سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ٺٽي جا قديم اسلامي يادگار

باب؛ 3

صفحو ؛ 9

 

باب ٽيون

سما دور جا پراڻا يادگار

ڄام نظام الدين جو مقبرو

تاريخي پسمنظر: سما خاندان جي مقبول ۽ محبوب حڪمران ڄام نظام الدين جي مقبري جي تاريخ سندس مقبري تي اُڪيريل آهي،1  پر مؤرخ، سلطان نظام الدين جي اٽڪل 50 سال حڪمرانيءَ جي عرصي تي متفق نه آهن، جيڪو پندرهين صديءَ جي پوئين اڌ ۽ سورهين صديءَ جي شروعاتي سالن تي ٻڌل آهي. سلطان جي پٽ السلطان الاعظم و الخاقان العادل الاڪرام ناصر الحق الدنيا والدين ابو الفتح سلطان فيروز شاهه جي دعويٰ ۾ شڪ ڏيکاريو ويو آهي، ڇاڪاڻ جو عربي لکت موجب مقبري جي اڏاوت هن جي نالي ٿيل آهي. مذڪوره لکت مقبري جي اترئين دروازي جي سردر2 تي موجود آهي، جيڪا 951هه: 1509ع  جي تاريخ ڏيکاري ٿي. پير حسام الدين راشديءَ ان ڪم جي ساري جس دريا خان عرف مبارڪ خان کي ڏني آهي، جنهن جي سوچ ۽ فڪر وسيلي هن مقبري جي جڳهه طئي ٿي. اهو به ممڪن ٿي سگهي ٿو، ته مقبري جي ڪم ڄام نظام الدين جي حياتيءَ ۾ شروع ٿي چڪو هجي، جنهن لاءِ عام طور تي اهو تصور ڪيو ويندو آهي، ته هن 1508ع ۾ وفات ڪئي هئي ۽ مقبري جو ڪم موجوده صورت ۾ 1509ع ۾ پورو ٿيو ۽ ان زماني ۾ فيروز شاهه جي حڪومت هئي. مقبري تي جيڪو بهترين سنجٽ جو ڪم ٿيل آهي، سو وقت جي ڪنهن ڊگهي عرصي جي تقاضا ڪري ٿو. اهڙي قسم جي محنت جو ڪم تڏهن ڪيو ويندو آهي، جڏهن ملڪ ۾ امن امان هجي، خوشحالي هجي، جنگ ۽ اندروني فساد نه هجن، جيئن اسان فيروز شاهه جو زمانو ڏسون ٿا.

