سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ڳالهيون منهنجي سنڌ جون

باب؛ --

صفحو ؛ 13

 

 

اصفهان جي هڪ يادگار شام*

[پير حسام الدين راشديءَ جو هيءُ مضمون اسلام آباد مان سال 1977ع ۾ ڇپيل ڪتاب ”پيوندهاي فرهنگي ايران و پاڪستان“ ۾ شايع ٿيو هو. هن مضمون جو سنڌي ترجمو ”مهراڻ“ نمبر 1، سال 1997ع ۾ شايع ٿيو]

جهان را اگر اصفهاني نبود
جهان آفرين را جهاني نبود

        ايران جي آرٽ، عمارتسازيءَ جي فن ۽ ٻين فنون لطيفه کي ٻه محسن اهڙا مليا آهن، جن انهيءَ جي تحفظ ۽ ان جي تحقيق ۽ ان کي ابد تائين زندهه رکڻ ۾ پنهنجي سڄي عمر صرف ڪئي آهي. هڪڙي سڄي ايران کي پنهنجي دامن ۾ گڏ ڪيو ۽ ٻئي رڳو هڪ ئي شهر يعني ”اصفهان نصف جهان“ تي لکڻ کي پنهنجو فرض ڄاڻي، ان جي هڪ هڪ عمارت ۽ هڪ هڪ گهٽي ۽ پاڙي کي ڏٺو: بربادين ۽ آبادين جي تحقيق ڪئي ۽ انهن جي تاريخي نوعيت کي معلوم ڪري سندن تاريخ کي هميشہ هميشہ لاءِ مٽجي وڃڻ کان محفوظ ڪيو.

 

اوبم پوپ:

پهريون اوبم پوپ (Arthur Upham Pope) هو، جنهن 90 ورهين جي وڏي ڄمار ماڻي ۽ شعور کان وٺي آخري دم تائين پوري زماني ۽ وڏي عمر ۾ ايران جي خاڪ ڇاڻي ۽ تاريخي آثار ۽ عمارتون، خط، نقش نگار ڪتبا ۽ ٻين سجاوٽي آرٽ تي ٻارنهن ضخيم جلدن ۾ هڪ ڪتاب (Survey of Persian Art) يعني ”تاريخ هنر ايران“ لکي. جڏهن حياتيءَ جي آخري پساهن ۾ موت جي ويجهو پهتو تڏهن هن وصيت ڪئي ته کيس اصفهان ۾ ”زنده رود“ جي ڪناري دفن ڪيو وڃي، جيئن مرڻ کان پوءِ به ”زنده رود“ جون موجون ۽ لهرون مدفن جي دامن کي چمنديون رهن. اڄ هن جو خوبصورت مقبرو، جنهن جڳهه تي هن چاهيو هو، انهيءَ هنڌ تي ايران حڪومت ٺهرائي، هڪ طرف هن مرحوم جي روح کي تسڪين پهچائي آهي ته، ٻئي طرف پنهنجي بزرگواري ۽ علمي قدردانيءَ جو زنده مثال قائم ڪيو آهي.

انهيءَ پوڙهي بزرگ سان آخري ڏينهن ۾ منهنجي به ڄاڻ سڃاڻ ۽ ملاقاتون رهيون. وفات کان ڪجهه مهينا اڳ هن جي طرفان شيراز ۾ منعقد ٿيندڙ هڪ ڪانفرنس جو دعوت نامو آيو، ليڪن ڪانفرنس ٿيڻ کان اڳ ۾ هن جو انتقال ٿي ويو ۽ ڪانفرنس به ملتوي ٿي وئي.

بہت شوق سـﻶ سن رہا تھا زمانہ
ہم
یں سوگئي داستان کھتي کھتي

لطف الله هنرفر:

