سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب:  تاريخ سنڌ

باب؛ --

صفحو :29

 

ترخان گهراڻي جي سنڌ ۾ حڪومت

ترخان گهراڻي جو بنيادي احوال

”ترخان“ به انهيءَ ساڳئي بنياد مان هئا، جنهن مان چغتائي مغل (دهليءَ جا مغل شهنشاهه) ۽ ارغون مغل (سنڌ جا حاڪم) هئا. هنن تي”ترخان” نالو ڪيئن پيو،تنهن بابت تاريخ نويسن جو چوڻ هن طرح آهي:

(1) ڪيرئٽ – مغلن جي سردار ائونگ خان، جنهن کي يورپ ۾ پريسٽر جان ڪري سڏينا هئا، تنهن سان جڏهن چنگيز خان ڇيڙ ڇاڙ شروع ڪئي، تڏهن پنهنجي اميرن سان صلاح مصلحت ڪري چنگيز خان تي اوچتي حملي ڪرڻ جو ٺهراءُ ڪيو. بئٽا ۽ ڪشلڪ نالي ٻه نوجاون، جن کي ائونگ خان جي ٺهراءَ جي خبر هئي، سي ائونگ خان جو طرف ڇڏي اچي چنگيز خان جي ڇانوڻيءَ ۾ سهڙيا ۽ ائونگ خان جي ارادي مان ان کي اچي واقف ڪيائون. چنگيز خان انهيءَ نازڪ خبر ملڻ تي سجاڳ ٿي پيو. اهڙو بندوبست ڪيائين، جو ائونگ خان جا سڀ ارادا خاڪ ۾ ملي ويا ۽ چنگيز خان سوڀارو ٿيو. چنگيز خان انهن ٻنهي نوجوانن جو نهايت شڪر گذار رهيو ۽ کين ”ترخان“ جو لقب ڏنائين، تاتاري ٻوليءَ م ”ترخان“ جي معنى ”هر قسم جي بار بوجي کان آزاد”. انهيءَ لقب ڏيندي چنگيز خان انهن نوجوانن کي سند ڏني. ته هنن نوجوانن جي نائين پيڙهي تائين سڀ سرڪاري ڍلون ۽ لوازما معاف آهن ۽ جنگ ۾ جيڪو ڦرلٽ جو مال انهن کي هٿ ايندو تنهن مان ڪو به عملدار يا سردار ڪا به پتي نه وٺندو. خراسان ۽ تاتاري ترڪستان وارا سڀ ترخان مغل انهن ٻن نوجوانن بئٽا ۽ ڪشلڪ جو اولاد آهن. (سر هينري ايليٽ صاحب جي هسٽري آف انڊيا جلد پهريون)

(2) مغلن جي هڪڙيءَ ٻيءَ ٽوليءَ کي وري ايڪو تيمور ”ترخان“ جو لقب ڏنو هو. جڏهن تڪتمش خان ايڪو تيمور تي ڪاهه ڪئي هئي، تڏهن ايڪو تيمور ان سان پوريءَ طرح مقابلو ڪيو ۽ هارايائين. پر ايڪو تيمور جا جنگي جوڌا عزيز، جن جي بهادري ۽ سرفروشي جو نظاور پاڻ جنگ جي ميدان ۾ ڏٺو هئائين، تن جي قدرشناسي  ڪري هن انهن کي ”ترخان“ جو لقب ڏنو ۽ حڪم ڪڍيائين ته انهن ترخانن کي ڪنهن به وقت مون وٽ اچڻ کان ڪو به سرڪاري نوڪر روڪ نه ڪري ۽ انهن کان ڪو به گناهه جهڙو ڪم ٿي پوي، ته تون ڀيرن تائين اهڙن گناهن لاءِ انهن کي ڪا به سزا ڏيڻ ۾ نه اچي. سنڌ ۾ حڪومت ڪرڻ وارا ترخان انهن ترخانن جو اولاد چوڻ ۾ اچن ٿا. (سر هينري ايليٽ صاحب جي هسٽري آف انڊيا جلد پهريون)

