سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: قديم سنڌ

ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو

باب؛ 3

صفحو ؛ 8

 

اگهم ڪوٽ

اهو شهر اگهم لوهاڻي جو ٻڌل هو. جنهن جو ذڪر سنڌ جي تاريخ ۾ راجائن جي احوال ۾ ڏنل آهي. هن شهر ۾ ڪيترا اولياءِ ٿي گذريا:

(1) مخدوم اسماعيل سومرو_ هن ساري عمر پيري تائين رياضت ۾ گذاري. مهمانن ۽ مسافرن ۽ طالبعلمن کي عمدا طعام کارائيندو هو ۽ پاڻ جَوَ جي ماني تي گذاريندو هو. هن جون ڪرامتون مشهور آهن. مخدوم سڌَو ۽ مخدوم عثمان سندس مريدن  مان مشهور ٿيا.

(2) درويش دائود ۽ ميان همون. ٻئي مخدوم اسماعيل جي وقت جا هئا. انهن ٻنهي جي مدرسن ۾ اٽڪل پنج سئو ماڻهو قرآن ۽ حديث جو علم پڙهندا هئا ۽ هو انهن کي خوراڪ ۽ پوشاڪ ڏيندا هئا. اهڙن ڪمن جي ڪري مرزا محمد باقي سندن زمين ۽  پوکن جي ڍل معاف ڪري ڇڏي هئي. انهيءَ هوندي به هو پاڻ فقر ۽ فاقي ۾ رهندا هئا ۽ جون جي ماني تي گذاريندا هئا

(3) شيخ نورالدين؛اصل سوستان يا سيوهڻ جو ويٺل هو  ۽ سندس وصيت هئي ته جي مران ته اتي مون کي دفن ڪجو، سگهو ئي پوءِ سيوهڻ جي ويجهو وفات ڪيائين، سدس جنازو پاڻيهي اٿي هليو ۽ ڪانڌي به ساڻس هليا ۽ اچي اتي اگهم ڪوٽ کي ويجهو بيٺو جو جيئري اها جاءِ پسند ڪئي هئائين. اتي دفن ڪيائونس.

(4) درويش سليمان_ هن کي چار زالون هيون. جن مان هڪڙي سان زياده محبت هيس. پر هوءَ شوخ طبيعت ۽ نافرمان هئي. هڪڙي ڀيري چڙ ۾ بزرگ انڌي سڏيس.. ته انڌي ٿي پئي. پوءِ مٿس رحم آيس ۽ دعا ڪيائين ته سڄي ٿي پيئي. مطلب ته جيڪي واتان نڪرندو هوس سو ٿيندو هو.

(5) درويش عمر بودلو_ مجذوب ۽ واصل باالله هو. اوائل ۾ ماڻهن کان ڀڄندو هو۽ جهنگ ۽ برپٽ  ۽ جبلن  ۾ گذاريندو هو. آخر اچي  اگهم ڪوٽ ۾ ٽڪاڻو ڪيائين. ماڻهو وٽس ايندا هئا ۽ فيض حاصل ڪري ويندا هئا. درويش وهنيو. جنهن جو مٿي ذڪر آيو، سو به هن درويش جو معتقد هو ۽ هن جي صحبت ۾ رهيو هو.

(6) حمزو پڙهيار ۽ خليفو محمد شريف ۽ سيد يونس اصل متعلوي ۽ ان جو پٽ سيد عبدالله ۽ سيد فقير به وقت جي بزرگن مان هئا.

جوُن

هيءُ چاچڪن جي پرڳڻي جو مکيه شهر هو. جنهن پرڳڻي کي اڳي سرڪار چاچڪان چوندا هئا. هن شهر ۾ توڙي آس پاس ڳوٺن ۾ وڏا وڏا بزرگ ٿي گذريا آهن. ڪي مشهور هيٺ ڏجن ٿا.

(1) درويش حاجي سوره هن مخدوم نوح ۽ اسماعيل جاڪه ۽ سيد رڪن الدين ۽ سيد عبدالڪريم کان فيض حاصل ڪيو ۽ گهڻا مريد هئس.

