سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڳالهيون منهنجي سنڌ جون

باب؛ --

صفحو ؛ 20

 

 

 

 

انٽرويوز

 

 

خصوصي ملاقات

[ هي انٽرويو جناب عابد لغاري ”رهبر ڊائجسٽ“ سلسلي جي ڪتاب نمبر 9، ” مورتي ۽ لڙڪ“ ۾ شايد 1967ع ۾ ڇاپيو. هي مواد آزاد قاضي صاحب فراهم ڪيو]

ائڊريس معلوم هجڻ جي باوجود به اسان کي پير صاحب جي بنگلي ڳولڻ ۾ ڪافي دقت پيش آئي. آئون ته واقعي ڪراچي جو ايترو واقف نه هئس پر منهنجي ساٿي کي به بنگلو هٿ نه پيو اچي، جو پاڻ کي ڪراچي جو رهاڪو سڏائيندو آهي. جڏهن ڪافي ٿڪجي پياسين تڏهن منزل به اوچتو ئي اسان جي سامهون اچي ويئي، ائين پيو محسوس ٿئي ته قدرت رحم کائي اسان لاءِ فاصلو گهٽائي ڇڏيو آهي. نوڪر کي سڃاڻپ جو ڪارڊ ڏنم، هو اندر ويو ۽ ٿوري دير بعد واپس آيو، اسان کي پاڻ سان وٺي اچي هڪ ڪمري ۾ وهاريائين. ڪمرو ڇا هو، هڪ ڪتاب گهر هو، زمين کان ڇت تائين ڪتابن سان ڀريل هو. صرف دريون دروازا ئي رهيل هئا. سرسري طور تي معلوم ٿي ويو ته ڪافي کان زيادهه ناياب ڪتاب هت موجود آهن. وري پير صاحب جو خيال آيم ته اهي سڀ ڪتاب سندن ننڍڙي دماغ ۾ ڪيئن محفوظ هوندا. اڃا سوچي ئي رهيو هئس ته اوچتو پاسي وارو در کليو ۽ هڪ پورو پنو مگر بت ۾ ڀريل ماڻهو اسان جي سامهون اچي بيٺو. اڇن وارن ۽ مهانڊي جي خد و خال مان سندن عمر واقعي 50 سالن کان مٿي پي لڳي. مگر تندرست جان و جسم ڪري جوان پي لڳو.

رسمي عليڪ سليڪ ۽ تعارف بعد مقصد تي آيس. جڏهن پير صاحب منهنجي واتان انٽرويو جا لفظ ٻڌا تڏهن سفيد چشمي مان ٻه سنهڙيون ۽ ننڍڙيون مگر اونهيءَ نظر رکندڙ ۽ گهرو سوچيندڙ اکيون هاڻي منهنجو جائزو وٺڻ لاءِ جهات جهات ڪري رهيون هيون. راشدي صاحب ڇا اندازو لڳايو ان جي ته خبر خدا کي مگر ٻئي ڏينهن ڏهين بجي صبح جو ٽائيم ڏنائون ته پاڻ منهنجي هر آرزو پوري ڪندا. اٿندي هي شڪايت به ڪرڻ کان نه رهيس، جا سڄي واٽ منهنجو ذهن چٽي رهي هئي، ” آئون ضرور هي پڇندس ته اوهان کي مون هڪ سوال نامو موڪليو هو مگر اوهان ان جو مون کي ڪو به جواب نه ڏنو.“ جڏهن سبب معلوم ٿيم ته پنهنجي ئي پاڻي ۾ پنهنجو چهرو ڏسي رهيو هوس. جنهن تي ڪئين عيبن جا نشان عيان هيا – ”سوال اردو تان ڪاپي ڪيا هئم“.

ڪافي ڪوشش جي باوجود راشدي صاحب منهنجي گوڏي وٽ سلوار تي اهي رت جا نشان ڏسي ورتا جي سندن ئي ملاقات جي شوق ۾ ڪراچي جي ڊوڙندڙ زندگي جي بس تي چڙهندي گوڏو زخمي ٿيو هئم. هاڻي آئون ڪجهه شرم ۽ ڪجهه حجاب ۾ ڪنڌ نمائي ٻاهر نڪري آيس، جتي معلوم ٿيم ته سعيد يونس به منهنجي پويان هلندو منهنجي بيڪسي تي ڪجهه عجب ڪجهه رحم کائي پهچي ويو آهي.

ٻئي ڏينهن اڪيلو هن بحر مان ماڻڪ چونڊڻ لاءِ روانو ٿيس، مگر مليل ٽائيم کان اڌ ڪلاڪ کن ليٽ پهتس. راشدي صاحب جن به انهيءَ لاءِ باز پرس نه ڪئي، شايد انهيءَ ڪري جو کين ٽائيم جي پوري خبر نه پئجي سگهي يا جي ايم سيد جن جي موجودگيءَ ۾ کين اهو احساس ئي نه رهيو هو. مقصد ٻنهي لاءِ واضح هو. اجازت ملي ۽ مون اٿندي ئي هي سوال ڪيو ته_

”راشدي صاحب ! سنڌي ادب جي ترقي ۾ اها ڪهڙي شيءِ رڪاوٽ بنيل آهي جنهن ڪري ان جي رفتار نهايت ئي سست آهي؟“

”رڪاوٽ؟ رڪاوٽ ته ڪا به نه آهي، ادب پنهنجي پوري رفتار سان ترقي ڪري رهيو آهي. هڪ ڳالهه کي ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته ٻوليءَ جي اصليت، جاذبيت، رواني ۽ روح البت ختم ٿيندو پيو وڃي. ان جو سبب زياده تر اخباري زبان آهي، جا سڌو سنئون اردو تان ترجمو ڪئي وڃي ٿي. لفظ، محاورا ۽ چوڻيون ڌاريون، بي جوڙ ۽ اڻ ٺهندڙ ۽ ٺهڪندڙ استعمال ڪيون وڃن ٿيون. حالانڪه اسان وٽ انهن کان به افضل موجود آهن. اسان جا اديب ۽ شاعر پنهنجي مضمونن ۽ شعرن ۾ ٺيٺ سنڌي استعمال ڪن ٿا. مگر اخباري ٻوليءَ جو اثر وڌندو ٿو وڃي. ڇاڪاڻ ته اخبارون گهڻي انداز ۾ پڙهيون وڃن ٿيون. اها صورتحال ادب  ۽ زبان لاءِ گهاتڪ آهي ۽ انهيءَ ڪري سخت نقصان پهچي رهيو آهي. زبان کي ايترو خراب ڪيو ٿو وڃي جو بعد ۾ ان جو درست ڪرڻ مشڪل ٿي پوندو. ڪاش اخبار نويس ڪاپي ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجي دماغي صلاحيتن کان ڪم وٺن. جيتري تائين خبرن جو تعلق آهي اهي انگريزيءَ ۾ مهيا ٿين ٿيون. پوءِ انهن کي سنڌي ۽ اردو اخبارن جي سانچي ۾ ڍالڻ سخت هاڃيڪار آهي“. راشدي صاحب جي چشمي اندر ٻن چشمن ۾ درو انديشي، پيشاني تي لهرن جو ٺهڻ ۽ ڊهڻ ائين پيو ٿئي ته پان هاڻي به ان منجهيل سُٽ کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

