سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ ريگستان

(ڀاڱو ٻيو)

باب؛ 8

صفحو ؛ 10

 

باب اٺون

ٿر جا ڳوٺ

ٿر جا ڳوٺ ڪي ڀٽن تي، ڪي ڀٽن جي تڙڪول واري لاهه تي، ڪي ننڍن دڙن تي ۽ ڪي هيٺ ڏهرن جي سنئين زمين تي هوندا آهن. ڳوٺن جي بستيءَ جو مدار گهرن تي شمار ڪبو آهي. مثلاً جي ڪنهن کان پڇبو ته فلاڻو ڳوٺ ڪيڏو آهي ته جواب ملندو ته 10-12 يا 20-25 گهر آهن. ڪي ڳوٺ وڏا هوندا آهن، جن ۾ ٽي-چار سئو کن گهر هوندا آهن. ڪي ته ننڍا ڳوٺڙا آهن، جن ۾ 10-12 کن گهر مس هوندا آهن. ٻهراڙين ۾ چؤنرا، چونڪيون، منهه، ۽ ڪُڙهون (لانڍيون) هونديون آهن. ڪٿي ڪٿي مٽيءَ جا کڏ به ٺهيل هوندا آهن. ڳوٺن ۾ ڏسبو ته جدا جدا جهڳٽا گهرن جا هوندا، جو سڀ ڪنهن ذات جا ماڻهو پنهنجو جدا پاڙو ڪري ويهندا آهن. هاڻي ڳوٺن ۾ ڪافي سڌارو آيو آهي. ڪيترن ڳوٺن ۾ مٽيءَ جا کڏ بلڪ گهڻن هنڌن پڪ سِريون جايون به آهن. گهرن ۾ ڪجهه وڇوٽي ڇڏي چوڌاري لوڙهو ڏيندا آهن، جنهن کي هڪ يا ٻه دروازا هوندا آهن. ڀرسان هيٺاهين هنڌ تي کوهه هوندا آهن. گهڻن ڳوٺن ۾ ويريون به آهن. ڳوٺ جي ٻاهران ڍڳين جا وٿاڻ، اُٺن جون جهوڪون، رڍن ۽ ٻڪرين جا واڙا وغيره هوندا آهن.

 

ڳوٺن جا نالا

جيئن سنڌ ۾ ڳوٺن جي نالي پٺيان يا اڳيان، آباد، ٽنڊو، ڪوٽ، پور يا ٻيا اهڙا لفظ ڳنڍيل هوندا آهن، تيئن ٿر جي به ڪن ڳوٺن جا نالا اهڙيءَ طرح ڪن لفظن جي ملائڻ سان ٺهيل آهن، جيئن ته:

ڪي نالا ”هار“ پڇاڙيءَ تي ٺهيل آهن، مثلاً، چيلهار، سينهار، ڪاريهار، مالهار، ڏيڏهار، ويڙهار، کانکڻهار، ڪلڻهار، روڏهار، قمڙهار، اڙٻلهار، لونڊهار، ڦلڙهار، امرهار، وغيره،

ڪي نالا ”يار“ پڇاڙيءَ تي ٺهيل آهن، مثلاً صوڀيار، مالهيار، موڪڙيار، واوڙيار، گوڙهيار، سارنگهيار، نيڻيار، چاڙهيار، ويجهيار، گوڌيار، ڏيپيار ۽ راڙهيار، وغيره.

ڪن نالن جي پٺيان ”ري“ اکر هوندو آهي. جيئن ته، ٻلهياري، جاڳهاري، وينجهڻياري، سينگاري، پتنگياري، ميهاري، کيتلاري، ڪيتياري، گهرٽياري، وغيره.

ڪن نالن جي پٺيان ”ٻَهه“ لفظ ڏنل هوندو آهي، جيئن ته، ڳجڻاٻَهه، همڙاٻَهه، ويريا ٻَهه، سونل ٻهه، گُرڙاٻهه ۽ ڦلڙاٻهه وغيره.

ڪن نالن جي پٺيان ”لس“ لفظ هوندو آهي، مثلاً، گنگالس، ٻنڌڻالس، چوڻالس ۽ واريالس، وغيره.

ڪن نالن جي پٺيان ”سر“ لفظ هوندو آهي، جيئن ته رامسر، راوتسر، کينئسر، عالمسر، ڪڙڪاسر، لڪڙاسر، تڳوسر، سومراسر، راڻا سر، ڀوڏيسر، گوگاسر، ڪپوسر ۽ ڀيماسر، وغيره.

ڪن نالن جي پٺيان ”لو“ اکر هوندو آهي، جيئن ته ڀوريلو، ڄاريلو، رنگيلو، شولو، ٻاورلو، لپلو، ڍاڪلو ۽ ٻانڀڻلو، وغيره.

ڪي ڳوٺ تڙن، پارن ۽ ويرين جي نالن تي سڏبا آهن ۽ انهن سان گڏ تڙ، پار يا ويِري کڻائيندڙ جو نالو به ڳنڍيل هوندو آهي ۽ اهي ڳوٺ انهن جي نالي سڏبا آهن. ڪي گهڻا گڏجي کڻائيندا آهن ته پوءِ پنهنجيءَ ذات جو نالو ڳوٺ تي رکندا آهن، جيئن ته جهنجهئن جو تڙ، جهنجهي ذات جي مسلمانن جو کڻايل، دلن جو تڙ، دل ذات جي مسلمانن جو کڻايل. ڪي ماڻهو اڪيلا کڻائيندا آهن ته اهو ڳوٺ سندن نالي سڏبو آهي، جيئن ته تڙ احمد، احمد نالي مسلمان جو کڻايل، ميگهي جو تڙ، ميگهي نالي ورن ٺڪر جو کڻايل. اهڙيءَ طرح آدم جو تڙ، متاري جو تڙ، جيئندي جو تڙ، طالب جو تڙ، صالح جو تڙ، ڏاتر ڏني جو تڙ، پيلوءَ جو تڙ، وغيره.

ڪن ماڻهن جي نالي پٺيان سندن ذات به گڏيل هوندي آهي جيئن ته بنگل رند، سمو رند، ٻانڀڻو ڀيل، وغيره. اهي به ڳوٺن جا نالا آهن.

