سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: قديم سنڌ

ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو

باب؛ 8

صفحو ؛ 17

 

باب اٺون

ٺٽي جو بيان

 

ڀاڱو چوٿون _ شاعرن ۽ ڪتابن بابت

مٿي ڪن بزرگن ۽ مشهور ماڻهن جو بيان ڏنو ويو آهي، اُتي جيڪو جيڪو شاعر يا خوش نويس ڪاتب هو، تنهن جو اتي اشارو ڏنو ويو آهي. هتي ڪِن وڌيڪ ماڻهن جو ذڪر ٿو ڪجي.

فصل پهريون _ شاعرن بابت

(1) محمد مقيم_ ترخانين جي زماني ۾ مرزا جاني بيگ سان گڏ اڪبر بادشاهه جي خدمت تائين پهتو. ڪتاب ترنم عشق شعر ۾ تصنيف ڪيائين، جنهن ۾ مومل ۽ مينڌري جو قصو مثنويءَ ۾ آندائين.

(2) مُلا عبدالرشيد اصل لاهريءَ جو رهاڪو هو. فقه ۾ مشهور هو، پر شاعر به قابل هو. مرزا غازيءَ کي سندس شعر ۽ سندس صحبت گهڻو پسند هئي. گهڻو خرچ ڪري هن کي پنهنجي وطن مان گهرائي پاڻ وٽ رکيائين ۽ خان جو خطاب ڏنائينس.

(3) عبدالقيوم_ خوش طبع ۽ ظريف شاعر هو. جهانگير بادشاهه جي عهد ۾ مير مظفر خان معموريءَ جي همراهن مان هو.

(4) دانشور، جنهن جو تخلص شهر تي هو، سو ٺٽي جي وڏن شاعرن مان هو ۽ مير عبدالرزاق خان معموريءَ جو همعصر هو. جهانگير جي عهد ۾ قباد خان  حاڪم جي وقت تائين جيئرو هو. سندس ديوان مشهور آهي.

(5) مُلا محب علي_ عالم فاضل ۽ ڪامل شاعر هو. جهانگير ۽ شاهه جهان بادشاهن جي راڄ ۾ معتبر ۽ نالي وارو ٿي گذريو.

(6) مُلا محمد صوفي_ مرزا غازي بيگ جي وقت جو شاعر هو. اڪثر ساڻس گڏ رهندو هو ۽ مشاعرن ۾ شامل ٿيندو هو.

(7) غيوُري عرف شڪر_ چڱو شاعر هو ۽ ديوان اٿس. مير لطف الله شيرازيءَ جي والد مير بزرگ جي وفات جي تاريخ هيءَ چيائين: سروش گفت نمانده بشهر تته بزرگ.

(8) فتح الله ولد ميان عبدالله مغل_ مير محمد منعم جو همعصر هو، تخلص حسيني هوس. حضرت پير دستگير جو خليفو مقرر ٿيو. سِڪَن ٺاهڻ ۽ مُهرن کوٽڻ جو ڪم ڪندو هو. ديوان اٿس. سندس ڏوهٽو محمد فياض مُهرڪَن مشهور هو.

(9) محمد فاصل ولد شيخ علي محمد برجستو شاعر ٿي گذريو ۽ خوش نويس به هو.

(10) حيرتي مشهور شاعرن مان هو ۽ شهر تي شاعر جو همعصر هو.

(11) مُلا ملامي ۽ مُلا عبدالحڪيم_ ٻئي ڀائر مشهور ظريف شاعر هئا. پهريون عجيب غريب ظرافت جهڙيون ڳالهيون لکندو هو. خواجه عطاءُ الله ۽ قاضي محمد حسين ۽ شيخ ميرڪ عبدالوهاب جا همعصر هئا. مُلا عبدالحڪيم جو تخلص عطا هو. وڏو پرهيزگار شخص هو. ٽيهه ورهيه برابر رات ڏينهن عبادت ۾ رهيو. رات ۽ ڏينهن هڪڙي وضوءَ ۾ گذاريندو هو. اڪثر نعمت نبوي ۽ منقبت مرتضوي چوندو هو. ڪيترائي ديوان ۽ مثنويون چيون اٿس. سندس شعر لک بيتن کان گهٽ نه آهي. اڪثر سبزپوش رهندو هو. کانئس پوءِ سندس اولاد به گهڻي تائين شعر چوندو رهيو. سندس ڀائٽيو محمد ضياءَ به نهايت چڱو شاعر هو ۽ جهان آباد ويو ۽ مرزا بيدل سان ملاقات ڪيائين، جنهن کيس قيامت تخلص ڏنو. پوءِ نواب مهابت خان ڪاظم سان گڏ ٺٽي ۾ آيو ۽ نواب جو خاص مصاحب هو ۽ سندس وهڻ لاءِ خاص تڪيو جوڙايائين. مزي جهڙو ديوان اٿس ۽ ملا عبدالحڪيم جو پٽ مسڪين ضياء جي جاءِ تي تڪيه ۾ قائم مقام ٿيو.

