سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: قديم سنڌ

ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو

باب؛ 2

صفحو ؛ 4

 

باب ٻيو

سوستان. چانڊڪو، خدا آباد ۽ آسپاس جو ملڪ ۽ ڪوهستان

(هاڻوڪو لاڙڪاڻي جو ضلعو ۽ ڪراچي ضلعي جو ڀاڱو)

سوستان يا سهوان

سوستان. جنهن کي سهوان يا سيوان به چوندا  هئا ۽ هاڻي سيوهڻ ٿا چون، سو تمام جهونو شهر آهي ۽ جهوني قلعي وارو آهي، جنهن جي وقت بوقت مرمت پئي ٿي آهي ۽ جدا جدا بادشاهن جي  هٿن ۾ پئي آيو آهي، چوڻ ۾ ٿو اچي ته جڏهن سڪندر بادشاهه پنجاب ۽ سنڌ ۾ آيو هو، تڏهن سنديمانا شهر، جنهن جو ڀانئجي ٿو ته اهو شهر سيوهڻ جو هو ۽ سمباس ڪو سمو بادشاهه هو. اهو قلعو به انهن ڏينهن جو آهي۽ انهي کي ڪافر قلعو سڏيندا آهن، جو عربن جي فتح کان اڳي جو آهي. هندو راجائن جي ڏينهن ۾ به اهو وڏن ۽ قلعي وارن شهرن مان هڪڙو هو ۽ هميشه حاڪم جي رهڻ جي جاءِ ٿيندو آيو آهي. ٺٽي جي بادشاهن مان مرزا شاهه بيگ اهو ڄام فيروز کان کسي ورتو ۽ مرزا شاهه حسن اهو وري ٺٽي  سان شامل ڪيو. اڪبر بادشاهه جي ڏينهن ۾ وري اهو حاڪم جي رهڻ جي جاءِ ٿيو ۽ خدا يار خان ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ سڀ ڀاڱا گڏ جي ساري سنڌ هڪ ٿي ويئي. سيوهڻ جي جبلن ۾ هڪڙو چشمو ۽ واهي آهي، جتان پاڻي نڪري ٿو. جنهن ۾ وهنجڻ ڪري بيمار ماڻهو شفاياب ٿين ٿا. هندو به اتي پوڄا لاءِ ويندا آهن. جبل ۾ ٻي هڪڙي جاءِ آهي، جتي چار اولياءَ يار رهندا هئا. يعني مخدوم جلال جهانيان اُچ وارو. شيخ بهاوالدين زڪريا ملتان وارو. شِخ فريدالدين شڪر گنج دهلي وارو ۽ شيخ عثمان مروندي يا قلندر شهباز. جو سيوهڻ ۾ رهي پيو، ۽ سندس قبو به اُتي آهي ۽ وڏي زيارت گاهه آهي. اتي جي مشهور قديم ماڻهن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:

(1) شيخ عثمان مروندي عرف مخدوم لعل شهباز قلندر. جو مٿي ذڪر ڪيلن چئن يارن اوليائن مان هڪڙو هو. سنه 662هه ۾ پنهنجي وطن مروند کان ملتان ۾ آيو ۽ مٿين ٽن اوليائن کان سواءِ ٻيا به گهڻا سندس مقرب ٿيا. سلطان محمد ولد سلطان غياث الدين دهلي وارو به سندس معتقد هو. امير خسرو ۽ امير حسن دهلوي به سندس صحبتي هئا. انهي دهلي ۾ رهڻ لاءِ گهڻو زور ڪيس. پر نه رهيو شاهه شمس بو علي قلندر وٽ ويو. انهيءَ چيس ته ٽي سو قلندر اڳي ئي هندستا ۾ آهن، تون موٽي سنڌ ۾ وڃ. پوءِ موٽي سوستان يا سيوهڻ ۾ آيو. ۽ جتي هينئر سندس قبو آهي. اتي اچي لٿو. انهيءَ هنڌ ڪسبياڻيون رهنديون وهيون. پهرين رات هنن جو ڌنڌو بند ٿي ويو. ٻئي ڏينهن شيخ وٽ اچي توبهه ڪيائون ۽ سندس مريدياڻيون ٿيون. شيخ ارادو ڪيو ته اتي ڪو ٽڪر زمين جو آباد ڪري ۽ انهي جي حد ڪڍي ظاهر ڪرڻ لاءِ لٺ کڻي مزور کي ڏيکارڻ لاءِ آيو. زمين جي مالڪ بيحيائي ڪري اچي روڪيس. جهيڙي ۾ شِخ هن کي لٺ هنئي ۽ هو مري پيو. جنهن تي هن جا مائٽ آيا ۽ اچي هنگامو ٿيو. شيخ چيو ته ڇا ٿيو؟ مون هڪڙي ڪتي کي ماريو آهي. انهيءَ ماڻهو کي دفن ڪري ڇڏيو هئائون. ڪڍي ڏسن ته برابر هڪڙو ڪتو پوريو پيو آهي. پوءِ ماڻهن کي معلوم ٿيو ته هي ڪو ڪرامت وارو فقير آهي. انهيءَ کانپوءِ گهڻيون ئي ڪرامتون ڏيکاريائين. آخر ساري عمر ڇڙهو رهي سنه 673 هجري ۾. 21 تاريخ شعبان مهيني جي وفات ڪيائين اتي رکيو ويو ۽ مٿس قبو ٺهيو ۽ پوءِ هر سال انهي مهيني ۾ وڏو ميلو لڳندو آهي. سندس عمر 112 ورهيه هئي. قبي تي جيڪي شعر لکيل آهن انهن موجب شيخ سنه 538  هه ۾ ڄائو هو ۽ 21 شعبان سنه 650 ۾ وفات ڪيائين وڏو گنبذ سنه 757هه ۾ سلطان فيروز شاهه دهلي واري جوڙايو. قبو مرزا جاني بيگ ترخان جي ڏينهن ۾ جڙيو ۽ سيد ٻڍي عرف ديندار خان فرش ۽ ٻه مسجدون  جوڙايون. اڳ وارو گنبذ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي سنه 1170 هجري ۾ جوڙايو. جامع مسجد سنه 938 هجري ۾ مرزا شاهه حسن جي ڏينهن ۾ جڙي. جو سنه لفظ ”پناهه فرخ“ مان ابجد جي حساب مان ٿو نڪري. قلندر شهباز جو ڏنڊو ۽ سندس مهر ٻئي اڃا محفوظ رکيل آهن. قلندر شهباز جا هندو ماڻهو به معتقد آهن ۽ انهيءَ کي راجا ڀرتري ڄاڻندا آهن.

قلندر شهباز جي درگاهه جا متولي شيخ هئا، جي موروثي هليا ايندا هئا ۽ لڪياري سيد فقط عزازت ۽ ساداتي جي ڪري اچي شامل ٿيا. انهن شيخن مان مکيه هي هئا (1) شيخ مکڻ ڪنجيدار، سيدن سجادهه  ته زور سان هٿ ڪيو. پر ڪنجي به ٿي ڦريائون. جڏهن ڪنجي وٺي در ئي کوليائون. تڏهن در نه لٿو. لوهار وٺي آيا ته ڪلف ڀڃي در کولين ته انهيءَ جا هٿ سڪي پيا. نيٺ لاچار ٿي ڪنجي شيخن کي ڏئي ڇڏيائون. (2) مير صلاح الدين لڪياري سيد، درگاهه جو سجاده نشين ٿيو ۽ کانئس پوءِ سندس پٽ سيد پير شاهه سندس جانشين ٿيو. وري انهي جو پٽ نور شاهه . سجاده نشين ٿيو.. انهي کان پوءِ وري انهي جو ڀاءُ حيدر شاهه سجادي تي ويٺو ۽ انهي جي  جيئري سندس وڏو پٽ نظر شاهه سجاده نشين ٿيو، پر سگهوئي مري ويو. تڏهن پيءُ پنهنجي ٻئي پٽ اسد شاهه کي سجادي تي ويهاريو. پوءِ سيد حيدر شاهه پاڻ وفات ڪئي. (3) سيد ناٿن شاهه ولد سيد محمد معين لڪعلوي، سيد گلاب شاهه ولد سيد صلاح الدين جو مريد هو. انهيءَ سنه 1050 هجري ۾ ٺٽي منجهه قلندر شهباز جو آستان بنايو. (4) سيد نهال شاهه، جو کاٻڙوٽي سيدن مان هو ۽ سوستان جي ويجهو کٻڙوٽ جي ڳوٺ ۾ رهندو هو. تنهن کي اصل وارن شيخن آڻي درگاهه جو سجاده نشين ڪيو ۽ هو درگاهه جي ٻهران در وٽ ويهڻ لڳو ۽ اها رسم پوءِ انهي جي جانشينن  ۾ به هلي آئي. انهيءَ کانپوءِ مير خضر شاه ۽ پوءِ سيد موج دريا ولد سيد ساجو شاهه جانشين ٿيو. مير صادق علي کاٻڙوٽي به مشهور سيد هو.

