سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تاريخ ريگستان

(ڀاڱو ٻيو)

باب؛ 22

صفحو ؛ 35

 

باب ٻاويهون

ٿر جا مکيه شهر ۽ ڳوٺ

*عمرڪوٽ: - سنڌ جي تاريخ ۾ هيءُ شهر قديم شهرن مان ليکجي ٿو. روايت موجب وقت جي حاڪم عمر سومري ”مارئيءَ“ کيکني اچي هن شهر جي قلعي ۾ قيد ڪري رکيو هو. هيءُ شهر 22 – 25 اتر ڊگهائي ڦاڪ 47 – 69 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ ۾ آهي. هي واريءَ ۾ ڏاڍي زمين جي دنگ تي آهي. هتي 1542ع ۾ هاڪارو مغل بادشاهه اڪبر اعظم ڄائو هو. هن شهر جو بنياد بلڪل آڳاتو آهي ۽ غالباً عمر سومري جو ٻڌايل آهي. يارهين صديءَ ۾ راجا اَمر سنگ قلعو ٺهرايو. 1355ع ۾ عمر سومري پنهنجي گاديءَ جو هنڌ ڪيو. 1746ع ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي قلعو ٺهرايو، جو اڃا تائين سلامت آهي. انگريزن عمرڪوٽ ضلعي جو هيڊڪوارٽر ڪيو. 1906ع کان پوءِ ميرپروخاص هيڊ ڪوارٽر ڪيو ويو. شهر جي رونق چڱي آهي، واپار چڱو هلي ٿو. هن جي چوڌاري باغن ۾ ميوات ۽ واڙين ۾ هر قسم جي ڀاڄي ٿئي ٿي. هيءُ شهر اڳي راجپوتن جي گاديءَ جو هنڌ هو، جنهنڪري ٿر جو ”تِيلاٽ“ ليکبو هو. مارواڙي قومون گهڻو ڪري پهريائين هتي اچي رهيون، جي پوءِ 1874ع ۾ اڀرندي نماري جي ٻوڏن ۽ ٻين ڪن سببن جي ڪري مٺي، ڇاڇري ڪانٽئي، چيلهار، پارني، ٻڳل، ويراڙي، ڌارناسر ۽ ٻين ڳوٺن ڏي لڏي ويون. هتي مردانو ۽ زنانو پرائمري اسڪول، هاءِ اسڪول، سول ڪورٽ، ڊپٽِ ڪليڪٽر جي آفيس، مختيارڪار جي آفيس، سرڪٽ هائوس، ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ پوليس جي آفيس، ايڪسائيز انسپيڪٽر جي آفيس، پاڪستان سرڪار جو ميوزم، ٽائون ڪميٽي، تار آفيس، پوليس ٿاڻو، مسافر خانو، تعلقو اسپتال ۽ انجنيري بنگلا آهن. ويجهيون ريلوي اسٽيشنون ڇوڙ ۽ ڍورو نارو هرهڪ 12 ۽ 14 ميل آهن. ميرپور خاص 46 ميل پري آهي، جو پڪو روڊ آهي. ڪنري اسٽِيشن سان به آمدرفت چالو آهي. هيءُ شهر سڀني شهر سان لاريءَ رستي ڳنڍيل آهي.

*ننگرپارڪر: عمر ڪوٽ کان پوءِ ننگرپارڪر ٻيو نمبر مشهور ۽ قيديم شهر آهي. هي پارڪر واري ڀاڱي 21 – 24 اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 4 – 70 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ ۾ ڪارونجهر جبل جي هنج ۾ آهي. هتي وڻڪار گهڻي آهي، خاص ڪري نمن جا وڻ ججها آهن. جبلن ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي تيرٿ آستان ۽ ڌرمي مڪان آهن. هتي موتين جي پُوچ جو ڪم ٿئي ٿو. نِواڙون ۽ جهاجهم سٺا ٺهن ٿا. هتي مسلمان، ميمڻ، مينگهواڙ، گرڙا، لهاڻا ۽ ڪولهي رهن ٿا. جبل مان عمارتي پٿر ملي ٿو، جنهن مان جايون ٺاهيل آهن. هتي جاين جي مٿان ٺڪر جا نَريا ڏيندا آهن. جبل ۾ ماکي جام ٿئي ٿي. هتي هيرڻ جي پيدائش ججهي ٿيندي آهي، جن جي ٻجن مان تيل نڪرندو آهي. هتي پرائمري مردانو ۽ زنانو اسڪول، ريسٽ هائوس، هاءِ اسڪول، ٿاڻو، مختيارڪار جي آفيس، انسپيڪشن بنگلو، تار ۽ پوسٽ آفيس، يونين آفيس، اسپتال، ديرو ۽ مسافرخانو آهن. هتي لَکڻ ڀارتيءَ جو مشهور مندر آهي.

