سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: لاڙ جا ماڳ مڪان

باب؛ 1

صفحو ؛ 7

 

 

 

 

 

ڀاڱو ٻيو

ڳٺي جو ڍورو

 

”پرڻي سا پرماڻ، جا ڳٺي جا وڻ اُڪري“

 

 

باب پهريون

ڳٺي ڍوري جو وهڪرو

ريڻ درياء قديم وهڪرو آهي. سنڌو درياء جا جيڪي قديم گس پئي رهيا آهن، انهن مان هڪ اِهو به هو. هينئر ريڻ جا پراڻا گس ۽ پنڌ ڳولڻ، انهن جي نشانن ۽ اهڃاڻن کي ڏسڻ به نصيب نٿو ٿئي. ڇوته، انهيءَ جي وهڪري جي سير ۾ جتي سوين سنسار رهندا هئا، جتي وڏا واڻ لهرن جي لپيٽ ۾ اچي ويندا هئا، اُٰتي اڄ هاري هر ڪاهي آبادي ڪري رهيا آهن، سارين ۽ ڪڻڪ جا فصل لهرون هڻي رهيا آهن. جتي اڳي وڏا وڏا ڪـُـن هوندا هئا، اُتي هينئر معمولي ڍنڍون وڃي رهيون آهن، جتي ريڻ درياء جو اِهو حال آهي، اُتي ڳٺي ڍوري جو  ڪهڙو حال هوندو؟ اُن جي وهڪري جا  نشان ڪيئن لهي سگهب ا؟ اِهو هڪ وڏو معاملو ٿي پوي ٿو. بهرحال مون ڪوشش ڪئي آهي، ته ڳٺي ڍوري جا پراڻا پيچرا ڳولي لهجن.

ڳوٺ غلام حسين جماليءَ جي اُڀرندي تان، پراڻي ڦليليءَ جي وهڪري واري هنڌ تان اڳي ريڻ درياءَ وهندو هو، اُن مان ڳوٺ غلام حسين جماليءَ جي ڀرسان ”ڳٺو ڍورو“ ڦـُـٽي ٿي نڪتو.

ڳٺي ڍوري جو قديم وهڪرو ريڻ کان نڪري اولهه ڏکڻ طرف رخ رکي ٿو. اِهو ڍورو پيرو لاشاريءَ جي ريلوي روڊ ۽ بدين حيدرآباد جي روڊ جي ڇهين ميل کان اولهه طرف وڃي مخدوم نوح جي ڪـُـنيءَ جي اُتر تان ٻاريجي ڍنڍ ۾ پوي ٿو. اُن جي ڏکڻ تان اِهو ڍورو دڦريءَ (1) ۾ وڃي پوي ٿو.

مذڪوره ڍوري جي آسپاس سڃاڻپ لاءِ ڳوٺ غلام حسين جمالي،
جمڙو پير، احمد شاهه، مخدوم نوح جي ڪـُـني ۽ رپ نالي سان ماڳ، مڪان ۽ اولياءَ ڪرام آهن. مذڪوره ڍوري جمالي غلام حسين جي ڀرسان اڳي هڪ وڏو ڪـُـنِ هوندو هو. جنهن جا نشان اڄ به ”دلن جي دڙي“ جي ڀرسان موجود آهن. انهيءَ ڪـُـن کي اڄ به ڪنب جو ڪـُـن ڪري چيو وڃي ٿو. اِهو ڪـُـن قديم وقت ۾ زبردست ۽ خطرناڪ ليکبو هو.

احمد شاهه جي ڀرسان، ڏکڻ تان اُوٺاري ڍنڍ آهي، ڳٺي ڍوري جي هڪ ڇاڙ انهيءَ ڍنڍ کان ٿيندي، ٿورو اوڀر ڏکڻ ڪنڊ تي ’ميئن موسي’ جي کاڻ ۾ وڃيو پوندي هــُـئي. انهيءَ کان پوءِ اها شاخ ٿورو اولهه طرف ور کايو، اُوٺڪي دڙي جي اُڀرندي تان لنگهندي هئي ۽ اِها شاخ اُڀرندي طرف لاڙو ڪريو ڀنڀرلو ڍنڍ ۾ وڃيو پوندي هئي. مذڪوره ڍنڍ مان اِها ڇاڙ پيرو لاشاري اسٽيشن جي ڀرسان اولهه طرف رخ رکندي هئي، ۽ وڃيو دڦري ڍنڍ ۾ ڳٺي ڍوري سان گڏبي هـُـئي. جيتوڻيڪ پيرو لاشاريءَ جي ڀرسان انهيءَ ڇاڙ جا نشان گهڻي قدر ختم ٿي ويا آهن، پر پيروءَ جي اسٽيشن جي سڌو اولهه تان ٿوري جـُـهڪاڻ انهيءَ وهڪري لاءِ شاهدي ڀري ٿي. اِها جهڪاڻ پيرو لاشاريءَ جي اولهه کان اڄ به موجود آهي. انهيءَ جـُـهڪاڻ جي ڏکڻ کان آرين جو دڙو هو، جنهن کي ڊاهي، آباديءَ لاءِ زمين هموار ڪئي ويئي آهي.

دڦري ڍنڍ کان پوءِ مذڪوره ڍورو اوڀر ڏکڻ طرف رخ رکي ٿو ۽ تاجن چانڊئي ۽ ناٿن چانڊئي جي ڳوٺ جي اولهه کان وهي، ڏکڻ اولهه طرف روانو  ٿئي ٿو. انهيءَ جي اڳتي وڌڻ جا آثار نذر علي چانڊئي جي ڳوٺ جي اُڀرندي تان ڏسي سگهجن ٿا. انهيءَ کان پوءِ مذڪوره ڍورو بدين ۽ گولاڙچي (ٽنڊو اڪرم) جي چوٿين ميل وٽ پهچي ٿو.