قلندر شهباز ۽ سندس متعلقن کان پوءِ هيٺيان معتبر ماڻهو هئا: (1) قاضي ابو سعيد ولد قاضي زين الدين بکڙي. (2) انهي جي مرڻ کانپوءِ قاضي قاضن مشهور ٿي گذريو. جو وڏو حافظ ۽ قاري ۽ عالم هو ۽ فقه ۽ تفسير ۽ حديث ۽ انشاء جي علمن ۾ خوب ماهر هو ۽ حاجي هو ۽ گهڻو سير ۽ سفر ڪيو هئائين ۽ نيٺ سيد محمد مهدي جونپوري جو مريد ٿيو. تنهن ڪري ظاهري شريعت وارن عالمن جي مٿس ٽوڪ رهندي هئي. مرزا شاهه حسن جي راڄ ۾ موروثي  حق موجب ه بکر جو قاضي ٿيو. پيريءَ جي ڪري قضا جو ڪم پنهنجي ڀاءُ قاضي نصر الله جي حوالي ڪري پاڻ گوشه نشين ٿيو ۽ سنه 958 هه ۾ وفات ڪيائين. (3) انهن کان سواءِ قاضي محمد وارث ۽ سندس پٽ قاضي امين الدين ۽ قاضي دين محمد انهيءَ هنڌ جي مخدومن منجهان هئا. (4) قاضي سائينڏنو. حضرت عمر فاروق رضه جي اولاد مان هو ۽ وڏو پرهيزگار ۽ شريعت ۽ طريقت ۽ حقيقت جو صاحب هو ۽ نه فقط سوستان ۾ پر ساري سنڌ ۾ مشهور هو. کانئس پوءِ سندس وڏو پٽ شيخ مير محمد. جنهن کي ميان مير چوندا هئا، سو وڏو اولياءَ ۽ قطب شمار ڪيل هو. اهو سوستان ۾ سنه 957هه ۾ ڄائو سٺ ورهيه لاهور ۾ رهي شيخ خضر قادري جو مريد ٿيو ۽ اٺاسي ورهين جي عمر ۾ سنه 1045هه ۾ وفات ڪيائين. ان جي قبر هاشم پور جي ڳوٺ ۾ آهي. انهيءَ جا گهڻا مريد ٿيا، جن مان هڪڙي سندس احوال هڪڙي ڪتاب ۾ لکيو آهي. (5) مير سيد ڪلان ڪربلائي_ هو پهرين ڪربلا مان قنڌار ۾ آيو ۽ سنڌ جي فتح کانپوءِ سوستان ۾ اچي رهيو ۽ اڪثر قلندر شهباز جي درگاهه تي گذاريندو هو. نهايت زهد ۽ تقوا وارو هو. گهڻو اولاد ڇڏيائين. معصومي سيد بکر وارا به سندس اولاد مان آهن. (6) مير عبدالله سلطان ولد مير ابوالمڪارم، مير غياث الدين جو پوٽو هو، جنهن جو ذڪر بکر ۾ آيو آهي. هيءُ سيد سوستان ۾ ڄائو. هو پنهنجي تخلص ”خاص عريضي“ سان مشهور آهي. جهانگير بادشاهه دهلي جي زماني ۾ مرزا غازي بيگ سان گڏ هوندو هو. ۽ جڏهن مرزا قنڌار ۽ ٺٽي جو حاڪم ٿيو. تڏهن وڪيل ٿي ايران جي شاهه ڏي ويو ۽ خراسان ۾ امام رضا عليه السلام جي زيارت ڪري موٽيو ۽ مرزا جي مرڻ کانپوءِ ٺٽي ۾ نواب مقرر ٿيو. پر شاهه جهان بادشاهه جي راڄ ۾ ڪنهن سبب ڪري شريف الملڪ کي ڪاوڙايائين ۽ نواب امير خان اچي