سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تاريخ ريگستان

(ڀاڱو ٻيو)

باب؛ 20

صفحو ؛ 33

ڇاراوگرائي: ڪوسي ۽ ٿڌي شيءِ هڪ ٻئي مٿان کائڻ جي ڪري ڇار اوگرائي ٿي پوندي آهي. هن حالت ۾ هانءُ ۾ وٽ پوندا، ۽ اندران پِڪ نڪري وات ۾ ايندي، جا بلڪل کٽي ۽ ڪساري لڳندي ۽ وات سُڪي ويندو اهي. ماڻهو بي آرام ٿي پوندو. ذري ذري ٿڌي پاڻي پيئڻ جو خيال ڪندو. ڇار اوگرائي گهڻو ڪري زالن کي حمل جي وقت ٿيندي آهي. ڪن حالتن ۾ عورتن کي هير ٿي پوندي آهي. ان لاءِ:

(1) ڍڳي جو ڇيڻو ٻاري، رک کي ڇاڻي، پاڻيءَ سان ڦڪي ڀرجي.

(2) سوپاريءَ جي تڙ چٻاڙجي ۽ وڏف چٻاڙجي.

ڪَنڊِڙو: ٻار کي نڙيءَ ۾ ڳوڙهي ٿي پوندي آهي، جنهن ڪري اُلٽيون ٿينديون آهن. ٿڃ ڌائيندو ته اُلٽيون ٿي پونديون ۽ نڪ مان نڪرنديون. جهيڻو بخار ٿي پوندو. ٻار اناج نه کائيندو، جي کائيندو ته هَضم نه ٿيندو ۽ قئي ڪري ڪڍي ڇڏيندو. ان لاءِ:

(1) ڪي عورتون ڪنڊڙي جو هٿ هڻنديون آهن، يعني اهو ڳوڙهو ڦيهينديون آهن. پا ڪنديون آهن، جو لوڻ سنهو پيهي، آڱر ڀري ٻار جي نڙيءَ ۾ وجهي، ڳوڙهو ڀڃبو آهي. ڦاٽڻ سان اندران گند نڪرندو.

(2) ڦوٽو، ڦودنو ۽ اُٺ جي سريل ڦولهڙي جي ڇار گهوٽي گڏي سفوف ٺاهي، هٿ جي آڱر ڀري، نڙيءَ ۾ وجهي ڳوڙهو ڦيهينديون آهن. اهو هٿ ٻه ڀيرا صبح ۽ شام هڻنديون آهن.

(3) ڦوٽو ۽ ڦودنو گهوٽي، سنهو سفوف ڪري ٿڃ ۾ وجهي سُتي ڏجي.

اُوڻاگِري: ٻار جي ماءُ ٿڌو ڪوسو کاڌو کائي ٻار کي ٿڃ پياريندي، يا ٻار کي ٿڌو ڪوسو کاڌو کارائي، يا گهرو ڪم ڪرڻ ڪري جڏهن بدن گرم هوندو آهي، تڏهن يڪدم ٻار کي ڌارائيندي ته اها ڪسر ٿيندي آهي، جنهنڪري ٻار کي اڇا بدبدودار، ڌونري جهڙا دست ٿي پوندا اهن، کاڌو هضم نه ٿيندو ۽ اُلٽيون به ٿينديون آهن. ان لاءِ:

(1) ماني پچائي، يڪدم پاڻيءَ ۾ پسائي، ڪپڙي جي وَرَ ۾ وجهي رکي ڇڏجي. ٿوريءَ دير بعد ڪڍي کائجي ته ٿڃ مٽبي ۽ پوءِ اها ٿڃ ڌارائجي.

(2) رائي يعني اَهر جا داڻا ڪڻڇيءَ ۾ وجهي، ٽانڊي تي ٿورو سيڪ ڏيئي هم وزن ڪچي رائي گڏي، پوءِ پيهي سفوف ٺاهي ان ۾ ڦوٽي ۽ مڱ جي چوٿين پتي جو سفوف گڏي، ٿڃ ۾ وجهي ٻار کي پيارجي.

(3) انجڻي هڪ داڻو ڪِر ۾ وجهي ڇڏجي. سيڪ بعد ڪڍي گهوٽي ٿورو سفوف ٿڃ ۾ وجهي، ماءُ جي پاتل ڪپڙي جي پلاند ۾ ڇاڻي سُتي ڏجي.

(4) املتاس جي ڦريءَ جي وچ وارو ڪارو ڳڀ ڪڍي، ٿوري وڏف ملائي، پاڻيءَ سان گڏي ٿورو سيڪ ڏيئي ڇاڻي سُتي ڏجي.

