سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: قديم سنڌ

ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو

باب؛ 14

صفحو ؛ 26

 

 

باب چوڏهون

سنڌ جون قديم قومون جن مان ڪن سنڌ جي حڪومت ڪئي

 

تاريخ مان معلوم ٿو ٿئي ته قديم وقت کان جيڪي سنڌ جون قومون اڃا تائين هليون اچن، سي يا ته عربن جي فتح کان اڳي يا پوءِ هندن جي خاندانن ۽ ڪٽنبن جو اولاد آهن، جن مان ڪي مسلمان ٿيا ۽ ڪي اڃا تائين هندو رهندا آيا آهن يا ته عربن جي فتح کان پوءِ عربن جو اولاد آهن، پوءِ ڪي نج ڪي گاڊڙ يعني عربن ۽ سنڌين جو گڏ. سنه 607هه (سنه 1210ع) ۾ جڏهن سلطان آرام شاه ولد قطب الدين ايبڪ جي ڏينهن ۾ هندستان ورهائجي چار ڀاڱا ٿيو ۽ سنڌ ۽ ملتان وارو حصو ناصرالدين قباچه کي مليو، تڏهن انهيءَ سنڌ ۾ مڙيئي ست هندو راجا هئا، جي ملتان کي ڍل ڀريندا هئا، اُهي هي هئا:

راڻو ڀنر سهتو راٺوڙ، درٻيلي ۾.

راڻو سِنير ولد ڌماچ ڪؤريجو سمو، روپاهه ۾.

جيسر ولد جج ماڇي سؤلنگي، ماڻڪٽاري ۾.

وکيه ولد پنهون چنو، سيويءَ ۾.

چنو ولد ڏيٿو چنو، ڀاڳناڙيءَ ۾.

جيو ولد درياهه جهم يا هيمه ڪوٽ ۾.

جسودن آگره، ڀنڀور يا برهمن آباد ۾.

جڏهن سنه 417هه (سنه 1026ع) ۾ سلطان محمود غزنويءَ جي حڪم سان سندس وزير عبدالرزاق سنڌ تي ڪاهي آيو، تڏهن بني عباس ۽ بني اُميه جي عربن جا ارڙهن مکيه خاندان يا قبيلا هئا، جن مان پوءِ ٻيا خاندان ۽ قبيلا ڦٽي نڪتا. اُهي هي آهن:

(1) ثقفي، جنهن مان خود حجاج ۽ محمد قاسم هئا. بکر ۽ الور ۽ روهڙيءَ جا قاضي سڀ گهڻو ڪري موسيٰ بن يعقوب ثقفيءَ جو اولاد آهن. عربي چچ نامي جو مصنف قاضي اسماعيل بن علي به ثقفي هو ۽ مٿيون موسيَ هن جو ڏهٽو هو ۽ محمد قاسم انهيءَ کي الور جو پهريون قاضي مقرر ڪيو هو. ()2) تميمي يا بني تميم، جن جي اولاد کي هاڻي ٿهيم ٿا سڏين. (3) بني مغيره مان هاڻوڪا موريا ماڻهو آهن. شايد مورو به انهن ماڻهن جو هو. (4) عباسي يا بني عباس، جن مان ڪلهوڙا ۽ ڪي ٻيون قومون نڪتيون. (5، 6، 7) صديقي، فاروقي ۽ عثماني، جن جو اولاد به انهن نالن سان سنڌ ۾ گهڻو آهي، جي ٽنهين وڏن خليفن جو اولاد آهن. (8) پنوهر يا پنوهار، حارث جو اولاد آهن. (9) منگي مٿين تميمين جي هڪڙي شاخ آهن. (10) جبربه اصل عرب جي طائي  قبيلي مان آهن، جن مان هالاڻيءَ جو مشهور شيخ طائي هو. (11) اسديه يا بني اسد قبيلي مان فتح پور وارو شيخ تراب ۽ ٻيا ڪي آهن. (12) بني عُتبه مان ٻه فتح پور وارو قاضي برهان ۽ ٻيا نڪتل آهن. (13) بنوالي صوفي، جن مان ريل جا درويش پيدا ٿيا. (14) بني حاڪم، جن جو اولاد باجار ۽ جهانگار آهن. (15) بني جريميه، جي انصاري هئا ۽ انهن مان سيوهڻ وارا سپيا ۽ ٻيا آهن. (16) انصاري، جن جو اولاد پڻ اڃا انصاري ۽ شيخ سڏبا آهن. (17 ۽ 18) جت ۽ بلوچ يا بلوچ يا ٻروچ، جي هارون مڪراني عرب جو اولاد آهن. هي هارون محمد بن ابان جو پٽ هو، جو محمد قاسم جي وقت ۾ مڪران جو حاڪم هو ۽ اتي مئو. هو عبدالمطلب جي اولاد مان هو، جو حضرت صلعم جن جو چاچو هو ۽ حمزه جو سؤٽ هو. انهيءَ محمد کي ست زالون هيون ۽ انهن مان هن کي پنجاه پٽ ٿيا. پهرين زال حميره نالي مان هن کي ست پٽ هئا، جن مان ننڍي جو نالو جلال هو. پيءُ جي مرڻ کان پوءِ، اگرچه ملڪ وراهجي مليو هون، ته به ڀائن جي وچ ۾ تڪرار ٿيو ۽ جلال جي اولاد کي سنڌ ۽ ڪڇ ڏي ڀڄائي ڪڍيائون، جتي هنن مان بيشمار قومون پيدا ٿيون. انهن کان سواءِ ۽ سڀني کان مٿي ته عربن جي فتح کان پوءِ سيد يا نبيءَ جو اولاد ٿيو ۽ انهيءَ جون گهڻيون ئي شاخون حسني، حسيني ۽ علوي وغيره ملڪن ۾ پکڙي پيون ۽ سنڌ ۾ به اچي نڪتيون.