(3) امير تيمور گورگان صاحبقران جوانيءَ جي شروعات وقت ۾ هڪڙي ڀيري شڪار ڪرڻ ويو ۽ رات پئجي وڃڻ ڪري رستو ڀلجي ويو. رات اونداهي ۽ سردي تمام سخت هئي، تنهن ڪري جهنگ ۾ گهوڙو ڊوڙائيندي ڊوڙائيندي تمام عاجز ٿي پيو. آخر پري کان ڪو سوجهرو ڏسي اتي آيو، ته ڪجهه تنبو ۽ جهوپڙيون اچي ڏٺائين تنبن ۽ جهوپڙين وارن سمجهيو ته بيگاهه وقت ضرور ڪو چور گهوڙي تي چڙهي اسان جن تنبن ۾ اچي پيو آهي، سو هٿيار کڻي ساڻس وڙهڻ لاءِ ڦري آيا، جڏهن امير تيمور پاڻ سڄاڻايو، تڏهن انهن کانئس معافي ورتي ۽ رات جا چار پهر تمام خوش ۽ سکيو آسودو رکيائونس. اهي تنبن وارا به مغل هئا، جيڪي چوپائي مال جي سانگي جهنگ ۾ اچي رهيا هئا. صبح جو امير تيمور انهن جي شڪر گذاري ڪري هليو ويو. ان وقت امير تيمور جي عمر ارڙهن ورهيه هئي. جڏهن امير تيمور چوٽيهن ورهين جو ٿيو ۽ وڏي شهنشاهيت جو ڌڻي بڻيو. تڏهن انهن تنبن وارن مغلن کي گهرائي پاڻ وٽ رهايائين ۽ انهن جي پگهار مقرر ڪيائين ۽ پگهار جي عيوض ڪا به خدمت ڏيڻ انهن تان معاف هئي ۽ انهن کي ”ترخان“ جو لقب ڏنائين. سڀئي ترخان مغل انهن ترخانن جو اولاد آهن. (تحفة الڪرام جلد 3)

(4) ”ترخان“ لفظ اصل ”ترخون“ هو، جو پوءِ مٽجي ”ترخان“ ٿيو. قديم زماني ۾ هو پنهنجي سردار جي هٿ هيٺ ڪنهن دشمن سان مقابلو ڪرڻ ويا ۽ سوڀ ماڻي موٽڻ وقت انهن جا جسم ۽ ڪپڙا رت سان رنڱيل هئا. انهيءَ حالت ۾ سندن سردار کين ”ترخان“ يعني رت ۾ ڀريل نالو ڏنو. (تحفة الڪرام جلد 3)

سر هينري ايليٽ صاحب پنهنجي تاريخ ۾ مٿين چئن ئي حقيقتن(1) ٻڌائڻ کان پوءِ لکي ٿو: ”جيتوڻيڪ مڃي سگهجي ٿو، ته سنڌ جا ترخان، جيئن ديسي تاريخون چون ٿيون، ايڪو تيمور سان بنيادي طرح ڳنڍيل هجن، جو ڪ ارغون خان جو پڙپوٽو هو، ۽ جو بادشاهي ڪٽنب جو ڀاتي هو، جنهن جو ارغون به اولاد آهن، تڏهن به ائين مڃي نٿو سگهجي، ته خراسان ۽ تاتاري ترڪستان وارا ترخان بئٽا ۽ ڪشلڪ جو اولاد آهن، ڇاڪاڻ جو ارغون خان پاڻ به ”ترخان“ هو ۽ اسين ڏسون ٿا، ته جيڪي ترخان سڏجن ٿا، تن جو بئٽا ۽ ڪشلڪ سان ڪو به تعلق ڪونهي، فرغانه جي شهزادي ترخان دوستي طور ايران جو پوئين بادشاهه جي مهماني ڪئي هئي ۽ ”تاريخ طبري“ هجري سنه 105 (عيسوي سنه 723) جي واقعن ۾ ڪئسپين سمنڊ جي الهندي طرف واري خضرس جي خاقان وٽ ڪيترن ئي ترخان آفيسرن جو وري وري بيان ڪيو آهي. باب الابواب قلعي جي سنڀال لاءِ هڪ هزار ترخانيه سپاهي رکيل هئا. هڪڙي سردار جو نالو هزارترخانيه هو. ”ترخان“ لقب جي قديم هئڻ بابت ٻيا به مثال پيش ڪري سهگجن ٿا“، (سر هينري ايليٽ صاحب جي هسٽري آف انڊيا جلد پهريون)

مرزا عيسى ترخان جي حڪومت(سنه 1554 کان 1566 تائين)

