سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ ريگستان

(ڀاڱو ٻيو)

باب؛ 9

صفحو ؛ 12

 

باب نائون

پئنچاتون

هندن ۾ برهمڻ، مهيشوري، راجپوت ۽ ٻيون ذاتيون، اڇوتن ۾ مينگهواڙ، ڀيل ۽ ڪولهي ڪافي انداز ۾ آهن، تنهنڪري هرهڪ کي پنهنجي جدا پئنچات آهي، جنهن کي نيات به چئبو آهي. اهو رواج نهايت قديمي آهي.

پنچه-ات، يعني اهو ميڙ، جنهن ۾ فيصلي ڪندڙن جو تعداد پنجن تائين هجي. اڳي پنجن وٽ ڪو معاملو ويو ته ڄڻ حقدارن کي حق ملي چڪو. فيصلو اهڙو ڪندا هئا جهڙو منڊيءَ تي ٽِڪ. بي رياءَ اهڙا هوندا هئا جو پنهنجي ڀاءَ، پٽ، وغيره کي به، جي ڏوهي سمجهندا هئا ته سزا ڏيندي ويرم نه ڪندا هئا. ڪنهن به ريب رياءَ کان سواءِ راڄوڻي فيصلا ڪندا هئا. اڄ تائين چوندا آهن ته ”پنچن ۾ پرميشور“، يعني انهن ۾ سچائي هوندي هئي ۽ ماڻهو انهن کي ايشور جو رُوپ سمجهندا هئا. اهو رواج اڄ تائين هليو اچي ٿو.

سڱابنديءَ جون يا ٻيون ڪي اهڙيون ڳالهيون هونديون آهن، جن جو لاڳاپو فقط پنهنجيءَ قوم سان هوندو آهي ۽ ان جو فيصلو هڪ ڳوٺ جا ماڻهو ڪري نه سگهندا آهن، ته ان حالت ۾ 10-12 ڳوٺن جي پٽيلن ۽ مکيه ماڻهن کي گهرائيندا آهن، جنهن کي پئنچات يا نيات جو ميڙ چوندا آهن. پوءِ سڀيئي گڏجي پڇا ڳاچا ڪري فيصلو ڪندا، جو ڌرين کي قبول ڪرڻو ئي پوندو. پر جي ڪو اَهَنَڊ ٿو ٿئي ۽ فيصلو قبول نٿو ڪري، ته نيات هن تان ٿالهيون لاهي ڇڏيندي ۽ اها حقيقت چوڌاري پنهنجي ذات وارن کي موڪليندي، ان بعد ڪوبه ماڻهو ساڻس واسطو نه رکندو. بلڪ ايتريقدر، جو اهو ماڻهو جي ڪنهن نياڻيءَ جي گهر ويو، ته کيس ٿانءُ ۾ ماني ته بجاءِ خود، پر پاڻي به ڪونه پياريندا لاچار هڪڙو ڄڻو ششدر ٿيندو، جو برادريءَ جا ڪم ڪار ڀائيچايءَ ۽ نيات کان سواءِ هلي ڪونه سگهندا ۽ اها حالت ايستائين هلي ايندي جيستائين هو نيات کان وڃي معافي نه وٺي ۽ حڪم جي پيروي نه ڪري. هن کي جڏهن ائين ڪرڻو هوندو تڏهن وري به نيات گڏ ٿيندي ۽ هو پڇتاءُ ڪري فيصلو قبول ڪندو، پوءِ نيات وري به کيس پاڻ سان گڏيندي.

نيات مان ڪڍڻ وقت ڪڏهن ڪڏهن ڪي ڀائر يا مٽيءَ مائٽيءَ وارا گنات به کيس ٻيلهه ٻڌائڻ لاءِ شامل ٿيندا آهن. اُن حالت ۾ شامل ٿيندڙ سڀني کي نيات مان ڪڍيو ويندو آهي، جنهن کي چوندا آهن ته ”نيات کان ڇيهه“، يعني نيات کان جدا. اهڙي ماڻهوءَ کي سڀڪو ڌڪاريندو ۽ اُن لاءِ اهو ڄڻ هڪ ٽِڪو آهي. ماڻهو نه فقط کيس مهڻا ڏيندا، پر پوءِ ڪي پيڙهيون سندس پوئين کي به پيا مهڻا ڏيندا. تنهنڪري ڪوبه ماڻهو اهڙو ڪم نه ڪندو آهي، جو نوبت ايستائين پهچي. اهڙا واقعا بلڪل ڇڊا ٿيندا آهن.

