سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: قديم سنڌ

ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو

باب؛ 6

صفحو ؛ 15

 

(13) مخدوم حمزه واعظ – ڪرامت وارو شخص ٿي  گذريو. چون ٿا ته هڪڙي شخص حاجي حمزه نالي  آخوند محمد باقر طالب علم جي ڏاڏن مان. ٻارهن حج ڪيا ۽ حرمين ۾ رهي پيو. جڏهين وطن جي حب کان ٺٽي ڏي اچڻ جو خيال ڪندو هو. تڏهين ڪنهن نه ڪنهن سبب اچڻ جو اتفاق نه ٿيندو هو. ائين ڪندي ڏهه ورهيه گذري ويس. ڪنهن شخص چيس ته اڌ رات جي وقت هڪڙو ماڻهو بيت الحرم جي فلاڻي ڪنڊ تي تهجد پڙهندو آهي. تنهن جو وڃي دامن قابو جهليندين ته تنهنجي مراد حاصل ٿيندي. هن ائين ڪيو. اهو شخص مخدوم حمزه واعظ هو. هن گهڻو ئي پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن نه ڇڏيس. نيٺ مخدوم چيس ته پير منهنجي پيرن تي رک ۽ هٿ منجهن هٿن ۾ ڏي ۽ اکيون کڻي پور. هن ائين ڪيو. وري چيائينس ته هاڻي اکيون پٽ ته ڏسي ته ٺٽي جي عيدگاهه ۾ ويٺو آهي. هن کي چيائين هيءُ تنهن جو وطن آهي؛ هاڻي گهر هليو وڃ. پر متان اها ڳالهه ڪنهن ٻئي سان ڪئي اٿيئي؛ جي ڪندين ته ايمان کسجي ويندءِ. انهي مخدوم جي نسبت ۾ هي به ذڪر لکيل آهي. هڪڙي ڏينهن ڪو ماڻهو مڪليءَ جي زيارت تي ٿي ويو ته وطايه فقير مجذوب منهن ۾ مليس. جو موٽيو ٿي آيو. هڪڙو ٻيو مجذوب فقير به مڪليءَ ڏي ٿي ويو. انهيءَ کي وطايه فقير سڏي چيو ته اڄ ايڏي ڇو ٿو وڃين؟ مخدوم حمزه اڄ وفات ڪئي آهي.  ۽ حضرت محمد مصطفيٰ صلعم جن هن جي جنازه نماز  پڙهائڻ ٿا اچن. اچ ته هلي انهن سان شامل ٿيون. اهو شخص جڏهين مڪليءَ تان موٽي شهر ۾ آيو. تڏهين معلوم ٿيس ته برابر مجذوب حمزو مري ويو آهي. وڃي جنازه نماز ۾ شامل ٿيو. پهرين تڪبير سڀ ڪنهن غيب مان ٻڌي. پوءِ ظاهري امام نماز شروع ڪئي.

(14)  مولانا محمد طاهر – اصل شيرازي هو. جو پوءِ ٺٽي ۾ اچي رهيو. فاضل ۽ عالم هو. ٽي پٽ ڇڏيائين: ابو طالب. عبدالغني ۽ ابو الفضل. ابو طالب چڱو طالب علم هو. سندس پٽ شيخ عنايت الله منصبداريءَ ۾ عزت سان گذاريو. انهيءَ کي اولاد ڪو نه هو؛ باقي ڏهٽا هئس. جن مان ڪڪراله جي قاضي محمد فاضل جو اولاد ۽ تحفته الڪرام جو مصنف هئا. عبدالغني ۽ ابوالفضل به منصبدار هئا. ابوالفضل جو پٽ محمد حسن گهڻو وقت جهان آباد ۾ رهيو ۽ عالمگير جي راڄ کان وٺي محمد شاهه بادشاهه جي راڄ تائين جواهر خاني جو نائب هو ۽ سنه 1171 هه ۾ تمام ٻڍو ٿي گذريو ۽ سندس پٽ محمد يار سندس قائم مقام ٿيو.