پنجن – ستن ويرين جي مجموعي کي چون پار. ڪي ڳوٺ انهيءَ نالي سان سڏبا آهن، جيئن ته جيسي جو پار، جيسي نالي راهمي مسلمان جو کڻايل، قبولئي جو پار، قبول نالي مسلمان جو کڻايل. اهڙيءَ طرح کيمي جو پار، اڳي جو پار، پيراڻو پار، وغيره.

ڪن نالن جي پٺيان ويري لفظ هوندو آهي، جيئن ته ڪاري ويري، واگهي جي ويري، ڪولهي ويري، گوگا ويري، ڪونڀي جي ويري، ليتا ويري، رامجي جي ويري، ڀڳتن جي ويري، وغيره.

ڪن کوهن جو پاڻي مٺو هوندو آهي ته ڳوٺن جي نالن ۾ مٺڙيو اکر گڏيل هوندو آهي، ۽ اهو کوهه ڪو ماڻهو يا ذات وارا کڻائيندا آهن ته ان جي نالي سڏبو آهي، جيئن ته مٺڙيو ڀٽي، ڀٽي ذات جي راجپوتن جو ڳوٺ، مٺريو چارڻ، چارڻن جو ڳوٺ، مٺڙيو ڪيلهڻ، ڪيلهڻ ذات جي راجپوتن جو ڳوٺ، مٺڙيو سوٽهڙ، سوٽهڙن جو ڳوٺ، مٺڙيو هاليپوٽا، هاليپوٽا مسلمانن جو ڳوٺ، مٺريو جوڻيجا، جوڻيجا ذات جي مسلمانن جو ڳوٺ، وغيره.

ٿر ۾ ڪي زالون به اهڙيون ٿي گذريون آهن، جي مردن جو مٽ هيون. انهن به پنهنجا تڙ کڻائي ڳوٺ ٻڌا، جي اڄ به سندن نالي تي سڏجن ٿا. جيئن ته مانٻائي جو تڙ- ڇاڇري کان 14 ميل اوڀر طرف آهي. مانٻائي نالي ذات جي سميجي تڙ کڻائي ڳوٺ ٻڌايو هو.

روپي جي ويري- ڳوٺ چيلهار کان 4 ميل اوڀر طرف آهي. روپي ذات جي ڀيلڻ هئي، جنهن اها ويري کڻائي هئي.

آسُو جي ڍاڻي-ڳوٺ ميگهي جي تڙ کان 4 ميل اتر طرف آهي. آسو ذات جي ڀيلڻ هئي، جا اتي ويري کڻائي پنهنجي ڍاڻي ٺاهي رهي هئي.

ٻيا به ڪيترا اِن قسم جا نالا آهن.

وانڍيون

ڪڏهن ڪڏهن ڏڪار وقت ڪٿي ڪو مال جو چارو سُجهندو، ته اتي مال ڪاهي ويندا يا وسڪاري جو ڪنهن هنڌ اڳ ۾ برسات پيئي ته اتي لُونکاڙ ٿيندي آهي. مال از خود اوڏانهن ڇڪ ڪندو آهي، تنهنڪري سائي تي ڪاهي ويندا آهن.

جهڙ ڦڙ جت ٿيا، اُت اُڏيائون پکڙا.

بعضي اڪيلا بعضي ٻه چار گهر گڏجي ٻارين ٻچين ويندا آهن.

اُٺي ويڙا اُڪري، مارُو مٿي موهه،

ماڻهو آهن مالدار، سو جتي مال سکي اتي پاڻ سکي. پنڌ جو خيال ڪونه ڪن. اهڙيءَ طرح چوڌاري ڳوٺن جا ڪيترائي ماڻهو مال سانگي اچي وانڍيون ڪري ويهندا آهن.

اُٺي اچن اُٿهين، وانڍن جون ويهون.

ڪڏهين ويجهو ڪڏهين پري به نڪري ويندا آهن.

کاروڙئا کڻي، ويڙهي جهپ ويا.

ماڻهن جي وڃڻ ڪري ڳوٺ جا کوهه ڪونه ورندا (استعمال ٿيندا) آهن ۽ ائين پيا هوندا آهن.

ڀنيءَ جي ڀوڻن، ڀيڄ ڀڻڪو نه سُڻان،

سَنجڻ واريون سُتيون، وڃي ويڙهه ورَن،

پي سيٽ سڙن، ترهي ٻنهي ڪنڌئين.

تنهنڪري ڀوڻن جي ڦرڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ ڪونه ايندو آهي. ماڻهو مال جي سانگي چاري تي جهنگ ۾ وڃي رهندا آهن ۽ ورت ويڙهي کوهه جي کوهڙ ۾ اٽڪائي رکي ڇڏيندا آهن ۽ پاڻ وڃي ڪنهن مٿانهين هنڌ ڪاٺيون کوڙي مٿان گاهه ڏيئي معمولي ڀونگو ٺاهي ويهن، جنهن کي ”وانڍ“ چون. اهڙيءَ طرح جڏهن سانگ ڪري ويندا آهن، تڏهن هن ريت گذاريندا آهن.

هن مند مارو سنرا، ڍنگهر ڍار رهن،

پاڻيءَ پوڄ پٽن ۾، پکي پاند پيئن.

اهي ماڻهو ٿوري وقت لاءِ ويندا آهن، جيستائين سندن سيم تي مينهن پوي، تنهنڪري اتي وڻن جا ڏار ۽ ٽار، سُڪل ۽ آلا گڏ ڪري انهن مان ڪچي ڀونگي ٺاهي ان جي ڍار يعني اجهي ۾ گذاريندا آهن. سندن ڀونگن جي ڀرسان برسات جو پاڻي جام پيو هوندو آهي، سوججهي چاهه سان پيئندا آهن، جو پلر پاڻي سندن لاءِ وڏي نعمت آهي.

پرهه جو پٽن تي، ڪن ولوڙا وايون،

مکڻ ڀرين هٿڙا، سنگهاريون سايون،

ساري ڏُهن سامهيون، ٻولايون رايون،

ٻانهيون ۽ ٻايون، پکي سونهن پاهنجي.

