سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تذڪره امير خاني

باب؛ --

صفحو ؛ 26

 

 

 

تعليقات

 

 

 

 

هيءُ ڪتاب 227 صفحي تائين،سال 1954ع کان اڳ تيار ڪيو ويو هو. ان کان پوءِ، صفحي 236 تائين، نئون اضافو سال 1956ع ۾ ڪيو ويو. گذريل چند سالن ۾ جيڪو نئون مواد ميسر ٿيو، سو تعليقات جي صورت ۾، ايندڙ صفحن ۾ پيش ڪجي ٿو.

 

ڪراچي                                        - حسام الدين راشدي

4- جولاءِ، 1961ع


 

 

ٺٽي جي جامع مسجد ۽ اُن جا ڪتبا

 

ڪتاب جي صفحي 87 تي، جامع مسجد جا فقط اهي ٻه ڪتبا درج ڪيا ويا آهن، جن جو تعلق مير ابوالبقا امير خان جي دور سان آهي. ليڪن هيٺ مسجد ۾ جيڪي به ڪتبا آهن اهي سڀ ڏيئي ڇڏيون ٿا، تاڪ پڙهندڙن لاءِ انهيءَ سلسلي ۾ ڪابه تشنگي باقي نه رهي، ۽ ڪتبا پڻ يڪجا ٿي وڃن.

 

ڪاتب

مسجد اندر هيٺين ڪاتبن جا ڪتبا موجود آهن:

(1) عبدالله (1068هه)

”تحفـة الڪرام“ ۾ خطاطن جي ذمري ۾ مٿئين ڪاتب جو ذڪر موجود آهي،نالو سيد عبدالله حسيني، ۽ لقب ”نازڪ رقم“.

(2) شيخ محمد فاضل

”تحفة الڪرام“ ۾ آهي: ولد شيخ محمد معاصر عهد شاهجهاني خط ثلث ۾ ‘نادره زمان’ هو. شيخ محمد فاضل جي پٽ جو نالو پنهنجي ڏاڏي تي محمد هو. ”تحفـة الڪرام“ جي لکڻيءَ مطابق اهو ‘محمد’ پڻ پنهنجي والد جهڙو بيمثال ڪتاب نويس هو. (3/241 فارسي)

(3) عبدالغفور (1057 هه)

(4) سيدعلي (1104 هه)

سيد علي بن عبدالقدوس مازندراني خط ثلث ۽ خط نسخ خواه ٻين خطن ۾ سيد علي (1) جو نظير هو. مخدوم الياس (2) سندس استاد هو، جنهن جي شاگرديءَ ڪيترا استاد پيدا ڪيا.(1)

(5) بنڀو بن حسين

(6) طاهر بن حسن

سيد حسن، ترخاني دور (962هه - 1021 هه) جو ماهر خوش نويس هو. پٽهنس محمد جامع هفت قلم هو، ۽ پنهنجي فن ۾ تمام مشهور هو. (”تحفـة الڪرام“، 3/241 فارسي)

ڪتبا

اوڀارئين حصي واري وچيئن دروازي جي اندرئين ڪناري تي، ٽن پاسن کان هيٺيون ڪتبو پٿر جي ٽن ٽڪرن تي نستعليق خط ۾ موجود آهي:

]1[

1- بـادشـاه  زمــانــه، شــــاه جــهان

مرتـفع جامع، ڪه گـنـبـدو  او        سايه

2- خاصـه بـهر خــداي ظــل خــــدا

فـر جامـــع، بحـڪم شــاه جهــــان

رضــوي انـقـِـســـاب  مــيـر،جــلال

3- بست فرشي ڪه، سنگ آن، ز صفا

ســــال تــعــمير آن،  دبير خرد

جامع تته دلڪشان پرداخت (2)
سايه برقبه سما پرداخت
خانه رحمت خدا پرداخت
 زبده آل مصطفي پرداخت
 ڪه وزارت،از و صفا پرداخت
 رشڪ جام جهان نما پرداخت
”فـرش مطبوع و دلڪشان“ پرداخت (3)

                                                            1068 هه مشقه عبدالله

اهو شاهه جهان جي بادشاهت جو آخري سال آهي، اورنگزيب رمضان 1068هه  ۾ کيس قيد ڪري، پاڻ ساڳئيءَ سال جي پهرين تاريخ ذي القعد جو تخت نشين ٿيو. مٿئين ڪتبي ۾ غالباً عمارت جي فقط انهيءَ حصي ۾ ٻڌايل فرش جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن کي شاهه جهان جي حڪم تي سيد مير جلال رضويءَ (1) (وزير ؟) پنهنجي نظرداريءَ هيٺ ٻڌايو. جيڪڏهن شاعراڻو مبالغو نه سمجهڻ ۾ اچي ته فرش اهڙو پالش ٿيل هو ڄڻ ان جي چمڪ ‘جام جهان نما’ جو ڪم تي ڏنو. انهيءَ تشبيهه جو مطلب اهو آهي ته فرش جي فالش اندر منهن ڏسڻ ۾ آيو ٿي. اهو فرش يقيناً شاهجهان جي گرفتاريءَ (رمضان 1068 هه) کان اڳ مڪمل ٿيو هوندو، ورنه عالمگير جي تخت نشينيءَ بعد ڪتبي ۾ سابق ۽ معتوب بادشاهه جي نالي ڄاڻائڻ جي ڪنهن کي جرئت ٿي سگهي ٿي!