ڪڏهن ڪڏهن نيات ڪن ڏوهن لاءِ ڏنڊ مقرر ڪندي آهي، جو قبول ڪبو آهي. پر ڪيترا اهڙا غريب آهن، جن وٽ پئسو نه هوندو آهي ته پوءِ ڪجهه وقت مهلت وٺي نيات جي گهر گهر مان پنبو آهي! سڀڪو گهر کيس ڪجهه نه ڪجهه ڏيندو. اهڙيءَ حالت ۾ انڪار نه ڪندا آهن، ڇو ته نيات پنڻ ڪا سوکي ڳالهه نه آهي، بلڪه حقارت جهڙي ڳالهه آهي. پر لاچار کي آچار ڪونهي. اهڙيءَ حالت ۾ پنندڙ جنهن ڳوٺ ۾ ويو ته اهو ڳوٺ جو پٽيل گهر گهر مان پئسا وٺي کيس ڏيندو. جڏهن پورت ٿي تڏهن اچي نيات کي ڏيندو. ڪي ته اهڙا شاهينگ آهن جو وڌيڪ اوڳاڙي ڪري کايو وڃن، پر ڪپڙي ڍڪيو ماڻهو ائين ڪونه ڪندو آهي.

 

راڄ مهاڄڻ

جتي وڏا ڳوٺ آهن ۽ هندن مسلمانن جون جدا جدا ذاتيون رهن ٿيون اُتي سڀڪنهن کي پنهنجو پريو مڙس هوندو آهي، جنهن کي هندو مکي، مسلمانن وڏيرو يا رئيس ۽ اڇوت پٽيل چون. اهو رواج پيڙهي به پيڙهي هليو اچي. پوءِ کڻي ڪنهن جو پٽ ڪَپُوت آهي. منجهس افعال ڪونهي ته به اهو رئيس، مکي اپٽيل ئي سڏبو. جي اهو سمجهو ۽ صلح پسند هوندو ته راڄ ۾ به هر ڪو ساز سلوڪ ۽ آرام جي حياتي گذاريندو. ٻيءَ صورت ۾ سڀڪو تڪيلف ۾ چوندا آهن ته ”سڃو پٽيل راڄ تي چٽي.“

ڳوٺ ۾ ڪو جهيڙو جهٽو ٿيو، يا ڪنهن ڏاڍي غريب سان ظلم ڪيو، يا ڪنهن لُچ بدمعاشي ڪئي، يا ٻيون ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون آهن، جي نفاق جو ڪارڻ بنجن ٿيون. وس پڄندي سڀڪو ائين ڀائيندو آهي ته پاڻ ۾ ٺهي وڃون ۽ ڪنهن وٽ فيصلي لاءِ نه وڃون. ڪي چڱا مڙس به پيا آهن، جي وچ ۾ پئي معاملو نبيري ڇڏيندا آهن، جنکي ’امين‘ چوندا آهن، پر سمورين ڪوششن هوندي به قصو نه ٺهيو ته پوءِ لاچار مظلوم دانهن کڻي راڄ مهاڄڻ وٽ ويندو، جتي سڀني قومن جا چڱا مڙس گڏجي ويهي پڇا ڳاڇا ڪري فيصلو ڪندا.

معمولي ڳالهه هوندي ته پاڙي جو پٽيل فيصلو ڪري ڇڏيندو. پر ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي جو ڪيترا ماڻهو پٽيل جو فيصلو قبول نه ڪندا آهن ۽ چوڻ نه مڃيندا آهن ته پوءِ راڄ مهاڄڻ ئي فيصلو ڪندو ۽ ڏوهيءَ کي حد اندر ڪن مهٽ به ڪندو. راڄ مهاڄڻ جو فيصلو به ڪو قبول نه ڪندو ته پوءِ ڪورٽ ڏي ويندا. ان حالت ۾ ڳوٺ جي همدردي مظلوم سان رهندي، تنهنڪري گهڻو ڪري ايستائين معاملو نه ويندو آهي.

ڪن ڳوٺن ۾ ڪي هلنديءَ وارا ماڻهو، زميندار، رئيس، وڏيرا ۽ مُکي هوندا آهن، جن جو اثر رسوخ نه رڳو پنهنجي قوم يا ڳوٺ تي، پر آسپاس جي ڪيترن ڳوٺن ۽ ٻين قومن تي به هوندو آهي، جنهن کي هو پنهنجي حد سمجهندا آهن ۽ سڀني قومن جي ماڻهن جا فيصلا ڪندا آهن. انهن جو چيو موٽائڻ ڏاڍو ڏکيو ٿيندو آهي ۽ سڀني کي مڃڻو پوندو آهي.

غريبن جو اوکيءَ ۾ ڪو اوهي واهي ڪونهي. دنيا ۾ سڀ ڪنهن کي تڪليفون آهن. ڏکئي وقت ۾ مدد ڪرڻ لاءِ ضرور ڪو ته هجي، تنهنڪري ماڻهو جنهن هلنديءَ واري جي حد ۾ رهندا آهن، ته پاڻ کي ان جو ”ماڻهو“ چوائيندا آهن، جيئن ته فلاڻي رئيس يا وڏيري يا مُکيءَ جو ماڻهو آهيان.