”اڪثر ائين چيو وڃي ٿو ته اوهان پهريائين اردو يا فارسي ۾ لکيو آهي، تنهن بعد ان کي سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ٿو وڃي. اهو ڪيتري قدر صحيح آهي؟“

” اهو بلڪل غلط آهي لغاري صاحب، مون جيڪي لکيو آهي سو سنڌيءَ ۾ ئي لکيو اٿم. ويهه ورهيه اخبار نويسي سنڌيءَ ۾ ڪئي اٿم. هزارين اخباري مضمون ۽ سوين مقالا سنڌي ۾ لکي چڪو آهيان. اگر ڪي چند ڪتاب اردو ۾ لکيا يا فارسي ۾ مرتب ڪيا اٿم ته انهيءَ ۾ به مقصديت شامل آهي. مقصد هو سنڌ ملڪ ۽ سنڌي ادب کي ٻين سان روشناس ڪرائڻ“.

” اوهان کي ڪهڙي شيءِ متاثر ڪيو جنهن ڪري اوهان ٻين طرفن کان منهن موڙي هن ادبي سلسلي کي اختيار ڪيو؟“

” ڪو به ڌنڌو ڪو نه هو. جنهن ڪري سواءِ ان جي ٻيو ڪجهه ڪري به نه ٿي سگهيس.“ هن جواب تي ڪمري ۾ ڪجهه ٽهڪن جو آواز اڀريو. سڀئي زور زور سان کلي رهيا هئاسين. آءُ سوچڻ لڳس ته نڪمي ماڻهو لاءِ اهو به بهتر. جڏهن مون کان به ڪو ڌنڌو نه پنو تڏهن ئي هن طرف رخ رکيو اٿم. ”ٻيو سڀ کان وڏو سبب علي محمد شاهه ( سندن وڏو ڀاءُ) جي صحبت ٿي جنهن انهيءَ طرف مائل ڪيو“.

جي ايم سيد، راشدي صاحب جن کي ٽوڪ جي انداز ۾ چيو _ ” ميرن لاءِ مشهور آهي ته جنهن به ماڻهو کي ڪو ڪم ڪندي ڏسندا هئا ته پاڻ به اهو ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا هئا. سو اوهان سان به ساڳيو ئي معاملو آهي.“

” اوهان جي تعليم تعليمي ادارن ۾ ڪيتري رهي؟“ مون وقت جو خيال ڪندي جلدي سوال ڪيو.

”بلڪل نه“ راشدي صاحب فخريه انداز ۾ چيو ۽ آءُ سوچڻ لڳس ته ڇا سندن اهو مقصد آهي ته اگر تعليم اسڪولن ۾ پرائين ها ته خوام خواهه زندگيءَ جو ٽيون حصو ضايع ٿي وڃي ها. وري چوڻ لڳا ” منهنجي تعليم صرف مدرسن ۾ رهي، سا به ابتدائي. تنهن زماني ۾ تعليم لاءِ ٻه دستور هئا، هڪ ته نوڪرين لاءِ تعليم ڏني ويندي هئي ۽ ٻي زميندار يا مٿيون طبقو فقط ديني. (ٻي دستوري) تعليم پنهنجي ڳوٺ جي ڪنهن ملان وٽ يا ڪنهن مدرسي ۾ ڏياريندا هئا. مون کي به اها ئي نصيب ٿي. باقي ڪجهه پنهنجي محنت ۽ مطالعي مان پرايو اٿم.“

مطالعي جو لفظ ٻڌي مون وري به هڪ دفعو ڪمري ۾ غور سان مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اهو سوچڻ تي مجبور ٿيس ته اگر واقعي راشدي صاحب جن تعليمي ادارن تي ڀاڙي ويهن ها ته پوءِ شايد ئي ايترو ڪجهه پرائي سگهن ها. جيترو هن وقت سرمايو موجود اٿن. اوچتو هڪ عجيب سوال ذهن تي اڀريو ، پڇيم _ ”اوهان کي پنهنجن تصنيفن مان ڪهڙي پسند آهي ۽ ڇو؟“

” آءُ جڏهن به ڪا تاليف ختم ڪندو آهيان ته ختم ڪرن بعد مون کي ان کان هڪ قسم جي نفرت ٿي ويندي آهي. ٻيو ته اهي منهنجا ڪتاب عام مطالعي جا نه هوندا آهن. ضرورت پوندي اٿم ته لازماً کولي ڏسندو آهيان. ڪتاب سڀئي گهڻو ڪري جواني جا لکيل آهن.“

هت هي ڳالهه قابل ذڪر آهي ته هر سوال جي جواب بعد جي ايم سيد به پنهنجي خيال آرائي ڪئي ٿي ۽ ڪنهن نه ڪنهن هنڌ ته هڪ چڱو موچارو مباحثو شروع ٿي ٿي ويو ۽ مون به هڪ پياسي وانگر پورن ٻارنهن طاقن سان متوجه ٿي ماڻڪ هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي. مگر افسوس هي ننڍڙو ذهن ايترو برداشت ڪرڻ کان قاصر ٿي رهيو. ان جو احساس ان وقت ٿي ٿيم جڏهن ٻاهر روڊ تي ٽريفڪ جي زوزٽ سان منهنجو ذهن به گاڏين کي پوئتي ڇڏيندو. نامعلوم منزل ڏانهن ڊوڙندو ٿي ويو. وري جڏهن اهو محسوس ٿي ڪيم ته آءُ هڪ ڪمري ۾ ٻن مدبرن جي سامهون ويٺل آهيان، تڏهن ان نامعلوم منزل تان هڪ بريڪ ۾ ذهن کي واپس اصلي حالت ۾ آندم ٿي. هاڻي به جي ايم سيد صاحب چئي رهيو هو.