مذڪوره ڍورو حاجي هاشم چانڊئي جي ڳوٺ جي اولهه کان ٻن ڦاڪن ۾ ورهائجي ٿو. هڪ ڇاڙ اولهه طرف رخ رکي ٿي، جنهن کي مقامي ماڻهو
”آڏو ڳٺو“ جي نالي سان سڏين ٿا. حقيقت ۾ ماڻهو ”ڳٺو“ لفظ استعمال ئي گولاڙچي روڊ کان ڏکڻ واري ڍوري لاءِ ڪندا آهن ۽ اهو لفظ حاجي منڌري جي ڳوٺ تائين هن ڍوري لاءِ ڪم اچي ٿو، پوءِ وري به ماڻهو هن ڦٽوڙ کي ”ڍورو“ ڪري چوندا آهن ۽ ڪي ”ڦٽو“ به چوندا آهن. آڏو ڳٺو مورجهر نالي ٽپي، اولهه طرف ٿئي ٿو، اُتان ٿورو ڏکڻ ڏانهن موڙ کائي، انهيءَ موڙ جي اولهه تان وليج چڪ نمبر 66، جاکيجي نمبر ون اچي ٿو. انهيءَ موڙ جي ڪري انهيءَ ڳٺي کي ”آڏو ڳٺو“ به ڪري چوندا آهن. انهيءَ جڳهه کي ڪي ”آڏي ڳٺي“ جي بدران ”ٻير کڏو“ پڻ چوندا آهن. مذڪوره ڇاڙ اتان کان سڌو اُڀرندي لڙي ٿي، ڪو وڇڙيل جيئن پنهنجي وڏي سان ملڻ لاءِ حبائتو هوندو آهي، اهو موڙ بلڪل اصل ڳٺي سان ملڻ لاءِ انهيءَ حب جي تمثيل پيد ظاهر ڪري. آڏو ڳٺو، موجودهه مورجهر نالي کان اوڀر طرف لنگهي، ڀلو خاصخيليءَ جي ڳوٺ جي اُتر کان ٿي، شاهه اسماعيل جي ڀرسان اچيو اصل ڳٺي سان گڏجي.

اصل ڳٺو حاجي هاشم چانڊئي جي ڳوٺ جي اولهه کان ۽ حاجي عثمان چانڊئي جي ڳوٺ جي ڀرسان ٻن حصن ۾ ورهائجي ٿو: هڪ حصو وڃيو کنڀرو ڍنڍ ۾ داخل ٿئي ۽ ٻيو حصو ٿورو اُڀرندي لڙيو آجهڙي ڍنڍ ۾ ٿو پوي. آجهڙي ڍنڍ جي آسپاس ڪيترا ڳوٺ آهن، جن مان ڳنڀيرن جو ڳوٺ، ننگر چانگ جو ڳوٺ ۽ اولهه تان شير خان چانگ جو ڳوٺ آهي. آجهڙي ڍنڍ جي ڏکڻ کان ڏاتا واهه ڍوري تان لنگهي ٿو. ڏاتا واهه مان ڀلي خاصخيليءَ پنهنجو واهه ڪڍرايو هو، اُن ڪري ڏاتا واهه مان ڀلوءَ جو ڪڙيو ڳٺي جي ڍوري سان لڳ فقير جي ڪـُـن کي ڪٽي اڳتي وڃي زمين آباد ڪري ٿو. فقير جو ڪـُـن اصل ڍوري کان ٿورو ڏکڻ اوڀر طرف پنهنجي ڌار حيثيت جتائي بيهي ٿو. مذڪوره ڪـُـن کان پوءِ ڳٺو اولهه طرف روانو ٿئي ٿو، جنهن کي بيبين جو ڍورو ڪري سڏبو آهي. اِهو ڍورو اولهه طرف وڌيو، آڏي ڳٺي سان اچيو گڏجي. ائين اهي ٻئي ڇاڙون وريو مليو هڪ ٿيو وڃن. ورهاڱي جو وڇوڙو ختم ڪري، ڳٺو ڍورو اولهه ڏکڻ طرف روانو ٿئي ٿو، اُن ڍوري جي ٿورو اڳيان غلام حسين پرهياڙ جو ڳوٺ آهي، جتي اڳي توت بادشاهه جو ڪوٽ هو. اِهو ڳوٺ ڍوري جي کاٻي ڪناري تي آهي. اِتان اولهه ڏکڻ ڏانهن رخ رکي، اِهو وهڪرو پنهنجي ساڄي ڪناري تي ڳوٺ ڦتن پرهياڙ ۽ کاٻي ڪناري تي پير جنون، درس محمود ٻانهاڻي، ساميءَ جو دڙو ۽ سيد حسن جون يادگيريون رکندو، شيرخان چانگ جي قديم پڊ کان ڏکڻ ڏي رخ رکي ٿو، ڪيسر ٻائيءَ جي وٿاڻ کان پوءِ، اِهو وهڪرو سڌو ڏکڻ اولهه طرف وهي ٿو، جنهن جي ساڄي ڪناري تي اڪن واري ڪنگار آهي. اِها ڇاڙ گمان غالب آهي، ته پٽيهل درياءَ جي آهي، جا هن ڍوري سان اچيو گڏجي ٿي. موجودهه ڪنگار جي ڀرسان، اُڀرندئين پاسي هڪ نامعلوم ولي سڳورو ابدي آرام ڪري رهيو آهي. ڪنگار جي ڇن جي اُڀرندي تان صوڀي جو ڀـُـڙو آهي. ساڳيو ڍورو اتان ٿورو اڳتي هلي، اُڀرندي رخ رکي ٿو، جيڪو ڳوٺ غلام حسين پرهياڙ جي نئين ڳوٺ وٽان نانگ جيئن ور کايو اولهه ڏکڻ طرف منهن ڪري ٿو. انهيءَ هنڌ ڍوري جي اُڀرندي تان تاجن جو ڪوٽ هو ۽ سليمان شاهه به مذڪوره ڪوٽ جي اُتر اوڀر کان آرامي آهي. اِهو ڍورو پڻ تاجن جو ڳٺو سڏجي ٿو. هڪ ٻي به ڳالهه ياد رکڻ جهڙي آهي، اُها هيءَ ته ڪنگار جي ڇن کان ويندي تاجن جي ڪوٽ تائين جيڪو ڍورو آهي، اُن کي چانگن جو ڳٺو چئبو آهي. ڇو ته انهيءَ جي ساڄي ڪناري تي چانگن جا گهرڙا آهن. تاجن جو ڳٺو، چانگن جي ڳٺي کان پوءِ شروع ٿئي ٿو.