(12) محمد مير عرف ميان هاشو ولد ميان دائود، عربيءَ ۾ تحصيل ڪئي هئي. محمد ضياء سان گڏ طبع آزمائي ڪندو هو. نواب اعظم خان سان گڏجي جهان آباد ويو ٿي، انهيءَ لاءِ ته محتسب مقرر ٿئي؛ پر جڏهن بکر پهتو، تڏهن حياتي پوري ٿي ويس.

(13) مُلا يار محمد خادم ۽ محدم رضا هاشمي، اهي ٻئي عالمگير بادشاهه جي زماني ۾ مشهور شاعر ٿي گذريا. سندن شعر ۾ ظرافت به هئي، بلاغت به هئي.

(14) محمد حسين شوقي ولد مُلا عبدالرؤف، طالب علم قابل شخص هو. اڪثر جهان آباد ۾ گذاريائين. ٺٽي ۾ محتسب ۽ صدر هو. سندس نائب شيخ عبدالباسط هو. محمد هاشم نصرپوريءَ جو مريد هو ۽ مير شاهه شڪر الــٰــهيءَ جو سنگتي هو. سندس مثنوي نغمات شوقي تصوف ۽ سلوڪ جي مضمون تي مشهور آهن. نان و حلوا واري مثنويءَ جي تتبعه تي آهي، جا شيخ بهائيءَ جي لکيل آهي. ٻي مثنوي نازو نياز جي چئي اٿس. ٻيون به ڪي مثنويون ۽ غزليات چيا اٿس. مطلب هر قسم جو شعر اٿس، نثر لکڻ ۾ به قابل هو.

(15) عبدالشڪور به مشهور شاعر هو. جڏهن سندس پيءُ وفات ڪئي ۽ انهيءَ کي قبر ۾ ٿي لاٿائون، تڏهن في البديهه هيءَ تاريخ چيائين: بسم الله و علي ملته رسول الله. عاقبت محمود خان عيشي به منصبدار هو ۽ چڱو شاعر هو. سندس ديوان ۽ انشا مشهور آهن.

(16) آخوند محمد شفيع پارسي خوان، مشهور اُستاد هو. مير عبدالقدوس شيرازيءَ جي يارن مان هو. عجيب طبع جو شاعر هو. تاريخ ڪڍڻ ۾ ڏاڍو قابل هو. سڀ معزز ۽ دولتمند ماڻهو کيس گهڻي تعظيم ڏيندا هئا.

(17) مير محمد استر آبادي رضوي سيدن مان هو. نواب سيف الله خان جي عهد ۾ سنه 1140هه ۾ عتبات عاليات جي زيارت ڪري موٽي ٺٽي آيو ۽ اُتي رهي پيو. شادي ڪيائين ۽ اولاد ٿيس. منقبت ۽ مرثيا تمام گهڻا چيائين.

(18) محمد محسن ولد نور محمد بن ابراهيم بن يعقوب پاٽولي هو ۽ رنگين طبع جو ماڻهو هو. مير لطف علي خان جو شاگرد هو. گهڻن ڪاملن جي صحبت ڪيائين. تمام قابل شاعر هو. منقبت لکيائين، جن جو ڪتاب عقد دوازده گوهر مشهور آهي. حضرت صاحب الزمان جي ولادت بابت ڪتاب طراز دانش لکيائين. اعلام ماتم يا حمله حسيني به سندس تصنيف آهي.د يوان ۽ قصيدا ۽ ٻيو گهڻو سندس شعر آهي. سندس پٽ ميان غلام علي؛ جنهن جو تخلص مداح هو، سو شاعر ته هو، پر عربيءَ ۾ به قابل هو.

(19) محمد پناهه رجا مير حيدرالدين ابوتراب ڪامل جو شاگرد هو. تمام چڱو شعر چوندو هو ۽ تاريخون عجيب ڪڍندو هو. فقيرن ۽ درويشن جي صحبت ۾ گهڻو رهندو هو.

(20) آقا محمد صالح واثق_ اصل تبريزي هو. سورت بندر ۾ ڄائو ۽ ٺٽي ۾ پلجي وڏو ٿيو ۽ مشهور شاعر ٿي گذريو. آقا محمد ڪريم صفاهاني جي وفات کان پوءِ نادر بادشاهه جي زماني ۾ ڳچ وقت تائين رعيت جو وڪيل هو ۽ پوءِ گوشه نشين ٿيو. خوشنويس به چڱو هو ۽ انشاپرزاديءَ ۾ بيمثل هو. سن 1179هه ۾ وفات ڪيائين.

