سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تاريخ ريگستان

(ڀاڱو ٻيو)

باب؛ 18

صفحو ؛ 28

 

راڳ ۽ ساز

راڳ هر ڪنهن انسان جي روح ۾ سمايل آهي. راڳ لفظ جي معني آهي موج يا روح جو ريلو. اهڙو ڪو انسان نه هوندو جو راڳ نه ڳائيندو هوندو. ڪي اهڙا ڳائيڻا آهن جن جو آواز به سٺو آهي ۽ سُر به ڄاڻن، جي عام ماڻهن اڳيان ڪچهرين ۾ ڳائيندا آهن، پر ڪي اهڙا آهن جي ڳائي نٿا ڄاڻن، ڪي وري ٿورو ڄاڻن به ٿاپر قدرتي لچارو سڀاءُ جي ڪري ماڻهن اڳيان ڳائڻ ۾ شرم ڪندا آهن. ته به اڪيلائي ۾ مڙيئي ڪجهه نه ڪجهه جهونگاري دل خوش ڪندا آهن. راڳ اهڙي وڻندڙ شيءِ آهي، جا روح کي راحت ڌڏئي ٿي، اُن ۾ جادو جهڙو اثر اهي، جنهنڪري نه رڳو ماڻهو پر مرون به موهجيو پون. نانگ به مرليءَ تي ريجهيو پون. سڀڪا شيءِ موسم ۽ وقت تي ٺهي ۽ وڌيڪ اثرائتي ٿئي.

موسيقيءَ جي ماهرن، سال ۾ ڇهه موسمون شمار ڪري، هر هڪ موسم لاءِ جدا جدا سُر: ڀيرو، هنڊول، ميگهه، سريراڳ، ديپڪ ۽ مالڪوس مقرر ڪيا. انهن مان هر هڪ سُر کي پنهنجي خوبي ۽ خاصيت آهي، جي پنهنجي وقت تي وڌيڪ اثرائتا ٿيندا آهن. چوندا آهن ته آسمان ۾ مينهن جو مانڊاڻ هجي، ان وقت ڪو ڄاڻو پوري سُر ۽ تال سان ميگهه راڳ ڳائي ته برسات پوي: ڏيئي ۾ تيل ۽ وٽ وجهي ڪو ڄاڻو ديپڪ راڳ ڳائي ته ڏيئا ازخود ٻريو پون.

هر ڪنهن ملڪ يا قوم جي ڳائڻ جونمونو پنهنجو آهي، جو ڪن کي وڻي، ڪن کي نه به وڻي. ٿر ۾ به پاڻ وندرائڻ لاءِ جدا جدا نمونن ۾ راڳ ڳايو ويندو آهي، جو ٻين کي وڻي يا نه وڻي پر ٿرين کي ان مان خوب مزو ايندو آهي. ساز کان سواءِ راڳ نٿو ٺهي، سو ڳائڻ وقت جدا جدا نمونن جا ديسي ساز ڪم آڻبا آهن.

مائي ڀاڳيءَ جو آواز ڪنهن نه ٻُڌو آهي؟ ٿر کي اهو اعزاز حاصل آهي. جو هن وقت سنڌ جي مقبول ترين لوڪ ڳائڻي، مائي ڀاڳي، دڙن جي هن ديس ۾ جنم ورتو آهي. مائي ڀاڳي هن وقت سنڌ جي لوڪ موسيقيءَ جو جيڪو ممتاز مقام رکي ٿي، اُهو قابل رشڪ آهي ۽ ٿر وارن لاءِ فخر جو باعث پڻ آهي. عوام موسيقي جي نامور فنڪار مائي ڀاڳي، نه فقط نج سنڌي راڳڻين جي واقفيت رکي ٿي، پر ان اسن گڏ گجراتي ۽ مارواڙي موسيقيءَ جي ميلاپ مان جيڪي راڳڻيون جنم وٺن ٿيون، تن جي واحد ۽ نمائنده فنڪاره آهي. هن جي آواز ۾ قدرت ايڏو تاثير رکيو آهي، جو هن کي هر هنڌ سنڌ جي ’راڳ – راڻي‘ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. مائي ڀاڳي، هن وقت سنڌ جي مڃيل ۽ مقبول ترين فنڪاره آهي. ريڊيو وسيلي سندس رسيلا لوڪ گيت ۽ ڪافيون ملڪ جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ گونجي رهيا آهن. مائي ڀاڳي مٺي شهر جي ويٺل آهي ۽ پنهنجي سڄي عمر ٿر جي شادين مُرادين ۾ ڳائيندي وڄائيني گذاريائين. سندس عوام فن کي تمام دير سان متعارف ۽ مشهور ٿيڻ جو موقعو مليو آهي. هن وقت سنڌ جي صف اول جي فنڪارن ۾ سندس شمار ٿئي ٿو ۽ لکين ماڻهو سندس پرسوز آواز جا مداح آهن.

مائي ڀاڳيءَ کان علاوه مٺي جا مڱڻهار – مراد فقير، ٻڍو فقير ۽ ڪالو فقير به ٿر جا مشهور فنڪار آهن، جن کي ٿر ۾ وڏي شوق سان ٻُڌو ويندو آهي. ان طرح ڀڳڙو ڀيل پڻ ساز ۽ آواز جي دنيا ۾ چڱو نالو ڪڍي چڪو آهي.(1)

ٿر ۾ مڱڻهار فقير آهن، جن جو خاص ڌنڌو ئي آهي ڳائڻ ۽ وڄائڻ، جن جا جٿي ڪٿي پاڙا آهن. سڀني قومن کي پنهنجو پنهنجو مڱڻهار هوندو آهي، جو وهانءُ وڌاڻي ۽ خوشيءَ جي موقعي تي اچي دهل وڄائيندو ۽ ڳائيندو آهي. پوءِ سڀڪو پنهنجي حال سارو مڱڻهارن کي مقرر لاڳ، گهور ۽ خيرات ڏيندو آهي. ڪٿي وهانءُ ٿيو يا ڪنهن کي پُٽ ڄائو يا ڪو خوشيءَ جو موقعو ٿيو ته مڱڻهار اچي دهل وڄائيندو ۽ سارنگيءَ تي راڳ وائيندو. تمام ٿورن وٽ هارمونيم ۽ سُرندا به آهن، جن تي سنڌي ڪافيون، لوڙائو، سنڌي شعر، خاص ڪري، شاهه ڀٽائي، مصري شاهه ۽ ٻين شاعرن جون ڪافيون، ساوڻ فقير جا بيت ۽ ٿر جا لوڪ گيت وغيره ڳائيندا آهن. سئنيمائن جي طرز جا راڳ ڪونه ڳائين، ڇو ته اهي راڳ ڳائڻ وارا ٿورا پر سمجهڻ وارا به ڪونه آهن. ٿري ويچارا سنڌي ۽ ڍاٽڪيءَ کان سواءِ ٻي ٻولي گهٽ ڄاڻن، باقي دهل ۽ سارنگي عام آهي، جا گهڻو ڪري سڀڪنهن مڱڻهار وٽ هوندي آهي. ڪي جواب يڪتاري تي به ڳائيندا آهن.