*مٺي: هيءُ 44 – 24 اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 51 – 69 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ ۾ سڄي ٿر جو مرڪزي ۽ مشهور شهر آهي. هتي لهاڻا، مهيشوري، برهمڻ، مينگهواڙ، گرڙا، مالهي، کٽي، سونارا، مسلمان بجير، پڃارا، ڪاسائي، حجم ۽ ٻيون ذاتيون رهن ٿيون. روايت موجب هي شهر ”مٺي“ نالي بجيرياڻيءَ جو ايل آهي. هتي جا ماڻهو تعليم يافته آهن. واپار چکڱو هلي ٿو. هتي ٽالپرن ٻه قلعا ٺهرائي مٿن ”فتح ڳڙهه“ نالو رکيو. قلعا هاڻي ڊهي ويا آهن، هڪڙي جي ڊٺل هنڌ تي هن وقت اسپتال آهي. ٻيو شهر جي الهندي پاسي وڏي دڙي تي کنڊر جي صورت ۾ آهي، جنهن کي ”گَڍي“ چوندا آهن. هتي مردانو ۽ زنانو پرائمي اسڪول، هاءِ اسڪول، ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ مختياڪار جون آفيسون، ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ پوليس جي آفيس، تار آفيس، پوسٽ آفيس، اسپتال، پوليس ٿاڻو، ايڪسائيز آفيس، مسافرخانو، ٽائون ڪميٽي ۽ انسپيڪشن بنگلو آهن. هتي غاليچن ٺاهڻ جا ڪيترائي ڪارخانا آهن. ويجهي ريلوي اسٽيشن نئون ڪوٽ 33 ميل آهي. ڏينهن رات لاري سروس چالو آهي، جا اڳتي اسلام ڪوٽ ۽ ننگرپارڪر تائين وڃي ٿي.

*ڏيپلو: هيءُ شهر 28 – 24 اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 37 – 69 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ ۾ تعلقي جو هيڊڪوارٽر آهي. هي ڏيئي مينگهواڙ جو ٻڌايل آهي، جنهن جي قبر تعلقي آفيس جي ايوان ۾ موجود آهي. اڳي موجوده تعلقي آفيس واري هنڌ ڪچو قلعو هو. جو هاڻي ڊهي ويو آهي. هتي جي آدمشاريءَ ۾ گهڻا ميمڻ آهن، جي اصل لاڙ کان آيل آهن. ڪي چيلهار کان لڏي آيا اهن، انهن کي ”چيلهاريا ميمڻ“ چوندا آهن. ڪجهه ڪَلَرَ، مينگهواڙ، گُرڙا، لُهاڻا، بجير ۽ لنگها به رهن ٿا. هتي جا ميمڻ تعليم يفته، ملازمت پيشه، واپاري ۽ شاهوڪار آهن. وڏي تعداد ۾ ميمڻ اعليٰ عملدار ۽ ڪامورا آهن. مشهور سنڌي اديب ۽ صحافي، جناب محمد عثمان ڏيپلائي، جنهن سَون جي تعداد ۾ ڪتاب لکيا اهن، سو اصل هتان جو رهاڪو آهي. هتي جا ميمڻ سڌارڪ خيالن جا شائق، مهمان نواز ۽ ديندار آهن.

*اسلام ڪوٽ: هيءُ مٺي تعلقي ۾ ٻيو نمبر وڏو ۽ مشهور شهر آهي. هتي اڳي ٽاپرن قلعو جوڙائي شهر تي ”اسلام ڳڙهه“ نالو رکيو. قلعو پوءِ ڊهي ويو، هن وقت انهيءَ هنڌ تي پرائمير اسڪول آهي. شهر جون ڪيتريون ئي جايون انهيءَ قلعي جي سرن مان جڙيل آهن. اُهتي لُهاڻن جو تعداد گهڻو آهي، جي پڙهيل ڪڙهيل ۽ واپاري پيشه آهن. سارسوُت برهمڻ، مينگهواڙ، گرڙا، ٺڪر، ڪولهي وغيره به رهن ٿا. لُهاڻا ٽالپرن جي وقت ۾ لاڙ کان آيل آهن. اُهي ذهين واپاري ۽ سرمائيدار آهن. ڪيترا لهاڻا وڏين نوڪرين ۾ پڻ آهن. هتي گيهه ۽ ڀرت جي ڪپڙي جو واپار هلي ٿو. هتي پرائمري مردانو ۽ زنانو اسڪول، هاءِ اسڪول، تار ۽ پوسٽ آفيس، پوليس ٿاڻو، ٽائون ڪميٽي، جانورن جي اسپتال، ڍڪ، ديرو ۽ مسافرخانو آهن. مٺي کان ننگرپارڪر ڏي ويندڙ لاري رزانو هتان لنگهي ٿي.