”مرزا قليچ بيگ ۽ اوهان ۾ وڏو فرق آهي هن زياده تر ترجمو بلڪه هر قسم جي ڪتابن جو ترجمو ڪيو آهي. مگر اوهان خاص طرح سنڌ تي لکيو آهي ۽ تاريخ جا بنيادي ڪتاب ڇپايا اٿو. بهرحال شروعات ۽ پايو قليچ بيگ ئي پيدا ڪيو...“ ترجمو ڪرڻ به ته ڪو آسان ڪم نه آهي. سيد صاحب _“ راشدي صاحب مون ڏانهن نهاريندي چيو. جي ايم سيد جن کي وري مخاطب ٿيندي چيائين:

” منهنجي لکيل تاريخن مان هڪ راهه ۽ هڪ نظريو ملي ٿو تنهن  ڪري لکندڙن اڳيان رستو صاف ٿيو پوي ٿو ته سنڌ جي تاريخ تي ڪهڙي ريت ۽ ڪهڙي نقطه نگاهه سان لکڻ گهرجي سو سندن اڳيان واضح ڪيو ويو آهي. هن وقت تائين سنڌ اندر جيڪي تاريخون لکيون ويون آهن، تن ۾ ڪو نقطه نگاهه ڪو نه آهي. هر ڌارئي کي، جنهن به اچي قبضو ڪيو آهي ان کي اسان جي لکندڙن اکين تي رکيو آهي. در حقيقت تاريخ ۾ چور کي چور ۽ ساڌ کي ساڌ ڪرڻ گهرجي. تاريخ تڏهن سمجهه ۾ ايندي جڏهن هر هڪ جي عملن ۽ رويه جي تڪ تور ٿيل هوندي. مثلاً آءُ ارغونن ۽ ترخانن جو سنڌ تي قبضو غاصبانه سمجهان ٿو. اسان جي مورخن انهن کي به مسلمان سمجهي پنهنجي اکين تي رکيو آهي. حالانڪه اهي کانئن زياده سچا مسلمان هئا جن جي هٿان هنن سنڌ کسي.“

” راشدي صاحب _ ادب ڇا آهي؟ ادب ۽ سياست جو پاڻ ۾ ڪيترو تعلق آهي؟ ڇا هڪ اديب سياست کي اپنائي نه ٿو سگهي؟ هاڻي آءُ راشدي صاحب کان هڪ اهم سوال پڇي ويٺس. پاڻ ٿورو خاموش رهيا، ڪمري جو سرسري جائزو ورتائون. ڇت ڏانهن نهاريائون هاڻي آءُ اهو محسوس ڪرڻ لڳس ته لئبريري جا سڀ ڪتاب سندن ذهن تي ايندا ۽ ويندا رهن ٿا. هڪ هنڌ نظر ڄمائيندي چيائون، شايد اتي ئي ڪو پيل ڪتاب سندن رهنمائي ڪرڻ لڳو هو.

”هر اها شيءِ جا قلم مان نڪري ۽ دل و دماغ کي پسند اچي ان کي ادب چئجي ٿو.“

هن جواب تي علامه آءِ آءِ قاضي جي ادب متعلق وضاحت منهنجي ذهن تي تري آئي هن چيو هو: ” ادب معنيٰ آهي ريڙهيون پائڻ.“ ٻنهي جو پاڻ ۾ ڪيترو تعلق آهي في الحال ته راشدي صاحب جي سلسله ڪلام اهو سوچڻ جو موقعو ئي نه ڏنو.

” تقريرون به ادب جو قسم آهن. سياست خود ادب آهي. هڪ ماڻهو جو هڪ ئي وقت ٻنهي ٽنهي شين سان وابسته رهڻ ئي مڪمل ادبي هجڻ جو ثبوت آهي. جنهن لاءِ اسان وٽ مولانا ظفر الله (ظفر علي خان؟) ڪاڪو ڄيٺمل پرسرام، عطاءُ الله شاهه بخاري ۽ ڊاڪٽر چئوٿرام جن اديب ۽ ساڳئي وقت سياسي رهنما پڻ هئا. اديب جو ڪم ئي آهي سياست جي رهنمائي ڪرڻ ، ور نه اهو اديب نه آهي جو سياست کان ڪناره ڪش رهڻ جي ڪوشش ٿو ڪري.“ راشدي صاحب جي هن وضاحتي بيان ٻڌڻ شرط منهنجي ذهن تي اهو گذريل مهيني جو ڪراچي ۾ ٿيل مباحثي وارو نقشو تري آيو جنهن ۾ مباحثي جو اختتام صدر صاحب جن هيٺـين لفظن سان ڪيو هو: ” اديب سياست ۾ بهرو نه وٺي.“ مون کي وري سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.

” انقلاب فرانس روسي ۽ والٽير آندو“ جي ايم سيد، راشدي صاحب جي مدد ڪندي چيو ، منهنجي ذهن تي انقلاب فرانس جي پوري تاريخ ترڻ لڳي. پير صاحب جو بيان اڃا ختم نه ٿيو هو، چيائين:

”  مولانا محمد علي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، علي محمد شاهه ( سندن وڏو ڀاءُ) جن پڻ اديب آهن. هن دور جو عظيم سياستدان چرچل پڻ وڏي ۾ وڏو اديب هو.“ ڪمري جي هڪ ڪنڊ ڏانهن نهاريندي شايد وري ڪو ٻيو ڪتاب ذهن تي اچي ويو هئس. چيائون:

” اقبال کي ڪنهن چيو ته سياست ۾ اوهين بيڪار رهيا آهيو. مگر اقبال جواب ڏنو _ اگر ائين نه هجي ها ته مان جيڪر پيغمبر هجان ها.“ سو اهو ڪڏهن به ٿي نه ٿو سگهي ته اديب سياست کي پاسي تي رکي ڪا ادب جي خدمت ڪري. اگر ائين ڪندو ته ادب ۾ هڪ وڏو خال رهجي ويندو.“ هن پوئين جواب مون کي خود راشدي صاحب تي سوچڻ جو موقعو ڏنو. ڇاڪاڻ ته پاڻ خود سياست کان ڪناره ڪش رهيا آهن. مگر عين موقعي تي منهنجي لاءِ گلاس ۾ ڪوڪا ڪولا کڄي آئي. هڪ هڪ سرڪ ڀرڻ سان منهنجي ذهن مان سوڍا جي باٽل کلڻ سان جي بوڙيا نڪرندا آهن تن وانگر خيالات به منتشر ٿيندا ويا. ذهن خالي ٿيندو محسوس ڪيم. شايد راشدي صاحب جن جو پڻ اهو مقصد هو ته جيئن زياده قيمتي وقت ضايع ڪرڻ کان پرهيز ڪري، پر آءُ ته هي پهريون دفعو هڪ انٽرويو وٺڻ لاءِ نڪتو هوس. تنهنڪري ايترا ته سوال جمع ڪري آيو هئس جو ڀانيان ته راشدي صاحب پنهنجي پوري عمر جي ڊائري منهنجي آڏو بيان ڪري ۽ نتيجا ٻڌائي جيئن نئين نسل لاءِ اهي مشعل بنجي سگهن. ڪوڪا ڪولا ختم ڪيم ۽ منتشر خيالن کي جمع ڪرڻ لاءِ هڪ ننڍڙو سوال پڇيم.

” اوهان ڪا تصنيف ڪري رهيا آهيو يا نه؟“

”سنڌي ادب جي تاريخ لکي رهيو آهيان. مڪلي نامو ڇپيو اٿم. حديقة الاوليا، پڻ هن سال جو آهي. پنهنجي زندگيءَ جي تجربات تي هڪ ڪتاب لکيو اٿم جو پڻ عنقريب پريس ۾ ڏيندس.“ خيالات موٽي پنهنجي ماڳ تي پهچي چڪا هئا. هاڻي هڪ اهم سوال ڏانهن راشدي صاحب جو توجهه ڇڪائيندي پڇيم.