(21) شيخ عبدالسبحان فائز ولد شيخ مرتضيٰ. شيخ مرتضيٰ ۽ ان جو ڀاءُ شيخ شجاع بادشاهي منصبدار هئا. شيخ عبدالسبحان حاضر جواب شاعر هوندو هو ۽ ظرافت آميز شعر چوندو هو. اهلبيت جي محبت کان گهڻا منقبت چيائين. آخر ميان نور محمد ڪلهوڙي جي راڄ ۾ اهلبيت جي محبت جي گهڻائيءَ کان مخالف ڌر وارن ڏاڍي تڪليف رسايس، جا هن سعادت سمجهي کنئي. سندس مولود به مشهور آهن. کانئس پوءِ سندس ڀاءُ محمد رفيع شعر چوندو هو.

(22) آخوند فيض الله طپش_ مُلا ماڻهو هو. خيالي شعر تمام چڱو ڄاڻندو ۽ سمجهندو ۽ سمجهائيندو هو. سندس نثر توڙي نظم تعريف جهڙو هو.

(23) اسد الله تابع ٺٽي جي مخدومن مان هو ۽ محمد منعم ترائيءَ جي اولاد مان هو ۽ محمد محسن جو شاگرد هو. طبع شاعريءَ جي چڱي هيس. گهڻي مدت سورت بندر ۾ گذاريائين.

(24) غلام محمد ولد آخوند محمد احسن فارسيءَ جو چڱو مدرس هو. گهڻا سندس شاگرد هئا. تاريخ گوئي ۽ قطع گوئيءَ ۾ ڏاڍو هوشيار هو.

(25) مرزا غلام علي مومن_ اله ويردي بيگ گاذرونيءَ جو پوٽو هو. شيخ قمرالدين جي خدمت ۾ رهندو هو ۽ بادشاهه جي لشڪر ۾ گذاريندو هو. شعر چڱو چوندو هو.

 

فصل ٻيو _ ڪتابن ۽ خوشنويسن بابت

حافظ رشيد_ ڄام نظام الدين ۽ ڄام فيروز جي زماني ۾ هوندو هو. علم مهارت ۽ خوشنويسيءَ ۾ مشهور ٿي گذريو. سيد حسن ترخانن جي زاني ۾ مشهور ٿي گذريو ۽ سندس پٽ سيد محمد طاهر به، جو ست ئي قلم ڄاڻندو هو.

مخدوم الياس بن مخدوم يوسف خط نستعليق ۽ نسخ تمام چڱو لکندو هو ۽ وقت جو استاد ٿي گذريو. سيد علي ۽ ٻين جهڙا مشهور ماڻهو سندس شاگرد هئا. سيد رحمت الله ولد سيد ابو القاسم بيگ_ نستعليق خط نهايت چڱو لکندو هو. شيخ محمد فاضل ولد شيخ محمد شاهجهان بادشاهه جي وقت ۾ رهندو هو. خط ثلث چڱو لکندو هو. سندس پٽ شيخ محمد به پيءُ جهڙو چڱو ڪاتب هو. سيد علي مشهور خوشنويس ٿيو ۽ سندس گهڻا شاگرد ٿيا. شيخ محمد علي نستعليق خط ۾ قابل هو ۽ عالمگير جي حضور ۾ سرفراز هو. ميان شيخ محمد سيد علي مٿئين جو شاگرد هو ۽ ستنئي قلمن ۾ مشهور هو. سندس پٽ شيخ ابوالفضل ۽ شيخ محمد پناهه به مشهور خوشنويس هئا. شيخ محمد پناهه جو پٽ محمد عالم به عمدو ڪاتب هو. شيخ عبدالواسع نستعليق خط ۾ لاثاني هو. شاهه جهان بادشاهه وٽ برک هو ۽ سندس حضور ۾ فرمان ۽ نشان لکندو هو. انهيءَ کي ست پٽ هئا: شيخ عبدالسميع، عبدالشڪور، عبدالغفور، محمد معين، عبدالحق، محمد شريف ۽ عبدالرؤف. سڀئي پيءُ جهڙا خوشنويس هئا ۽ پيءُ جي جاءِ تي بادشاهه وٽ منظور هئا. سيد نعمت الله به چڱو ڪاتب هو. مير محمد بزرگ رضوي، جنهن جو ذڪر مٿي آيو آهي، سو پنهنجي پيءُ جو شاگرد هو. انهن کان سواءِ محمد شفيع شاهه بندر وارو ۽ هدايت الله زرين رقم وڏن استادن مان هئا. خواجه محمد شريف، مير شهاب الدين جي اولاد مان هو ۽ سيد عليءَ جو شاگرد هو. انهيءَ جو پٽ خواجه مير مرتضيٰ ۽ ميان حبيب الله سيد عليءَ جو شاگرد ۽ انهيءَ جو پٽ تاج محمد ۽ درويش علي مغل ۽ انهيءَ جو پوٽو علي بيگ ۽ سيد مير محمد شاگرد محمد پناهه جو. اُهي سڀ چڱا خوش نويس ڪاتب هئا.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org