سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: قديم سنڌ

ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو

باب؛ 12

صفحو ؛ 21

 

باب ٻارهون

 

ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي حڪومت ۾ ڪي مشهور ماڻهو

ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن حاڪمن جو بيان سنڌ جي تاريخ ۾ ڏنل آهي. انهن کان سواءِ جيڪي مشهور ماڻهو سندن وقت ۾ هئا يا جن جو ساڻن واسطو رهيو ۽ جن جا نالا تاريخ ۾ يا سرڪاري دفترن ۾ موجود آهن، سي مختصر طرح الف بي جي ترتيب ۾ ڏجن ٿا ته ڪو خاص نالو ڪڍڻ آسان ٿئي.

(1) آغا ابراهيم شاه ۽ آغا اسماعيل شاه، آغا يا مير ابراهيم شاه، سيد عبدالهادي شاه جو پٽ هو، جو اصل اصفهان جو ويٺل هو، جڏهن نادر شاه ايران تي ڪاهه ڪئي، تڏهن هو اتان نڪري سنه 1150هه ۾ هندستان ۾ آيو ۽ مدراس ۾ اتي جي راجا جو خاص شاهي حڪيم ٿيو. انهيءَ وقت سنڌ جو حاڪم ميان نورمحمد ڪلهوڙو هو، جنهن جي انهيءَ راجا سان دوستي هئي. انهي جي چوڻ تي راجا سيد کي ميان ڏي ڏياري موڪليو، جنهن هن کي گهڻي تعظيم ڏني. سگهوئي پوءِ راجا مري ويو ۽ سيد هتي رهجي پيو ۽ ميان جو وڏو امير ۽ شاهي حڪيم ٿيو. ميان نورمحمد جي مرڻ کان پوءِ ميان سرفراز جي ڏينهن ۾ عبدالهادي شاهه جو پٽ مير ابراهيم شاه به اچي پيءُ سان گڏيو. ٻاويهن ورهين جي جدائيءَ کان پوءِ هو ٻئي پاڻ ۾ گڏيا. جڏهن سنه 1193هه ۾ مير عبدالهادي شاهه وفات ڪئي، تڏهن مير ابراهيم شاهه پيءُ جي جاءِ تي مقرر ٿيو ۽ ڪلهوڙن وٽ اڳوڻي ساڳي عزت پائيندو آيو. ڪڏهن وڪيل ٿي خراسان ۽ ڪابل جي بادشاهن ڏي به ويندو هو. جڏهن ڪلهوڙن کان پوءِ ٽالپر سنڌ جا حاڪم ٿيا، تڏهن مير ابراهيم شاهه جنهن کي آقا سڏڻ لڳا سو هنن وٽ به ساڳي عزت پائڻ لڳو. سنڌ هٿ ڪرڻ ۾ هن مير فتح علي خان ٽالپر کي گهڻي مدد ڏني. هن جو وڏو پٽ آغا اسماعيل شاهه ميرن جي پاران ٻارهن ورهيه ڪابل جي امير وٽ اول ۾ رهيو. آغا ابراهيم شاهه کي اٺ پٽ هئا، جن مان چار ته شڪارپور جا نواب ٿي رهيا: آغا زين العابدين شاهه ٻه ورهيه، جو پوءِ ڪراچيءَ جو به ڇهه ورهيه نواب هو؛ آغا تقي شاهه ٽيهن ورهين تائين؛ آغا ابراهيم شاهه چئن ورهين تائين ۽ آغا ڪاظم شاهه تيرهن ورهين تائين. ڪاظم شاهه ٽالپرن ۽ افغانن جي وچ ۾ جيڪا جنگ لڳي هئي، تنهن ۾ مارجي ويو ۽ انهي سان گڏ خيرپور جي لشڪر جو سردار گولو شاهه به مارجي ويو. اهي آغا صاحب حيدرآباد جي ويجهو ڦليليءَ تي پنهنجي ٽنڊي ۾ رهندا هئا، جنهن کي آغا جو ٽنڊو يا آغا اسماعيل شاه جو ٽنڊو ٿا چون. سندن اولاد اڃا اُتي رهندو اچي.