ڏند ڪرٽڻ: ننڊ ۾ بار ڏند ڪُرٽيندا آهن. پٽ ڪرٽي تهس ڀاڳ ۽ ڌيءَ ڪرٽي ته نڀاڳ جي نشاني سمجهبي آهي. ڪي چوندا آهن ته انهيءَ حالت ۾ ٻار جي ماءُ پيءُ مان ڪو مرندو. ان لاءِ:

(1) ٻار ننڊ ۾ ڏند ڪرٽي ته ان مهل هن کان پڇجي ته ڇا کائيندين؟ جيڪڏهن ٻار ڪجهه سجاڳ ٿي پوي  جنهن شيءِ جو نالو وٺي ته اها کيس ڏجي، پر جي سجاڳ نه ٿئي ته پوءِ چانورن جا داڻا کيس وات ۾ وجهجن. چانور اڳواٽ موجود هجن.

(2) جنهن جاءِ ۾ ٻار ستل هجي ۽ جنهن مهل ڏند ڪرٽي، ان مهل جاءِ جي دروازي جي چوکٽ ۾ هيٺئين ڪاٺي هيٺان يا ڀرسان ٿوري مٽيءَ جي چپٽي کڻي ٻار جي ڏندن کي مهٽي ڇڏجي.

(3) ڳوٺ جي کوهه (جو ٻار جو ڏٺل هجي) جي سارڻ جو ڀتر آڻي رکجي. ]گهران نڪرڻ کان موٽِ اچڻ تائين ڪنهن سان به نه ڳالهائجي.[ جڏهن ٻار ڏند ڪرٽي تڏهين يڪدم اهو ڀتر کڻي ست دفعا ڏند تي لڳائي ڇڏجي.

سُرڻو: هي چمڙيءَ جي بيماري، وڏن توڙي ننڍن کي ٿيندي آهي. اوچتو منهن ۾ ڳلن تي مٺي خارش ٿيندي. سور ڪونه ٿيندو ۽ منهن سُڄي پوندو آهي، ان لاءِ:

(1) سرهاڻ گهوٽي، سفوف ڪري، اُهو منهن تي ملجي.

(2) ڪپور ڪچرين جو هار، جنهن ۾لعلون ۽ پشم جا ٽنؤر، مڻيا وڌل، ڪلابات جي ٻنڌين سان ٻڌل، جو اڪثر ميلن ۽ شهرن ۾ ٺهيل ملندو آهي، سو ڪنڌ ۾ پائجي، جيئن ان جي خوشبوءِ ايندي رهي.

(3) مروئو (نازبوءِ) جا پن هٿ سان مهٽي منهن تي ملجن، ۽ هٿن سان مهٽ ڏجي.

(4) عطر يا ڪن خوشبودار شين جي خوشبوءِ لڳائجي.

بَکِيو: هي وڏن توڙِ ننڍن کي ٿيندو آهي. هي هڪ بدنظر جو قسم آهي. ماڻهو جڏهين ماني کائيندو ته پيٽ ۾ مٺو مٺو سور محسوس ڪندو، ان لاءِ:

(1) ست لولا پچائي، مٿان ڪچي سُٽ جا ڌاڳا ويڙهي، مريص جي پيٽ تان ست دفعا اُبتا ۽ ست دفعا سبتا ڦيري باهه جي ڪِر ۾ وجهي ڇڏجن. جيڪڏهن ڏاڳا سڙي وڃن ته سمجهبو ته بکيو ڪونهي. جي نه سڙيا ته سمجهبو ته بَکئي جو اثر آهي، جو انهيءَ عمل سان ڇڏي ويندو.

ٻيئڙ تپ: هڪ نه ٻئي ڏينهن جو بخار اچي، ان کي ٻيئڙ تپ چئبو آهي، جو وڏن ۽ ننڍن کي ٿيندو آهي. ان لاءِ ڪيترائي ٽوٽڪا ڪندا آهن، جن مان ڪي هي آهن:

(1) کٻڙ جو وڻ ۽ ڪرڙ جو وڻ گڏ بيٺل هجن، ته بهتر، نه ته ڀرسان بيٺل هن ته ڏينهن جو ڏسي اچجي. رات جي وقت آٻولو ]يعني گهران نڪري موٽي اچي تيستائين ڪنهن سان به نه ڳالهائي[ ٿي وڃي ٻنهي وڻن مان سنهيو ڪاٺيون وڍي پنهنجي نڪ جي ڊيگهه جيتريون ڪپي، ٻنهي کي ڪچي سُٽ جي ڌاڳي سان وراڪا ڏيئي، ڪنڌ ۾ ٻڌي ڇڏجي ۽ موٽي اچي سمهي رهجي. وڌو هجي ته مريض پاڻ وڃي پر ٻار جي حالت ۾ سندس مائٽ يا ٻيو ڪو وڃي.

(2) رات جو سمهڻ وقت ٻه ڀتر آڻي، سيرانديءَ کان رکي سمهي رهجي. صبح جو سوير اڃا جهرڪيون به اُٿيون نه هجن، ان مهل اٻولو ٿي، ڀتر کڻي، گهر کان ٻاهر نڪري، پٽ تي واريءَ جون ڍڳيون هڪٻئي کان ٻه فوٽ کن پري ٺاهي، ان جي وچ ۾ هلي هڪڙو ڀتر هڪڙي پاسي ۽ ٻيو ڀتر ٻئي پاسي اُڇلجي. وري موٽي ساڳين ڍڳين جي وچان لنگهي اچي سمهي رهجي.