گاڊڙن عربن مان لوڍا يا لوليا يا لودي قوم جا ماڻهو آهن، جي لوڊه جو اولاد آهن ۽ اُهي حضرت سليمان بن داؤد جي هڪڙيءَ ٻانهيءَ جو اولاد آهن، جو ڪنهن جن مان چوڻ ۾ ٿو اچي، جيئن بلوچن جي نسبت ۾ به چوڻ ۾ ٿو اچي ته عبدالرحيم جو اولاد آهن، جو امير حمزه جو پٽ هو ۽ هڪڙي پريءَ مان ٿيو هو، جڏهن هو امير بلوچستان ڌاري گهمڻ آيو هو.

انهن کان پوءِ سنڌ جون وڏيون قومون سومرا ۽ سما آهن. سومرا اصل عرب هئا، جي سامره ۾ رهندا هئا ۽ هجري چوٿين صديءَ يا عيسوي ڏهين صديءَ ڌاري خليفي مامون بن هارون الرشيد عباسيءَ جي زماني ۾ بني تميم سان گڏ سنڌ ۾ آيا. انهن جو زور سنڌ ۾ پنج سؤ ورهيه هليو ۽ پوءِ سمن زور ورتو. سنه 720هه (سنه 1320ع) ۾ جڏهن غازي ملڪ سنڌ ۽ ملتان مان لشڪر وٺي دهليءَ ۾ وڃي پوئين غزنوي بادشاهه خسرو خان کي تخت تان لاهي پاڻ غياث الدين تغلق جو نالو وٺي بادشاهه ٿيو، تڏهن سومرن جو راڄ ٿرڙي ۽ ساموئي ڌاري رهندو هو ۽ سندن سردار جو نالو سومرو هو ۽ انهيءَ گڙٻڙ ۾ خود مختيار حاڪم ٿيو ۽ اتي جي هڪڙي وڏي زميندار جي ڌيءَ ساد نالي سان شادي ڪيائين، جنهن مان ڀونگر نالي پٽ ڄائس، جنهن جو پٽ وري دودو هو. انهيءَ طرح پوءِ سومرن جا حاڪم ٿيندا آيا، جن جو احوال سنڌ جي تاريخ مان معلوم ٿيندو.