ڪيترا ننڍا ننڍا پٽيل، مکي ۽ عام لوڪ انهن وڏن ماڻهن سان لهه وچڙ ۾ رهندا آهن ۽ انهن جا ڪم ڪار ڪندا آهن، جيئن ساڻن واقفيت هجي ته مهل تي ڪم ڪڍائي سگهجي.

هڪڙيءَ حد جي ڪنهن ماڻهوءَ جي ٻيءَ حد جي ماڻهوءَ سان ڪم پيو، ته هو پنهنجيءَ حد جي معتبر وٽ ويندو، جو هن کي ٻيءَ حد جي وڏي ماڻهوءَ ڏي خط يا نشاني ڏيندو ته منهنجو ماڻهو اچي ٿو، فيصلو ڪرائي ڏجوس. پوءِ هو اُن وٽ ويندو ۽ حقيقت ٻڌائيندو، هو واسطيدار کي گهرائي پڇا ڪري فيصلو ڪرائي ڏيندو.

 

قومي اڳواڻ

مسلمانن ۾ پئنچاتون ڪونه آهن، پر سڀ ڪنهن قوم نهڙي، راهمان، رند، کوسا، چانڊيا، سما، سومرا، نُون، وغيره کي پنهنجا قومي سردار آهن، جن کي وڏيرا، رئيس، ڄام، ارباب ۽ پڳدار سڏبو آهي. اهو پيڙهي به پيڙهي هليا ايندا آهن. پيءَ جي مرڻ بعد پٽ کي قوم پنهنجو اڳواڻ چونڊي پڳ ٻڌائيندي آهي. هن کي سڀيئي عزت جي نگاهه سان ڏسندا آهن ۽ هو قوم جا فيصلا ڪندو آهي. اڳواڻ جي فيصلي جي پيروي ڪرڻ هرهڪ پنهنجو فرض سمجهندو آهي.

هندن ۾ جيڪي بنيادي بيٺل گهر آهن،  سي پنهنجي قوم جا مُکي ليکبا آهن. مينگهواڙن، ڀيلن ۽ ڪولهين ۾ پٽيل هوند آهن. مينگهواڙ پٽيل کي مِهنتر به چوندا آهن. انهن پٽيلن جو سماجي ڳالهين ۾ پنهنجيءَ قوم اندر رسوخ هوندو آهي ۽ نياتي جهڳڙن جا فيصلا سموري راڄ جي چڱن ماڻهن جي صلاح سان ڪندا آهن.

       

پاڙي جو پٽيل

ڪجهه گهرن جي ميڙ کي پاڙو چئبنو آهي. جتي ڳوٺ ننڍا آهن ۽ هڪ – ٻه پاڙا آهن، اتي هر هڪ پاڙي لاءِ جدا پريو مڙس هوندو آهي، جنهن کي پٽيل چوندا آهن. چوندا آهن ته ڪڏهن ٺِڪر به پيا ٺَهڪندا آهن. ڳوٺاڻن جي وچ ۾ به ڪن ڳالهين تان مت ڀيد سبب معمولي جهيڙا پيا ٿين. ڪي ڏاڍا هيڻن کي هيسائيندا آهن. يا ڪي لُچ پاڙي لاءِ آزار بنبا آهن، انهيءَ حالت ۾ پٽيل وٽ دانهن ويندي، جو ڌرين کان پڇا ڪري، فيصلو ڪندو. اهڙين حالتن ۾ سچ ڪوڙ جي خبر پٽيل کي ازخود پئجي ويندي. ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ جو به ڳوٺ ۾ ڪو خاص ڪم ڪار هوندو ته اچي پٽيل سان حال احوال ڪندو. پٽيل ڪوشش ڪري ان جي سرانجامي ڪندو.

پٽيل جو چوڻ يا فيصلو سڀڪنهن کي مڃڻو پوندو آهي، نه ته سڄي برادريءَ وارا اهڙي ماڻهوءَ کي نفرت سان ڏسندا آهن ۽ هن جي گهر ۾ ڪو شاديءَ غميءَ جو ڪم ٿيو ته انهن مان ڪوبه نه ايندو آهي، جنهنڪري هو مجبور ٿي پوندو. ماڻهو پٽيل جي چئي ۾ رهڻ ۽ وقت سر کيس مدد ڏيڻ پنهنجو فرض سمجهندا آهن.

 

گوتر ۽ نُکون

هندن ۾ گوتر ۽ نکون آهن. ’گوتر‘ لفظ جي معنيٰ آهي آڪهه يا برادري. هندو روايتن موجب اڳئين زماني ۾ رشي گهڻيون شاديون ڪندا هئا، تنهنڪري وڏو ڪٽنب هوندو هون، جو جدا محلي ۾ يڪو رهندو هو. اهڙيءَ طرح سڀڪنهن کي پنهنجا محلا هئا، ڪي ننڍن آڪهين وارا گڏجي هڪ محلي ۾ رهندا هئا. هرهڪ محلي کي گوتر يعني برادري چوندا هئا. وڌڻ بعد سڀڪنهن جي آڪهه جدا هوندي هئي، پر گوتر ساڳيو هوندو هو. اهي ڄڻ ته وڏي ڪٽنب جا ڀاتي هئا ۽ هڪٻئي کي پنهنجو سوٽ يا برادريءَ وارو ڪري سمجهندا هئا. سڄو گوتر وڏي جي نالي پٺيان سڏبو هو. گوترن ۾ جيئن آڪهيون وڌيون ته انهن کي ننڍن دفعن ۾ ورهائي نُکون سڏيائون.