تاجن جي ڳٺي کان پوءِ، نم جو ڳٺو شروع ٿئي ٿو. اِهو ڍورو سڌو اوڀر کان اولهه طرف وڃي، نم جي دڙي وٽ ور کائي ٿو ۽ اولهه ڏکڻ طرف رخ رکي هڪ نامعلوم اولياءِ جي اولهه تان ٿورو ڦيرو کائي، مڱرو جي ڇن ۾ وڃي پوي ٿو. مڱروجي ڇن وٽ ڳٺو ڍورو ٻه حصا ٿئي ٿو. هڪ حصو ڪاجهر جي ڇن ۾ سڌو ڏکڻ طرف وڃي ختم ٿئي ٿو، ٻيو حصو اوڀر ڏکڻ تاجهڙي ڇن سان ساٿ ڏيئي، سهيلي منڌري جي ڪوٽ جي اولهه کان، اولهه ڏکڻ طرف منهن ڪري ٿو. تاجهڙي ۽ لنڊي ڇن جي ور ۽ وچ ۾ ڳوٺ حاجي منڌرو معروف ڳوٺ آهي. ڍوري کي لنڊيءَ ڇن وٽ هينئر سم نالي ڪاٽي ٿي. لنڊيءَ ڇن جي اوڀر تان قاضيا واهه (پراڻو) ويجهو آهي. قاضيا واهه جي اُڀرندي تان گجڻ پير جو قبو آهي. اِهو قبو ڇن لنڊي کان پڻ ڏسي سگهجي ٿو.

ڳٺي جو ڍورو لنڊي ڇن کان ڏکڻ طرف وهندو، غير معروف هنڌن تان گذرندو، آخر ابراهيم ٻـُـچي جي ڳوٺ جي اولهه تان ٿو لنگهي. ابراهيم جي ڳوٺ جي اولهه تان ۽ پڻ ڍوري جي ساڳئي طرف کان شيخ نورئي جو قبرستان آهي ۽ ساڳئي نالي سان دڙو  به آهي. شيخ نورئي جي ڏکڻ تان ڳٺي ڍوري جي ڪيٽيءَ ۾ راجا نند جو ”نند ڪوٽ“ آهي. مذڪوره ڪوٽ کان پوءِ ڍورو ڏکڻ طرف وڌي ٿو. ٽن- چئن ميلن جي پنڌ ڪرڻ کان پوءِ، ڍوري کان 2 ميل اوڀر طرف ڀڳڙا ميمڻ جو ڳوٺ آهي. ڍورو ساڳيو رخ وٺي، ڏکڻ طرف گولي منڌري جي ڳوٺ جي اولهه کان ڏيڍ ميل پنڌ تان لنگهي، هميت ڍنڍ ۾ ٿو ڪري. اِها ڍنڍ ڪوهن ۾ آهي. انهيءَ ڍنڍ سان جڏهن سانڍوهه ڍنڍ وابستا ٿئي ٿي، تڏهن اڃا به هن ڍنڍ کي وڏائي ۽ جاجهه پلئه پئي ٿي. هميت ڍنڍ جي اولهه کان ٽي چار لاڳيتا ڪـُـن پڻ آهن. اها پڻ ڳٺي ڍوري جي هڪ ڇاڙ ليکجي ٿي. سانڍوهه ڍنڍ جي ڏکڻ کان درگاهه شيخ پير قرهيو ڀانڊاري آهي. هميت ڍنڍ جي ڏکڻ اولهه تان سهڻيءَ جو دڙو آهي. سهڻيءَ جي دڙي کان اِهو ڍورو ڏکڻ طرف وهي، سرن جي ڪـُـن مان پئي، جکار جي اولهه تان وهي، رڻ ۾ پئي ٿو ۽ پوءِ لاڳيتو وهي، ڪيناهه جي ڪـُـن ۾ ڪـُـهري ندي (ڪوري ندي) ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. ساڳئي هنڌ پٽيهل دريا، ريڻ درياء به ڪنهن زماني ۾ ڪوريءَ ۾ اچي ڪرندا هئا.

 (ڳٺي ڍوري جو وهڪرو، ڍنڍون، تلاءَ ۽ ڪـُـن)

ڳٺي ڍوري جي آسپاس وارا ڳوٺ ۽ گام

ڳٺي ڍوري جي آسپاس هينئر جيڪي موجودهه ڳوٺ آهن، انهن ڳوٺن جو سهارو ڪو ڳٺو ڍورو ڪونه آهي، پر ٻيا واهه ۽ ڪسيون انهن ڳوٺن جي آبپاشيءَ جون گهرجون پوريون ڪن ٿا. انهن ڳوٺن جو، ته فقط انهيءَ ڪري ذڪر ڪيو آهي، ته هن قديم ۽ پراڻي ڍوري جي نشاندهيءَ ۽ ڳولا ۾ آساني ٿئي ۽ انهيءَ ڪري به اُهي ڳوٺ ڪجهه اهميت جا حامل آهن، جو پراڻي ڍوري جي پراڻن رهاڪن جون نيون وسنديون آهن. انهن بستين مان اسان کي ڳٺي ڍوري جي ڪناري تي وسندڙ قومن جي چـُـرپـُـر جو ڌنڌلو خاڪو ذهن ۾ اُڀري ٿو اچي.