سما وري سام بن عمر بن هاشم ابولهب جو اولاد هئا ۽ ابولهب حضرت صلعم جو چاچو هو، جو سندن برخلاف هو ۽ ڪي وري سدام بن عمر بن عڪرمه بن ابوجهل جو اولاد ٿا چون، جو پڻ حضرت صلعم جن جو چاچو هو ۽ سندن برخلاف هو. ڪي وري انهن کي سدام بن نوح نبيءَ جو اولاد ٿا چون، انهيءَ سام کي چار پٽ هئا: بُڌ، سنگا، همهر ۽ ڀاگرت. ٻُڌ کي سورهن پٽ هئا، جن جا نالا باده، سوره، سته ۽ ٻيا هئا، جن کي اڪثر راٺوڙ ٿا چون. ٻين پٽن جو به گهڻو اولاد ٿيو، جن جي نالن ڏيڻ جو ضرور ڪونهي، مگر انهن جي نالن مان سمن جون جدا جدا شاخون نڪتيون ۽ انهيءَ جي نالن پٺيان ٿيون سڏجن، جيئن ته پڙهار، ڪؤريجه، ناهيه، چارڙا، ڀٽي، اوڍر، لاکير، لاکا، اُڌا ۽ اڌيجا، مهر، ساند، مناهيه، سميجا، لنجار، ڏاهر، ڪورائي، راڌڻ، ڪاڪلي پوٽا، هڱورجا، هالا، هالي پوٽا، ساهڙ، نهريا، جکرا، ڪاههه، پلي، سوڍر، اوٺا، ابڙا، ابڙيجا، رڪن.

سنڌ جي سمن جو وڏو ڏاڏو ڄام جوڻو هو، جو لاکه ولد ڪاههه جو پٽ هو. انهيءَ کي پنج پٽ هئا: کوريه، تاجيه، ابڙه، بلوچ ۽ بابينه. انهن مان فقط پونئين بابينه جي اولاد کي حڪومت ڪرڻ جو وجهه مليو. انهيءَ بابينه جو پٽ اُنڙ سنه 752هه (سنه 1351ع) ۾ ڄام جي لقب سان سنڌ ۾ سمن جو سردار ۽ حاڪم ٿيو ۽ زور وٺي سيوهڻ تي ڪاهيائين، جتي دهليءَ جي بادشاهه جي پاران تڏهن ملڪ رتن ترڪ حاڪم هو. لڙائيءَ ۾ پهرين سمن شڪست کاڌي، پر پوءِ سگهوئي اتفاق سان ملڪ رتن گهوڙي تان ڪري پيو ۽ هڪڙي سمي ڌڪ هڻي سسي لاهي رکيس، پوءِ هنن سيوهڻ جو ڪوٽ وٺي وڌو. انهيءَ طرح سمن جو راڄ شروع ٿيو ۽ جيڪي انهن مان حاڪم ٿيا ۽ جيڪي ڪيائون، تنهن جو احوال سنڌ جي تاريخ مان معلوم ٿيندو.

سمن کان پوءِ سنڌ جا حاڪم ارغون ٿيا. ارغون مغل هئا ۽ چنگيز خان جي اولاد مان هئا. ارغون خان اباقا آن ولد هلاڪو خان جو پٽ هو ۽ هلاڪو چنگيز خان جو پوٽو هو، جي ٻئي مشهور خونخوار بادشاه ٿي گذريا آهن. تيمور ۽ بابر به انهيءَ ڪٽنب مان هئا. ارغون خان مسلمان ٿيو ۽ ڪي ٻيا به. انهيءَ جي اولاد مان امير ذوالنون ولد مير حسن بصري يا مصري هو، جو هرات ۽ سمرقند ۾ گهڻي بهادريءَ سان رهيو هو ۽ قنڌار ۽ هرات ۽ غور جو حاڪم ٿيو ۽ شال ۽ مستنگ ۾ رهندو هو. سنه 910هه (سنه 1504ع) ڌاري جڏهن بابر بادشاهه سمرقند ۽ ڪابل جي پاسي آيو، تڏهن ذوالنون مري ويو ۽ سندس پٽ مرزا شاه بيگ سندس جاءِ تي حاڪم ٿيو. پوءِ جو احوال سنڌ جي تاريخ مان معلوم ٿيندو.

