سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي مدنيت

باب؛ --

صفحو ؛ 11

 

 

راڳ

اسان جو ملڪ راڳن ۾ به پوئتي  پيل ناهي. بلڪ پراڻا  پراڻا محاورا ٻڌائين  ٿا ته اڳي هن ملڪ جا ماڻهو راڳداريءَ مان چڱي طرح سان واقف هوندا هئا.مئالا ۾  چوندا ته ”ڪهڙي  اچي  کٽراڳ ۾  پيو آهين “جنهن جو مطلب ٿيو  ته ڪهڙي جهنجهٽ  ۾  اچي پيو آهين- پر  اتي  کٽراڳ جو لفظ استعمال ٿيل آهي ، اهو کٽ راڳ دراصل  هڪ راڳ آهي، جنهن ۾  سڀ سُر لڳن ٿا. ’شد، ’ڪومل،۽’تيور، سڀ سُر  لڳن ٿا، پر اهو راڳ بذات خود سکي ڳائڻ هڪ وڏو جهنجهٽ  آهي. ان ڪري کٽ- راڳ ،  جهنجهٽ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيڻ لڳو.ظاهر  آهي  ته جڏهن هن ملڪ جا ماڻهو کٽ-  راڳ جي جهنجهٽ کان واقف هئا تڏهن ته محاورو وضع  ڪيائون. وري زناني لهجي ۾ زالون چونديون آهن ته فلاڻي جون ”نبيريون“ ٻڌو- راڳداريءَ ۽ تيبر   يا تبور  چوندا  آهن، تکن سُرن کي. هاڻي محاوري جو مطلب ٿيو ته فلاڻي جون شوخ ڳالهيون يا چال واريون ڳالهيون ته ٻڌو. اتي اهي تيبريون راڳداري ءَ جو اکر آهن . ائين قديم  زماني کان سنڌي ٻوليءَ ۾ راڳداريءَ جا ٻيا به ڪيترائي اکر رواج ۾ آهن جن مان ڪجهه آهن؛ ”ترڪ تال“،  ”تيرهن تالي “، ” ساڍ چال“، ”تار مڪان کان ٻاهر“، ”تال گم ٿيڻ“، وغيره.

انهيءَ مان ثابت آهي ته سنڌ جا قديم باشندا، راڳ جهڙي روحاني غذا کان چڱيءَ طرح سان واقف هئا، ۽ اهو به   ممڪن آهي ته اهو  اثر  سنڌ وارن تي تصوف جي سماع کان پيو هجي.

شاهه عبداللطيف ڀٽائي راڳ ۾ جيڪي اضافا  ڪيا، سي ساراهه جو ڳا آهن. تصوف وارن جو راڳ سان گهڻو تعلق رهيو، ان ڪري شاه جي رسالي کي به شاهه لطيف سرن ۾ ورهائي ڇڏيو، جن مان ڪي سر ته ’راڳداري‘ جا مشهور راڳ آهن. جهڙوڪ، ’ڪلياڻ‘، ’يمن ڪلياڻ ‘، سر يراڳ ‘، ’سهڻي‘،  ’کنڀاٽ ‘، حسيني ‘، ’ آسا ‘، پر ڀاتي ‘، ’سورٺ ‘ ’بلاول‘، ’رامڪلي‘، وغيره،  ڪن راڳ جي علم رکڻ وارن جي راءِ آهي، ته سر ’ڪيڏارو‘ به راڳداريءَ  جو ڪيدار ا راڳ آهي . مگر راقم  الحروف ساڻن اختلاف رکي ٿو. ڇو جو ، راڳداريءَ جي ڪيداري جو نالو هن ’ڪيداري‘ سان نٿو ٺهڪي. هن ڪيداري جي لاءِ شاهه لطيف فر مائي ٿو:

ڳجهڙين ڳارو راتيان ڏينهان رڻ ۾،
پيون پڇن پاڻ ۾، ڪنهن منهن ڪيڏارو،
کائون کڳارو، ڪانئر پيو ڪنو ٿئي. _ لطيف

هتي ڪيڏاري جو مطلب ٿيو، ’جنگ جو ميدان’. ان ڪري هي سر به  راڳداريءَ کان جدا آهي. هن سر ۾ ڪربلا جي ميدان جو ذڪر ٿيل آهي، ۽ محرم  شريف ۾ ’تعزين’،  ’گهوڙن‘ ’سجن‘ وغيره سان سر ناين وارا صرف ’ڪيڏارو‘ وڄائيندا آهن. وري شاهه جي سر مارئيءَ لاءِ به ڪن جي راءِ اها آهي. ته هي به راڳداريءَ جو مشهور راڳ ماروا يا ’مارو بهاگ‘ آهي، پر نه ، هي راڳ به جدا آهي. راقم  الحروف  کي ياد آهي، ته ’مارئي‘، سامونڊي ‘، ۽ ’معذوري‘، مرحيات سائين الهه اوڀايو شاهه نابين ڳائيندو هو. هاڻي اهي ٿئي سر  رواج مان نڪري ويا آهن. ان ڪري انهن سُرن جي ڪنهن کي به سمڪ نه رهي آهي. ان سان گڏ اڳي سر ’ڏهر‘، ’گهاتو‘، ۽ ’رپ’ وغيره به ڳايا ويندا هئا، جيڪي به نج سنڌي راڳ آهن، پر اڄڪلهه انهن جو ڪو پتو ڪونهين.

