سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تذڪره امير خاني

باب؛ --

صفحو ؛ 4

 

گجرات جي تيولداري:

جلال آباد جي مهم جي نوعيت ۽ تفصيل ڪونه ڏنو ويو آهي، ليڪن هيٺين واقعن مان معلوم ٿئي ٿو، ته مير نمڪين کي جلال آباد جي مهم تي موڪلڻ سان گڏ، گجرات خورد (پنجاب) جي تيولداري به ڏني ويئي هئي، ۽ مير صاحب قياس آهي ته ذي القعد 1014 هه ڌاري آگري مان گجرات پهچي، انتظام ۾ مصروف ٿيو، ۽ اڃا جلال آباد طرف روانو ٿيو ئي ڪين هو، ته جهانگير جي پٽ شهزادي خسروءَ جي بغاوت در پيش آئي.

خسرو جي بغاوت:

جهانگير کي تخت نشين ٿئي اڃا پنج ڇهه مهينا مس گذريا، ته سندس خلاف شهزادي خسرو بغاوت شروع ڪئي، ۽ 8 ذي الحج 1014هه جو، هو آگري مان فرار ٿي، واٽ سان لـُـٽ ڦـُـر ڪندو، سڌو لاهور پهتو. جهانگير سيد فريد بخاريءَ ۽ چند ٻين اميرن کي سندس پٺيان موڪلي، ستت ئي پاڻ به اوڏانهن روانو ٿيو.

خسرو لاهور پهچي، شهر جي ناڪيبندي شروع ڪري ڏني. جڏهن سيد فريد بخاري سلطان پور(1) ۾ اچي پهتو، ان وقت خسرو ناڪيبندي کڻي، بيا(2) پهتو، جتي فريقين ۾ سخت جنگ لڳي، جنهن ۾ خسرو کي شڪست آئي، ۽ بقول صاحب ”ماثر الامرا“، تباهه حال ٿي، حيرت ۽ پريشانيءَ جي عالم ۾ اتان ڀڳو. کيس اها سڌ ڪانه ٿي پئي ته هو ڪهڙي طرف وڃي. جيڪي چند افغان ساڻس گڏ هئا، تن کيس صلاح ڏني ته دوآبي ٿيندو آگري هلجي، جيڪڏهن دارالسلطنت تي قبضو ٿي وڃي ته واه، ورنه اتان مشرقي صوبن ڏانهن هلجي- اهو ملڪ وسيع آهي، ۽ گهڻي تائين اتي مقابلو جاري رکي سگهبو. حسن بيگ بخشيءَ انهيءَ راءِ سان اختلاف ڪندي چيو ته ’اسان کي ڪابل هلڻ گهرجي‘. شهزادي جو مٿس اعتماد هو، جنهنڪري ان جي صلاح تي لڳي ڪابل ڏانهن روانو ٿيو.” (3)

بادشاهه سڀني صوبيدارن، جاگيردارن ۽ ملڪ جي مکيه ماڻهن ڏانهن حڪم جاري ڪري ڇڏيو هو، جنهنڪري سڀئي ماڻهو خبردار هئا ته جتي کيس خسرو ملي ته کيس گرفتار ڪن. خسرو پنهنجي چند ساٿين سميت گجرات جي سوڌرن(4) واري گهيڙ وٽ چناب ٽپڻ لاءِ اچي پهتو. ٻيڙي بيٺل ڪانه هئي. پري کان هڪ ٻيڙي گاهه سان ڀريل آئي ٿي، جنهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪيائون، ۽ اُن کي زوريءَ ڪناري تي آڻي، ان ۾ سوار ٿيا. انهيءَ وچ ۾ دانهن ۽ ڪوڪن تي اوسي پاسي خبر پئجي ويئي. ۽ سوڌرن جو چوڌري پنهنجي ماڻهن سميت اچي پهتو، جيئن شهزادو ڪناري تي لهي نه سگهي. صبح ٿيندي، ابوالقاسم نمڪين، جيڪو ان وقت گجرات ۾ تيولداري هو، اچي پهتو، ۽ اچڻ سان، بقول ”ماثر الامرا“:

”آن غريق بي راه روي را بقبضه آورده نظربند نمود“ (1)