ٿر ۾ شاعر آهن، پر ڪي اهرا ڪونه آهن جن جو شعر عام مقبول هجي ۽ ڳايو وڃي، تڏهن به سارنگي تي ٿري شعر ڍاٽيڙو، لِکيئو، ولاڙو، مڻهار، پڻهاري، لاڏيلو وغيره ڳائيندا آهن. ڪي يڪتاري، ڍولڪ ۽ سُرندي تي ڳائيندا آهن، جهڙي نموني ڪچهري ۽ موقعو هجي. شادي مڱڻي وقت ويٺل ماڻهو گهوٽ تان، جي عام ڪچهري هجي ته ڪنهن معتبر تان ڪجهه رپيا گهوري مڱڻهار کي ڏيندا آهن.

مسلمان ٽوليون ٺاهي مسجدن ۾ يا ٻئي ڪنهن به هنڌ مولود ۽ مداحون مٺي سُر سان آلاپيدا آهن، جي دل کي پيا وٺندا آهن. جوڙيون جوڙيون ڪري چوندا آهن. هڪڙي جوڙي اڳ ۾ چوندي، ٻي وري سر وٺائيندي، خاص ڪري رمضان شريف ۾ رات جو چوندا آهن. رمضان شريف ۾ اسر جو اٿارڻ لاءِ ’جاڳا‘ به مٺي سُر سان آلاپبا آهن.

هندو مندرن ۾ باجي، ڍولڪ، کڙتال، جانجهه ۽ ڪانسين تي آرتيون ۽ ڀڄن ڳائيندا آهن ۽ ڪٿي ڪٿي ڪي شوقين پاڻ وندرائڻ لاءِ باجي تي ڳائيندا آهن.

هريجن قومن ۾ خصوصاً مينگهواڙن ۾ هي رواج آهي ته روز رات جو تنبوري، جانجهه، ڪانسين، دلي ۽ کڙتال تي ڀڄن ڳائيندا آهن. ڪي جوان سنڌي ڪافيون به ڳائين. ڪي دلو رڱيل کل سان مڙهي، پاسي ۾ ڪنجهي جي ٿالهي رکي وڄائين، ڪي ڪانسيا ۽ جانهه رواجي طرح وڄائين، ڪي وري نٽ شٽ سان هٿ اهڙيءَ طرح هلائين جو ڄڻ ته ناچ پيا ڪن. شادي، مڱڻي، پٽ ڄمڻ يا وڏي ڏڻ تي ڪابه رهاڻ ڪن ته ڀڄن ضرور ڳائين. لوهار ۽ ڀيل به اهڙِءَ طرح ڳائيندا اهن. انهن قومن ۾ ڪي اهڙا ڳائڻا آهن جي پاڻ کي ڀوت سڏائيندا آهن، انهن جو ڪم ئي آهي تنبورو وڄائين ڀڄن ڳائڻ، ڪي ڀڳت ستار به وڄائيندا آهن، پر اها عام نه آهي. لکهاڻا، مهيشوري، ٺڪر، برهمڻ ڪڏهن ڪڏهن ڪُنِي يا پيالي ڪرڻ وقت ڀوتن کي گهرائي ساري رات ڀڄن ڳارائيندا آهن ۽ صبح جو ڀوڄن کارائي روانو ڪندا آهن.

ڪي جوان رات جو ڪچهريون ڪري، پاوا، نڙ، بنسريون ۽ چنگ کنيو اچيو وڃائين. ڪي ادي نموني وڄائين ۽ ڪي واڄي ۾ به ڳائين. هڪڙو وڄائي رهي ته ٻيو ڄڻو وارو وٺي. رات جو انهن جو آواز پري کان به مٺو پيو لڳندو آهي. اڪثر ڌنار، ٻڪرار، ڳنوار پاڻ وٽ پاوا، بنسري ۽ لوهه جو چنگ رکندا اهن. مال پيو چرندو، پاڻ ڪنهن ڀٽ يا دڙي تي يا ڪنهن وڻ هيٺ ويهي وڄائي پيا پاڻ وندرائيندا، يا ڪونه ڪو راڳ پيا جهونگاريندا.

ڪچهرين ۾ عمر مارئي، هوٿل پري، راءُ لاکو ۽ مهرراڻي، مومل مينڌرو، دودو چنيسر، ڏمڻ سونارو ۽ ٻيون آکاڻيون ڪندا آهن. ان وقت انهن آکاڻين ۾ ايندڙ ڳاهون سُر ساڻ چوندا آهن.

سڀني قومن ۾ عورتون پاڻ ۾ گڏجي شادي، مڱڻي ۽ ٻين موقعن تي گيت ڳائينديون آهن. ننڍيون ڇوڪريون گڏجي جدا گيت ڳوائينديون آهن. عام زالون مردن جي ڪچهريءَ ۾ نه ڳائينديون آهن، پر ڪي مڱڻهار زالون ڳائينديون آهن.

مڱڻهار دهل، سارنگي، سُرندو، هارمونيم، ڍولڪ ۽ يڪتارو وڄٺائي ڪافيون ۽ شعر ۽ تنبوري تي ڀڄن ڳائيندا آهن.

مسلمان، مينگهواڙ، ڀيل، ڪولهي جوان ڇوڪرا نڙ، پاوا، بنسري ۽ چنگ وڄائيندا آهن.

 

ناچ

ناچ (نرت) جي تاريخ نهايت قديم آهي. سري ڪرشن جي گوپين سان راس ليلا مشهور آهي. اڄ به اهو رواج جتي ڪٿي عام آهي. ڪن ملڪن ۾ ته خاص سکيا جا مرڪز (ناچ گهر) ۽ ڪلبون آهن. سنڌ ۾ خاص نٽ ۽ نٽڻيون اهن، جن جو خاص اهو ڌنڌو آهي، پر ٿر ۾ ائين ڪونهي. ڪن خاص موقعن، شادي يا وڏن ڏينهن مثلاً هولي وغيره تي ناچ ڪندا آهن، جن جا مختلف نمونا آهن.