مير عبدالله ۽ سندس طرف وارن کي ستايو. تنهن ڪري مير مٿين ۽ سندس ڀاءُ پنهنجو عهدو ڇڏي ڏنو. اگرچ مرزا عيسيٰ ۽ ٻين رهي پوڻ لاءِ گهڻو زور ڪڦيُنِ نيٺ ملا محب علي سڌيءَ جي معرفت ڄام تماچيءَ کان پنجاهه هزار دام پگهار وٺي اچي ٺٽي ۾ رهيا. اتي مٿئين مير 16 تاريخ شعبان سنه 1054 هه ۾ وفات ڪئي ۽ سندس اولاد ٺٽي ۾ رهيو. (7) سيد عبداللطيف ولد سيد عبدالرزاق بخاري. سيد اسماعيل بخاري جو پوٽو هو، جنهن جو به ذڪر بکر ۾ آيو. هن سيد کي سيد مهتو به چوندا هئا. اهو ڪتاب ”تحفته الڪرام“ جي مصنف سيد علي شير جو نالو هو. انهيءَ کي جهانگير بادشاهه سيوهڻ جي ٻهراڙيءَ ۾ هڪڙي جاگير ڏني. (8) سيد راڄن شاهه، لڪعلوي يا لڪياري ساداتن جو بزرگ هو ۽ سوستان جو رهاڪو هو ۽ مخدوم لعل شهباز جي فيض سان خدا امن جي وڏي سلسلي جو صاحب ٿيو. کانئس پوءِ سندس پٽ نوبهار شاهه جانشين ٿيو. سيد بالشاهه به لڪياري سيدن مان هو ۽ خدامن جو ڪرسي نشين ٿيو. سندس ڀائٽيو علي اڪبر شاهه ولد واندو شاهه سوستان جو وڏو قاضي هو. (9) مير لطف الله ولد سيد عبدالڪريم، جنهن کي متارو شاهه به چوندا هئا. سو لڪي واري شاهه صدر جي پوٽن مان هو. پهرين دهلي جو وڪيل هو ۽ پوءِ ميان نور محمد ڪلهوڙي جو وزير ٿيو. ۽ چڱو نالو ڪڍيائين ۽ سنه 1160هه ۾ وفات ڪيائين. اها تاريخ هيٺئين جملي مان ٿي نڪري: رحمت ابزديجان مير لطف الله. (10) ملا دائود سوستاني مشهور مُلن ۽ عالمن مان هو. سندس پٽ نورالحق زياده مشهور ٿيو. ننڍي هوندي ڏاڍو موڳو هو ۽ حافظو تمام خراب هوس. پڻس هڪڙي ڀيري ڪاوڙجي ڪوٺي ۾ کڻي بند ڪيس، جتي روئي روئي ننڍي اچي ويس. خواب ۾ هڪڙي نوراني پير مرد بشارت ڏنيس ته ڇو ستو آهين، اٿي کڙو ٿي.اڳتي جيڪي پڙهندين. سو توکي ياد رهندو. انهي کان پوءِ حافظو کليس. ۽ قرآن ته ياد ڪيائين. پر جيڪي چئبو هوس. سو هڪدم ياد ٿي ويندو هوس، آخر وڏو شاعر ٿي پيو ۽ تخلص” ميثاقي“ هوس. جڏهين مشهور شاعر مرزا صايب انهيءَ رستي هند ڏي ٿي ويو. تڏهين انهيءَ کي ڏٺائين ۽ سندس شعر پسند ڪيائين. سندس اولاد به شعر چوندو رهيو. (  ) ميان عبدالحليم ۽ سندس پٽ وجـﮧ الدين ۽ ناصرالدين ۽ محمد رفيع ۽ ابوبڪر سوستاني به چڱا شاعر ۽ عالم ۽ فاضل ٿي گذريا.