(2) درويش موسيٰ به مشهور سنڌ جو اولياءَ هو. درويش بهاوالدين گودڙيو پهرين هن فقير جو مريد هو. پوءِ مخدوم نوح وٽان فيض پرايائين.

(3) سيد حميد_ سيد محمد مڪئي جي اولاد مان هو، جنهن جو ذڪر بکر ۾ آيو آهي. بکر ۽ لوهريءَ ۾ پنهنجا مائٽ ڇڏي هتي اچي رهيو. سندس اولاد مان سيد محمد علي ۽ سيد محمد باقر لڏي ٺٽي ويا، جتي سندن ذڪر ايندو.

(4) مخدوم نورنگ جوُن تعلقي جي درياهه ڳوٺ ۾ هو. مشهور مشايخن مان هو. سندس پٽ مخدوم عبدالحميد ۽ انهيءَ جو پٽ مخدوم اسحق به عالم ۽ عارف ۽ متقي ٿي گذريا. انهيءَ جو پوٽو وري مخدوم رحمت الله هو، جنهن جو ذڪر ٺٽي ۾ ايندو.

(5) مخدوم الياس_ شيخ شهاب الدين سهروري جي پوٽن مان هو. جو قسمت سانگي سنڌ ۾ اچي نڪتو. سندس پٽ مخدوم هارون ٺٽي ۾ وڃي رهيو، جنهن جو پٽ مخدوم ضياءَ الدين هو، جو ٺٽي ۾ ايندو.

بدين

هيءُ به مشهور قديم شهرآهي. چوڻ ۾ ٿو اچي ته هي شهر عيسوي ارڙهين صدي جي وچ ڌاري هڪڙي هندو سانولي نالي جو ٻڌل هو. جو ٽيهه ورهيه پوءِ مدد خان پٺاڻ ٻين ڪيترن شهرن سان گڏ ويران ڪيو. ٻن ڦٽلين مسجدن جي پهڻن تان سنه 632 ۽ سنه 987 هه لڌو آهي. هن شهر ۾ گهڻا بزرگ هئا:

(1) درويش ڀنڀو ناريجو ۽ حافظ دائود ۽ شاهه نور ۽ شاهه قادري درگاهن وارا آهن. شاهه قادري جنهن جو نالو شهاب الدين هو، تنهن جي اولاد مان سيد عارف شاهه ۽ انهيءَ کان پوءِ سيد بهار شاهه ۽ پوءِ سيد موليڏنو سجاده نشين ٿيا. هتي هر سال ميلو لڳندو آهي.

(2) مخدوم طغاچي جي درگاهه الهندي ڏي آهي. سندن معتقدن مان مخدوم صالح هو، جو سندس ويجهو دفن ٿيل آهي. انهيءَ جو پٽ مخدوم يوسف ۽ انهي جو  پٽ مخدوم عثمان ۽ انهيءَ جو پٽ مخدوم عبدالرحيم هو. جو شاهه جهان بادشاهه جي زماني ۾ ٺٽي جو مفتي ٿيو ۽ اُتي وڃي رهيو. انهيءَ جو پٽ ميان اسدالله بدين ۾ رهيو ۽ اتي جو مفتي ٿيو ۽ انهيءَ جو ٻيو ڀآءٌ مخدوم عبدالرحيم ٺٽي جي بيان ۾ ايندو. مخدوم حاجي به مشهور هو ۽ درگاهه وارو ٿيو.

(3) سيد مير جي درگاهه شهر جي ڏکڻ ڏي آهي. سندس پٽ سيد عبدالله ۽ انهيءَ جو پٽ سيد محمد زمان سجاده نشين ٿيا ۽ سندس گهڻا مريد معتقد هئا.

(4) قاضي عبدالملڪ وڏو علم ۽ عمل وارو بزرگ هو. سندس پوٽو قاضي امان الله ۽ انهيءَ کان پوءِ قاضي ڪرم الله مشهور ٿيا.