*ڇاڇرو: هيءُ 6 – 25 اتر ڊگهائي ڦاڪ 18 – 70 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ ۾ تعلقي جو هيڊ ڪوارٽر آهي. هتي مهيشوري، برهمڻ، کٽي، مينگهواڙ، گرڙا ۽ مسلمان بڀجير وغيره رهن ٿا. هي کائڙ ۽ ڪنٺي کي ويجهو آهي، تنهنڪري واپار جام هلي ٿو. زنانو ۽ مردانو پرائمري اسڪول، هاءِ اسڪول، پوليس ٿاڻو، انسپيڪشن بنگلو، تار ۽ پوسٽ آفيس، مختيارڪار جي آفيس، ايڪسائيز انسپيڪٽر آفيس، اسپتال، مسافرخانو، ڍڪ وغيره آهن. ويجهيون اسٽيشنون ڪنري 48 ميل ۽ نئون ڪوٽ 56 ميل آهن، جتان روزانو لاري سروس چالو آهي. آمدرفت ۽ واپار ڪُنريءَ سان ججهو هلي ٿو.

*چيلهار: هيءُ شهر ڇاڇري تعلقي ۾ چيلي نالي چارڻ جو ٻڌايل آهي. هتي برهمڻ، مهيشوري، مينگهواڙ، مالهي، مسلمان بجير ۽ حجم رهن ٿا. هتي ٽالپرن قلعو ٺهرائي ڳوٺ تي ”علي ڳڙهه“ نالو رکيو هو. قلعو هاڻي ڊهي ويو آهي، جنهن جي سِرن مان شهر جون ڪيتريونئي جهونيون جايون جُڙيل آهن. اهي سِرون ننڍيون ۽ سنهيون آهن، پر مضبوط آهن. ڳوٺ ۾ ٺالپرن جي زماني جون توبون اڃا پيون آهن. ٽالپرن جا کوٽايل ڪيترا کوهه به آهن، جن مان ڪي چالو آهن. واپار چڱو هلي ٿو. ڀرسان ترايون سٺيون ۽ گهڻيون آهن، هتي جو ”راڻا سر“ تلاءُ مشهور آهي، جنهن ۾ ڪافي وقت پاڻي رهي ٿو. کوهن جو پڻي وڻندڙ ۽ هاضميدار آهي. ماڻهو گهڻي قدر تعليم يافته آهن، خاص ڪري پرائمري ماستر هن ڳوٺ جا گهڻي ۾ گهڻا آهن. هتي پرائمري مردانو ۽ زنانو اسڪول، هاءِ اسڪول، ديرو، ٿاڻو، ڍڪ، ٻيلي کاتي جي آفيس، يونين ڪائونسل ۽ پوسٽ آفيس آهن. ويجهيون ريلوي اسٽيشنون، ڪنري 30 ميل، نبي سر روڊ 30 ميل ۽ نئون ڪوٽ 33 ميل آهن. نئين ڪوٽ سان لاري سروس هئڻ ڪري واپار ۽ آمدرفت ججهي آهي.

*ڪانٽيو: هيءُ ڇاڇري تعلقي ۾، ڇاڇري کان 20 ميل اولهه طرف ڪُنري ڏي ويندڙ لاري رستي تي آهي. هتي مهيشوري، مينگهواڙ، ٺڪر ۽ ٻيا رهن ٿا. واپار ۾ چڱي ترقي ڪئي اٿس. هتي جا مهيشوري شاهوڪار ۽ تعليم يافته آهن. هتي پرائمري مرادانو ۽ زانانو اسڪول، مڊل اسڪول، پوسٽ، مسافرخانو ۽ يونين آفيس آهن. ويجهي اسٽيسن ڪنري 28 ميل آهي، جتان واپار هلي ٿو.