جهانگير پنهنجي ”توزڪ“ ۾ انهيءَ واقعي کي مفصل لکيو آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو، ته ابوالقاسم پنهنجي پٽن سميت فوراً اچي واردات ٿي پهتو، ٻنهي طرفن کان تيربازي هلي، ۽ چئن ڪوهن تائين شهزادي جي ٻيڙي درياءَ جي سير ڏيئي هلندي رهي. ابوالقاسم نمڪين، هلال خان جي ذريعي درياءَ جي هڪ ڀر کي مضبوط ڪيو، ۽ ٻي ڀر سوڌرن جي چوڌري ڪمال خان جي ڄاٽي جهلي. مقابلو هلندو رهيو. آخر ۾ هاٿيءَ جي ذريعي ماڻهو شهزادي جي ٻيڙيءَ تائين پهتا، ۽ کيس گرفتار ڪري ڪناري تي وٺي آيا. اهو آچر جو ڏينهن ۽ 24 محرم جي تاريخ (1015 هه) هئي. ابوالقاسم شهزادي کي گجرات ۾ پنهنجي جاءِ تي وٺي آيو.

انهيءَ واقعي کي ”منتخب اللباب“، ”اقبال نامه جهانگيري“ ۽ ”ذخيرة الخوانين“ جي مصنفن تفصيل سان لکيو آهي(2) ۽ هر هڪ مصنف مير صاحب جي همٿ ۽ بهادريءَ جي ساراهه ۽ واکاڻ ڪئي آهي. ”ذخيري“ جي مصنف جا الفاظ هي آهن:

مير ابوالقاسم نمڪين راڪه پر گنه گجرات خورد(3) بود، خبردار ساختند - او در خدمت سلطان رسيده، بهزار حيل و تذ وير او را با حسن بيگ و عبدالرحيم با پنج و شش ڪس ديگر را بگجرات برده، اينها لا علاج شده... بقضا دادند....“

آگري کان هلي بادشاهه به 9 محرم 1015 هه جو اچي لاهور رسيو. 24 محرم جو امير ابوالقاسم خسرو کي گرفتار ڪيو، ۽ ڏهين يعني 3 صفر 1015هه جو کيس وٺي اچي لاهور ۾ بادشاهه جي اڳيان پيش ڪيائين.

خسرو جي سلسلي ۾ 9 محرم جو جيئن بادشاهه لاهور پهتو، تيئن سندس قول مطابق،(1) کيس اطلاع پهتو ته قنڌار جي پسگردائيءَ وارن قبيلن بغاوت ڪري، قنڌار تي حملو ڪيو آهي، ۽ اتان جو صوبيدار شاهه بيگ قلع بند ٿي ويهي رهيو آهي. بادشاهه کيس اڳ ئي بدلي ڪري چڪو هو، ۽ نئون صوبيدار سردار خان اوڏانهين لاءِ روانو ٿي، ملتان وٽ پهچي چڪو هو. بادشاهه مٿين حقيقت معلوم ڪري، ميرزا غازي ترخان کي پڻ لشڪر ڏيئي، قره بيگ سميت روانو ڪيو ته ملتان وٽ سردار خان سان ملي، اوڏانهن روانا ٿين.

قنڌار جي بغاوت جو بادشاهه کي تمام گهڻو اونو هو. ويتر خسروءَ جي بغاوت سبب اهو خطرو ٿيو ته اندروني بغاوت جون خبرون ٻڌي، متان قنڌار جا باغي زيادهه سرڪش نه ٿين. ليڪن چند ڏينهن بعد خسرو به گرفتار ٿيو ۽ سندس وڏي ۾ وڏو مددگار گـُـرو ارجن (2) به گرفتار ٿي پيش ٿيو، جنهن کي قتل ڪيو ويو، ۽ اهڙيءَ طرح اندروني خلفشار جيتوڻيڪ ختم ٿي چڪو، ليڪن بادشاهه قنڌار جي مهم جو اڃا به منتظر هو، تنهنڪري انتظار ۾ لاهور ترسي پيو.

12 شوال 1015 هه جو، ميرزا غازي فاتحاڻي انداز ۾ قنڌار داخل ٿيو،  جنهن جو اطلاع 22 ذي القعد 1015 هه جو بادشاهه کي لاهور ۾ پهتو.