 (15) مخدوم لقمان – مرزا جاني بيگ جي زماني ۾ شهر جو محتسب هو ۽ سندس پوٽو عبدالجميل خروازي. توڙي انهي جو پٽ محمد سليم ۽ انهي جو پٽ محمد اڪرم ۽ انهي جو پٽ عبدالواحد چڱو وقت گذاري ويا. مخدوم عبدالرشيد بصير به چڱو طالب علم ۽ حال ۽ قال وارو ٿي گذريو. اولاد ڪو نه هوس. ميان آدم متقي ۽ ميان عبدالنبي خائف ۽ ميان عبدالرحيم مدرس ۽ ميان لطف الله مدرس ۽ مخدوم برهان مدرس ۽ مخدوم عنايت الله مدرس. جنهن جا شاگرد مخدوم ضياءَ الدين ۽ محمد معين هئا. ۽ مخدوم طالب الله ولد شيخ عبدالله اصل بدين وارو ۽ سندس پٽ بيگ محمد جن کي عالمگير بادشاهه ڏهه هزار دام انعام ۽ هڪ رپيو روزانو مدرسي جي خرچ لاءِ عطا ڪيو ۽ شيخ عبدالرحمان حقاني ۽ سندس پٽ حامد خان. اهي سڀ شخص ٺٽي ۾ عالم فاضل مدرس ۽ معلم ٿي گذريا.

 (16) مخدوم اسحاق اصل گجرات جو هو ۽ اگهم ڪوٽ ۾ اچي رهيو ۽ مخدوم اسماعيل سومري جو مريد ٿيو ۽ پوءِ ٺٽي ۾ آيو. ڪامل عالم شخص هو. ٻه پٽ ڇڏيائين: ميان احمد ۽ ميان عباس. ميان احمد کي حضرت صلعم جن وٽان ڪتابي جو خطاب مليو. انهيءَ جي نسبت ۾ مخدوم ضياءَالدين نقل ٿو ڪري ته هن جي حجري جي ڀت تي مون گهڻو رت لڳل ڏٺو. جانچ سان معلوم ڪيم ته هو اڪثر رت روئندو آهي.  انهيءَ جا نشان آهن. پڇاڙيءَ  جي ڏينهن ۾ خدا جو خوف ايترو غالب ٿيس. جو هميشه پيو رئندو هو. مخدو عنايت الله. جنهن جو نالو مٿي آيو آهي. سو سندس شاگرد هو. هن جون ڪرامتون مشهور آهن. سندس پٽ ميان محمد درويش پيءُ جي جاءِ تي مدرس ٿيو ۽ مخدوم ضياءَ الدين جو شاگرد ٿيو. مگر مخدوم هن جو استاد جهڙو ادب ڪندو هو. جهيجن جي ڳوٺ ۾ پنهنجي پيءُ جي خادم مير محمد منعم وٽ ويو ۽ اتي وفات ڪيائين. ميان عباس ولد مخدوم اسحاق دولتمند ٿي گذريو ۽ اولاد به هوس.

 (17) مخدوم فضل الله – وڏو عالم فاضل هو. ٽي پٽ هئس. ابو الفتح. محمد حسين ۽ عنايت الله. ابو الفتح علميت ۽ قابليت جي نظر تي بادشاهه جي خدمت ۾ حاضر ٿي کانئس گجرات جي قضا جو پروانو ورتو. پوءِ سورت بندر جو قاضي ٿيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين ۽ اولاد ڪونه ڇڏيائين. محمد حسين قرآن شريف جو حافظ هو ۽ مدرس ٿيو. سندس پٽ عبدالرحيم به حافظ ٿيو ۽ سورت بندر ۾ وڏو عالم ٿي گذريو. اولاد ڪو نه هوس. عنايت الله به نيڪ ۽ صالح ٻانهو هو. پٽس حافظ  سعدالله حيدرآباد ۾ گهڻي مدت تائين رهيو. ان جا پٽ محمد رضا ۽ ميان عزت الله ۽ فتح محمد ٺتي ۾ هئا.

 (18) مخدوم محمود – سالڪ ڪامل هو. آگر ۾ رهندو هو. پٽس مخدوم حامد پيءُ وانگي مشهور هو. انهي کي ٻه پٽ هئا: مخدوم صالح محمد واعظ ۽ ملا عبدالڪريم. پونئين کي ٽي پٽ هئا: محمد عابد. ميان جهنڊو ۽ محمد شاڪر. جي دکن جي پاسي رهيا.

