سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي مدنيت

باب؛ --

صفحو ؛ 15

ان کان پوءِ اهو شڪار هيئن ڪندا هئا، جو هڪ لوهي ننڍڙو پنڃرو ٺهرائي ان ۾ ڪنڊا هڻندا هئا، پوءِ رسو ٻڏي ان کي لاءهي ڪندا هئا هيٺ. مانگر مڇ ان کي ڳهي ويندو هو. پوءِ جيئن تڻڪيندو تيئن وڌيڪ ڦاسندو ۽ ڪنڍيون چڙهي پوندس بس پوءِ ڇڪي ڪندا اٿس ٻاهر. هاڻي هُلن هوچرين ۽ جهازن جي مشينن جي گوڙ کان اهڙا جانور ڪنارن ڏي لڙن ئي ڪونه ان ڪري اهڙو شڪار مورڳو ئي ڪو نه ٿئي ۽ نڪي ڪي اهڙي شڪار ڪرڻ وارا ئي رهيا آهن، جي هوڪاري وڃي ايڏين آفتن کي ڏسن.

سيسر جو شڪار: سنڌ ۾ دريائي جانور وڏي ۾ وڏو آهي سيسر. سيسر واڳونءَ کان هاٺيءَ ڪاٺي ۾ گهڻو وڏو ٿيندو آهي. سگهارو به ڏاڍو ٿيندو آهي. جتي سيسر رهندو ان جوءِ ۾ واڳون نه رهندو آهي. سيسر جو شڪار سانوڻيءَ ۾ سٺو آهي. سانوڻيءَ ۾ سيسر کي مستي ٿيندي آهي ۽ سگهه به اهڙي هوندي اٿس، جو سانوڻي جي درياءَ جي اڀي سير وٺي ترندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن درياءَ جي گهنڊن ۽ اوڀارن ۾ رهندو آهي. جتي سيسر ڏساڻو، اتي شڪاري رائيفل کڻي وڃي ويهندو، ۽ ان کان اڳ درياءَ جي هيٺئين پاسي کان ٻيڙيءَ وارن ۽ مهاڻن کي هوشيار ڪري ڇڏيندو ته متان سيسر مري پئي ۽ ٽلڪي ته جهٽينس. بس پوءِ شڪاري اکئين لايو ويٺو هوندس. سيسر جي عادت ٿيندي آهي ته سير ۾ ٻه هٿ کن مٿي ٿي بيهي سيٽيون هڻندو آهي. گهڙي کن بيهي وري ٽٻي ويندو. اهو شڪاري لاءِ اهڙو وجهه هوندو آهي، جو هتان هن جو ڳچي ڪڍڻ، هن جي چست ٻڌڻ، هن جي سيٽي هڻڻ هن جو ٽِڻ وٺي ٺڪا ڪرڻ گولي. گولي جو هنڌ ئي لڪيءَ کان ٿورو مٿي اندرين پاسي آهي. اها هڪ ئي گولي مغز ُڦاڙيو وڃيس. بس پوءِ ته گهڙي کن ڦٿڙاٽ اهڙو ٿيندو جو پاڻي ءَ کي ئي ولوڙي ڇڏيندو. ان پاڻ پوءِ لهوارو ڪٿي ڪٿي ڏيکائبو سو به درياءَ جي اڇل ۾ جڏهن صفا مري ويندو ته ٽلڪندو ٽڪلندو وڃي ٻيڙياتن کان جهٽائبو پوءِ ٻيڙيا تا سيسر جهٽي رسي سان ٻڌي ، مهري سان يا باڇيل ۾ ٻڌي، کڻي ٻيڙيون ڌڪيندا، رسا يا سڙهه آيا رهيا. پوءِ ڪڍي ڪندس ٻاهر، اهڙو شڪار سانوڻيءَ جو ئي گهڻو ٿيندو آهي. هونءَ ته ڪڏهن ڪڏهن سيسر ڪيٽين يا پيٽارين تي ڪامن وانگر به پيا هوندا آهن. اتي به ڪي شڪاري ٻيڙين تي چڙهي لڪي لڪي وڃي ڌڪ هڻندا آهن پر جي هي به ڏاڍو ڄاڻو ۽ سوڻي جانور آهي کڙڪ پئي ته ٽپي ويندو. اهو شڪار اڄ تائين ٿئي ٿو.

واڳونءَ جو شڪار: دريائي جانورن ۾ واڳون ٻئي نمبر تي آهي. سيسر کان پوءِ درياءَ جو وڏو جانور واڳون آهي. سنڌ ۾ واڳونءَ جو شڪار گهڻن قسمن سان ڪندا آهن: هڪ بندوق سان، ٻيو رسن سان، ٽيون ويڙهه سان. واڳون سنڌ ۾ گهڻا به آهن ۽ وڙهندا به آهن. واڳوءَ رت چکي ڏٺو ته مارو ٿي بيهندو. تڙ تي جانور يا ماڻهو ٿورو ويسلو ٿي ته ويو! کَر پير ئي ڪونه لڳندس. واڳون گهڻو ڪري ڪتي جي گوشت کي ڏاڍو پسند ڪندو آهي. تڙ تي ڪتي جي ڀونڪ يا ڪونڪاٽ ٿيو ته واڳون آيو رهيو. واڳون به گهڻو ڪري ماٺي ۽ اوڀاري پاڻيءَ ۾ رهندو آهي. سياري م پيٽارين تي نڪري آرام ڪندو آهي. وري سيءَ ورڻ کان اڳ لهي ويندو آهي پاڻيءَ ۾.

بندوق سان شڪار: بندوق سان واڳونءَ جو شڪار تمام سولو ٿيندو آهي؛ ڪنهن پيٽاريءَ تي واڳون ويٺل هوندو ته بندوق کڻي سري سري لڪي وڃي ڌڪ هڻندا آهن، يا ته ٻيڙيءَ ۾ چڙهي پيا هلندا آهن. جتان ڪنهن واڳونءَ بيني ڪڍي ٺڪا ڪرائيندس بندوق، جي اثرائتي لڳس ته ڦٿڙاٽ ڪندو رتائيندو ۽ هر هر ڪٿان نه ڪٿان پيو نڪرندو، تيسين جيسين ننڍيون ننڍيون مڇيون اچي ڌڪ کي لڳندس. هڪ هنڌ ترسڻ ئي ڪپن ڏيندس تيسين، جيسين مري ۽ ٽلڪي، پوءِ شڪاري ڇڪي ڪندس ٻاهر. يا ته وري ويڙهو واڳون لاءِ تڙ تي ڪتو ٻڌندا آهن ۽ شڪاري به لڪي ويندهو آهي. ويڙهو واڳون ڪتي جي ڪونڪاٽ تي آيو رهيو، بس ٿورو نڪري جهٽ هڻڻ لاءِ ظاهر ٿيو ته ٺڪا ٿي ويندس بندوق. پر انهيءَ شڪار ۾ شڪاري هٿ جو پڪو کپي نه ته جهٽ سان واڳون ڪتي سوڌو گم، شڪاري ڏسندي ئي رهجي ويندو.