صبح جو ماين جي ولوڻن جا گهوگهاٽ پيا پوندا. مکڻ لاهي ٿانئيڪو ڪري رکنديون ته ايتري ۾ مال ايندو ته وٿاڻ ۾ وڃي هرڪا پنهنجي مال کي نول ڪندي: ٻولائي ٻولائي، رائي رائي، ماڻڪي ماڻڪي، ميٽي ميٽي، ڦُلرڪي ڦُلرڪي، وغيره، ته مقرره نالي واري مينهن، ڍڳي، ٻڪري ۽ رڍ ڊوڙندي ايندي، جا ڏهي، کير آڻي، سڀڪا پنهنجي پکي ۾ خوش پيئي گذاريندي.

آيو ڪير ڏيهاءُ، جنهن ڪر پُڇان خبرون.

جڏهن پري هوندا آهن، تڏهن اتفاق سان جي ڪو وطن کان ماڻهو آيو، ۽ اوسي پاسي وارا ٻڌندا ته پڇا ڪري مڙي اچي خبرون پُڇندا.

جو ٽيهه ڏاڏاڻيان آئيو، پيرين تنهن پُئان.

ان سان ڏاڍي محبت سان ڀاڪر پائي ملندا ۽ خوش خيرعافيت پڇندا.

ڪهه تڙ ڏيهائي، ڪٿي اُٺن مينهڙا.

نه فقط پنهنجي ڳوٺن بابت پر اوسي پاسي جي ڳوٺن جي برسات جا سماچار، ماڻهن ۽ سندن مال جي حقيقت به پڇندا آهن.

مٿي ٿر رهي، ويا گذاري ڏينهڙا.

جڏهن سندن وطن ۾ برسات پوي، ”وٺي جون خبرون واٽهڙو ڏين.“ هِڪا ڌُئا وڃيو ٻڌائين. مينهن ۽ موت جي خبر جهت پئجيو وڃي. ”ڪو اُگو اَڇَنو رهي“ (سج اُڀرڻ بعد ڪو لڪو رهي؟) ۽ جڏهن اهو ٻڌندا آهن تڏهن يڪدم مال ڪاهي روانا ٿيندا آهن. رواني ٿيڻ بعد ڀرپاسي وارا چوندا آهن ته:

مارُو منجهه ٿرن، رهي رندا ڪيترو.

جڏهن اباڻو وُٺو، تڏهين هرڪو هليو ويو، ”مينهن ۽ مهمان ڪيترو وقت؟“

وُٺي ٿي وراڻ، کينءَ واڌايون آئيون.

کين پري کان ايندي ڏسي مٽ مائٽ ۽ واقفڪار هڪٻئي کي مبارڪون ڏيندا آهن. ته فلاڻا اجهو ٿا اچن.

لَڏون لاٿيون اچي مارن، پڊن پنهنجن پراڻن ۾.

اچي پنهنجي وطن پهچندا آهن. وانڍون فقط وقتي هونديون آهن، پوءِ وري اصلوڪن ماڳن ڏي هليا ويندا آهن.

 

گوئر

ٻنيون ڳوٺن کان پري هونديون آهن. رات ڏينهن ٻني جو ڪم ۽ سنڀال ڪرڻي پوي ۽ مال لاءِ به سهوليت کپي، تنهنڪري روزانو اچ-وڃ جي تڪليف کان بچڻ لاءِ وسڪاري جو وڃي ٻنيءَ تي سهوليت سارو آسپاس جي ٻنين وارا ٽي-چار گهر گڏ بعضي اڪيلا ويهن، جنهن کي ”گوئر“ چون. اهو ماڻهو، جنهن جي ٻني ويجهي هوندي، ان جي نالي سڏبو: فلاڻي جو گوئر.

ڪنهن دري تي پارهائي سان چونرو، ڇَنو، منڏهيرو، ۽ سمهڻ لاءِ ڏينچي ٺاهي گذارو ڪن. ٿر ۾ جيتوڻيڪ مڇر ڪونه آهن ته به هن قسم جو جيت ٿيندو آهي، جو مڇر کان به ننڍو آهي، ان کي ”ڪُتِ“ چون، جو مڇر وانگر چڪ پائيندو آهي. اُهو گهاٽي گاهه ۽ هيٺانهين هنڌ تي، جتي هوا گهٽ هوندي آهي، اتي ٿيندو آهي، تنهنڪري ماڻهو دَڙن تي رهن، چونرن کي دروازا ڪونه چاڙهين، ڪنهن وڻ جو ڍنگهر آڏو ڏيو ڇڏين.

رات جو چوڌاري ڏسبو ته دڙي دڙي تي ڏياٽي پيئي ٻرندي، جيئن آسمان ۾ ٽڙيل تارا ڏسبا آهن.

اتي فقط پاڻيءَ جي تڪليف ٿيندي آهي، سو ويجهڙائيءَ واري تلاءُ يا کوهه تان ڪوڏ ڪري ڪاهي وڃي گڏهن تي جنڊا (ٿري ’جنترو‘ چون) ڀري کنيو اچن. ٻنين جي ڪم لهڻ بعد موٽي اچن.

پايو جَر جنڊن ۾، ڪوڏا ڪن ڪُهُون.

 

ڍاڻِيون

ٿر جا ماڻهو مالدار آهن. جهنگ ۾ مال کي هرڪا سهوليت ٿئي، تنهنڪري ڪيترا ماڻهو اول وڃي اجهو ٺاهي ويهن، پوءِ سَٺو ڏسي ڪوشش ڪري پنهنجي ويري يا کوهه تيار ڪن.

ببر کنيائون بَر ۾، پيارين پَهُون.

پوک ۽ مال جو سک، ٻيو ڇا کپي، ائين سدائين ويهو رهن، ان کي ”ڍاڻي“ چون. پارڪر ۾ وانڍيا چون. ائين ڪيتريون ئي ڍاڻيون آهن. مالدار ماڻهو شهرن کان ٻاهر رهڻ پسند ڪن. پاڻي ۽ مال جو سک ڏسي ٻيا به اچيو ويهن ۽ ڳچ گهر ٿيو پون، ۽ ڍاڻيون ٺاهي ويٺا آهن، جي سندن نالن پٺيان سڏجن ٿيون. جيئن ته کيتي جي ڍاڻي، پنهونءَ جي ڍاڻي، الياس جي ڍاڻي، وغيره. اهي ڍاڻيون پوءِ آهستي آهستي ڳوٺڙا به ٿيو وڃن.