مرزا عيسى جا پهريان ڏينهن

مرزا محمد عيسى بن مرزا عبدالعلي ترخان(1) ننڍي هوندي کان وٺي مرزا شاهه بيگ ارغون جي تربيت ۾ رهندو هو ۽ مرزا شاهه بيگ ان کي پوءِ پنهنجن اميرن ۾ داخل ڪيو هو. جڏهن مرزا شاهه حسن ملتان فتح ڪرڻ ۾ مشغول هو ۽ پٺيان امر امراني (ڪڇ جي راجا راءِ کنگهار جي ڀاءُ) ٺٽي تي ڪاهه ڪئي هئي، تڏهن مرزا شاهه حسن جي اميرن، جيڪي ٺٽي ۾ رهيل هئا، مرزا شاهه حسن ڏي اطلاع موڪليو هو. ان اطلاع ملڻ تي مرزا شاهه حسن جي لشڪر مان مرزا عيسى ئي هو، جنهن جرئت ۽ مردانگيءَ سان آمر آمراني جو مقابلو ڪرڻ هموار ڪيو ۽ ملتان مان لشڪر وٺي ٺٽي ۾ آيو ۽ آمر آمراني سان اچي مقابلو ڪيائين ۽ ان جو گهڻو سپاهه قتل ڪيائين.

مرزا شاهه حسن جي وفات ڪرڻ کان پوءِ ماه جمادي الاول هجري سنه 962 (سنه 1554ع) ۾ مرزا عيسى ٺٽي ۾ تخت نشين ٿيو ۽ سڀني ارغونن ۽ ترخانن کيس پنهنجو حاڪم ڪري مڃيو. مرزا عيسى پاڻ کي پنهنجي رعيت ۽ لشڪر ۾ تمام پيارو بڻايو هو. (تاريخ معصومي)

ڪي بي لغام ارغون سردار

ڪي ارغون سردار جهڙوڪ ڪيبڪ، فرخ ۽ تيمور جيتوڻيڪ مرزا عيسى جي تابعداري مڃي چڪا هئا، تنهن هوندي به شراب پيو مست ٿيو مرزا عيسى جي حويليءَ تي ڪاهيو ويندا هئا ۽ وڃيو چوندا هئا ته ”مرزا شاهه حسن جي خزاني مان ڪجهه حصو اسان کي ڏي“. مرزا عيسى انهن جي دل وٺندو هو ۽ انهن کي راضي ڪري اماڻيندو هو ۽ چوندو هون ته ”خزانو اوهان جي ملڪيت آهي، پر اسان کي ملڪ جي بچاءَ لاءِ خزانو سانڍي رکڻ ضروري آهي. اوهان کي سمورو خزانو ڏبو، ته اوهين عيش عشرت ۾ وڃائي ڇڏيندا.“ ٺٽي شهر ۾ جن جن محلن ۾ ارغون رهندا هئا، تن محلن ۾ اهڙي قسم جو ڍنڍورو به ڏياريندو هو. (تحفة الڪرام جلد3)

سلطان محمود خان سان مقابلو

مرزا عيسى هڪ سال حڪومت ڪرڻ کان پوءِ ارغون سردارن جي ترغيب ڏيارڻ تي سلطان محمود خان بکر جي حاڪم سان مخالفت ڪئي. ٺٽي مان وڏو لشڪر وٺي ماه ربيع الثاني هجري سنه 963 ۾ بکر جي آسپاس اچي پهتو. پندرهن ڏينهن جنگ جاري رکيائين. سلطان محمود خان بکر جي قلعي ۾ قابو ٿيو ويٺو هو. ٻه ٽي ڀيرا قلعي کان نڪري جنگ ڪيائين. انهيءَ وچ ۾ مرزا عيسى گووا مان پورچوگيزن جو لشڪر پنهنجي مدد لاءِ جو گهرايو هو، تنهن ٺٽي شهر ۾ اچي ڦر ڪئي ۽ باهيون ڏنائون ۽ ڪيترن ماڻهن کي قيد ڪري گووا ڏي وٺي ويا. ٺٽي شهر ۾ ڦرلٽ ڪرڻ کان اڳ انهن فرنگين (پورچوگيزن) درياءَ تي بارود هاري ان کي باهه ڏني هئي، جنهن ڪري درياءَ جي سطح تي باهه جا مچ ٻري ويا. انهن خبرن ٻڌڻ شرط مرزا عيسى بکر کان موٽيو، ته سلطان محمود خان پٺيانئس ڪاهي پيو. سيوهڻ تائين پٺيان ڪاهيندو آيو، تنهن کان پوءِ سيد مير ڪلان رحه وچ ۾ اچي پيو ۽ سندن صلح ڪرائي نئين سر عهدنامو ڪرايائين. تنهن کان پوءِ سلطان محمود خان بکر ڏي موٽي ويو. (تاريخ معصومي)

