سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: قديم سنڌ

ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو

باب؛ 6

صفحو ؛ 14

 

باب ڇهون

ٺٽي جو بيان

ڀاڱو ٻيو- قاضين ۽ عالمن بابت

فصل پهريون –قاضين بابت

 (1)  قاضين جي خانانن مان سڀني کان قديم قاضي نعمت الله جو قبيلو آهي، جو نسب ۾ وڃي عباسي خليفن سان ٿو لڳي. جڏهين عباسي خاندان جا گماشتا سنڌ ۾ حاڪم هئا، تڏهين اتي جا آيل آهن. مٿيون قاضي ڄام صلاح الدين جي زماني ۾ نهايت معتبر هو. مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي ته سيد احمد شيرازي انهيءَ قاضيءَ جي نياڻي سان شادي ڪئي ۽ کيس چار پٽ نالي وارا ٿيا. انهن مان پهريون قاضي سائين ڏنو وڏو عالم ۽  فاضل ۽ پرهيزگار هو. ٻيو قاضي نعمت الله ثاني به وقت جو علامو هو ۽ مرزا عيسيٰ ۽ مرزا باقيءَ جو همعصر هو. انهيءَ جو پٽ رحمت الله ۽ وري انهي جو پٽ شيخ عبدالشهيد به وڏا بزرگ هئا ۽ سمات جي پرڳڻي بکاري ۾ رهندا هئا. انهيءَ کانپوءِ پشت به پشت شيخ عطاءٌ الله ۽ شيخ عبدالشهيد ثاني ۽ شيخ احمد ۽ شيخ ابوالحسن هلندا آيا، پونيون اولاد کان سواءِ مئو.

(2) قاضي حماد به قديم عباسي خليفن جي قاضين جي نسل مان هو ۽ ڪامل ۽ پرهيزگار ۽ نامور شخص ٿي گذريو. انهيءَ جي پٽ قاضي صڌو گهڻن اوليائن جي صحبت ڪئي ۽ پاڻ به گهڻن کي فيض پهچايائين. شيرازي سيدن جي مقام ۾ دفن ٿيل آهن. قاضي محمود وقت جو علامو به قاضي نعمت الله ثاني جي سئوٽن مان هو ۽ مرزا عيسيٰ ۽ مرزا باقيءَ جي زماني ۾ رهندو هو. وڏو عالم هو ۽ گهڻا ڪتاب لکيائين. جن مان تذڪرة الاوليا ۽ حواشي متين مشهور آهن. انهيءَ کي ٻه پٽ ٿيا. هڪڙو قاضي عبداللطيف. جنهن کي اولاد ڪو نه ٿيو ۽ ٻيو قاضي قطب الدين. جو وڏو عالم ٿي گذريو ۽ شيخ عبدالمجيد نالي پٽ ڇڏيائين، جو جهڙس ئي هو. انهيءَ جو پٽ شيخ محمد زاهد ۽ انهيءَ جو پٽ شيخ ابو تراب ۽ انهيءَ جو پٽ شيخ محمد زمان هو. جنهن کي اولاد ڪو نه ٿيو.

(3) قاضي وجه الدين وقت جو يگانو ترخانين جي عهد ۾ هو ۽ مٿئين عباسي قبيلي مان هو. انهيءَ کي اولاد ڪونه ٿيو.

(4) قاضي عتيق الله عباسي سيوستان جو هو ۽ مرزا جاني بيگ جي وقت ۾ ٺٽي ۾ آيو. ڪامل مرد هو. ملا محمد علي ديوان کان سڱ ورتائين. ان جو پٽ شيخ عزت الله قابل انشا پرداز هو. انهيءَ قبيلي مان شيخ عبدالرشيد طالب علم هو ۽ حال ۽ فال وارو ٿيو. قاضي ابراهيم. جنهن جو هيٺ ذڪر ايندو. سو سندس شاگرد هو. قاضي عبدالله به سيوستاني قاضين مان هو ۽ اصل عباسي قاضين جي اولاد مان هو، چون ٿا ته ڄام نظام الدين جي عهد ۾ هن بزرگ جو لاشو پاڻهي غيبي مدد سان مڪليءَ تي اچي نڪتو ۽ شيخ حماد جماليءَ جي قبي جي پٺيان دفن ڪيو ويو. ماڻهن کي اهو اعتقاد هوندو هو ته جيڪو  طالب علم ست خميسون برابر هن بزرگ جي زيارت ڪندو سو ڪامل ٿي پوندو.