ماڻهو ته ائين به چون ٿا، ته ’سورٺ‘، ۽ ’ڪاموڏ‘ به سنڌي راڳ آهن، پر نه. اهي راڳ راڳداريءَ جي گر نٿن ۾ به مان ٿا. هن  باب ۾ صرف انهن راڳن جو ذڪر ڪبو ، جيڪي يا ته نج پج سنڌي آهن، يا راڳداريءَ جي راڳن  مان سرن جي ٿوري ڦير گهير سان پيدا ٿيا آهن.

راڳن کان سواءِ ڪيترا لهرا، به سنڌ جي ايجاد آهن. جهڙوڪ،ڪنڌي جو لهرو“، ”ڇپر جو لهرو“، ”ٿري لهرو“، ”جو ڳيائي لهرو“، وغيره  اهي لهرا گهڻو ڪري، مرلين ئي تي وڄايا ويندا آهن، پر انهن  مان ڪي لهرا بينن ۽ دنبورين يا نڙن تي به وڄايا ويندا آهن.

ڪوهياري : ڪوهياري نجو پجو سنڌ جو راڳ آهي. جيڪو سنڌ ۾ سنڌ جي سڀني راڳن کان وڻندڙ مڃيو وڃي ٿو. راڳدارن جي گرنٿن ۾ نه اهڙو نالو ملي، نه سرن جي بيهڪ. هي راڳ شاهه لطيف ڀٽائيءَ جي زماني کان سنڌ ۾ رائج آهي. شاه جي رسالي جو هڪ سُر به انهي نالي سان ملي ٿو.

ڪوهياري لفظ مرڪب آهي،ڪوهه+ياريءَ جو، پر ياريءَ جي پهرين ”ي بدل“ آهي. ”واڍو“ جو، ان ڪري انجي معنيٰ ٿي ”ڪوهه واري“ ”جبلن واري“ هن راڳ ۾ ايندي ۽ ويندي ست ئي سر لڳن ٿا، جنهن ڪري هن راڳ کي ”سمپورن“ چئجي ٿو هن راڳ جي آروهي ۽ امروهي هي آهي:

آروهي : سا-ري-گا-ما-پا-ڌا-ني-سا،
امروهي : سا-ني-ڌا-پا-ما-گا-ري-سا،

هن راڳ ۾ ٻئي نکاد لڳن ٿا، آروهي ۾ تيور نکاد لڳي ٿو، ۽ امروهيءَ ۾ ڪومل نکاد، انهيءَ سبب جي ڪري، هي راڳ پنهنجي هم جنس راڳنکان جدا ٿيو بيهي. هن راڳ جي شڪل مٿين سرن ۾ سٺي ٺهي. ڪي هنراڳ جي وادي مڌم ۽ سموادي رکب رکن، پر ڪي وري وادي ”سا“ ۽ سموداي مڌم رکن. هن راڳ جي آلاپ به سٺي ٺهي، ته ڪافي به واه جو رنگ لايو ڇڏي، نه رڳو ايترو پر ”پاين“ ، ”مرلي“، ۽ ”ڪينري“ تي به هن راڳ جا سٺا لهرا نڪرن.

راڻو: جيئن پنجاب ۾ هِير لاءِ هڪ خاص سُر وقف ٿيل آهي، تيئن سنڌ جي لوڪ ڪهاڻي، ”مومل راڻو“ لاءِ به خاص راڳ وقف ٿيل آهي، جنهن کي ”راڻو“ چيو ٿو وڃي، راڻو سنڌي موسيقيءَ ۾ خاصي اهميت رکي ٿو. هن راڳ ۾ مومل راڻي جي ڪهاڻيءَ متعلق بيت، ڪافيون ۽ وايون ڳايون وينديون آهن. راڳداريءَ جي گزٿن ۾ هن جهڙوراڳ نٿو ملي هن راڳ جي آروهيءَ ۾ ڇهه سر ۽ امروهيءَ ۾ ست سر لڳن ٿا. ان ڪري هن کي ”کاڊيو سمپورن“. چئجي ٿو. هن راڳ جي آروهي امروهي هي آهي:

آروهي : سا- ري- ما- پا- ڌا- سا.
امروهي : سا-ني-ڌا- پا-ما-گا- ري-سا.