ارغونن کان پوءِ ترخان سنڌ جا حاڪم ٿيا. امير تيمور ارڙهن ورهين جي عمر ۾ هڪڙي ڏينهن شڪار تي ويو هو. اڪيلو هو. ڪن جهنگ جي ڀُنگين کان اچي لنگهيو، تن چور سمجهي کڻي ٻڌس؛ پر جڏهن خبر پين ته بادشاهزادو آهي، تڏهن سندس ڏاڍي خدمت چاڪري ڪيائون. چوٽيهن ورهين جي عمر ۾ جڏهن هو بادشاهه ٿيو، تڏهن انهن ماڻهن کي هن هر طرح نوازيو ۽ پاڻ وٽ خاص لشڪر ۾ رکيائين ۽ ٻي سڀ ڍل ۽ تڪليف کان معافي ڏنائين ۽ ترخان جو لقب ڏنائين، جنهن جي معنيٰ تاتاري ٻوليءَ ۾ آهي نوڪريءَ کان معافي مليل. جڏهن ترخان پوءِ اڪثر بهادريءَ ۽ خونريزي جهڙا ڪم ڪرڻ لڳا، تڏهن ماڻهو چوڻ لڳا ته هي ترخان نه آهن، پر ترخُون آهن، يعني رت سان ڀريل آهن ۽ جي ڪنهن جنگ ۾ ٿا وڃن ته رت سان ڀرجي ٿا اچن. انهن ترخانن مان مکيه هو مرزا عبدالعالي، جنهن جو پٽ مرزا عيسيٰ ترخان هو. اُهو مرزا شاه بيگ ارغون جو سنگتي هو ۽ انهيءَ جي پٽ مرزا شاه حسن جي وقت ۾ ملتان مان ٺٽي جي پاسي اچي امير امرانيءَ سان وڙهڻ ۾ ۽ هن کي مارڻ ۾ ڏاڍي بهادري ۽ همت ڏيکاري هئائين. مرزا شاه حسن جي مرڻ کان پوءِ سڀني ارغونن ۽ ترخانن چونڊي مرزا عيسيٰ کي گاديءَ تي ويهاريو. پوءِ جو احوال سنڌ جي تاريخ مان معلوم ٿيندو.

ترخانن کان پوءِ دهليءَ جي بادشاهن جا نائب يا نواب آيا، جن جو احوال مٿي خلاصي باب ۾ ڏنو ويو آهي. انهن کان پوءِ عباسي ڪلهوڙا آيا. انهن جي اصل جو اشارو هن باب جي شروع ۾ به ڏنو ويو آهي. هو عباس جو اولاد آهن، جو حضرت جن جو چاچو هو ۽ سندن طرفدار هو. انهيءَ جي وڏي جو نالو اوڍاڻو نالي هو، جو ڪيچ مڪران ۾ رهندو هو ۽ نيڪ انسان ۽ درويش وضع جو ماڻهو هو. انهن اوڍاڻن جي اولاد مان ڪي پاڻ ۾ تڪرار ڪري نڪري کنڀات ۾ وڃي اُڌيجن ماڻهن ۾ رهڻ لڳا ۽ انهن مان مکيه ماڻهو چينه نالي هو، جو اتي هڪڙي زميندار جي ڌيءَ پرڻيو، جنهن مان محمد نالي پٽ ڄائس. غزنوي ۽ غوري بادشاهن جي نائبن جي وقت ۾ اهو چينه ڪن راڻن جي مدد سان ملتان ۾ آيو ۽ اتي جي حاڪمن جو خاص ملازم ٿيو ۽ سگهوئي پنهنجي قوم جو پريو مڙس ٿيو ۽ ڄام سڏائڻ لڳو. هو جدا جدا قومن مان ٻارهن زالون پرڻيو، جن مان ارڙهن پٽ ٿيس، جن مان گهڻو ئي اولاد ٿي پيو. انهيءَ چينه جي هڪڙي پوٽي جو نالو داؤد هو، جنهن جو اولاد داؤدپوٽا آهن، ۽ ٻئي جو نالو لاشار هو، جنهن جو اولاد لاشاري ٿيا. ڄام چينه لوهريءَ جي پرڳڻي جي ڀرالوءَ جي ويجهو چين ٻيلي ۾ رهندو هو ۽ پوءِ کنڀات ويندي سانگره جي ڪنڌيءَ تي مئو ۽ اتي دفن ڪيو ويو. مير چاڪر بلوچ ۽ آري دادني چنو سندس سؤٽ آهي. چينه جي مرڻ کان پوءِ نائين پيڙهي ميان آدم شاه ڪلهوڙو ٿيو، جو چانڊڪي تعلقي ۾ هٽڙيءَ جي ڳوٺ ۾ اچي رهيو. جڏهن اڪبر بادشاهه جي ڏينهن ۾ خان خانان سنڌ ۾ آيو ۽ هو ميان آدم شاه وٽ آيو، تڏهن هن چانڊڪي جي زمينداري، جاڳي چانڊين جي هئي، سا  آدم شاه کي ڏني. پوءِ ميان ملتان ويو، جتي گهڻا مريد ٿيڻ لڳس. تنهنڪري ملتان جي حاڪم هن کي مارائي ڇڏيو ۽ سندس لاش بکر ۾ رکيائون، جنهن کي آدم شاه جي ٽڪري چوندا آهن. انهيءَ کان پوءِ سندس پٽ الياس گاديءَ تي ويٺو ۽ پوءِ انهيءَ جو پٽ ميان شاهل محمد ۽ پوءِ انهيءَ جو پٽ ميان نصير محمد ۽ پوءِ انهيءَ جو پٽ ميان دين محمد ۽ پوءِ انهيءِ جو پٽ ميان يار محمد، جو خدا يار خان جي خطاب سان دهليءَ جي بادشاه جي پاران سنڌ جو نواب ٿيو. انهيءَ کان پوءِ جو احوال سنڌ جي تاريخ مان معلوم ٿيندو.