سڳئي گوتر ۽ نک وارا اڄ به پڻ کي ڀاءُ سمجهن ٿا، هڪٻئي جي عورتن ۽ ناڻين کي پنهنجي ماءُ ڀيڻ سمان سمجهندا آهن ۽ ساڳئي گوتر يا نک مان شادي به نه ڪندا آهن.

 

گڏيل ڪٽنب

دنيا ۾ جيوت ڪاٽڻ لاءِ ڪيترين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. اهڙيءَ طرح هرهڪ ڪٽنب کي به سڀني پاسن جو خيال ڪرڻو پوي ٿو، جيئن ته پوک ڪرڻ، مال جي سنڀال ڪرڻ، گذران لاءِ ڌنڌو ڪرڻ، گهرجي ڪم ڪار جي پورائي ڪرڻ، ازانسواءِ ٻيا به ڪيترائي ڪم آهن. يڪي سِر انهن سڀني کي منهن ڏيڻ ڏکيو آهي، تنهنڪري گڏ رهڻ وڌيڪ فائدي وارو آهي. هڪ ڪٽنب ۾ ٻه چار ڀائر گڏ هوندا ته ڪو مال جي سنڀال ڪندو، ڪو گهر جو ڪم ڪار ڪندو ڪو پوک جي ڪندو، ڪو مٽ مائٽ ۽ ائي وئي مزمان کي منهن ڏيندو. مطلب ته ورڇ سان ڪم ٺيڪ پيو ٿيندو. جدا رهڻ ڪري هرهڪ کي مٿين سڀني ڪمن کي علحده منهن ڏيڻو پوندو. ازانسواءِ گهرو ملڪيت جي ورهائڻ ۾ به مشڪلات آهي، تنهنڪري هوند وارا، جن وٽ فقط لٺ ۽ لوٽو هوندو آهي، سي شادي ڪري آيا ته گهڻو وقت گڏ نه رهندا. جدا ٿيڻ لاءِ زال وڏو سبب آهي.

گهر نِينگر، ٻوجهه گهڻو، ڪچي ڦُلي ڏو واءِ،

ڀائِيان وڇوڙو ماهيلي، ميهان اُگتيو واءُ.

(هڪ چوڻي)

 (يعني ڀائرن جي وڇوڙي جو وڏو سبب ماهيلي يعني زال آهي.)

 

نياڻين جو اُڪلاءِ

ڇوڪري جيستائين وڏي ٿئي تيستائين پُٽن وانگر سنڀال ڪن. ڇوڪري جلد بالغ ٿيندي آهي، تنهنڪري چون ته ”نياڻيون آهن. اُڪرڙيون، جي وڌندي ويرم نه ڪن.“ برهمڻ، مهيشورين، لهاڻن ۽ راجپوتن ۾ ڇوڪريءَ کي ننڍي هوندي پرڻائڻ جو رواج آهي، باقي مسلمان ۽ اڇوت ڇوڪري بالغ ٿيڻ بعد پرڻائين. نياڻي وڏي ٿي ته مائٽن جو مٿو تتو. وڏور وڪري گهر ۾ وهارڻ ٺيڪ نه سمجهندا، هر وقت اونو رهندن، جيستائين وڃي شينهن ڪلهي چڙهي. گهر ۽ ڪَڻَ سٺو ملي، ان لاءِ خيال ڪرڻو پوندو آهي.

مڱڻو مائٽ پنهنجي مرضيءَ تي ڪندا آهن. ڇوڪري ڇوڪريءَ کي ان ۾ ڪوبه دخل نه رهندو آهي. ڪنواري ڇوڪري ڪيئن ڪُڇندي، اها بيعزتي سمجهبي آهي. چوندا آهن ته ڇوڪري ويچاري آهي گُونگي گانءِ، مائٽ جنهن پٺيان لائيندا، ان پٺيان ويندي،. سڀڪو مائٽ ڇوڪريءَ جي سک جو خيال ڪندو آهي، پر ڪي پئسي جا پُٽ لالچ جي وس ٿي پوندا آهن ۽ پئسن تي ڇوڪريون ڏيندا آهن.