 (19) مخدوم آدم- وڏو ڪامل اوليآءٌ ۽ عالم هو. حرمين جي زيارت ڪيائين. مڙسن زالن کي گڏ حرم ۾ ويندو ڏسي اتي جي ماڻهن کي سمجهايائين ته اها رسم بند رکن؛ پر جڏهين اها هميشه کان هلندڙ هئي. تڏهين انهيءَ کي روڪي نه سگهيا. مگر آخر حضرت صلعم جن خواب ۾ اشارو ڪين ته مخدوم جي حڪم موجب ڏينهن مقرر ڪري ڇڏين. جي مڙسن لاءِ ڌار ۽ زالن لاءِ ڌار هجن. انهيءَ طرح اها اڳوڻي رسم بند ٿي. مخدوم ٺٽي ۾ فتوائون ڏيندو رهيو. سندس ڏاڏو ميان ابو بڪر صدر ٿيو هو. ٿورو اولاد باقي رهيس. مخدوم آدم جو ڀآءٌ مخدوم علي احمد قمري مٺي آواز وارو هوندو هو. تنهن ڪري قمري جو لقب مليس. فاضل ۽ ڪامل شخص هو. ان جو پٽ مخدوم رحمت الله طالب علم مشهور  هو ۽  ان جو پٽ مخدوم عبدالجميل به فاضل ڪامل هو. مخدوم ضياءَ الدين جو ناٺي ٿيو ۽ سنه 1150 هه ۾ وفات ڪيائين. سندس پٽ ميان محمد صادق ۽ مخدوم نعمت الله هئا. محمد صادق عالم ٿيو ۽ حرمين جي زيارت ڪري ٺٽي ۾ آيو ۽ پوءِ جهونا ڳڙهه ڏي ويو ۽ اتي عزت آبرو سان گذاريائين ۽موٽي آيو ۽ وري ڪڇ ڏي ويو ۽ اتي وفات ڪيائين. پٽس ميان عبدالجميل هو. مخدوم نعمت الله عجيب ماڻهو ٿي گذريو. ويهن ورهين جي عمر ۾ علم جي تحصيل ڪيائين ۽ پنهنجي ناني مخدوم ضياءَ الدين ۽ مولوي محمد صادق جو شاگرد هو ۽ سلوڪ ۾ سيد يار محمد جو شاگرد ٿيو. جنهن جو ذڪر هيٺ ايندو. ميان سرفراز خان ولد ميان غلام شاهه ڪلهوڙو سندس معتقد هو . سنه 1170 هه ۾ حج ڏي روانو ٿيو. مڪي جي اوريان ستين منزل تي 18 تاريخ  ذوالقعد جي وفات ڪيائين. مخدوم علي احمد قمريءَ جي اولاد مان شيخ عبدالباسط وڏو طالب علم هو ۽ عالمگير بادشاهه جي خدمت ۾ پهتو. قلع خيرا جي فتح جي تاريخ ۾ هيءَ آيت لڌائين: هزا عطا ونا فامنن اولمسک بغير حساب. بادشاهه قدر شناسي ڪري ٺٽي جي صدريءَ جو منصب عطاڪيس. پڇاڙيءَ ۾ حج ڪري ٺٽي آيو. پيريءَ ۾ به شاگردن کي پڙهايائين ٿي. سندس پٽ محمد اشرف ميان محمد سرفراز خان ڪلهوڙي جو منشي هو.

 (20) ميان رحمت الله مدرس ۽ صدر وڏو عالم هو. عالمگير بادشاهه گهڻن ماڻهن جي درخواست اچڻ تي هن بزرگ کي سڏي سندس امتحان ورتو ۽ هن جي علميت معلوم ڪري هن کي صدر مقرر ڪيائين. سندس پٽ محمد عابد به پيءُ وانگي صدر ٿيو ۽ انهيءَ کان پوءِ انهي جو پٽ شيخ ڪمال الدين مشهور ٿيو ۽ وڏو طالب علم شاعر ٿيو. اوچتو مائيءَ جي اثر کان وفات ڪيائين. سندس وفات جو سال شاهه عبدالغفور هالڪنڊيءَ واري هيءَ آيت لڌي؛ فاعتبرو ايااوليٰ لابصار.

 (21) شيخ عبدالواسع صوفي وڏو عالم ۽ صوفي ٿي گذريو ۽ گهڻيون تصنيفون اٿس. نواب مير امين الدين خان جو استاد هو. رشحات الفنون ۽ معلومته الافاق سندس ڪتاب آهن. مشڪواة جو اقتباس به ڪڍيائين. مخزن الاسرار جي شرح لکيائين. جا قاضي ابراهيم جي شرح  کان بهتر اٿس. سندس پٽ محمد علي صوفي پيءُ جهڙو هو ۽ گهڻن علمن ۾ ڪتاب لکيائين. اماميه مذهب جو هو. شعر چڱو چوندو هو. تخلص مير هوس. اڪثر عشقي غزل هوندا هئس.