ٻيو عالم آهي ڊاڪٽر لطف الله هنرفر، جنهن ”گنجينئه آثار تاريخي اصفهان“ جي نالي سان هڪ هزار صفحن ۽ سون تصويرن تي مشتمل ڪتاب لکي شهر اصفهان ۽ ان جي پسگردائيءَ وارن آثارن ۽ ثقافتي ورثي کي هميشہ جي لاءِ روشن ۽ محفوظ ڪري ڇڏيو. هي حضرت به منهنجو عزيز دوست ۽ عنايت فرما آهي. اصفهان يونيورسٽيءَ ۾ تاريخ جو پروفيسر ۽ انهيءَ شعبي جو سربراهه آهي. هن جو صبح يونيورسٽيءَ ۾ گذرندو آهي ۽ سندس شام اصفهان جي آثارن کي ڳولڻ، ڏسڻ ۽ انهن جي تحقيق ۾ گذرندي آهي. هن جون راتيون لکڻ پڙهڻ ۾ گذري وينديون آهن. جوانيءَ جي ڏهاڙن کان وٺي اڇي مٿي ٿيڻ تائين هن جو ڏينهن رات اهو ئي معمول ۽ مشغول رهيو آهي. هڪ ضخيم ڪتاب ۽ ٻين ڪيترن ئي مضمونن لکڻ جي باوجود سندس خيال آهي ته اصفهان تي اڃا ڪجهه نه لکيو ويو آهي ۽ گهڻو ڪجهه لکڻ اڃا باقي آهي.

گمان مبرکه، بپايان رسيد کار مغان.
هزار باده ناخورده، در رگ تاک است.

هاڻي ڇا ڏسڻو آهي:

مان ڪيترا ڀيرا اصفهان ويو آهيان، مشهور جايون، مسجدون، بازاريون ۽ مقبرا بار بار ڏٺا آهن، ليڪن اصفهان حقيقت ۾ پورو جهان نه تڏهن به ”نصف جهان“ واقعي آهي. موٽي اچي جڏهن پڙهندو آهيان ته معلوم ٿيندو اٿم ته هي آثار هئا، هي مقبرا ۽ هي تاريخي ڪتبا هئا، جي ڏسڻ کان رهجي ويا ۽ اڃا گهڻو ڪجهه آهي جنهن کي ڏسڻ ضروري آهي.

هن ڀيري مارچ 1974ع) ۾ ٻه اڌ ڏينهن هن ”نصف جهان“ ۾ رهڻ نصيب ٿيو. سترهين تاريخ جي ٻن پهرن جو پهتس ۽ ٻئي ڏينهن يعني ارڙهين تاريخ ٽن پهرن کان پوءِ اتان روانو ٿيس. هن ڀيري پڪو ارادو هو ته ڏٺل جايون نه ڏسندس. بلڪ انهن بجاءِ.

1. نظام الملڪ طوسي جي مزار

2. ملڪ شاهه سلجوقي ۽ ان جي خاندان جو مدفن

3. ۽ مسجد لنبان

ڏسڻا آهن. تنهنڪري جهاز مان لهندي ئي پنهنجي دوست ڊاڪٽر هنرفر کي مون ٻڌائي ڇڏيو ته هاڻي مشهور هنڌن کي ڇڏي فقط ماضيءَ جي تاريخي جهروڪن ۾ ڏسنداسين.

زماني جي رسم کي پورو ڪرڻ ضروري هو. يورپي ملڪن جا اٺ ”ايران شناس“ ساڻ هئا. پهرين اسان ميدان شاهه، عالي قاپو، مسجد شاهه، مسجد لطف الله، چهل ستون ۽ ٻيون قابدل ديد عمارتون ۽ هنڌ ڏٺاسين. هي اهي هنڌ آهن جن جي ڪري اصفهان کي شهرت حاصل آهي ۽ هر ايندڙ انهن کي ڏسڻ، اصفهان جي سفر کي حاصل مقصد سمجهندو آهي.

مدرسه ملڪ شاهه سلجوقي:

اصفهان جي هڪڙي محلي جو نالو ” احمد آباد“ آهي. ان ۾ هڪ گهٽي آهي جنهن کي ”دارالبطيخ“ چوندا آهن ۽ عوام جي زبان تي ان جو بگڙيل نالو ”دالبيتي“ يا ”دالبتي“ چڙهي ويو آهي. اها گهٽي تاريخ آهي. سلجوقين جي دور ۾ هي محلو، جنهن جو قديم نالو ”محله ڪران“ آهي. ڏاڍو وسندڙ ۽ علم و فن جو مرڪز هو. ملڪ شاهه سلجوق جو جوڙايل وڏو مدرسو به انهيءَ محلي ۾ واقع هو. جنهن ۾ ڏورانهن ملڪن جا طالب علم اچي علم پرائيندا هئا. انهن جو ۽ استادن جو خرچ وغيرهه حڪومت طرفان ادا ڪيو ويندو هو.