*ڏانڊين راند: هي راند ڪنهن اڱڻ يا ميدان تي ڪبي آهي. وچ ۾ دهلاري هوندو جو هڪ پاسي ڏانڊئي ۽ ٻئي پاسي هٿ سان دهل وڄائيندو. هر هڪ ناچ لاءِ دهل جو خاص واڄو وڄائڻو پوندو اهي. هن ناچ لاءِ ’بهاول واڄو‘ وڄائڻو پوندو آهي. دهلاريءَ جي چوڌاري اٺ يا ڏهه يا وڌيڪ رانديگر گول دائري ۾ بيهندا اهن، جن مان ڪن جي پيرن ۾ گنگهرون ٻڌل هوندا. هرهڪ رانديگر جي هر هڪ هٿ ۾ ڏيڍ فوٽ کن ڪاٺيءَ جو ٽڪر هوندو، جنهن کي ”ڏانڊيو“ چئبو آهي. ڪن ڏانڊين جي پوين ڇيڙن ۾ گنگهرو هوندا آهن، ڪن جي هٿ ۾ ڪاٺي ٽڪر ۽ ٻئي هٿ ۾ رومال هوندو آهي. واڄي تي پهريائين سڀيئي آهستي آهستي ٿورو ٿورو بدن موڙيندا، هٿن جا اشارا ڪنڊا، گول دائري ۾ ڦرندا ويندا. ائين راند مچندي ويندي. ڪجهه وقت بعد هٿن جا تڪڙا نٽ ۽ ڦيريون پائڻ ۽ پير اٿلائڻ شروع ڪندا ۽ ڀر وارا ڪاٺين جا ٽڪر ڦيري ڦيري سان پاڻ ۾ لڳائيندا رهندا، جن جو ڪڙڪو پيو پوندو ۽ گهنگهرن جو چمڪو پيو پوندو. جوان پگهر سان شَلَ ٿي ويندا، شوڪاري جو سٽڪو پيو پوندو. واريءَ تي هوندا ته پيرن سان دز پيئي اُڏامندي. ڪي ڪي راند ڪندي ڦيري پائڻ مهل هڪ گوڏو زمين تي کوڙي وري يڪدم مٿي ٿيندا، جنهن کي ”گوڏي کوڙي“ چئجي. اهو وڌيڪ ڄاڻو رانديگر ليکبو آهي.

دهلاري، جي اڪثر مڱڻهار هوندا آهن، سي دهل به پيا وٺائيندا آهن ۽ بعضي ڪا ڪافي، نه ته گهڻو ڪري ٿري گيت پڻهاري، مڻهار، ولاڙو وغيره پيا ڳائيندا آهن. بعضي رانديگرن مان ڪو گيت پيو ڳائيندو آهي. چوڌاري ڏسندڙ گهيرو ڪيو ويٺا ۽ بيٺا هوندا، ۽ واهه واهه پيئي پوندي. رانديگرن کي اتساهه ڏيارڻ لاءِ شابس پيا ڏيندا ۽ ڪيرپيا گهوري اندر بيٺل مڱڻهار جو پنهنجي ڀرسان ڪپڙو وڇائي ڇڏيندو آهي، ان تي اُڇلکيندا ويندا. ائين مڱڻهار کي به ڪجهه مليو پوي. ڪلاڪ ڏيڍ راند هلندي آهي. اها راند شاديءَ جي وقت يا هوليءَ جي ٻئي ڏينهن ڌوڙئي تي خاص مينگهواڙ ۽ ڪولهي ڪندا اهن. پوءِ انهن سان ڪي شوقين جوان مسلمان، ٺڪر، برهمڻ، ڀيل وغيره به شامل ٿيندا آهن، مردن سان گڏ ٽَٻر ڇوڪر به راند ڪندا آهن. قبائلين جو خٽڪ ناچ هن ناچ سان مشابهت رکندڙ آهي. ڏانڊين راند کي سنڌ ۾ ’ڏونڪا‘ سڏبو آهي.

*مَٽِڪُو: هي راند اڪيلو ڄڻو ٿوري دائري اندر ڪندو آهي. ڀرسان مڱڻهار دهلَ وڄائيندو آهي. رانديگر پيرن ۾ گهنگهرو ٻڌي تيار ٿي اچي سامهون بيهندو آهي. ڪي هٿين خالي هوندا، ڪي هڪ هٿ ۾ مور جي کنڀن جو ٻُهاري وانگر ٻڌل مُڇو يا رومال کڻندا آهن. دهل تي مٽڪُو واڄو شروع ٿيندو، ته رانديگر ٻئي هٿ ٻڌي آهستي آهستي، يا هٿ جدا ڪري پيرن جي تال سان چرندو ويندو، ۽ هٿ ذري هڪ پاسي ذري ٻئي پاسي جدا ڪري، هڪ هٿ مٿي، هڪ هيٺ ۽ پاسي تي موڙِندو چيکهه کي آسيرو پاسيرو ڪندو، ائين آهستي آهستي وڌندو ويندو، جيئن جيئن دهل جو واڄو چڙهندو ويندو تيئين رانديگر جو جوش به وڌندو ويندو. پوءِ وري ڦيريون پائڻ، ذري گوڏي کوڙڻ هٿ هيٺ مٿي آسرا پاسيرا ڪرڻ، اهو سڀڪنهن جي ڦڙتائيءَ تي مدار رکي ٿو. ڪلاڪ اڌ راند هلندي آهي، گهورون گهوربيون آهن ۽ ڏسندڙ واهه واهه، شابس، شابس لفظ سان داد ڏيندا اهن. هي راند ننڍا وڏا ڪندا اهن. ڪي مرد زنانو ويس ڪري راند ڪندا آهن.

جوان زالون ۽ ڪنواريون وڌيون ڇوڪريون اديءَ جي موقعن تي مٽڪو راند ڪنديون آهن، پر اُهي گهر ۾ اهڙِ هنڌ راند ڪنديون آهن، جتي مرد نه هجن ۽ فقط عورتون هجن. دهل به ڪا زال وڄائيندي آهي يا ڪو ننڍو ڇوڪرو وڄائيندو آهي. مردن کي جي خبر پيئي ته زالون ناچ ڪن ٿيون ته هاسي ڪر اوڏانهن ڪونه ويندا، ۽ از خود گوشو ڪندا. ننڍن ڇوڪرن جي ڏسڻ تي ڪو اعتراض ڪونهي.

فقط ڪي مڱڻهار زالوپن، جن جو خاص ڳائڻ وڄائڻ ڌنڌو آهي، سي مردن جي روبرو به مَٽِڪُو راند ڪنديون آهن. پيرن ۾ گهگهرو ٻڌنديون آهن. راند ڪندي چُنيءَ کي ٻنهي پاسن کان ورائي ڪناري وات ۾ ڏندن سان جهلينديون آهن، جيئن مٿي تان لهي نه وڃي.

ٿڌڙيءَ جي موقعي يعني ڪانهوڙي جي اٺم تي هفتو ڏيڍ اڳ ۾ ڪو لهڻيون روز گڏجي ڏينهن رات جو گول دائري ۾ راند ڪنديون آهن. وچ ۾ دهل وٺائڻ وارو بيهندو آهي. هي راند ڏانڊين راند وانگر آهي پر زالون ڏانڊيا نه کڻنديون آهن. انهن جي بدران پاڻ ۾ تاڙيون لڳائينديون آن. آهستي آهستي راند به ڪنديون وينديون ۽ گول دائري ۾ ڦرنديون به وينديون ۽ گيت به ڳائينديون وينديون، جن کي ”راسُوڙا“ چئبو آهي.

*چَڪر راند: هي راند مسلمان جوان ڇوڪرا تلوار سان دهل تي ڪندا آهن. رانديگر دهل جي واڄي تي تلوار مٿان ۽ پاسن تان تڪڙو تڪڙو گهمائيندو. ان سان گڏ بدن موڙيندو، پير هلائيندو پندرهن ويهه فوٽ سڌو اڳتي هليو ويندو ۽ پوءِ وري راند ڪندو ڦيرو کائيندو، وري پوئتي ساڳئي هنڌ وڃي پهچندو. تلوار اهڙيءَ طرح پيو هلائيندو، جو ڏسندڙ عجب کائيندا ۽ سمجهندا ته اجها ٿي ٻانهن ڪچ ڱان ڪپجي. اهڙيءَ طرح واري واري سان هڪ ڄڻو راند ڪندو ويندو. هي راند خاص عاشورن وقت ڪبي آهي.