مرزا عيسى خان جي پٽن جي پاڻ ۾ جنگ

مرزا عيسى جا ٻه نوجوان پٽ مرزا محمد صالح ۽ مرزا محمد باقي ڪن ڳالهين تان پاڻ ۾ اچي اٽڪيا ايتري قدر، جو ٻنهي طرفن جي وچ ۾ تلوارون ڪم اچڻ لڳيون. مرزا عيسى پنهنجي وڏي پٽ مرزا محمد صالح جو طرف ورتو. مرزا محمد باقي جنگ ۾ شڪست کائي ونگه (1) پرڳڻي ڏانهن اٿي ڀڳو، جتي سوڍا قوم جا ماڻهو رهندا هئا. ڳچ جيترا ارغون سردار به مرزا محمد باقي سان همراهه هئا. مرزا محمد باقي پنهنجن همراهن سميت ونگه کان عمرڪوٽ ۽ عمرڪوٽ کان جيسلمير ۽ جيسلمير کان بکر ۾ سلطان محمود خان وٽ وڃي رهيو،جنهن گهڻي عزت ۽ تعظيم سان سکر ۾ رهايس ۽ تمام گهڻيون خاطريون ڪيائينس.

مرزا عيسى پنهنجي وڏي پٽ مرزا صالح جي دل وٺڻ خاطر مرزا محمد باقي جي پٽن کي به بکر ڏياري موڪليو. مرزا محمد باقي هندستان ڏي وڃڻ لاءِ گهڻا واجهه وڌا، پر سلطان محمود خان اوڏانهن وڃڻ نه ڏنس، سو رڳو هن ڊپ ڪري ته متان هو هندستان مان ڪو لشڪر وٺي هن ملڪ تي اچي ڪڙڪي ۽ ڪا خرابي پيدا ڪري.

مرزا محمد صالح نهايت دلير ۽ پهلوان مڙس هو. ان کي ٺٽي جي آسپاس مريد نالي هڪڙي بلوچ اوچتو شهيد ڪري وڌو، ڇاڪاڻ جو ان بلوچ جو پيءُ مرزا محمد صالح جي هٿان ماريو هو. (تاريخ معصومي)

ٺٽي کي پورچوگيزن خراب ڪيو، تنهن بابت وڌيڪ حقيقت

مرزا عيسى گووا مان پورچوگيزن جو لشڪر انهيءَ لاءِ گهرايو هو، ته انهن کي پنهنجي فوج ۾ نوڪريون ڏيئي رکي ۽ انهن جي مدد سان درٻيلي جو علائقو سلطان محمود خان کان کسي. جڏهن اهو فرنگين جو لشڪر سمنڊ جي رستي سنڌوندي جي ڇوڙ مان لنگهي لاهري بندر تي اچي لٿو، تڏهن فرنگين کي معلوم ٿيو، ته مرزا عيسى ٺٽي ۾ ڪونهي، پر بکر ڏي سلطان محمود خان سان جنگ ڪرڻ لاءِ ويو آهي. لاهري بندر تي جي جي ڏينهن فرنگين جو لشڪر اچي لٿو هو ان وقت مسلمان جمع نماز پڙهڻ لاءِ جامع مسجد ۾ اچي گڏ ٿيا هئا. فرنگي مسجد ۾ ڪاهي ويا ۽ اتي وڃي خونريزي ڪيائون ۽ ڦرلٽ مچايائون تنهن کان پوءِ ٺٽي شهر کي اچي ڦريائون ۽ ساڙيائون. مرزا عيسى جي موٽڻ جي خبر ٻڌي هو جهازن ۾ چڙهي ڀڄي ويا. مرزا عيسى نئين سر اچي ٺٽي جو شهر ۽ قلعو ٺهرايو ۽ لاهري جي بدران نئون بندر تيار ڪرايائين، جنهن کي شهاه بندر سڏين ٿا. (تحفة الڪرام جلد 3)

 