” موجوده وقت ۾ سنڌي ادب ۾ جيڪو انتشار آهي ان جا اسباب ڪهڙا آهن ۽ اهي ڪيئن دور ڪري سگهجن ٿا؟“

” ادب جا ٻه قسم آهن، هڪ ساقط ۽ جامد جيڪو تفريحي آهي. ٻيو متحرڪ ۽ زندگي بخش جيڪو واقعات کي بيان ڪري ٿو ۽ ماحول جي چڱاين ۽ براين کي آشڪار ڪري ٿو. 1930ع تائين زياده تر ادب فقط تفريحي آهي. ان جو ماحول ۽ عمل سان ڪو به تعلق نه هو. هو ته فقط دماغي عياشي هو. پر 1931ع کانپوءِ جيڪو ادب پيش ٿيو آهي ان ۾ هڪ پيغام آهي، ان ۾ مقصد به آهي ته منزل ڏانهن ڪشش پڻ، ۽ زنده ادب اهو ئي رهندو آهي جو ماڻهن جي هر عمل و فعل ۽ مقصد سان واسطو رکندڙ هوندو ...“ اڃا پير صاحب جو ڪلام پورو نه ٿيو هو ته جي ايم سيد ۽ سندن وچ ۾ هڪ چڱو موچارو مباحثو شروع ٿي ويو ۽ آءُ فقط اهو سوچيندو رهجي ويس ته اگر هر سوال تي هي حال رهيو ته پوءِ عابد جو خدا حافظ، اڄ ئي حيدرآباد پنجين بجي شام جو پهچڻو اٿم... اڃا سوچي ئي رهيو هوس ته ٻئي فريق شايد دم پٽڻ لاءِ خاموش ٿيا ئي مس ته مون ان مان فائدو وٺندي چيو:

”اڄ جي دور ۾ لاديني ، فحش ۽ عريان ادب جا رجحان وڌندا وڃن ٿا، جيڪي (اوهان جي چوڻ موجب) تفريحي ادب جي دور ۾ نه هئا. اهي مقصد ۽ منزل ڏانهن ڪيترو وٺي وڃي رهيا آهن؟“

” راشدي صاحب ڪجهه وقت ته خاموش فقط جي ايم سيد کي تڪيندو رهيو، پوءِ مون ڏانهن حيرت مان نهاريندي چيائين.

”لغاري صاحب ! خبر نه آهي ته توهان فحش ۽ عريان ادب ڇا کي ٿا چئو! ڊاڪٽريءَ ۾ ٻئي جنسون مخالف جنسن جا آپريشن ڪن ٿيون. پريڪٽيڪل ڪن ٿيون، انهن تي ڪنهن به قسم جي پابندي عائد ڪانهي. ٻئي طرف اگر معاشري جي ڪمزورين ۽ اوڻاين کي بي نقاب ڪجي ٿو ته توهان ان کي عريان ۽ فحش سڏيو ٿا. ڇا اها حقيقت نه هوندي آهي؟ حقيقت کي حقيقت ڪري لکڻ عريانيت ڪٿي آهي؟“ ٿورو ترسي وري چيائون: ”صوفين مجاز ۽ محبت جو دم ڀريو آهي، ڇا ان کي فحاشت ۾ آندو ويندو؟ منهنجي خيال مطابق ادب ۾ ڪا به عريانت ۽ فحاشت نه ٿيندي آهي“.

” انگاري ۾ منٽو تي انهيءَ ڪري ئي ڪيس هلايا ويا هئا مگر اڄ تائين انهن جي تصنيفن کي معاشري مان خارج نه ڪيو ويو آهي.“ جي ايم سيد صاحب جن راشدي صاحب جي راءِ سان اتفاق ڪندي چيو:

” بلڪل _ اهڙيءَ طرح عربي ادب جا شهپارا ۽ فارسي ادب جا ڪلاسيڪل ڪتاب پڻ اهڙين شين کان خالي نه آهن ڪيترا اهڙا ڪتاب درس ۾ داخل رهيا آهن جيڪي موجوده اصطلاح موجب فحاشت ۾ داخل ٿي سگهن ٿا.“ راشدي صاحب چيو.

” آزاد نظم متعلق اوهان جو ڪهڙو خيال آهي؟“

” مون کي ته بلڪل ناپسند آهي، آزاد نظم نتيجو آهي ذهني افلاس ۽ دماغي سڃائيءَ جو، جڏهن به نثر يا نظم تي پورو پورو قبضو نه هوندو آهي تڏهن ئي آزاد نظم ۽ ادب لطيف تصنيف ٿيندو آهي.“

” آزاد نظم ۽ ادب لطيف اصل ۾ تصورات جي ڪنفيوزن جو نتيجو آهي. جهڙي طرح تجريدي آرٽ. جڏهن به خيالن ۾ انتشار هوندو آهي ۽ زبان ۽ لفظن جو فقدان هوندو آهي تڏهن ئي اهڙي شيءِ ايجاد ٿيندي آهي.“ جي ايم سيد جن لقمو ڏيندي چيو ”بلڪل ائين“، پير صاحب اتفاق ڪندي چيو.

” سنڌيءَ ۾ هن وقت تائين جيڪي تاريخون لکيون ويون آهن اهي ڪيتري قدر وقت جون ضرورتون پوريون ڪري سگهيون آهن؟ هاڻي مون تاريخ متعلق سوال ڪيو، ڇاڪاڻ ته تاريخ ئي راشدي صاحب جو پسنديده موضوع رهيو آهي. پاڻ ان تي ڪافي مطالعو ڪيو اٿن ۽ ڪافي لکيو به اٿن.

” سنڌ اندر هن وقت تائين جيڪي تاريخون لکيون ويون آهن سي در حقيقت پراڻي ڍنگ جون آهن. جن کي نه تاريخ چئي سگهجي ٿو ۽ نه اهي ضرورتن کي پورو منهن ڏئي سگهيون آهن“.

” سنڌي اردو گڏيل مشاعرن متعلق اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟“

” گڏيل مشاعري جي عياشي تڏهن ئي ڪار آمد ٿي سگهي ٿي جڏهن ٻئي ڌريون هڪ ٻئي جي زبان ۽ ڪلام جون خوبيون سمجهي سگهن.“

” راشدي صاحب ! اوهان مشاعري کي ادب لاءِ ڪيتري قدر فائديمند سمجهو ٿا؟“

” مشاعري جي مون وٽ اصل ۾ ڪا به اهميت ڪو نه آهي. ان مان ڪو به عملي فائدو ڪو نه ٿو پهچي. هندوستان اندر زوال واري دور ۾ مشاعرا پيدا ٿيا. هي ته وقت گذاري ۽ عياشي جو ذريعو آهن. مشاعرن سبب پاڻ شاعرن جي خود داريءَ، مقام ۽ حيثيت کي ڪاري ڌڪ لڳو آهي.“

وقت ڪافي گذري چڪو هو تنهن ڪري ٻين سوالن کي در گذر ڪري آخري سوال پڇيم.