(5) مير سلطان شاهه_ خواجه خليل خان ٺٽي جي نواب جو ڀاڻيجو هو. جڏهن اهو موقوف ٿيو، تڏهن هيءُ سندس ڀاڻيجو ٺٽي ۾ آيو ۽ مامي جي جاگير هٿ ڪيائين. پوءِ ميان ابوالقاسم نقشبنديءَ جو مريد ٿيو ۽ بدين جي پسگرادائي ۾ رهي پيو. براسه جو ڳوٺ سندس ٻڌل هو. بزرگي ۽ ڪرامت وارو هو

(6) ملا قيصر، جنهن جو نالو عبداللطيف هو. سو فاضل ۽ عالم ۽ شاعر هو. ڇهين ڇهين مهيني ٻه تڏا عالمگير بادشاهه ڏي تحفو ڪري نيندو هو ۽ لائق انعام ملندو هوس. پڇاڙيءَ جي ڏينهن ۾ بادشاهه ماهيانو يا ساليانو مقرر ڪري ڏنس ۽ آسودو پيو گذاريند هو.

(7) شيخ اسماعيل قريشي_ شيخ بهاوالدين ملتاني جي اولاد مان هو. شيخ ابن شاهه. جنهن جو ذڪر هيٺ ايندو. سو انهيءَ جي اولاد مان هو. انهيءَ جو پٽ شيخ عالم شاهه هو. جو سند س جاءِ تي ويٺو.

(8) ميان محمد زمان مشايخن مان هو ۽ ميان ابوالقاسم نقشبندي ۽ ميان محمد نقشبندي تتوي جي معتقدن مان هو ۽ نقشبندي طريقو قائم رکيو آيو. پوءِ لونهاري جي ڳوٺ م اچي رهيو ۽ گهڻا ماڻهو انهيءَ مان فيض حاصل ڪرڻ لڳا. ميان محمد زمان هڪڙو ناليرو پٽ ميان گل محمد ڇڏيو. جنهن پنج پٽ ڇڏيا، جن مان محمد زمان  ثاني سجاده نشين ٿيو ۽ سنه 1247 جي صفر مهيني ۾ وفات ڪيائين.

چاچڪ

تعلقي جُون بدين جي ۾ هيءُ هڪڙو ڳوٺ هو. جنهن مان اتي جي حڪومت کي سرڪار چاچڪان چوندا هئا. اتي شيخ موسيٰ ولد شيخ مغل مشهور ٿيو. تمام سخي ۽ مهمان نواز ۽ پرهيز گار شخص هو. سندس قبر وڏي زيارتگاهه هوندي هئي.

وَنگ

هيءُ هڪ پرڳڻو سرڪار چاچڪان کان مٿي علحدو هوندو هو. انهيءَ ۾ گهڻا بزرگ ٿيا. انهن ۾ مشهور درويش چوڪس هو. ڏني سرڪيءَ جو پٽ هو. وڏن سالڪن ۽ ديندارن مان هو. گهڻن درويش سندس صحبت ڪئي. هڪڙي ڏينهن مخدوم بلال وٽ ويو ۽ پڇيائينس ته فرض جي ادب جو مرتبو وڏو يا رعايت جو؟ هن چيو فرض جي ادب جو. اهو درويش جي مرضيءَ ۽ راءِ موجب نه هو. هن جي وڃڻ کان پوءِ مخدوم جيڪو علم پڙهيو هو. سو سڀ دل تان لهي ويندس. جڏهن وري وڃي درويش چرڪس کان معافي ۽ دعا گهريائين. حقيقت سمجهائين، تڏهن علم جي امانت موٽي مليس. هڪڙي ڏينهن ڪنهن ماڻهوءَ ڍڳو گم ڪيو. درويش چرڪس کان دعا گهريائين. هن دعا ڪئي ته ڍڳو پاڻ مرادو اچي نڪتو.