جلال آباد ۾ مير نمڪين:

”ماثر الامرا“ جو قول آهي ته خسرو جي گرفتار ڪرڻ ۾ مير نمڪين جنهن همٿ کان ڪم ورتو، ان تي خوش ٿي بادشاهه کيس بکر جو صوبو جاگير طور ڏنو، ۽:

”اين حسن خدمت در پيشگاه خلافت باعث مجرا گشته      از اصل و اضافه بمنصب سه هزاري ترقي نموده.“ (1)

”ماثر“ جي انهيءَ قول جي ٻئي ڪنهن هنڌان تصديق ڪانه ٿي ٿئي. جهانگير به انهيءَ طرف اشارو ڪونه ڪيو آهي: پهرئين سال جي روزنامچي ۾ هن هڪ هنڌ هيترو لکيو آهي ته ”... اسان ابوالقاسم نمڪين جي منصب ۾ 15 سون جو اضافو ڪيو، هو منهنجي والد جو پراڻو خادم آهي.“ (2) جلال آباد جي مهم تي تقرر بعد کيس گجرات جو تيولداري ملي، انهيءَ وچ ۾ خسروءَ جو واقعو درپيش آيو، ممڪن آهي ته بادشاهه کيس بکر جو علائقو تنخواه ۾ ڏنو هجي، ۽ خسرو جي بغاوت ختم ٿيڻ بعد جلال آباد جي انهيءَ مهم تي کيس موڪليو ويو، جنهن تي هو اڳ ئي مقرر ٿو.

اسان جو خيال آهي ته مير صاحب جلال آباد 1015 هه جي آخر ڌاري روانو ٿيو. ڏهن مهينن بعد، 22 ذي القعد 1015هه جو، قنڌار جي فتح جي خبر بادشاهه کي پهتي. مقامي حالتن کي سازگار ڏسي، بادشاهه ڪابل ڏانهن وڃڻ جو خيال ڪيو، ۽ ذي الحج جي ابتدا يا وچ ڌاري، لاهور کان روانو ٿيو. 28 محرم 1016 هه جو، بادشاهه جڏهن درهِّ خيبر جي قريب علي مسجد وٽ منزل انداز ٿيو، ان وقت مير ابوالقاسم جلال آباد کان موٽندي اچي بادشاهه جي سلامي ٿيو. جهانگير ”توزڪ“ ۾ لکيو آهي ته ”... هتي ابوالقاسم نمڪين جلال آباد جي جاگيردار منهنجي لاءِ خوبانيون آنديون، جيڪي ڪشميري خوبانين کان خوبصورتيءَ ۾ گهٽ هيون.“ (1)

انهيءَ ساڳئي سلسلي ۾، اڳتي هلي، 3 صفر جي روزنامچي ۾ لکي ٿو ته ”... جلال آباد جي جاگير مير ابوالقاسم نمڪين کان ڦيرائي، اسان عرب خان کي ڏني...“ (2)

جلال آباد جي سلسلي ۾ اسان کي فقط اهي اطلاع ملي سگهيا، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڏينهن گهٽ ٻارهن مهينا مير صاحب جلال آباد ۾ گذاريا.

باجور جي قلعيداري:

مير نمڪين کي جلال آباد جي عيوض ڪهڙي جاگير ڏني ويئي، ۽ کيس ڪيڏانهن موڪليو ويو، گجرات خورد جي تيولداري، جيڪا کيس جلال آباد جي مهم کان اڳ ملي هئي، سا وٽس رهي يا ويئي- انهن سڀني ڳالهين جي وضاحت ٿيل ڪانه آهي، نه وري جهانگير يا ٻئي ڪنهن مؤرخ انهيءَ طرف اشارو ڪيو آهي. ميرڪ يوسف جي تاريخ مان فقط ايترو اشارو ملي ٿو ته مير 1016 هه ۾ باجور جو قلعيدار هو، جتان کيس بدلي ڪري ٻيو دفعو سيوهڻ موڪليو ويو، جنهن جو تفصيل هيٺ اچي ٿو.

اسان جو خيال آهي ته علي مسجد جي منزل تي، 3 صفر 1016 هه جو، جيئن بادشاهه جلال آباد جو حڪم عرب خان لاءِ ڪيو، تيئن ئي مير صاحب جو آرڊر به باجور جي قلعيداريءَ لاءِ ڪيو ۽ مير صاحب گهڻو ڪري اتان ئي باجور (3) هليو ويو.