*گڍڙو: هيءُ شهر ڇاڇري تعلقي ۾، ڀارت واري بين الاقوامي سرحد کي ويجهو آهي. اڳي گڍڙو روڊ ريلوي اسٽيشن ويجهي هئڻ ڪري پارڪر ۽ ڀر واري ڀاڱي لاءِ واپار مرڪز هو، مگر هاڻي هندو لڏي هليا ويا ۽ سرحد تي هئڻ ڪري پاڪستان ملٽري ۽ رينجرس رهي ٿي. هتي کوهه 60 پرهه اونها آهن. هتي جو تلاءُ مشهور آهي جتي ڪافي وقت پاڻي رهي ٿو. هتي پرائمري مردانو اسڪول، مسافر خانو، ڍڪ، يونين آفيس ۽ ٿاڻو آهن. شهر اڳئين رونق ڇڏي ويو آهي.

*ويراواهه: هيءُ نننگرپارڪر تعلقي ۾ 31 – 24 اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 0 – 70 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ ۾ ويري نالي رَٻاريءَ جو ٻڌايل جهونو ڳوٺ آهي. هن جي اڀرندي پاسي ”پاري ننگر“ جو تاريخي ڦٽل بندر آهي، هتي اڳي جيني اوسواڙ رهندا هئا، جن جا مندر ۽ ديوتائن جا پتلا اتي رکيل آهن. ريکو ديو جو بت ڏسڻ جهڙو آهي، جو سنگ مرمر جو ٺهيل آهي. هن جي ڏکڻ ۾ سانگاهه نالي تلاءُ آهي، جتي برساتي موسم ۾ ڪافي وقت پاڻي رهي ٿو، ۽ آبادي به ٿيندي آهي. هتي پرائمري اسڪول، پوسٽ، ٿاڻو، مسافرخانو ۽ يونين آفيس هن. مٺي کان ننگرپارڪر ڏي ويندڙ لاري هتان لنگهي ٿي.

*پاري ننگر: هيءُ عيسوي پهرين صديءَ ۾ هاڪارو شهر ۽ سمنڊ جي ڪناري تي بندرگاهه هو. هتي ڏوتڙ وٽ جهاز بيهندا هئا، جتي لوهه جي ٽڪرن جا نشان اڄ به ڏسجن ٿا. ان وقت هتي جي آمدشماري اندازي موجب چاليهه هزار هئي، جن ۾ گهڻو تعداد جيني هئا. هن بندر ۽ شهر جا ٽن – چئن ميلن ۾ کنڊهر آهن. هاڻي ڦٽل حالت ۾ ڀِڙو آهي، ”سَڏِوَنت سارنگا“ جي مشهور رومانوي قصي ۾ پاري ننگر جو ذڪر موجود آهي.

*ڏانوڌانڌل: هيءُ شهر ننگرپارڪر تعلقي ۾ تازو چڱو آباد ٿيو آهي، هتي لهاڻا، مينگهواڙ ۽ ٻيا ماڻهو رهن ٿا. واپار ۾ چڱي ترقي ڪئي اٿن. هتي پرائمري اسڪول، مڊل اسڪول، اسپتال، پوسٽ، يونين آفيس ۽ پوليس ٿاڻو آهي. مٺي کان ننگرپارڪر ڏي ويندڙ لاري هتان لنگهي ٿي.

*ڀوڏيسر: هيءُ ننگرپارڪر کان 4 ميل اتر – الگهندي ڀوڏي سوڍي 1375ع ڌاري ٻڌايو هو. هتي هڪ وڏو تلاءُ 400X200 فوٽ آهي، جنهن جي ڪناري تي قديم قبرستان ۽ ڀرسان عاليشان مسجد آهي، جا گجرات جي حاڪم بهمني خاندان جي سلطان محمود شاهه بيگڙي بن مظفر 1505ع ۾ ٺهرائي هئي. هيءَ مسجد 30 چوپرس فوٽ آهي. هتي جين ڌرم وارن جو عاليشان مندر پڻ آهي.

*وڄوٽهه: هيءُ مٺي تعلقي ۾ مٺي کان 20 ميل اتر – اولهه ڏي آهي. نئين ڪوٽ کان مٺي ۽ چيلهار ڏي ويندڙ لاريون هتان لنگهن ٿيون. هتي پوليس ٿاڻو، پوسٽ آفيس، يونين آفيس ۽ مسافر خانو آهي.