مدرسي جو نالو نشان مٽجي ويو آهي. ۽ محلو به پنهنجو پراڻو رنگ ڍنگ، بناوٽ ۽ نقشو وڃائي چڪو آهي. نوان گهر، سڌيون گهٽيون ۽ جديد طرز جا محلا وجود ۾ اچي ويا آهن. محلي جو پراڻو نالو ماڻهن وساري ڇڏيو آهي. هاڻي ”ڪران“ جي جاءِ تي ان کي ”احمدآباد“ چون ٿا. تاريخي آثارن ۾ ملڪ شاه سلجوق جو قبرستان ۽ سندس مشهور عالم وزير نظام الملڪ طوسي جي مزار هڪ ئي احاطي ۽ هڪ ئي ڇت جي هيٺان باقي رهجي ويا آهن.

سلجوق سلاطين:

سلجوق سلاطين جون پنج شاخون، اسلامي ملڪن جي پنجن مختلف حصن تي حڪمران هيون. بنيادي شاخ اها هئي جيڪا ايران تي حڪمران هئي. ٻي شاخ عراق تي حڪومت ڪندي هئي، ٽين شاخ ڪرمان تي حاڪم هئي ۽ چوٿين شاخ اها هئي جيڪا روم ۽ رومي سلطنت جي قبضي هيٺ يعني ترڪي تي قابض هئي. پنجون سلسلو شام تي مسلط هو.

ايران جي بنيادي شاخ کي تاريخ ۾ ”سلاجقئه بزرگ“ جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ئي سلاجقه جا نالي وارا بادشاهه ٿي گذريا آهن.

سلاطين جو مدفن:

هي بادشاهه هڪ شهر يا هڪ ئي هنڌ مدفون نه آهن. مختلف شهرن ۾ مدفن ٿيا ۽ زماني جي لاهن چاڙهن ڪيتريون قبرون اجاڙي ڇڏيون ۽ ڪيترن جي مقبرن جو نالو نشانو مٽائي ڇڏيو. هن بنيادي ”سلاجقئه بزرگ“ جا سلاطين هن طرح دفن ٿيا آهن:

1- طغرل بيگ بن ميڪائيل (429-465) ري (طهران).

2- الپ ارسلان بن چغري بيگ (455-465) مرو.

3- ملڪ شاه بن الپ ارسلان (465-485) اصفهان.

4- برڪيارق بن ملڪ شاهه (487-498) اصفهان.

5- محمد بن ملڪ شاهه (498-511 اصفهان.

6- محمود بن محمد بن ملڪ شاهه (511-525) اصفهان

7- سنجر بن ملڪ شاهه (511-552) اصفهان.

عراق جيئن ته ايران جو حصو هو، ان ڪري اتان جا سلجوق گهڻو ڪري “همدان“ ۽ ”ري“ ۾ دفن ٿيا، جن جي فهرست هي آهي:

1- طغرل بن محمد بن ملڪ شاهه (526-527) مدرسه طغرل همدان.

2- مسعود بن محمد بن ملڪ شاهه (527-547) مدرسه طغرل همدان.

3- محمد بن محمود بن محمد بن ملڪ شاهه (548-554) همدان.

4- سليمان بن محمد بن ملڪ شاهه (554-556) همدان.

5- ارسلان بن طغرل بن محمد بن ملڪ شاهه (556-573) همدان.

6- طغرل بن ارسلان بن طغرل بن محمد (573-590) مقبرو طغرل بيگ ري.

مسجد لبنان:

مون کي هن دفعي هڪ ته ملڪ شاهه ۽ نظام الملڪ جون قبرون ڏسڻيون هيون ۽ ٻي ”مسجد لبنان“. ڊاڪٽر لطف الله هنرفر پهريان ”مسجد لبنان“ جو رخ ڪيو. ميدان شاهه کان نڪري ”چهار باغ“ جي شاهي رستي کي پار ڪري خيابان شيخ بهائي جي ذريعي اسان جي موٽر ”مسجد لنبان“ جي دروازي تي اچي بيٺي.