ڪلهوڙن کان پوءِ سنڌ جا حاڪم ٽالپر بلوچ ٿيا. ٽالپرن جو وڏو هوتڪ خان هو، جو ڪڪي خان ولد شاهي خان جو پٽ هو. هوتڪ خان جا ست ڀائر هئا، جن مان هڪڙي جو نالو ماڻڪ خان هو، جو ماڻڪاڻي ميرن جو ڏاڏو هو، جي ميرپورخاص ۾ رهندا آهن. هوتڪ خان جو پٽ مير شهداد خان ٽالپر هو، جنهن جا پٽ مير چاڪر خان ۽ مير بهرام خان هئا.  مير چاڪر خان جو اولاد خيرپور وارا مير آهن ۽ مير بهرام جو اولاد حيدرآباد وارا مير آهن. مٿئين شاهي خان جو چاچو ٽالو خان هو، جنهن مان انهيءَ خاندان کي ٽالپر جو نالو مليو. مير شهداد خان ولد هوتڪ جي قبر شاهپور جي ويجهو آهي، جنهن هنڌ کي قبا شهداد ٿا چون. انهيءَ قبر تي تاريخ 2 رجب سنه 1147هه (سنه 1734ع) لکيل آهي. مير شهداد جي ڀاءُ فتح عليءَ خان جي قبر تي 7 صفر سنه 1151هه لکيل آهي ۽ انهيءَ جي نالي پٺيان فقير جو لفظ لکيل آهي. هو ڪلهوڙن جا مريد هئا، جن کي هميشه فقير سڏيندا هئا. مير بهرام خان ولد مير شهداد خان مٿئين جا پٽ هئا مير بجار ۽ مير صوبدار ۽ مير محمود، جن مان مير صوبدار جا پٽ هئا، مير فتح علي خان، مير غلام علي خان، مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان، جي چارئي سنڌ جي گاديءَ تي ويٺا. مير چاڪر خان ولد مير شهداد خان جو هڪڙو پٽ هو مير سهراب خان، جنهن جا پٽ هئا مير رستم خان ۽ مير علي مراد خان، جي ٻئي خيرپور جي گاديءَ تي ويٺا ۽ ٻيا پٽ به هئس.

انهن ميرن ٽالپرن جو وڌيڪ احوال سنڌ جي تاريخ مان معلوم ٿيندو.

 

 

 

 

*

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org