سيوهڻ ۾ دوباره آمد:

سردار خان (توخته بيگ)، قنڌار ويندي، سيوهڻ جي نيابت پنهنجي هڪ ملازم درويش بيگ جي سپرد ڪيو ويو.

درويش بيگ جي ڏينهن ۾ سيوهڻ جي حالت وري خراب ٿي ويئي. جن قبيلن کي مير نمڪين زير ڪري پر امن شهري بڻايو هو، تن وري انتظامي ڍلائيءَ سبب، فساد ۽ لٽ ڦر شروع ڪري ڏني.

خبر نه ٿي پوي ته درويش بيگ سيوهڻ ۾ ڇا ڇا ڪيو، ليڪن اسان کي ميرڪ يوسف جي ذريعي فقط هيترو معلوم ٿئي ٿو، ته سيوهڻ جي سميجن تي، سندن بدڪردارين ڪري، درويش بيگ لشڪر ڪشي ڪئي، ويراون (؟) جو ڳوٺ ۾ درويش بيگ جي منزل هئي، رات جو سميجن شبخون هڻي، سندس لشڪر کي قتل ڪرڻ شروع ڪيو. ماڻڪ چند جيڪو سندس لشڪر جو مکيه عهديدار هو، سو پنجن سپاهين سميت مارجي ويو ۽ خود درويش به زخمي ٿي پيو.

صبح جو درويش بيگ شڪست خوردگيءَ جي حالت ۾، زخمن سان چور ٿي، سيوهڻ اچي پهتو، ۽ اتي انتقال ڪري ويو.

ميرزا غازي فتح ڪري، سردار خان جي حوالي ۾ ڏيئي، پاڻ موٽي اچي بکر ۾ ٻئي حڪم تائين ويهي رهيو. بادشاهه ڪابل جو دورو ختم ڪري، جڏهن موٽي لاهور آيو، ان وقت غازيءَ کي دربار ۾ پهچڻ جو حڪم موڪليائين. چنانچه ميرزا 12 شعبان 1016 هه ۾ لاهور پهچي، دربار شاهيءَ ۾ آستانه بوسي ڪئي. هڪ مهيني بعد، 10 رمضان 1016 هه جو، بادشاهه کيس قنڌار جي حڪومت جو پروانو ڏنو، ۽ ميرزا غازي اوڏانهين وڃڻ جي تيارين ۾ مصروف ٿيو. 11 مهينا کن غازيءَ تياريءَ ۾ ورتا. 14 رجب 1017 هه جو، کيس بادشاهه جلد قنڌار وڃڻ لاءِ ٻيو حڪم موڪليو، جيئن ته جهانگير پاڻ لکي ٿو ته:

”در 14 ماه مذڪور (رجب 1017 هه) حڪم ڪر دم ڪه ميرزا غازي متوجهه قنڌار شود- اتفاقات حسنه بمجرد آنڪ مرزاي مشاراليه از بڪهر روانه ولايت مذڪور گردد، خبر فوت سردار خان حاڪم آنجا مير سد، سردار خان از ملازمان مقرر و روشناس ميرزا محمد حڪيم عم من بود، توخته بيگ اشتهار داشت.“ (1)

مٿئين اقتباس مان معلوم ٿئي ٿو ته سردار خان جي زندگيءَ ۾ ئي بادشاهه ميرزا غازيءَ کي قنڌار جي حڪومت سپرد ڪري چڪو هو، ۽ جڏهن قنڌار وڃڻ لاءِ بادشاهه ٻيو حڪم (14 رجب 1017 هه) ڪڍيو، ان وقت کيس سردار خان جي انتقال جي خبر پيئي.(2)

درويش بيگ جي رسوا ڪن شڪست ۽ انتقال جي خبر، وقايع نويس جي ذريعي جيئن بادشاهه کي پيئي، تيئن هن مير نمڪين ڏانهن سيوهڻ وڃڻ لاءِ فرمان جاري ڪيو. اسان جو خيال آهي، ته درويش بيگ جو انتقال 10 رمضان 1016 هه کان اڳ ٿيو هوندو، ۽ 10 رمضان 1016 هه تي، جيئن قنڌار لاءِ ميرزا غازيءَ جو فرمان نڪتو، تيئن ئي بادشاهه سيوهڻ به سردار خان کان واپس ڪري مير نمڪين جي سپرد ڪيو هوندو. جيئن هيٺ معلوم ٿيندو.