(5) قاضي شيخ محمد اُچ وارو نسب ۾ آل جعفر مان هو. جو عالمن جو مشهور قبيلو ٿي گذريو آهي. پهرين هرات مان اُچ ۾ آيو ۽ پوءِ ڄام نظام الدين جي راڄ ۾ جڏهين سيدن ميران محمد مهدي جونپوري ٺٽي ۾ آيو ۽ وقت جا عالم انهيءَ تي ڪفر جي تهمت آڻڻ لڳا. تڏهين هن قاضيءَ علم جي زور تي هنن جي تهمت ڪوڙي ثابت ڪئي ۽ هن سيد کيس دعا ڪئي، تنهن ڪري انهيءَ جو خاندان گهڻي تائين هليو آيو. هيءُ قاضي اُچ ۽ ملتان جي گڙ ٻڙ وقت بکر  ۾ اچي رهيو. جڏهين قاضي سيد شڪر الله شيرازي ٺٽي جي قضا جي استعيفا ڏني، تڏهن مرزا شاهه حسن. جو هرات ۾ به هن قاضيءَ ۽ ان جي وڏن سان واقف هو. تنهن هن کي سڏي ٺٽي جو قاضي ڪيو. مرزا عيسيٰ ترخان جي حڪومت جي منڍ ۾ هن وفات  ڪئي ۽ ٻه پٽ ڇڏيائين؛ شيخ احمد ۽ شيخ فريد. قاضي احمد پيءُجي جاءِ تي قاضي ٿيو ۽ انهيءَ کان پوءِ قاضي فريد ويٺو، جو پڻ عالم هو.هن کي ٻه پٽ شيخ علي محمد ۽ شيخ نور محمد هئا؛ پهريون پيءُ جي جاءِ تي ويٺو ۽ ٻه پٽ ڇڏيائين؛ قاضي محمد حسين ۽ شيخ فريد ثاني. هن شيخ فريد کي ٻه پٽ هئا؛ شيخ علي اڪرم ۽ شيخ زين الدين. قاضي شيخ علي محمد جي گذرڻ کانپوءِ سندس ڀآءٌ نور محمد سندس قائم مقام ٿيو ۽ پوءِ قاضي محمد حسين قاضي ٿيو. پوءِ ان جو پٽ قاضي محمد يحيٰ جو پيءُ جو جيئري سندس پيريءَ ۽ نظر جي گهٽ هئڻ ڪري قضا جي مسند تي ويٺو. سندس مسند نشينيءَ جي تاريخ نافذ الامر لڌي هئائون. کانئس پوءِ وري سندس ڀآءٌ قاضي محمد امين مسند نشين ٿيو، جنهن جي جلوس جي تاريخ الحافظ لحدود الله لڌائون. هيءُ قاضي قضا جي ڪم کان سواءِ ڪي ڏينهن بادشاهه جو نائب ديوان به ٿيو ۽ سنه 1160 هه ۾ وفات ڪيائين. هن کي ٻه پٽ هئا؛ شيخ عبدالله ۽ شيخ عبدالرئوف. انهيءَ کان پوءِ قاضي محمد محفوظ ولد قاضي محمد يحيٰ قاضي ٿيو ۽ سنه 1173 هه ۾ وفات ڪيائين. سندس جاءِ تي سندس پٽ قاضي محمد يحيٰ ويٺو.

(6) شيخ محمد باقر. جو قاضي محمد حسين جو  ٽيون  پٽ هو، سو عالم باعمل ۽ فقير ۽ سالڪ مجذوب هو ۽ ان جو پٽ شيخ غلام علي به عالم  ۽ مجذوب هو. انهيءَ جو پٽ ميان مهر علي خاندان جي نشاني رهيو.

فصل ٻيو- عالمن فاضلن ۽ مخدومن بابت

 (1) سڀني کان وڏو شيخ صدرالدين ٿي گذريو. جو ڄام نظام الدين جو همعصر هو. وڏو عالم هو. هزارين سندس شاگرد هئا. جڏهين ميران محمدي مهدي جونپوري تازو وارد ٿيو. تڏهين هيءُ بزرگ به پهرين سندس برخلاف هو. پر پوءِ سندس پڪو مريد ٿيو.