” اردو زبان جي نزديڪ پوڻ ڪري سنڌي زبانکي ڪهڙو خطرو لاحق ٿي پيو آهي ۽ اهو ڪيئن دور ٿي سگهي ٿو؟“

” اردو زبان جي ويجهو اچڻ ڪري سنڌي ٻوليءَ جو مفهوم ئي بدلجي ويو آهي. اصليت ان مان ختم ٿيندي وڃي ۽ ان جو وڏو ڪارڻ وري اسان جون اخبارون آهن. جن لاءِ مٿي ٻڌائي چڪو آهيان، واحد علاج ڪو ٿي سگهي ٿو ته فقط ٻولي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي، ورنه ٿوري عرصي بعد سنڌي سنڌي نه رهندي بلڪه اردو سنڌي ڪا نئين ٻولي ٺهي پوندي.“

هاڻي جي ايم سيد ۽ راشدي صاحب جن فرش کي بوٽن سان رهڙڻ شروع هو، جيئن اسين ڪاليج ۾ ڪو پيرڊ اٽينڊ نه ڪرڻ چاهيندا هئاسين ته ليڪچرر جي ايندي ئي ائين ڪرڻ شروع ڪندا هئاسين ۽ هو اشراف ٿوري مان گهڻو سمجهي فقط حاضري وٺي هليو ويندو هو. تنهنڪري آءُ به جلد موڪلائي ٻاهر نڪري آيس ۽ پنهنجو رستو ورتم.

 

 

پير حسام الدين راشديءَ کان انٽرويو

[ هي انٽرويو محترم خان محمد پنهور ” سنڌي پبليڪيشن“ ڄامشورو لاءِ ورتو ۽ ان کي اپريل 1973ع واري پرچي ۾ شايع ڪيو. هي پرچو ”پير حسام الدين راشدي نمبر“ ڪري ڪڍيو ويو هو. هي انٽرويو متعدد ڀيرا ڇپجي چڪو آهي ]

 

سنڌ هڪ مردم خيز سرزمين آهي. هن وڏا وڏا سياستدان، عالم، شاعر، اديب، دانشور ۽ تاريخ نويس پيدا ڪيا آهن. پير حسام الدين راشدي تاريخ ۾ جيڪا مهارت ۽ حيثيت رکي ٿو، پاڪستان ۾ ان جي مقابلي جو ڪو ورلي هوندو ۽ سنڌ کي اهڙن سپوتن تي فخر آهي.

سنڌي پبليڪيشن جو چوٿون ڪتاب ” پير حسام الدين راشدي نمبر“ ڪڍڻ جو سوچي اسان پير صاحب سان ان جو اظهار ڪيوسين ۽ 8 مارچ تي شام جو ساڍي پنجين بجي وقت وٺي مقرر وقت تي پير مظفر ۽ مان، پير خليل کي ڪئميرا سميت ساڻ ڪري ڪراچيءَ ۾ جمشيد روڊ تي پير صاحب جي بنگلي تي اچي سهڙياسون. راشدي صاحب ٻاهر دروازي تي اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ وٺي وڃي پنهنجي لائبريريءَ ۾ وهاريو، جنهن ۾ ڪئين الماڙيون ڪتابن سان سٿيل پيون هيون، جا سندس لکڻ پڙهڻ جي آفيس پڻ آهي. سندس سمهڻ وارو ڪمرو پڻ ڀرسان آهي، جيڪو پڻ ڪتابن سان ڀريو پيو هو، درين تي خواهه کٽن جي چوڌاري ۽ وهاڻي سان گڏ ڪتاب ئي ڪتاب پيا هئا. لائبريريءَ ۾ ڪتاب الماڙين ۾ ترتيب سان پيا هئا. ليڪن ڪيٽا لاگ نه هئڻ ڪري راشدي صاحب ٻڌايو ته ضرورت وقت ڪتاب موجود هوندي به نه لڀندو آهي ۽ پوءِ خريد ڪرڻو پوندو آهي. پير صاحب جي لائبريري ۾، گهر ۾، خواهه ڳوٺ ۾ اٽڪل 40000 کن ڪتاب آهن، جن ۾ ٻه سئو کن قلمي نسخا پڻ آهن. اسان انٽرويو جو باقاعده سلسلو شروع ڪندي، سندن ابتدائي تعليم بابت پڇيو ته پاڻ چوڻ لڳو ته : ابتدائي تعليم ڳوٺ ۾ خانگي نموني مولوي صاحب وٽ ئي فارسي، عربي ۽ سنڌي پڙهياسون جا به اڌوري رهجي وئي، دستاربندي نه ٿي سگهي. اسان جي ڏاڏي پير شاهه خاص اسان ٻن ڀائرن علي محمد شاهه ۽ مون لاءِ ڳوٺ جي مسجد ۾ اهو مڪتب کولايو هو. ڏاڏو اسان جو وڏو عالم هو ۽ پنهنجو نصاب شروع ڪرايائين. جنهن ۾ انگريزي الف، ب ۽ فارسي جو سڌو طريقو شامل هئا، ۽ ان وقت علم دانش ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ هو. نوڪريءَ جو خيال به نه هوندو هو ۽ نوڪريءَ کي عيب سمجهو ويندو هو. شهرن ۾ رهڻ جي بجاءِ ٻهراڙين ۾ رهڻ ۽ زمينداري ڪرڻ کي عزت وارو ، مهمان نواز ۽ معزز سمجهيو ويندو هو. تاريخ ۽ ادب جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ علم جو مقصد هو. علم روزگار جو ذريعو نه پر ذهن ۽ فڪر جي پرورش ۽ بلنديءَ لاءِ هو. ان کان علاوه اسان جو خاندان به علمي ۽ ادبي هو. اسان جو سلسلو پير پاڳاري صبغت الله شاهه سان آهي. جنهن کي ٻه پٽ علي محمد شاهه ۽ علي گوهر شاهه شاهه هئا. وڏو علي محمد شاهه هو، جنهن جوپٽ اسانجو ڏاڏو پير شاهه هو. علي محمد شاهه وڏي هئڻ جي باوجود پڳ نه ورتي ۽ ان جو توجهه علم، ادب، طب، علم حڪمت طرف هو ۽ ڏاڏو ۽ ٻيا سندس ڀائرن طرف توجهه رکندڙ هئا ۽ طب، علم، حڪمت تي ڪافي ڪتاب لکيا اٿن. علمي ادبي لکيل پڙهيل ماحول هئڻ ڪري انگريزي، اردو خواهه سنڌي سڀ اخبارون اينديون هيون. زميندار هئڻ ڪري عزت آبرو پڻ هئي ۽ والد صاحب وارا ڪجهه انگريز پرست هئا. ڀرسان نصرت اسٽيشن تي مان ۽ علي محمد شاهه اسٽيشن ماستر وٽ انگريزي پڙهڻ ويندا هئاسون. عربي فارسي اڳ ۾ ختم ڪئي هئيسون، ڇو ته مائٽ وڌيڪ ٻاهر نه موڪليندا هئا جو اڳتي پڙهي وڌ ۾ وڌ مختيارڪار ٿبو هو. ليڪن نوڪري ڪرڻ کي عيب سمجهو ويندو هو اسان جي ان وقت رهڻي ڪهڻي سٺي هوندي هئي ۽ نصرت اسٽيشن تان ٽن پئسن جو ڪارڊ لکي ولايت مان وي، پي ذريعي گهرو ضرورت جو سامان گهرائيندا هئاسون. ايمانداري هئي ذرو به ضايع نه ٿيندو هو.