 

گهر

ٿر جي وڏن ڳوٺن عمرڪوٽ، مٺي، ڇاڇري، ننگرپارڪر، اسلام ڪوٽ، ڏيپلي، چيلهار، گڍڙي ۽ ڪانٽئي وغيره ۾، جتي ڪيترا ماڻهو شاهوڪار، پڙهيل ۽ واپاري آهن، سي سُکيا سهنجا، سڌريل پوشاڪ ۽ رهڻي ڪهڻي به سُٺي. اتي گهڻيون جايون پڪ سريون آهن، جن ۾ گرڊر، ٽيئر ۽ چونڪا ڪم آندل آهن. مٿان ٻنا رکن، جيئن برساتي پاڻي چوڌاري نارا ڪري نه هلي. اڳ ۾ نيسارا رکن، جتان پاڻي وهي. هيٺان چوڪن جو فرش وجهي، سيمينٽ جون درزون جهلي ڇڏين، ۽ اندران ماري سان گوٻري چون، جو راڳو لسو ٿيندو آهي. هوا لاءِ دريون، بادگير ۽ مٿان منگهه رکن. اندر سامان رکڻ لاءِ ڪٻٽ ۽ جارا رکن. ڪمرا، ورانڊا، ڪاڪوس، غسلخانا رنڌڻو وغيره هوندا آهن. جاين تي چڙهڻ لاءِ سرن جون ڏاڪڻيون ٺاهين. ڏاڪڻ کي چڙهڻي يا چاڙهي ۽ ڏاڪڻ کي پيڍليون ۽ پگٿريون چون. ڪي شاهوڪار ماڙيون ٺهرائين، جن کي ٿري ”ميڙهي“ چون. ڪي ڪي جايون ٽي ماڙ بلڪ چار ماڙ به آهن. ڪي گهرن ۾ پڪين سرن ۽ سيمينٽ سان پاڻيءَ جون هوديون به ٺهرائين، جن ۾ برساتي يا کوهن جو پاڻي وجهي رکن، جو ڪيترا ڏينهن ڪم اچي.

چوڌاري ڀتيون ڏيارين، جنهن کي ”چوبتيون“ چون. لنگهه لاءِ هڪ يا ٻه دروازا رکن، جن تي ڪي دروازا چاڙهي ڇڏين. دروازن جي پاسن مان هرهڪ کي ”پاهيو“ چون. ڪي اڱڻ ۽ موزون هنڌ تي اڍائي فوٽ کن چورس سيمينٽ جو چوڪو ٺهرائي ڇڏين، جنهن تي ڪپڙا ڌوئين ۽ غسل ڪن. ڪي انهيءَ ڪم لاءِ چپٿرو ڪاٺ جو بنڊ ڪم آڻين، جنهن کي ”ڌوپ“ چون، ڇو ته ٿري ماڻهو بند ڪوٺيءَ ۾ غسل ڪرڻ بجاءِ کُلئي هنڌ غسل ڪرڻ پسند ڪندا آهن. چوپيتي ۾ ڪٿان لاهي ٺهرائي ڀت مان نارو رکن، جيئن برساتي پاڻيءَ جو نيڪال ٿئي.

موزون هنڌ تي هڪ ڪوٺي الڳ ٺهرائيندا آهن، جنهن کي اوطاق چون. ان جو لنگهه ٻاهران هوندو آهي، جيئن اندر ويٺلن جي نظر گهر اندر پئجي نه سگهي، جا مزمانن لاءِ ڪم ايندي آهي.

سامان سڙي لاءِ جدا ڪوٺي ٺهيل هوندي جنهن ۾ بچت ۽ فالتو سامان رکبو آهي. ڪي ماڻهو اناج رکڻ لاءِ ڪوٺيون ۽ مٽيءَ جون گُنديون ٺهرائن، يا ٿورو هوندو آهي ته ڳوڻيون ڀري رکي ڇڏين. اهي جايون سڀڪنهن جي پنهنجي ملڪيت آهن. ڪن وٽ صرف رهڻ لاءِ گهر هوندو آهي ته ڪن وٽ وڌيڪ جايون به هونديون آهن، جي مشواڙ تي ڏيو ڇڏين.

ٿر جو گهڻو عوام ٻهراڙي ۾ رهي، جتي غريب طبقو ججهو آهي. شهرن ۾ به ڪافي غريب آهن. منجهانئن ڪن وٽ چار ڏوڪڙ سرس آهن ته به پوشاڪ، کاڌو پيتو ۽ رهائش سڀني جي سادي. شهرن ۾ توڙي ٻهراڙين ۾ مڇيءَ مانيءَ وارا ماڻهو ڪچين سرن جي ڀتين سان کڏ ٺاهين. دروازن تي ڪمانون ڪونه ڪن، مگر مٿان مضبوط ڪاٺيون رکي ان تي اوساري ڪن، جن کي ”ڇنبڀڻ چون. ورلي ماڻهو چوگٺ هڻي ٻه تاڪا دروازا چاڙهين، پر گهڻا هڪ تاڪو دروازو چاڙهين. انهيءَ حالت ۾ مٿان، هيٺان ۽ پاسي کان ڪاٺيون ڏين. مٿئين ڪاٺيءَ کي ”سرڌڙ“، هيٺئين کي ”ٿرڪڻ“ يا ”چَئوئاٽ“ ۽ پاسي واري ڪاٺيءَ کي ”ٻارساک“ يا ”ڪُهنٽا ٻانهه“چون، جنهن ۾ لوهه جو ڪُنڍو (ڪُهنٽيو) هڻائي، ان ۾ دروازي جو ڪڙو (ڪُهنٽو) قابو ڪن.