(2) آغا خان اصل ايران جي سيد گهراڻي جو هو. تاريخ ۾ مشهور حسن صباح انهيءَ خاندان جو داعي ۽ خليفو هو، جنهن ايران ۾ اسماعيليه فرقه پيدا ٿيڻ کان پوءِ پنهنجو فرقو پيدا ڪيو، جنهن کي حشيشين سڏيندا هئا ۽ جن بادشاهن کي ڪنبائي ڇڏيو هو. اهو فرقو شيعن مان نڪتو هو ۽ اسماعيلي فرقي جي هڪڙي شاخ هئي. هنن کي نصيري چوندا هئا ۽ هو ٻارهن امامن مان پهريان ڇهه امام مڃيندا هئا ۽ پوءِ ٽيتاليهه امام ٻيا هئن ۽ چوئيتاليهون آغا خان هو، جنهن جو اصل نالو حسن علي شاهه هو ۽ جو ايران کان سنه 1842ع ۾ سنڌ ۾ آيو هو، پر انهيءَ کان گهڻو اڳي يعني سنه 1430ع ۾ انهيءَ فرقي جو هڪڙو بزرگ پير صدرالدين نالي سنڌ ۽ گجرات ۾ آيو هو ۽ هند جي برهمڻن ۽ پنڊتن جي مدد سان ويدانت جي اصول تي هڪڙو مذهب برپا ڪيائين، جو ويدانت سان موافق هو. هندو لوهاڻا سندس مريد ٿيا ۽ سندس مذهب تي آيا ۽ اُنهن کي خواجن جو نالو مليو. هندن وارا وشنوءَ جا نوَ اَوتار به هن شمار ڪيا ۽ ڏهون اوتار حضرت علي ڪيائين، ۽ پوءِ سندس اولاد ڇهين امام تائين. جڏهن ايران ۾ انهيءَ مذهب جي برخلاف گڙٻڙ متي، تڏهن آغا حسن علي شاه سنڌ ۾ آيو ۽ انهيءَ جي ٻئي سال يعني سنه 1843ع ۾ انگريزن سنڌ ورتي. هو پهرين بمبئيءَ آيو، پوءِ ڪراچيءَ. ٽالپرن جي ڏينهن ۾ هو جهرڪن ۾ آيو هو ۽ انگريز سرڪار کي ميرن جي برخلاف گهڻي مدد ڏنائين. مير شير محمد خان جهرڪن مان آغا خان تي ڪاهه ڪري سندس مال کڻي ويو، جو سرچارلس نيپئر وري وٺائي ڏنس. انهيءَ کان پوءِ انگريز سرڪار آغا خان ۽ سندس جانشينن کي گهڻو مان ڏيندي آهي. سرڪار آغا خان کي هزهائينس جو لقب به ڏنو. آغا خان ايران جي شاهه جي هڪڙي نياڻيءَ سان شادي ڪئي هئي، جنهن مان اولاد ٿيس. سندس وفات کان پوءِ سندس پٽ آغا علي شاهه سندس جاءِ تي ويٺو. هاڻي آغا محمد شاهه سندس پوٽو خواجن جو پير آهي ۽ سر جو خطاب مليل اٿس. خواجن بابت مذهبي فرقن ۾ ذڪر ڪيو ويندو.

(3) آخوند بچل_ مير نصير خان ٽالپر جي خاص درٻارين مان هو ۽ لکپڙهه جو ڏاڍو قابل هو. مير نور محمد خان جي وفات کان پوءِ جڏهن مير نصير خان گاديءَ تي ويٺو، تڏهن مير نصير خان جي پٽن مير حسين علي خان ۽ مير شهداد خان جي وچ ۾ اچي ملڪيت تي تڪرار لڳو. ٻين ميرن مان ڪي هڪڙي جي پاسي ٿيا، ڪي ٻئي جي. تڪرار وڌي جنگ جهيڙي تي اچي بيٺو هو. تڏهن لاچار ٿي مير نصير خان آخوند بچل کي وڪيل ڪري ڪرنل. آؤٽرم ڏي موڪليو، جو سنڌ ۾ انگريز سرڪار جو ريزيڊنٽ هو، انهي لاءِ ته اچي هنن جو فيصلو ڪري. ان موجب ڪرنل آيو ۽ امين ٿي فيصلو ڪيائين ۽ ٻنهي ڀائن کي پرچائي ڇڏيائين. وري جڏهن انگريز سرڪار مير نصير خان ۽ ٻين ميرن سان عهدنامو ٿي ڪيو ۽ هنن کان عهدنامي تي صحيح ڪرائڻ لاءِ ڪرنل آؤٽرم آيو، تڏهن ميرن نٽايو ۽ صحيح نه ٿي وڌي. ٻيا مير ۽ سندن خاص صلاح ڪار عهدنامي جي برخلاف هئا ۽ مير نصير خان کي صحيح وجهڻ کان منع ڪيائون؛ پر نواب محمد خان لغاري ۽ آخوند بچل مير کي اها صلاح ڏني ته عهدنامي تي صحيح وجهي ۽ انگريزن سان نه ڦٽائي. پر آخر مير نصير خان ٻين ميرن جي زور تي صحيح نه وڌي ۽ انگريزن سان جنگ ڪرڻ جي تياري ڪيائين، جنهن جو نتيجو اهو ٿيو ته سنڌ سندس هٿان ويئي.