مسجد لنبان، صفوي دور ۾ خدا جي گهر کان علاوهه هڪ سماجي ۽ ثقافتي مرڪز جي حيثيت به رکي ٿي. هي پراڻو محلو اصفهان جي شروعاتي آباد ٿيندڙ محلن مان آهي، ان ڪري ٻاهران هر نئون ايندڙ مسافر هن مسجد جو هڪ ٻه ڦيرو ضرور ڏيندو هو. شهر جا پڙهيل لکيل عالم، اديب ۽ شاعر روزانو هت اچن. انهن جون محلفون، ڄمن، مباحثا ٿين ۽ شعر و سخن جون مجلسون برپا ٿين. ٻئي هنڌ ملاقات نه ٿي سگهي ته هتي ملاقات يقيناً ٿئي. ڄڻ ته سڄي اصفهان جو ثقافتي ۽ سماجي مرڪز هي هو.

طاهر نصرآباديءَ پنهنجي مشهور ”تذڪره شعرا“ (1083هه) ۾ هن مسجد ۽ مسجد ۾ ميل ملاقاتن جو ڏاڍو ذڪر ڪيو آهي. هي ميرزا طاهر اهو ئي آهي جنهن جو جد امجد ميرزا صادق مينا(1) هندوستان ۾ اچي رهيو ۽ ٻه نهايت اهم تاريخون لکيائين: ”صبح صادق“، جنهن کي هن 1048هه ۾ مڪمل ڪيو ۽ شهزادي شجاع جي نالي منسوب ڪيو. ٻئي تاريخ آهي ”شاهد صادق“، جنهن کي 1056هه ۾ مڪمل ڪيو. مان جنهن زماني ۾ ”تذڪره شعراءِ ڪشمير“ مرتب ڪري رهيو هوس ته ان وقت ”تذڪره نصرآبادي“ ۾ اڪثر شاعرن ۽ عالمن جي محفلن ۽ دلچسپ مجلسن جو ذڪر پڙهيو هئم ۽ ائين لڳو ته هي مسجد اصفهان جو هڪ نهايت اهم علمي مرڪز هو. قدرتي طور مون کي هن جي ڏسڻ جو خيال ٿيو ۽ ان وقت تائين ان خواهش کي نپائيندو رهيس.

”لنبان“ هڪ سڄي محلي جو قديم نالو آهي. اصل ۾ هي شهر کان ٻاهر هڪ ديهه جو نالو هو ۽ جڏهن شهر وڌيو ته اها ديهه اصفهان جو هڪ محلو ٿي وئي. ان جي دروازي جو نالو ”دروازه لنبان“ هو. هن محلي ۾ ڪيترائي عالم، صوفي، درويش، اديب ۽ شاعر رهندا هئا، جن جو ذڪر تاريخ ۾ انهيءَ محلي جي مناسبت سان درج آهي. چوٿين صدي هجريءَ جا محدث ۽ عالم ”لنباني“ نسبت سان مشهور ۽ معروف آهن. ”تذڪره عرفات العاشقين“ جو مؤلف اوحدي (973-1030هه) هن ئي محلي جو هو، جيڪو هندوستان ۾ آيو ۽ هتي رهي پنهنجو مشهور تذڪرو لکيائين.

مسجد لنبان اٺين صدي هجريءَ ۾ جمال الدين وزير ديلمي ٺهرائي. مسجد جي هينئر اها پراڻي عمارت نه رهي آهي. وقت بوقت ٿيندڙ مرمت هن جي اصل شڪل کي بدلائي ڇڏيو آهي. هن وقت اها بلڪل جديد عمارت آهي. فقط گچ جي ديوار جو هڪ حصو، صفوي عهد جي ڪاشي ڪاريءَ جا چند نمونا ۽ انهيءَ دور جا ڪجهه تاريخي ڪتبا يادگار طور رهجي ويل آهن. البت اڱڻ ۾ هڪ وڏو ۽ گهاٽو وڻ اٺين صديءَ جي ياد ڏياري رهيو آهي. هي چنار جو وڻ آهي، جنهن سڄي اڱڻ ۾ ڇانوَ پکيڙي ڇڏي آهي. مسجد جي هال جي هيٺان هڪ نهر وهي ٿي، جنهن ۾ حاجت مند پنهنجون مرادون ۽ ضروريات جا عريضا لکي لوڙهي ڇڏيندا آهن. انهن جو عقيدو آهي ته سندن مرادون پوريون ٿي وڃن ٿيون. اهڙيءَ طرح اهو به مشهور آهي ته هن مسجد ۾ حضرت امام حسن نماز پڙهي آهي. مسجد جو منبر ”منبر صاحب الزمان“ جي نالي سان مشهور آهي. جيڪو اصفهان جي منبرن ۾ پنهنجي خوبصورتيءَ سبب نفيس ترين منبر شمار ڪيو ويندو آهي ۽ ان تي 1114هه سال لکيل آهي.