(2) مخدم رڪن الدني. ٽلٽيءَ وارو مخدوم بلال جو خليفو هو. سندس گهڻا مريد هئا. حديث جي جي علم ۾ ماهر هو. شرح اربعين ۽ شرح گيلاني ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب لکيائين. سنه 949 هه ۾ وفات ڪيائين ۽  مڪليءَ تي رکيو ويو.

(3) مخدوم ميران ولد مولانا يعقوب نقلي ۽  عقلي علمن جو عالم هو. مرزا شاهه حسن جو استاد هو. ٻيا به گهڻا مشهور ماڻهو سندس شاگرد هئا. سنه 949 هه ۾ وفات ڪيائين. علامه وارث الانبيا سندس تاريخ آهي. مڪليءَ تي رکيل آهي. مولانا عبدالرحمان به مشهور علامو هو ۽ مرزا عيسيٰ ۽ مرزا باقيءَ جي زماني ۾ رهندو هو. مولانا ڪريم الدين به ساڳئي وقت ۾ عالم ۽ فاضل شخص هوندو.

 (4) مخدوم فضل الله ۽ مرزا عيسيٰ ۽ مرزا باقيءَ جي وقت ۾ وڏو عالم ۽ مدرس هو. سندس پٽن مان مخدوم ابوالخير به وڏو عالم ٿيو ۽ فتاويٰ عالمگيريءَ جي لکڻ ۾ مدد ڪيائين. مُلا اسحاق ۽ ان جو پٽ ڪمال الدين به مشهور عالم هو.

(5) مخدوم فيروز پنهنجي وقت جو وڏو اڪمل عالم ٿي گذريو. شاهه جهان بادشاهه جي وقت ۾ هن مخدوم جو پوٽو قاضي ابراهيم وٽس وڏي درجي وارو هو ۽ جهان آباد جو مفتي ۽ لشڪر جو قاضي هو. ٺٽي جو امين مقرر ٿي آيو. هن جي لاءِ ڏيڍ لک رپيا خرچ ڪري حويلي ٺهرائي هئائون. جڏهين آيو، تڏهين اها پسند نه آيس. ٺٽي جو نواب تڏهين هڪڙو هفت هزاري امير هو. هفتي ۾ هڪڙو ڏينهن سندس حاضريءَ ۾ ايندو هو، جو هو عام ڪچهري ڪندو هو. ساڳيءَ طرح پاڻ به هفتي ۾ هڪڙو ڏينهن نواب وٽ ويندو هو. هن قاضي ۽ مخدوم جي نسبت ۾ عجيب غريب ڳالهيون ڪتابن ۾ لکيل آهن. هڪڙو ڪتاب وارو ٿو لکي ته هڪڙي ڏينهن آءٌ ميرڪ شيخ کي مبارڪ ڏيڻ ويس، جو بادشاهه کان وڏو عهدو عطا ٿيو هوس. گهڻا ماڻهو ويٺا هئا ته اوچتو هڪڙو شخص فقيراڻي پوشاڪ ۾ اتي آيو. ميرڪ شيخ ڏاڍي تعظيم ڏنيس. پڇا سان معلوم ٿيو ته اهو شخص هڪڙو وڏو عالم آهي. جنهن کي جن تابع آهن. ٽئين ڏينهن آءٌ هن جي جاءِ تي ويس انهي لاءِ ته هن جي ملاقات ڪريان. منهنجي خبر ٻڌي هو مٿان ماڙيءَ تان لهي آيو، جتي خلوت ۾ ويٺو هو. مون کي چيائين ته مون کي ڪٿي ڪو ڪم آهي. اوهين هلي مٿي ويهو، آءٌ به اچان ٿو؛ پوءِ فراغت سان اوهان سان صحبت ٿو ڪريان. جڏهن مٿي ويس. تڏهين ڏسان ته ڪچهري لڳي پيئي آهي ۽ وڏين پڳن سان ڪي بزرگ ويٺا آهن. مون کي ڏسي اٿيا ۽ مٿي جاءِ ڏنائون. ٽن چئن کي ڪتاب هٿن ۾ هئا. علمي بحٿ پئي هليو. آءٌ به انهيءَ بحث ۾ شامل ٿيس. ٿوري کان پوءِ اهو گهر جو مالڪ آيو. سڀيئي اٿيا. آءٌ اڳڀرو ٿي هن کي گڏيس. مون کان پڇيائين ته اوهان کي تڪليف ٿي هوندي. مون چيو ته نه. مون هنن بزرگن سان صحبت پئي ڪئي. پاڻ چيائين ته ڪهڙا بزرگ. ڪنڌ ورائي ڏسان ته هڪڙو به ماڻهو ڪونهي. جاءِ خالي پيئي آهي. مون کي ڏڪڻي وٺي ويئي ۽ آءٌ بيهوش ٿي ويس. شيخ مون کي هوش ۾ آندو. ٻئي ڀيري هن ڪي پهڻيون کڻي  هٿ ۾ ڦيرايون ته موتي ۽ جواهر ٿي پيا. جي تحفو ڪري بادشاهه کي ڏنائين.