ولهار

(1) هن ڳوٺ جي بزرگن مان وڏو درويش  صدر ولد ڪيور اوٺو هو. وڏ اولياءُ هوندو هو. هن جي بت تي ڪٿي به وار ڪو نه هوندو هو. ڇڙهو ڇانڊ گهمندو وتندو هو. هڪڙي ڀيري ملتان جي پاسي ويو. شام جي وقت راوي ندي جي پار وڃڻو هوس. پتڻ لنگهائڻ لاءِ مهاڻي کي چيائين. پر هن چيو ته هينئر دير ٿي ويئي آهي. فقير کي چڙ لڳي. خادم کي چيائين ته ڪونئرو درياهه ۾ وجهي ٽٻائي ڀري ڪڍي. هن ائين ڪيو ته آسپاس درياهه سڪي ويو ۽ ٻيڙي سڪيءَ تي بيهي رهي. فقير لنگهي ويو ۽ جنهن بزرگ جي زيارت ڪرڻي هيس انهي ڏي ويو. صبح جو هل پئجي ويو ته درياهه خشڪ ٿي ويو آهي. پوءِ انهيءَ شيخ جي چوڻ تي درياهه وري جاري ٿيو. ٻئي دفعي درويش لسه  ڪاڪره هڪڙي شينهن تي چڙهي درويش صدر جي ملاقات تي آيو. هن فقير وٽ هڪڙو گابو ٻڌو بيٺو هو. درويش لسه چيس ته منهنجو شينهن بکايل آهي. هي گابو مهماني ڪري  ڏينس. هن چيس ته هن جي مآءٌ جهنگ ۾ ويئي آهي، اتان ايندي ته ٻچو نه ڏسي پريشان ٿيندي. هن چيو ته انهي جي حرڪت ڪانهي. مڙئي چڱي ٿيندي. في الحال ته شينهن جي بک لاهڻ گهرجي. پر درويش صدر جي اجازت نه ٿي ڏني ۽ هن زور پئي لاتو. آخر درويش صدر پنهنجي خادم کي چيو ته گابي کي ڇوڙي شينهن وٽ آڻ. هن ائين ڪيو ته شينهن گابي کي ڏسي اٿي ڀڳو ۽ گابو پٺيانس ڪاهي پيو. شينهن وڃي ويجهي ٻيلي ۾ لڪو ۽ گابو موٽي آيو.

(2) درويش صابري ولهاري ذات جو پرند مشهور صائم الدهر ۽ قائم اليل ٿي گذريو. قرآن پڙهائيندو هو. شاهه عنايت الله صوفي جو همعصر هو. نهايت پرهيز گار شخص هو. سندس پٽ ميان معروف هو ۽ انهيءَ جو پٽ ميان مقبول هو. ٽيئي اهل لله مان هئا. انهن جا قبا انهيءَ پاسي مشهور هئا.

ڪوڇو

هيءُ ڳوٺ ونگ ۽ ولهار جي تعلقي ۾ داخل آهي. اتي جا مشهور بزرگ هيءُ آهي:

(1) سيد ساجن سوائي_ اصل متعلوي سيدن مان هو ۽ مخدوم نوح جو مريد هو؛ پنهنجي وقت ۾ مشهور شيخ ٿي گذريو ۽ ڪرامتون ڏيکاريائين ۽ سندس قبو وڏي زيارتگاهه هئي ۽ اڃا به آهي. هر سال مٿس ميڙو لڳندو آهي. انهيءَ جو پوٽو سيد پني لڌو سيد شاهه ته اهڙو ٿي گذريو، جو پکي ۽ جانور به کانئس نه ٽهندا هئا. شينهن ۽ بگهڙ به سندس مجاور  هوندا هئا   چون ٿا ته هڪڙي ڏينهن درياهه جو ڪنارو ڏيو ٿي لنگهيون ته ڏيڏر کانئس ٽهڻ لڳا. تڏهن چوڻ لڳو ته اڃا مون ۾ غير آهي، جو هنن ڏٺو آهي. نه ته جيڪر ائين ڪين ڪن. پوءِ اتي ڪناري تي ويهي روجھ ۽ زاري ڪرڻ ۽ رياضت ڪڍڻ لڳو. هڪ ڏينهن ۽ هڪ رات اتي گذاريائين، جيسين ڏيڏر کانئس وري ٽهڻ نه لڳا ۽ ساڻس هري ويا. پوءِ اڳتي هليو. هن جي ڏاڏي جي قبر اڌ سڏ پنڌ کان به گهٽ هئي. صبح جو اٿي اوڏي ويندو هو ته شام جو مس اتي پهچندو هو. ايتري دير جو سبب هي هو ته رستي ۾ جيڪر ڀتر پهڻ ڪک ڪهڄر هوندو هو سو کڻي پاسي ڪندو هو يا ڪو گاهه يا وڻ يا ٻوٽو ڏسندو هو ته انهيءَ کي ڏسي حيرت ۾ پئي غرق ٿي ويندو هو ۽ ”سبحان الله“ پيو چوندو هو. سندس مئي کان پوءِ سندس پٽن پوٽن مٿس قبي اڏائڻ جي ڪئي، پر هن انهيءَ جي اجازت نه ڏني ۽ ڪو به قبو مٿس نه بيٺو.

(2) سيد مڱيلڌو سيد عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي پوٽن مان هو. ڪنهن سبب ڪري پنهنجن ڀائن کان رسي اُتي اچي رهيو ۽ گهڻي تائين رياضتون ڪڍيائين. اتي جي وڏيري ارباب  موسيٰ پنهنجي نياڻي هن کي نڪاح ۾ ڏني. فقيريءَ ۾ چڱو نالو ڪڍيائين ۽ ماڻهن جي وٽس گهڻي آمد رفت هوندي هئي. کانئس پوءِ سندس پٽ سيد عالي نالي وارو ٿيو ۽ انهي کان پوءِ مير حيدر ولد سيد محمد صلاح قائم مقام ٿيو، جو سندس ناٺي هو.

پران

پران پراڻي درياهه جو نالو آهي. اتي هڪڙو آمري يا گدامڙيءَ جو وڻ آهي، جو شيخ بهاوالدين ملتانيءَ جو وهاريل آهي ۽ زيارتگاهه آهي. چون ٿا ته ٺٽي ۾ هڪڙي قدرتي دري آهي. جنهن مان مريد لنگهي هتان اچي نڪرندا آهن ۽ جنهن جو ارادو پڪو نه هوندو آهي. سو لنگهي نه سگهندو آهي. انهيءَ سلسلي جا فقير اتي گڏ ٿيندا آهن ۽ سماع ڪندا آهن. اتي گهڻائي بزرگ ۽ درويش ۽ اولياءَ آهن. مثلا؛ پير خاڪي. ابراهيم ناگوراني. ٿيٻو مزاري. سيد حسن باڪانه. جو عمر ڪوٽ کي ويجهو آهي. سيد لال ڇتو جو منڌره ۾ آهي، تاج محمد کيلرو، جو سومه کيلري جي اولاد مان هو ۽ سيد حسن واري قبرستان ۾ رکيل آهي، درس مظفر هالي پوٽو جو شيخ بهاوالدين ملتانيءَ جي مريدن مان هو ۽ بايزيد سمي جي ڳوٺ ۾ رکيل آهي. بابو سڪريو منڌرو، درس ڏاتو ڪاڇيلو، فقير کونرلو، جو سوئٺي جي ڳوٺ ۾ رکيل آهي. حسين فقير ۽ سندس پٽ بادل فقير، درس اُجر لوريرو، درس بلاول ۽ سندس قائم مقام ميان شرف الدين.