(4) الهه بخش جهنجڻ_ ڪلهوڙن جي اميرن مان هڪڙو هو ۽ ٽالپرن جي برخلاف هو. جڏهن ميان سرفراز مير بهرام ۽ سندس پٽ مير صوبدار مارايا، تڏهن مير فتح خان ميان تي ڪاهه ڪئي ۽ ميان ڀڄي ويو. پوءِ ڪلهوڙن جي ڪن اميرن ميان جي ڀاءُ محمود خان کي گاديءَ تي ويهاريو، پر جڏهن مير فتح خان ۽ مير بجار خان حيدرآباد تي ڪاهي آيا، تڏهن ڪلهوڙن جا امير ڊڄي ويا ۽ انهن جو پاسو ڇڏي ميرن جي پاسي ٿيا. خود راڄو ليکي ۽ الهه بخش جهنجڻ به هنن جي پاسي ٿيا، پر پوءِ وري ڦري ويا ۽ ميرن جي برخلاف ڪلهوڙن کي مدد ڪيائون. وري جڏهن هنن جي وچ ۾ لانياري جي جنگ لڳي، تڏهن الهه بخش به تاجي ليکي، فيروز پتافي، محمد حسن کهاوڙ ۽ مهراب جتوئيءَ سان گڏ ڪلهوڙن جي پاسي وڙهيا، پر شڪست کاڌائون. تڏهن الهه بخش ۽ ٻيا ڪي سردار مير بجار جو زور ڏسي ڪلهوڙن کي ڇڏي هن جي طرف ٿيا. پوءِ مير بجار جنگ کٽي ۽ ميان عبدالنبيءَ کي سڏي گاديءَ تي وهاريائين. هن الهه بخش جهنجڻ کي سندس گذري نمڪ حراميءَ جي ڪري کڻي قيد ڪرايو. پر سندس پٽ غلام حسن ميرن جي برخلاف رهيو ۽ هالاڻيءَ واري جنگ ۾ ڪلهوڙن جي طرفان ميرن سان وڙهيو ۽ مارجي ويو ۽ ميرن سنڌ کٽي.

(5) احمد خان لغاري (نواب) مير نصير خان جي خاص اميرن مان هو ۽ ميرن جو وڏو صلاحڪار هو. مير نصير خان جي وفات کان پوءِ جڏهن سندس پٽن جي وچ ۾ تڪرار ٿيو، تڏهن هو مير حسن علي خان جي پاسي ۽ مير شهداد جي برخلاف هو ۽ هن جي صلاح سان مير صوبدار خان به مير حسين علي خان جو پاسو ورتو. وري جڏهن ميرن ڪرنل آؤٽرم تي درياهه جي ڪناري تي ڪاهه ٿي ڪئي، تڏهن به هي نواب سندن صلاحڪار هو ۽ لشڪر وٺي ويو ۽ مير شهداد خان کي به زور ڪيائين ته اچي پنهنجي لشڪر سميت ساڻن شامل ٿئي، جنهن تي اُهو مير به اچي ساڻن شامل ٿيو.

(6) امبرت راءِ _ مير عبدالله خان جو معتبر منشي هو ۽ جڏهن مدد خان سردار ڪاهي آيو هو، تڏهن انهن جي وچ ۾ الهداد ليکيءَ سان گڏ پيغام آڻڻ نيڻ وارو هو.