هيءُ ڍورو جيئن پراڻ کان ٽٽي ڌار ٿيو، اولهه ڏکڻ ڏي رخ رکندو هو، ته انهيءَ کي قديم وقت ۾ دل ذات جو ڪوٽ منهن پوندو هو. هينئر دل ذات وارن جي ڪوٽ جي ڀر سان غلام حسين جماليءَ جو ڳوٺ موجود آهي ۽ دل ذات وارن جو دڙو ويران ٿيو پيو آهي. غلام حسين جي ڳوٺ کان ٿورو اولهه ڏکڻ هلي، هي ڍورو ٻن شاخن ۾ ورهائبو هو. هڪ شاخ ساڳيو رخ وٺيو اولهه ڏکڻ ويندي هـُـئي. اُن کي مخدوم نوح رح جي ڪـُـنيءَ جي اُلهندي کان ڏکڻ ڏي مڙندو ڏسبو هو. اِها شاخ رپ جي اولهه کان ڏکڻ ڏي وڌندي ويندي هئي. انهيءَ شاخ ۾ ٿورو ڏکڻ هلڻ سان اُها ڇاڙ به اچيو گڏبي هئي، جيڪا ڇاڙ ميئن موسي جي ڀرسان، پيرو لاشاريءَ جي لڳ وهيو، سڌو اوٺڪيءَ دڙي جي ڏکڻ تان ٿيو، اولهه ڏکڻ رخ رکندي هئي ۽ وڃيو رپ کان ايندڙ شاخ ۾ گڏبي هئي. پوءِ ڳٺي جو ڍورو ڏکڻ طرف وهندو هو. اُن جي اولهه ڪناري تي هينئر ڪارن چانڊئي جا گهر آهن، جن مان تاجن چانڊئي، ناٿن چانڊئي ۽ نذر علي چانڊئي جا ڳوٺڙا مشهور آهن. اِها ڳٺي ڍوري جي ڌارا ڏکڻ ڏي وهندي، موجودهه بدين ۽ ڪراچي رستي کي 4 ميل وٽ گڏبي هئي. هينئر انهيءَ ڍوري جي اولهه تان فريد فارم آهي.

ڪراچي ۽ بدين روڊ جي ڏکڻ کان ويندي حاجي منڌري جي ڳوٺ تائين، هن ڍوري کي ماڻهو ڳٺي جو ڍورو چوندا آهن، نه ته اُتر طرف ڪٿي هن کي ڍورو ته ڪٿي ڦٽو ڪري چوندا آهن ۽ حاجي منڌري جي ڳوٺ کان ڏکڻ ۾ به هن ڍوري جي نالي سان ساڳئي حالت ٿيندي پئي رهي آهي. رستي جي ڏکڻ کان ٿورو ڏکڻ هلي اِهو ڍورو ٻن حصن ۾ ورهائجي ٿو. هڪ اولهه طرف رخ رکي ٿو ۽ وليج چڪ نمبر 66 جاکيجي ون کان اُڀرندي، نانگ وانگر وٽ کائي مـُـڙي ٿو. اِهو وليج زمين کي غلام محمد بئراج جي سڌارن موجب مليو آهي، نه ته، اڳي انهيءَ جڳهه تي ماڻهن کي بگهڙ کائيندا هئا. ڳٺو پوءِ اُڀرندي وري ٿو ۽ ڀلو خاصخيليءَ جي ڳوٺ کان ٿي اچيو اُن ڇاڙ سان گڏجي، جا حاجي هاشم چانڊيو، حاجي عثمان چانڊيو، ڳنڀيرو، ننگر چانگ، فقير جي ڪـُـن ۽ شير خان چانگ جي ڳوٺ جي ڀرسان وهيو ٿي اچي. اهي ڍورا ڦتن پرهياڙ جي ڳوٺ جي اُتر کان پاڻ ۾ گڏجي وري ڏکڻ طرف رخ رکن ٿا. ڦتن پرهياڙ ۽ غلام حسين پرهياڙ جا ڳوٺ ڏسيو، ڳٺو اولهه ڏکڻ ڏي رخ رکي ٿو. انهيءَ ڍوري کي موڙ ڪيسر ٻائيءَ جي ڳوٺ وٽان اچي ٿو، جنهن کي هينئر اڪبر آباد چون ٿا. ڪيسر ٻائي جي وٿاڻ کان ڳٺو ڏکڻ ور کايو اوڀر لهي ٿو ۽ غلام حسين پرهياڙ جي نئين ڳوٺ جي ڏکڻ تان ٿي، تاجن منڌري جي ڳوٺ جي اُلهندي تان وهي اولهه طرف رخ رکي ٿو. تاجن منڌري جي ڳوٺ جي ڀرسان، تاجن منڌري جو پراڻو ڪوٽ هو. جيڪو ڪلهوڙن نابود ڪيو. ڳٺي جي انهيءَ ور ۾ ڳٺائي چانگن جا گهر آهن. اُن کان پوءِ هن ڍوري جو ڏکڻ طرف لاڙو ٿئي ٿو. گهڻو ڏکڻ هلڻ کان پوءِ سهيلي منڌري جو ڪوٽ ملي ٿو، اِهو ڪوٽ ڳٺي ڍوري جي اُڀرندي تي واقع آهي. انهيءَ کان ٿورو ڏکڻ کان ڳٺي جي ڪنڌيءَ جي اولهه تان حاجي منڌري جو ڳوٺ آهي. انهيءَ کان پوءِ اِهو ڍورو ڏکڻ ڏانهن وهندو وڃي ابراهيم ٻـُـچي جي ڳوٺ جي اولهه کان وهي ڀڳڙا ميمڻ، گولو منڌرو ۽ ڳوٺ پير شيخ قرهيو ڀانڊاري جي اولهه تان، اٽڪل روءِ ٽي ميل پنڌ تان وهي وڃيو ڪـُـهريءَ ۾ ڪري.

اهي ڳوٺڙا هن ڍوري جي آسپاس موجود آهن. انهن ڳوٺن مان ڪن مکيه ڳوٺن جو ذڪر ڍوري جي نشاندهيءَ لاءِ هيٺ ڪجي ٿو:

(الف) ڳوٺ غلام حسين جمالي:

ڳوٺ غلام حسين جماليءَ کي ڪوهر جمالي پڻ چئبو آهي. هن ڳوٺ ۾ اڳي استاد غلام محمد جمالي فائينل جي تياري ڪرائيندو هو. هر سال پاڻ اٽڪل 50 کان مٿي شاگرد موڪليندو هو ۽ گهڻو ڪري سڀ جا سڀ پاس ٿيندا هئا. هن اسڪول ۾ ڪي غريب شاگرد پڻ فائينل جي تياري ڪرڻ ايندا هئا.