 

شاديءَ جو رواج

مسلمان پنهنجائيءَ جو گهڻو خيال ڪن. پنهنجي ڪُڙم ۾ اَڀرو سَڀرو هوندن ته نياڻي ڌارين کي ڏيڻ پسند نه ڪندا. جوڙي ڪُ جوڙي جو خيال ڪونه ڪن. مڙس وڏو زال ننڍي يا زال وڏي مڙس ننڍو، اهو خيال ڪونه ڪن، پر ڪڙم کان ٻاهر ڏيڻ عيب سمجهن. پنهنجو سُڃو به ڌارئين شاهوڪار کان وڌيڪ سمجهن. غريب هئڻ ڪو عيب نه آهي. چاچي جي ڌيءَ سان شادي ڪرڻ ۾ شان سمجهن. جيڪڏهن ڪنهن سؤٽ سان شادي نه ڪئي ته مهڻو ڏيندا اٿس ته ”ٿوروئي ڏاڏي پوٽي پرڻيو آهين.“ لاچار ڪن حالتن ۾ ڪي ٻاهر نياڻي ڏيندا آهن، پر ڪي ته اصل ڪونه ڏين. جيئن ڇوڪري وڏي ٿيندي ويندي، تيئن مائٽن کي رات ڏينهن اها چورا کورا رهندي، جيسين ان جو اُڪلاءُ نه ڪن. اُڪلاءُ ٿيو ته ڄڻ هڪ قسم جو بار لٿو، يعني ڳڻتيءَ کان ڇُٺا ۽ سک جي ننڊ ڪندا. پنهنجي حال سارو ڏيج پوت جي سعيي ۾ سدائين رهندا. ڦڙي ڦڙِي تلاءُ. هڪ ڏينهن ۾ ڪجهه ڪونه ٿيندو، تنهنڪري ٿورو ٿورو ڪري ويندا ڪَٺو ڪندا.

بَدي جو رواج آهي، ڏي ته ڏيان. پنهنجائيءَ ۾ بنا بدي جو سڱ ڏين. ڪن بُڻائتن گهرن کي ڌارين مان به بنا بَدي سڱ مليو وڃي. ڪن هلنديءَ وارن ۽ شاهوڪارن کي پئسن تي سڱ وٺڻو پوي. پوتي پيئي ته مڱڻو ٿيو.

شاديءَ جو ڏينهن ڪنواريتن جي مرضيءَ موجب چٽو ڪن. پنهنجي نڪ تي مَر ڪو ڪونه لائيندو. هوند سارو ڪپڙو لٽو ۽ ڏاج وغيره ڏيڻ شانائتو سمجهن. نياڻيون ڪو گُهري ڪونه وٺنديون. رڳو ٻانهن کان جهلي وَر جي حوالي ڪانه ڪبي، گهر ۾ حق سڀني جو آهي. نياڻي آهي پرائو باغ، نيٺ وڃي ٻين جو ويڙهو وسائيندي، مائٽن وٽ ڪيترو وهندي.

گهوٽيتا تڪڙ ڪونه ڪن، مگر سعيي سدائين رهن. ڪنهن مهل به اوچتو سڏ ٿئين، ته پنهنجو ڪم ٺهيل ٺڪيل ته هجي. ڪي پنهنجيءَ مان پورت ڪن، ڪي پٽي سٽي به حال ته اُڇل ڪيو ڇڏين. ”هيل ته ڇَنٽ ڦُڙي چڱي پيئي، ٻنين ۾ سڀڪجهه ٿيو. هٿ چيو ڪري ٿو. واپاري به گهر تائين ڪندو، ڪجهه ڏني ته ڏيندو ڪجهه کڻت کڻبي، گيهه پنهنجو آهي، گهڙبو ته اُڪري پئبو نه ته بکئي پيٽ ڪٿان ٿو بچي، شادي جو ڪم ته اڳو پوءِ ڪرڻو، ساهه هڪ آهي سَو ڪونه آهن، دم تي ڪهڙو ويساهه، آيو نه آيو، اهو ڪم جيترو جلد ٿئي ته پوءِ جونءَ سُمهي ليک سُمهي ننڊ ڪري.“

ڪنواريتن طرفان چار چڱا ويهي فيصلو ڪري شاديءَ جو ڏينهن مقرر ڪري ڏين، جنهن ۾ گهوٽيتن جي سهولت جو به خيال رکن. پوءِ ٻئي ڌريون پنهنجي ڪُڙم، ڳوٺن عزيزن ۽ سنگت ساٿ کي ڪوٽ ڏين. جن جو کاڌو هوندو تن کي ضرور کارائبو. ڀت ۽ پُلاهه ڪن. راڄ ۽ آيل مزمان شاديءَ جي نينڍ ڏين. گهوٽيتن گهر دهل وڄن، راڳ روپ ٿين. راڄ جو مڱڻهار پاڻيهي اچيو نڪري، کيس راڄ جو ٻڌل لاڳ (بسُورو) ۽ گهور جام ملي. ڪڏهن ڪڏهن ته مڙس هڪٻئي جي شدت ۾ هڙون ڦرايو اُٿن ۽ ڀاڳ وري مڱڻهار جو!