ڇت تي ڪاٺيءَ جا شهيتر رکن، جيڪونڀٽ ۽ ڄار جي ڪاٺيءَ جا ٿين. روهيڙي جي وڻ جا شهتير سُٺا آهن، پر اڻلڀ آهن. کُٻڙ جي ڪاٺي چيڙهي آهي، گهڻي بار سبب ڀڄندي ڪانه، پر مُڙي پوندي ۽ کيس سُرو يا اُڏوهي بهڪانه لڳندي آهي، جنهنڪري گهڻو جهَلو ڪندي آهي، تنهنڪري ماڻهو پسند ڪندا آهن. سُرو هڪ جيت ٿيندو آهي، جو ڪاٺين کي کائيندو سنها سنها ٽنگ ڪندو ويندو آهي ۽ اُڏوهي ته صفا کائي مٽي ڪري ڇڏيندي آهي، ان جي بچاءُ لاءِ ماڻهو ڪاٺي جا ڇيهه، (ڇيڙا)، جي ڀتين تي رکبا آهن، تن کي گاسليٽ ۽ ڏامر لڳائيند آهن. شهيرن تي پٽيون رکندا آهن، جي اڪ، ڪرڙ يا کٻڙ جي وڻ جون ٿينديون آهن. سڀني کان ڪرڙ جي ڪاٺي سُٺي ۽ جهولائو آهن. کٻڙ مُڙندڙ آهي ۽ اڪ کي اُڏوهي جلد وٺندي آهي، سو لاچار ٻي ڪاٺي نه ملڻ جي حالت ۾ ڪم آڻبو آهي. مٿان تڏا ۽ مُرٽون يا کپ يا ڪي ته صرف کپ ڪم آڻيندا آهن، جي جهنگ مان وڍي ايندا آهن. مٿان مٽيءَ سان لنبي ڇڏين. چوڌاري مٿان ٻنون ٻڌي اڳ ۾ نيسارا رکن، جن کي ”پرنارون“ چون. پڄنديءَ وارا پرنارون لوهه جون ۽ غريب مٽيءَ جون وجهن، جي ڪنڀر ٺاهيندا آهن. ڪي سرياند ڪاٺيءَ جي شهتير بدران لوهه جون هلڪيون ريليون چاڙهين. ڪي ورانڊا به ٺاهين. جدا رنڌڻو ۽ ڪچو چوڀيتو ڏين يا پاسن کان ٻين جون جايون اچيو وڃن. ٻن ڪاٺين ۾ ڇڊا ڏاڪا وجهي دروازي کي قابو ڪن، جنهن کي ”ڪَڙو“ چون.

ٻهراڙين ۾ غريب ماڻهو چونرا ٺاهين. مٽيءَ جي سرن جي گول ڪچي ڀت ٺاهين، جنهن جو قطر اٽڪل 12-14 فوٽ يا وڌيڪ ٿئي، هن کي ”پارِهائي“ چئبو آهي. ڪي ڪاٺين جي به ٺاهين. هڪ هنڌان دروازو رکن، جنهن جي مٿان مضبوط چور ڪاٺي گهڙي ڏيئي، مٿان به ٻه ٽي هاريون سرن جون ڏين، جي دروازي جي ٻنهي پاسي ٽي-چار فوٽ اڳتي وڌائي ڇڏين، جيئن اڳيان ٻُنڀا ٻيءَ ڀت کان ڪجهه مٿڀرا ٿين. چار ڪاٺيون ڊگهيون، جن جي ٿلهن ڇيڙن مان هڪ ۾ ٽنگ ڪري ٻي ڪاٺيءَ جو ڇيڙو سنهو ڪري، ان ۾ وجهي، ان جي پٺيان وري سنهي ڇيڙي ۾ ٽُنگ ڪري، ڪاٺي ٽڪرا اٽڪائين، جنهن کي ”اُڙلي“ چون، ته ڪاٺي ان مان نڪري نه سگهي. اهڙا ٻه جوڙا تيار ڪري ڀت تي چئني پاسن کان رکي مٿان گڏي اٽڪائين ته مخروطي نموني تيار ٿي بيهي. هيٺيان سنها ڇيڙا ڀت تي ٻاهران اچن. انهن کي ”ڌوري مَلَ“ چئبو آهي. ”ڌوري“ معنيٰ هي ڪُونڀٽ ۽ کٻڙ جي ڪاٺيءَ جا ٿيندا آهن. اندرئين پاسي ٻه-اُچائي فوٽ مضبوط ڪاٺيون مَل جي ڇيڙن کان سامهيون ڏيئي نوڙين سان مضبوط ٻڌي ڇڏبيون آهن. جيئن مَل قابو رهن ۽ هيٺ نه کسڪن ۽ ڀت تي بار سَريکو رهي. انهن ڪاٺين کي ’هُڙها‘ چئبو آهي.

مَلن جي چوٽيءَ کان اڍائي فوٽ کن هيٺ چوڌاري چار ڪاٺيون مَلن سان مضبوط ٻڌي ٻن – ٻن ميلن جي وچ ۾ ٻه – ٻه ڪاٺيون رکندا آهن، جن جي ڇيڙن ۾ به اڙليون لڳل هونديون آهن، جي مٿين آڏين ڪاٺين ۾ اٽڪائي ڇڏيندا آهن. اهي اٺ ڪاٺيون هونديون آهن، تنهنڪري انهن کي ”اَٺِڙيا مَلَ“ چئبو آهي. بس، هاڻي بوتو مضبوط ٿي پوندو آهي. پوءِ سنهيون ڪاٺيون، جن کي ”کوُنٽا“ چئبو آهي، سي ڏيئي نوڙين سان قابو ٻڌي تيار ڪندا آهن. پوءِ چوڌاري هيٺان سِڻ ڏيئي مٿان ڪانا يا مُرٽون رکي نوڙيءَ سان قابو ڪندا ويندا، جيئن گول دائرو پورو ٿئي، ان کي ”ڪِڙڇهَ“ چئبو آهي. ٽي فوٽ کن ڊگهي ڪاٺيءَ جو هڪ ڇيڙو سنهو ڪري، ٻئي ڇيڙي ۾ نوڙي اٽڪائڻ لاءِ ٽنگ ڪندا آهن، جنهن کي ”سوُنهڻ“ چئبو آهي. اهو سُئي سان مشابهت رکندو آهي. ٽُنگ ۾ نوڙي وجهي گاهه ۾ ٽنبي اندرئين پاسي ڇڪي وٺندا. وري نوڙيءَ جو اندران ڪنهن ڪاٺي ۾ وراڪو ڏيئي ٽوپي ٻاهر ڪڍندا ته نوڙي ڌاڳي وانگر پيئي ايندي. ائين سمورا ڪک قابو ٿي ويندا.