سنڌي فائينل جي بند ٿيڻ کان پوءِ، انهيءَ اسڪول جو ڦٽي وڃڻ قدرتي هو. استاد صاحب به تلهار لڏي ويو. مذڪوره اسڪول ڦٽي ويو آهي. جمالي به گهڻا لڏي اچي تلهار ۾ رهيا آهن. انهيءَ ڳوٺ جي ڏکڻ اوڀر کان ”دل ذات جو دڙو“ آهي، جنهن جي ڀرسان ”ڪنب“ جو وڏو ڪـُـن آهي، جو ڳٺي جي ڍوري جو وڏي ۾ وڏو ڪـُـن ليکجي ٿو.

(ب) پيرو لاشاري:

هي بدين حيدرآباد ريلوي رستي تي مشهور اسٽيشن آهي. چون ٿا ته، جڏهن ريلوي لائين وڇائي رهيا هئا ۽ اتي اسٽيشن قائم ڪري رهيا هئا، تڏهن پڇا ڪيائون ته هـِـتي ڪو ڳوٺ آهي يا نه؟ ڏس ملين ته پيرو لشاري ڀرسان رهي ٿو. پوءِ اسٽيشن جو نالو انهيءَ تان رکيو ويو.

هن اسٽيشن جي ڀرسان ڳٺو ڍورو گذرندو هو. پيرو لاشاريءَ جي اسٽيشن تي شين جا ٻه ٽي دڪانڙا آهن. هن اسٽيشن جي اُڀرندي تان ٻن ميلن جي مفاصلي تي، شاهه گـُـهريو جو قبرستان ۽ مقبرو آهي. جنهن جا شيخ مجاور آهن. پير شيخ قرهئي ڀانڊاريءَ وانگر هي بزرگ ڏاتار پير سان طريقت واري سلسلي ۾ ڳنڍيل آهي. هن درگاهه تي فيبروريءَ ۾ ميلو لڳندو آهي، جيڪو هفتو کن هلندو آهي ۽ اتي جا رهاڪو مريدن جي آرام لاءِ ننڍيون ننڍيون اوطاقون اڏيندا آهن. هن ميلي تي پنجن هزارن تائين ماڻهو زيارت لاءِ ايندا آهن. شاهه گهرئي جي درگاهه ڏانهن وڃڻ لاءِ اتان ئي رستو آهي.

ٿورو پريان اسماعيلي خواجن جو مرشد شاه طريل جو مقبرو آهي. پر اُن درگاهه تائين پهچڻ لاءِ تلهار کان آسانيءَ سان پهچي سگهجي ٿو. تلهار کان نڪري، ٽنڊي باگي جي رستي تان شاهه طريل جي درگاهه تي اسماعيلي پهچندا آهن. آغا خانين جي سنڌ ۾ اِها وڏي ۾ وڏي درگاهه آهي. اِها درگاهه پڻ پيرو لاشاريءَ کان صاف نظر پيئي ايندي آهي.

پيرو لاشاريءَ جي ڀرسان ٽالپرن، خاصخيلين، ملاحن، اوٺن ۽ ٿيٻن جا ڳوٺ آهن. پيرو لاشاريءَ جي اُلهندي ۽ ڏکڻ کان آرين جو دڙو آهي. مذڪوره دڙي مان شاهه جهان جي وقت جا سڪا هٿ لڳا آهن. آرين جو دڙو ٺڪراٺ جو ميڙ هو، هينئر اُتي ٻني ٿي ويئي آهي. پيرو لاشاري جي اوسي پاسي ڇڙوڇڙ نموني ۾ تاريخي مواد تمام گهڻو پيل آهي. ڪو ڳولائو هٿ ڳنڍي لڳندو ته سهڻي ۽ گهڻي معلومات ملڻ جو وڏو امڪان آهي.

 (ج) ڳوٺ مولوي تاج محمد چانگ:

هيءُ ڳوٺ مخدوم نوح رح جي ڪـُـنيءَ جي اولهه کان آهي. هن ڳوٺ ۾ 20 کن گهر آهن. هن ڳوٺ جي اُتر کان اڌ ميل تي ڳٺو ڍورو وهندو هو. اِهو ڍورو آڳاٽي وقت کان وهي وڃيو دڦري ۽ مڇياريءَ ڍنڍ ۾ پوي ٿو. مڇياريءَ جا چانگ مشهور آهن. تاج محمد وارا چانگ به انهن چانگن سان لاڳاپيل آهن.

 (د) رپ:

پراڻي ڳٺي جي ڪناري تي ”رِپُ“  نالي ننڍڙو ڳوٺڙو پڻ آهي. ”رِپُ“ جو جمع ”رپون“ آهي. ”رِپَ“ لفظ جي معنيٰ آهي وڏي آفت، مصيبت، وڏو پٿر ۽ پڻ رپ جي معنيٰ ”چالاڪ“ ۽ ”هوشيار“ به آهي. رپ تي اِهو نالو ڇا تان پيو، سو پتو ڪونه آهي. هن ڳوٺ ۾ ٿيٻا رهن ٿا. محمد اشرف ٿيٻو مشهور ٿي گذريو آهي.

محمد اشرف ٿيٻي 40 ورهين جي ڄمار ۾، پهرين نومبر سن 1955ع ۾ وفات ڪئي. پاڻ هڪ دفعو حج ڪرڻ ويو ته پاڻ سان 8 ٻيا به  ماڻهو حج تي وٺي ويو هو. پاڻ مهمان نواز به اول درجي جو هو. جيستائين وٽس ڪو مهمان نه ايندو هو، تيستائين ماني نه وڻندي هئس. پاڻ ته اڀرا سڀرا ڪپڙا پائيندو هو، پر نوڪرن کي سهڻا ۽ مهانگا ڪپڙا وٺي ڏيندو هو. گهڻا ماڻهو پاڻ کي رئيس جي بدران نوڪرن کي رئيس سمجهندا هئا. هرڻ جو شڪار شوق سان ڪندو هو. مـِـيون بهاء الدين ساجن جي وسيءَ وارو سندس مرشد هو. اُن جو ڏاڍو لحاظ رکندو هو. قبله سائين عالي شاهه جيلانيءَ جي ڪوٽ تي ايندو هو، تڏهن وڏي دروازي وٽ جـُـتي لاهي ڇڏيندو هو. وڏيري جا نوڪر ۽ ٻيا ڏاڍي ملڪيت کائيندا هئا. پاڻ چوندو هو، ته ”منهنجو ويندو ئي ڪونه. هو رڳو پنهنجي اکين جو ڍءُ ٿا پلين.“