 (22) ميان ابوالحسن وقت جو عالم ۽ ڪامل شخص هو. سنڌي شعر اسلام جي عقائد ۽ فرائض ۾ چڱو چيائين. جنهن کي اڃا تائين ابوالحسن جي سنڌي ٿا سڏين. هن جون ڪي ڪرامتون به مشهور آهن. هڪڙي ڏينهن ميان عبدالله واعظ عرف ميان موريو. جو سندس ڀاڻيجو هو ۽ اڃا لاسڙياٽ ڇوڪر هو. تنهن  کي چيائين ته بابا. هاڻي جلدي ڏاڙهي ڪڍ. آءٌ ٻڍو ٿيو آهيان. امامت ڪري نٿو سگهان. تون منهنجي جاءِ تي امامت ڪر. اها ڳالهه هن ٻپهرن جو ڪئي ۽  کاڏيءَ تي هٿ گهمايائينس. خدا  جي قدرت سان شام کان اڳي ڏاڙهي نڪتيس ۽ شام جي نماز تي امام ٿي نماز پڙهيائين. ٻئي ڀيري جي ڳالهه ٿا ڪن ته سندس مريدن مان ڪنهن اچي دانهن ڏنيس ته نواب شهامت خان جو نوڪر زوريءَ منهنجي گهر ۾ گهڙيو اچي ۽ منهنجي  زال سان گستاخي ٿو ڪري. آءٌ ساڻس پڄي نٿو سگهان. مخدوم کي مٿس گهڻو رحم آيو. هن کي چيائين ته بيهه ته تنهن جو تدارڪ ڪريان. پنهنجي ڀاڻيجي عبدالله کي سڏي چيائين ته پير پٺي کي وڃي منهنجا سلام ڏي ۽ پيغام ڏينس ته انهيءَ ظالم جو جلد بلو ڪر. هن وڃي  ائين ڪيو. انهيءَ رات اهو شخص سندس مريد جي گهر ۾ زوري ڀت ٽپي ٿي آيو ته پير ترڪي ويس ۽ ڪري پيو. زمين ۾ لوهه جي ڪلي لڳل هئي. سا پيٽ ۾ لنگهي ويس ۽ پيٽ ڦاٽي پيس ۽ آنڊا نڪري آيس ۽ هڪدم مري ويو. ميان عبدالقادر مخدوم ابو الحسن جي سئوٽن مان هو. ٻنهي جي گهرن ۾ ٻه ڀيڻون هيون. انهيءَ کي ٻه پٽ هئا؛ محمد حفيظ ۽ عبدالله. محمد حفيظ صالح ۽ پرهيزگار شخص ٿي گذريو. چون ٿا ته جيڪو ٻئي مذهب وارو سندس منهن ڏسندو هو. سو هڪدم مسلمان ٿي پوندو هو. انهيءَ طرح ڪيترائي ماڻهو نوان مسلمان ٿيا. اسلام پور واري مسجد سندس نالي مشهور آهي. مڪليءَ جي دامن ۾ ڪالڪان مسجد جوڙائڻ جو بندوبست ڪيائين. ميان عبدالله واعظ. جنهن کي ميان موريو سڏيندا هئا. سو به وڏو عارف هو ۽ هميشه ذڪر ۽ فڪر ۾ گذاريندو هو. سندس پٽ ميان عبدالقادر به واعظ ٿيو ۽ حاجي به ٿيو.

 (23) مخدوم هارون ولد مخدوم عجائب بن مخدوم الياس. شيخ شهاب الدين سهرورديءَ جي ڏهٽن مان هو. هن جي وڏن جو ذڪر ورياهه جي ڳوٺ ۾ ڪيو  ويو. هو ٺٽي ۾ اچي رهيو ۽ عالمن جي صحبت ۾ عمر گذاريائين. سندس پٽ مخدوم ضياءَ الدين مخدوم عنايت الله جو شاگرد هو ۽ پاڻ ٻين گهڻن جو استاد ٿيو. سنه 1091 هه ۾ ڄائو هو ۽ اسي ورهين جي عمر ۾  سنه 1171 هه ۾ وفات ڪيائين. تمام گهڻن ماڻهن کي  فيض پهچايائين. سندس پٽ ميان يار محمد به فاضل ڪامل ٿي گذريو. کانئس پوءَ سندس پٽ مخدوم غلام محمد نالي وارو ٿيو.