رسي سان شڪار: هي شڪار به مورڙي جي شڪار وانگر رڳو سنڌ جا مهاڻا ئي ڪندا آهن، ٻئي ڪنهن جي جاءِ نه آهي. هن شڪار ۾ به ڏاڍي دليري کپي. ان کان سواءِ واڳون پڇ اهڙو هڻندو آهي، جو هڏائي ڀڃي ڇڏيندو آهي. هن شڪار ۾ رڳو کيڏ کپي، نه زور جو ڪم نه ويڙهه جو ميربحر ڇا ڪندا آهن جو رسا کڻي ٻيڙين ۾ چڙهي ايندا آهن واڳن جي جوءَ ۾. پوءِ هڪ مهاڻو ٽپ ڏئي لهي پوندو هيٺ‎. پاڻ سان رسو کڻندو، جنهن جو هڪ پاسو ٻيڙي، ۾ ٻڌل هوندو آهي. پوءِ ڇا ڪندو جو سري سري وڃي ستل واڳونءَ جي ڀر وٺندو، پوءِ آهستي آهستي واڳونءَ جي پوين پيرين کان ڪجهه اڳتي پيٽ هيٺان کانهر ڪندو، واڳون کي نڪرندا ٿڌڙا سو ويندو پيٽ مٿي ڪندو. تان جو شڪار رسو هيٺيان ڦيرائي وٺندس، پوءِ چاپهه ڏئي وري آهستي آهستي کسڪي اچي ٻيڙيءِءَ تي چڙهندو، ۽ وٺي ٻيڙي ڌڪيندا تي واڳون بيوس ٿي گهلبو ايندو.، واڳون ڇڏائڻ جي گهڻي ڪوشش ڪندو آهي، پر نه رسندو اٿس پڇ، نه وات. ائين واڳون کي ڇڪي ڪندا آهن. سڪيءَ تي . پوءِ ته آڻي وٺندس لوڙهن ۽ ڪهاڙين سان، هڻي کٻي رکندس.. هن شڪار ۾ ڏاڍي هوشياري کپندي آهي، مهاڻا ماري واڳونءَ تي نه ويندو آهن. ۽ پاڻ بچائڻ جو ڏاڍو خيال ڪندا آهن. هي شڪار به سنڌ کان سواءِ ٻئي ڪنهن هنڌ ڪونه ٿئي.

ويڙهه سان: حقيقتاًَ واڳونءَ جو شڪار سڀني کان ڏکيو ۽ دليريءَ وارو آهي، ٻولائي وڙهڻ سو به پاڻ زوري سان! ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. هن شڪار ڪرڻ وارن کي وري اهوئي واڳن سولو لڳندو آهي، جيڪو ڏاٺ هيرايو بيٺو هوندو آهي. ڏهيسر مهاڻا ڇا ڪبندا آهن جو هڪ مضبوط سئونٽي هٿ کن ڊگهي کڻي ان جي مٿن تي ٻنهي ڪِمر پٽن سان هڻائيندا آهن. پوءِ ويڙهو مهاڻو اها سونٽي کڻي ايندو انهيءَ تڙ تي جتي واڳون وڙهندو هوندو آهي. پوءِ پاڻيءَ ۾ گهڙي ڇٻ ڇٻ ڪندو آهي، ته واڳون کي ڄاڻ ٿئي. مارو واڳون ته اڳيئي ڪن لايو ويٺو هوندو آهي، سو لوهي ايندو. مهاڻو سهي ڪندو ته هاڻي واڳون اچي پيو (واڳون  يا سيريندو يا بيني ڪڍندو آهي) پوءِ ويجهو اچي واڳون وات پٽي جهٽ هڻندو آهي.، واڳون اهڙو ته زور سان وات بند ڪندو آهي جو جي خالي هوندو ته سندس ڄاڙِيءَ جو واڪوئي پري تائين ٻڌڻ ۾ ٿو اچي، ۽ مهاڻو وات پٽڻ مهل ئي جهٽ ڪري اها سونٽي اڀي سندس ڄاڙين ۾ ڏئي ڇڏيندوآهي، واڳون ا.ئين سمجهندو آهي ته بس شڪار منهنجي وات ۾ اچي ويو آهي، سو وٺي زور سان ڄاڙي بند ڪندو. بس هيڏي چاڙي بند ٿي هوڏي ڪير چڙهي پوندس ڄاڙين ۾ بس پوءِ ته گهڻي ئي پڇ هڻندو، پر پڇ منهن تائين رسندس ئي ڪونه، تان جو مهاڻو انهيءَ ڪاٺي ۾ رسو ٻڌي تاري ڇڪي ڪندس ٻاهر، ۽ سڪي تي آڻي لٺين ڪهاڙين سان هڻي حاج لاهي ڇڏيندا اٿس، اهڙو دليريءَ وارو ڪم سنڌ جي مهاڻن ۾ به ڪو ورلي ڪندو آهي، جهڙي تهڙي جي جاءِ نه آگهي راقم الحروف کي به اهڙو هڪ ماڻهو ڏسڻ ۾ آيو، ان ٻڌايو ته منهنجو ڪمئي تڙڻ جا ويڙها واڳون مارڻ آهي، هيل تائين سٺ کان ٻاهر واڳون ماري چڪو آهيان، اڃا لاڙ تائين جتي به ويڙهو واڳون ٻڌڻ ۾ آيو سو ماريندس. پوءِ وطن تي ويندس. اهو ماڻهو انرادي هو، قد جو ماٺو، ۽ بت جو پاٺو هو. پر ويڙهو بلا هو. واڳون لاءِ ڄڻ ڪتي کي پڙي هئي.

واڳونءَ جو شڪار هندستان ۾ به بندوقن کان سواءِ ڪندا آهن، پر اهو شڪار نه آهي ڄڻ زهر ڏيڻو ٿيو،.ڇا ڪندا جو ننڍڙي ڇيلي جي تازي کل ۾ ان وسائل چُن ڀري چڱيءَ طرح سان بند ڪري جيئن پاڻي اندر نه وڃي، پوءِ کڻي واڳون واري تڙ تي پاڻيءَ ۾ اڇلائيندا، واڳون ان کي شڪار سمجهي ڳهندو يا کائيندو پوءِ جيڪو چُن اندر ويندس سو ڪُرائيندس ۽ واڳونءِ کي تاس لڳندي. جيئن پاڻي پينئدو تيئن چُن اٻارو کائيندو، ائين ڪڙهي ڪڙهي مري ويندو آهي. اهو حقيقت ۾ شڪار ڪرڻ ڪونهي، سنڌ ۾ کڻي ڪو ڪو ڪتو ئي هجي پر ماريندس ڌڪ سان.