مرزا محمد صالح جي شهيد ٿيڻ جي ڪيفيت

 جنهن وقت مرزا محمد باقي، سلطان محمود خان جي پناهه ۾ سکر ۾ رهندو هو، تنهن وقت سلطان محمود خان ارادو ڪيو هو، ته مرزا محمد باقي کي قيد ڪري اڪبر بادشاهه ڏانهن دهلي موڪلجي. مرزا محمد باقي جي ماڻهن مان هڪڙو هندو ماڻهو روهڙي شهر جي ٻاهران ڪنهن جهنگ مان وڃي لنگهيو، ته مير بحر ذات جي ٻن مهاڻين، جيڪي ڏائڻيون هيون، تن قضا حاجت ڪندي پاڻ ۾ پي ڳالهيون ڪيون. هڪڙي چيو ٻيءَ کي ته ”سلطان محمود خان ارادو ڪيو آهي، ته مرزا محمد باقي کي قيد ڪري اڪبر بادشاهه ڏي روانو ڪري، پر ائين ٿيڻو ئي نه آهي. سڀاڻي ٻه پهرن جو مرزا محمد صالح کي هڪڙو بلوچ ڪاتيءَ سان قتل ڪندو ۽ ان جو رت ڀريل پهران ٽن ڏينهن بعد مرزا محمد باقي کي اچي پهچندو ۽ سلطان محمود خان جي رت بدلجي ويندي“. انهيءَ هندو اهو سارو ذڪر مرزا محمد باقي سان اچي ڪيو. ائين ئي ٿيو جيئن ڏائڻين پاڻ ۾ گفتگو پئي ڪئي.

چون ٿا، ته مريد بلوچ، جنهن جو پيءُ ۽ ڪي ٻيا عزيز مرزا محمد صالح جي هٿان ماريا هئا، تنهن پنهنجي قوم ۾ قسم کنيو هو، ته ”جيستائين مرزا محمد صالح کي ڪاٺيءَ سان نه ڪهندس، تيستائين پٽڪو مٿي تي نه ٻڌندس.“ پوءِ مٿو اگهاڙو ۽ ڪاتي بغل ۾ ڪريو ٺٽي شهر ۽ ان جي آسپاس گهمندو وتندو هو ۽ چوندو وتندو هو ته ”اي ڪاتي! توکي وڏو ڪم ڪرڻو آهي. ڪندينءَ يا نه؟ اي دل! بهادر ٿج“ گهٽين ۽ چونڪن ۾ شهر جا ٻار به ان بلوچ کي چريو سمجهي ان جي پٺيان پيا هلندا وتندا هئا ۽ ان جي اهل ڪندا وتندا هئا، جيئن ٻارن جي طبيعت هوندي آهي.

هڪڙي ڏينهن مرزا محمد صالح گهوڙي تي چڙهيو پنهنجي حويلي ڏانهن ٿي ويو، ته مريد بلوچ ڪاتي ڪاغذ ۾ ويڙهي ”فرياد! فرياد!!“ ڪندو مرزا محمد صالح ڏانهن ڀڳو ويو. سپاهين ۽ نوڪرن روڪيس، پر ان چيو ته ”مون کي پنهنجي هٿ سان هيءُ ڪاغذ کيس آهي“. مرزا محمد صالح گهوڙو جهلي ان کي پاڻ ڏي سڏ ڪيو. بلوچ گهوڙي وٽ پهچڻ شرط مرزا محمد صالح جي پيٽ ۾ اهڙي زور سان ڪاتي هنئي، جو هو گهوڙي تان ڪري پيو ۽ دم ڏنائين. سپاهين ۽ نوڪرن انهيءَ بلوچ کي به اتي جو اتي وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو. (هجري سنه 970 ۾)

مرزا محمد باقي جي ڀيڻ، جيڪا ڳجهيءَ طرح چم جي دٻن ۾ پئسا لڪايو مرزا محمد باقي ڏي پيئي موڪليندي هئي، تنهن مرزا محمد صالح جو رت ڀريل چولو به هڪڙي چم جي دٻي ۾ بند ڪري مرزا محمد باقي ڏي موڪليو، جو ٽئين ڏينهن وڃي سکر ۾ ان کي پهتو. (تحفة الڪرام جلد 3)