ميرڪ يوسف لکي ٿو، ته درويش بيگ جي انتقال جي جڏهن بادشاهه کي خبر پهتي، تڏهن سيوهڻ سردار خان جي جاگير مان ڦيرائي سندس والد مير نمڪين کي ڏنو ويو.

”چون ابن خبر از نوشتهاي واقع نويسان بسمع حضرت جنت مڪاني رسيد، باز از تغير سردار خان ملڪ سهوان را در جاگير پير غلام مرحمت ڪردند“.

مير صاحب، جيئن اسان مٿي ڄاڻائي آيا آهيون، جلال آباد کان موٽندي، صفر 1016 هه باجور جي قلعيدار ٿي ويو، اٺن مهينن بعد، رمضان 1016 هه ۾، جيئن کيس سيوهڻ لاءِ حڪم پهتو، تيئن پنهنجو پٽ (ميرڪ يوسف) باجور کان سيوهڻ ڏياري موڪليائين ۽ پاڻ به پٺيان جلد ئي اچي پهتو.

”دوران وقت تهانه باجور حواله او بود، و از انجا اين خانه زاد راقم حروف را پيشتر با جميعت خوب سهوان فرستاد و متعاقت خود نيز رسيده آمد.“ (1)

ميرڪ يوسف لکي ٿو ته والد سيوهڻ ۾ اچي پهتو، ۽ ملڪ جي درستگيءَ لاءِ از سرنو ڪوشش شروع ڪيائين. انهيءَ زماني ۾ سردار خان جي فوت ٿيڻ جي به خبر قنڌار کان اچي پهتي.

”ملڪ ويران برهم خورده را ديده، باز درپي دلاساي رعيت بر ريخته ملڪ شده ملڪ را فراهم آورد، درين اثنا سردار خان قنڌهار جان بحق تسليم ڪرد.“ (2)

قنڌار روانگي:

مير نمڪين ٻيو دفعو ڏهه مهينا کن سيوهڻ ۾ رهيو (شوال 1016هه تا رجب 1017 هه)، ۽ ميرڪ يوسف جي قول مطابق، سيوهڻ جي انتظامي درستي ڪندو رهيو. 14 رجب 1017 هه جو، جيئن ميرزا غازيءَ لاءِ قنڌار وڃڻ جو حڪم صادر ٿيو، تيئن ساڳئي وقت مير نمڪين ڏانهن به فرمان پهتو ته هو به ڪمڪ طور ميرزا غازيءَ سان قنڌار گڏيو وڃي، ۽ تيسين اتي رهي جيسين ميرزا قنڌار جي انتظام تي پوريءَ طرح حاوي ٿئي.

درويش بيگ جي ڏينهن ۾، سنڌ جي لاکن تي سميجن ۽ انڙن سخت ظلم ڪيا هئا. درويش بيگ ڪمزور ۽ بيڪار هو، تنهنڪري مظلومن جو داد فرياد نه ڪري سگهيو، جنهن تي مايوس ٿي لاکن جا پريا مڙس جهانگير جي دربار ۾ دانهين ويا. بادشاهه کين مير نمڪين ڏانهن فرمان ڪڍي ڏنو ته هو چڱيءَ طرح سميجن جي گوشمالي ڪري، لاکن کي سندن ٿيل نقصان ڀرائي ڏئي. ميرڪ يوسف انهيءَ فرمان جو مطلب هنن اکرن ۾ بيان ڪيو آهي:

”در عملهاي سابق مردم لاکه را سميجه انر مخذول العاقبت زده، و تاراج ڪرده ملڪهاي آنها را در تحت خود برده بوند- بنابران جماع از مردم لاکه بدربار عالم مدار مستغاثي شده فرمان حضرت جنت مڪاني بنام پير غلام حالي ڪرده آوردند، باين مضمون ڪه ملڪ مردم لاکه را از دست سميجه بدبخت گرفته بمردم لاکه بدهد و سميجه تاديب خوب نمايد ڪه ازين شيوه متمردي منزجر شوند.“

يوسف لکيو آهي ته فرمان ۾ اهو به لکيل هو ته:

”و اگر عهده اين خدمت نمي تواند بر آمد، بدرگاه والا عرضداشت ڪند، ڪه بـجـاي او ديگري را باين خدمت تعين ڪنيم تاحق مظلوم گرفته و جدا ڪرده حواله مظلوم نمايد.“ (1)

ميرزا غازيءَ سان گڏجي وڃڻ ۽ سميجن جي گوشمالي ڪرڻ وارو فرمان ٻيئي هڪٻئي پٺيان گڏ پهتا. ميرزا غازي ان وقت قنڌار اُسهڻ جي تيارين لاءِ بکر ۾ مقيم هو. مير نمڪين به وٽس اتي وڃي پهتو.