مڇي پلي جو شڪار:  سنڌ   ۾ مڇي ءَ ٻلي جو شڪار گهڻو ٿيندو آهي،  پلو ته خير مهمان وانگر  ايندو آهي، پر  مڇيون  ڍنڍن، تلائن  ۽ درياءَ ۾ گهڻيون مرنديون  آهن . گهڻو ڪري سنڌ ۾  پوريون، مُڪر ، موراکيون، گندڻ، ڄرڪا، کڳا، لوجريون، گانگٽ، سيڱاريون، پلا، گوجون ، ٿيلهيون؛ ڏنڀرا، (ڪرڙا) ڊينڊ، دد کڳا، سريا، ڪنگ مڇي، ڦاڙ  مڇيون گهڻيون ٿينديون آهن، پلا گهڻو ڪري سنڌ ۾ گهاون، رڇن، ڀنن سان   ماريندا آهن، گانگٽ، سنگلين ۽ چنبين سان. باقي مڇيون نڙن، ڄارن وغيره سان. سنڌ ۾ مڇين جي شڪار ۾ سٺي ۾ سٺو شڪار آهي پلي جو.  بس اڃا مس چاڙهيڪي جا ڏينهن آيا ته مهاڻيون ته وٺ جي منهن ۾ پئجي وينديون، سُٽ جون پتين تي پتيون اچي وينديون ڪا مهاڻي سُٽ پئ ڪتيندي ته  ڪا  ڀن جا پڙڇ ٻئ ٺاهيندا ڪا  سُٽ جون ناڙيون پئ ٺاهيندي ته ڪا ڪاٺا  پئ ڀريندي مرد وري رڇن جي ڳنڍي توپي ڪرڻ  الهائڻ، تنبين ٻڌڻ، ڇلن هڻڻ ۾ مس پوراهوندا آهن.ائين ٻيڙيون، رڇ، همراهه تيار ڪري ڇڏيندا آهن، پهرڻ جا ماڳ اڳ ۾ ئي جاچي ڇڏيندا آهن، بس پوءِ شل نه درياءَ ۾ ڪٿي ڪو پلو سيريندو ڏسن، شروع ٿي ويندا پهرڻ ۾. پهرڻ ڪان اڳ ڀت ڪندا آهن، پوءِ سهي سنبهي نڪرندا پهرڻ.

رڇ سان پلا مارڻ: مهاڻا هڪ وڏي ڄار ٺاهيندا آهن جا اٽڪل ڇهه فوٽ کن ويڪري ۽ سُٺ  فوٽ کن ڊگهي ٺاهيندا آهن. جنهن جي هيٺئين  پاسي کان ڳوٿريون سي به ڄاريءَ جون ٺاهيندا آهن ۽ مٿان رسو مظبوط ٻڌندا آهن. جنهن ۾ تنبيون ٻڌندا آهن ته رڇ جو مٿيون پاسوتري بيهي ۽ هيٺان شيهي جا ڇلا وجهيندا آهن ته هيٺيون پاسو ٻڏي بيهي . اهو ٿيو رڇ، جي اهڙا ٻه- چار رڇ گڏين ته ان کي چوندا ڀن. پوءِ ان کي کڻي ويندا ٻيڙيءَ تي. جا چيل ماڳ تي ڪجهه همراه لاهيندا سڪيءَ تي، جي  رڇ جو هڪڙو پاسو جهلين. اهي ڇا ڪندا جو رسي ۾ ڪڻها هڻي، ڇڪي بيهندا ۽ ٻيا مهاڻا ٻيڙي ڌڪي هلندا به ويندا ۽ رڇ پاڻي ءَ ۾ لاهندا به ويندا تان جو سڄو رڇ لاهي ڇڏيندا ۽ سندس ٻيو پاسو ٻيڙيءَ ۾ ٻڌل هوندو، پوءِ ٻيڙي ورائي سڪي ڏي ايندا ويندا هتان وري ڪڻهن وارا سُڪي سُڪي تان ٻيڙيءَ ڏي وڌيندا ايندا انهيءَ وچ ۾ هڪ ماڻهو تنبي تي لهي ويندو درياءَ ۾ ، اهو رڳو رڇ جي سنڀال ڪندو آهي. ڪو ترندڙ لاهه ڍنگهر ڊڙو ايندو ته ڇڏائيندو. ڪٿي رڇ اٽڪيو ته ڏيئي به ڇڏائيندو، ٻه- ٽي مهاڻا ٻيڙيءَ ۽ ڪپر جي وچ ۾ ونجهه کڻي لهندا آهن، جي ونجهه پاڻيءَ تي زور سان هڻندا آهن، ۽ ٻيا مهاڻا ٻيڙيءَ تي ڌڙها هڻندا آهن، ٿالهه کان پوءِ وري رڇ کي ٻيڙيءَ تي سميٽيندا ويندا پوءِ جيڪي پلا ڳوٿرين ۾ ڦاٿا هوندا، انهن کي ڇڏائيندا ٻيڙيءَ جي تر ۾ اڇلائيندا ويندا ،تان جو سڄو رڇ سميٽجي ويندو  پوءِ هاريون کڻي مڏيءَ تي يا ساٽين کي ڏيندا آهن.  

سَنڌ سان شڪار ؛ مهاڻا سنڌ سان پلي جو شڪار جام ڪندا آهن ؛سنڌ هڪ ڊگهي ڪاٺي ٿيندي آهي، جنهن کي هيٺئين پاسي هڪ ٻسانگي ٿيندي آهن ٻياني وانگر، ٻيانو سوڙو ٿيندو آهي پر سنڌ وڏي ۽ ويڪري.ان ٻسانگي ۾ ڄار لڳل هوندو آهي جنهن ۾ به ڳوٿري ٿيندي آهي ان ڄاريءَ جي هيٺئين پلاند ۾ ڏور ٻڌل هوندي آهي پوءِ مهاڻا ڇا ڪندا آهن جو پهرڻ کان اڳ ماٽي يا تنبو، سنڌ ۽ سوئو کڻي درياه ۾ مٿان کان ٿي لهندا آهن. سنڌ جو ٻسانگو پاسو درياءَ ۾ اونهو لاهي ڇڏيندا ۽ ڏور آڱر ۾ ويڙهي پيٽ تنبي يا ماٽيءَ تي رکي لڙهيندا ويندا. جتي پلو لڳو اتي رڳو ڏور کي تڻڪ ڏيندا ته پلو وڃي ڳوٿريءَ ۾ پوندو، پوءِ لڙهندي ئي سنڌ پاڻيءَ مان ڪڍندا ۽ پلي کي ڪڍي سوئو هڻي يا ڏور ۾ لڙڪائي ڇڏيندا يا ماٽيءَ ۾ وجهي ڇڏيندا، وري وجهندا سنڌ کي پاڻيءَ ۾ . ائين هڪ ئي واري سان جيڪي پلا مرن.

چنبئي: مهاڻن وٽ چنبيون ٻن قسمن جون ٿينديون آهن: هڪ ننڍيون جنهن ۾ گانگٽ ڦاسائيندا آهن، ٻيون وڏيون ٿينديون آهن، هي هڪ ڪاٺيءَ ۾ ٻيون ٻه-ٽي اڌ گول ڪاٺيون لڳل ٿيندو آهن. ان ڪاٺيءَ جي مٿان مٺ ٺهيل هوندي آهي ۽ اڌ گول ڪاٺين تي ڄار لڳل هوندي آهي. پلن جي شڪار ۾ چنبئي سان به سَنڌ وانگر شڪار ڪندا آهن. سنَڌ  وانگر چنبئي پاڻيءَ ۾ اونهو ڪونه لهي. پوءِ جڏهن پلو چنبئيءَ ۾ لڳندو آهي ته رڳو مٺ ڏيندا آهن ته اڌ گول واريون ڪاٺيون پاڻيءَ کان ٻاهر نڪري اينديون آهن ۽ پلو پيو ڄار ۾ ڦٿڪندو. مهاڻو ٽلڪندي ٽلڪندي هٿ وجهي پلو جهلي سوئو هڻي ڏور ۾لڙڪائي ڇڏيندو.