پوءِ سڄي چونري جي مٿان سِڻ ڏيندا، جي ڏپ کاڌل هوندا، ان ڪري اندريون پاسو لسو بيهندو، جنهن کي ”لوءَ“ چوندا آهن، يعني سِڻ  جي لوءَ. ان جي مٿان مُرٽون ڏيندا، يعني مُرٽن جي لوءَ سِڻ يا مُرٽون اهڙيءَ طرح ڏيندا جو انهن جا گوڍ اندر لڪا رهن ته بدزيبا نه لڳن. پوءِ گاهه جي مُچي ۾ ڪاٺي وجهي مٿان نوڙيءَ سان گول وراڪا ڏيئي هيٺيون اڌ چونري جي چوٽيءَ ۾ کوڙي پاسن واري گاهه کي کنڊيري چوڌاري پکيڙي ڇڏيندا. هن کي چونري جي ”سُرٽِي“ چوندا آهن. سُري جي چوڌاري نوڙيءَ جو گول ”سُوٿيو“ رکي ان ۾ پندرهن – ويهن نوڙين جا ڇيڙا قابو ڪري چوڌاري چوني تي ڦهلائي ڪڙڇه وٽ هرهڪ ڇيڙو سُنهڻ سان اٽڪائي ٽنبي اندر ڪڍندا، انهن کي ”ڏوريا“ چئبو آهي. پوءِ ڏورين کي اندران چڪ ڏبي ۽ چوٽيءَ تي ويٺل ماڻهو ڊگهي ڪاٺيءَ سان مٿان گاهه کي ڌڪ هڻندو ويندو. جيئن ڇڪ جو زور ڦٻي پوءِ اندران ڪنهن نه ڪنهن ڪاٺيءَ سان ٻڌي ڇڏبو. اهڙيءَ طرح سڀيئي نوڙيون ٻڌبيون، انهن کي ڏوريا – ٻڌڻ چئبو آهي. ڪک ڏيڻ کي ”ڇاجو“ چئبو آهي. ڪک ڏيندڙ کي ”ڇاجارو“ چئبو آهي. سڀڪو ماڻهو ڪک ڏيئي ڪونه سگهندو آهي، اهڙا ٿورا ڄاڻو ماڻهو ٿيندا آهن، جن کي ڪوٺي اچبو آهي. مزدوري جو رواج ڪونهي، ماني کارائبي آهي. ڪسر رهي ڪانه، ڪڏهن هُن کي به مدد ڏيندا آهن. اهڙيءَ طرح چونرو تير ڪبو. چونرو اونهاري جو ٿڌو ٿيندو آهي ۽ رهڻ لاءِ فرحتي آهي. برسات وقت ڪِرڻ جو ڊپ نه رهندو آهي. غريب ماڻهو الڳ رنڌڻو ڪونه ٺاهين، چونرن ۾ ئي رهن ۽ رڌپچاءُ جو به ڪم اتي ڪن. اندر باهه ٻارڻ ڪري جيڪو دونهون ٿيندو آهي سو ڪکن مان نڪريو وڃي ۽ دونهي جي ڪري ڪاٺين کي سُرو يا اُڏوهي به ڪانه لڳي.

نوڙيون سڻ ۽ کپ مان وٽبيون آهن، جي جهنگ ۾ عام آهن. سِڻَ يا کِپ وڍي روزانو ٻه-ٽي نوڙيون وٽي رکندا ويندا. ترت ضرورت هوندي ته کپ وڍي گهر آڻي نوڙيءَ جيترا مُچا تيار ڪندا، جنهن کي ”پُورِي“ چوندا آهن. پوءِ هرهڪ ماڻهوءَ کي هڪ هڪ ”پوڙي“ ڏيندا. اڌ ڪلاڪ اندر نوڙيون تيز ٿي وينديون. سڪل سِڻن يا کپن کي پُسائي ٿورو وقت رکي ڇڏيندا ته نرم ٿيندا. پوءِ نوڙيون تيار ڪبيون، جي گول وِڙهي سُٿيا ٺاهي رکي ڇڏيندا ته نرم ٿيندا، پوءِ نوڙيون تيار ڪبيون، جي گول ويڙهي سُٿيا ٺاهي رکي ڇڏبيون، ضرورت وقت ڪم آڻبيون. رکڻ ڪري سُڪي وينديون آهن، تنهنڪري ڪم آڻڻ وقت پاڻيءَ ۾ پُسائي، اڌ ڪلاڪ پُسيل واريءَ ۾ رکي ڇڏبو ته نرم ٿي پونديون، پوءِ ڪم آڻين، ڇو ته سُڪل نوڙيون ڀُري پونديون آهن.

چار ڪاٺيون کوڙي مٿان آڏوريون ۽ ڪي ارکي گاهه وجهبو آهي، هن کي ڇَنو يا ”منڏهيڙو“ چون، جو ويهڻ ۽ پاڻي رکڻ جي لاءِ ڪم اچي. اونهاري جو پاڻي ڇانو ۾ نه رکبو ته تپي گرم ٿي پوندو. ڪي پاڻي رکڻ لاءِ جدا ڇانهولو ٺاهيندا آهن، جنهن کي ”پڻهارو“ چئجي.

مٽيءَ جي ڇهه فوٽ کن اوڍي چورس يا مستطيل ڀت ٺاهي ڊيگهه مان هڪ هنڌان دروازو رکن. ويڪر وارا ٻئي پاسا ٽڪنڊي وانگر مٿي ڪن. ٻنهي پاسي هڪ هڪ سر گهٽائيندا وڃن. جيئن چوٽي ٿي بيهي. هرهڪ پاسي کي ”ڪرهو“ چون. پوءِ ٻنهي ڪَرهن جي وچ ۾ ڊگهي ڪاٺي رکي ان تي ڪايا (کونٽا)  ڏيئي مٿان گاهه وجهي نوڙين سان قابو ڪن. شڪل ۾ رائنٽي جهڙي ٿيندي آهي. ننڍيءَ کي چونڪي ۽ وڏيءَ کي ڪُڙههَ چون. ڪي انهن کي نانڍي (لانڍي) چون.

ڪي ماڻهو ڪُڙهه جي ڇاڄي جي مٿان مٽيءَ جو راڳو به ڏيئي ڇڏي. چونرن، لانڍين، ڪُڙهن ۽ چونڪين جون ڀتيون، جي ڪَچين سِرن جون هونديون آهن، تن جي مٿان ۽ ڱُڏن جي ڀتين ۽ ڇت تي سال بسال يا ٻئي ٻئي سال مٽيءَ جو راڳو ڏيندا آهن.