هن راڳ ۾ ”ڌيوت، ٻئي لڳن ٿا. ”تيور“ به ۽ ڪومل“ به. هن راڳ جي شڪل به ڪوهياريءَ وانگر، مٿين سرن ۾ وڌيڪ ظاهر ٿئي ٿي. هن راڳ جا لهرا به نڙ، پايا. دنبوريءَ ۽ ڪينري تي سٺا لڳن ٿا. هن راڳ جي آلاپ وڌيڪ ڏکاري ٿئي ٿي. هي راڳ به شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ ﷥ جي زماني کان رواج ۾ آهي.

ڪيڏارو : راڳ ” ڪيڏارو“ به سنڌ جي پيداوار آهي، ڪن جو خيال آهي ته راڳداريءَ جو ”ڪدارو“ ۽ ”ڪيڏارو“ هڪڙو ئي نالو آهي، پر نه. راڳداريءَ جو ڪدارو يا ڪداري جا قسم هن راڳ کان بلڪل جدا آهن. هي راڳ عام ورتاءَ جو راڳ نه آهي، پر هي راڳ مخصوص آهي، محرم جي ڏينهن لاءِ. ”نغارن“، ”تعزين“، ”گهوڙن“، يا ”سيجن“، سان مڱڻهار فقير شرناءِ تي ڪيڏارو و‎ڄائين. محرم کان سواءِ ٻئي ڪنهن به محفل يا شاديءَ ۾ ڪيڏار نه وڄايو ويندو آهي. هي راڳ به شاه لطيف ﷥ جي ڏينهن کان وجود ۾ آيل آهي، ۽ اڄ تائين هلندو اچي ”ڪيڏارو راڳ ڪافي ٺاٺ جو راڳ آهي ۽ ”کاڊو سمپورن“ آهي، يعني هن راڳ ۾ ويندي صرف ڇهه سر لڳن ۽ ايندي ست ئي سر لڳن. هن راڳ جي آروهي هي آهي:

آروهي: سارکب تيور، مڌم شڌ، پنچم اچل، نکاد تبور ، سا.

امروهي: سا، نکار تيور، ڌيوت تيور، پنجم، اچل، مڌم شد، گنڌار ڪومل، رکب تيور، سا.

هن راڳ جي ”سا“ وادي ۽ پنجم سوادي ليکي ويندي آهي، هن راڳ کي سندس هم جنس راڳن جهڙوڪ ”ديسي“ يا ”سنڌورا“ کان جدا ڪرڻ لاءِ آروهيءَ ۾ ”گنڌار“ جو ڪمن به لڳائين ۽ ”نکاد“ ظاهر به ڪن ته هن راڳ جي شڪ ٻين راڳن کان جدا ٿيو وڃي.

رسالي جو ڪيڏارو ۽ راڳ ڪيڏارو، ٻيئ شاهه لطيف ﷥ ايجاد ڪيا. هي دليل آهي ته جي ٻيو ڪو ڪيڏاري جا بيت لکي ها، ته سر نه ٺاهي سگهي ها، مگر اهو شاهه لطيف ﷥ ئي هو، جيڪو بيت به ٺاهيندو هو ته انهن جا سر به تيار ڪندو هو.

سنڌي جوڳ: سنڌ ۾ ڪي اهڙا راڳ به رائج آهن جن جو وجود گائڪيءَ جي گرنٿن ۾ ملي ٿو. پر انهن ۾ سرن جي ٿوري ڦير گهير سان اصلي راڳن کان هڪ جدا شڪل پيدا ٿيو پوي. سنڌي جوڳ به اهڙي راڳن مان هڪ آهي. هي اصل راڳ ”جوگيا“ آهي، جنهن ۾ هلڪي ڦير گهير آڻڻ سان سنڏي جوڳ وجود ۾آيو آهي. هن راڳ ۾ ڪافيءَ جون ڌنون ڏاڍيون ٺهن. سنڌي جوڳ ” سمپورن“ آهي يعني هن جي آروهي، امروهي ۾ سڀ سر لڳن ٿا، پر ”جوڳيا“ ۾ ”رکب،“ ۽ ”ڌوت“ ڪونه لڳن. ٻيو فرق ”جوڳيا“ ۽ ”سنڌي جوڳ“ ۾ هي به آهي ته ” جوڳيا“ ، کماج“ ٺاٺ جو راڳ آهي ۽ منڌي ”جوڳ“، ”ڀرون ٺاٺ“، مان نڪتل آهي. هن راڳ جي آروهي امروهي هيءَ آهي.