هن جي فرزند مدرسي کي هاءِ اسڪول ۾ تبديل ڪيو. وڏيري محمد اشرف ٿيٻي وٽ هڪ ٻه ڪارون ائين ئي رهنديون هيون، پر تڏهن به گهوڙي تي چڙهي ۽ پنڌ ڪندو هو. جڏهن به کري تي ويندو هو، پوءِ دل کولي سخاوت ڪندو  هو. ڪڏهن ته کرن جا کرا خيرات ۾ لٽائي ڇڏيندو هو. نوڪر چوندا هئس ته: ”سائين ائين ڪندا ته پٺيان پورت ڪونه ٿيندي.“ تڏهن چوندو هو ته، ”پورت ڪرڻ وارو مالڪ آهي. هيءُ اُن جو ڏنو آهي، اُن جي نالي ڏبو، ته کوٽ نه پوندي.“

رپ ۾ پرائمري ۽ هاءِ اسڪول آهن. ٻهراڙيءَ ۾ وڏيرن جو اِهو ڳوٺ هڪ مثالي ڳوٺ آهي. مذڪوره وڏيرو مخدوم نوح جي ڪـُـنيءَ تي ايندڙ سڀني ماڻهن کي ماني کارائيندو هو ۽ سندس فرزند محمد رحيم ٿيٻو به پنهنجي ابي ڏاڏي جي ڪار ڪندو اچي.

(هه) ڪارا چانڊيا:

ڳٺي جي ساڄي ۽ کاٻي ڪنڌيءَ تي ڪارن چانڊين جا ڳوٺڙا آهن. جن مان تاجن، ناٿن ۽ نذر علي چانڊئي جا ڳوٺ خاص ڪري مشهور آهن. مذڪوره چانڊيا ”ڪارا چانڊيا“ ڪري سڏبا آهن. پراڻي وقت ۾ اِهي گهر چوريءَ کي پنهنجو ڌنڌو سمجهندا هئا.

پر هاڻي ڪجهه ساڃهه جو ثمر مليو اٿن، ۽ صفا اڳوڻي وانگر چوريءَ تي لاهيو پاهيو ڪونه ٿا وهن. ٻنيون ٻارا به ڪندا آهن، پر جي ڪو چور وٽن اچي پناهه وٺندو آهي، ته آئي جو قدر ڪندا آهن.

ڳالهه ٿا ڪن، ته نذر علي چانڊئي جو والد بزرگوار دوست محمد چانڊيو عرف دوسو چانڊيو، انگريزن جي ڏينهن ۾ مشهور چور هو. انگريزن ڪيتريون کيس سزائون ڏنيون، پر باز نه آيو. تڏهن لاچار ٿي کيس ڪاري پاڻيءَ ڏانهن موڪلي ڇڏيائون. پوءِ پوئين ڄمار ۾ موٽي مـُـلڪ آيو. ڪـِـن اهو به ٻڌايو، ته اِهي ڪارا چانڊيا مشهور چور انگريزن جي به خلاف هوندا هئا. ڪاري پاڻيءَ جي سزا انگريزن دوسو چانڊئي کي رڳو انهيءَ ڪري ڏني هئي، جو هـُـن انگريزن جو سک ڦـِـٽائي وڌو هو. آخر انهيءَ اڙٻنگ مڙس کان هو ڪڪ ٿي پيا ۽ ڪاري پاڻيءَ جو کيس منهن ڏيکاريائون، پر هو مڙس، تڪليفون سهي، ڏک ڪاٽي موٽي آيو. مئو وري به پنهنجي وطن ۾. اُن جو اولاد سندس جاءِ ڀريو ويٺو آهي.

(و) ڳوٺ حاجي لکاڏنو چانڊيو:

حاجي لکاڏنو چانڊيو پنهنجي ڳوٺ جو پريو مڙس هو. سندس ڳوٺ ۾ مسجد ۽ اسڪول سان گڏ اوطاق به ٺهيل آهي. هن جي ڳوٺ ۾ ڪولهي، خاصخيلي ۽ چانڊيا رهن ٿا. جن جا تقريباً 20-25 گهر ٿيندا.

(ز) حاجي عثمان چانڊيو

ڳٺي ڍوري جي اڀرندي ۾، گولاڙچي- بدين روڊ جي ڏکڻ کان ڳوٺ آهي. هن ڳوٺ ۾ چانڊيا، مهاڻا، ڪولهي ۽ خاصخيلي رهن ٿا. ڳوٺ ۾ ڪـُـل 50 کن گهر ٿيندا.

(ح) شيرخان چانگ (ننڍو):