”رساله محاسن اصفهان“ جو فارسي مترجم بنياد رکڻ وقت پاڻ به  موجود هو ۽ هُن ”عمارت جمال الدين“ جي نالي سان ان کي ياد ڪيو آهي ۽ باني جو نالو لکيو آهي: ”صاحب معظم، قدوت اعاظم الامم، جلال الوزراء، جمال الدولة والدين، محمد ديلم دستجردي الاصفهاني.“

سعيد هروي انهيءَ زماني جو شاعر هو، هُن ان جي تعريف ۾ شعر لکيا آهن.

از پئي ذوق و تفرج، گربه لنبان ميروي
مسجدي بيني مروح، بر سر آب روان
در جوارش صاحب ”صاحب قدم“ رابقعه
کز لب تعظيم بوسد، آسمانش آستان
صاحب عادل جمال الدين محمد، کا ورد
سبز خنگي آسمان را، حڪم او در زير ران

ڪاشيءَ جي قديم ڪتبن ۾ ٻه ڪتبا محمد رضا الامامي الاصفهاني (1080هه) جا آهن ۽ هڪ ڪتبو محمد باقر شيرازي (1256هه) جو آهي. هن ڪتبي جي مٿان دروازي جي بلڪل پيشانيءَ تي تذڪره مصنف محمد طاهر نصرآبادي جا شعر، رضا اماميءَ جي خط ۾ ڪاشيءَ جي تختي تي لکيل آهن:

در زمان دادور گيتي ستان بحر دل
آفتاب دولت مشرق، سليمان پادشاهه
پادشاهي، کز برائي کسب اقبال و شرف
فتح در ظل همائي رايتش گيرد پناه
يافت تعمير اين بنا از لطف آن گردون شکوه
شامل حال شريفش بار الطاف الــــه
تا بود مسجد برائي سجدهء اهل ورع
آستانش پادشاهان جهان را سجده گاه
خامه بهر سال تاريخش، عبارت زد رقم
نو، شد اين مسجد، زامر عادل عالم پناه

نصرآباديءَ پنهنجي تذڪري ۾ اهي شعر ڏنا آهن. اندر ٻاهر، گنبذ، مناري، درن ۽ ديوارن تي ڪاشيءِ جو بهترين ڪم ٿيل آهي. جنهن وقت اسان اتي پهتاسين ته ان وقت به مناري جي مرمت ٿي رهي هئي. مسجد جي ڏاڍي خوبصورت اڱڻ ۽ عمارت وڻندڙ ۽ محلو اهڙي هنڌ واقع آهي جو هر ايندڙ ويندڙ جو گذر هتان ضرور ٿئي ٿو.

معاشرو بلدجي ويو آهي. محفلن جي مرڪزن جي نوعيت به مختلف ٿي وئي اهي ۽ اسان جي تهذيب به وقت جي تبديليءَ سان بدلجي وئي آهي، ان ڪري هاڻي مسجدون تهذيبي ۽ ثقافتي مرڪز نه رهيون آهن. سواءِ تاريخي اهميت جي. خود مذهبي معاشري ۾ به انهن کي ڪو خاص مقام حاصل نه رهيو. مسجدن ۾ اڪثر چوڪيدار ويٺل آهن ۽ سياح هيڏانهن هوڏانهن فوٽو ڪڍندي ڏسجن ٿا.

جڏهن اسان مسجد لنبان ۾ داخل ٿياسين ته ڪير به ڪونه هو. تقريباً هڪ ڪلاڪ اسان ان کي ڏسندا رهياسين ۽ جڏهن ٻاهر نڪتاسين ته ان وقت به ڪو اچڻ وارو نه مليو.

دارالبطيخ:

مسجد لنبان مان نڪري اسان جي موٽر هاڻي ميدان شاهه طرف هلي. خيابان حافظ کان ٿيندي محله احمد آباد جي هڪ گهٽيءَ ۾ مڙي ٻن گهٽين ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڦرندي چنارجي گهاٽي وڻ جي ويجهو اچي بيٺي.