آروهي : سا-ري-گا-ما-پا-ڌا-ني-سا.
امروهي : سا-ني-ڌا-پا-ما-گا-ري-سا.

هن راڳ ۾ ”سا“ وادي سر ۽ پنجم سموداي سر رکن. هن راڳ جي ادائگي ۽ مختلف سرن تي ٽڪاوو کيس ”جوگيا“کان جدا ڪريو ڇڏي. سنڌي جوڳ ۾ڪٿي ڪٿي تکن سرن جو ڪَن لڳائي هن راڳ کي حسن ڏيو ڇڏي. فراق ۽ ويراڳ واريون ڪافيون هن راڳ ۾ سٺيون ٺهن. سنڌ ملڪ ۾ هي راڳ عام ورتاءُ جو راڳ ليکيو ٿو وڃي.

سنڌي ڀيروي: سنڌي جوڳ وانگر سنڌي ” ڀيروي“ به راڳداريءَ جو ڪ راڳ آهي، مگر سرن جي ٿوري ڦير گهير ۽ چال ۾ فرق جي ڪري، هن راڳ کي گرنٿن واري ڀيروي کان جدا ڪري سگهجي ٿو، جيڪڏهن گائڪيءَ جي ڀيرويءَ کي ”آساوري“ ٺاٺ مان ڳائبو ته سنڌي ڀيرويءَ جي شڪل ظاهر ٿيندي. ڀيروي ۽ سنڌي ڀيروي جي چال ۾ وڏو فرق هوندو آهي، سنڌي ڀيروي جي اترانگ (لاهه) مڌم تي ٽڪاءُ ڪندا آهن، جنهن ڪري هڪ ته هن راڳ جي شڪل ظاهر ٿيندي آهي، ۽ ٻيو ته وڌيڪ سهڻو لڳندو آهي. هيءَ راڳ به سمپورن آهي، يعني هن ۾ به ست ئي سر لڳندا آهن. سنڌي ڀيروي جي آروهي ۽ امروهي هيءَ آهي.

آروهي: سا، ري، گا، ما، پا، ڌا، ني، سا.
امروهي: سا، ري،ڌا، پا،ما، گا، ري، سا.

هي راڳ عام ورتاءَ جو راڳ آهي. هن ۾ به ڪافيءَ جون ڌنون سٺيون ٺهن.

اهي ته هئا اهي سنڌي راڳ، جيڪي اڄڪلهه به ملن ٿا، پر اڃا به تحقيق ڪجي ته ”معذوري“ ”سامونڊي“، ”مارئي“، ”رپ“،”ڏهر“،”گهاتو“ وغيره به لڀي سگهندا. جيڪي به نج سنڌي راڳ آهن.

 

 

زور آزمائي

هر قديم قوم کي جتي رهڻي ڪهڻي، رسم رواج، راڳ ناچ، پنهنجي نموني جا هوندا آهن، اتي انهن قومن کي زور آزمائيءَ جا طريقا به جدا جدا هوندا آهن.عالمي زوور آزمائي جي طريقن ۾ هينئر باڪسنگ، ڪشتي ۽ فري اسٽائيل ڪشتي رواج ۾ آهن. اڳي کان عرب ۾ فن حرب مشهور آهي. جن طريقن سان هو دشمن سان وڙهندا به آهن ۽ هڪٻئي ۾ زور آزمائي به ڪندا آهن. هندستان ۾ اڳي امير علي ٺڳ وارا رشمي رومال جي ڪنڊ ۾ ٽڪو ٻڌي، ان سان ماڻهو گهٽي مارڻ ۾ ماهر هئا. ڪي وري نبوٽ جا ڪاريگر ليکجن.ڪٿي جوڊو جو فن عام آهي، ڪٿي جو جٽسو جا طريقا مشهور آهن. سنڌ ۾ وري زور آزمائيءَ لاءِ ”ملهه“،”ٻيلهاڙو“، ”جوٽڻي“، ”چنبو“، ”پنڃري“ وغيره مشهور آهن، جن سان پهلوانن جي زور جي خبر پئجي سگهي. سنڌ ۾ ڪيئن زور آور ٿي گذريا آهن، پر سچ ته ”علي بخش کٽياڻ“ سان لڳي ئي ڪونه، پنهنجي وقت جو وڏو پهلوان هو. علي بخش کٽياڻ پڇاڙيءَ جي عمر ۾ ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ جيڪو پٿر کڻي وڃي کڏ تي رکندو هو، اهو به پنجن مڻن کان مٿي ٿيندو. اهو پٿر اڄ به کٽياڻن ۾ پيل آهي. ٽڪي تان، آڱوٺي جي گهڪي سان، اکر مٽائڻ يا سچلين ڪوڏين جي مٺ ڀري زور ڏئي، انهن کي پتاشن وانگر ڀورڻ ته سندس کٻي هٿ جو ڪم هو. علي بخش کٽياڻ جي زور آزمائيءَ جون گهڻيون ئي ڳالهيون مشهور آهن. پر هت صرف هڪ ڳالهه لکجي ٿي، جنهن مان سندس زور جو پتو پئجي سگهندو. راقم الحروف جي ڏاڏي حضرت سيد ثابت علي شاهه جهانيان جن وٽ هڪ دفعو علي بخش کٽياڻ آيو. پاڻ کيس فرمايائون ته ”علي بخش اڄ‎ زور ازمئيسون“ هن چيو، ”سائين“ مرشدين نال ڪيوين زور ازمئسان.“ پاڻ فرمايائون ”نه، تيڪون قسم هي، يا تون چنبا جهل ته مئن ڇڏئيسان يا مئن چنبا جهلينداهان تي تون ڇڏا.“ آخر ڳالهه وڃي اتي بيٺي، ته علي بخش چنبو جهلي، ۽ سائين جن ڇڏائين. نيٺ  چنبو ڏنائون، پاڻ علي بخش کي قسم وڌائون ته پورو زور لاءِ.، خيرعلي بخش زور لاتو پاڻ چنبو ڇڏايئون. سائين ثابت علي شاه جن علي بخش کان پهرئين ئي زور ۾چنبو ڇڏائي ته ويا، پر آڱرين جو سڄو چم علي بخش جي هٿ ۾ رهجي ويو! انهيءَ مان اندازو ڪريون ته علي بخش کٽياڻ ڪيڏو زور وارو هو! مطلب ته علي بخش کٽياڻ جهڙو زور وارو اڃا ته سنڌ ۾ ڪونه پيدا ٿيو آهي.