صحافتي زندگيءَ جي شروعات ڪرڻ بابت پير صاحب چوڻ لڳو: پهرين علي محمد شاهه 23، 1922ع ڌاري ڪراچيءَ مان انگريزي اخبار سنڌ ٽائيمس ۾ لکڻ شروع ڪيو ۽ 1925ع ۾ مولانا آزاد جي اخبار جي نموني تي ” الراشد“ اخبار بهمڻ مان ڪڍندا هئاسون. مان ساڻس مدد ۾ هوندو هوس. منهنجي صحافتي زندگيءَ جو آغاز 1928ع کان ٿئي ٿو. هفتي وار سنڌ زميندار سکر مان نڪرندي هئي، جا خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي هئي. هن هڪ ڀيري سکر ويندي مون کي نصرت اسٽيشن تي ملڻ لاءِ چيو، جتي مان مليو مانس ته پوسٽ جي لفافي جي ڪاغذ جي ٽڪر تي مئنيجر ڏانهن لکي ڏنائين ته، حسام الدين کي 30 رپيا ماهوار پگهار سان سنڌ زميندار جو ايڊيٽر مقرر ڪيو وڃي. مون کانئس سوال ڪيو ته توهان خوشحال گهراڻي سان تعلق رکو ٿا پوءِ به توهان جي زندگي ڪسمپرسيءَ ۾ ڇو گذري آهي؟ پاڻ چوڻ لڳو ته، اسان جا مائٽ انگريز پرست هئا ۽ اسان انگريزن ۽ هنن جي پاليسيءَ خلاف لکندا هئاسون ۽ پوءِ اسان ٻئي ڀائر باغي ٿي گهران نڪتاسون ۽ گهران ڪا به مدد نه ملندي هئي. اسان جڏهن ڪراچيءَ مان ” صبح سنڌ“ اخبار ڪڍندا هئاسون. اخبار لاءِ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ سر حاجي عبدالله هارون جو تعاون ۽ مدد هوندي هئي ۽ اخبار تي ان وقت ڪو به خرچ نه هوندو هو. 14 آنه ڪاغذ جو ريم ملندو هو ۽ 400 رپين ۾ اسان سڄي پريس ” ستارهه سنڌ“ ٺاهي هئي. پوءِ ” الحزب“ اخبار ڪڍي هئيسين.

توهان جو سياست سان به ڪو تعلق رهيو؟ چوڻ لڳو ته منهنجو گهڻو لاڙو لکڻ پڙهڻ ڏانهن هو. ليڪن پس پرده سياست سان به علي محمد شاهه سان گڏ رهندو هوس. جناح صاحب هڪ دفعي مسلم ليگ ڪائونسل تي مون کي به ميمبر ڪري رکيو هو ۽ علي محمد شاهه جو منهنجو وڏو ڀاءُ آهي، ان سان باوجود نظرياتي اختلافن جي جو مان ترقي پسند ۽ قوم پرست آهيان ۽ هو رجعت پسند، ليڪن مان هن سان سياست ۾ ٻانهه ٻيلي ٿي رهيو آهيان. ون يونٽ ٺهڻ وقت به علي محمد راشدي صاحب سان توهان ساٿ ڏنو؟ حسام الدين شاهه چوڻ لڳو بلڪل نه، مون ان جي سخت مخالفت ڪئي ۽ ان لاءِ هن کي چيم به، بهرحال باوجود متضاد طبيعتن هئڻ جي به اسان گڏجي ڪم ڪيو آهي ۽ وڌيڪ پنهنجي ڏاڏي کان متاثر آهيان، جيڪو علم دوست هو، يورپي لباس پائيندو هو، انگريزي، عربي ۽ فارسي جو ڄاڻو هو. سائين راشدي صاحب سان اسان جي ڪچهري مچي چڪي هئي ۽ اسان سندس زندگيءِ جي فلم ڏسي رهيا هئاسون ۽ ائين پيا محسوس ڪيون ته اسان به ساڻس گڏ هئاسون. پير خليل فوٽا وٺي رهيو هو ته ڇوڪرو چانهه کڻي آيو. بهرحال چانهه به اسان جي رهاڻ ۾ رڪاوٽ نه وڌي ۽ پير صاحب سلسلوڪلام جاري رکندي چيو ته 1937ع ۾ اسان جو والد صاحب فوت ٿي ويو، جنهن ڪري مون وري زمينداري سنڀالي ۽ علي محمد شاهه سياست، ليڪن ادب سان دلچسپي ۽ مطالع ۾ فرق نه آيو پاڻ وڌيو. ان زماني ۾ اسان کي سر غلام حسين وزارت ڏاڍو تنگ ڪيو 10 ، 15 ڪيس هوندا ئي هوندا هئا. پوءِ هڪ دفعي جي ايم سيد ۽ پير الاهي بخش چڪائي چڪ ۾ هڪ ڪانفرنس مان ٿي اچي رهيا هئا. واٽ  تي اسان جي اسٽيشن تي والد صاحب جي تعزيت لاءِ لٿا. رات جو ڪچهري بعد پير الاهي بخش سمهي پيو ۽ جي ايم سيد، علي محمد شاهه ۽ مون بخاريءَ هيٺان ويهي ان لاءِ سوچيو. فيصلو ٿيو ته مارچ سيشن ۾ ڪٽ موشن آڻجي، پوءِ علي محمد شاهه ڪراچي هليو آيو ۽ ان نموني وزارت ڊاٺي وئي ۽ الهه بخش وزارت اقتدار ۾ آئي جيڪا انقلابي هئي، پير الاهي بخش جي وزير ٿيڻ بعد علي محمد شاهه ان سان سنڌ جو گشت ڪيو ۽ پهريون ڀيرو ماڻهن عملدارن ۽ ڪامورن کي گاريون ڏيڻ شروع ڪيون.