 (24) مخدوم رحمت الله – مخدوم اسحاق بن مخدوم عبدالحميد جو پٽ هو. هن جو ذڪر ورياهه جي بزرگن ۾ آيو آهي. هي مخدوم قسمت سانگي ٺٽي اچي نڪتو ۽ علم وارن جي قطار ۾ شمار ٿيل هو. سندس پٽ مخدوم آدم پيءُ کان پوءَ مدرسو هلائيندو هو. گهڻن بزرگن جو استاد ٿيو؛ انهن مان وڏو شاگرد مخدوم بايزيد هو. جنهن جو ذڪر هيٺ ايندو. انهيءَ جو هڪڙو پٽ محمد ذاڪر جهان آباد ۾ وڃي رهيو ۽ ٻيو محمد عالم به اتي فوت ٿيو ۽ ٽيون محمد ناصر حرمين شريفين جي زيارت تي ويو ۽ بندر عباس ۾ وفات ڪيائين. چوٿون محمد عاظم ٺٽي ۾ رهيو. مخدوم بايزيد. مٿئين مخدوم جو شاگرد طالب علم وڏو ڪامل استاد ٿي پيو. مآءٌ جي طرفان سيد هو. سندس ٽ ميان محمد حافط طالب علم ٻني جي ڳوٺ ۾ وڃي رهيو ۽ اتي وفات ڪيائين. انهيءَ جو پٽ ميان علي اڪبر مشهور ٿيو. پر اولاد ڪونه ڇڏيائين.

 (25) مخدوم محمد امين ولد طالب الله روپاهه جي تعلقي ۾ والي جي ڳوٺ ۾ رهندو هو. ذات جو لاکو هو. هو اتان لڏي ٺٽي اچي رهيو ۽ مشهور ٿيڻ لڳو. فاضل خان هن جي پيءُ طالب الله جو مريد هو. تنهن ڪري پنهنجي نياڻي هن کي پرڻايائين. انهيءَ طرح هن کي دولت هٿ آئي ۽ ڏينهن چڱا گذاريائين. سندس پٽ محمد معين مخدوم عنايت الله جو شاگرد هو. وقت جو علامو ٿي گذريو. گهڻن بزرگن سندس صحبت ۾ فيض حاصل ڪيو. ميان ابوالقاسم نقشبنديءَ جو مريد ٿيو. جنهن جو ذڪر هيٺ ايندو. پڇاڙيءَ جي ڏينهن ۾ سيد عبداللطيف تارڪ ڀٽائي جو مريد ٿيو. انهيءَ جي ۽ مخدوم حاجي محمد هاشم جي وچ ۾ هميشه سوال جواب پيا هلندا هئا. ڪتاب گهڻا لکيائين. گهڻائي حاڪم سندس ملاقات لاءِ ايندا هئا ۽ پاڻ به انهن جي ملاقات لاءِ ويندو هو. راڳ مان به واقف هو ۽ سماع گهڻو پسند هوندو هوس. هن جي وفات به راڳ ٻڌندي ٿي. شاعر به هو. فارسيءَ ۾ تخلص تسليم هوس ۽ سنڌيءَ بيراگي. سندس وفات سنه 1161 هه ۾ ٿي ۽ سندس لاءِ حال وارن ماڻهن ڏاڍو ماتم ڪيو. سندس وفات جون تاريخون گهڻن چيون. محمد محسن چيو ته قطره دربحر واصل شد ۽معين دين احمد رفت صدحيف. مخدوم نعمت الله چيو ته شفيع تو رسول محمد پناهه راجا چيو ته ناجي شدا وکه آل محمد معين اوست. چون ٿا ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجن مريدن کي چيو ته هاڻ هلو ته ٺٽي هلي پنهنجي يار جو آخرين ديدار ڪريون. اتي اچي راڳ جي مجلس ڪيائين. مخدوم به حاضر هو. راڳ ڏاڍي بيهڪ ڪئي. عين ذوق ۽ شوق ۾ مخدوم اتي اندر ويو ۽ لحظي ۾ دم ڏنائين. شاهه صاحب جنازي سان گڏ ويو ۽ دفن ڪري موٽي پنهنجي ڳوٺ آيو.