بلڙي

هيءُ مشهور ڳوٺ آهي ۽ اتي هيٺيان بزرگ ٿي گذريا:

سيد عبدالڪريم ولد سيد للو. جنهن کي شاهه ڪريم بلڙيءَ وارو چوندا آهن. هو متعلوي سيدن مان هو. سنه 944 هه ۾ ڄائو، ڏاڍيون رياضتون ڪندو هو. صبح جو مسجد ۾ ٻانگ ڏيئي ويهي وظيفو پڙهندو هو. جيسين جماعت اچي گڏ ٿيندي هئي. پوءِ نماز پڙهي وري ويهي وظيفو پڙهندو. جيسين اشراق جي نماز جو وقت ٿيندو هو. پوءِ پنهنجي گهر ويندو هو ۽ گهر جو ڪم ڪار ڪندو هو ۽ مهمانن ۽ فقيرن کي ماني کارائي ۽ مريدن کي پنڻ لاءِ روانو ڪري پاڻ هر ڪلهي تي رکي ڏاند وٺي وڃي ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندو هو ۽ زمين کيڙيندو هو. اڳينءَ وقت ڏاندن کي گاهه پاڻي ڏيئي پوءِ اڳين ۽ وچين ۽ شام جي نماز تائين مسجد ۾ رهندو هو. پوءِ گهر اچي گهر جو ڪم ڪار ڪندو هو ۽ فقيرن کي کارائيندو هو. اتان واندو ٿي پوءِ راهوت جي ڳوٺ ۾ ايندو هو ۽ رستي ۾ جنهن جنهن ڳوٺ ۾ ڪا مسجد هوندي هئي. تنهن جو پاڻي ڀري ۽ اتي جيڪي ستل هوندا هئا، تن جي  خدمت چاڪري ڪري اڳتي هلندو هو ۽ پوءِ سڌو ٺٽي ايندو هو ۽ پنهنجي عادت موجب مسجدن مان ٿيندو ۽ پيرن جي زيارت ڪندو وري موٽي ڳوٺ ايندو هو ۽ صبح جو پنهنجي ڳوٺ اچي مسجد ۾ هميشه وانگي ٻانگ ڏيندو هو. ڪنهين کي خبر ڪا نه هوندي هئي ته رات سڄي هو ڪٿي ٿو گذاري ۽ ڇا ٿو ڪري. ورهين جا ورهيه هن ائين گذاريو. تنهن کان سواءِ جڏهين تهجد جي نماز پڙهندو هو. تڏهين پهرئين رڪعت ۾ روئي روئي بيحال ۽ بيخود ٿي ويندو هو. جو صبح جو مس هوش ۾ ايندو هو ۽ ٻي رڪعت به پوري ڪري نه سگهندو هو ۽ چوندو هو ته مون کي عجب آهي ته ماڻهو تهجد جي نماز ڪيئن پڙهي ٿا سگهن. هن جون ڪرامتون بيشمار آهن ۽ ڪتاب بيان العارفين تنبيه الغافلين ۾ ڏنل آهن. هن سيد محمد يوسف رضوي بکري ۽ مخدوم نوح ۽ مخدوم آدم سميجي ۽ ٻين وڏن مشائخن جون صحبتون ڪيون ۽ فيض حاصل ڪيا، خصوصاً مخدوم نوح کان. جنهن جي حڪم موجب بلڙيءَ ۾ اچي رهيو ۽ وفات به اتي ڪيائين. سندس وفات جو سال سنه 1030 هه آهي. هن کي اٺ پٽ هئا:

سيد للو شاهه. جنهن تي ڏاڏي جو نالو هو ۽ ننڍي هوندي مري ويو.

سيد عبدالرحيم، جنهن جي نسبت ۾ ميان ابراهيم ولد مخدوم نوح ٿي چيو ته جڏهين هو ڄائو ۽ وڏو ٿيو. تڏهين مون خدا جا شڪرانا  بجا آندا. جو ڄاتم ٿي ته هي عبدالڪريم ثاني آهي. اهو به پيءُ جي جيئري فوت ٿيو.

سيد جلال. جنهن تي چاچي جو نالو هو. جو پڻ وڏي ڪرامت وارو هو. اهو به وڏو عابد هو. پيءُ جي حياتيءَ ۾ هڪڙي رات هالن مان ٿي آيو ته رستي ۾ چورن شهيد ڪري وڌس.