ڪي ماڻهو تلوار نه هئڻ جي حالت ۾ اَڪَ جي ڪاٺي تلوار وانگر گهڙائي، ان سان راند ڪندا آهن.

 

وهٽن جا سوار

ٿر ۾ ڪي ڄاڻو اهڙا ٿيندا اهن جو اُٺن ۽ گهوڙن کي گهمائي پنڌ سيکاريندا آهن، جن کي سوار چوندا آهن. اهڙا سڱکيل وهٽ مهانگي اگهه وڪامندا آهن. جنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي وهٽ کي پنڌ سيکارڻو هوندو، سو ڳولا ڪري اهڙي سوار کي هٿ ڪري ايندو، يا پنهنجي وهٽ اُن وٽ ڇڏيندو. سوار روز ڪجهه وت وهٽ تي چڙهي گهمائيندو رهندو ۽ آهستي آهستي هن کي پنڌ جا نمونا سيکارڻ جي ڪوشش ڪندو. مهيني ٻن اندر گهوڙو وک، پنڌ، رَلو، گُهنڊ سان هلڻ ۽ ٻيا نمونا سکي وٺندو آهي. ڪي سوار ته اُٺن کي ناچ سيکارندا آهن، جو دهل وڄائڻ سان ناچ ڪندو آهي. وهٽن جا مالڪ سوارن کي پنهنجي هُوند آهر اُجورو ڏيندا آهن.

 

اُٺ ۽ گهوڙا گهمائڻ

گهوڙا ٿر ۾ ٿورا آهن، باقي اُٺ جام آهن. غريبن جو ته گذران ئي اُٺن تي آهي. شوقين جوان پنهنجن وهٽن جي چاڪري ڪري کين پنڌ هلڻ سيکاريندا آهن. ڪي وري پنهنجا وهٽ سوارن جي حوالي ڪندا آهن، جي پنڌ هلڻ سيکاري ڏيندا آهن.

اُٺ جي مٿان جهُول (جي هوندي ته) وجهي رسيءَ جي وسيلي پوئين خاني ۾ ويهڻ جي جاءِ ٺاهيندا، جنهن کي ٻَڙهو يا ڏور چئبو آهي، جنهن ۾ سوار هوندو آهي، پاکڙو ڪونه وجهبو آهي. گهوڙي کي لغام ڏيئي صرف تل وجهي (يعني هنو به ڪندا آهن) سوار چڙهندو آهي. پوءِ واري واري سان وهٽ گهمائيندا اهن.

ميلن يا شاديءَ جي موقعن تي جڏهين ڪافي ماڻهو اچي گڏ ٿيندا آهن، تڏهين پنهنجا ڀلا وهٽ اُٺ ۽ گهوڙا سينگاري گهمائيندا آهن. ڳوٺن جي ڀرسان ڪافي ميدان پيا آهن، جتي بعضي شرطون به لڳائيندا آهن. جتي بعضي ٻه – ٻه، ٽي – ٽي وهٽ ڊوڙ ۽ سِراڙي ۾ به ڇڏيندا آهن. تماشبين ڪافي اچي گڏ ٿيندا آهن، ڪوتڪُو ته ايترا ايندا آهن جو ڏسڻ لاءِ جاءِ نه ملندي آهي. ڪي ٿورو گهڻو انعام به ڏيندا آهن، ٻيا واه واهه جي لُٽ لائي ڏيندا آهن.

 

شڪار

ٿر ۾ چار مهينا ماڻهو ٻنيون پوکين ۽ آبادي ٿئي ته به ڪافي جهنگل ۽ چراگاهه پيا آهن، باقي اٺ مهينا سارو ملڪ ڇُٽو پيو آهي، جتي هرڻ، سها، لوڪڙ رهن جن جو شڪار ڪبو آهي. پکين مان فقط تلور ۽ تترن جو شڪار ڪبو آهي. اڳي سنڌ جا ڪيترائي زميندار هزارين رپيا خرچ ڪري وڏي اٽالي سان شڪار تي ايندا هئا. ڳوٺن ۾ منزلون ڪري پنهنجي سر، گڏ آندل توبچين ۽ ٿرين جي مدد سان ڪارتوسن وارن نڙن ۽ دونالين جي وسيلي ڪيترا هرڻ ماري پاڻ به لائيندا هئا ۽ ڳوٺ جي ماڻهن کي به ورهائي ڏيندا هئا ۽ پنهنجن دوستن ۽ ڪامورن کي سنڌ ۾ به موڪليندا هئا.

ٿر ۾ به ڪيترن ماڻهن وٽ بندوقن جا ليسن آهن، ڪن وٽ جان جي بچاءُ جا ليسن آهن ۽ ڪن ٿورن وٽ شوٽنگ ليسن آهن، پر شڪار سڀيئي پيا ڪن. اڳي ماڻهن وٽ ميرن جي ڏينهن جون يڪ ناليون ڏوردار بندوقون بنا ليسن جي هونديون هيون، جن ۾ فقط هڪ گولي پوندي هئي ۽ مُنهن مان ڀربيون هيون ۽ ماچيسن جي تيلين مان ٽوٽيون ٺاهي ڪم آڻيندا هئا يا ڪي ڏوردار هيون جن کي گهوڙو ڪونه هوندو هو. دارونءَءُ سان لٿل ڏور دکائي ان سان ڇوڙيندا هئا. گهر موٽڻ وقت جهنگ جي وڻن ۾ لڪائي رکي ايندا هئا. شڪار ڪرڻ جهڙي تهڙي جو ڪم نه هو. هوشيار توبچي شڪار ڪري سگهندا هئا، پر هاڻي اهي بندوقون ڪونه آهن. جيتوڻيڪ گورنمينٽ طرفان شڪار جي عام موڪل نه آهي ته به قاعدي جي پيروي نه ٿيڻ سبب ٿر ۾ هرڻن جو تعداد بلڪل گهٽجي ويو آهي. ۽ ڪٿي ته صفا ملڪ خالي ٿي ويو آهي. هاڻي صرف ڏکڻ طرف رڻ جي ڀر واري ڀاڱي ۽ اوڀر طرف ڀارت جي سرحد ڀرسان رهن ٿا. باقي وچ ٿر ۾ ٿيو خير.

