ڪري ڪاٺياواڙ تي اهو نالو پيل آهي، اصل ۾ اناطوليه يا ايشيا مائنر جا رهاڪو آهن، جن اتان هجرت ڪري ڏکڻ سنڌ، گجرات ۽ ڪاٺياواڙ جا علائقا وسايا. لاڙ ۾ کٽين جا اڃا تائين ڪئين ڪٽنب آهن، جي بدين، ماتلي ٽنڊي باگي تعلقي ۾ رهن ٿا.

(1) هندستان ۾ اهو رواج هو ته جڏهن به ڪنهن راجا يا امير کي تخت تان لاهي سندس ڪنهن مائٽ کي تخت تي ويهاربو هو ته پوءِ هو پنهنجي اڳئين جانشين کي جنم ٽيپ جي سزا ڏيئي جيل ۾ بند ڪري ڇڏيندو هو يا ته کيس زهر ڏياري مارائي ڇڏيندو هو.

(2) مير نصير خان شهداداڻي ڏانهن اشارو آهي.

(1) هيءَ هڪ وڏي ڌٻڻ آهي، جا مصر ملڪ جي اتر - اوڀر ڪنڊ ۾ آهي. هن ساڳي ڌٻڻ ۾ فرعون جو لشڪر حضرت موسيٰ ۽ يهودين جي پويان پوندي غرق ٿي ويو هو. مون رڻ کي انهيءَ مند ۾ اُڪرڻ جي تڪليفن کي بيان ڪرڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونه ڪيو آهي. انهيءَ جي تصديق لاءِ آئون سر هينري پاٽنجر جي خط جا اقتباسات پيش ٿو ڪريان، جو هن 8- جون 1839ع ۾ انهيءَ ساڳئي مضمون تي مون کي لکيو هو. لکپت بندر جي ٻيءَ ڀـَـرَ جو سير ڪرڻ بابت آئون توکي چتاءُ ڏيان ٿو ته خطرناڪ ٿيندو، ڇاڪاڻ ته رڻ پاڻي سان ڀرجيو وڃي ۽ جيڪي به درياءَ جون شاخون ۽ واهه آهن، سي ڪـَـنن تار ٿيو وڃن، ان ڪري آئون نٿو ڀانئيان ته اتي ڪو اُٺَ هلي سگهندا. اتان فقط ٻه رستا آهن: هڪ ته اهو آهي جنهن تان اسان گذريل سيپٽمبر ۾ سفر ڪيو هو ۽ ٻيو، جيڪو ٺٽي وٽان ٿو لنگهي. آهن ٻئي اڙانگا، پر آئون پوئين رستي کي پسند ڪندس، ڇاڪاڻ ته ان تي آمدرفت به گهڻي آهي ۽ جدا جدا پتڻن تي ٻيڙيون وغيره ملنديون آهن. لکپت کان پهرين منزل، درياءَ سوڌي جيڪا اُتي آهي، پنجاهه ميلن جي لڳ ڀڳ ٿيندي، جا يڪساهيءَ پوري ڪرڻ گهرجي. اميرن وٽان به ٻه - چار گهوڙيسوار ضرور تو سان اچي ملن، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ اهڙن ماڻهن جي مدد کان سواءِ - جيڪي رستي جا سونهان، سيڌو پاڌو ۽ ٻيڙيون وغيره هٿ ڪندا آهن، سفر ڪرڻ ناممڪن آهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org