نمونو: ڄام نظام الدين جو مقبرو پنهنجي تخليق ۾ لاثاني ۽ سنجٽ جي لحاظ کان بي مثال آهي. ان مقبري جي اڏاوت جو نقشو ڪٿان ٻاهران ڪونه آندو ويو آهي. اهو سما دور جي ماضيءَ جي عمارت سازيءَ جي تجربن ۽ ماهر ڪاريگرن جي محنتن جو نتيجو آهي. اهو مقبرو سرن جي ڪاريگريءَ جي مهارت، اڏاوتي ڄاڻ ۽ ٺٽي ۾ پٿرن جي اُڪير جي سؤ سالا تجربي جي گڏيل ڪوشش ۽ جاکوڙ جو نتيجو آهي. هڪ قبي لاءِ سـِـرن جي هم چورس جڳهه، سما دور جي عام تعمير هئي. ڄام نظام الدين جو پٿر مان جوڙيل مقبرو، سندن اها پهرين ڪوشش هئي. اولهه پاسي کان مسجد واري ڀت ۽ ان سان گڏ ڏاڪڻ جي تعمير جو وڌاءُ خاص اهميت جي لائق آهن. پر انهن سڀني اڏاوتي ڳڻن جي ان تعميراتي منصوبي ۾ هم آهنگي فقط ان ئي مقبري ۾ ڪمال تي پهتل آهي. ساڳئي وقت اولاهينءَ ڀت ۾ محراب جو وڌاوڙو، جيڪو مسلمانن جي جاين ۾ عام ڏسڻ ۾ ايندو آهي ۽ گجرات جي مسجدن ۾ پڻ عام آهي، سو پهريون ڀيرو سنڌي يادگارن ۾ پـُـشتي هنيل صورت ۾ نظر اچي ٿو. جڏهن ته موجوده عمارت ۾ هن قسم جو پـُـشتو هڪ نئين انداز ۾ نظر اچي ٿو. اسان هن مقبري جي هڪ ئي عمارت ۾ گهڻين خاصيتن کي هم آهنگي ۽ خاص ترتيب ۾ هڪ جائتو ٿيندي ڏسون ٿا، جنهن ۾ ڪاريگريءَ جي ڏات، تعميراتي سونهن ۽ ڀت جي مٿاڇري تي مهارت سان اُڪيريل پن ول جي سونهن ۽ سنجٽ کي پوري توازن ۾ ڏسي سگهجي ٿو. ساڳي وقت ان فن ۾ رازن، ڪاريگرن ۽ ڇيڻيءَ جي ماهر استادن جو فنڪارانا ڪمال پڻ محسوس ڪري سگهجي ٿو. اهي پنهنجي فن سان لاڳاپيل من پسند موضوع ڪٿان به آڻي پئي سگهيا، پر کين ڏسڻو رڳو اهو ٿي پيو، ته مسلمانن جي يادگار جڳهن ۾ ڪهڙو اصول ڪتب ايندو. اتر ۽ اولهه وارين ڀتين تي هنج پکين جي اُڪير کان سواءِ ڪاريگرن، ماڻهن ۽ ٻين جانورن جي تصوير جي اُڪير کان پاسو ڪيو آهي. اهڙي قسم جي اعليٰ فني ڄاڻ رکندڙ ڪاريگرن کي سنڌ جي ماضيءَ جي ورثي ۽ اسلامي اڏاوتي طرز مان لاڀ پرائڻ جو پورو ته وجهه مهيا ڪري ڏنو هو، جن ٻنهي کي گڏي پنهنجو طرز ايجاد ڪيو، جيڪو تعميراتي فن ۽ ڀتين جي مٿاڇري جي سونهن ۽ سوڀيا جي ڏس ۾ ممتاز  هو. اهڙي قسم جي فن، گذريل ڪيترين ئي صدين دوران هن

 

تصوير 47 - ڄام نظام الدين جو مقبرو اندرئين اترئين پاسي محراب جي پشتي تي ڪجهه مٿڀرو قبيءَ جهڙي ننڍڙي اڏاوت آهي، جنهن جي ڇت ۾ پاسراٽين جهڙي چٽسالي نظر اچي ٿي. ڪنڊن تي ننڍا محراب آهن. ونگن سان ٻارين جي ٻي قطار ۽ سڌي سنوت ۾ اُڪير جون ڪجهه سهيڙون آهن. تعمير جو دور 1509 صدي عيسوي آهي.

ننڍي کنڊ ۾ تمام گهڻي تــرقي ڪـــئي هئي. ڀت جي مٿاڇري واري چٽسالي اهڙي، ته اعليٰ معيار جي آهي جو ڄڻ ته ڪاٺ ۽ عاج جي اعليٰ اُڪير جي فن کي پٿر جي اُڪير ۾ بدلايو ويو آهي. ڄام نظام الدين جي مقبري جي ڪاريگري پنهنجي همعصر گجراتي مهان ڪاريگريءَ سان ڀيٽائي سگهجي ٿي، جيڪا بنيادي طور قديم جين ۽ هندي اڏاوتي روايتن جو نقل آهي. موجوده مقبرو سنڌي ڪاريگراڻي صلاحيتن جو چٽو مظهر آهي، جيڪو اڏاوت جي اعليٰ ڪاريگريءَ جو اڻ لڀ مثال آهي. ان اڏاوتي فن، گم ٿي ويل روايتن جي ڳجهن خزانن کي پڌرو ڪري وڌو آهي، جيڪو اسلام کان اڳ واري دور ۾ پنهنجي ملڪ سنڌ اندر وڌيو ۽ ويجهيو هوندو، پر مذهب جي نئين جذبي سان سرشار ٿي ماڻهن جي جذبن جي ترجماني ڪرڻ لاءِ  ڄام نظام الدين جي امن امان واري خوشحال دور ۾ انهي فن نئين شڪل ۽ نئين اتساهه سان جنم ورتو.