انهيءَ قاضي ابراهيم کي ٻه ناليوارا پٽ هئا؛ هڪڙو شيخ امان الله جو ستيار جي پرڳڻي ۾ پنهنجا جاگير تي رهندو هو ۽ اتي گذريو ۽ ٻيو شيخ عنايت الله جو به آسپاس رهندو هو. قاضيءَ جا ڏهٽا محمد يحيٰ ۽ محمد امين ۽ شيخ محمد باقر چڱي حال ۾ رهيا ۽ قاضيءَ جو ڀآءٌ محمد ڪريم نيرون ڪوٽ ۾ پنهنجي جاگير ۾ گذريو ۽ سندس ڀائٽيو قاضي محمد اڪرم بٺوري جي پرڳڻي جو قاضي هو. انهيءَ جي اولاد مان قاضي عبدالجميل ۽ ميان ابوالمعالي هئا. پونيون ته ٺٽي ۾ عدالت جو داروغو هو ۽ سندس پٽ يار محمد ۽ عبدالواسع هئا. عبدالواسع ابو الفتح قابل خان جو ڀاڻيجو هو. جو عالمگير بادشاهه جو مير منشي هو.

مخدوم عثمان ولد مخدوم بهاوالدين ميان سجن صديقي، اصل اُچ جو رهاڪو هو ۽ مرزا جاني بيگ جي زماني ۾ ٺٽي ۾ آيو ۽ مُلا محمد علي ديوان جو ناٺي ٿيو ۽ پوءِ خزانچي مقرر ٿيو. جڏهين مرزا گرفتار ٿي دهليءَ ڏي اڪبر بادشاهه وٽ ويو. تڏهين هو به ساڻس ويو، جڏهين وري ملڪ مرزا جاني بيگ کي مليو، تڏهين وري اڳوڻي نوڪري ٿي مليس، پر پيريءَ جي عذر تي هن نه ورتي ۽ زمين ٽڪر وٺي ٺٽي ۾ گوشه نشين ٿي رهيو. چار پٽ ڇڏيائين؛ محمد امين. عبدالواسع. عبدالجليل ۽ عبدالملڪ. وڏو پٽ شيخ محمد امين قابليت جي ڪري سڀ ڪنهن نواب يا صوبدار جو مستوفي ٿي ٿيو. انهيءَ کي ٽي پٽ هئا: محمد شفيع ۽ محمد مراد ۽ محمد رفيع. انهن کي به اولاد ٿيو.

 محمد امين جو ڀآءٌ شيخ عبدالواسع، جعفر خان جو منشي ۽ خوشنويس هو. انهيءَ جو پٽ  عبدالهادي  شاهه بندر ۽ لاهري بندر جو منشي هو. انهيءَ جو پٽ محمد محسن هو.

ٽيون ڀاءٌ شيخ عبدالجليل به جعفر خان شاهجهانيءَ وٽ مير منشي هو. انهي کي ٻه پٽ هئا: محمد محسن ۽ عبدالعليم. پهريون ٺٽي ۾ خزانچي هو. پوءِ ٻئي ڀائر دکن ويا ۽ اتي مئا. عبدالعليم کي ٻه پٽ هئا: محمد ظهير ۽ عبدالرشيد. اهي خزاچي ٿيا. پونيون سنه 1146 هه ۾ گذريو.

چوٿين ڀآءٌ شيخ عبدالملڪ کي محمد تقي نالي پٽ هو. جو حج ويو ۽ اتان موٽي سورت بندر ۾ وڃي رهيو ۽ اتي گذريو. انهيءَ جو پٽ محمد اسعد اتي رهيو.

(7) مخدوم حامد – وڏو عالم ۽ قاضي هو. کانئس پوءِ سندس پٽ مخدوم صابر سندس جانشين ٿيو ۽ پوءِ انهيءَ جو پٽ مخدوم ابوالبقا ۽ پوءِ مخدوم حامد ثاني ۽ پوءِ ان جو پٽ قاضي محمد امين ۽ پوءِ وري به قاضي حامد ثالث ٿيو.