مرزا محمد باقي کي معافي ملڻ

سلطان محمود خان، مرزا محمد باقي کي معافي ملڻ لاءِ مرزا عيسى ڏي سفارش لکي موڪلي. هوڏانهن وري مرزا محمد صالح جي شهيد ٿيڻ ڪري مرزا عيسى جي به سڀ چڙ لهي ويئي هئي، تنهن جناب شيخ عبدالوهاب پوراني ۽ مير يار محمد ترخان، جو ڪ ڀيڻيويو هوس، تن کي سلطان محمود خان ڏي ايلچي ڪري موڪليو، ته مرزا محمد باقي کي ٺٽي ڏي موڪلي. سلطان محمود خان شاهاڻي نموني ۾ مرزا محمد باقي کي سڀ قصور معاف ڪيا ۽ کيس سيوهڻ جو پرڳڻو جاگير طور ڏيئي اوڏانهن روانو ڪيائين. (تاريخ معصومي)

سيوهڻ ۽ درٻيلي واري جنگ

جيڪي ارغون سردار مرزا محمد باقي سان گڏجي سيوهڻ ۾ وڃي رهيا هئا، تن جڏهن سيوهڻ ۾ وڃي زور ورتو، تڏهن مرزا عيسى جي برخلاف بغاوت کڙي ڪرڻ شروع ڪيائون. مرزا عيسى کي خبر پيئي تنهن انهن ارغونن کي سيکت ڏيڻ لاءِ ماڻهو موڪليا. ارغونن کي مرزا عيسى جي ماڻهن سان مقابلي ڪرڻ جي طاقت ڪا نه هئي. تنهن ڪري صلاح ڪيائون ۽ درياءُ اڪري ٻئي ڀر ٿي ويا، ته مرزا عيسى جي ماڻهن درياءَ تي بارود هاري ان کي وٺي باه ڏني جنهن ڪري ڪيترائي ارغون سڙي مئا ۽ باقي جيڪي بچيا سي پريشان ۽ بدحال ٿي بکر کان وڃي نڪتا ۽ سلطان محمود خان سان وڃي سارو حال ڪيائون. سلطان محمود خان پهريائين ته انهن ارغونن کي قيد ۾ رکيو، پر پوءِ پنهنجي والده جي صلاح موجب انهن کي قيد مان ڪڍي هر هڪ کي گهوڙو، هٿيار ۽ سروپا ڏيئي پنهجن ماڻهن سان گڏي سيوهڻ روانو ڪيائين.

سلطان محمود خان جي ماڻهن انهن ارغونن سان شامل ٿي سيوهڻ جي قلعي کي اچي گهيرو ڪيو، پر اڃا قلعو وٺي نه سگهيا هئا، ته ايتري ۾ مرزا عيسى به پنهنجي لشڪر سوڌو اچي سيوهڻ ۾ پهتو ۽ ارغونن توڙي سلطان محمود خان جي ماڻهن کي اچي ڇڙوڇڙ ڪيائين. رفيان ڳوٺ ۾ ٻنهي طرفن جي وچ ۾ سخت جنگ لڳي، جنهن ۾ سلطان محمود جي طرف جا ماڻهو تمام گهڻا قتل ٿي ويا. مرزا عيسى پوءِ درٻيلي ۾ وڃي ڇانوڻي ڪئي. سلطان محمود خان پنهنجو ٻيو لشڪر بکر مان روانو ڪيو، سو به اچي درٻيلي ۾ ڇانوڻي هڻي ويٺو. ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾ سخت جنگ لڳي آخر شيخ عبدالوهاب پوراني ۽ بيبي ماهه بيگم (1) جي ڪوشش سان ٻنهي طرفن جي وچ ۾ صلح ٿيو. مرزا عيسى پنهنجو لشڪر وٺي ٺٽي ۾ موٽي آيو ۽ سلطان محمود خان جو لشڪر موٽي بکر ڏي ويو. (تاريخ معصومي)

مرزا عيسى جي وفات

هجري سنه 974 (عيسوي سنه 1566) ۾ مرزا عيسى ڪجهه وقت بيمار رهڻ کان پوءِ وفات ڪئي. وفات کان اڳ مرزا عيسى پنهنجي ننڍي پٽ مرزا جان بابا کي ولي عهد مقرر ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو. پر بيبي ماهه بيگم جي مرضي هئي، ته مرزا عيسى جو وڏو پٽ مرزا محمد باقي ولي عهد ٿئي. مرزا عيسى انڪار ڪيو ۽ دورانديشي طرح چيائين ته ”مرزا محمد باقي ظالم طبيعت جو ماڻهو آهي. جيڪڏهن اهو تخت نشين ٿيندو، ته خلق کي آزاريندو. خود توکي به سندس هٿان تڪليفون پهچنديون.“ آخر مرزا عيسى وفات ڪئي. ماهه بيگم مرزا عيسى جو لاشو تيستائين مخفي رکايو جيستائين مرزا محمد باقي سيوهڻ مان ٺٽي ۾ اچي سهڙيو. مرزا محمد باقي جي اچڻ بعد مرزا عيسى جو لاشو ٺهرايل مقبري ۾ دفن ڪيو ويو. (تاريخ معصومي)

مرزا عيسى ڪل سترهن ورهيه کن حڪومت ڪئي.