(7) آوت راءِ (منشي) _ مير صوبدار خان جو منشي هو. سنه 1843ع ۾ جڏهن ميرن جي تڪرار تي سرچارلس نيپئر سنڌ ۾ آيو، تڏهن مير صوبدار هن منشيءَ کي پنهنجي طرفان تحفا ڏيئي سرچارلس ڏي پيغام موڪليو، انهيءَ لاءِ ته مير علي مراد خان وانگي هو به سنڌ جو حاڪم ٿئي، پر ائين ڪونه ٿيو.

(8) باغه يا باگو فقير ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ هڪڙو امير هو. هن جي پيءُ جو نالو مرزو فقير هو، جو بهادر شخص هو ۽ سلطان جنگ جو لقب مليل هوس. جڏهن ميان صادق علي خان ڪلهوڙو سنڌ جي گاديءَ تي هو۽ مير عبدالله خان ٽالپر سندس وزير هو، تڏهن ميان عبدالنبي ڪلهوڙو جو ڀڄي ويو هو، سو قلات جي خان کان لشڪر جي مدد وٺي ڪاهي آيو، ۽ اڀرندي کان وري جوڌپور جو راجا ڪاهي آيو. مير عبدالله خان ميان جي طرفان سپه سالار ٿي انهن کي سامهون ٿيڻ لڳو. مرزو فقير سلطان جنگ ۽ سندس پٽ باغو فقير نظاماڻي ۽ جمالي ۽ لغاري ماڻهن جو لشڪر گڏ ڪري وڃي وڙهيا ۽ راجپوتن کي شڪست ڏنائون. تنهن کان پوءِ وري چالڪ جي پُل وٽ ميان عبدالنبيءَ سان جنگ ٿي، جنهن ۾ پڻ اهي ئي پيءُ پٽ وڙهيا ۽ قلات جي لشڪر کي شڪست آئي. وري جڏهن مدد خان پٺاڻ ڪاهي آيو ۽ مير عبدالله ۽ مير فتح خان اُن سان وڙهڻ جي نسبت ۾ همراءِ نه ٿيا ۽ انهي ڪري مير فتح خان رُسي عمرڪوٽ ڏي هليو ويو، تڏهن باغو فقير به اُن سان ويو، جو سندس لشڪر جو مهندار هو. وري جڏهن مير عبدالله کان پوءِ مير فتح علي خان ميان عبدالنبيءَ سان وڙهڻ لاءِ نڪتو، تڏهن مير فتح خان به هن سان شامل ٿيو ۽ باغو فقير سندس لشڪر جو سردار هو ۽ سگهوئي سنه 1196هه ۾ هالائيءَ جي جنگ لڳي، جنهن ۾ باغي فقير ڏاڍي بهادري ڏيکاري ۽ آخر بلوچن جي فتح ٿي. ٻئي سال ۾ ميان عبدالنبي ديرن ڏي ڀڄي ويو، پر نومڙين يا نهمردين اڳي جيڪا ميان عبدالنبيءَ کي مدد ڪئي هئي تنهن جي لاءِ هنن کي سزا ڏيڻ واسطي باغو فقير ٻن سون ٻيڙين تي پار لنگهي ٿي ويو ته اُهي ڊپ کان پيش پيا ۽ باغي فقير هنن کي مير کان معافي وٺي ڏني. وري جڏهن تيمور شاهه بادشاهه عبدالنبيءَ جي عرض ڪرڻ تي سندس لاءِ لشڪر موڪليو، تڏهن مير فتح علي خان انهيءَ سان وڙهڻ جي ڪئي ۽ باغو فقير به انهيءَ سان هو، ۽ انهيءَ کي شڪست ڏنائين.

(9) بلاول فقير نائجه_ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي اميرن مان هو. جڏهن نادر شاه جي سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ سنه 1160هه ۾ ڌاراجه جي راڻي جي اشاري سان جبل جي ماڻهن فساد ڪيو ۽ ٺٽي تي ڪاهي آيا، تڏهن ٺٽي جو حاڪم ميان جي پاران مسوُ فقير هو، تنهن کي برطرف ڪري ميان بلاول فقير نائجه کي ٺٽي جو حاڪم ڪيو. هو وڏو لشڪر وٺي راڻي جي قلعي تي ڪاهي ويو. راڻو پنهنجو شهر ڪن ماڻهن جي حوالي ڇڏي پاڻ درياهه لنگهي ڀڄي ويو. بلاول فقير قلعو وڃي ورتو ۽ ميان نور محمد جي پٽ خداداد خان جي حوالي ڪيائين، جو ٺٽي ۾ فساد جو ٻڌي بندوبست لاءِ موڪليو ويو هو. سگهوئي پوءِ شيخ شڪرالله بجار جوکئي جي هٿان راڻي کي مارائي ڇڏيو.