هن باب ۾ سنڌ جي زور آزمائيءَ جي انهن طريقن جو ذڪر ڪيو ويندو،جيڪي هن وقت به رائج آهن.

ملهه: سنڌ ۾ قديم زور آزمائيءَ جو مشهور طريقو آهي ملهه، جنهن ۾ ٻه پهلوان سندرا ڪري هڪ ٻئي سان زور آزمائي ڪندا آهن.جنهن ميدان ۾ ملهه وڙهندا آهن، انهيءَ کي ”ملاکڙو“ چوندا آهن، جيڪو ”ملهه ملاکڙو چوندا آهن، جيڪو ”ملهه آکاڙو“ جو گڏيل مرڪب آهي. ملاکڙو زور آزمائيءَ جي اها روايت آهي، جيڪا هر ميلي جو جز سمجهي ويندي آهي. قديم زماني ۾ يونان، عرب ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به زور آزمائيءَ جا ميلا لڳندا هئا، پر عرب جا اهڙا ميلا مشهور آهن، جن ۾ شاعري به ٿيندي هئي، نسا به ايندا هئا. شهه سواريءَ جا مظاهرا به ٿيندا هئا، ۽ زور آزمائي به ٿيندي هئي. سنڌ جي ملاکڙي کي شايد عرب جي اهڙن ملين سان نسبت هجي.

سنڌ جي ميلن ۾ رواج آهي ته ٻن پهرن کان ڪجهه سج لڙيو ته ملاکڙي واري ميدان تي دهلاري ايندا، ملاکڙو وڄائڻ، پوءِ دهل ۽ شرنايون ٻڌي پري پري کان ماڻهو اچي گڏ ٿيندا ۽ ويندا پنهنجون جايون وٺندا وهندا. جڏهن ملاکڙو ڀريو،تڏهن پڙ جو سلام ڪري،سندرو اٽڪائي ويهي رهندا. ملاکڙي جي پڙ کي ”يا علي جو ميدان “، سڏين. ان  ڪري جتي لاهي ادب سان آڱر زمين سان ڇهي زبان تي رکن، پوءِ سڄي ڪن جي پاپڙي جهلي پوءِ سندرو اٽڪائين. انهيءَ جو مطلب ٿيو ته ”آءٌ تڪبر ۽ غرور کان توبهه ٿو ڪريان. ڪي وري پڙ جو سلام ڪري سندرو زمين سان ڇهي ان کي چمن، پوءِ سندرو اٽڪائي ويهي رهن، پوءِ ملاکڙو شروع ٿيندو. پوءِ هر ڪو پهلوان پنهنجي جوڙ واري پهلوان سان زور آزمائي ڪندو. پهرئين جوڙ وارا پهرئين جوڙ سان،ٻئي وارا ٻئي سان، ٽئي وارا ٽئي جوڙ سان ڇا ڪندا جو پهرين ڪلهن جو فيصلو ڪري، ته ڪهڙي ڪلهي تي ملهه وڙهڻي آهي،پوءِ هڪٻئي جا سندرا وٽي مضبوطيءَ سان چيلهه ۾ ٻڌن پر ٻاريءَ مان اُٿڻ مهل خميس يا پهراڻ، اهڙيءَ رح لاهين، جو پٽڪو نه لهي. جي پهرياڻ يا خميس لاهيندي پٽڪو لٿو ته ان کي بدسوڻي سمجهن. پوءِ سندرا ڪري پاڻي ٻاڻي پي، وڃي ٻاريءَ ۾ دم وٺن، دموٺي پوءِ ايندا ميدان ۾.پوءِ پهريائين اڳيان هٿ وجهن پوءِ پويان. هٿ پوڻ کان پوءِ ملهه شروع ٿي. پوءِ ٻئي پهلوان هڪٻئي کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪندا، زور ۽ انگ کان ڪم وٺندا. ملهه ۾هي انڱ ڪندا آهن: ”جانٺو“ (اندريون ٻهريون) ”وارو“. (کٻيءَ جو سڄيءَ جو) ”اٺ ڏاڻ“”کس“، ”گهمري“، ”ڦندو“، ”گهمائڻ“، “”مهري“ وغيره. انگ ته ”وچين“ به مشهور آهي،پر ڪار ناهي وچين هڻي مارڻ واري کي مزرا ڪونه ڏين ۽ ٽي ملهه ڪرائين.