ان وقت موسم ڏاڍي خوشگوار هئي. ڪڪرجا ننڍا ننڍا ٽڪرا سج سان گڏ اک ٻوٽ کيڏي اس ۽ ڇانو جو سمو پيدا ڪري رهيا هئا.

گهٽي آباد هئي. ڪرياني جا دڪان کليل هئا. عورتون ڪارا برقعا پائي کاڌي پيتي جو سامان خريد ڪري رهيون هيون ۽ گهٽيءَ ۾ ڪم تي ويندڙ مردن جي اچ وڃ مسلسل جاري هئي.

هي چنار جو وڏو وڻ بيٺو آهي. انهيءَ ڪري ان حصي کي ”مقبره پائي چنار“، ”تڪيه پائي چنار“ ۽ ”تربت نظام“ چيو وڃي ٿو. هي چنار ڊاڪٽر هنرفر جي تحقيق مطابق انهيءَ ”مدرسه ملڪ شاهه“ جو باقي بچيل يادگار آهي.

ان قسم جا ڪجهه قديم وڻ اصفهان ۾ موجود آهن، جن کي پنهنجي قدامت سبب تاريخي حيثيت حاصل آهي. مثلاً، چنار امام زادهه اسماعيل“، ”چنار دستگرد“ ۽ ”چنار باغ زرشک“.

انهيءَ جڳهه کي ”دارالبطيخ“ ان ڪري چوندا آهن، جو قديم دور ۾ هتي منڊي هئي، جنهن ۾ سبزي کان علاوه هر قسم جا ميوا، خاص ڪري اعليٰ قسم جا گدرا، گهڻي مقدار ۾ ايندا هئا.

هتي ملڪ شاهه سلجوقيءَ مدرسو قائم ڪيو هو ۽ وسيع باغ ان جي ڀرسان لڳرايو هو. انهيءَ باغ جي هڪ ڪنڊ ۾ خواجه نظام الملڪ طوسي کي دفنايو ويو، جنهن کان پوءِ هي حصو ”تربت نظام“ جي نالي سان سڏجڻ لڳو. سال 724هه ۾ هن جاءِ کي انهيءَ نالي سان ڪتابن ۾ لکيو ويو.

گورستان:

هتي، برصغير ۾ عبدالرزاق ڪانپوري مرحوم پهريون شخص هو، جنهن نظام الملڪ طوسيءَ جي مفصل ۽ مستند سوانح عمري لکي، هن جي عظمت ۽ هن جي ڪارنامن جي اسان کي ڄاڻ ڏني. پڙهيل لکيل طبقو ان کان بعد ئي هن جي شخصيت سان متعارف ٿيو. نظام الملڪ جي حياتي تي غالباً ان قسم جو مفصل ڪتاب ڪنهن به ٻوليءَ ۾ اڃا تائين نه لکيو ويو آهي.

خواجه نظام الملڪ طوسي، سلطان ملڪ شاهه سلجوقي سان گڏ بغداد وڃي رهيو هو ته نهاوند جي حدن ۾ منزل ”سحنه“ تي هڪ باطنيءَ درخواست جي بهاني ويجهو اچي کيس خنجر هڻي ماري وڌو. هي 12 رمضان 485هه جو واقعو آهي. هي تمام وڏو حادثو هو، جنهن تي عالم اسلام ماتم ڪيو. سندس لاش کي اتان کڻي اچي اصفهان جي هن محلي ۾ ”مدرسهء ملڪ شاهي“ جي باغ ۾ دفن ڪيو ويو.

هن چنار جي وڏي وڻ جي سامهون هڪ معمولي دروازي مان اسان هڪ چار ديواريءَ جي اندر داخل ٿياسين. ننڍي اڱڻ کان پوءِ چار فوٽ مٿي هڪ ٿلهو هو، جنهن تي ڇت هئي. کليل اڱڻ جي وچ ۾ ڪجهه ميويدار وڻ هئا، جيڪي هر ايرانيءَ جي گهر جي سونهن پڻ آهن.