لڪعلوي يا لڪٿي

هيءُ جبل جي ويجهو شهر آهي ۽ ساداتن جي جاءِ آهي، جن کي لڪياري سيد چوندا آهن (1) سڀني ۾ وڏو سيد صدرالدين هو، جنهن کي شاهه صدر چوندا آهن ۽ جنهن جو قبو اتي آهي. هو سيد محمد جو پٽ هو ۽ وڏيءَ ڪراست وارو هو. سندس اولاد سنڌ ۾ گهڻو آهي. جيڪو اولاد سيوهڻ ۾ هوس. تنهن جو ذڪر ڪيو ويو. هتي سندس پوٽن مان هڪڙو سيد محمد هو. جو ڏهاڙي هزار صلواتون پڙهندو هو ۽ اهو سندس مدامي وظيفو هو. سندس وفات جي تاريخ جي مصرع به انهيءَ مضمون جي آهي:ع_ درود خدا  بر محمد بود. انهيءَ جو پٽ سيد اول شاهه سالڪ مجذوب هو ۽ ٻيو پٽ سيد ابوالحسن مخدوم نوح هالن واري جو مريد هو ۽ انهيءَ جو پٽ وري سيد عبدالرسول هو. اهي سڀ نيڪ ۽ ناليرا سيد ٿي گذريا. سيد محمد شجاع به سيد صدر جي پوٽن مان هڪڙو هو ۽ طريقي نقشبنديءَ جو هو. سيد محمد اشرف ۽ سيد ابوبڪر به ناليرا سيد هئا. پوئين سيد وٽ نه شاهزادو معزالدين به دعا گهرڻ لاءِ آيو هو. (2) سيد غازي خان به لڪياري سيدن جو سرڪردو هو ۽ سيد حمزه به انهيءَ کان پوءِ ناليوارو ٿيو. (3) انهن کان سواءِ ٻيو هڪڙو سيد حيدر نالي سن شهر ۾ ڪرامت وارو ٿي گذريو. جو مخدوم بلال جي صحبت ۾ رهيو. (4) ۽ ٻيو سيد حسن شاهه بخاري ڦَڪن جي شهر ۾ هو. اهو به وڏيءَ ڪرامت وارو هو ۽ ڪلهوڙا سندس معتقد هوندا هئا. انهيءَ جو ڀائٽيو غفور شاهه به مشهور ٿي گذريو.

پاٽ ۽ ٽلٽي

هيءُ شهر  سوستان سان تعلق رکندا هئا. (1) پاٽ ۾ مشهور حيدر هروي هو. جنهن جو لقب ڪليجه هو. جو اوائل ۾ ڪليجه يعني زيرانڊيون رڌي وڪڻندو هو. اهو وڏو شاعر ٿي گذريو. سندس ديوان آهي مرزا شاهه حسن جي ڏينهن ۾ هرات کان سنڌ ۾ آيو ۽ اچي رهيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. (2) ٽلٽيءَ ۾  مخدوم بلاول وڏو عالم ۽ عارف ٿي گذريو. هو رات جو پاڻيءَ جي وڏي ڪونار ۾ ويهي ذڪر ڪندو هو. ۽ اهڙو حال ايندو هوس. جو سندس جوش کان پاڻي پيو جانڊهه وانگي ڦرندو هو ۽ صبح جو به جيسين اهو پاڻي وڃي درياهه ۾ نه وجهندا هئا. تيسين پيو ڦرندو هو. هڪڙي ڏينهن مخدوم لعل شهباز جي زيارت لاءِ ڪنهن ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو ٿي آيو ته مهاڻو گاريون گند ڏيڻ لڳو. گهڻن ئي پئي چيس ته اجايو وات نه هڻ، ماٺ ڪري ويهه، ته به بس نٿي ڪيائين. مخدوم بلاول پنهنجي ٽوپي لاهي کڻي هن جي  مٿي تي رکي. ته اچي ذڪر ڪرڻ ۽ قرآن پڙهڻ لڳو. جڏهين ٻيڙي اچي ڪناري تي پهتي، تڏهين سيد ٽوپي لاٿيس. ته وري  اچي، پنهنجي اڳوڻيءَ بڪ ۾ پيو. سندس وفات سنه 929 هه ۾ ٿي.