جي ملهه هلندي ڪنهن به پهلوان جو سندري مان هٿ نڪري ويو ته هو ٻئي پهلوان جي پُٺي ٺپريندو، جنهن جو مطلب ٿيو ته ترس. هٿ نڪرڻ کان پوءِ انگو ڪرڻڪار ناهي،پر ڪي پهلوان ته به ڪونه رهن.

پوءِ ائين هي پهلوان جون ٻه ملهون ٿين، پر ماريو انهيءَ جنهن پوئين ملهه ماري. ملهه ڪندي جي گوڏو يا تري کُتي ته ملهه ٽي ٿنيدي. ائين پهرين ملهه کانپوءِ جنهن ملهه ماري سو پڙ جو چڪر هڻي انعام وٺندو، جنهن هارايو سو وڃي ٻاريءَ ۾ ويهي رهندو. ائين ساهي پٽي وري ٻي ملهه ڪندا،پوءِ جنهن ٻي ملهه ماري، انهيءَ کان جنهن هارائي انهيءَ جو پلاندي ٿي پلاند وٺندو. وري ماري ويل انهيءَ سان ٻه ملهون ڪندو.

ائين ملهون ٿينديون اينديون، ملاکڙو هلندو رهندو، تان جو وڃي سج لهندو، پوءِ ملاکڙي باهڙبو. ائين هر ميلي ۾ ٽي ملاکڙا ضرور ٿين.

اڳي ملهه ۾ ”جهلڻ“، ”گورداورو“، ”ٻرڙو“، ”الهه بچايو“، ”مهر“ مشهور پهلوان ٿي گذريا آهن. پوءِ وري ”هنڊل“ ۽ ”هوشو“ وارا سٺا وڙهيا، هاڻ شير مير بحر، گوپانگ، جماندار، يڪي وارا سٺي ملهه ڪن، يڪي ته هڪ ڪشتي واري پهلوان کي به دسي رکيو.

اڳي لاڙي ملهه مشهور هئا، پر هاڻي البت اتر وارا سرس آهن، انگ ۾اڃا به لاڙ چهرو آهي.

چوندا آهن ته مينهن ڌاربي ته ٺينهن به کڻبي، سو هنن پهلوانن جي ٺينهن به ڏکي ٿئي! ميلي جو اعلان ٿيو ته ميلي واري وٽ مالهي اچي رهندا. پوءِ جيترا ڏينهن اڳي اڇبن. پوءِ انهن جي مالشن لاءِ تيل، انهن جي کاڌ خوراڪ جا بندوبست به اهڙائي ٿين. اڳي ته ڪي سنڌ جا خاندان ملهن جي تات به ڪندا هئا، پر هاڻي اهو رواج گهٽجي ويو آهي.

ملهه ۾ زور کان وڌيڪ انگ جي ضرورت هوندي آهي. انگ ڪرڻ وارو پهلوان ڪرندي ڪرندي بهانگ ڪري، ملهه ماري ويندو آهي. هونءَ ته ڪشتي هڪ ئي دفعي وڙهندا آهن، پر ملهون ٻه ٿين. اهو هن ڪري ته جي پهرين ملهه ۾ پهلوان اتفاق سان ڪري پئي، ته ٻي ملهه ۾ پنهنجي فن جو چڱيءَ طرح سان مظاهرو ڪري سگهي.