”پدر غلام از سهوان بر آمده حسب الحڪم دربکر رفته ميرزا غازي را ملاقات ڪرد.“

مير صاحب کي ٻنهي فرمانن پهچڻ بعد اهو خيال ٿيو ته پاڻ سنڌ ۾ رهي، لاکن واري حڪم جي تعميل ڪري ۽ پنهنجي بجاءِ پنهنجي وڏي فرزند مير ابوالبقا امير خان  کي مضبوط لشڪر ڏيئي ميرزا غازيءَ سان قنڌار اماڻي. جڏهن ميرزا سان مشورو ڪيائين، تڏهن هن انڪار ڪيو-

”ميرزا غازي قبول نڪرد، و گفت شما بجاي پدر من ايد، همراه من باشيد ڪه مرد دانا ڪارڪرده و رسا ايد، يڪ مرتبه بقنڌهار رسانيده در ضبط و ربط ملڪ قنڌهار با من شريڪ بوده باز بجاگير خود ببايند.“ (1)

مير نمڪين مجبور ٿي پيو، ۽ بجاءِ ان جي جو پاڻ هتي رهي، سميجن جي سرزنش ڪري، پنهنجي پٽ ابوالبقا کي نائب طور سيوهڻ تي مقرر ڪري، ملڪي انتظام ۽ سميجن جي گوشماليءَ لاءِ پٺيان ڇڏيائين.

سيوهڻ جو قيام:

ميرڪ يوسف پنهنجي والد لاءِ لکي ٿو ته هو ٻه دفعا سيوهڻ جو صوبيدار ٿيو، ۽ ڪم و بيش ڇهه ورهيه انهيءَ علائقي ۾ رهيو.(2)

”و عمل پير غلام در هر دو مرتبه قريب شش سال بود“.

انهيءَ حساب جي پيش نظر ڀانئجي ٿو ته پهريون دفعو مير صاحب 1009هه کان 1013هه تائين تقريباً 4 ورهيه رهيو، ٻئي دفعي شوال 1016 هه کان 1019هه ۾ سندس وفات تائين تقريباً اڍائي ورهيه سيوهڻ سندس قبضي ۾ رهيو. اهڙيءَ طرح ساڍا ڇهه ورهين کن هن انهيءَ صوبي ۾ گذاريا.

سيوهڻ ۾ جيڪي مير صاحب انتظامي خواه ملڪي بهبوديءَ جا ڪم ڪيا، ان جو مفصل ذڪر ته ميرڪ يوسف ڪونه ڪيو آهي، البته اشارن ۽ ڪتابن ۾ جن واقعن جو اجمالي تذڪرو ڪيو اٿائين، ان مان ڪي اسان مٿي ڏيکاري آيا آهيون ۽ ڪن جو هن هيٺ ذڪر ڪريون ٿا.

صفه وفا:

مير صاحب جيئن بکر ۾ پنهنجي نشست لاء ”صفه ِّ صفا“ نالي درياءَ جي ڪناري هڪ خوش نما عمارت ٺهرائي هئي، تيئن سيوهڻ ۾ به ”صفه وفا“ نالي انهيءَ قسم جي جاءِ هن جوڙائي، جنهن جو ذڪر جدا عنوان هيٺ اسان ڪتاب جي آخر ۾ مفصل ڪري رهيا آهيون.