ڪڙهي: ڪُڙهي سان ميربحر مڇي ۽ پلو ٻنهي جو شڪار ڪندا آهن. ڪڙهي مشڪري جي ٽوپيءَ وانگر ٺهيل هوندي آهي. ان جو هيٺيون گول پاسو ويڪرو ۽ مٿيون گول ننڍو ٿيندو آهي. سندس هيٺيئن پاسي ۾ ڄاري لڳل ٿيندي آهي ۽ مٿان ٽنگ هوندو آهي،. جنهن ۾ هٿ وجهي سگهبو آهي. هن سان مڇيءَ  جو شڪار هيئن ڪندا آهن: جو ڪڙهي مٿي کڻي پاڻيءَ ۾ هڻندا ويندا آهن هٿ وجهي  ڏسندا به ويندا آهن. ته ڪا مڇي آئي ته ڪانهي، جي مڇي آئي هوندي ته ڳٿي مان هٿ وجهي ڇڪي ڪندس ٻاهر. ڪن ڪڙهين ۾ هيٺين ڄاري ڪانه به هوندي آهي. ڪڙهيءَ سان پلي جو شڪار هيئن ڪندا آهن، مهاڻو ڇا ڪندو جو ڪڙهي ۽ ٻه-ٽي ڀتر کڻي نانهي پاڻي ۾ ٿي بيهندو. پوءِ جي وجهڙائيءَ ۾ ڪٿي پلو سيريندو ڏٺائين ته اڳ وٺائي ڀتر اڇليندو.، پلو ڀتر جي آواز تي ٽاهه کائي ڀڄندو. جي آيو ماريءَ ڏي ته کڻي مٿان ڪرهي ڏيندس، جي ويو ته ٺهيو، جي ڪڙهيءَ ۾ آيو ته ڳٿي مان هٿ وجهي ڇڪي ڪندس ٻاهر.

ڇت سان شڪار: سنڌ ۾ ڇت سان به شڪار ڪندا آهن پر هاڻي عام نه آهي. جي غور ڪبو ته ڇت سان شڪار جي تاريخ بلڪل پراڻي نظر ايندي. جڏهن اڃا ڄاريءَ جو شعور ڪٿي ڪندا آهن. هيئن ڪندا آهن جو هڪ ڀالو ٺاهيندا آهن، انجي پڇڙيءَ ۾ ڏور ٻڌي، ٻيڙيءَ جي آڳل تي يا ڪپ تي ٿي بيهندا آهن، پوءِ پلو يا مڇي جيڪو اچي لنگهندو تنهن کي چتائي هڻندا، جي لڳو ته ڀالو چڙهي پوندس، پوءِ ڏور سان ڇڪي وٺندا جي نه، ته رڳو ڀالو کڻي وٺندا.

ڄار:  ندين، تلائن، ۽ ڍنڍن ۾ گهڻو ڪري ڄار سان به شڪار ڪندا آهن، ڇا ڪندا آهن، جو هڪ ڄار گول ٺاهي ان جي ٻاهرين حصي ۾ شيهي جا ڇلا رڇ وانگر وجهي، ڳوٿريون ٺاهي ڇڏيندا آهن، ۽ اندرئين پاسي کي سميٽي آڻي هڪ ڏور ۾ قابو ڪندا آهن، پوءِ ڪنهن ڍنڍ جي پيٽاريءَ يا ڪناري تي بيهي ڄاريءَ کي سمجهائي رکندا کٻيءَ ٺونٺ تي، سڄي هٿ ۾ ڏور هوندين، پوءِ بت گهمائي ڄار کي اهڙيءَ طرح اڇل ڏيندا جو ڄار سڄو پکڙي پاڻي ۾ لهي ويندو. ۽ شيهي جي ڇلن جي ڪري وڃي تر وٺندو. پوءِ آهستي آهستي ڪندا ڏور کي ڇڪيندا ويندا انهي وچ ۾ جيڪي مڇيون هونديون سي ڄاري جي هيٺيان اچي وينديون ۽ ڦٿڙي ڦُٿڙي وڃي ڳوٿرين ۾ قابو ٿينديون، پوءِ مهاڻو ڇڪي ڪندن ٻاهر ۽ ڪڍي رکندن کاري ۾، اهو شڪار درياءَ ۾ البت گهٽ ڪندا آهن، باقي ڍنڍن ۾ جام ٿئي.

نڙا: درياءَ جي ڍار يا اوڀاري ۾ نڙن سان به مڇين جو شڪار ڪندا آهن، ڇا ڪندا آهن: جو پهرين هڪڙي ڄار آڪاري جي ٺاهيندا آهن.۽ رڇ وانگي تنبين جي بدران سرن جون ننڍيون ننڍيون تيليون ٻڌندا آهن. ان لاءِ ته تري بيهي. پوءِ لاهيندا پاڻيءَ ۾، پوءِ جتي جتي مڇي لڳندي اتي وارو نڙو پيو ٽٻندو. پوءِ نڙا ڪڍندا ته انهن جي اکن ۾ مڇيون ڦاٿيون پيون هوندو آهن.

ٻارٽ يا ڪڍو: تلائن يا ڍنڍن ۾ ٻارٽ سان به مڇين جو شڪار ڪندا آهن. سو هيئن: جو هڪ وڏي ڄار کڻي ان جي ٻن پاسن ۾ ٻه اڀيون لٺيون ٻڌندا. پوءِ ٻه ماڻهو هڪڙو هڪڙي لٺ کي وٺندو ۽ ٻيو ٻيءَ کي، پوءِ اهي لٺيون اڀيون جهلي پاڻيءَ ۾ هلندا ۽ ٽيون وري وري پريان پاڻيءَ ۾ لهي ڇٻ ڇٻ ڪندو ته مڇيون ڄار ڏي وڃن. پوءِ مڇيون لڳنديون ته ڪڍي جي ڪاٺين کي کڻي سنئون  ڪندا آهن، ته پاڻي نڪري وڃي ۽ مڇيون وڃي رهن، جي مڇيون وڏيون ۽ گهڻيون ايندو آهن ته ڄار مٿي کڻي ٿورو وٽ ڏئي جهلندا ته مڇي ڦٿڙي ٻاهر نه نڪري.

ڪنڍي: ڪنڍيءَ سان شڪار ته جتي ڪٿي عام آهي نه صرف پيشه ور ماڻهن ۾، پر عام ماڻهن ۾ به گهڻو شوق آهي هاڻي ته اهڙي اهڙي قسم جون به ڪنڍيون نڪري پيو آهن جو ڳاهه وجهي سمهي پئجي ته مڇي ڦاسي ته پاڻيهي اچي سڪي ته پوي، هن شڪار ۾ ڇا ڪندا آهن: جو ڏور جي هڪ سري ۾ ڪٺندا ٻڌندا آهن ۽ ٻئي پاسي ڪاٺي ۽ ڪنڍيءَ کان هٿ- ڏيڍ پوئتي ٻوچ يا ڪانو يا ڪا هلڪي شيءِ ٻڌندا آهن. ته ڪنڍيءَ کي تاري بيهي ۽ جي ڪا شيءِ لڳي ته ان جي ٿيڻ سان خبر پئي ته مڇي لڳي آهي. پوءِ ڪنڍيءَ ۾ گاهه وجهندا آهن. جي ڪرڙيون مارڻيون هوندو آهن ته ڪيچئن (سائپن) جو ڳاهه وجهندا آهن، جي ٻيون مڇيون ته ڪڻڪ جي اٽي ۾ ٿوري هڱ ملائي، ان جو ڳاهه ڏيندا آهن. پوءِ ڪپر تي ويهي ڪنڍي اڇلائيندا پاڻيءَ ۾ ۽ ڪاٺيءَ کي جهلي ويهندا. مڇي لڳندي ته  ٽٻڻي ڪاٺي يا ٻوچ هيٺ مٿي پيو ٿيندو، جڏهن ڏور کي هڪ ساريڪي سٽ اچي، تڏهن سمجهبو آهي ته ڪنڍي مڇيءَ ۾ اٽڪي آهي. پوءِ سٽ ڇڪي ڪبو اٿس ٻاهر جي ٿوري ٿوري سٽ اچي ته سمجهبو آهي ته مڇي ڪنڍيءَ جي ٻاهران پئي ڳاهه کائي.