انهيءَ اوڀارئين ڇتائين حصي جي ٻاهرئين دروازي جي مهاڙيءَ تي ٽن طرفن کان خط ثلث ۾ هيءُ ڪتبو آهي:

[2]

تبارک الذي نزل الفرقان ...........
..... تا ..... انـه کـان غفـورا رحيما.

(صدق الله العلي العظيم)

شيخ محمد فاضل (1)

انهيءَ مهاڙيءَ واري ڪتبي جي کٻي ۽ سڄي پاسي کان زرد پٿر تي هيءُ ڪتبو آهن:

[3]

ڏاکڻين پاسي کان-

چــون  صــاحــب  قــران  حــّهـــان    يافت ترتيب مسجدِ اعليٰ

 

 [4]

اترئين پاسي کان-

هــاتفــم گـفـت، سـال اتمامش،     ”گشت زيبا چو مسجدِ اقصيٰ“
                                              1057 هه

                                           مشقه عبدالغفور

مسجد جي انهيءَ اوڀارئين حصي ۾ اهي ئي چار ڪتبا آهن.

*      *      *

اولهائين ڇتائين عمارت جي مهاڙيءَ تي ساڳيءَ طرح ٻاهرئين پاسي کان ثلث خط ۾ قرآني آيات جو ڪتبو آهي.

 [5]

لقد صدق الله رسوله الرؤيا ......
... تا..... مغفرهِ و اجرا عظيما

                ڪتبه سيد علي بن سيد عبدالقدوس (1)

                               1104 هه

مشرقي مهاڙيءَ خواه انهيءَ مغربيءَ مهاڙيءَ وارا طويل ڪتبا جيڪي مهاڙيءَ جي ٽن طرفن کي وڪوڙي ويا آهن، پٿر جي مختلف ٽڪرن تي اڪريل آهن، ۽ انهن ٽڪرن کي بعد ۾ چوني جي گچ سان ديوار تي بترتيب هنيو ويو آهي.

انهيءَ مغربي ڇتائين حصي ۾ داخل ٿيڻ بعد وچين گنبذ جي هشت پهلو ڪرسيءَ جي چوڌاري ٽن حصن ۾ ثلث خط ۾ هيٺيون ڪتبو آهي، جيڪو ڪاشيءَ جي سرن تي لکيو ويو آهي:

[6]

سبحان الذي اسرايٰ ... تا ...

                ......... عذابا عليما.

                ڪتبه فقير طاهر بن حسن ڪاتب

اهو ڪتبو ٽن حصن ۾ ورهايل آهي، هر حصي جا پهريان لفظ هيٺينءَ طرح آهن:

(1) سبحان الذي ......

(2) السميع البصير .....

(3) نوح انه کان ....... (2)

خاص محراب تي پڻ ڪاشيءَ جي سرن مٿان ٽن پاسن کان هيٺيون ڪتبو خط ثلث ۾ موجود آهي، جنهن جي عبارت هن ريت آهي:

[7]

آقم الصلواة... تا ... رحوقا.
المشقه العبد الفقيـر بنبو بن حــسـين (1)

*      *      *

مسجد جي اتر ۽ ڏکڻ کان ڇتاوان ورانڊا ونگن تي هليا ويا، جيڪي ٻنهي پاسن کان مسجد جي اولهائين ۽ اوڀارئين حصي کي پاڻ م ملائين ٿا. اهي ٻيئي ورانڊا حجرن جي نموني تي ڪمرن وانگر ٺهيل آهن ۽ گمان اهو آهي ته انهن مان مڪتب ۽ مسافرخاني جو ڪم ورتو ويندو هو، جيئن انهيءَ دور جو دستور هو.

ڏکڻ کان جيڪو سلسلو آهي ان جي درمياني داخلي دروازي کان جڏهن مسجد ۾ اندر قدم رکجي ٿو ته کٻي هٿ کان اولهه طرف ٻئي نمبر ڪمري جي ونگ جي مٿان بلڪل وچ تي زرد پٿر تي هيٺيون ڪتبو نستعليق خط ۾ نظر ايندو:

[8]

پهرين سٽ:

نديده چشم فلڪ، مسجدي، بدين خوبي
که آمدند ملايک براي ديدن فيض
 

ٻي سٽ:

جستم از خرد و عقل، سال تعميرش
بديده، ڪرد اشارت که: هست ’معدنِ فيـض‘
                                             1054 هه

‘معدن فيض’ مان سال نڪري ٿو.