بوبڪ

هن شهر کي بوبڪان چوندا هئا ۽ سيوهڻ سان لاڳو هو. اتي به وڏا بزرگ ٿي گذريا. (1) مخدوم جعفر ولد مخدوم ميران، جو مخدوم نوح هالن واري جو همعصر هو ۽ مخدوم نوح مڃيندو هوس. سندس پٽ عبدالغني ۽ نورالدين به جهڙس نالي وارا ٿيا ۽ هڪڙي ميان محمد مراد ياب خان ڪلهوڙي جي حڪومت ۾ ۽ ٻئي ميان غلام شاهه جي حڪومت ۾ وفات ڪئي. (2) حڪيم عثمان. نهايت قابل ۽ حاذق حڪيم هو. (3) ميان عبدالواحد. پير مرد مشهور زملي ۽ نجومي ٿي گذريو. نادر بادشاهه جي ڏينهن ۾ خدا آباد ۾ هوندو هو. پوءِ اتي اچي رهيو. (4) ٻيو هڪڙو مشهور ماڻهو ڪاهان جي ڳوٺ ۾ رهندو هو. جنهن جو نالو مخدوم عبدالعزيز هو. اهو وڏو محدث هو. شاهه اسماعيل جي خروج وقت پاڻ ۽ سندس پٽ مشهور عالم مولانا اثيرالدين ۽ مولانا يار محمد. ڄام فيروز جي وقت ۾ هرات مان  نڪري ڪاهان ۾ اچي رهيا ۽ وفات به اتي ڪيائون. گهڻائي عمدا ڪتاب لکيائون. جيئن ته ”شرح مشڪواة“ ۽ گهڻن ٻين ڪتابن جون حاشيون لکيائون.

چانڊڪو يا لاڙڪاڻو

هيءُ شهر ڪو گهڻو جهونو نه آهي. ٻن سون ورهين جو مس آهي. لاڙڪاڻو نالو، لاڙڪ قوم جي ماڻهن کان پيو اٿس، جي آسپاس رهندا هئا؛ پر گهڻا چانڊيا ٻروچ اتي رهندا هئا، جنهن ڪري انهيءَ کي چانڊڪو پرڳڻو چوندا هئا. انهن جو سردار ولي محمد هو. جنهن کي انگريز سرڪار جي مدد ڪري وڏي جاگير ملي. سندس پٽ غيبي خان هو. رند ۽ جمالي ۽ لغاري ۽ کوسا جاگيردار به آهن. پهرين ڪهوڙا هتي آيا ۽ زمينون هٿ ڪيائون. پوءِ لڏي خدا آباد ۾ وڃي ويٺا، جو تخت شهر ٿيو ۽ اهو لاڙڪاڻي کان ٽيهارو ڪوهه ڏکڻ ڏي هو. پوءِ چانڊڪي ۾ هڪڙو نائب رکيائون. جنهن جو نالو شاهه بهارو هو ۽ جنهن جي قبر اڃا اتي آهي. جڏهن نور محمد ڪلهوڙي انهيءَ پاسي ملڪ وڌايو. تڏهين چانڊڪو يا لاڙڪاڻو وڏو شهر شمار ۾ اچڻ لڳو ۽ ٽالپرن جي وقت ۾ به زور هو. جو توبخانو اتي رهندو هو. هڪڙو جهونو قلعو به اتي هوندو هو. جو ڪلهوڙن جوڙايو هو. جنهن ۾ ٽالپرن جو توبخانو رهندو هو. جتي انگريز سرڪار پوءِ اسپتال ۽ جيل ۽ چرين جي اسپتال بڻائي هئي، جا  سنه 1871ع ۾ ڪڍي گدو بندر وٽ ڪيائون. مٿيون شاهه بهارو ميان نور محمد جو وزير يا نائب هو ۽ ڏهه هزار ماڻهو سندس هٿ ۾ هوندا هئا. سنه 1188 هجري (1773ع) ۾ وفات ڪيائين، جو سال سندس قبي تي لکيل آهي. اهو قبو ميان   غلام شاهه ڪلهوڙي ٺهرايو هو.