کاري جو شڪار: انهن شڪارن کان سواءِ کاري ڏي ٻيو به هڪ شڪار ڪندا آهن، سو هيئن ٿيندو آهي: جو جڏهن سمنڊ ۾ وير چڙهندي آهي، تڏهن وير لهڻ مهل وري پاڻي لاٿ کائيندو آهي، ۽ ان لاٿ کان ڪپڙن ۾ گهاريون ٿي پونديون آهن. مهاڻي ڇا ڪندا آهن، جو پاڻيءَ جي لاٿ مهل رڇ انهن گهارين تي هڻي ڇڏيندا آهن. پوءِ جيڪي مڇيون ۽ هَڪَم سمنڊ جي پاڻيءءَ سان مٿي چڙهيا هوندا، اهي وري پاڻي جي لاٿ تي لهندا ته ان ڄاريءَ مان پاڻي وهي ويندو. ۽ هَڪَم ۽ مڇيون اٽڪي پونديون آهن.

سنگليون:  انهيءَ کان سواءِ گانگٽ سنگلين سان به ماريندا آهن. سو هيئن: جو درياءَ جي ڪپ تي پاڻيءَ ۾ ڍنگهريون وجهي ڇڏيندا آهن. پوءِ ٻن-ٽن ڏينهن کان پوءِ ان ڍنگهر جي چوڌاري ڄار ڦيرائي ڍنگهرن کي ڇنڊيندا ۽ ڄار کي سوڙهو ڪري ڪڍندا ته سڀ گانگٽ ڄار ۾ اچي ويندا آهن.

تڪما: تڪما، هيئن هڻندا آهن: جو مانيءَ جو ٽڪر ڌاڳي ۾ ٻڌي انهيءَ ڌاڳي جو ٻيو ڇيڙو ڪاٺيءَ ۾ ٻڌندا آهن، پوءِ ڪاٺيءَ کي تانگهڙي پاڻيءَ ۾ ائين  ڪري کوڙيندا آهن، جو مانيءَ جو ٽڪر ٻڌي بيهي. پوءِ اچي انهيءَ ٽڪر کي ننڍيون ننڍنيون مڇيون لڳنديون، پوءِ ڇا ڪندا، جو ننڍي چنبئي کڻي هيٺيان ئي هيٺيان ڏئي کڻي مٿي ڪندا ته جيڪا مڇي هوندي اها چنبئيءَ جي ڄاريءَ ۾ ڦاٿي پئي هوندي.

کڳن جو شڪار: مهاڻا کڳن جو شڪار هيئن ڪندا آهن، ڇا ڪندا آهن: جو هڪ ڊگهي ڏور کڻي ان ۾ ٿوريءَ ٿوريءَ وٿي تي ڪنڍيون ٻڌندا آهن، انهن ڪنڍين ۾ لوجرين جو ڳاهه هڻي ڇڏيندا آهن، پوءِ ڏور هڪ ڪپر کان ٻئي ڪپر تائين لڳي پئي هوندي آهي. رات گذرندي صبح جو اچي ڏور سوئيندا، جتي ڪنڍيءَ ۾ ڦاٿل هوندو اتان کڳو ڪڍي وري ٻيو ڳاهه هڻي ڇڏيندا آهن.

اوجهڻ: مهاڻي ڇا ڪندا آهن جو سنهي آڪاري جو ننڍن اکن وارو ننڍڙو گهاؤ ٺا هيندا، ان جي مٿان تنبين جي بدران سَرن جون تيليون ٻڌندا، پوءِ بيٺل پاڻيءَ ۾،ڍار ۾ يا اوڀاري ۾ لاهي ڇڏيندا تيليون پيون ٽلڪنديون جنهن هنڌ اوجهڻ ۾ مڇي لڳيندي، انهيءَ هنڌ واري تيلي ٻڏي بيهندي. ائين اوجهڻيون لاهيندا پوءِ قسمت سان جيڪي مڇيون ڦاٿيون. ننڍين اوجهڻين کي ناڙا به چوندا آهن. جن جو ذڪر پهرين ٿي چڪو آهي.

ائين سنڌ ۾ مڇيءِ جو شڪار گهڻن ئي قسمن سان ٿيندو آهي، پر ملڪ ۾ عام رواج ذڪر ڪيل طريقن جو آهي. هاڻي ته سائين ڦٽاڪن سان پيون مڇيون مرن! نائلون جا پيا رڇ ٺهن!.

ڍنڍ جي پکين جو شڪار: سنڌي جي خاندانن کي ڍانڍي پکين جي شڪار جو به ڏاڍو شوق آهي. جيئن مرن ۽ ڦاڙهن لاءِ سرڪار مان ٻيلا کڻندا آهن، تيئن ڍنڍن جون به رکون ڪرائيندا آهن. پکين جي ايتري حفاظت ڪرائيندا آهن، جو اوڏي ڇڪ ۾ بندو جو آواز به ڪونه ٿيڻ ڏين. سنڌ ۾ ڍنڍ جو پکي گهڻو ڪري ٿڌن ملڪن مان اچي ٿو. اهي پکي سارين جي موسم ۾ لهندا آهن، ۽ وري جڏهن سيءَ جهڪا ٿيندا آهن،. تڏهن وري اڏاميون وڃن، انهن پکين کي جيئن ٿڌ لڳي تيئن وَهه جا چاڻان چاڙهين ۽ هوڏي ٿورو تڙڪو ٿيو، پکي جو پٺو تتو ته اڏاڻو. اهي پريسي پکي اچن تڏهن به رات جو ۽ جي وڃن تڏهن به رات جو، ڇو جو گرميءَ جا صفا ڪينهن. ڍنڍن ۾ جي ڏينهن جو پيا به هوندا نه ڪَيل، ڏِير ۽ پن ۾ لڪل هوندا، سنڌ جي وڏين وڏين ڍنڍن ۾ گهڻو ڪري، نيرڳ، ٿرانڌا، کيڻاٺيون، سانهيون، هنجهه، پيڻون، گيڻان، آڙيو، ڪهنگ، چيخلا، ڌئونريون، ٻڏڻان، لاکي ڄاڃي، ڏاريا، (تلر، کڳر ۽ ٻئي قسم) نردور، پهاڙ وغيره ٿيندا آهن. اهي سڀئي حلال آهن ۽ سردار پکي: ٻگها، گگهه ڪانيرا، کنڀ، توايا وغيره ٿيندا آهن. انهن ۾ توايا پنهنجو آکيرو ساڻ کڻي گهمندا آهن. انهن پکين جو شڪار گهڻن قسمن سان ٿيندو آهي. مثلاً بندوق سان رڇن سان، کنڀ پکيءَ سان، دلين سان، کنڌين وغيره سان ڪندا آهن. هي شڪار ڏاڍو مزيدار، ٿڌو، ۽ گهٽ جاکوڙ وارو ٿيندو آهي. ڪينجهر ۽ منڇر ۾ ته پکين جا ڪينجهر لڳا پيا آهن. مهاڻا پاڻ انهن پکين جو شڪار ڪري کائين ۽ وڪڻندا به آهن.