 (8) قاضي محمد قاسم وڏو عالم ۽ فاضل ٿي گذريو. انهيءَ جو پٽ قاضي قاضن ته وڏو  عالم ۽ ڪامل عارف هو.جنهن جو نالو مٿي به آيو آهي. انهيءَ کي چار پٽ هئا: محمد يعقوب. عبدالغفار. محمد شفيع ۽ محمد صالح. محمد يعقوب بکر جو قاضي ٿيو ۽ ٽي  پٽ ڇڏيائين: محمد اشرف. محمد رضا ۽ محمد خليل. محمد اشرف گهڻو وقت دهليءَ ۾ گذاريو ۽ خوشنويس به هو، شاعر به هو. سندس ديوان به موجود  آهي ۽ سندس پٽ محمد فاضل ٺٽي ۾ بخشي هو. انهيءَ جا پٽ عبدالجميل ۽ غلام حسين هئا.

محمد اشرف جو ڀآءٌ محمد رضا بادشاهي ڪارخانن جو امين ۽ منصبدار هو. انهيءَ جو پٽ محمد نعيم هو ۽ انهي جو پٽ محمد رفيع. جو جهان آباد ۾ هو ۽ خانيءَ جو لقب مليس ۽ پڇاڙيءَ ۾ ٺٽي ۾ اچي رهيو. انهيءَ جو ٻيو ڀآءٌ محمد خليل قاضي ابوالبقا جو مائٽ هو ۽ قضا جي عهدي تي رهيو ۽ پوءِ جهان آباد ويو.

قاضي قاضن جو وڏو پٽ عبدالغفار وڏو عالم هو ۽ اسدالعلما لقب هوس. ٻه پٽ ڇڏيائين؛ محمد ظهير ۽ محمد قيوم. قاضي محمد ظهير ٺٽي جو قاضي هو پوءِ لاهور جو قاضي ٿيو. پوءِ اورنگا بندر جو قاضي ۽ محتسب ٿيو. لاهور ۾ وفات ڪيائين. گهڻن ڪتابن جون حاشيون لکيائين ۽ قاضي محمد قيوم به مشهور ٿي گذريو. انهيءَ جو پٽ ميان عبدالملڪ ٺٽي جو قاضي ٿيو.

مٿئين قاضي محمد قاسم جو ڀآءٌ مُلا احمد. شاهه فتح الله شيرازيءَ جو شاگرد هو ۽ ابوالفضل ۽ فيضيءَ جو هم سبق هو. جي اڪبر بادشاهه وٽ برک هئا. ٿوري وقت تائين ٺٽي جو قاضي به هو. مڪليءَ تي  سندس رانڪ مشهور آهي. انهي جا پٽ هئا. مخدوم محمد ۽ مخدوم عمادالدين. پهريون ٺٽي جو صدر هو ۽ اولاد ڪو نه ٿيس. ۽ ٻيو مخدوم عمادالدين مير عدل مقرر ٿيو. انهيءَ کي  ٻه پٽ هئا؛ محمد يوسف ۽ ابوالفضل. محمد يوسف کي محمد حسن ۽ عبيدالله ٻه پٽ هئا. محمد محسن مير عدل ۽ صدر مقرر ٿيو ۽ نهايت مشهور ٿيو ۽ وڏي عمر ۾ وفات ڪيائين ۽ اولاد ڪونه هوس. سندس ڏهٽو ميان غلام محمد باقي رهيو.

مولانا دائود مفتي مٿئين مُلا محمد صدر جي سئوٽن مان هو ۽ عالم هو. سندس پٽ مخدوم ابو لاقاسم به وڏو عالم مدرس هو ۽ گهڻا شاگرد هئس. عالمگير بادشاهه هن کي وڪيل شرعي مقرر ڪيو. سنه 1113 هه ۾ وفات ڪيائين، جو سال ذهب العلم من السند مان ٿو نڪري، ان جو پٽ ميان عبدالله ڇهه آڱرو به مشهور ٿيو ۽ وري ان جو پٽ محمد امين ۽ ان جو پٽ ميان يار محمد به صالح مرد هو. جو ٻه پٽ ڇڏي مئو، جن مان پهريون ابوالخير هو. جو علميت جي ڪري مشهور ٿيو. نواب قباد خان عالمگيري سندس شاگرد هو. سندس پٽ ميان ڪرم الله هو ۽ ان جو پٽ مُلا عبدالشڪور ۽ ان جو پٽ محمد صلاح هو، جي سڀ عالم هئا. پونئين کي اولاد ڪو نه ٿيو. مُلا محمد جهانگيري به قاضي محمد قاسم ۽ مُلا احمد اڪبري جي سئوٽن مان هو. اهو پهرين نورجهان جو استاد  ٿيو. پوءِ  مهابت خان جي مخالفت ڪري ۽ ٻئي ڪنهن قصور ڪرڻ ڪري قتل ڪيو ويو. سندس وصيت موجب سندس لاش ٺٽي ۾ آندي ويئي. انهي کي اولاد ڪونه ٿيو.