*رحمڪي بازار: ڏيپلي تعلقي ۾ رڻ جي ڪنڌيءَ تي جهونو ڳوٺ آهي. اڳي مشهور بندر هو، مگر هاڻي اها رونق ڪانه رهي.

*ڪلوئي: ڏيپلي تعلقي ۾ هن ڳوٺ چڱي ترقي ڪئي آهي. واپار چڱو هلي ٿو. هتي پرائمري اسڪول، پوسٽ ۽ پوليس ٿاڻو آهن. نئين ڪوٽ سان لاري رستي ڳنڍيل آهي.

*ڀالوا: هيءُ ننگرپارڪر تعقلي ۾ ننڍڙو ڳوٺڙو آهي، جتي خاصخيلي ۽ ڀيل رهن ٿا. ملير وارو ڀاڱو اهو آهي. هتي مارئيءَ جو کوهه ۽ پٿر جي ڪونڊي اڄ تائين موجود آهن. هتي پهريون دفعو 6- مارچ 1967ع تي، الحاج مير محمد بخش خان ٽالپر (اڳوڻو وائيس چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٿرپارڪر ۽ اڳوڻو ايم پي اي) جي ڪوشش سان ”مارئيءَ جو ميلو“ لڳو. وري 10، 11 ۽ 12 فيبروري 1968ع تي ٻيو دفعو پڻ ميلو لڳو. انهن ميلن ۾ ادبي ڪانفرنس، ملاکڙي، سئنيما، بجلي وغيره جو بندوبست هو ۽ ٿر جي ڀرت جو چڱو واپار هليو هو. مٺي کان ننگرپارڪر ڏي ويندڙ لاري هتان لنگهي ٿي.

*گوڙي: هيءُ ننگرپارڪر تعلقي ۾ ننڍڙو ڳوٺڙو آهي، جو ننگرپارڪر شهرکان 28 ميل اتر طرف ۽ مارئيءَ جي ملير (ڀالوا) کان 3 ميل اتر طرف آهي، اُن جي ڀرسان ڏهر ۾ مشهور ”گوڙيءَ جو مندر“ آهي، جو 1370ع ۾ منگهي نالي اوسواڙ ٺهرايو هو. هاڻي جيتوڻيڪ ڪجهه ڊهي ويو آهي ته به ڏسڻ وٽان آهي. مندر جي بناوت، بيهڪ، چٽسالي ۽ نڪتل تصويرون ڏسڻ جهڙيون آهن. ڀرسان زمين ۾ هڪ ڀونرو (بهرو) آهي ۽ هڪ پڪسرو برج ٺهيل آهي جو پولن آستان سڏجي ٿو. مٺيءَ کان ننگرپارڪر ڏي ويندڙ لاري هتان لنگهي ٿي.

*ڪيرٽي: هيءُ مٺي تعلقي ۾، مٺي شهر کان 16 ميل اوڀر طرف اهي. هتي هن وقت ٺڪر ۽ مينگهواڙ رهن ٿا. هيءُ اڳي وڏو شهر هو، جتي مڪواڻن جي گاديءَ جو هنڌ هو. مشهور ڪيهر مڪواڻو هتي رهندو هو. جنهن عمرڪوٽ مان سومريون کنيون هيون، ۽ پوءِ همير سومري سان لڙائيءَ ۾ مارجي ويو. ڳوٺ ۾ جهونا نشان اڃا موجود آهن.

*جَنجهِي: هيءُ ڇاڇري تعلقي ۾ تعليم جو مکيه مرڪز آهي. ٻهراڙيءَ جي باوجود هتي جي ماڻهن تعليم ۾ چڱي ترقي ڪئي آهي. هتي پرائمري ۽ مڊل اسڪول آهن.

*ڀوريلو: هيءَ ڇاڇري تعلقي ۾ چيلهار کان 10 ميل اوڀر طرف ڇاڇري کان مٺي ويندڙ رستي تي آهي. واپار چڱو هلي ٿو. هتي پرائمري اسڪول آهي.

*لُوڻيو: هيءُ مٺي تعلقي ۾ مٺيءَ کان 50 ميل ۽ اسلام ڪوٽ کان 22 ميل اوڀر طرف ننگرپارڪر ڏي ويندڙ لاريءَ رستي تي آهي. هتي سَما ۽ مينگهواڙ رهن ٿا.

 

 

* * * * *

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org