لاڙڪاڻي جي اُلهندي قنبر جي شهر کان ٽن ڪوهن تي ميان شاهل محمد ڪلهوڙي جو قبو آهي. جو آدم شاهه جو پوٽو هو. جنهن جي قبر سکر ۾ آهي. انهيءَ کي چانڊڪي ۾ زمينون هيون. گهاڙ واهه به انهيءَجو کڻايل هو. انهيءَ جو قبو به ميان غلام شاهه ڪلهوڙي سنه 1188 هه ۾ ٺهرايو هو. شاهل محمد جي پٽ. شاهه حسن جي قبر به انهيءَ قبي ۾ آهي. سندس پٽ ميان نصير محمد جو قبو وري ڳاڙهيءَ ۾ آهي. اهو سنه 1130 هه ۾ جڙيو هو. شاهل محمد ميان نور محمد ڪلهوڙي جو ڏاڏو هو. انهيءَ جو احوال سنڌ جي تاريخ مان معلوم ٿيندو. خيرپور ناٿن شاهه جي ويجهو قاضي برهان الدين جي قبر آهي. جو سنه 700 هه ڌاري مديني مان آيو ۽ اچي اتي رهيو. حج جي ڏينهن انهيءَ تي ميڙو لڳندو آهي.

خدا آباد

هيءُ شهر، جو دادوءَ کان اٽڪل ست ڪوهه ڏکڻ ڏي آهي. سو ميان يار محمد ڪلهوڙي ٻڌو هو ۽ ڪلهوڙن جي حڪومت ۾ تخت شهر هو. جڏهين ميان غلام شاهه ڪلهوڙي سنه 1768ع ۾ حيدرآباد جو شهر ٻڌو. تڏهين اهو ڇڏي وڃي هتي گاديءَ جو هنڌ ڪيائين. پوءِ خدا آباد ڦٽڻ لڳو ۽ ٽالپرن به ميان عبدالنبيءَ جي شڪست مهل ساڙي ناس ڪري ڇڏيو. ميان يار محمد اتي هڪڙي جامع مسجد به ٺهرائي هئي، ميان يار محمد ڪلهوڙي جو قبو به اتي آهي. جو هن پنهنجي جيئري ٺهرايو هو ۽ پاڻ سنه 1718ع ۾ انهيءَ ۾ دفن ڪيو ويو. انهيءَ تي ٻين ڪلهوڙن جي قبن وانگي مجاور ويٺل آهن.

اُنڙپور

اصل ڄام انڙ سمي جو ٻڌل آهي. مخدوم ساهڙ جو قبو منجهس آهي. هو عابد ۽ زاهد شخص هو ۽ ڪرامت وارو هو. هارين اچي چيس ته رات جو سوئر سندن پوک زيان ٿا ڪن. چيائين ته سوئرن کي وڃي منهنجو پيغام ڏيو ۽ منع ڪريو. هنن ائين ڪيو ته سوئر وري نه آيا. هڪڙي ڀيري متعلوي يا مٽيارن ۾ آيو ته رات جو پير ڊگهيري نه ستو. جو چيائين ته چوڌاري ساداتن جا گهر آهن. بي ادبي ٿيندي. سندس چوڻ هو ته جنهن ماڻهوءَ ۾ هي ٽي خصلتون هجن. تنهن کي پير يا مرشد ڪري مڃجي؛ هڪڙو ته جڏهين وٽس ويهجي. تڏهين خدا ياد پوي؛ ٻيو ته جيڪي چوي. سو اوهان جي دل ۾ اثر ڪري؛ ۽ ٽيون ته هن جي صحبت ڇڏڻ ڏکي لڳي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org