گهر ۾ زال جي گيتن جي گونجار پيئي پوي. بنان دعوت ڪو ڪونه وڃي. اتفاق سان واٽ هلندي ڪو مسافر لڙي آيو ته فڪر ڪونهي، حب سان کارائيندا. فقير ۽ مڱڻهار ته وري ڪوٺيا اچي گڏ ٿين. هڪ رات اڳ ”مهارات“ ڪن، جا ساري رات جاڳين، ڪچهري ڪن، زالون گيت ڳائين، گهوٽ ڪنوار کي ميندي لائين، صبح جو وهنجاري شاديءَ جو وڳو ڍڪائين. گهوٽ سان گڏ آڻوهار (اَڻهر) رکن، جو هر ڪنهن ڳالهه ۾ گهوٽ جي مدد ڪندو رهندو آهي. گهوٽ جي مٿي تي اکين مٿان موڙ ٻڌن، جو ريشمي ڌاڳن ۾ اچن چُڳين جو ٺهيل هوندو آهي ۽ ڇيڙن ۾ ريشمي ٽنئور هوندا آهن. پوءِ اُٺن کي سينگاري، هڪ اُٺ تي اڳئين خاني ۾ گهوٽ پويان آڻوهار يا ڪو ٻيو چڙهندو. ٻين پنجن-ستن اُٺن تي ٻيا مٽ عزيز چڙهندا. پوءِ ڀرسان کلئي ميدان ٽي-چار گهمرا ڏياريندا، جنهن کي ”ترگس ڦيرڻ“ چئجي.

ٻئي ڳوٺ ڏانهن ڄڃ وڃڻي هوندي ته اُٺن کي خاص ٺٺ سان سينگاريندا آهن. اُٺن کي مُنهن تي مُهرا، ڀرت ڀريل ٽڪُن سان انڌاريون، ڳچيءَ ۾ ريشمي ٽنؤرن سان پٽيون، ڳانيون، وريا، گنگهرون، پاسن کان ٽنؤرن سان لُوٻون، گوڏن تي ڀرت ڀريل گوڏيا سيني تي گوربند، پيرن ۾ گنگهرو، پٺيءَ تي سوٽي ۽ ريشمي جهُلون، چانديءَ جي ڦلڙين سان پيتلي پاکڙا، گاشئي جي مٿان چم جون گلن سان نٿون يا نصرپوري کيس، وهڻ لاءِ چوڪن ۾ جهالرن سان گاديون ڪم آڻيندا آهن. گهوڙن کي به اهڙيءَ طرح سينگاريو ويندو آهي.

ڄڃ ڪنواريتن جي ڳوٺ کي ويجهو ايندي ته اُٺن کي ڪي لڙهي ۾، ڪي کيڙ ۾، ڪي وک ۾ ۽ ڪي مٿي هڪليندا. ڪنواريتن پاران ڪي آجيان لاءِ ايندا، جنهن کي ”پڙ ڄڃ“ چئجي. (ڪي ان کي روڙيا به چون.) پوءِ گڏجي اچي ڇني وٽ لاهيندا، جو اڳ ۾ يار ٿيل هوندو. آجيان لاءِ گيتاريون اچي گيت ڳائينديون. گهوٽ تي پئسن ۽ کارڪن جون گهرون ٿينديون. ڄاڃي ماڃي گڏجي خوش خير عافيت ڪرڻ بعد ڇَني ۾ ويهاريندا. سڀني کي ماني کارائڻ بعد گهوٽ کي ڪنواريتن جي گهر وٺي ويندا، جتي مُلان وغيره اڳيئي ويٺل هوندا. ملان نڪاح پڙهي مٿاميڙ ڪرائي هڪٻئي جي قبوليت وٺندو. جيستائين ٻنهي ڌرين کان قبوليت نه ملي، تيستائين شادي بحال نه ليکبي. پوءِ سڀيئي ويٺل گهوٽ کي مبارڪون ڏيندا. شاديءَ ۾ کارڪون جام ورهائين. پوءِ مرد هليا ويندا ۽ گهوٽ ٿيندو زالن جي حوالي، جي ساٺ سوڻ ڪنديون ۽ چرچا گهٻا ڪري خوب پٽائينديون. ساليءَ کي هڪ رپيو ڏيڻو پوندو. ڪٽوري ۾ کير وجهي اڳيان رکي پنج ست مُنڊيون گڏي ان ۾ اڇلائينديون ته ڪير ٿو اڳ ۾ کڻي. جي زال کڻي ويئي ته ٽهڪڙو پئجي ويندو. پوءِ ڪنوار جي چُنيءَ تي ڪپهه جا ڦُونڀا رکنديون. گهوٽ چُنيءَ کي چِڪ ڏيئي هيٺ ڪيرائيندو گهوٽ کان پڇنديون ته منهن ڏيکارڻي ڇا ڏيندين؟ لاچار ويچاري کي ڪجهه ڏيڻو پوي يا انجام ڪرڻو پوي. تنهن بعد ڪنوار جو منهن ڏيکارينديون. ست زالون گهوٽ ۽ ڪنوار کي اتيئي جاءِ ۾ ڇڏي پاڻ هليون وينديون.