مرزا محمد باقي جي حڪومت (سنه 1566ع کان 1584ع تائين)

مرزا محمد باقي جا ارغون سردارن سان ظلم

مرزا محمد باقي تخت نشين ٿيڻ شرط سڀ اختياريون ارغون سردارن جهڙوڪ مير قاسم ۽ مير ڪوچڪ وغيره جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيون. ارغون سردار تمام گهڻي الغرضائيءَ ۽ بي ڊپائيءَ سان پيا هلندا هئا. جيئن ته حڪومت جو اوائلي زمانو هو ۽ مرزا محمد باقي ڪو به دٻدٻو ۽ دهشت ڪانه ڪم آندي هئي، تنهن ڪري ارغون سردار سندس ڪو به ڊپ ڊاءُ ڪونه ڪندا هئا. جيڪڏهن مرزا محمد باقي زبانيءَ طرح ڪي نصيحتون يا جٺ ڦٺ ارغون سردارن کي ڪندو هو، ته انهن جو ڪو به اثر ارغون سردارن تي ڪونه پوندو هو. انهيءَ ڪري ملڪ ۾ بي انتظامي ۽ خرابي وڌڻ لڳي. اهو حال ڏسي مرزا محمد باقي کي اچي چڙ لڳي، سو ارغون سردارن ۾ عام ڪوس کڻي وجهارايائين ۽ مهاڻن ۽ ٻين سنڌي ماڻهن کي حڪم ڏنائين ته ارغون سردارن جا گهر ٻار لٽي ڦري انهن سان جهڙيون هلتون وڻين تهڙيون ڪن. انهيءَ ڪري ٿورڙن ئي ڏينهن ۾ ڪيترائي ارغون مارجي ويا ۽ سندن عزتون ۽ دولتون لٽجي ويون. جيڪي ارغون پاڻ بچائي سگهيا، سي بکر ۾ سلطان محمود خان وٽ وڃي نڪتا.(تاريخ معصومي)

تحفة الڪرام ۾ آهي، جڏهن مرزا محمد باقي تخت تي ويٺو، تڏهن ارغون سردار رنج هئا انهن جي مرضي نه هئي، ته مرزا محمد باقي تخت ۽ تاج جو ڌڻي ٿئي. مرزا محمد باقي وقت ٽپائڻ لاءِ ارغون سردارن کي خوش رکيو ۽ انهن کي خزانو ورهائي ڏيڻ جا دلاسا ڏنائين ۽ سڀ اختياريون انهن جي هٿ ۾ سونپيائين. پوءِ جڏهن ڏٺائين ته هاڻي ارغون سردار تمام گهڻي قدر مٿي تي چڙهي ويا آهن، تڏهن هڪڙي ڏينهن ڇا ڪيائين، جو پنهنجي محلات جي ماڙيءَ تي وڏيون صندوقون رکائي هر هڪ صندوق ۾ ٻه ٻه پهلوان مڙس هٿيارن سميت وهاريائين ۽ ٻيا هٿياربند ماڻهو پاسن ڪنڊن ۾ لڪائي بيهاريائين. اهي سڀ ماڻهو فقط آواز ملڻ جي انتظار ۾ هئا. تنهن کان پوءِ پيتين واري ماڙيءَ تي ارغون سردارن کي گهرائي چيائين، ته ”اوهين ڪيتري وقت کان وٺي خزانو گهرندا اچو بابي سائين ۽ مون هي سارو خزانو ڪن ضروري وقتن لاءِ پي سنڀالي رکيو. پر اوهين اڃا به خزاني ملڻ لاءِ طلب ڪري رهيا آهيو، تنهنڪري هي خزانو اوهان جي حوالي ڪري آءُ هيٺ لهي ٿو وڃان. اوهين پنهنجي مرضيءَ موجب هي سمورو خزانو ورهائي کڻو.“ ائين چئي پاڻ هيٺ لٿو، ته پيتين وارا هٿياربند ۽ ٻيا ڪنڊ ڪڙڇ ۾ لڪل سپاهي نڪري نروار ٿيا ۽ ماڙيءَ وارن ارغون سردارن مان هڪڙو به سلامت نه نڪتو فقط انهن جون سسيون ۽ عضوا ماڙيءَ کان هيٺ پي ڪريا. انهيءَ ڪوس کان پوءِ مهاڻا ۽ ٻيا ارغون سردارن جي حويلين تي بڇيائين، جن ارغون سردارن جي ٻارن ٻچن ۽ ڌن دولت سان هاڃا ڪري ڇڏيا. تنهن کان پوءِ مرزا محمد باقي خوش ٿي حڪومت هلائڻ لڳو. (تحفة الڪرام جلد 3)