(9) مُلا محمد دماغي شاهجهاني. انهيءَ شاهزادي جي ٺٽي ۾ اچڻ وقت جامع مسجد جو امام مقرر ڪيو ويو هو ۽ جڏهين شاهزادو بادشاهه ٿيو. تڏهين هن کي وڏو مرتبو ڏنائين. اولاد ڪو نه هوس.

 (10) مخدوم علي قاري مرزا جانيءَ جي زماني ۾ ٺٽي ۾ آيو. عالم فاضل هو ۽ سندس پٽ عبدالمجيد به جهڙس ئي هو. انهي کي ٻه پٽ هئا: عبدالحي ۽ عبدالرئوف. عبدالحي تاجر هو ۽ ان جو پٽ محمد منعم قابل خان جو ناٺي ٿيو ۽ وڏي جمعيت ۽ دولت کي رسيو. انهي جو پٽ ميان اسد الله هو. جو شاعر ٿي گذريو ۽ روشن تخلص هوس. عبدالرئوف متصدي ٿيو ۽ سندس پٽ محمد باقر به پيءُ جي ڪم تي رهيو. اهو به ابو الفتح مير منشيءَ جو ناٺي ۽ دولتمند ٿيو. پڇاڙيءَ جي ڏينهن ۾ طبيعت ڦري ويس ۽ مجذوب سالڪ ٿي پيو ۽ گهر ويران ڪري ڇڏيائين. شعر ۾ جوُيا تخلص هوس ۽ شاهيءَ جو لقب مليس. سندس ديوان موجود آهي.

 (11) مخدوم عبدالجميل – اصل لاهري بندر جو رهاڪو هو. مشهور فاضل ٿي گذريو. ٽي پٽ هئس: ابو الفتح. محمد شريف ۽ محمد شفيع. ابو الفتح شاهه جهان جي راڄ ۾ جڏهن شاهزادو اورنگزيب ملتان ۾ آيو هو ۽ شاهه بندر ۽ لاهري بندر. جي سندس والده بيگم جي جاگير ۾ هئا. تن جو حساب ٿي ورتائين، تڏهن هن مخدوم کي هڪڙو محرر مقرر ڪيائين. پوءِ شاهزادي جو منشي ٿيو ۽ اهڙي قابليت ڏيکاريائين، جو هو مٿس زياده مهربانيون ڪرڻ لڳو ۽ نيٺ سندس بادشاهي جي وقت مير منشي ٿيو ۽ قابل خان خطاب مليس. سندس انشائون مشهور آهن. سندس ڀآءٌ محمد شريف به قابل هو ۽ جڏهين پڇاڙيءَ جي ڏينهن ۾ ابو الفتح گوشه نشين ٿيو، تڏهين هن ڀاڻس سندس جاءِ ڀري ۽ قابل خان ٿيو ۽ انهيءَ جون انشانئون به مشهور آهن. انهن جو ٽيون ڀآءٌ محمد شفيع عالم به هو ۽  سالڪ به هو. عالمگير بادشاهه سندس امتحان ورتو ۽ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ وڏو مرتبو ڏنائينس.

 (12) مخدوم فيض الله – وڏو عالم ۽ بزرگ هو. سيد علي شيرازي ۽ سيد جلال سندس شاگرد هئا. انهن جا اولاد سندس گهڻو ادب رکندا هئا. ۽ تبرڪ جي لاءِ سڀ ڪنهن ٻار جي پهرين فرهي انهيءَ کان لکائيندا هئا. آگر ڳوٺ ۾ رهندو هو. انهيءَ جي ادب کان سيد علي ننڍو ۽ ٻيا انهي ڳوٺ ڏي پير ڊگها ڪري نه سمهندا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org