هندن ۾ برهمڻ، مهيشوري، لهاڻا، سوٽهڙ، سونارا ۽ ٻيا هندو پنهنجيءَ نک، گوتر ۽ مٽي مائٽيءَ مان شادي ڪونه ڪن. انهن ۾ بدي جو رواج آهي، تنهنڪري ننڍپڻ جون شاديون گهڻيون ٿين، ڇو ته هڪٻئي تي ويساهه ڪونه ڪن ته اسين اڳ ۾ پرڻائي ته ڏيون پوءِ متان ٻيا نه پرڻائي ڏين. ڪي مثال اهڙا ٿيا آهن جو ڪن جواب به ڏنا آهن. ٿيل مڱڻو ٽوڙي به ڇڏيندا آهن. ڪنهن وٽ بدو نه هجي ته پئسن تي سڱ ڏيڻ وٺڻ جو رواج آهي. مهيشورين، لهاڻن ۽ سونارن ۾ پنج – ست هزار يا وڌيڪ، برهمڻن، مالهين، سوٽهڙن ۽ ٻين ۾ گهٽ يعني هزار- ٻن اندر. ڪن حالتن ۾ جي گهوٽ وڏو آهي ته هن کي ٻه سڱ به ڏيڻا پون، تڏهن کيس هڪ سڱ مس ملي. ڪن شاهوڪار يا هلنديءَ وارن کي بنان بدي يا پئسن تي به سڱ مليو وڃي، پر ورلي. اهڙيءَ طرح سڱ ملڻ ۾ عزت سمجهبي آهي، ان کي ’سرهاتو وهانءُ چئبو‘ آهي.

مڱڻي ٿيڻ وقت گهوٽيتا رهاڻ ڪن، جتي ناريل، پتاشا ۽ کارڪون ورهائين ۽ آفيم پيارين. هاڻي گهڻي ڀاڱي آفيم جو رواج بند ٿي ويو آهي ۽ ان جي بدران چانهه جو رواج ٿي ويو آهي. شاديءَ جي ڏينهن چٽي ڪرڻ لاءِ ٻانڀڻ کان پڇن، جو ٽپڻو ڏسي راسين ۽ گرهن جا حساب ڪري ڏينهن مقرر ڪري ڏيندو آهي، جنهن کي ”لگن“ چون. ڪنواريتا لگن چٽو ڪري گهوٽيتن ڏي موڪليندا، پوءِ ٻيئي ڌريون سعيو ڪنديون. عزيز برادريءَ کي ڪوٺ ڏيندا. چٺيون لکي موڪليندا، جنهن کي ”ڪِينُو پتريون“ چون هڪ رات اڳ ”مهارات“ ڪندا، ٻئي ڏينهن پارڻيت، يعني شاديءَ جي رات. شاديءَ وقت حال سارو خرچ ڪن. ڪنوار کي به ججهو ڏاج ڏين. گهوٽيتا ڄڃ ٺاهي ڪنواريتن گهر وڃن، جتي ٺهيل جاءِ ۾ لاهين ۽ چڱو آڌرڀاءُ ڪن. گهوٽ کي ڪنواريتي گهر وٺي وڃن، جتي اڳڻ ۾ چونري چاڙهين. مٽيءَ جا دلا ننڍ وڏائيءَ موجب ڪنڀر کان ٺهرائي، کٽ جي پاون وانگر چئن ڪنڊن تي هڪٻئي مٿان رکي، پاسن کان ٽي، ٽي ڪاٺيون ڪنڊيءَ جو آليون کوڙي، مٿان نوڙيءَ جا وراڪا ڏيئي قابو ڪند آهن، جن کي ”نُونڌ“ چون. وچ ۾ باهه جو مچ ٻارين. پنڊت ان ۾ گيهه ۽ ٻيون هَوَن جون شيون وجهي، ويد منتر چوندو آهي ۽ گهوٽ ڪنوار جو هٿيالو ٻڌي، چار ڦيرا انهيءَ مچ جي چوڌاري چونريءَ ۾ ڦيرائيندو آهي. پهرئين ڦيري زال اڳ ۾ ۽ مڙس پويان، ۽ پويان ٽي ڦيرا مڙس اڳ ۾ ۽ زال پويان. اهڙي طرح چئن ڦيرن کائڻ بعد ڪنوار گهوٽ جي ٿي چڪي. برهمڻ اٺ ڦيرا کارائين، چار ڦيرا رات جا، چار ڦيرا ڏينهن جا، ٻيا ساٺ سوڻ ٿوري ڦيرڦار سان سڀڪو پنهنجي رواج موجب ڪندو آهي. عورتون ان وقت گيت ڳائينديون رهنديون آهن. صبح جو رهاڻ ڪبي آهي، جتي کارڪون ورهائبيون آهن ۽ چانهه بعضي آفيم ورهائبو آهي.