(10) بختاور خان (مَلَڪُ) _ شاهزادي محمد معزالدين جي سنڌ ۾ اچڻ وقت ملڪ بختاور خان، جو اصل لاڏڪاڻي جو هو، سو سيويءَ جو حاڪم هو. شڪارپور وارو پاسو به انهيءَ سان هو. ميان يار محمد ڪلهوڙو شڪارپور تي ڪاهي آيو ۽ اها ورتائين. بختاور خان ڀڄي شاهزادي وٽ ملتان ۾ ويو شاهزادي سندس پرگڻي ۾ وڃڻ گهريو، پر هن نٽايو، تنهن تي شاهزادي هن سان وڙهي هن کي مارايو ۽ پوءِ سگهو ئي سندس ڀاءُ ملڪ الهه بخش کي سيويءَ جو حاڪم ڪيائين.

(11) ڀبولا خان جاکرو نومڙيو _ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ جابلو ماڻهن جو سردار هو ۽ ميان وٽ وڏي مان وارو هو. سنه 1160هه ۾ جڏهن ڌاراجه جي راڻي فساد ڪيو ۽ لشڪر وٺي ٺٽي تي ڪاهي آيو، تڏهن بولا خان نهمردي جاکرو مسوُ فقير ۽ شيخ شڪرالله سان گڏجي وڏي لشڪر سان هنن کي وڃي سامهون ٿيو. ٽي ڏينهن جنگ هلي. نيٺ هنن کي ڀڄائي ڪڍيائون. سگهو ئي پوءِ راڻي کي شيخ شڪرالله دغا سان صلح ڪرڻ لاءِ گهرائي مارائي ڇڏيو.

(12) بهادر خان کوکر _ مير مراد علي خان وٽ هڪڙو وڏو بلوچي سردار هو. هڪڙي ڀيري گهڻي شراب پيئڻ ڪري نشئي ڏسڻ ۾ آيو، تنهنڪري مير صاحب موقوف ڪري ڇڏيس. انهن ڏينهن ۾ شراب ڪم ۾ نه ايندو هو، بلڪ دوا ۾ به نه وٺندا هئا. هي بلوچ مير صاحبن جي طرفان گهڻين جنگين ۾ وڙهيو ۽ سچو پچو بهادر هو.