 سيد برهان جنهن پڻ پيءُ جي جيئري وفات ڪئي.

سيد للو ثاني. جو سالڪ مجذوب هو ۽ سير سياحت ۾ حياتي گذاريائين ۽ پيءُ کان پوءِ به ڪي ڏينهن جيئرو هو.

سيد دين محمد. جو پيءُ جي حياتيءَ ۾ گوشه نشين ٿي رهندو هو. سيد عبدالڪريم وفات کان اڳي ولايت جي امانت هن پٽ جي حوالي ڪئي ۽ پيءُ جي وفات تي هو پنهنجو مٿو ڪوڙائي ڪفني ۽ ڪاري چادر ڍڪي پيءُ جي گاديءَ تي ويٺو ۽ پيءُ جهڙو نالو ڪڍيائين ۽ مريد ڪيائين.

سيد محمد حسين. جو پيءُ جي خدمت ۾ رهندو هو ۽ خادم الفقرا سڏبو هو ۽ مريد دعا گهرڻ ايندا هئا ته چوندو هون ته محمد حسين کان دعا گهرو.

سيد عبدالقدس. جو ننڍي هوندي پيءُ جي حياتي ۾ گذريو. چون ٿا ته ننڍي هوندي هو ٻار گڏ ڪري حلقو ٻڌائي ذڪر ڪندو هو.

سيد عبدالڪريم جي وفات کان پوءِ سندس پٽ سيد دين محمد سجاده نشين ٿيو. انهي کان پوءِ سندس پٽ عبدالدليل سجادي تي ويٺو ۽ پوءِ ان جو پٽ سيد عبدالغني ۽ پوءِ ان جو پٽ سيد عبدالواسع ۽ پوءِ سيد محمد زمان ۽ پوءِ سيد مقيم. انهيءَ کان پوءِ سندس ڀآءٌ عبدالواسع ولد سيد محمد زمان سجاده نشين ٿيو. سيد عبدالڪريم جي پوٽن مان هڪڙو سيد حبيب شاهه هو. جو وجد ۽ حال وارو ٿيو ۽ هميشه استغراق ۾ رهندو هو. اهو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو والد هو. شاهه عبداللطيف پيءُ جي وجد وقت وٽس ويندو هو ۽ ساڻس ڳالهائيندو هو. هو پڇندو هوس ته تون ڪير آهين ته چوندو هو ته آءٌ اوهان جو غلام عبداللطيف آهيان. سيد حبيب شاهه جي وفات جي تاريخ مخدوم محمد صادق نقشبنديءَ هيءَ حديث لڌي؛ الموت جسر يوصل الحبيب الي الحبيب. شاهه عبداللطيف جو ذڪر ڀٽ ۾ آيو آهي.

سيد ابراهيم، جنهن کي پير پرڏيهي چوندا آهن، بلڙيءَ جي پاسي ۾ آهي. چوڌاري گهڻا وڻ بيٺل اٿس. جيڪو انهن جي ٽاري ڀڃندو هو يا پن ڇنندو هو، سو هڪدم مري پوندو هو. سيد عبدالڪريم سندس قبر تي زيارت لاءِ آيو ۽ چوڻ لڳس ته جيڪي ماڻهو جيئرا آهن سي پنهنجو نفس ٿا مارين. تون مئل آهين، سو جيئرن کي ڪيئن ٿو مارين؟ چون ٿا ته انهيءَکان پوءِ هن جي ڪرامت بند ٿي ويئي.

درس امين محمد. جنهن کي نانگ چوندا هئا. اهو بهرامپور جي ڳوٺ ۾ رهندو هو. ڪرامت وارو هو. پنهنجي جيئري پنهنجي ڀائٽئي سيد جمن شاهه نانگ کي پنهنجي جاءِ تي وهاريائين ۽ سندس ڀاڻيجو سيد سمهايو، جو روپاهه جي ڳوٺ ڀيي ۾ رهندو هو. سو به مشهور اولياءَ ٿي گذريو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org