بهرحال اسان سياسي موضوع ڇڏي وري ڪجهه سندس ادبي زندگي طرف وڌي آياسون، لکڻ طرف دلچسپي ڪيئن ٿي؟ مون اٽڪل 30 ، 35 ڪتاب لکيا آهن ۽ منهنجي لکڻ جي شروعات اخبار نويسيءَ سان ٿي، ۽ هن وقت به مان ڪتابن جو مسودو اخبار وانگر سلپن تي لکندو آهيان پير صاحب ميز تي رکيل لکيل سلپون ڏيکاريندي چيو . فارسي سان وڌيڪ دلچسپي اٿم ۽ ان ۾ وڌيڪ لکيو اٿم، جو بنيادي ادب فارسيءَ ۾ آهي. اسان جي سنڌ جي تاريخ جا Sources books فارسي ۾ آهن ۽ منهنجا اردو، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ هن وقت تائين اٽڪل 30 ، 35 ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. ان کان علاوه پنهنجي 50 ورهيه زندگيءَ جو مشاهدو پڻ لکيو اٿم، جنهن جو نالو ” جيئن ڏٺو آهي مون“ هو (1) پر جي ايم سيد جي ان نالي سان شايع ٿيل ڪتاب بعد انجو نالو بدلائي رکندس ۽ وقت اچڻ تي شايع ڪيو ويندو. جو ان ۾ ڪي تلخ حقيقتون پڻ بيان ڪيل آهن جي ڪن کي ناگوار به لڳن.

توهان ڪڏهن شعر به چيو؟ ها ڪنهن زماني ۾ شعر به چوندو هوس ۽ هڪ طويل نظم سهڻي ميهار تي لکي هئم، جا سنڌ زميندار ۾ ڇپي هئي، جنهن کي مرحوم ”مخلص“ پڻ داد ڏنو هو. پنهنجي استاد غلام سرور فقير (پروفيسر اياز قادريءَ جو پيءُ) جي فوت ٿيڻ تي پڻ هڪ مرثيو لکيو هئم، جو به تمام سٺو هو. هاڻي شعر پڙهندو آهيان ۽ ان سان دلچسپي آهي پر لکندو نه آهيان. سخن شناس آهيان. ان کان علاوه افسانه ۽ ناول لکڻ سان پڻ شوق هوندو هوم ۽ ڪجهه شايع به ٿيا هئا.

موجوده سنڌي ادب بابت توهان جو ڇا رايو آهي؟

موجوده سنڌي ادب بلڪل اميد افزا آهي، اڳي ادب ۾ ڪو مقصد نه هو، تقليدي ۽ روايتي هو. اڄڪلهه تفريحي، تعليمي ۽ مقصد سان آهي، بي مقصد نه آهي. اڳ بادشاهن جي رڳو ثنا خواني ٿيندي هئي، پر هاڻ ماڊرن نموني لکيو وڃي ٿو. افسانه، تاريخ خواهه شعر مقصديت سان ڀرپور آهي. سنڌي ادب سرڪاري سرپرستي نه هجڻ جي باوجود وڏي همت سان ترقي ڪئي آهي، ضرورت ان جي آهي ته سنڌي ادب  ۽ اديبن جي همت افزائي ڪرڻ گهرجي. تاريخ لکڻ لاءِ انهن کي همٿائڻ گهرجي ۽ سڀ کان اول تاريخ Source books هئڻ گهرجن مغلن کان وٺي ميرن تائين خط شايع ٿيڻ گهرجن، جن جي ڪافي تاريخي اهميت آهي. ليڪن هتي قصو ئي الٽو آهي. سنڌي ادبي بورڊ لاءِ پير صاحب چوڻ لڳو ته، ان تي اڻ پڙهيلن وڏيرن  جو راڄ آهي، جن کي ڄاڻ بلڪل نه آهي. ان جو مثال ڏيندي هن چيو ته مون 20 ورهين کان محنت سان ٺٽي تي تحقيقات ڪري مقالو لکيو آهي، جنهن تي حڪومت ماسٽر پلان ٺاهيو آهي، جنهن ۾ تاريخي حدون ڄاڻايل آهن، ۽ اهو مقالو ”مهراڻ“ ۾ شايع ٿيو آهي. جنهن لاءِ بورڊ جي صاحبن چيو ته اهو اجايو آهي. ان ڪري مان هاڻي ايران جي ادارن ۽ سينٽرل ايشيا لاءِ لکان ٿو. ان کان علاوه ”مشائخ سيوستان“ آثار قديمه وارن طرفان ڇپجي رهيو آهي ۽ لکڻ کانسواءِ بچيل وقت ۾ مطالعو ڪندو آهيان ۽ شام جو ڪراچي جي بڪ اسٽالن تي ڪتاب جاچيندو آهيان، جن جو گهڻو ڪري قرضي هوندو آهيان ۽ هاڻي ته ڪتاب سنڀالڻ مون لاءِ مشڪل ٿي پيو آهي. هڪ ته
20000 _25000  هزار ڪتابن لاءِ جڳهه نه آهي. ٻيو ته مون وٽ ڪو عملو نه آهي، انڪري هاڻ لائبريري وڪڻڻ جي تاڙ ۾ آهيان.

سنڌ يونيورسٽي کي نه ٿا ڏيو؟

چوڻ لڳو ته آءُ پئسن تي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، ڇو ته مون وڏي محنت ۽ جدوجهد سان ڪتاب گڏ ڪيا آهن ۽ هاڻ انهن جي وٺڻ لاءِ ڪو تيار ٿئي. يونيورسٽي جيڪڏهن وٺندي ته ان کي اوليت ڏني ويندي ۽ اهڙيءَ طرح جي ايم سيد ۽ سنڌ جي ٻين بزرگن جي ڪتابن جي حفاظت پڻ ڪئي وڃي ته بهتر. پنهنجي لائبريري لاءِ ٻڌايائين ته گذريل هنگامن ۾ ان تي پٿراءُ وغيره جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. ليڪن حفاظتي انتظام چڱي هئڻ ڪري بچاءُ ٿي ويو. پير صاحب ٻڌايو ته منهنجن ڪتابن جو هن وقت ڪيٽالاگ به نه آهي، ٻه ٽي ڏينهن هڪ ٻه همراهه رکيم ليڪن اهي ڀڄي ويا، پر ڪجهه ڪتاب به کڻي وڃي رديءَ وارن گاڏن تي وڪيائون. هڪ ڪتاب پنجاب جي وزير خزانه حنيف رامي مون کي سوکڙي ڏنو هو، سو هنکي هڪ دوست فوٽ پاٿ وارن اسٽالن تان وٺي موڪليو هو.

سنڌ جي نوجوان نسل لاءِ توهان جو ڇا رايو آهي.