ٿاڪ (Location): هي مقبرو عام ماڻهن ۾ گهڻو مشهور آهي، جيڪو مڪلي جي اتر پاسي موجود آهي. ان مقبري تائين وڃڻ لاءِ پنڌ ان ڪري وڌي ويو آهي، جو وچ تي هڪ نئن آهي، جيڪا اوڀر ڏانهن وڃي سنڌو درياءَ جي پراڻي پيٽ ۾ پوي ٿي. سيد علي شيرازيءَ جو مقبرو ۽ ٻيون قبرون مڪليءَ جو سارو اتر پاسو والاريو بيٺيون آهن ۽ سمن جي قبرن واري ماڳ کان وڌيڪ اوچائيءَ تي آهن. ڄام نظام الدين جو مقبرو هڪ ننڍي ٽڪريءَ جـي چـوٽـيءَ تي پنهنجـي جاهه جـلال سان ڪـَـر کنيو بيٺو آهي. اتان بيهي نظر ڪبي ته اوڀر پاسي درياءَ جو وڏو پراڻو پيٽ ۽ ٺٽي جو شهر ڏسڻ ۾ ايندو. ڀرسان ئي شيخ حماد جماليءَ جو مقبرو آهي. مقبري جي چؤطرف واري ايراضيءَ کي نهايت ادب ۽ احترام جي نظرن سان ڏٺو ويندو آهي. سما خاندان جا حڪمران، شيخ حماد جماليءَ جي تمام گهڻي عزت ڪندا هئا. سما دور جون ثقافتي سرگرميون به هن

تصوير 48 - ڄام نظام الدين جي مقبري جو ٻاهريون اتريون ۽ ڏاکڻيون پاسو، جن تي اُڪير جون هڪ جهڙيون پٽيون نظر اچن ٿيون. اُتي اتر ۽ اولهه پاسي کان لنگهه آهن، جن ۾ پٿر جا چؤڪاٺا لڳل  آهن، جيڪي هاڻي بند آهن.

تصوير 49 - ڄام نظام الدين جي مقبري جي اترين - الهنديءَ ڀت جو ٻاهريون پاسو، جنهن جي ساڄي طرف هڪ در، ٽي دريون، وچ تي  ٽن طبقن وارو محراب جو پشتو ۽ اولاهينءَ ڀت تي اُڪير جون چوڏنهن قطارون.

خانقاه جي آڳنڌ ۾ منعقد ڪيون وينديون هيون. اهوئي ڪارڻ آهي، جو سما بادشاهن جا مقبرا به هن ايراضيءَ ۾ موجود آهن. سما دور جي جامع مسجد به هن علائقي ۾ واقع آهي. ان جي ڏکڻ ۾ مبارڪ خان، مـَـلڪ راڄپال، فتح خان جي ڀيڻ ۽ ملڪ راهوءَ (Malik Rahu) جو مقبرو آهي، جيڪو ڄام تغلق پٽ سڪندر شاهه جي دور سان لاڳاپو رکي ٿو. ان کان سواءِ هتي ٻيون ٽي قبرون آهن، جن بابت خبر نه آهي، ته اهي ڪنهن جون آهن؟ ڀرسان ئي ڇٽيون آهن جن هيٺان قبرون ٺهيل ڏسجن ٿيون. ان کان علاوه بنا ڇٽين جي به ڪيتريون ئي قبرون موجود آهن. ڄام نظام الدين جو مقبرو هتان کان صفا اوڀر ۾ هڪ ننڍي ٽڪريءَ جي چوٽي تي تعمير ٿيل آهي. جنهن جي هڪ پاسي کان پراڻي ڇٽي ۽ ٻئي پاسي کان هڪ مقبري جي پڪ سري چؤديواري آهي.