انهيءَ ٿلهي تي مقبرن جو اهو مجموعو آهي، جنهن ۾ خواجه بزرگ جي قبر کان سواءِ ڪججهه سلجوقي سلاطين به مدفون آهن. انهن سلجوقين ۾ سلطان سنجر کان بعد ملڪ شاهه سڀ کان گهڻو نالي وارو بادشاهه ٿي گذريو آهي، ليڪن خواجه نظام الملڪ جهڙي نامور وزير، عالم ۽ اديب جي ڀرسان دفن ٿيو، انهيءَ ڪري سندس نالو دٻجي ويو ۽ خلق جي زبان تي ”قبر نظام“ نالو رهجي ويو. خواجه بزرگ جي اوچتي مارجي وڃڻ جو واقعو ايترو ته وڏو هو، جو ان کان هڪ مهينو پوءِ جڏهن ملڪ شاهه جي لاش کي کڻي اچي هن هنڌ دفن ڪيو ويو ته سندس مدفن کي ڪنهن به اهميت جي قابل نه سمجهيو ويو۔

خواجه نظام الملڪ جي مزار:

ٿلهي تي ايندي ئي پهرين قبر خواجه جي اچي ٿي. مزار تي لڳل تختي سنگ مرمر جي، ڪنارا چٽيل ۽ قرآني آيتن سان سجيل، مٿي ڪنارن تي آيتون آهن ۽ سيرانديءَ کان گهڻن هنڌن تان ڊٺل ڪتبو آهي جنهن جي عبارت هن طرح آهي ۽ هيئن پڙهي وڃي ٿي.

”واصل گشت بجوار مرحمت و غفران، وفايزشد
بغرفات جنان و روضئه رضوان، حضرت مغفرت
مآب قيام بصفت رحمة ديان.... المفاخر و افتخار
الاکابر و اعاظم الوزرا..... خواجہ..... الملک“

مون کي ڊاڪٽر هنرفر ٻڌايو ته هي ٻين قبرن جا پٿر صفوي دور جا ڏسجن ٿا، موجودهه عمارت ويجهڙائي واري دور جي ٺهيل آهي.

انهيءَ قبر جي آس پاس خواجه جي پٽ ابوبڪر عبيدالله مؤيدالملڪ جي قبر به هئي. جنهن کي سلطان برڪيارق پنهنجو وزير بنايو ۽ پوءِ 494هه ۾ پنهنجي هٿن سان سندس سسي اڏائي ڇڏي. هاڻي اها قبر ظاهر ناهي. مرمت ۽ زماني جي لاهن چاڙهن ۾، ٻين قبرن سان گڏ هيءَ قبر به مٽجي وئي آهي.

مان، انهيءَ عظيم الشان شخصيت جي تاريخي قبر جي چوڌاري هر هر ڦريس ۽ حيرت مان پٿر جي ان نشان کي ڏسندو رهيس جنهن جي هيٺان گمان آهي ته نظام الملڪ جهڙي عظيم شخصيت ابدي ننڊ ۾ سُتل آهي. تصويرون ڪڍيم ۽ قدم اڳتي وڌايم.

ملڪ شاهه سلجوقيءَ جي قبر:

چند قدمن جي فاصلي تي ٻه قبرون هڪي ٻئي سان گڏ آهن. ٻنهي جي مزار جو پٿر سنگ مرمر جو آهي. هڪ چٽسالي ۽ آيتن سان سجيل آهي ۽ ٻي ان جي ڀيٽ ۾ گهڻي نقش نگاريءَ سان آراسته آهي. ٻنهي تي نالا نه آهن. گمان آهي ته جيڪا گهٽ نقش دار قبر آهي، اها سلطان ملڪ شاهه سلجوقيءَ جي آهي، جيڪو خواجه نظام الملڪ جي شهادت کان هڪ مهينو بعد، شوال 485هه ۾ جمعي جي ڏينهن بغداد ۾ مري ويو. ملڪ شاهه جي درٻاري شاعر امير معزي ان واقعي تي هي شعر چيا هئا:

رفت در يک مه به فردوس برين، دستور پير
شاه برنا، از پس او رفت، در ماه دگر
کرد ناگه قهر يزدان، عجز سلطان آشکار
قهر يزداني ببين و عجز سلطاني نگر

سلطان جو لاش پهريان امانت طور بغداد ۾ ”شونيز“ جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو، جتان سندس پٽ محمود شاهه کڻي اچي اصفهان جي هن ”مدرسهء ملڪ شاهي“ ۾ خواجه نظام الملڪ جي ڀرسان دفن ڪيو.