لاڙ ۾ شيرخان چانگ جهڙو ڏاهو ۽ مٿير مڙس پونئين دور ۾ ٻيو ڪونه سـُـجهي. هن بزرگ کي گهڻائي سال دنيا ڇڏي ٿي ويا هوندا. سندس جنازي ۾ پير عاليشاهه جيلاني خود ڪهي وڃي شامل ٿيو. هونئن پاڻ مريد ملوڪ شاهه جو هو، پر اُهو گهڻو دير سان اچي مرحوم جي لاش تي پهتو. پيرن جا جڏهن جهڳڙا هئا، تڏهن شيرخان چانگ، ملوڪ شاهه جي طرفان قبله سائين عاليشاهه جي خلاف خوب ڪم ڪيو هو. پر تنهن هوندي به قبله سائين کي اِهو بزرگ ڏسندو هو، تڏهن اچيو قدمن تي ڪرندو هو، ۽ قبله سائين جو ادب بجا آڻيندو هو. مون شيرخان چانگ کي سندس ڳوٺ ۾ سن 1955ع ڌاري ڏٺو هو. اُن وقت آءٌ بدلي ٿي سندس ڳوٺ ويو هوس. اسڪول ۾ هڪ به ٻار ڪونه هو. ڳٺي جي ڍوري جي کاٻي ڪپ تي عثمان چانڊئي جو اسڪول هو، ٻار گهڻو ڪري اوڏانهن هليا ويا. عثمان چانڊيو ۽ هي بزرگ پاڻ ۾ ڪونه ٺهندا هئا. ڇوته، هو سائين عاليشاهه جو مريد هو. شيرخان چانگ جو خيال هو، ته ماستر جي رپورٽ ڪندو، ته اسڪول ۾ ٻار نه آهن، ته اسڪول بند ٿي ويندو. اِها منهنجي بي عزتي ٿيندي. اِهو ڏسي هن ٻين ماسترن وانگر مون کي به چيو، ته ”ٻار ٻار ڪجهه به ڪونهي. توکي ڪوڙيون سچيون حاضريون ڀرڻيون پونديون. اسڪول خلاف رپورٽ نه ڪرڻي پوندي. آفيسر ڄاڻن آءٌ ڄاڻان. جڏهن ايندين تڏهن ٻوڙ ماني ملندءِ. جي گهر ويٺو هوندين، ته به پرواهه نه آهي.“ ٻڌو هوم، ته ماڻهو ڪنهن اُٻهرائي جي ڪم ڪرڻ واري کي مهڻو ڏيندي چوندا هئا، ته ”ڪم ته ڪي شيرخان چانگ جهڙا اٿئي.“ هينئر آءٌ خود اُن مرحوم اڳيان هوس. سوچيم ته ڦاٿس ته چڱو. عافيت اُن ۾ هـُـئي ته هـُـنَ سان ”ها“ ۾ ”ها“ ملايان. مون ائين ڪيو. هن مون کي يڪدم ”سمجهو“ چيو ۽ چيو ته، ”جي هيڏانهن هوڏانهن ڪرين ها، ته ڪر خبرون به لوڪ سان ڪرين ها.“ مرحوم مري ويو آهي. مون کي به مرڻو آهي، هن جو وڏو نڪ طوطي وانگر وريل ۽ وڏو پٽڪو ۽ شوخ اکيون اڄ به ياد پيون اچن. مون اِهو احوال پنهنجن آفيسرن سان ڪيو. هو اُن سان پـُـڄي ڪونه سگهيا، البت چرٻٽ راجا جي قانون کي ياد ڪري، مون کي بطور ”سزا“ اشرف آباد ۾ بدلي ڪرائي ڇڏيائون.

مرحوم شيرخان چانگ پنهنجي ڪيس جو ڪڏهن به وڪيل نه ڪندو هو. وڪيلن کي به منجهائي وجهندو هو ۽ پاڻ گهڻو ڪري ڦڏن، فسادن، ڪيسن ۽ شنواين ۾ گذاريائين. گهڻا ٻالا ڀولا ماڻهو وٽانئس اچيو صلاحون وٺندا هئا ۽ جيڪو سندس صلاحن موجب هلندو هو. سو ڪورٽ مان ڪيس کٽيو ايندو هو.

مذڪوره شيرخان چانگ شاهه قادريءَ جي مقام ۾ آرامي آهي. اهو ننڍو شيرخان هو ۽ سندس والد جو نالو ڪمال خان هو. پاڻ چانگن جو پٽيل  هو. هن بزرگ جو وڏو شيرخان ميرن جي ڏينهن ۾ ڳوٺ غلام حسين پرهياڙ جي ڳوٺ جي ڀرسان رهندو هو. اُن جو ذڪر اڳتي هلي ايندو.

(ط) ڳوٺ فقير جو ڪـُـن:

هن ڳوٺ ۾ بهراڻي فقير رهندا آهن. اِهي فقير ڪوٽڙي اولياءَ جا مجاور آهن. مذڪوره اولياءَ تي 8- ذي الحج تي ميلو لڳندو آهي. اِهو اولياءَ شيرخان چانگ جي ڳوٺ جي ڏکڻ طرف ڍوري جي اُلهندي تان ميل کن پنڌ تي آهي. گهڻو ڪري سڀني اوليائن جا مجاور پنڻ کي شيوو بنائيندا آهن، پر هي اِهي فقير آهن، جن پنڻ جي بدران ٻني ڪري پئي گذر سفر ڪيو آهي.

 (ي) ڀلو خاصـخيلي:

ڀلو خاصـخيليءَ جو ڳوٺ اڳي ڳٺي جي اُڀرندي کان هيٺاهينءَ ۾ هو،
سن 1913ع ۾ ٻڌڪـُـن وٽان سنڌونديءَ کي گهارو پيو. سڄو ملڪ ٻڏي ويو. اُن وقت ڀلو خاصخيلي اُتان لڏي، شاهه اسماعيل جي اولهه تان پراڻو دڙو هو، اُتي اچي ويٺو. انهيءَ دڙي جو اصل نالو الائي ڇا هو، پر هينئر اِهو ڀلو خاصخيليءَ جو ڳوٺ سڏجي ٿو. هن ڳوٺ ۾ هينئر 10 کن گهر آهن. هن ڳوٺ جي ڏکڻ کان ستين جو مقام آهي. هن ڳوٺ ۾ صرف خاصـخيلي رهندڙ آهن.

(ڪ) غلام حسين پرهياڙ:

هيءُ ڳوٺ توت بادشاهه جي ٿلهي تي ٺهيل آهي. ڦتن پرهياڙ جي ڳوٺ جي اُڀرندي ۾ واقع آهي. هن ڳوٺ جو وڏيرو 60 کن ورهين جو ٿيندو. هن ڳوٺڙي ۾ ميگهواڙ، ڪڇي، گهنان، پنجابي ۽ ٻيا رهن ٿا، جن مان پرهياڙ سڀ کان  گهڻا رهن ٿا. غلام  حسين پنهنجو نئون ڳوٺ تاجن جي ڪوٽ جي ڀرسان وڃي ٻڌو آهي، پر هن ڳوٺ سان سندس تعلق رهندو پئي آيو آهي. هن ڳوٺ کي ٻوڏ جو منهن ڏسڻو نٿو پوي، ڇوته دڙي تي ٺهيل آهي. اُن دڙي تي جتي اڳي توت بادشاهه جو ڪوٽ هو، اُتي هينئر مذڪوره ڳوٺ جا باشندا رهن ٿا.