ٺڪرن ۾ نياڻي ڄائي ته مائٽ مُٺا، ڇو ته بيٺل گهر پنهنجي نياڻي هميشه وڏن جاگيردارن کي ڏيڻ پسند ڪند آهن. اُنهن کي وري جيستائين چڱي چوکي رقم نه ملي (جنهن کي ٽيلو چون) تيستائين قبول نه ڪن. باقي وچولا ۽ غريب، گهڻو ڪري پنهنجون نياڻيون ڪڇ، واڳڙ، جوڌپور، جيسلمير ۽ ٿراد ڏي ڏيندا هئا، ڇو ته هي پنهنجي نک يا کانپ ۾ ڪونه ڏين. ڄڃ پرڻجي رواني ٿي ويندي ته ٿوري پنڌ تان گهوٽ موٽي ساهرن گهر ايندو، ان وقت کيس ساهرا پنهنجي هوند آهر اُٺ، گهوڙو يا ڪو زيور ڏيندا آهن نه ته پنهنجي ڌيءَ لاءِ سک نه سمجهندا آهن. انهن کي ”جهانپو جهورڻ“ جي رقم چوندا آهن.

اڇوت قومن جهڙوڪ مينگهواڙن، ڀيلن، ڪولهين وغيره ۾ بدي جو رواج ڪونهي. مٽي مائٽيءَ ۾ شادي ڪونه ڪن. ننڍپڻ جي شاديءَ جو رواج ڪونهي، ڇوڪرو ۽ ڇوڪري بالغ ٿيڻ بعد شادي ڪن. انهن جي شاديءَ جون رسمون گُرڙا پوريون ڪندا آهن. لگن به گرڙا نهاري ڏين. لکن چٽي ڪرڻ بعد مٽن ۽ عزيزن کي ڪوٺ ڌڏيڻ لاءِ چٺين لکڻ جو رواج گهٽ آهي، مگر پيلو سڳو وٽي، جيترا ڏينهن هوندا اوتريون ڳنڍون ڏيئي، سڀني کي موڪليندا، ان کي ”وهانءُ جو ڌڏورو“ چون. روزانو هڪ ڳنڍ ڇوڙيندا ويندا، تان جو پڇاڙيءَ واري ڳنڍ ڇوڙڻ وارو ڏينهن شاديءَ جو هوندو آهي. غريب قومون آهن، تنهنڪري شاديءَ تي خرچ ۽ ڏاج وغيره پنهنجي حال سارو ڏين، پر تنهن هوندي به ڪا گهٽتائي ڪانه ڪن. مينگهواڙ هڪ دفعي ڪيل مڱڻو ڪنهن به حالت ۾ ڪونه ٽوڙين، باقي ٻيا مڱڻو ٽوڙي به ڇڏيندا آهن. ساڳئي ڳوٺ، گوتر ۽ نک ۾ شادي ڪونه ڪن. شاديءَ جي تياري، مهارات، پارڻيت، ڄڃ ۽ ٻيون رسمون ٿوري ڦيرڦار سان هندن جهڙيون آهن. ڀيل ۽ ڪولهي بعضي بدو ڪندا به آهن ۽ بعضي بنا بدي به سڱ ڏيندا آهن.

 

ڇوڪريءَ کي ساهري گهر موڪلڻ

شادي ٿيڻ بعد جڏهن ڇوڪري ساهري گهر ويندي آهي، تنهن مهل مائٽن جو من ڀرجي ايندو آهي. ڇوڪريءَ کي رواني ڪرڻ وقت گهر جي ٻاهران موڪلائڻ لاءِ گڏ ٿيندا آهن، جتي ڪٽنب جي ڀاتين، ماءُ پيءَ، ڀائرن، چاچن، مامن، ڀاڄاين ڀينرن وغيره، هرهڪ سان ڇوڪري ڪنڌ ۾ ڀاڪر وجهي روئيندي آهي ۽ اُهي به روئي ڏيندا آهن. اهڙيءَ طرح پاڙي جي زالن مان به هرهڪ سان روئي موڪليندي آهي. ان مهل اهڙو روڌڻ ٿيندو آهي، جو جيڪر ڪو ڌاريو ماڻهو ڏسي ته ائين سمجهندو ته ڄڻ ڪو قضيو ٿيو آهي. مسلمان گهڻو ڪري پنهنجائيءَ ۾ پرڻائيندا آهن ته به روئي موڪلائڻ جو رواج آهي. پر هندن جي بنسبت گهٽ.

هندن ۾ ڇوڪريءَ کي روانو ڪري سندس سهيليون پٺيان ”ڏورو گيت“ ڳائينديون آهن، جو هڪ وڇوڙي وارو دل گهائيندڙ لوڪ گيت آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org