(3) مريض رات جو کٽ تي ننڊ ۾ جنهن مهل سُتو پيو هجي، ان مهل هڪ ڪلف کڻي انهيءَ کٽ جي واڏڻ ۾ پائي ڇڏجي. مريض کي هن ڳالهه جي کڙڪ به پوڻ نه گهرجي.

(4) مريض پاڻ، ٻار هجي ته سندس عزيز، اٻولو ٿي، سج لٿي مهل ڪجهه اناج جا داڻا ۽ پاڻيءَ جو لوٽو ڀري، جتي کِپ جو ٻوٽو هجي، اتي وڃي کِپ جي ڀرسان داڻا رکي مٿان پاڻي هاري، بيٺل کَپ جو تي تُڳيون (لامون) هٿ ۾ جهلي، جيئن زالون وارن جي وٽي ڳُتينديون آهن. تيئن ڳتي ماٺ ڪري موٽي اچي سمهي رهي.

(5) شام جو مٽي جو لولو ٺاهي، ان ۾ ٻٻر جا ست ڪنڊا ٽنبي، لوٽو ڀري، اٻولو ٿي وڃي، سج لهڻ مهل اڪ جي پاڙ وٽ رکي موٽي اچجي.

(6) اُٺ تي ٻه ماڻهو چڙهيل نظر اچن ته بيمار انهن کان وڃي پچي ته ”ٻيئڙ تپ وارو ڇا کائي؟“ انهن مان ڪوبه هڪ ماڻهو جنهن شيءَ جو نالو وٺي ته اها وڃي کائجي.

(7) ڪي ڦيڻا وجهندڙ مرد ۽ زالون ٻيئڙ تپ جي آکاڻي ڪندا آهن. رات جو ٿوري اونداهيءَ وقت بيمار پوڻ سان هڪ خالي سانداري ۽ مهري کڻي اهڙي ٽوٽڪائيءَ وٽ ويندو. آڱاڻي ڪرڻ وارو هڪ هٿ ۾ سانداري جهليندو ۽ ٻئي هٿ ۾ اَنَ جا داڻا جهليندو، ۽ ڀرسان مُهري رکندو. پاڻ کان ٿورو پري بيمار کي پٺيرو ويهاريندو ۽ آکاڻي شروع ڪندو، جو يبمار ويٺو ٻڌندو. جڏهن آکاڻي پوري ٿيندي تڏهن ٽوٽڪائي داڻا ساندريءَ ۾ وجهي، اُن جو منهن سڳي سان ٻڌي، رکي ڇڏيندو ۽ يبمار يڪدم اٿي پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿيندو ۽ پٺيان هو مُهري گِڙگِڙائي ڇڏيندو. بيمار پٺيان نهارڻ کان سواءِ گهر اچي سمهي رهندو. جي ننڍو ٻار هجي ته سندس مائٽ وغيره هنج تي کڻي ويندو.

(8) جنهن مرد جي هڪ دفعو زال مري وڃي، ۽ ٻيو دفعو شادي ڪري، ان جي پٽڪي جي ٿوري اڳڙي ڦاڙي ڳچيءَ ۾ ٻڌجي.

(9) وڻ جي جنهن ٽاڙيءَ تي گُگهه پکي (چٻرو) ويٺل ڏسجي، ته ان جي پيرن جي وچ وارو ٽاريءَ جو ٽڪر ڪڇي، ڌاڳي ۾ ٻڌي ڪنڌ ۾ ٻڌجي.

ٽيئَڙ تپ: ٻه ڏينهن رکي ٽئين ڏينهن تپ اچي، ان کي ٽيئڙ تپ چوندا آهن. ان لاءِ:

(1) ڪنهن اُٺ تي ٽي ماڻهو چڙهيل ڏسجن ته بيمار پاڻ سان ٻيو ماڻهو وٺي وڃي. پاڻ نه ڪُڇي،. ٻيو ماڻهو انهن کان پڇي ته ”ٽيئڙ تپ وارو ماڻهو ڇا کائي؟“ انهن مان ڪوبه ماڻهو جنهن به شيءِ جو نالو وٺي ته اها کيس کارائجي.

(2) ڪي به ٽي وڻ گڏ بيٺل هجن ته بهتر، نه ته هڪ ٻئي جي ڀرسان بيٺل هجن. جنهن ڏينهن تپ جو وارو هجي، ان ڏينهن اسر جو جهرڪين سُتي مهل، بيمار پاڻ اَٻولو ٿي (ٻار هجي ته سندس مائٽ) پاڻ سندس ڪچي سُٽ جو ڌاڳو کڻي وڃي انهن ٽن وڻن مان سنهيون ڪاٺيون اتڪل ڏيڍ انڍ جيڏيون وڍي گڏ ڪري، مٿان ڌاڳو ويڙهي، ڪنڌ ۾ وجهي موٽي اچي سمهي رهي.