*هرڻن جو شڪار: هرڻ جي شڪار لاءِ سٺو وقت بهار ۽ برسات جي شروعات وارو آهي ڇو ته ان وقت وڻن ۽ ٻوٽن ۾ نوان گونچ ۽ پن وغيره نڪرندا آهن ۽ وسڪاري جو چوڌاري ساوڪ لڳي ويندي آهي جا چرڻ لاءِ ٻاهر نڪرندا ٿري توبچي هرڻ جي شڪار جا قابل آهن، جو هرڻ هڪ دفعي ڏٺائون سو مشڪل بچي ويندو. انهن کي هرڻ جون پاٿاريون معلوم هونديون آهن، تنهنڪري شڪار تيويندا ته هٿين خالي ڪونه موٽندا. ڪونه ڪو ڊڙيو ايندا. هرڻ جي نظر تمام تيز اهي ۽ چرندي هر هر مٿو مٿي ڪري پيو هيڏانهن هوڏانهن نهاريندو آهي، تنهنڪري ماڻهوءَ کي پري کان ئي تاڙي وٺندو آهي. هو نازڪ طبع ۽ ڊڄڻو آهي، جنهنڪري ماڻهوءَ تي پري کان ئي نظر پيس ته ڇال ماري ڀڄي ويندو ۽ نازڪ طبع جي ڪري جهنگ ۾ اهڙن هنڌن تي رهندو آهي، جتي ماڻهن جي اير پير گهٽ هجي. ماڻهن جي بستيءَ ڏي ڪين لڙندو آهي، انهيءَ ڪري ٻارهن مهينن ۾ صرف هڪ دفعو جڏهين پهرين برسات پوندي آهي تڏڏين پاڻي پيئندو آهي. تڙن ۽ تراين ڏي ڪونه اچي ڇو جو اتي ماڻهن جي اچ وڃ هوندي آهي. ٿر جي ڏهرن ۾ جتي سخت زمين هوندي آهي، اتي پاڻي دٻا دٻا ڪري بيهندو آهي ۽ واٽون، رستا ۽ گس سخت زمينوارن هنڌن تي ڀرجي پوندا آهن، اتي اچي پاڻي پيئندو آهي. ٿوري برسات جي حالت ۾ چوندا آهن ته ”مينهن ايترو پيو جو واٽون ڀراڻيون ۽ هرڻيا پيئا.“ (هرڻن پاڻي پيتو.)

ماڻهو به ڪيترائي حيلا ڪندا آهن. شڪاري پنهنجي پوشاڪ هلڪي خاڪي رنگ جي ڪندا آهن، جيئن هرڻ پري کان سهي نه ڪري. لڪ گهڻي ڪندا آهن. ڀٽ تي چڙهي ڪنهن وٽ جي اوٽ ۾ لڪي چوڌاري جاچ ڪندا آهن. هيٺ ڏهر يا تَليءَ ۾ ڪو هرڻ ڏسبو ته پوءِ وڻن پٺيان لڪي لڪي شڪاري نيٺ ويجهو پهچي نشآن ڪري بندوق شوٽ ڪندو.

رائيفل جي مار پري آهي، ان سان ڪنهن ڀٽ تي يا ڪنهن اهڙي سهولت واري هنڌ تي ويهي چوڌاري ڪٿي به دُوري پنڌ تي هرڻ کي نشان ڪري سگهجي ٿو، پر نڙي سان لڪ ڪري ويجهو وڃي نشان ڪبو آهي. ٿر ۾ رائيفلون ڪن ٿورن وٽ باقي نڙا جام آهن، تنهنڪري توبچي هيٺيان نمونا اختيار ڪندا آهن:

شڪار پاڻ سان هڪ اُٺ وٺي ويندا آهن، جو اهڙي ڪم تي هيرايل هوندو آهي. اُٺ ۾ ٿورو مهار ٽڪرو وجهي، ان ۾ ڊگهي ڪاٺي ٻڌي هڪ ڄڻو جهليندو ۽ پڻ اڳيئن ٽنگ جي اوٽ ۾ ۽ توبچي بندوق سميت پوئين ٽنگ جي اوٽ ۾ لڪي آهستي آهستي اُٺ کي ڪاٺيءَ جي اشاري تي چوريندا ويندا. اُٺ چرندو ڇرندو ويجهو پيو ويندو. هرڻ سمجهندو ته فقط اُٺ آهي جنهنڪري نڪي ٽاهه لائيندو، نڪي ڀڄندو. اهڙيءَ طرح جڏهن اُٺ هرڻ کي ويجهو پهچندو تڏهن شڪاري وجهه وٺي اُتان ئي، يا ڪنهن وڻ جي اوٽ وٺي نشان ڪندو. هن طريقي کي ”گُرگ“ چوندا آهن.

ڏهر هرڻ هجن ۽ وڻ يا گُرگ لاءِ اٺ نه هجي ته لڪ جو ٻيو وسيلو نه ڏسي هينئن ڪندا آهن، جو پُراڻو سِڻ کڻي (جي جهنگ ۾ گهڻيئي پيا آهن ۽ ڪارسرا ٿيندا آهن) بندوق جي منهن ۾ اٽڪائي، شڪاري پاڻ انهيءَ آڏو لڪي، ريڙهيون پائيندو گسڪي گسڪي وڃي ويجهو ٿيندو ۽ اتي ڪا اوٽ وٺي نشان ڪندو آهي. اهو نمونو تڪليف وارو آهي. پر چوندا آهن ته: پرائو ساهه وٺڻ ڪو سولو ڪونهي، نه ته هرڻ اهڙو ڇوهو آهي، جو چوندا آهن ته: ”نو نَريون ٿو ڪُڏي“. ڪٿي ڪٿي هرڻن جا ولر هجن، اتي هڪ ڌڪ سان بعضي ٻه هرڻ به ڪري پوندا آهن.

ڪڇ رڻ جي ڪنڌيءَ وٽ، جتي زمين سنئين آهي، اتي شوقين زميندار ۽ آفيسر جيپون هرڻ جي پٺيان ڊورائين. جيپ جي گهوگهاٽ ۽ هارن جي آواز تي هرڻ هيسجيو وائڙا ٿيو ڀڄن ۽ هو پٺيان فائر ڪندا رهن، تان جو ڪنهن نه ڪنهن ڌڪ سان ڪِريو پون. جيڪو ڪري، تنهن کي تڪبير وجهيو جيپ ۾ رکن، ۽ وري ٻين جي پٺيان. اهڙيءَ طرح ڪيترائي هرڻ ماري جيپون ڀريو اچن.

هرڻ جهنگ ۾ گوشائتن هنڌن تي ٿوهرن، ڄارين، ڦوڳن يا ٻين وڻن جي گهاٽن ٿُٻن يا ڏرڙن جي وچ ۾ خالي جاين تي پيرن سان زمين بُهاري پاٿاري ٺاهيندا آهن. جتي رات جو يا ڏينهن جو ڪاڙهي تپڻ مهل آرام ڪندا آهن. ٿري ڌنار مال سان گهمندي، ڏوٿي ڏٿ چونڊيندي، کنور ۽ گگر گڏ ڪندي، اوچتو اهڙآ هنڌ ڌسي وٺندا آهن، جنهن کي ”ٿانَڪَ“ يا ”پاکولي“ چون. پوءِ ٻه چار ڄڻا گڏجي ڪهاڙيون، گهوٻاٽا، روڙها ۽ ڪاترون کڻي، بعضي ته ڪُتا به ساڻ وٺي موقعو ڏسي اوچتو ڪاهي وڃي چوپڌاري گهيرو ڪندا آهن. پوءِ جي هرڻ ويٺل هوندو ته نڪري ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو. ان وقت اُن کي ڀڄندي ڌڪ هڻندا. جي لڳي ويو ته ڪِري پوندو يا گهايڙ ٿيندو ته وَروڙي جهلي وٺندا، يا ڪُتن کي بڇ ڪندا، جي جهلي وٺندا، پر جي ڌڪ نه لڳو ته ساهه بچائي ڀڄي ويندو.