بندوقن سان شڪار: انهن پکين جو بندوق سان هيئن شڪار ڪندا آهن: جي ڍنڍ هوندي ويڪري ته ننڍڙا ننڍڙا هُڙها وٺي ان ۾ ٻه-ٻه، ٽي-ٽي توبچي ٿي ويهندا. پوءِ انهن هڙهن جو پرو ڪري هلندا. پکي ويندا سوڙها سوڙها ٿيندا، جڏهن اڳتي جاءِ کٽن تڏهن وٺي اڏامندا ۽ هڙهن وارن جي مٿا اڏامي ڍنڍ جي بئي اڌ ڏي وڃڻ جي ڪوشش ڪندا، بس انهيءَ وقت ۾ سٺن توبچين جي ساڄي آهي، جيڪو پکي ساڄو آيو ٺڪاءُ ٿي ويندو بندوق. پکي ڍنڍ ۾ ڪريو ته ڪو مهاڻو ٽپي پوندا يا هڙهو ورائي وڃي پکي کڻندا. ائين ڏڪ هڻندا پکي حلال ڪندا، وڌندا ويندا، اڳتي تان جو يا وڃي ڍنڍ جو دنگ ڪندا يا ڪارتوسن جو. بس پوءِ پکين جون ڳوڻيون کڻيو ڀرين، پر جي ڍنڍ آهي سوڙهي ته جتي ڍنڍ سوڙهاڳ گهڻي ڪندي، انهن پنن تي توبچي، بيهاري ڇڏيندا، ۽ پاڻ وڃي پرئين مٿي کان پکين کي ڏيکايون ڏيندا، جي بندوق هوندين ته ڌڪ هڻدا. پکين ۾ اچي ٽاهه پوندو، ڪي اڏامندا ۽ ڪري تري ۽ ٽٻيون هڻي جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندا، ائين وڌندا وڌندا اچي بندوقڙين جي منهن پوندا. بس  پوءِ ته جي ڪو اُڏاڻو آيو ته به ويو، جي ترندو آيو ته به ويو. بندوقن وارن جي ڀر ۾ ماڻهو بيٺا هوندا سي حلال ڪندا رکندا ويندا، تان جو شڪار وڃي پورو ٿيندو.

رڇ سان شڪار: سنڌ جا مهاڻا رڇن سان به ڍنڍ جي پکين جو شڪار ڪندا آهن،. سو هيئن: جو هڪ وڏي ڄار تيار ڪندا، ان کي ڍنڍ جي ڪپ جي ڪنهن وڻ ۾ اڀو ٻڌندا، ٻيو پاسو وري ٻئي ڪپ جهي ڪنهن وڻ ۾ وچ ۾، رڇ سان لائي، رڇ کي جهلڻ لاءِ ونجهه کوڙيندا ۽ رڇ جو هيٺيون پلاند ورائي ٻڌندا. جيئن ڳوٿريون ٺهي پون. ائين رڇ شام جو هڻي ڇڏيندا. اهو تڏهن جڏهن مهاڻا سمجهندا ته سانجهيءَ ڪٽ ٿيندي،. پوءِ آڌيءَ آڌيءَ تائين لڪا ويٺا هوندا، ۽ ويٺا پکين کي ڏيکاءُ ڏيندا، ڏيکاءُ لاءِ گهڻو ڪري ٻيڙي دکائيندا آهن، تيليءَ جي سهاءَ تي پکي ٽاهه کائيند اٿندا اڳيان هوندو رڇ لڳل بس هتان رڇ ۾ پکيءَ جو لڳڻ هتان پهڪو ڪرڻ. ڪريو ته سڌو اچي ڳوٿريءَ ۾ ڪرندو جتي ڳوٿريءَ جي اکن مان سندس ڄنگهون، کنڀڙاٽيون ۽ ڳچي مٽي پونديون، بس پوءِ اڏامڻ کان بس ٿي رهندو،پوءِ مهاڻا، صبح جو اچي ڳوٿرين مان ڪڍندن.

کنڌين سان  شڪار: جنهن ڍنڍ ۾ ڏير، ڪَل يا پن گهڻي هوندي آهي، ان ۾ ماڻهو کنڌين سان به شڪار ڪندا آهن، اهو شڪار هيئن ڪندا آهن: جو پن جي گهاٽن ٻوڙن کي ڪٿان ڪٿان ٻڌي گهٽ ٺاهي ڇڏيندا آهن ۽ انهن گهٽين ۾ هڪ ڌاڳو ٻڌندا، ان ڌاڳي ۾ ٿورو ٿورو پري، گهوڙي جي وارن جون ڦاهيون ٺاهي، مضبوط ٻڌندا. اهو ڌاڳو پاڻيءَ کان ا ايترو مٿي ٻڌندا، جيترو پاڻيءَ ۾ ترڻ مهل پکيءَ جي ڳچي مٿي ٿيندي آهي. بس پوءِ جي ڏينهن هوندو آهي ته ٻئي پاسي کان وڃي پکين کي ڍريون ڍريون ڏيکايون ڏيندا آهن. ڳالهائو ڪندا آهن، ائين به نه، جو پکي اچي انهن گهٽن مان لگهندا. جيئن لگهندا ويندا تيئن انهن ڳراهن ۾ ڳچيون ڦاسنديون ويندين. ڳراهي ۾ ڳچي آئي ته جيئن پکي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندو تيئن ڦاهي ڀچندي ويندي، ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ شڪاري اچي ڳراهن مان سندن ڳچيون ڪڍندا، ۽ کين هٿيڪو ڪندا ويندا، پر جي شام جو ڦاهيو هنئيون ته رات جو شڪاري وڃي گهر ڀيڙا ٿيندا. رات جي پيٽ ۾ جيڪو پيو پيو پکي انهن گهٽن مان لنگهندو سو سگهو، صبح جو ماري اچي هٿن سان وٺندن. هي شڪار عام ۽ کليلن ڍنڍن ۾ ڪين ٿيندو آهي.

دلبيءَ جو شڪار: هي شڪار به عجيب شڪار آهي. بنا بندوق بنا رڇ بنا ڦاهيءَ بس وڃ پکي هٿن سان وٺندو. ڇا مجال آهي جو ڀر وارو پکي ڪنائي به! هيءُ شڪار هيئن ڪندا آهن: جو ڪنهن وڏي پکيءَ جي کل جو ٽوپ ٺاهيندا آهن. اهڙي طرح جو ان پکيءَءِ جو پڇ ۽ ڳچي به سلامت ڏسڻ ۾ اچي، ائين نه معلوم ٿئي ته ڪو هي پکي ڪونهي. پوءِ مهاڻا اهو توپ پائي گهڙندا پاڻيءَ ۾، ايترو جو سندن ٻيو سڄو بدن پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويندو آهي باقي رڳو ٽوپ ۾ لڪل منهن ٻاهر هوندي اٿن، جنهن ۾ سنهڙا ٻه ٽنگ هوندا آهن، جن مان ڏسي سگهبو آهي. بس پوءِ ماڻهو پکين کي ويجهو ايندو ويندو. پکي ائين ڀائيندا ته هي به ڪو پکي آهي، جو پيو تري، پوءِ مهاڻو پاڻيءَ جي اندران ئي اندران هٿ ڊگهو ڪري پکين جي ٽنگن ۾ وجهندو. ڇڪي، ٽنگڙ ۾ هڻندو ويندو، ٻين پکين کي خبر ئي ڪا نه پوندي تان جو ڍنڍ مان چونڊي چونڊي پکي ڪڍي ويندو آهي، پوءِ ٻاهر ڪڍي حلال ڪري ڪم آڻيندو آهي.