Text Box: 420
422
420
418
416
414
412
410
408
406
403
401
399
395
393
391
389
379
377
375
373
371
369
367
365
363
361
359
357
355
353
351
349
343
341
339
337
335
333
331
329
 
326
324
321
319
317
315
313
311
309
307
305
303
301
299
297
295
293
291
289
287
285
283
281
 
278
276
274
272
270
268
266
264
262
260
258
256
254
252
250
248
246
244
242
240
238
236
234
232
230
228
226
222
220
218
216
214
420
419
414
412
410
406
402
405
27
25
23
21
19
17
14
12
10
8
6
4
2 
12

 

راشدي صاحب جواب ڏنو ته مان اڄڪلهه جي سنڌي نوجوانن مان بلڪل مطمئن ۽ پر اميد آهيان. جي ايم سيد جي فڪر جيڪا جاڳرتا پيدا ڪئي آهي ۽ نوجوانن جي تحريڪ جنهن جو بنياد 4 مارچ کان پيو، ان نوجوانن ۾ انقلاب آندو آهي، ۽ اسان جا نوجوان دنيا جي ترقي يافته ملڪن کان ڪنهن به ڳالهه ۾ گهٽ نه آهن ۽ تمام ذهين آهن. پاڪستان ۾ ٻين صوبن جي مقابلي ۾ افسانه، ناول، مضمون خواهه شعر وڌيڪ فڪر انگيز صرف سنڌين جو ئي آهي ۽ مان پڙهندو آهيان ته منهنجو ايمان تازو ٿي ويندو آهي. مان يقين سان چوان ٿو ته پاڪستان ۾ با مقصد ادب صرف سنڌين جو آهي، بهرحال تڏهن به ترقي يافته ملڪن جي ادب جي لحاظ کان گهٽ آهي، اڃا محنت ۽ جدوجهد جي ضرورت آهي. ان لاءِ پاڻ ۾ ٻڌي هجي ڇو ته اسان مصيبت ۾ آهيون. ذهني طرح آزاد نه آهيون، اڳ هندوستان اسان جا حق کسيا هئا ۽ هاڻي انهن جي جاءِ نشين ماڻهن، وڏن خواهه ننڍن، سرڪاري نيم سرڪاري ادارن ۾ سنڌين کي نوڪرين کان محروم ڪيو ويو آهي ۽ اسان جا نوجوان دربدر، روزگار لاءِ پريشان آهن ۽ مجبورن مسعود نوراني ۽ لالا قادر جهڙا نوجوان حڪومت وٽ وڪامجن ٿا. پر جيڪڏهن آزاد شهرين وانگر باعزت روزگار ملي ته ائين نه ٿئي. سائين حسام الدين شاهه چوڻ لڳو ته ، اسان وٽ تمام وڏين صلاحيتن وارا ماڻهو هر ميدان تي موجود آهن ۽ هر فن ۾ سنڌي اڳتي آهن. اسان وٽ اي ڪي بروهي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو صاحب دنيا جو بهترين ذهن رکندڙن مان آهن. علامه آءِ آءِ قاضي عالمن ۾، اردو لکندڙن ۾ علي محمد شاهه ۽ تاريخ ۾ مون جيتري کوجنا ڪنهن نه ڪئي آهي. سياستدانن ۾ جي ايم سيد آهي، جو ڪڏهن به وڪامي نه ٿو سگهي ۽ هاڻي سجاڳيءَ جو دور آهي. سڀڪو پنهنجي لاءِ سوچي پيو. پنجاب ۾ هاڻي سرائڪي وارا به پنهنجي ٻوليءِ لاءِ جدوجهد ۾ آهن. ڇو ته بهاول پور – ملتان جو سرائڪي ڳالهائيندڙ حصو، سرحد صوبي کان وڏو آهي. ان ڪري سنڌ جي نوجوانن کي به پنهنجي جدوجهد وڌيڪ تيز ڪرڻ گهرجي، جو حڪومت تي آسرو رکڻو نه آهي، پر نوجوانن تي اهو بار آهي جيڪڏهن نوجوانن سستي ڪئي ته، سنڌ قيامت تائين ڪنڌ نه کڻندي، ۽ ڪڏهن به کين بخش نه ڪندي.

 

تاريخ سان توهان جي دلچسپي ڪيئن ٿي؟

ننڍي هوندي مذهبي تعليم هئڻ ڪري، اسلامي تاريخ پڙهڻ ڪري، تاريخ نويسيءَ سان دلچسپي ٿي ۽ 1930ع ۾ راجا ڏاهر خلاف مضمون لکيم.پاڻ چوڻ لڳو ته مسلمانن جي تاريخ خون سان ڀريل آهي عوام ته ڪا شيءِ نه رهيو آهي.صرف اسلام جي نالي کي استعمال ڪيو ويو آهي.احمد شاهه ابدالي، محمود غزنوي، بابر شاهجهان، جهانگير، عالمگير ، اسلام جي نالي ۾ ظلم ڪيا ۽ دهلي ملڪ جو تختگاهه رهي.پر اتي هاڻي به هندو گهڻا رهن ٿا. پير صاحب ان موقعي تي مڙئي ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ چوڻ لڳو ته اسلام جو ڪو به ٺيڪيدار نه آهي. اسان به خدا کي مڃون ٿا ۽ ان جي رسول ﷺ سان محبت آهي، پر هاڻي قصو ئي نرالو آهي. ۽ اهو ”منصور“ وارو آهي. راشدي صاحب موجوده تاريخ لکڻ بابت چوڻ لڳو ته، اڄڪلهه تاريخ بلڪل غلط لکي وڃي ٿي ۽ حقيقتن کي مسخ ڪيو وڃي ٿو. حاليه تاريخ ته آهي ئي ڪا نه ۽ هن وقت تاريخ اسلام جو نظريو رکي پوءِ لکن ٿا، حالانڪه تاريخ مسلمان نه ٿيندي آهي پر تاريخ تاريخ ٿيندي آهي ۽ تاريخ هن وقت سائنسي ۽ جديد طريقي موجب نه لکي وئي ته پوءِ سمجهه ۾ ئي نه ايندي.

پير صاحب جو اسان ڪافي وقت وٺي چڪا هئاسون. اٿڻ مهل پنهنجي سمهڻ واري ڪمري ۾ وٺي هليو، جتي لائبريري واري نموني ڪتاب درين تي سٿيا پيا هئا، وهاڻي جي ٻنهي پاسي ڪتاب پيا هئا. خصوصن شاهه جو رسالو ۽ مثنوي مولانا روم، جن کي پير صاحب دلچسپي سان پڙهندو آهي، اهي پيا هئا، ڪمري جا ڪجهه فوٽو وٺڻ بعد اسان سندس ٿورو مڃي ٻاهر نڪتاسين ۽ راشدي ”برادران“ جي پاڻ ۾ اتحاد ۽ هڪٻئي سان مددڪرڻ واري ڳالهه پير مظفر تي اهڙو اثر ڪيو جو چوڻ لڳو ته ” يار مان به اهڙي نموني وڏي ڀاءُ پير مظهر جي مدد ڪندس ۽ ٻانهن ٻيلي ٿي رهندس.“


(1)  هيءُ ڪتاب ”هو ڏوٿي هو ڏينهن“ جي نالي سان 1977ع ۾ ڇپيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org