هرڻ اهڙو ته سورهيه آهي، جو جيڪڏهن پورو ڌڪ نه لڳو ته ڪونه ڪرندو. سسي، ڪنڌ يا پيٽ ۾ ڇيرا نه لڳا يا ٿورا پاسيرا لڳا يا ٽنگ ڀڄڻ جي حالت ۾ به ڀڄي ويندو. ڪن حالتن ۾ اوجهريءَ کي پاسيري ڌڪ لڳڻ جي ڪري ڦاٽي پوڻ بعد به اوجهه ڪيرائيندو ڀڄندو ويندو آهي. ان لاءِ وجهه هوندي ته ٻيو ڌڪ هڻبو آهي يا ڊوڙائي ٿڪائي جهلبو آهي. ڪن وٽ شڪاري ڪُتا ٿيندا آهن، جي ساڻ وٺي ويندا اهن. هرڻ کي جي پورو ڌڪ نه لڳو ۽ اوڇائوُ ڇيهوُتڙي ڌڪ لڳڻ ڪري گهايڙ ٿيو ته وٺي ڀڄندو. ان حالت ۾ ڪُتا ڇڏيندا آهن، جي ڊوڙائي جهلي وٺندا آهن.

شڪاري پيرو کڻڻ جا هوشيار ٿيندا آهن. گهايڙ هرڻ جو پيرو کڻي ڳولي لهندا آهن. تازي ڌڪ سان ڀڄي ويندڙ، پر ڪجهه وقت بعد ڦٽ ٺرڻ تي سور ٿيندس ۽ ويهي رهندو. اُتان اُٿاربو ته وڌيڪ ڊوڙي نه سگهندو جنهنڪري اُن کي جهلي وٺندا آهن. ڪن حالتن ۾ شام ڌاري گهايڙ ٿيل هرڻ مٿان رات پوڻ سبب شڪارين کي هٿ نه ايندو آهي ته ٻئي ڏينهن صبح جو وڃي پيرو کڻي جهلي ايندا آهن.

هرڻ جو گوشت کاڌي ۾ لذيذ ٿيندو آهي. رڌي به کائبو آهي، پر شيخ ۾ پڪل وڌيڪ سٺو ٿيندو آهي. چوندا آهن ته: ”ٻاڪرو گوست ته ٻوڙ، هرڻ جو گوست ته شيخ“ شيخ ٻن نمونن سان پچائبي آهي. عام شيخ ۽ گندلي واري شيخ.

عام شيخ: ڄار يا ٻائوريءَ جون سنهيون ڪامون آڻي، ڪپ سان پلي، مٿيان ڇوڏا لاهي، هڪ پاسو چهنبدار ڪري، گوشت جا ٻيرا ٺاهي، چهڪ ڏيئي، مصالح سان ڀري، شيخن ۾ پوئي، ٽانڊي جي کوڙي تي، پاسن کان سرون يا آڏون رکي، تن تي شيخن جا ڇيڙا رکجن، جيئن ٽانڊن کان ڪجهه مٿڀريون هجن. کوري لاءِ ڪُونڀٽ جي ڪاٺيءَ جا ٽانڊا وڌيڪ سٺا آهن، ڇاڪاڻ جو اُهي جهٽ پٽ اُجهامن ڪونه ۽ ڳچ وقت جهَلو ڪن ٿا. پوءِ سيڪ تي جيئن شيخون پچنديون وڃن تيئن آهستي آهستي ڦيرائيندو وڃجي، جيئن تيار ٿي وڃن.

گُندلو: مٽيءَ جو هڪ چار فوٽ کن ڊگهو گول ڪوٺو (جنهن کي ڪوٺلو يا گندلو چئبو آهي. ٿر ۾ سڀني وٽ ٺهيل هوندا آهن، جن ۾ اَن رکبو آهي.) وٺي زمين ۾ کڏ کوٽي پورين. اُن جو فقط منهن اگهاڙو رکن. پوءِ ڪُونڀٽ جون ڪاٺيون ساڙي، اُن جا سڄر ٽانڊا ٿري ۾ رکي، مٿان ٽامي جو ديڳڙو اڌ پاڻيءَ سان ڀريل رکن. پوءِ گوشت جا ٽڪرا شيخن ۾ پوئي، مصالح ڏيئي، شيخن جون نوڪون ديڳڙي ۾ وجهي مٿيان ڇيهه گندلي ۾ چوڌاري پکيڙي ڇڏين. منهن تي ڍڪ ڏيئي قابو ڪن جيئن ٻاڦ ٻاهر نه نڪري. اٺن ڪلاڪن بعد ڪڍن ته گوشت پچيو پوي. هي شيخ وڌيڪ لذيذ ٿيندي آهي.

*سَهي جو شڪار: ٿر ۾ سَها گهڻا ڪونه آهن، تنهن ڪري هن جو شڪار ورلي ٿيندو آهي. هن جي شڪار لاءِ ڪي نمونا هي آهن:

1- سو صبح جو ٿڌ ۾ يارهين بجي تائين، شام جو ڏينهن ٺرڻ بعد جهنگ ۾ چرڻ لاءِ ٻاهر نڪرندو آهي. ان وقت بندوق سان شڪار ڪبو آهي.

2- شڪاري ڪٿان جهنگ مان سهو ڪڍندا آهن، جو انهن کي پاٿاري يا ٿانَڪَ معلوم هوندو آهي ۽ پٺيان شڪاري ڪتا ڇڏيندا آهن، جي هن کي جهلي وٺندا آهن. سهي ۾ اها عادت هوندي آهي جو ڊوڙ پائي ڳچ پنڌ بعد بيهي پوئتي نهاريندو آهي ته شڪاري اچن ٿا يا نه شڪاري اچن ٿا يا نه؟ تيسين شڪاري ۽ ڪُتا به اچيو پڄنس.

3- اونهاري جو جڏهين يارهين بجي کان پنجين بجي تائين سج جي تپت ڪري واري تمامگرم هوندي آهي ۽ سخت لُڪ لڳندي آهي، تڏهن شڪار سهي کي جهنگ مان ڪنهن ٻوڙي يا وڻ مان ڪڍي پاڻ به پٺيان ڀڄندا ويندا آهن. گم ٿيڻ جي حالت ۾ پيرو کڻي ڳولي وٺندا آهن. انهيءَ کي هڪ ”پيهاڻي“ چوندا آهن. اهڙيءَ طرح ٻه ٽي پيهاڻيون ڊوڙائيندا آهن ته پير سڙندا ۽ سخت اُس ۽ لُڪ جي ڪري ٿڪجي پوندو آهي ۽ ڦانءَ ٿي ڪنهن وڻ ۾ وڃي اجهو وٺندو آهي، جتي وَروڙي جهلي وٺندا آهن. يا انهيءَ وچ ۾ جي ور چڙهيو ته هڪ ئي ڌڪ سان ڪيرائي ڇڏيندا آهن.