*      *      *

[9]

انهن مٿين ڪتبن کانسواءِ مسجد جي وڏي داخلي دروازي جي ٻاهران  ونگ جي مٿان هڪ ڪتبو لڳل هو، جيڪو جهونو ٿي وڃڻ سبب لاٿو ويو آهي. هن وقت (1- آگسٽ 1961ع) انهيءَ ڪتبي جي عبارت کي ساڳئي ئي هوبهو خط ۾ سنگمرمر تي اُڪاريو پيو وڃي، ۽ مرمت کانپوءِ اصلي ڪتبي جي بجاءِ اهو نئون ڪتبو نصب ڪيو ويندو. ڪتبي تي ڪلام مجيد جي سوره الجن جي ٻئي رڪوع جو هيٺيون ٽڪرو اڪريل آهي:

”تعليٰ الله وان المساجد لله فلا تد عوا مع الله احدا“

مٿي ڄاڻايل ڪتبن جا سال، ترتيبوار هن ريت آهن:

1054 هه- 1057 هه- 1068 هه- 1104 هه-

*      *      *


(1)  استاد مير سيد علي هراتي بن محمد باقر پنهنجي دور جو جيد ۽ لاثاني خطاط هو. سندس تاريخ وفات ۾ اختلاف آهي- 951هه -953 هه ۽ 966 هه سال ڏنا ويا آهن. سندس استاد جو نالو
 مولانا سلطان علي هو.

(2)  مخدوم الياس بن مخدوم يوسف نستعليق ۽ نسخ جو وڏو ماهر ۽ پنهنجي وقت جو جيد استاد هو. (”تحفـتهِ الڪرام“، 3/241 فارسي).

(1)  ”تحفـتهِ الڪرام“، 3/200.

(2)  پٿر جي ٽڪرن تي جيترا شعر اڪريل آهن انهن کي نمبر سان نروار ڪيو ويو آهي نمبر 1- وارا شعر اترئين پاسي کان آهن. نمبر 2- وارا شعر دروازي جي مٿان واري پٿر تي آهن، ۽ نمبر 3- وارا شعر ڏاکڻين طرف کان آهن. نمبر پهرئين ۾ پٿر جون چار سرون، ٻئي نمبر ۾ ڇهه سرون ۽ ٽئين ۾ نمبر ۾ چار سرون ڪتب آيل آهن.

(3)  شعرن ۾ ڪامائون، عبارت جي مفهوم کي واضح ڪرڻ لاءِ اسان ڏنيون آهن، ڪتبي ۾ ڪونه آهن. ڪتابت جو نالو چٽو نه آهي مٽجي ويل آهي، قريني مان عبدالله پيو معلوم ٿئي.

(1) مير جلال رضويءَ جي مزار مڪليءَ تي، شرفا خان جي جنوب مغرب ۾ آهي، دستوري پٿر جي نقشدار لوح تي هيٺيون ڪتبو اڪريل آهي:

(1) چـو سيدِ رضوي، مظهرِ جلال و جمال

ســر آمــدِ فـضـلا، پـيـشــواي اهــل ڪـمــال

(2) بخلد شد، پي تاريخ گفت، خازن خلد

 بر اوج جـنـت اعـــليٰ  مـقـام مـيــر جلال“.

گويا، مير جلال رضوي فرش ٻڌائڻ کان ڪم و بيش ٻه ورهيه پوءِ فوت ٿيو. سندس قبر ۽ ڪتبي جو فوٽو ڏيئي رهيا آهيون. 

(1)  هيءَ آيت سڳوري سوره فرقان ۾ آهي، ۽ هن ريت ٽن حصن ۾ ڪتبي تي ورهايل آهي:

            1- تبارڪ الذي نزل الفرقان ........

            2- و اتخذوا من دونه........

            3- تمليٰ عليه بکرة.......

(1)  سوره الفتح جو آخري رڪوع - ڪتبو هن ريت ٽن حصن ۾ ورهايل آهي:

            1- لقد صدق الله ..........

            2- السميع البصير ........

            3- الانجيل کزرع اخرج .....

(2)  هيءَ آيت سڳوري سوره بني اسرائيل ۾ آهي.

(1)  هن ڪتبي جو پهريون حصو جيڪو ”اقم الصلواة“ کان شروع ٿئي ٿو سئو ستن ڪاشيءَ جي سرن تي آهي. ٻيو حصو جيڪو محراب جي مٿان آهي ۽ فتهجدبه کان هلي ٿو، تنهن ۾ اٺ سرون آهن، ۽ ٽيون حصو جيڪو محراب جي ڏاکڻين پهلوءَ تي آهي ۽ من لدنڪ کان ان جي ابتدا ٿئي ٿي، ان ۾ ست سرون ڪتب آيل آهن. اها آيت سڳوري سوره بني اسرائيل ۾ آهي.

            1- اقم الصلواهِ ...

            2- فتهجد به ....

            3- من لدنک ....

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org