(ل) ڦتن پرهياڙ جو ڳوٺ :

هيءُ ڳوٺ سن 1913ع ۾ ٻڌڪن جي ٻوڏ کان پوءِ ٺهيو. جيتوڻيڪ هن ڳوٺ جو پايو ڦتن پرهياڙ وڌو، پر هينئر هن ڳوٺ ۾ هڪ به پرهياڙ ڪونه ٿو رهي. هن ڳوٺ ۾ ملاح، شيخ، گهنان، ماڇي، ميمڻ وغيره رهن ٿا. هن ڳوٺ ۾ ويهارو کن گهر ٿيندا. ڳوٺ ۾ اسڪول ۽ مسجد به آهي.

(م) حاجي منڌرو:

ڳٺي جي تاجهڙي ڇن ۽ لـُـنڊي ڇن جي اولهه ۾ ۽ ڪاجهر ڇن جي اوڀر ۾ حاجي منڌري جو ڳوٺ آهي. حاجي منڌري سان سال 23 آگسٽ 1968ع ۾ بدين ۾ ملاقات ٿي هئي. پاڻ اُن وقت 50-55 ورهين جو هو. پاڻ ٻڌايائين ته، ”اسين انهيءَ پڊ تي آڳاٽي وقت کان ويٺا آهيون. منڌرن جي پراڻن دشمنن مان ورڙ آهن.“ هن ڳوٺ ۾ 20 کن گهر آهن. ڳوٺ ۾ اسڪول ۽ مسجد شريف به آهي. مٿي ذڪر ڪيل ڇنون هينئر ٻنين ۾ تبديل ٿي رهيون آهن.

(ن) ڳوٺ ابراهيم ٻـُـچو:

ابراهيم ٻـُـچي جو ڳوٺ ڀڳڙا ميمڻ کان اُتر اولهه طرف ٻن ميلن جي مفاصلي تي واقع آهي. ڳٺو ڍورو هن ڳوٺ جي اولهه کان لنگهي ٿو. هن وسنديءَ جي اولهه کان شيخ نورئي جو دڙو آهي ۽ اولهه ڏکڻ طرف نند ڪوٽ آهي، جنهن سان ”مومل ۽ مينڌري“ جو قصو واڳيل آهي.

 (س) ڳوٺ ڀڳڙا ميمڻ:

هيءُ ڳوٺ ڳٺي ڍوري کان ٻه ميل اوڀر تي واقع آهي. هن ڳوٺ ۾ ميمڻ منڌرا، شيخ، ملاح ۽ ٻيون برادريون رهن ٿيون. جيتوڻيڪ هي ڳوٺ ڳٺي ڍوري کان ٻه ميل اوڀر طرف آهي، پر مذڪوره ڍوري جي اُهڃاڻ ڏيڻ لاءِ انهيءَ ڳوٺ جو حوالو ضروري آهي، ڇوته ٻيا ڳوٺ غير معروف آهن.

(خ) ڳوٺ گولو منڌرو:

هيءُ ڳوٺ ڳٺي جي ڍوري کان ڏيڍ ميل اوڀر طرف ٿيندو. ”هميت ڍنڍ“ جيڪا، ٻن ميلن کان به وڏي آهي، سا ذري گهٽ گولي منڌري جي ڳوٺ سان اچي لڳي ٿي. هتي جا رهندڙ منڌرا، سوڍا، ملاح درگاهه شيخ پير قرهئي ڀانڊاريءَ جا معتقد ۽ مريد آهن.

(ض) ڳوٺ پير شيخ قرهيو ڀانڊاري:

هيءُ ڳوٺ اڳي شهر هو. هينئر رڳو کنڊر رکي ٿو. درگاهه کان ٻن ميلن تي سهڻيءَ واري دڙيءَ کان ڳٺي ڍوري جو وهڪرو ڏکڻ طرف وڃي ٿو، پر هميت ۽ سانڍوهه ڍنڍون هن ڳوٺ سان اچيو اڌ ميل تي بيهن. انهيءَ لحاظ کان اِهو پراڻو تاريخي ڳوٺ ڳٺي ڍوري جي ڪنڌيءَ تي ساريو ويو آهي. هي ڳوٺ اڳي ”مرکان جو ڳوٺ“ سڏبو هو، پوءِ پڻي شيخ ٿيا، ته ڳوٺ سندن مرشد پير قرهئي ڀانڊاريءَ جي پٺيان قرهئي ڀانڊاريءَ جي نالي سان سڏيو ويو. مذڪوره بزرگ سومرن جي ڏينهن ۾ وصال ڪيو. سندس مضبوط مقبرو غلام شاهه ڪلهوڙي تعمير ڪرايو ۽ هن درگاهه کي ”شاهه ڪرهه“ جي نالي سان ياد ڪيائين. هتي ڪجهه عرصو پاڻ رهيو ۽ پاڻ لاءِ ڪوٽ به ٺهرايو هئائين.

هتي جا شيخ مشهور معروف پئي رهيا آهن. قرهئي جي شيخن جا ٽي وڏا پاڙا آهن، جهڙوڪ: ”گهمناڻي“، ”رمضاڻي“ ۽ ”پٺاڻڪي“. هنن بزرگن مان مرکان، شيخ الله بچايو ۽ ٻيا اديب ۽ شاعر ٿي گذريا آهن. هن درگاهه تي سال بسال پوهه مهيني جي پهرين سومار تي ميلو لڳندو آهي. هن ڳوٺ کان اوڀر  ۾ ٻن ميلن تي پراڻ جو وهڪرو آهي. هن ڳوٺ کان پوءِ ڳٺو ڍورو موجوده رڻ مان وهي وڃي، ڪوري نار ۾ پوندو هو. هينئر رڳو نشان وڃي رهيا آهن.

--------


(1 دڦري ڍنڍ هينئر به، بدين ضلعي جي اهم ڍنڍن ۾ شامل آهي، جتان پکي ۽ مـڇيءَ جو گهڻو شڪار ٿئي ٿو. هن ڍنڍ جي مڇي مشهور آهي. (ليکڪ)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org