4- ڀيل ۽ ڪولهي ڪهاڙي، گهوٻاٽي، روڙهي يا ڪاتر جي ڌڪ سان به شڪار ڪندا آهن. ان لاءِ استعمال جو ضرور آهي. اهو جهونو رواج آهي جو اڃا هليو اچي. کٻڙ جي ڪمان وانگر ڪجهه وريل ڪاٺي وڍي، ان کي چپٿري گهڙي ٺاهيندا اهن، جنهن کي ”ڪاتر“ چون. ان جو ڌڪ ڏاڍو زبردست ٿيندو آهي. سهي لاءِ پورو هڪ ئي ڌڪ ڪافي آهي. خاص ڪري ڪولهي ڪاتر ساڻ کڻندا آهن ۽ ڌڪ هڻڻ جاهوشيار ٿيندا آهن.

5- وڻن جا ڪي اهڙا گهٽ گهيڙ جاچي لنگهه واري هنڌ تي ڪُڙي (ڪوڙڪي) رکي ڇڏبي آهي. ان جي مضبوط رسيءَ جو هڪ ڇيڙو ٻڌي قابو ڪبو آهي. ٻئي ڇيڙي ۾ سِرڪَ ناڪو (ڦندڻ) ٺاهي، اهو اهڙيءَ طرح رکبو جيئن اتان لنگهڻ وقت پير ڦاسي پوندو ۽ سَهو قابو ٿي پوندو. پاڻ پاسي ۾ لڪا ويٺا هوندا. ڪي ته انهيءَ رسي ۾ ننڍڙا مٽر ۽ گهنڊڻيون به ٻڌندا آهن. سهو ڦاسڻ مهل ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندو ته اُهي گهنڊڻيون وٺنديون، جنهن جو آواز ٻڌي شڪاري ڀڄندا ايندا ۽ جهلي وٺندا.

* لُوڪڙ جو شڪار: ڪي ڀيل ۽ ڪولهي لُوڪڙ جو شڪار ڪندا آهن، اهي ڪهاڙي، گهوٻاٽي ۽ خاص ڪري ڪاتر جي ڌڪ سان شڪار ڪندا آهن. لوڪڙ گوهيون ڏيندڙ آهي تنهنڪري ڊوڙ پائي کيس ڌڪ هڻڻ لاءِ به اٽڪل کپي. سڀڪو اُن کي پڪڙي نه سگهندو. شڪاري ڪتن وسيلي به جهلبو آهي ۽ ڪُڙيءَ ۾ به ڦاسائبو آهي.

*گوهيري، ڳوهه ۽ سانڍي جو شڪار: هي جهنگ ۾ رهندا آهن، گهيرو ۽ ڳوهه نرم زمين ۾ ٻر کوٽي رهن ۽ سانڊو سخت زمين ۾، ٻاهر هئڻ جي حالت ۾ گهوٻاٽي جي ڌڪ سان شڪار ڪبو آهي، ٻيءَ صورت ۾ ٻر به اهڙو اونهو نه هوندو آهي اٿس، تنهنڪري ڪوڏر سانکوٽي شڪار ڪبو آهي. گوهيرو وڏو ٿيندو آهي، ڳوهه ۽ سانڊو ننڍا ٿيندا آهن. لوڪڙ ۽ اهي ٽيئي جانور حرام آهن. اڳي ڀيل ۽ ڪولهي عام طرح شڪار ڪندا هئا. پر هاڻي هنن کائڻ ڇڏي ڏنو آهي. باقي جوڳي هڪ رولو قوم آهي، جا ڪڏهن ڪڏهن ٿر ۾ ايندي آهي، اهي خاص طرح انهن جو شڪار ڪندا آهن

*تلُور جو شڪار: هي پکي ٿر ۾ ڇڊو ٿيندو آهي. نومبر ڊسمبر ڌاري ايندو آهي ۽ اپريل جي پڇاڙيءَ ۾ موٽي ويندو آهي. هي وڏي نر ڪڪڙ جيڏو آهي. پري کان بندوق سان شڪار ڪبو آهي، ويجهي وڃڻ سان يا ته اڏامي ويندو يا اهڙيءَ طرح ڪنهن ٻوٽي ۾ ڇپ هڻي ويهندو، جو ڏسڻ ۾ ئي ڪونه ايندو. هي ڏهرن ۾ گهڻو وقت پَٽ تي چُوڻ ڪندو رهندو آهي. بعضي اُٺ جي گُرگ سان به شڪار ڪبو آهي. هن جو گوشت لزيز ٿيندو آهي.

*تتر جو شڪار: تتر ٿر ۾ جام آهن. جهنگ ۾ نڪربو تهڪ ٿان نه ڪٿان پيا ٻوليندا، ۽ بعضي ولر ڪري گهمندا نظر ايندا. ان حالت ۾ بندوق سان شڪار ڪبو آهي، پر ڪارتوسن ۾ سنها ڇيرا پکين وارا هوندا آهن. توبچي اُڏامندڙ تتر کي بندوق جي ڌڪ سان ڪيرائي وجهندا آهن. ڪي اهڙا به تکا آهن جو ساڳئي وقت ٻه تتر اُڏامن ته دوناليءَ جي هڪ ڌڪ سان هڪڙو ته ٻئي ڪ سان ٻيو تتر ڊَڙي رکندا آهن. بندوق سان شڪار فقط ڪي شوقين، شاهوڪار ۽ زمينادر ڪندا آهن، ڇو ته تتر جي قيمت ٿوري ۽ ڪارتوس جو خرچ گهڻو. ٿر ۾ ڪولهي ۽ ڀيل تترن جي شڪار جا شوقين آهن. هن کان اڳ باب چوڏهين جي ”تتر پالڻ“ واري عنوان ۾ مان هن پکيءَ جي پالڻ بابت تفصيلي ذڪر ڪري آيو آهيان.

پاليل تتر جهنگ ۾ وٺي وڻن جي اوٽ ۾ پڃرو رکي چوڌاري وڻن ۾ دام رکي، پاڻ ٿورو پري وڃي لِڪي سينڍ ڪندا آهن ته پاليل تتر ٻولي ڪندو آهي، جنهن تي جهنلي تتر اچي مڙندا آهن. پريان اُڏام ڏيئي ويجهو اچي زمين تي لهندا، اتان پيرن تي هلي ان تتر وٽ اچڻ جي ڪوشش ڪندا اهن. چوڌاري لنگهه بند هئڻ ڪري دام جي گهٽين مان لنگهندا آهن، جن ۾ سسي وجهڻ سان سِرڪڻ ۾ ڦاسي پوندا آهن. بعضي ڪن جو پير ڦاسي پوندو آهي، جي پوءِ شڪاري جهلي وٺندو آهي.