مُرٽن يا ڊَڀَ يا سيڻ جي ڪُهاڙيءَ سان سنهي ڪُتر ڪري، يا ٻاجهري جي ٻُري، گڏهه جي ڪُٽيل لڏي، مٽيءَ سان ملائي ڳوهي چَلهو ٺاهي ڇڏين. روزانو ان ۾ پاڻي وجهندا رهن، جيئن چَلهو سُڪي نه وڃي. ٽن-چئن ڏينهن بعد اها مٽي سَڙي نرم ٿي ويندي آهي، تڏهن وري ڳوهي راڳو ڏيڻ، جنهن کي ’پڪو راڳو‘ چون.

جاين جي اندران انهيءَ راڳي مٿان وري مٽي ڳوهي زالون هٿ سان راڳو ڏين، جيئن پڪو راڳي وارا ڪک وغيره لڪي وڃن. ان بعد اَڇي مٽي، جا ٿر جي ڪن هنڌن تي لڀي ٿي، سا جي هٿ اچي ته اها پٽڙي ڪري اڳڙي ٽڪر ٻوڙهي ان سان پوچي وانگر هٿ هڻن ته لسو ۽ صفا بيهي، هن کي ”پوٿو“ چئبو آهي.

گهر جي چوڌاري کوُنٽا ۽ ڍنگهر کوڙي ڪَنڊن جو مضبوط لوڙهو ڏين. لوڙهي لاءِ ٻيڙيءَ جا ڪنڊا ڪم آڻين، جي لوڙهي جي ڏانو جا آهن. ٻَنين ۾ سياري جو پَلي وڍڻ وقت ڪنڊا جام ٿيندا آهن، انهن جا اوپاڙا (ڪنڊن جو ڍڳ) ٺاهي ٻياني (ٻيئي) سان مٿي تي کنيو اچن. بعضي اُٺن تي به آڻين، جن کي ”ڀينٽارا“ چون. صبح جو ماڪ پوڻ مهل لوڙهو تيار ڪن، ڇو ته ان مهل ڪنڊن ۾ سيڪ هوندو آهي، جنهنڪري ڀُرندا ڪونه آهن. لوڙهي جي اندر اُٺ ويهارڻ، ڍڳين ڏهڻ، گابن ۽ ڇيلن ٻڌڻ لاءِ جاءِ جو وينٽ اڳ ۾ ئي ڪن، انهيءَ کي ”ويڙهو“ چون ۽ ڪي ”پرويٽ“ به چون. انهيءَ ويڙهي ۾ ڪنهن گوشائتي هنڌ سڻن ۽ مُرٽن سان لوڙهو ڏيئي ”ويڙهيو“ ٺاهين، جو ناناني لڏي جي اُٿڻ ويهڻ ۽ سنان لاءِ ڪم اچي، ڪاڪوس جو ٻهراڙين ۾ رواج ڪونهي.

جاين جي اڳ ۾ خلاصو اڱڻ ڇڏين. جاين ۽ اڱڻ ۾ ڍڳي جي ڇيڻي ان اوٽو وجهن. ڍڳين جو ڇيڻو آڻي، مٽي وجهي، گڏي ڳوهي ٻه زالون آمهون سامهون ويهي، واريءَ گڏي، هٿن سان مهٽي، ڀُرڳڙ ٺاهين، جنهن کي ”ڀِڳروڙا“ چون. ڇوءِ پٽ تي پٿاري، پاڙي جي ٻارن کي ڪوٺي پيرن سان لتاڙين ته اوٽو تيار ٿيو پوي، جو ڇهه مهينا کن هلندو آهي.

لوڙهي کي دروازو ڇڏين. ان جي ٻنهي پاسن کان مضبوط ڪاٺيون کوڙي ڇڏين. رات جو ڪُونڀٽ جو ڍنگهر ڏيئي ڇڏين، جنهن کي ”کڙاهه“ چون. ڪي ماڻهو ارڻيءَ جي ڪاٺين جو، ڪي موراڙيءَ جي ڍنگهرن جو جهانپو ٺاهي ڏين. ڪي ٻنهي پاسن ڪاٺين جون ٿوڻيون کوڙي مٿان آڏي ڪاٺي ڏين، جنهن کي ”اَرلي“ چون. اهو هڪ قسم جو بچاءُ آهي: پنهنجو مال وغيره به اندر قابو رهي ۽ ٻاهريون دخل به نه ٿئي. دروازي کي ”مونهگڙو“ چون، يعني جنهن ۾ مُنهن وجهي گهڙجي.

ٻهرارين ۾ ڪوٺيون يعني کُڏ گهڻا ڪونه ٺاهي، البت ننڍڙا ڪڍين سِرن جا، ڪوٺين جي نموني کُڏ ٺاهين، نه ته گهڻو ڪري سڀ چونرا، چونڪيون، منڏهيڙا ۽ ڪُڙهه ٺاهين. ڪي ماڻهو آئي وئي مزمان مّڙي لاءِ جدا چونرو يا ڪَڙهه ٺاهين، جنهن کي مسلمان ۽ ٺڪر ”اوتارا“ ۽ مينگهواڙ ”دکاڻ“ چون.

هروڀرو ٻهراڙين ۾ ڪي سڀيئي غريب ڪونه آهن. ڪيترا مسلمان زميندار، رئيس، وڏيرا ۽ سيد، شاهوڪار آهن، جي رهڻ لاءِ پڪيون جايون جوڙائين ۽ سندن اوطاقون ۽ اوتارا به آهن. لوڙهي اندر نم، ڪنڊا، ٻيريون ۽ ٻيا وڻ پوکين ته ڇانو ٿئي. اونهاري جو پاڻ ڇانو ۾ ويهن ۽ وقتي مال به ڇانو ۾ ويٺو رهي.

 

گهر اَڏڻ ۽ رهڻ لاءِ سوڻ

قديم زماني کان وٺي هندن ۾ رواج آهي جو اڄ تائين هلندو اچي. نئين جاءِ ٺهرائڻي هوندي ته پهريائين ٻانڀڻن ۽ گرڙن کان پڇندا آهن، جي ٽپڻو ڏسي ڏينهن، تت، تاريخ ۽ وقت وغيره مقرر ڪري ڏيندا آهن. پوءِ ان موجب زمين صفا ڪري، مقررڏينهن ۽ ٽائيم تي بِنَهه يعني بُنياد جي سِر رکندا آهن. هن کي ”رانگ ڏُهڻ“ چئبو آهي.