ٻيلهاڙو: سنڌ ۾ زور آزمائي ۾ ملهه کان پوءِ ٻيو نمبر ٻيلهاڙي جو آهي. ملهه جو مطلب ٿيو ته جي دشمن ڀاڪرين اچي پئي ته ان کي ڪهڙي زور ۽ ڪهڙي انگ سان زير ڪجي ۽ ٻيلهاڙي جو مطلب ٿيو ته جي دشمن حملو ڪري ڀاڪرين پوڻ چاهي، ته ان کي ڇنڊي ڪيئن پري ڪجي، يا ان تي ڪيئن حملو ڪري، انهيءَ کي ڪيرائي پاڻ ڇڏائجي. يا دشمن حملو ڪري ته انکي ڪيئن جهلي پنهنجي قبضي ۾ ڪجي: اهي سڀئي انگ ٻيلهاڙي ۾ ملن ٿا. لاڙ ۾ ٻيلهاڙو سنڌ جي ٻين حصن کان وڌيڪ مقبول آهي. لاڙ ۾ ته ٻيلهاڙي جا ملاکڙا به لڳن.

ٻيلهاڙو هيئن ڪندا آهن: هڪڙو ماڻهو گول ليڪو ڪڍي ان ۾ بيهندو ۽ ٻيو پري پري انهيءَ ماڻهوءَ کي پيو ڦرندو. ليڪي وارو به هن کي اک ۾ رکيو ايندو، ته ڪٿان ٿو حملو ڪري. پوءِ ٻاهريون ماڻهو وجهه وٺي ٻولائيندو ته ”اچئين ٿو“، ائين چئي وٺي ليڪي ۾ بيٺل همراه ڏي ڊوڙ ڪندو. ليڪي وارو ته اڳ ۾ ئي هوشيار هوندو. پوءِ ٻاهر وارو ماڻهو ڊوري اچي ليڪي ۾ بيٺل همراه جي سيني تي ٻئي تريون هڻندو، ته يا ليڪي وارو همراه ڪري پئي يا ليڪي کان ٻاهر نڪري وڃي. هوڏي وري ليڪي وارو همراه حملي ڪرڻ واري کي جهلي بيهارڻ جي ڪوشش ڪندو جي ٻاهر وارو همراه تريون هڻي پاڻ ڇڏائي آيو ته انهيءَ کٽيو، جي جهلجي پيو ته ليڪي ۾ بيٺل همراه کٽيو.

ٻيلهاڙي جي ملاکڙي مچائڻ لاءِ به دهل وڄائين ۽ دهل ٻڌي ڪٿان جا ماڻهو اچي مڙن، پوءِ ٻيلهاڙو شروع ٿئي.

پڃري: بار کڻڻ جي زور ۾ دنيا ۾ ”بار بيل“ مشهور آهن، پر سنڌ ۾ وري بار بيل جي بدران پڃري کڻن. بار بيل ٻنهي هٿن سان کڻن پر پڃري رڳو هڪ هٿ سان کڻن. ڇا ڪن جو هڪ سوڌو وزن دار پٿر وٺي انکي پوري وچ ۾ مٿئين پاسي کان مٺ ڪڍائين. مٺ ايتري هجي، جنهن ۾ هٿ مضبوطيءَ سان پئجي سگهي. پوءِ انهيءَ مٺ ۾ هٿ وجهي پڃريءَ کي ٽنگن جي وچان لوڏو ڏئي، هڪڙي هٿ سان ڪلهي تي آڻين، اتي ڪلهي تي جهلي وري هڪڙي ئي زور سان ٻانهن سڌي ڪري پڃريءَ کي مٿي جهلين. جي ڪو وڌيڪ زور وارو آهي، ته پڃريءَ کي واري لاهي ڪلهي تي آڻيندو ۽ اتان وري ٻانهن سڌي ڪندو، انهيءَ کي ” ڪولابا ڪڍڻ“ چون، پوءِ جيترا ڪولابا ڪير ڪڍي. پڇري کڻڻ جو ٻيو طريقو هي ٿيندو آهي، جو پڃريءَ کي ڪلهي تائين آڻي پوءِ ٻانهن اڇل سان نه، پر آهستي آهستي سڌي ڪن، تان جو ٻانهن پوري سڌي ٿيو وڃي. انهيءَ زور کي پڃري ”ڏهي کڻڻ جو زور“ چوندا آهن. پڃري کڻڻ جو ٽيون قسم هي ٿيندو آهي،جو پڃري جي مٺ ۾ هٿ وجهي،يڪي زور ۾ ٻانهن سڌي ڪري وڃن، انهيءَ قسم جي زور کي ”سلهه“ کڻڻ چوندا آهن. ڪي پهلوان ته انهن ٻن  زورن ۾ به ڪولابا ڪڍندا  آهن. جي پڄري ڪجهه  هلڪي  هوندي آهي ته ڪي پهلوان وريءَ پچري  جهٽين، سو هيئن جو مٺ ۾ هٿ وجهي، زمين تان لوڏو ڏئي مٿي اڇلي مٺ مان هٿ ڪڍي پڃريءَ کي هيٺان هٿ ڏئي تريءَ تي اڀي بيهارين. ڪي ته وري اتان ئي اڇلي مٺ ۾ هٿ وجهي وري هيٺ لاهين. ڪي وري پڃري جهٽي ڪلهي تي بيهارڻ کان پوءِ اڇل ڏئي، ٻانهن  سڌي به ڪن ۽ ڪولابا به ڪڍن.