(3) ٽن گهرن ۾ ساڳئي وقت دانگهيون چڙهيل هجن ته اٻولو ٿي اتو ڳوهي ماني ٺاهي پنهنجي گهر واري دانگيءَ ۾ وجهي. هڪ پڙپچي تهماني ڪڍي ٿالهيءَ ۾ وجهي ٻئي گهر وڃي، اتي دانگيءَ ۾ ٻيو ڪَچو پڙ رکجي. پچڻ بعد اتان ڪڍي ٿالهيءَ ۾ وجهي وري تئين گهر وڃي، ۽ ان دانگيءَ ۾ مانيءَ جو پهريون پاسو وجهي، پچڻ بعد اتان ڪڍي ٿالهيءَ ۾ رکي گهر کڻي اچي. گيهه وجهي مَهٽي، جيتري وڻي اوتري کائي سمهي رهجي.

(4) سَهي جون ٽن سالن جون سَت جهونيون ڦولهڙيون آڻي، ٺڪر ۾ رکي ساڙي، ان جي رک جا ست وزن ڪري ڦڪي وٺجي. ڏينهن ۾ صبح، منجهند ۽ شام، ٽي دفعا وٺجن.

(5) گانءِ جو ٽن سالن جو جهونو ڇيڻو ساڙي، ان جي رک سان ٽن سالن جو پراڻو ٿورو ڳڙ ملائي، ٽي گوريون ٺاهي صبح، منجهند ۽ شام جو پاڻيءَ سان وٺجن.

چوَرتپ: رات جو تپ اچي ته ان کي ’چور تپ‘ چون، ان لاءِ:

(1) چور ماڻهوءَ کان ڌاڳو وٽائي ٻڌجي.

(2) گگهه پکي رات جو جنهن مهل ٻولي ڪري، ان مهل ڌاڳي ۾ ڳنڍيون ڏجن، جيتريون ڏيئي سگهجن. وڌ ۾ وڌ ڳنڍيون ست ڏجن. پوءِ اهو ڌاڳو ڳچيءَ ۾ ٻڌجي.

آنِڙِي: اک جي پردي ۾ بعضي مٿان يا هيٺان ڳوڙهي ٿيندي اهي، جنهن کي ’آنڙي‘ چئبو آهي، ان لاءِ:

(1) جو مرد ٻه زالون پرڻيل هجي (اهي جيئريون هجن يا مئل ان سان واسطو ڪونهي.) ان جي اڱڻ مان اڱر آڻي، پاڻيءَ ۾ گهوٽي، آنڙيءَ تي لائجي.

(2) مٽيءَ جي ڪچي ڀت جي راڳي ۾ ڪو اڱر هجي ته اهو پاڻيءَ ۾ گهوٽي لائجي.

(3) ڪوريئڙي جي اڇي ڄاري آنڙيءَ تي چنبڙائجي.

(4) لکڻ واري ڪاري مس آنڙيءَ تي لائجي.

(5) جهونيون سڙيل سوپاريون گهوٽي آنڙيءَ تي ٿڦجن.

(6) ٻه گهر پڻيل مرد جي گهر جي لوڙهي يا ڀت کي رات جو ڪاٺيءَ سان ڪُٽجي.

(7) ٻُوهه جي ٻوٽي جي ڪاٺي وڍي ان جو ڏندڻ ڪجي. حاجت ضروري کان فارغ ٿي اهو ڏندڻ ڪرفتي ۾ کوڙي ڇڏجي.

(8) ٻٻر جا ست پن آڻي، هڪڙو – هڪڙو پن آنڙيءَ تي لائي، ڪنڊي ۾ پوئيندو وڃجي. ست ئي پن پوئي گهر ۾ لوڻ واري ٿانءُ ۾ وجهي ڇڏجن. پن سڪندا ته آنڙيءَ ۾ فائدو ٿي ويندو.

واهِل: هوا جي لڳڻ ڪري اک ۾ بعضي ڪو ڀتر اُڏامي پوندو آهي، ان ڪري اندرئين پردي ۾ ننڍو ڳوڙهو ٿي پوندو آهي، جو ڏاڍو پيو کٽڪندو آهي ۽ ماڻهوءَ کي بي آرام ڪري ڇڏيندو آهي، ان لاءِ:

(1) اک جو پردو کڻي، واهل واري هنڌ هڪ چانور وجهي اک بند ڪري، سمهي رهجي. ڪلاڪ ٻن اندر فائدو ٿي پوندو.

(2) والو يا پنڙو (زنانو زيور) کڻي ٺڪر جي ڍڪڻ ۾ پاڻي وجهي، ان ۾ والي جي تند پسائي، اک جو پردو هٿ سان پٽي، ڳوڙهي تي ٿورو ٿورو زور سان ڦيريندو وڃجي ۽ هرهڪ دفعي چوندو وڃجي ته ”واهل ڀڄي“ ته بيمار وراڻي ڏيندو ته ”ڀلي ڀڄي“. اهڙي طرح ست دفعا ڪجي، ۽ ڪوسي ڪِر اڳڙيءَ ۾ وجهي، مٿان ٽاڪور ڪري، سيڪ ڏجي.