کنڀ پکيءَ سان شڪار: هي شڪار به مزيدار ٿيندو آهي. ڇا ڪندا آهن: جو پهرين کنڀ پکي جو ٻچو وٺي ڌاريندا آهن، جڏهن وڏو ٿيندو ته ڇا ڪندا جو ماريءَ مهاڻي کي مٿي ۽ منهن تي ڪک يا پن اهڙيءَ طرح سان ٻڌندا جو رڳو سندس اکيون پيون ٽمڪنديون ۽ ٻيو سڄو ڍڪيو پيو هوندو. پوءِ کنڀ کي پنهنجي مٿي تي ويهاريندو ۽ گهڙي پوندو پاڻي ۾. هٿ ۾ ڪانيون ۽ ڪمان هونديس. پاڻ پاڻي ۾ ايترو لهندو جو سڄو ڍڪجي ويندو، رڳو ڪکن ڍڪيل مٿو ٻاهر هوندس، ۽ مٿانئس کنڀ ويٺل هوندو، جو هر هر کنڀ پيو هڻندو. پوءِ مهاڻو وڌي وڌي اچي ڪنهن پکي کي ويجهو پوندو، پکيءَ جو ٿورو خيال ٻئي پاسي ٿيو ته ٺڪا ڪرائيندس ڪاني، ڌڪ لڳو ته ڌڪايل پکي وٺي دانهون ڪندو، مهاڻو تيسين ان پکيءَ کي وٺي حلال ڪري وجهندو. ٽنگڙ ۾ ۽ ان پکيءَ جي دانهن کي وري ٻيا پکي اچي لهندا، بس پوءِ ته ويندو سٽيندو. هي شڪار به ذري گهڙ دلبي جهڙو شڪار آهي.

پٽ پکين جو شڪار: پٽ پکين جي به کوٽ ڪانهي تتر، تلوريون چرز، ڪرانڪون، ٻاٽيڀڙ جام ٿين، انهن پکين مان تترن ۽ تلورين جو شڪار اڳي بازن سان ڪندا هئا، هاڻي ته هر پکيءَ تي بندو سنئين ٿي ته نالو لٿس. سنڌ ۾ ڄانڀا لهن ته تلورون جام ٿين.

وري ٻاٽڀڙ جو شڪار ڍٻي تي لهڻ مهل به ڪن ته هونءَ ڳولي به ڪن. هاڻي دام ۽ ٻي اڇل، ڀڳوري وغيرن سان شڪار ڪرڻ جو رواج اڃا به آهي پر بندش شڪارين جا لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن. اڳي تترن جو شڪار گهوٻاٽن ۽ گز ڪمانين سان ڪندا هئا، گز ڪمان  جا وري اڳي اهڙا ته هوشيار هوندا هئا جو ڀلي تتر ڪهڙي به ڪنڊ کان نڪري، ڪمان سڌي ٿي ته ڦهڪو اچي ڪندو. گهوٻاٽڙيا وري گز ڪمانين کان به هوشيار گز ڪمان وارو گٿو ته گهوٻاٽڙيو چوندو: هاڻي هي وٺ منهن! ٺا جو ٿي وڃيس ته پکي اچي سٽبو.

بندوق سان شڪار: شڪاري ڇا ڪندا آهن جو تترن جي جوءِ ۾ پهچي قطار ڪري بيهاريندا، توبچين جي اڳيان ساٽڙيا هوندا، پوءِ اڳتي وڌندا، ساٽڙيا ساٽن سان ٻوڙ سٽيندا ويندا، بس تتر نڪري سنئون ٿيو ته ٺا ٿي ويندس. بندوق اڳي توبچين سان گڏ گز ڪمانين ۽ گهوٻاٽن وارا به هلندا هئا، ۽ بندوق جي ڌڪ کان گٿل پکيءَ کي گز يا گهوٻاٽو اهو رٿي هڻندا جو پکي ائين اچي سٽبو آهي ڄڻ، موچڙو اچي سٽبو پر هاڻي انهيءَ شڪار جو رواج گهٽ آهي ڇو جو بندوقون عام جام ٿي پيون آهن. ان کان سواءِ بندوق جو شڪار هيئن به ڪندا آهن، ڇا ڪندا: جو ڌاريل تتر ۽ بندوق کڻي ايندا جهنگ ۾ تتر کي رکي پاڻ لڪي وڃي ويهندا. پوءِ هڻندا تتر کي سينڍ، تتر ٻوليندو ته اوڏي ڇڪ وارا تتر هليا ايندا مٿس. بس پوءِ بندوق وارو ائين پيو ڌڪ هڻندو آهي. ٽيون قسم ٿيندو آهي چاڙهيڪي تي شڪار جو، سو هيئن ڪندا آهن؛ جو شام جو بندوق کڻي پيا جهنگ ۾ ڦرندا، واهيري جي مهل تتر جڏهن وڻن تي ويهندا، تڏهن ٻوليون ڪندا آهن. شڪاري اهي ٻوليون ڪنائي، لڪي لڪي ايندا جتي تتر ڳوڙهه ٿيا ويٺا هوندا پوءِ  چست وٺي ٺڪا ڪرائيندا بندوق پوءِ جيڪي ڪِريا.

دام سان شڪار: سنڌ ۾ دام سان تتر جو شڪار عالم آهي، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ دام سان شڪار ڪندا آهن، ڇا ڪندا آهن: جو پهرين دام جون پٽيون ٺاهيندا آهن، جن ۾ بانس جون ٻه ٿلهيون ڪاٺيون هيٺ، مٿي ۽ وچ ۾ سنهڙيون سنهڙيون چيرافيون ٻڌندا آهن: اهو ويڪر ۾ ڇاڙڪي ۽ ڊيگهه ۾ ڇهه- ست فوٽ جيترو ڪوڪري ٺاهيندا آهن. پوءِ ڌاريل تتر ۽ ا هي دامن جو پٽيون کڻي ايندا جنهن جي منهن تي: جتي تتر سجهندا هوندن، اتي اهي پٽيون اڏيندا، ۽ انهن جي وچ ۾ گهوڙي جي وارن جا ڳراها وجهندا، پوءِ ڌاريل تتر اورئين پاسي رکي پاڻ وڃي لڪي ويهندا. پوءِ هڻندا سينڍ، سينڍ ٿي ڌاريل تتر ٻوليندو ۽ ان جي ٻوليءَ تي ٻيا تتر اچي مڙندا. تتر جي عادت آهي ته ڊڀ نه هوندو اٿس ته پيرڙيو هلندو آهي هرو ڀرو ڪونه اڏامي، سو تتر ايندا پيرڙيا. جڏهن انهن گهٽن مان اچن تڏهن سندن ڳچيون ڳراهن ۾ ڦاسي پونديون. پر جي ڪو ڦري ٻاهر به آيو ته همراه کنگهڪار ڪندو تنهن تي ٽهي وري پوئتي ڀڄندو، جي هون ڇڏائي ويو ته هيئن ڦاسندو. پوءِ همراهه اچي ڦاهين مان سندن ڳچيون ڇڏائي، ڇليءَ ۾ وجهندو. ائين شڪار ڪري اچي گهر نڪرندو.