(13) تاجو فقير _ ڪلهوڙن جي ڏينهن ۾ جيڪي سندن امير هوندا هئا، سي سندن مريد هئڻ ڪري فقير سڏبا هئا. مير شهداد ۽ ٻيا ٽالپر جي سندن مريد هئا، سي به فقير سڏبا هئا، تاجي نالي سان ڪلهوڙن وٽ گهڻا امير هوندا هئا، جي فقير سڏبا هئا. انهن مان هڪڙو تاجو فقير اوٺوال هو، جو ميان دين محمد ڪلهوڙي جو امير هو. جڏهن دهليءَ جي بادشاهه بهادر شاهه ڪلهوڙن سان وڙهڻ لاءِ لشڪر موڪليو ۽ انهي کي هنن شڪست ڏني، تڏهن بادشاهه جو پٽ شاهزاد معزالدين پاڻ سنڌ ۾ آيو ۽ ڪلهوڙن سان وڙهيو. گاج نديءَ جي ويجهو کور ڳوٺ ۾ سخت لڙائي لڳي، جنهن ۾ ميان دين محمد گرفتار ٿي پيو. ميان جو ڀاءُ يار محمد لشڪر جو مهندار هو ۽ تاجو اوٺوال ۽ سندس مائٽ جادو ۽ بختيار بهادر سردار هئا، جي سڀ مارجي ويا. ٻيو تاجو سامٽيو هو، جو مير عبدالله جي وقت ميان عبدالنبيءَ جي خاص صلاحڪارن مان هو. جڏهن عبدالنبي بادشاهه کان مدد خان کي مدد لاءِ وٺي آيو ۽ اُنهي کي پيسا پهچائي نه سگهيو، تڏهن مدد خان ميان جي خاص اميرن تاجي سامٽئي ۽ ڪن ٻين کي کڻي قيد ڪيو ۽ انهن کي عذاب ڏنائين ته ساڻس سچي ڪن ته خزانو ڪٿي رکيو آهي. وري جڏهن مير فتح علي خان ميان عبدالنبيءَ تي ڪاهي آيو، تڏهن ميان عبدالنبي محمد حسن کهاوڙ کي سپهه سالار ڪري وڙهڻ لاءِ موڪليو۽ سندس مدد لاءِ تاجو سامٽيو ۽ ڌڱاڻو جتوئي ۽ پيروز ڪليري ۽ غلام حسن جهنجڻ نومڙين ۽ کوسن جي لشڪرن سان موڪليائين، جي هالاڻيءَ ۾ اچي وڙهيا ۽ شڪست کاڌائون. ٽيون تاجو  جتوئي هو، جو مهراب جتوئيءَ جو پٽ هو ۽ ڌڱاڻي جتوئيءَ جو مائٽ هو. اُهو ۽ ٻيا جي پڻ مٿئينءَ جنگ ۾ هئا، سي پشيمان ٿي مير وٽ آيا ۽ معافي گهريائون. مير تاجي کي معافي ڏيئي سندس پيءُ مهراب جي جاءِ تي رکيو ۽ تاجي جي جاءِ ڌڱاڻي کي ڏنائين. چوٿون تاجو ليکي هو، جو راڄي ليکيءَ جو پٽ هو ۽ مشهور سردار ٿي گذريو، اگرچه ڏاڍو حرڪتي ۽ حرفتي ۽ دغاباز ۽ ظالم شمار ڪيل هو ۽ هميشه ڪلهوڙن جي طرفان ٽالپرن جي برخلاف رهيو. جڏهن مير فتح علي خان ميان سرفراز تي ڪاهي آيو ۽ هو اُٿي ڀڳو ۽ سندس جاءِ تي سندس ڀاءُ ميان محمود خان گاديءَ تي وهاريو ويو ۽ مهراب جتوئي کيس وزير ڪري ڏنو ويو، تڏهن راڄو ليکي ۽ الهه بخش جهنجڻ ۽ ٻيا ڪي ميان سرفراز جو پاسو ڇڏي مير ڏي آيا ۽ ڪاهي حيدرآباد جو قلعو ورتائون. پر راڄو اندر ۾ دغا رکندو آيو. جڏهن مير بجاور آيو، تڏهن ڊپ کان هو بيمار ٿي پيو ۽ مري ويو. ڪي چون ٿا ته هن پاڻ کي زهر ڏيئي ماريو. سندس پٽ تاجو به جهڙس هو ۽ کانئس پوءِ سندس جاءِ تي رهيو ۽ اهڙو زور هو، جو انهي جي مرضيءَ کان سواءِ ميان غلام نبي ڪجهه ڪري نه سگهندو هو. جڏهن مير بجاور عمرڪوٽ ڏي هليو ويو، تڏهن تاجو ميان کي پاڻ سان وٺي مير تي ڪاهي ويو، پر مير هن کي ڏاڍي شڪست ڏني، اگرچ انهي سان گهڻا پيا سردار به هئا، جيئن ته الهه بخش جهنجڻ، پيروز پتافي، محمد حسن کهاوڙ ۽ مهراب جتوئي. لانياريءَ واريءَ جنگ ۾ به جڏهن هنن کي شڪست ملي، تڏهن تاجي ميان غلام نبيءَ کي ترار سان ماري يوڌو، جو ڄاتائين ته هو دل ۾ مير جي فائدي ۾ آهي ۽ پوءِ پاڻ شاه ڳڙهه ڏي ڀڄي ويو، جڏهن مير بجار ميان عبدالنبيءَ کي گاديءَ تي وهاريو ۽ ٻيا سردار وڃي مير وٽ پيش پيا، تڏهن تاجي ليکي ۽ الهه بخش جهنجڻ کي مير گرفتار ڪرائي کڻي قيد ۾ وڌو. تاجي ميان جي ڀاءُ کي ماريو هو، تنهنڪري ميان تاجي کي به ٿي مارايو، پر مير مٿس رحم ڪري معافي وٺي ڏنيس. انهي هوندي به تاجي دل مان دغا نه ڇڏي ۽ وري به پوءِ مير جي برخلاف ٿيو ۽ جڏهن عبدالنبي ڀڄي ويو ۽ مدد خان پاڻ سان ڪري وٺي آيو ۽ مير عبدالله خان سان ٿي وڙهيو، تڏهن مدد خان خرچ نه ملڻ سبب تاجي ليکيءَ جي پٽ بلاول ۽ ٻين کي قيد ڪري عذاب ڏنا. تاجي سان گڏ سندس ڀاءُ الهداد ليکي به ساڻس شامل هو. اُهي ٻئي ڀائر هالاڻيءَ واريءَ جنگ ۾ مارجي ويا، جا جنگ سنه 1196هه (1782ع) ۾ ٿي. تاجي ليکيءَ جو پٽ بلاول ليکي پڻ ميان عبدالنبيءَ جو امير هو ۽ پيءُ سان گڏ جنگين ۾ وڙهيو. هو هالاڻيءَ واري جنگ ۾ به هو، پر سمنڊ جي رستي ڀڄي هالار جبل مان نڪري ويو.