ٽَپوڪڙ ٻار: جي پهرين نمبر وار ٽي ڇوڪريون ڄمن ۽ چوٿون ڇوڪرو، يا پهريائين ٽي ڇوڪرا ڄمن ۽ چوٿين ڇوڪري ڄمي، ته ان چوٿين بار کي ”ٽپوڪڙ ٻار“ چئبو آهي. اهڙو ٻار شيطاني سڀاءُ جو ٿيندو ۽ روئندڙ ۽ آڙو ڪندڙ به ٿيندو، ان لاءِ:

(1) ڄمڻ وقت سڳي پڦي (جي نه هجي ته ڀيڻ يا چاچي) ستل ٻار جي پاسي ۾ ناريل جهلي، ٻنهي هٿن جي زور سان ڀڃي ويٺل عورتن کي ورهائي ڏئي.

(2) ڇوڪرو هجي ته ٽن سالن تائين پٽڪو ٻڌڻ لاءِ نه ڏجي.

(3) ٻار جو نَڪ ٽوپبو آهي ۽ اڍائي مهينن تائين ٻار ساڳي ڄمڻ واري جاءِ، ۾ رهي، ٻي جاءِ تي وٺي نه وڃجي.

مُنياڇي جو ٻار: هڪڙو ٻار مري وڃي ان بعد جو ٻار ڄمي ته ان کي مُنياڇي جو ٻار چئبو آهي، جو ڪروڌي ٿيندو ۽ ماءُ پيءُ لاءِ نڀاڳو سمجهبو آهي. ان لاءِ:

(1) ٻار ڄمڻ وقت شروعات ۾ ڳُڙ، ڀڳڙا يا بصر جا ٽڪرا، ڳاڙها مرچ وجهي ورهائجن.

(2) ٻار جي ڄمڻ شرط نَڪ ٽوپي ڇڏبو آهي. ڪجهه ڏينهن بعد جي ڪابه ڄڦ ڳوٺ ۾ اچي ته انهن ڄاڃين کان، نه ته ڳوٺ جي ماڻهن کان پئسو، ٽڪو يا آنو وغيره وٺي گڏ ڪري هڪ پئسو ڪنهن ڀنگي جي گهران آڻي، انهن پئسن جون سون وٺي تند ٺهرائي، نَڪ ۾ ڇلي وانگر وجهي ڇڏجي. ٻار ڇهن سالن جو ٿئي ته ڪڍي ڇڏجي.

(3) جڏهن اڍائي مهينن جو ٻار ٿئي، تڏهن چار سنهيون ڪڙيون چانديءَ جون ٺهرائي، ٻنهي هٿن ۽ پيرن ۾ پارائجن.

(4) حلال هرڻ يا حلال ڇيلي جي رڱيل کل جا سنهڙا ڪشا ٺهرائي، هٿن ۽ پيرن ۾ ٻڌجن. ٻن ٽن مهينن جو ٻار ٿئي ته ٽوڙي ڇڏجن.

ٻار نه بَچَن: اڪثر ڪيترن کي ٻار ڄمندا آهن، پر بچندا ڪونه آهن. تڪڙو يا دير سان مري ويندا آهن. ان لاءِ:

(1) ڪهن سهاڳڻ يا ٿڌي پيٽ واري زال (جنهن جو اولاد ڪڏهن به مئو نه هجي) کان سندس پائڻ واري ڪپڙي جو ڪجهه ٽڪر آڻي، ان جو پوتڙو ٺاهي اڳواٽ رکجي. ٻار ڄمي ته يڪدم صفا ڪري ان ۾ ويڙهجي ۽ اهو پوتڙو استعمال ڪندو رهجي، جيستائين ڦاٽي وڃي.

(2) جنهن جاءِ ۾ ٻار ڄمي، ان ۾ دري هجي ته واهه، نه ته هٿرادو دري ٺهرائجي. هڪ سهاڳڻ زال کي جاءِ جي ٻاهران بيهارجي. ٻار ڄمڻ وقت ناڙو موڙي، پوتڙي ۾ ويڙهي دريءَ مانلنگهائي، ٻاهر بيٺل زال کي ڏجي جا کڻي جاءِ جي دروازي وٽ اچي چوندي ته: ”آءٌ ٻار وڪڻان ٿي ڪنهن کي وٺڻو هجي ته وٺو“ ته ٻار جي ماءُ چوندي ته، ”آءٌ ٿي وٺان“ ۽ لوڻ جا داڻا کڻي، هن ڱکي ڏيئي ٻار وٺندي.

(3) ٿي سگهي ته ٻار جو ننڍي هوندي صرف مڱڻو ڪري ڇڏجي.

(4) ٻڏل ٻيڙيءَ جي لوهه جي ڪِلي جو ٽڪرو آڻي، لوهار کان ننڍي ڪَڙي ٺهرائي، ٻار جي پير ۾ پارائجي.

بادِي: اوچتو بادي ٿيڻ ڪري اوڳرايون اينديون آهن، پيٽ آڦرجي پوندو آهي، جنهنڪري ماڻهو بي آرام ٿيندو آهي. ان لاءِ:

(1) مريض کي اونڌو سمهاري، پٺن کي هٿن ان اُبتي سبتي مهٽ ڏجي.