اڳي ته ماڻهو ٽمڻي پچري، آسانيءَسان کڻندا هئا، پر هن زماني ۾ مڻي پڃريءَ  ۾ به ڪو سنڊي هت وجهندو. ٻه مڻي پڃري ڪلهي تي آندائون ڄڻ دنگ ڪري ڇڏيئون.

چنبو: چنبي جو زور سنڌ کان ٻاهر به آزمايو ويندو آهي. انهيءَ طريقي ۾ وڏو فرق آهي. هتي چنبي ڏيڻ جو هي رواج آهي، ته ٻه زور آزمائڻ وارا هڪٻئي سامهون هيٺ ٿي ويهندا، پوءِ ٻئي پنهنجي سڄي هٿ جون تريون ائين ملائيندا، جو آڱريون هيٺ ٿين. پوءِ آڱرين جي وچ ۾ آڱريون ڏيندا، اهڙي طرح جو آڱوٺو وري اچي آڱوٺي سان ملي. پوءِ هڪڙو هٿ جهلڻ واري جي ڪارائيءَ ۾ وجهندو. هٿ ٻنهي جا پٽ تي هوندا، پوءِ ڇڏائڻ  وارو هڪڙي ئي زور ۾ ڪسڪائي، ٻئي پهلوان جي هٿ مان هٿ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو، جي هٿ ڇڏائي ويو، ته انهيءَ کٽيو، جي نه ڇڏائي سگهيو ته هارايائين. چنبي جي زور جو قاعدو هي آهي، ته ڇڏائڻ مهل هٿ زمين تان نه کڄن، ۽ پهلوان زور لائيندي اٿي نه بيهن. ساڳيءَ طرح سان هڪٻئي تي اوراٽ ڪرڻ به ڪار ناهي.

جوٽڻي: جوٽڻي به سنڌ ۾ زور آزمائيءَ جو مشهور طريقو آهي. هي ٻه چنبي وانگر ويٺي جو زور آهي. ڇا ڪندا آهن؛ جو ٻه ماڻهو زور آزمائڻ وارا هڪٻئي جي سامهون پٽ تي ويهندا آهن، ۽ پيرن جون کڙيون زمين تي رکي، پير اڀا ڪري هڪٻئي جي پيرن جي سامهون جهليندا آهن، ۽ پيرن ۽ اٽڪل نري کن ڊگهي سڌي مضبوط ڪاٺي، جنهن ۾ مٺ ڦٻي سگهي ۽ ڀڄي به نه، اها جهليندا. پوءِ هڪڙو’جوٽڻي‘ ڏيندو ٻيو ڇڏائيندو. جوٽڻي ڏيڻ وارو پنهنجي سڄي هٿ سان  انهيءَ پيرن واري ڪاٺيءَ کي مضبوط جهليندو، ۽ ڇڏائڻ وارو، وري انهيءَ جي ڪارائيءَ ۾ سڄو هٿ وجهي، سندس هٿ هڪ ئي زور ۾ ڪاٺيءَ  مان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندو. هن زور ۾ ٻئي هٿ جي تري زمين تي کوڙڻ ڪار ناهي. پوءِ جي ڇڏائڻ وارو جوٽڻي نه ڇڏائي سگهيو، ته هارايائين، ۽ جي ڇڏائي ويو ته کٽيائين.

نانگ کڻڻ: هيءُ به بار جو آهي. ڇا ڪيندا آهن جو هڪڙو ماڻهو سنئون ٿي زمين تي سمهندو، ۽ ٻيو  ان کي چيلهه کان ٻانهون ورائي، کڻي ڪلهي تي آڻيندو. نانگ کڻڻ اڄڪلهه زور آزمائيءَ ۾ ايترو مشهور ناهي.

انهن زورن کان سواءِ  سنڌ ۾ شيري چنبو ڀاڪر جو زور وغيره به ٿيندو  آهي، پر اهي زور ايترا مشهور نه آهن، جو انهن جو ذڪر  ڪيو وڃي.

*-*-*-*

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org