(14) ثابت علي شاه _ سيد ثابت علي شاه مير ڪرم علي خان جي زماني ۾ سنڌ جو مشهور شاعر ٿي گذريو. هو اصل ملتان جو هو ۽ سنه 1153هه ۾ اُتي ڄائو هو. هو مدار علي شاه جو پٽ ۽ نور محمد شاه جو پوٽو هو. نواب اعظم خان سان گڏ سنڌ ۾ آيو، ۽ جڏهن هو موٽي ويو، تڏهن هيءُ سيد سيوهڻ ۾ رهجي پيو ۽ قلندر شهباز جي درگاه تي ويندو رهيو. پوءِ سندس والد مدار علي شاه ۽ ڀاڻس پريل شاه به آيا ۽ اچي ساڻس گڏ رهيا. عربي ۽ فارسيءَ ۾ هوشيار هو ۽ فارسي توڙي سنڌيءَ ۾ شعر چوڻ لڳو، خصوصاً مرثيا ۽ منقبت. ڪلهوڙا حڪام هن کي لوازمو پهچائيندا هئا ۽ ڪلهوڙن کان پوءِ جڏهن مير آيا، تڏهن اُهي به ساڳي نوازش مٿس ڪندا رهيا. مير ڪرم علي خان وٽ هُو برک هو. سُني ملن سان گهڻا جهيڙا ڪيائين. سنه 1325هه ۾ 27 تاريخ جمادالثانيءَ جي وفات ڪيائين ۽ سيوهڻ ۾ رکيو ويو. هن کي ٻه پٽ هئا: هڪڙو امداد علي شاه ۽ ٻيو احسان علي شاه. امداد علي شاه جو اولاد اڃا به هليو اچي ۽ حيدرآباد ۾ ميرن جي قبن تي رهندڙ آهي.

(15) پرتاب راءِ (منشي) _ هو مير صوبدار خان جو خاص منشي هو. جڏهن سنه 1826ع ۾ هي مير پنهنجن چاچن سان ملڪيت جي نسبت ۾ رنج ٿي فساد ڪرڻ ۽ لشڪر گڏ ڪرڻ لڳو، تڏهن انهيءَ جي خرچ لاءِ هن منشي پرتاب راءِ جي معرفت زيور وڪڻي خرچ جي پورائي ڪئي. هي منشي ۽ هوش محمد حبشي مير جا صلاحڪار هئا. مير مراد علي خان لشڪر وٺي مٿس ڪاهي ويو، جنهن ڪري گهڻا ماڻهو مير کي ڇڏي ويا ۽ لاچار ٿي هو اچي پيش پيو. هيءُ منشي گهربي مل جو پٽ هو ۽ ڪلياڻ داس جو پوٽو هو ۽ شهدادپور جي ويجهو لانڍين ۾ رهندو هو. پڇاڙيءَ ۾ ڪن جلالاڻي بلوچن هن کي ماري وڌو. هن کي ٻه پٽ هئا: تخت رام ۽ گرڌر داس. گرڌر داس جو پٽ گاگن داس هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org