مرزا محمد باقي تي سلطان محمود خان جي ڪاهه

 جيڪي ارغون پاڻ بچائي بکر کان وڃي نڪتا هئا، تن جا دردناڪ بيان ٻڌي سلطان محمود خان کي سخت غيرت ۽ غصو چڙهي ويو. هو وڏو ڪٽڪ وٺي مرزا محمد باقي سان جنگ ڪرڻ لاءِ ڪاهي آيو ۽ اچي نصرپور جي قلعي گي گهيرو ڪيائين. انهيءَ وچ ۾ سلطان محمود خان کي اطلاع مليو، ته شهنشاهه اڪبر پاڪ پٽن شهر ۾ حضرت شيخ فريد شڪر گنج (عليہ الرحمة) جي زيارت ڪرڻ آيو آهي ۽ اتان ٿي وري ملتان ۾ زيارت ڪرڻ ويندو. اها خبر ٻڌي سلطان محمود خان کي ويچار ٿي پيو، سو نصرپور جو گهيرو ڦٽو ڪري پنهنجو لشڪر ٻيڙين ۾ چاڙهي بکر ڏي روانو ٿيو. (تاريخ معصومي)

 

مرزا محمد باقي سان ڀاڻس ۽ ناٺيس جي مخالفت

مرزا محمد باقي جو ننڍو ڀاءُ مرزا جان بابا ۽ سندس ناٺي مرزا شادمان، جو مرزا شاهه بيگ جي ڀاءُ مرزا سلطان علي جي اولاد مان هو، سي ٻئي مرزا محمد باقي جي بي غيرتي جهڙي هلت ڏسي سندس برخلاف کڙا ٿيا ۽ بکر کان اچي نڪتا. سلطان محمود خان انهن سان نهايت محبت ۽ تعظيم سان پيش آيو ۽ جيئن انهن جي مرضي هئي، تيئن لشڪر ۽ جنگي سامان به انهن کي ڏنائين، جيڪي ٺٽي تي ڪاهي آيا ۽ هڪڙي وڏي کاهي کوٽي ان جي ٻيءَ ڀر ڇانوڻي ڪيائون. مرزا محمد باقي به پنهنجو لشڪر کاهيءَ جي سامهئين ڪناري تي آڻي گڏ ڪيو. ڪي ارغون بي غيرت ٿي مرزا جان بابا کان ڦري ويا، تنهن هوندي به مرزا جان بابا سميجه قوم جي ماڻهن کي پاڻ سان شامل ڪري جنگ شروع ڪئي. آب ڪلاڻيءَ جا ڏينهن هئا، تنهن ڪري بکر وارا سپاهي لاڙ ملڪ ۾ پير کوڙي نه سگهيا ۽ مرزا محمد باقيءَ جو مقابلو ڦٽو ڪري بکر ڏي هليا ويا.


(1)  تحفة الڪرام ۾ ”ترخان“ لقب بابت لکيل ٻه حقيقتون به سر ايليٽ صاحب پنهنجي تاريخ ۾ ترجمو ڪري لکيون آهن. (مؤلف)

(1)  تحفة الڪرام لکي ٿو مرزا عيسى بن مرزا محمد بن مرزا عبدالعلي ترخان (مؤلف)

(1)  ونگه پرڳڻو لاڙ جي ڏاکڻئين ڀاڱي جو نالو هو. هينئر انهيءَ ڀاڱي جو ڪجهه حصو بدين تعلقي ۾ داخل آهي ۽ ڪجهه حصو ٽنڊو باگو تعلقي ۾. (مؤلف)

(1)  بيبي ماهه بيگم مرزا شاهه حسن جي زال هئي. مرزا شاهه حسن جي وفات کان پوءِ مرزا عيسى ترخان ساڻس نڪاح ڪيو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31  32 33 34

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org