هڪ مٽيءَ جي لوٽِي پاڻيءَ سان ڀري، ان ۾ سون جو تُس (ذرو)، ٽامي جو پئسو، چانورن جا داڻا، ڳڙ جو ذرو وجهي اها لوٽي سر جي هيٺان زمين ۾ پوربي – اهو شڀ سوڻ سمجهندا آهن ته انهيءَ گهر ۾ اناج، پئسي ۽ سون جي ڪمي نه رهي. ساڳئي وقت هوند سارو کاڏو تيار ڪري نياڻين برهمڻن،. گرڙن ۽ معصوم ٻارن کي کارائبو آهي. رانگ ڏُهڻ بعد باقي جاءِ ڪڏهن به جوڙي سگهجي ٿي. عام طرح هوليءَ جي ٻئي ڏينهن ڌوُڙيلي (ڌوڙئي) جي صبح جو جاءِ جي رانگ ڏهڻ سڀ سمجهبو آهي. ان لاءِ پُڇڻ جو ضرور ئي ڪونهي. چيٽ ۽ پوهه جا مهينا نڀاڳا سمجهبا آهن. انهن مهينن ۾ نڪو جاءِ جو بنياد وجهن، نڪو تيار ٿيل جاءِ ۾ ويهن.

اڄ به وڏن شهرن ۾ وڏين بلڊنگن جا بنيادي پٿر رکڻ، واهن ۽ بندن جا افتتاح ڪرائڻ لاءِ ڏينهن ۽ وقت مقرر ڪري، وڏن ماڻهن کان اها رسم ادا ڪرائي ويندي آهي.

جاءِ تيار ٿيڻ بعد رهڻ لاءِ به وقت، ڏينهن وغيره پُڇي، نياڻين، برهمڻن، گرڙن، ساڌن، فقيرن کي کارائي، هوم هَوَنَ، گيتا جو پاٺ ڪرائي، دان پڃ ڪري يا مٺاڻ ورهائي پوءِ ٽپڙ رکبا آهن. ڪو غريب هوندو ته ٻي- ٽي نياڻيون کارائيندو يا ڪجهه پتاشا يا ڳڙ ورهائيندو.

مسلمان به سڳورو ڏينهن نهاريندا آهن. جاءِ اڏڻ يا ان ۾ رهڻ لاءِ جمعي جو ڏينهن سڳورو سمجهن ۽ پُڄت آهر خيرات ڪن.

 

گهر جي صفائي

ٿر ۾ ڪن سيدن، زميندارن، رئيسن، وڏيرن، شاهوڪارن ۽ ڪامورن وٽ گهرن ۾ عورتون آهن، جي ٻُهاري ڏيڻ، جنڊ پيهڻ، رڌڻ پچائڻ، باسڻ برتن ملڻ پاڻي ڀرڻ وغيره گهرو ڪم ڪن. اهي ڪي ٻانهيون يا پگهاردار نوڪرياڻيون ڪونه آهن، پر جيڪي غريب ماڻهو انهن کان قرض وغيره کڻندا آهن يا سندن ٻنيون پوکيندا آهن ته انهن جون زالون وڃي اهو ڪم ڪنديون آهن. ٺڪرن وٽ بجير (گولا) ۽ بجيرياڻيون (گوليون) آهن، جي انهن وٽ گهرو ڪم ڪن، باقي سڄي ٿر جا عوام گهر ۾ نوڪر ڪونه رکن ۽ سڄو ڪم زالون ڪن.

صبح جو سوير اُٿي سڀڪا عورت پنهنجي گهر جي جاءِ ۽ اڱڻ جو ڪچرو باسيندي (ٻُهاري) سان ڪڍي هڪ هنڌ گڏ ڪندي آهي. گند کي سُمٿ چون، يعني نڀاڳ. گند جو هئڻ نڀاڳائيءَ جي نشاني سمجهن، تنهنڪري سويرَ صبح اُٿي پهريائين صفائي ڪن. جيڪا زال اهو ڪم نه ڪري ۽ گهر گند سان ڀريو پيو هجي، ته ان زال کي چون اَليڪَ ري يا ڇاڏهول، يعني چَسِي، بي سُرت، وغيره.

باسيندي برينڇ نالي گاهه مان ٺاهين، جو وسڪاري جو ٿر جي ڀڀٽن جي پاساڙين ۾ ٿيندو آهي. اُهو سائو يا سُڪل پٽي رکي ڇڏبو آهي، جو ضرورت وقت ڪم اچي.

باقي چوڀيتي يا لوڙهي اندر گهر جو ڀاڱو، جنهن کي پرويٽ يا ويڙهو چون ۽ جتي واري هوندي آهي، اتي ٻوهنگري سان گند ميڙي گڏ ڪبو آهي، ٻوهنگرو لپ يا سڻ مان ٺاهيندا آهن. ڇا ڪن، جو کپ يا سِڻ جهنگ مان آلو وڍي، اڻي، مُچو ڪري هڪ پاسي مضبوط رسيءَ سان ٻڌي ڪنهن ڳوري ڪاٺ جي بنڊ هيٺان ڏپ ڏيئي رکي ڇڏين. ٻن- چئن ڏينهن بعد سڪڻ کان پوءِ ڪڍن، ان کي ”ٻوهنگرو“ چون. هي باسيندي کان مضبوط ٿيندو آهي. پرويٽ ۾ ٻڪرين جون ڦولهڙيون، گانين ۽ گَابن جي ڇيڻي جا ٽڪر، اُٺن جا ڦولهڙا، ڪک ڪانن ۽ ڪاٺين جا ٽڪر يا ٻيو اهڙو گند هوندو آهي، جيڪو باسيندي سان ميڙي نه سگهبو آهي، ان لاءِ ٻوهنگرو وڌيڪ ڪارائتو آهي. پوءِ ميڙيل گندکاري ۾ وجهي کڻي وڃي گهرن جي ٻاهران کلئي هنڌ تي اُڇلبو آهي، ڀروارا گهر ائين هڪ هنڌ گند اُڇليندا ويندا آهن. انهيءَ هنڌ کي ”اُڪيرڙي“ چون. ڍير ٿيڻ بعد بعضي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org