(2) ٻنهي هٿن سان پٺيءَ جي ڪنڊي ۽ پاسرين کي مهٽجي.

(3) ننڍي ٻار کي پنين، سٿرن ۽ چيلهه تي چاڙهي لتاڙائجي.

(4) وڏف، ڦوٽا ۽ جوهر جون ٽڪيون کارائجن. هِڱ يا گومادر سنهو ڪُٽي ڦڪي ڏجي.

(5) پيٽ کي هٿ سان ابتو سبتو ۽ پاسيرو آڍجي.

ڇاپاڪو: هي وڏن ۽ ننڍن کي ٿيندو آهي، پهريائن بدن ۾ خارش ٿيندي، ان بعد بدن تي وڏيون ۽ ننڍيون ڦرڙيون ٿي پونديون آهن. ان لاءِ:

(1) ڇاپاڪو پکي ماري، ان جو رت پاڻيءَ ۾ گڏي، مريض کي وهنجارجي.

(2) مريض کي اونڌو سمهاري، جنهن ماڻهوءَ جي هٿ جي آڱرين، ڏسڻي ۽ چيچ جا ڇيڙا مٿئين پاسي پاڻ ۾ ملن، ته اهو ماڻهو مريض جي پٺيءَ جي ڪنڊي تي ست دفعا آڱريون ملائي ٻئي هٿ ڦيرائي.

سِيئوکِري: هي مرض وڏن ۽ ننڍن کي ٿيندو آهي، بدن ۾ تمام گهڻي خارش ٿيندي آهي، دل ڪچي ٿيندي، ماڻهو بي آرام ٿي پوندو ۽ کنهي کنهي بدن ڳاڙهو ڪري ڇڏيندو. ان لاءِ:

(1) جي ازخود الٽي ٿئي ته چڱو، نه ته آڱر ڪاڪڙي ۾ وجهي يا ٻئي ڪنهن نموني سان الٽِ ڪرائجي.

(2) اوني گرم ڪپڙي ۾ مريض کي ويڙهي سمهارجي.

(3) ڍاماسو (هڪ قسم جو ڪنڊن وارو ٻوٽو ٿيندو آهي) پاڻيءَ ۾ وجهي ڪاڙهي، ڇاڻي، ٺاري، ان سان مريض کي وهنجارجي.

پانءُ: بي بيماري جانورن، اُٺ، ٻڪري ۽ ڪُتي کي ٿيندي آهي. هي وچڙندڙ آهي. ڪنهن اهڙِ جانور تي چڙهڻ ي انهيءَ هنڌ ويهڻ يا هٿ لائڻ سان مانهو کي به ٿي پوندي آهي. بدن تي سنهيون سنهيون ڦُرڙيون ٿينديون آهن، جن ۾ خارش ٿيندي آهي. کنهڻ سان هڪڙيون ڦسنديون ته ٻيون ٿينديون. اهڙيءَ طرح اهو مرض شروع ٿيندو. ماڻهو کنهي کنهي ڪڪ ٿي پوندو. ان لاءِ:

(1) ڪڙي تيل ۾ لوڻ گهوٽي سنهو ڪري، ملائي بدن کي خوب مالش ڪجي جيئن ڦرڙيون ڦسي پون. ٿورو چٽڪندو پر ان جو خيال نه ڪجي. پوءِ ٻه ٽي ڪلاڪ سج جي اُس ۾ ويٺو رهجي، ان بعد غسل ڪجي. اهڙيءَ طرح ٽي چار دفعا روزانو ڪجي.

(2) پانءُ وارن جانورن جو سڪل اوجهه ساڙي، ان جي رک بدن کي ملجي.

ڏنديون: ڏندڻ نڪرڻ مهل ڪن ڪن ٻارن کي اڇا بدبودار دست ٿي پوندا آهن، جنهنڪري ٻار بدن ۾ ڳرندو ويندو آهي. ان لاءِ:

(1) ڏندن اچڻ وقت اڳواٽ ٻار جي پڦي سهائي آچر جي ڏينهن، ساڄي هٿ جي ڏسڻي آڱر ٻار جي وات ۾ ڦيري ڇڏي ته ڏندن اچڻ وقت تڪليف ڪانه ٿيندي. ڏند گهڻو ڪري، پهريائين هيٺئين ڄاڙيءَ ۾ ايندا آهن، ۽ ڪن کي پهريائين مٿئين ڄاڙِءَ ۾ ايندا آهن. اهڙيءَ حالت ۾ چئبو آهي ته ٻار جي مامي لاءِ تڪليف جو باعث آهي.

(2) ڪنجهي جي ننڍي وٽي ترن سان ڀري، مٿان ٽامي جو پئسو رکي، سهائي آچر جي ڏينهن مامو ٻار کي ڏيئي ڇڏي.