اونهاري جو اُس ۾ تتر کي اُڏائي ٻه – ٽي پيهاڻيون ڏياربيون ته ٿڪجي ماندو ٿي پوندو آهي، تڏهن جهلي وٺبو آهي.

ڀڳونئي رنگ جو پنج فوٽ ڊگهو، ٽي فوٽ کن ويڪرو مستطيل ڪپڙو وٺي ڪاٺيءَ جون ڪامون اُريبن ۾ ڏيئي، ڪپڙي جا پلاند ڪاٺيءَ جي ڇيڙن ۾ قابو ڪندا آهن. هڪ پاسي اکين جي سامهون ڪپڙي ۾ ڏسڻ لاءِ ننڍا ٻه ٽنگ ڪندا آهن. جهنگ ۾ وڃي ڪنهن هنڌ ڌرتيءَ تي ڄاري رکي، ان جو منهن کليل ڇڏي، ٿورو پريان وڃي ڀڳونئي ڪپڙي کي ڦڙڪائيندا آهن، ته چوڌاري تتر اڏامي ان کي ويجهو ايندا. شڪاري اڳ ۾ اهو ڪپڙو جهليندو جيئن پاڻ پٺيان لڪو رهي. هٿ ڪاٺين ۾ هوندس ۽ ٽُنگن مان نهاريندو رهندو. تتر پٽ تي اچي گڏ ٿيندا ۽ ڪپڙي جي اوٽ ۾ آهستي آهستي اڳتي وڌندو ويندو ته تتر به گس ڪري هليا هلندا، ڄڻ ته ڪاهيو وڃي. تان جو سڀني کي ڪاهي وڃي ڄاري ۾ وجهندو جتي ڦاسي پوندا.

گوڙامڻو پکي ٿر ۾ تمام ڇڊو ٿيندو آهي ۽ اتفاق سان ڪڏهن ڏسبو آهي. اُن جو شڪار بندوق سان ڪبو آهي.

برساتي موسم ۾ جڏهن تلاءُ ڀربا آهن، تڏهن سنڌ مان ڪانئيرا ۽ ٻيا ڍنڍ جا پکي ايندا آهن. انهن جو شڪار بندوق سان ڪبو آهي، پر تمام گهٽ، ڇو ته وڏا تلاءُ اڪثر ٿر جي وڏن ڳوٺن ۾ آهن، جتي ويشنو هندن جي بستي ججهي آهي، جنهنڪري سندن جذبات جو خيال ڪيو ويندو آهي. ننگرپارڪر تعلقي ۾ سنگهار جي تلاءُ ۾ پکين جو شڪار ڪبو آهي.

سنڌ ۾ پکين جي شڪار لاءِ ڪي شوقين باز پاليندا آهن. پر ٿر ۾ اهو رواج ڪونهي.

 

شڪاري ڪُتا

ڪي ڪُتا بلڪل تکا ٿيندا آهن. ماڻهو انهن کي پالي جهنگ ڏي وٺي ويندا ان ۽ شڪار جهلڻ سيکاريندا آهن. شڪاري جهنگ ۾ پيو ويندو، ڪُتا سڻ هوندا ته چوڌاري پري پري پيا ڊوڙندا ۽ جانورن جا پير سنگهندا پيا ويندا،. ڪو سهو يا لوڪڙ وغيره نڪتو ۽ شڪاريءَ جي ڌڪ سان بي ويو يا ڌڪ سان گهايڙ ٿيو ته ڀڄندو ويندو، جنهن کي ڪتا ڊوڙي جهلي وٺندا. بعضي گهايڙ هرڻ به ماڻهوءَ کان نه جهلائيندو آهي ته ڪتا ڊوڙ پائي جهلي وٺندا آهن. ڀيل ۽ ڪولهي، جن جو شڪار سان شوق ججهو آهي سي ڪتاب پاليندا آهن، جي انهن کي گهڻي مدد ڪندا آهن.

اهڙن ڪتن کي مالڪ شوق ڪري چم جا پٽا (جن مان ڪن تي چاندي جو ڪم ٿيل هوندو آهي) ٻڌي ڇڏيندا آهن. بعضي اهڙا ڪُتا ڪنهن دوست کي سوکڙي طور ڏيندا آهن. ڪي شوق ڪري ناڻي سان به خريد ڪندا آهن.

سنڌ ۾ به ڪيترا زميندار شوق ڪري مرونءَ وغيره جو شڪار لاءِ ڪتا پالييندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن شرطون رکي جهليل مرونءَ سان ڪتن جي ويڙهه ڪرائيندا آهن، جي ڪيترا ماڻهو ڏسڻ ايندا آهن.

 

تير ڪمان

ننڍا ڇوڪرا راندڪرڻ ۽ پکي مارڻ لاءِ ير ڪمان ٺاهيندا آهن، جنهن کي عام طرح گزڪمان تيار ڪندا اهن. هي سادي ٿيندي آهي، جو جهلو گهٽ ڪندي آهي، ڪي وري بانس جي ڪاٺي چيري ان مان تيار ڪندا آهن، جا مضبوط ٿيندي آهي. گز لاءِ ڪي ڪانو ۽ ڪي ڪاٺي ڪم آڻيندا آهن. بعضي ان جي چهنڀ ۾ سئي يا لوهه جو تکي چهنب وارو ٽڪر قابو ڪندا آهن، جيئن ڌڪ وڌيڪ اثرائتو ٿئي ۽ ڪجهه ستول ٿيڻ ڪري مار به پري پنڌ تائين ڪندو آهي. اُن جي وسيلي ڳيرا، ٻاٽيٻڙ، ڪبوتر ۽ تتر وغيره شڪار ڪبا آهن.

 

روهڙو

وڻ جي ٿلهيري ڪاٺي ٻانهن جهڙي، جي مٿان سنهي ڪام نڪتل هوندي ته انهيءَ ڪاٺي کي ڪام جي نڪرڻ واري هنڌ کان ٽي آڱر اڳ ۾ ڪپي، وري ڪام کان پوءِ ٽي آڱر ڪپي، ڪام کي ٽي چار فوٽ ڊگهو ڪپي تيار ڪندا ته هڪ پاسي ڪام جي، اهو ٿلهيءَ ڪاٺي جو ٽوڙهو اٽڪيل هوندو، جنهنڪري اهو پاسو ستول يعني ڪجهه ڳرو به هوندو. اُن کي ”روڙهو“ چئبو آهي. هي گهڻو ڪري ڄار جي وڻ مان ٺاهيند ااهن. اهو گهوٻاٽي وانگر ڌڪ هڻڻ ۾ ڏاڍو ڪمائتو آهي. ڪنهن پکي يا وهٽ کي پري بيهي هڻبو ته پکي ته مري ويندو نه ته به گهايڙ ٿي ڪري پوندو. پر وهٽ کي اهو ڏڪ ماريندو ڪونه، پر اثر ڏاڍو ڪندو آهي. ڪَڏهن ڪڏهن ويڙهو اُٺن ۽ ڍڳن کي ڀڄائڻ لاءِ روڙها ڪم آڻبا آهن.


(1)  مائي ڀاڳيءَ متعلق احوال بعد ۾ درج ڪيو ويو آهي. (ناشاد)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org