لڪياري ساداتن سان سلوڪ:

دادو ضلعي ۾ آمري ۽ لڪي ڳوٺن ۾ لڪياري ساداتن جو خاندان صدين کان آباد آهي. ميرڪ يوسف جو قول آهي ته شاهه حسن ارغون جي دور ۾ جڏهن همايون سنڌ (947 - 950 هه) ۾ آيو، ان وقت شاهه حسن سمورو ملڪ ويران ڪرائي ڇڏيو، جيئن بادشاهه کي گاهه ۽ ان ملي نه سگهي. انهيءَ زماني ۾ لڪيءَ ۽ آمريءَ جي ساداتن، جي مالدار ۽ وڏي اثر رسوخ وارا هئا، ۽ بقول ميرڪ يوسف نهايت ئي صحيح نسب هئا،(1) بادشاهه جي بيحد خدمت ڪئي.

”خدمت خوب از دست سادات لڪعلوي در حق عساڪر ظفر ماثر آمده بود..... ابن جماعه سادات بجا و مقام خودنشسته بودند- و از دانه و ڪاه و بز و گوسفند وغيره اشيائي ڪه بمردم سپاه درڪار مي شد، خبرداري مي گرفتند- و حضرت جنت نشاني (همايون) خدمتهاي اين جماعه را ديده خوشحال شدند. و فرمان عالي شان در باب سيور غال ديهه ايشان عنايت ڪردند.“ (1)

ميرڪ يوسف لکي ٿو، ته ڪيتري زماني کان وٺي، ملڪي مصيبتن ۽ ذاتي تباهين سبب اهي سادات بلڪل تباهه حال ٿي ويا هئا، ۽ پنهنجا ۽ ڳوٺ گهر گهاٽ ڇڏي، ڪاهان جي پرڳڻي ۾ وڃي ويٺا هئا. منجهن اها طاقت ڪانه هئي، جو وري موٽي اچي پنهنجي ڳوٺ ۽ گهرتڙ وسائين. جڏهن مير نمڪين پهريون ڀيرو سيوهڻ ۾ وارد ٿيو، ان وقت انهن ساداتن سان هن حد کان وڌيڪ سلوڪ ڪيا، کين ڍلن جون معافيون ڏنائين، لڏائي آڻي ڳوٺن ۾ ويهاريائين، ۽ ويران ٿيل زمينون کين آباد ڪرائي ڏنائين، همايون جا وٽن فرمان ڏسي، کين اها صلاح به ڏنائين ته دربار ۾ وڃي، انهن فرمانن تي جاگيرن جا نوان پروانا ڪڍرائي اچن. سادات سنبت ۾ هئا، جو بدقسمتيءَ سبب اوچتو لڪيءَ کي باهه لڳي، جنهن ۾ سندن سڀڪجهه سڙي ويو ۽ فرمان به باهه جو بک ٿي ويا.(2)

ساداتن تي مٿي ذڪر ڪيل تباهي ڇو آئي، هنن گهر گهاٽ ڇڏي، ڇو ڳوٺ ۽ زمينون ويران ڪري ڇڏيون- ان جي مفصل حقيقت ميرڪ يوسف ڪانه لکي آهي. البت هڪ هنڌ ضمناً ذڪر ڪيو اٿائين، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته سيوهڻ علائقي جي سميجن ۽ ٽاڪرو ڌاڙيلن سندن ڳوٺن کي بار بار لٽيو، ۽ ڪيترا دفعا سندن مال متاع هڻي ويا، آمريءَ ۽ ٺٽي ولي محمد کي انڙن لٽي ڦري ويران ڪري ڇڏيو هو، ۽ ڪيترا سيد ۽ سندن ماڻهو قتل ٿي چڪا هئا. ميرڪ يوسف لکي ٿو ته جڏهن شمشير خان قنڌار بدلي ٿي ويو، ان کان پوءِ انهن ڳوٺن تي تبائي آئي-

”رفته رفته از دست سميجه و مردم ڪوهي خراب ضايع شده. چناچه از مواضع سادات دو موضع، يڪ ڪوه آمري و ديگر موضع تتي ولي محمد ويران مطلق شدند، و اڪثر سادات اين مواضع را مردم ڪوهي و سميجه بدرجه سادات رسانيدند، ورعيت متفرق شده رفت.“ (1)

شمشير خان جي هجڻ تائين اهو علائقو نهايت آباد ۽ شاداب هو، آمري ۽ ٺٽي ولي محمد جو ذڪر ڪندي هڪ هنڌ ميرڪ يوسف لکي ٿو ته:

”تا انقراضي شمشير خان اوزبڪ نهايٽ آبادان و معمور بودند، و گذشت عمل او اڪثر سادات اين هرد و موضع از دست مردم نهمردي و سميجه اونر، بدرجهء شهادت رسيدند، و قليل ماندند، متصرف شده بهرجا رفتند.“ (2)

ديندار خان، پنهنجي دور ۾، آمري، سن جي ارباب سيد يوسف کي جاگير ۾ ڏني، ۽ ٺٽي ولي محمد، سيد حسن لڪياريءَ جي حوالي ڪيائين. ساداتن انهيءَ دور ۾ انهيءَ علائقي کي خوب آباد ڪيو. لڪيءَ جي ڳوٺ ۾ جيڪي سادات هئا، انهن سان پڻ ديندار خان اُهي ئي رعايتون ڪيون هيون- يعني، هڪ حصو سيد ابوبڪر جي اولاد ڏي ويندو رهيو ۽ هڪ حصو باقي ساداتن ۾ تقسيم ٿيندو رهيو ۽ ٻه حصا رعيت جي حوالي رهيا. اهوئي سبب هو، جو ديندار خان جي دور ۾ به ملڪ جو اهو حصو اهڙو ئي آباد ۽ شاد رهيو، جهڙيءَ طرح مير نمڪين جي زماني ۾.


(1) ڪپور ٿلي جي قريب سلطان پور تحصيل آهي.

(2)  بياس ندي.

(3)  ”ماثر الامرا“ ص. 3/77،

(4)  سوڌرهه‘ گجرانواله ضلعي جو هڪ قديم شهر آهي. گجرات جو ڳوٺ ۽ سوڌرهه هڪٻئي جي آمهون سامهون آهن، وچ ۾ چناب ندي وهي ٿي.

(1)  ”ماثر الامرا“ ص. 3/77.

(2)  ”منتخب اللباب“ ص. 252. ”اقبال نامه جهانگيري“ ص. 15-16. ”ذخيرة الخوانين“ ص. 80.

(3)  ”آئين اڪبريءَ“ جي مترجم بلاخمن لکيو آهي ته سوڌرا جو پتڻ جتان خسرو گرفتار ٿيو، وزير آباد جي اتر اولهه جي ڪنڊ تي آهي. چناب کي انهيءَ زماني ۾ اتان اڪربو هو، ۽ گجرات جو شهر به وزير آباد جي قريب هو. ص. 1/456.

(1)  ڏسو ”توزڪ جهانگيري“  

(2)  سکن جو پنجون گـُـرو ارجن - قتل ٿيڻ کان اڳ هن پنهنجي پٽ هرگوبند کي ڇهون گرو نامزد ڪيو.

(1) ”ماثر“ ص. 3/77.

(2)  ”توزڪ“ بيورج ص. 31.

(1) ”توزڪ“ بيورج ص. 102.

(2) ”توزڪ“ بيورج ص. 103.

(3)  باجور، دير، سوات ۽ چترال ايجنسيءَ جو هڪ شهر آهي، جنهن ۾ قلعو به آهي.

(1)  ”توزڪ“ ص. 73، بيورج ص. 151.

(2)  ”ماثر الامرا“ لکيو آهي ته 1016 هه ۾ توخته بيگ انتقال ڪيو. (ج: 1، ص. 482) انتقال جي تاريخ لکيل ڪانه آهي، ليڪن جهانگير جي ”توزڪ“ مان اندازو ٿئي ٿو، ته توخته بيگ 1016 هه ۾ نه بلڪ جمادي الثاني 1017 هه ڌاري فوت ٿيو، جو جهانگير 14 رجب جي روزنامچي ۾ ان جو ذڪر ڪيو آهي.

(1) ”مظهر ۽ ص. 2/304.

(2) ”مظهر ۽ ص. 2/304.

(1)  ”مظهر“ ص. 2/305.

(1)  ”مظهر ۽ ص. 2/305.

(2)  ”مظهر“ ص. 2/310

(1)  ”سادات لڪعلوي بسيار صحيح النسب اند“- ”مظهر“ ص. 2/374.

(1) ”مظهر شاهه جهاني“ ص. 2/74-275.

(2) ”مظهر شاهه جهاني“ ص. 2/74-275.

(1)  ”مظهر شاهه جهاني“ ص. 2/276.

(2) ”مظهر شاهه جهاني“ ص. 2/386.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org