ڪَليُون ۽ ڪاڪِڙو: گرميءَ جي اثر ڪري يا مٿي تي گهڻي ابر کڻڻ ڪري ڪاڪڙو لهي پوندو آهي ۽ هر هر بلڪل گهڻي کنگهه ٿيندي آهي. ماڻهو بي آرام هوندو ۽ بدن ۾ ڳرندو ويندو. ڪن جون ڪَليون خراب رت سان ڀرجي سڄي پونديون آهن، جنهنڪري به ساڳي تڪليف ٿيندي آهي. ٻنهي حالتن ۾ ڊاڪٽر وٽ وڃڻ ضروري آهي، پر غريب ماڻهو خرچ نه هئڻ ڪري. هيٺيان ٽوٽڪا ڪندا آهن:

(1) صبح جو هٿ جو آڱوٺي سان ڪاڪڙي کي ٻه ٽي دفعا مٿي زور ڏبو آهي. پاڻيءَ سان ٻه ٽي گرڙيون ڪري، آڱوٽو ڌوئي، زور ڏجي. روز ٻه ٽي دفعا ائين ڪجي. ٽن چئن ڏينهن ۾ فائدو ٿي ويندو. اهو عمل هر ڪو پاڻ ڪري سگهي ٿو. نه ته ڪنهن ڏاهي کان ڪرائجي.

(2) پاڻيءَ ۾ لوڻ وجهي روز ٻه ٽي دفعا غرارا ڪجن.

(3) ڪاپار جا وار صفا ڪرائي. مکڻ رکي، مٿان ڪپهه جو پهو ڏيئي ڇڏجي. ٻئي ٽئين ينهن ائين ڪجي. هنکي مکڻ جي پِنِي چئبو آهي.

(4) لوڻ جو ڪڻو وات ۾ وجهي آهستي آهستي چوسجي.

(5) ڳوڻ وکر، سينهڙو، ڦودنو، کنؤر، اُٺ جو ڦولهڙو، ميٽ، ڪنڊي جا پن، نر ڦوٽو، ننڍا ڦٽا، سڀ سنها ڪٽي، ڪپڙڇاڻ ڪري، پاڻيءَ سان گهوٽي، ضماد ٺاهي، ڪاپار تان وار لاهي، مٿان پِنِي ڏجي، وچ ۾ خال ڇڏجي. اها پني چنڀڙي ويندي ۽ ٽن چئن ڏينهن بعد وار اچڻ ڪري پاڻيهي لهي ويندي. ٻه ٽي پنيون چاڙهجن ته فائدو ٿي ويندو.

(6) ڪلين جي خرابي هجي ته هٿ جي آڱر جي وچ ۾ ڳوڙهيون ٿي پونديون اهن، سي زور ڏيئي ڇنجن.

وائِي گولو: اوچتو ڪا منحسو خبر ٻڌڻ، يا ڇرڪ کائڻ، يا ڪنهن حادثي جي ڪري، پيٽ ۾ هانءُ جي يهٺان ڳوڙهو ٿي پوندو آهي. جنهن جي ڪري ماڻهو بي ارام ٿيندو، اناج نه وڻندو، مٿي ۽ پنين ۾ سور رهندو. جيستائين علاج نه ڪبو تيستائين ماڻهو بدن ۾ ڳرندو ويندو. هيءَ يبماري وڏن کي پڻ ٿيندي آهي. ان لاءِ:

(1) مريض کي سنئون سمهاري، پيٽ کي هٿ سان آڍي، ڳوڙهي کي هيٺ لاهي، دُن تي آڻجي. اتي اچڻ بعد فائدو ٿي پوندو.

(2) ڦوڳ جون لاسَئون گرم ڪري، ڪپڙِ ۾ ويڙهي پيٽ تي ٻڌجن.

(3) اجمو (جاڻ) ڪٽي، کنڊ وجهي، گيهه ملائي چٽجي.

(4) سڪل کارا چڀڙ رڌي کارائجن

(5) مريض کي ڪا حادثي جهڙي خبر نه ٻڌائجي.

ڇرڪ کائڻ: رات جو ننڊ ۾ سُتل ننڍا ٻار اوچتو ڇرڪ کائي روئي اُٿندا آهن، ان لاءِ:

(1) سمهڻ مهل سندن جتيءَ جا پادر، رات جو سيرانديءَ کان ابتا ڪري رکجن.

(2) رات جو ستل ٻار جي ماءُ جي ڪنجري، ابتي ڪري رکجي.

(3) لوهه جو ڇلو ٺهرائي ٻار جي چيچ ۾ پارائجي.

(4) بگهڙ جي کل جو ٽڪر ڳچيءَ ۾ پارائجي.