ترڪان خاتون:

ترڪان خاتون ملڪ شاهه جي عظمت واري ملڪه هئي. جهڙو عظيم مڙس هو اهڙي ئي هيءَ بيگم هئي. سال 487 هه ۾ مڙس جي وفات کان تقريباً ٻه سال پوءِ اصفهان ۾، ۽ هتي ئي سلطان جي ڀرسان دفن ٿي. قبر چئني پاسن کان چٽيل آهي. ان تي نالو لکيل نه آهي. فقط قرآني آيتون نقش ٿيل آهن.

سلطان برڪيارق – سلطان محمد:

هي ٻئي ملڪ شاهه جا پٽ هئا. زندگيءَ ۾ هي ٻئي ڀائر هڪ ٻئي جا سخت مخالف ۽ جاني دشمن هئا، ليڪن جڏهن هي جهان ڇڏيائون ته سندن قمست ۽ بيوسيءَ، ٻنهيءَ کي هڪ ٻئي جي ڀرسان جڳهه ڏئي ڇڏي. ملڪ شاهه جي سيرانديءَ کان ٻه اڍائي فوٽ مٿاهينءَ تي ٻن قبرن جا نشان آهن ۽ اهي ٻئي قبرون انهن ٻنهي ڀائرن جون ٻڌايون وڃن ٿيون.

انهيءَ سڄي ڍڪيل ايوان جو فرش ۽ ديوارون سائي رنگ جي ٽائيلن جون آهن. سلطان برڪيارق جي قبر جو صندوق نما ٿلهو، انهن ساين ٽائيلن جو ٺهيل آهي. ڪا به چٽسالي يا ڪتوبو لڳل نه آهي. روايت اها ئي آهي ته اها قبر برڪيارق ۽ محمد جي آهي.

ٻيون قبرون:

معلوم ٿئي ٿو ته ”مدرسهء ملڪ شاهي“ جي باغ جي هيءَ ڪنڊ، جنهن ۾ پهرين نظام الملڪ کي دفن ڪيو ويو، بعد ۾ ”سرڪاري قبرستان“ جي شڪل اختيار ڪري ويو. اصفهان سلجوقي سلاطين جي هن شاخ جو دارالسلطنت رهيو. انهيءَ ڪري جو سلجوق سلطان فوت ٿيو، سندس دفن گاهه به اها ئي ڪنڊ بڻي. بعد جي دورن ۾ ٻيا ماڻهو به دفن ٿيا آهن. ڪجهه قبرون نائين ۽ ڏهين صديءَ جون به موجود آهن، جن جي شخصيتن جي تاريخي حيثيت معلوم نه آهي. نالا ۽ سال انهن تي لکيل آهن. اسان انهيءَ عبرت گاهه تي تقريباً ٻه ڪلاڪ گذاريا ۽ قبرن جي پاسي بار بار گهمندا رهياسين. بحث ڪندا رهياسين ۽ انهن جي قتل ۽ ظلمن جا داستان ياد ڪندا رهياسين.

تاريخي شخصيتن جو آغاز ۽ انجام ۽ پوءِ هيءَ ڪسمپرسي واري حالت ڏسي، دنيا ۽ دنيا وارن جي بي ثباتي تي ملامت ڪندي اسان چار ديواريءَ کان ٻاهر نڪري آياسين، ۽ انهيءَ قديم چنار جي شاخن ۽ ٿڙ کي هڪ دفعو غور سان ڏسندا موٽر ۾ سوار ٿي ”مهمان خانهء شاه عباس“ طرف هلياسين. موٽر هلندي رهي ۽ منهنجي ذهن ۾ خاقانيءَ جو هي شعر ڦرندو رهيو:

ملک شه، آب وآتش بود، رفت آن آب و مرد آتش
کنون، خاڪستر و خاک است مانده، در صفا هانش

سلطان ملڪ شاهه خوش قسمت هو جو خواجه نظام الملڪ جي ڀرسان دفن ٿيو ۽ ان نامور وزير، منشي ۽ مصنف جي ڪري سندس قبر اڄ تائين قائم رهندي آَئي آهي. جيڪو پڙهيل لکيل نظام الملڪ جي زيارت لاءِ ويندو آهي. اهو هن عظيم سلوجوقي بادشاهه جي قبر کي به حيرت مان ڏسندو آهي.

 (ڪراچي 6-8-1974ع)


* ترجمو: امام راشدي.

(1)  هن مصنف تي منهنجو مضمون پڙهو ”پارس“ ڪراچي، جلد اول، شمارو اول.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org