 (26) مخدوم عنايت الله. جنهن جو شاگرد مٿيون مخدوم معين هو. سو ڏي ڪرامت وارو هو ۽ حافظ هو. وڏيءَ عمر جو هو ۽ نابين ٿي ويو هو. ته به مرڻ گهڙيءَ تائين خلق کي فيض پئي پهچايائين ۽ وعظ جي مجلس ڪندو رهيو. سندس پٽ محمد سعيد واعظ ۽ مولوي محمد صادق به مشهور ٿيا. پونيون مخدوم محمد معين جو شاگرد هو ۽ سندس گهڻا شاگرد هئا ۽ سيد عبداللطيف ڀٽائي جو مريد هو.

 (27) مخدوم حاجي محمد هاشم ولد عبدالغفور سنڌي اصل هڪڙو ڳوٺاڻو ماڻهو هو ۽ مخدوم ضيآءٌ الدين جو شاگرد هو. پر پوءِ وڏو عالم ٿي پيو. اگرچه وقت جي عالمن مخدوم محمدم معين ۽ ٻين ڪن سان علم جي بحث ۾ مخالف هو. ته به شريعت تي بلڪل مستقل هو ۽  اسلام جي ديني ڪمن ۾ تمام گهڻي مدد ڪيائين ۽ دين جي برخلاف ڳالهائيندڙن سان خوب چوٽون کاڌائين. سندس ڏينهن ۾ سوين ماڻهو نوان مسلمان ٿيا. نادر شاهه ۽ احمد شاهه ۽ ٻين بادشاهن سان سندس خط ۽ ڪتاب جو رستو جاري هوندو هو ۽ جيڪي چوندو هو سو هو ڪندا هئا. سندس ڪتاب گهڻن ئي علمن ۾ لکيل آهن. سنه 1174 هه ۾ وفات ڪيائين. سندس پٽ حاجي عبدالرحمان جهونا ڳڙهه ڏي ويو ۽ اتي گذريو ۽ ٻيو مخدوم عبداللطيف پيءُ جي جاءِ تي ويٺو. هو ڏهاڙي وچينءَ جي وقت مسجد ۾ وعظ ڪندو هو ۽ حديث جي تعليم ڌيندو هو. جمعي جي ڏينهن جامع مسجد ۾ وعظ ڪندو هو. مدرسو به  قائم رکندو آيو.

 (28) حاجي محمد قائم به هڪڙو ڳوٺاڻو هو ۽ مخدوم رحمت الله جو شاگرد هو ۽ ميان محمد هاشم جو عزيز هو. اهو به عالمن سان گهڻو بحث ڪندو هو. حج به ڪيائين ۽ ٻئي دفعي حج تي سنڀري وڃي مڪي ۾ رهيو ۽ اتي حديثون بيان ڪرڻ ۽ سيکارڻ لڳو ۽ اتي جي عالمن ۾ مشهور ٿيو. سنه 1157 هه ۾ وفات ڪيائين. جو سال في جنات تجري مان ٿو نڪري. سندس شاگردن مان ملا باقر واعظ ۽ مخدوم نور محمد نصرپور وارو آهن.

 (29) محمد باقر واعظ ولد خليفو محمد رضا مخدوم حاجي محمد قائم جي شاگردن مان هو. اگرچه مسڪين هو. ته به قناعت ڪفايت سان در بند ڪري گوشه نشين ٿي گذاريندو هو ۽ دنيا جي ماڻهن سان واسطو نه رکندو هو. شيخ شڪر الله سندس واسطي ميان نور محمد ڪلهوڙي جي سرڪار مان وجه مقرر ڪرايو. پر اهو به هن قبول نه ڪيو. فقر اختيار ڪري مسڪينيءَ ۾ پنهنجي حياتي پوري ڪيائين. ميان غلام محمد طالب علم به مشهور فاضل هو ۽ همعصرن ۾ جهڙس ڪو نه هو. جوانيءَ ۾ وفات ڪيائين. اولاد ڪو نه هوس.

 (30) آخوندمحمد باقر ولد آخوند عبدالواسع حاجي حمزه واعظ. مٿي ذڪر ڪيل جي اولاد مان وڏو فاضل عالم هو ۽ درويش هو. گهڻن کي فيض پهچايائين. اسي ورهين جي عمر ۾ وفات ڪيائين ۽ ساري عمر  ڇڙهو رهيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org