کَرٽِيو: هي وچڙندڙ بيماري آهي، جا هڪڙي کان ٻئي ٻار کي ٿيندي آهي. اڪثر ٻارهن سالن تائين عمر واري ٻار کي ٿيندي آهي. هن ۾ کنگهه تمام گهني ٿيندي آهي، ڪنهن ڪنهن وقت ته ٻار کي ”تائين“ اچي ويندي آهي. ٻار ڳرندو ويندو ۽ اُلٽيون ٿينديون. هي بيماري اڍائي مهينا هلندي آهي. جي شروعات سهائي پک ۾ ٿي ته اونداهي پک ۾، ۽ جي اونداهي پک ۾ ٿي ته سهائي پک ۾ زور وٺندي آهي. ان لاءِ:

(1) سهائي آچر جي ڏينهن، ٻار کي هڪ سئو سالن کان ڪنڊيءَ جي بيٺل وڻ جي پاڙ جي هيٺان لنگهائجي. اڪثر اهڙن جهونن وڻن جون پاڙون ٻاهر نڪتل هونديون آهن، نه ته کوٽي ٻاهر ڪجن، ۽ وڻ جو ڇوٽو آڻي، ڌاڳي ۾ ڇوئي ٻار جي ڳچيءَ ۾ ٻڌجي.

(2) سهائي آچر جي ڏينهن، ٻار جي ماءُ گهرن جي ڀرسان جتي اڪثر ٻهراڙيءَ جون زالون گهر جو ٻُهر (ڪچرو) اُڇلائينديون آهن، اتي وڃي جيڪا به پراڻي اڳڙي هٿ اچي، اها آڻي، ان جو ٽڪر پنهنجي چُنيءَ ۾ چَتيءَ وانگر لڳائي ڇڏي ۽ هڪ ٽڪر ٻار جي چولي تي چتيءَ وانگر لڳائي.

(3) نوريئڙو ماري، رڌي، ان جي ٻار کي سُتي ڏجي.

(4) ڪاري گڏهه جي کير جي سُتي ڏجي.

(5) ڪڻڪ جي اٽي کي ڳڙ ۽ پاڻيءَ ۾ ڳوهي، لولا ٺاهي، ڪڙو تيل ساڙي، ان ۾ تري رکجن. جي وقت بوقت ٻار کي کارائجن.

(6) ٻار کي گيهه، لسي ۽ لنڊ نه کارائجي، ۽ رات جو ٻاهر وِلهه ۾ نه سمهارجي.

ڪَڇوراڙي: ڪَڇ ۾ڳوڙهي ٿيندي آهي، جنهنڪري سور ٿي پوندو آهي ۽ بانهن کي چوري به نه سگهبو آهي. ان لاءِ:

(1) ڪنڙو ۽ سنڌي تماڪ گهوٽي، لپري تيار ڪري ٻڌجي.

(2) ڳوڙهيءَ تي ٿوري ٿُڪ لائي، مٿان ڪوريئڙي جي اڇي ڄاري چنڀڙائجي.

(3) ڏيڏر جهلي، جيئرو ڳوڙهيءَ تي ٻڌي ڇڏجي، جيئن هو اون تي پيشاب ڪري، ان بعد ڇوڙي ڇڏجي.

(4) ڪاريهر نانگ جي اڇي کل ٿوري ٿُڪ ڏيئي چنبڙائجي.

(5) گگر گهوٽي، صابڻ جي گجيءَ سان ملائي، ڪپهه جو پَهو ٻوڙي مٿان رکجي.

رائين جهائين: ٻار جي ڄمڻ بعد، هڪ سال جي اندر جيڪڏهن مائٽن جي ڳوٺ کان وڃڻ ڪري ٻاهر وڃڻو پيو ته مائٽن جو عقيدو آهي ته ٻار سڀاءُ جو تيسر ٿيندو ۽ آڙو ڪندو، ان لاءِ:

(1) ماءُ ٻار کي هنج ۾ کڻي، گهر جي دروازي جي ٻاهران بيهي، ٻي زال، چار ننڍيون ٺِڪريون ۽ او کٻڙ جا پن کڻي، هڪ ٺِڪري ۽ هڪ پن ٻار تان گهوري، هڪ طرف اڇلائي. اهڙيءَ طرح واري سان چئني ڏِسَين (طرفن) ڏي اڇلائي. گهورڻ بعد، ”رائين جهائين جهنگ ۾، مِنو ماءُ جي هنج ۾“ لفظ چوڻ گهرجن. پوءِ ڀلي ٻار کي ڪٿي به وٺي وڃجي ته مٿس ڪو اثر نه ٿيندو.

گهوڪو لڳڻ: جي اک تي اوچتو ٺونٺ يا ٻيو ڪو هلڪو ڌڪ لڳي ويو ته چوندا ته ڪوڪو لڳو آهي، انهيءَ حالت ۾ ٿورو وقت اک ۾ هلڪو سُور محسوس ٿيندو آهي، ۽ اک پٽي نه سگهبي آهي، ان لاءِ:

(1) اک تي ڪپڙو ڏيئي مٿانج ست ڦُوڪون ڏيئي پوءِ وندا ته هاڻي اک پٽي نهار. ڪپڙو گرم ڪري ان سان سيڪ ڏيندا.

(2) ڪجهه ڏاڍيرو ڌڪ هوندو ته چُلهه جي ڪوسي ڪِر ڪپڙي ۾ ويڙهي مٿان ٻڌجي يا اُن سان سيڪ ڪندو رهجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org