ڍٻ: تترن جو شڪار ڍٻ سا به ڪندا آهن، سو هيئن ڪندا آهن: جو تترن واري جوءِ ۾ هڪ ننڍڙي کڏڙي کوٽي ان جي ۾ مٿان هڪ سر رکندا آهن، ۽ ٻي سر آڏي ڪري ڪنهن ارڪ تي اهڙيءَ طرح ساڻ رکندا آهن، جو لڙڪ واريءَ ڪاٺيءَ کي پکيءَ جو رڳو ٿورو پاسو لڳو ته ڪري پوندي.پوءِ ڇا ڪندا،جو ڀر ۾ ٿوري چوڻ وجهي ڇڏيندا، ۽ باقي تُهه يا ان ڍٻ جي کڏڙيءَ ۾ وجهي ڇڏيندا، پهر کن ترسي اچي ڍٻ جو سماءُ وٺندا، جي ڪو تتر چوڳي تي آيو هوندو ته ان کڏڙيءَ ۾ بند ٿيو پيو هوندو، ان کي اچي ڪڍندا. ڍٻ جو هڪ ٻيو قسم جو ٿيندو آهي، جنهن کي اڇل چوندا آهن.

اڇل: اڇل، هڪ ڍٻ جو قسم آهي، پر ڍٻ سرن جو ٿيندو آهي ۽ اڇل ڄار جي. ماري ڇا ڪندا آهن، جو هڪ چوڪنڊياري وڏي ڄار زمين تي وڇائي، ان جي ٽن ڪنڊن کي ڪيرن سان بند ڪندا آهن، باقي پلو کي ورائي چوٽين ڪنڊ جي ماپ تي ڪاٺي کوڙي ڇڏيندا آهن: پوءِ اڙڪ جي ڪاٺي انهيءَ خالي ڪنڊ ۽ کتل ڪاٺيءَ جي وچ ۾ ڏيندا آهن، ان ڪاٺيءَ جي دام واري ڪنڊ ۾ ڏور ٻڌي، ٿورو پري ڀُنگي ٺاهي، ان ۾ ٻڌي ڇڏيندا، پوءِ اڇل کي مٽي ۽ تُهن سان ڍڪي داڻا ٻاڻا وجهي، هڪ ڏينهن ڇڏي ڏيندا ته پکي لڳن. پوءِ ٻئي ڏينهن اچي پکين جا پير ڏسندا، جي پکي ايندل هوندا ته ڀنگيءَ ۾ لڪي ويهي رهندا. جڏهن پکي لهندا. تڏهن وٺي ڏور کي سٽ ڏيندا ته اڇل جو کليل پلاند پکين جي مٿان اچي ويندو. جيڪي پکي هوندا سي هڙ ڍٻيءَ ۾. پوءِ ماري اچي ڪڍندن. انهيءَ ڍٻي جو ٻيو به قسم ٿيندو آهي. اهو ڇا ڪندا آهن: جو رڇ ٻيڻو ڪري ڪير کوڙي ان ۾ ٻڌندا آهن. پوءِ رڇ جا ٻئي تر وارا پاسا ڪلن سان ۾ کوڙيندا. انهن ٻنهي پاسن جي وچ ۾ مڙئي وٿي ڇڏيندا آهن، جنهن ۾ پکي ايندا آهن. پوءِ انهيءَ ۾ هڪ ڪلو کوڙي ان ۾ ٻه سنجهون ڏيندا آهن، هر هڪ سنجهه جو هڪڙا پاسو ڍٻيءَ جي ڏور ۾ ۽ ٻيو پاسو ڪلي ۾ اٽڪيل هوندو آهي. ائين ٻيون به ٻه سنجهون ڏيندا. پوءِ رڇ واريون ٻيئي ڏوريون ملائي، انهن ۾ هڪ مضبوط ڏوري ٻڌي، رڇ جا پاسا، ڏوريون، ڪلا ۽ سنجهون مٽيءَ ۽ تُهن سان ڍڪي،، ڀنگيءَ ۾ لڪي ويهندا، جڏهن پکي ان تي لڳندا، تڏهن وٺي ڏور کي سٽ ڏيندا ته چارئي سنجهون اُڀيوٿي وينديون، ۽ ڄار جون ڏوريون ملي وينديون. انهيءَ وچ ۾ جيڪي پکي هوندا سي هڙ سوگها ٿي پوندا.

ڀڳوري سان شڪار: هي شڪار هاڻيوڪين شڪارين جي ايجاد آهي، اڳي اهو شڪار ڪونه ٿيندو هو. هي شڪار هيئن ڪندا آهن؛ جو پهرين هڪ چونڪ (ڪارچوپ) وانگر هلڪين ڪاٺين جو ٺهرائيندا آهن. چار فوٽ کن ويڪرو ۽ پنج فوٽ کن ڊگهو، پوءِ ان جي مٿان چار گيڙو رنگ جو ڪپڙو هڻندا آهن، ڇو جو گيڙورنگ کان نانگ يا پکي ڪونه ٺهندو آهي. پوءِ ان ڪپڙي ۾ ٻه ٽنگ ڪڍندا آهن، ته ماري انهيءَ ڪار چوپ جي پٺيان ويهي سولي طرح سان تترن کي ڏسي سگهي. پوءِ ڇا ڪندا جو هڪ ڄار وڏي منڊيدا، ان جي چوڌاري ڪليون هڻي پاسا سوگها ڪندا ۽ وچ ۾ ضرورت آهر ڪمانين وانگر ڪاٺيون ڏئي ڄار جون وچون حصو مٿي ڪري ڇڏيندا ۽ ڄاريءَ ۾ هڪ هنڌ در ڪري، پاسن کان ٻه ننڍڙا ڍنگهر آڏ ڏئي ڇڏيندا. پوءِ اتي چوڻ وجهي ڇڏيندا ته پکي اچي گڏ ٿين. جڏهن پکي اچي گڏ ٿيندا تڏهن ماري،انهيءَ ڪارچوپ جي پٺيان ويهي، رڙهندو رڙهندو ايندو تترن ڏي، تان جو اچي ويجهو پوندن، پوءِ انهن ٽنگن مان ڏسندو به پيو ۽ ڪارچوپ سان تترن کي ڄار جي در  ڏي ڌڪيندو به پيو، تان جو سڀ تتر ڄار جي در کان مٿي اندر ٿيندا ۽ ماري، ڪارچوپ ڇڏي کڻي ڄار وارو در بند ڪندو، ائين هڙئي تتر ڦاسائي وجهندو. انهي ڀڳور کان تتر ۽ نانگ اصل ڪونه ڊڄي، ڀلي ڪهڙو به کڻي وحشي هجي، هٿن سان پيو ٿيلهينس ڪڇندو  ئي ڪونه!.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org