ڄام نظام جي قبر جي اڏاوت جي رٿَ: مقبري جي تعمير ۾ پٿر جون اوچيون ديواريون ٺهيل آهن. اندر هم چورس ۽ هر پاسي 37 فوٽ ويڪرو صفو آهي جنهن ۾ ابتدائي دور ۾ ٽي لنگهه هوندا هئا، جن مان هڪ اتر ۽ ٻيو ڏکڻ ۽ ٽيون اولهه کان هوندو هو. اولهه پاسي کان محراب جي تعمير لاءِ ديوار کي ”وڌاوڙو“ ((Projection ڏنو ويو آهي. اهڙي ريت محراب جي ماپ 4'-3''x10'-9'' رکي وئي آهي. هن وقت اولهه وارو لنگهه کليل آهي، جيڪو محراب جي وڌاوڙي کان ڏکڻ طرف آهي. اتر وارو لنگهه پٿر جي ديوار سان مڪمل طور بند ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڏکڻ وارو لنگهه اڌ بند ڪيو ويو آهي. اتر واري لنگهه ڀرسان قبر (نمبر 56) آهي، جنهن جو لاڳاپو ڪنهن پوئين دور سان ڏسجي ٿو. جنهن ڪري اتر وارو لنگهه هميشه لاءِ بند ٿي ويو آهي. ٻاهرئين پاسي واريون ديواريون جيئن مٿي تيئن سوڙهيون ٿينديون وڃن ٿيون. اندرئين پاسي کي هڪ وچيون صفو آهي. صفي جي وچ تي چار، اتر - اوڀر واريءَ ڪنڊ تي هڪ ۽ ڏکڻ - اوڀر واريءَ ڪنڊ تي ٻارن جون ٽي قبرون آهن. محراب ۽ اوڀر واري لنگهه کان اڳتي (نمبر 47) اولهائين ڀت وارو ڀاڱو، پشتي جي ٿوري ڀاڱي تي مشتمل آهي. بي انتها خوبصورت گهوڙين (Brackets)  جي مٿان جوڙيل جهالر ۽ ڇٽ سان سهڻو جهروڪو ۽ خود نازڪ ۽ نفيس اُڪيريل محراب، جنهن جي قبائين ڇت تي اُڀيون ليڪون اُڪيريل آهن، جنهن جي چوٽيءَ مٿان لڏڪڻو لٽڪي رهيو آهي ۽ محراب جي سامهون اُڪيريل پاوا آهن. اهي ڄڻ ته عصيٰ جي علامت آهن، جيڪي سنڌي محرابن ۾ عام جام ڏسبا آهن. ڀت جي مٿان اُڪير جون ٽي قطارون: هڪ قطار ونگدار خانن جي آهي، جيڪا ڇڪ ۽ گهوڙي واري وڏي محراب جي سنوت سمان آهي. ان کان پوءِ اُڪير جي هڪ ٻي قطار  آهي، جيڪا ٻاهرئين پشتي جي گهوڙين (Brackets) جي سنوت سمان آهي. آخر ۾ ونگدار خانن جي ٽئين قطار آهي، جيڪا جهروڪي جي سنوت سمان ۽ قبي جي بنياد واري اُڪير کان ٿورو هيٺان آهي، ان جو اهو حصو شايد

تصوير 50 - ڄام نظام الدين جي مقبري جي اولاهين ڀت جي ٻاهرئين پاسي تي ۽ محراب کان اتر طرف وچ تي عربي تحرير آهي. اُڪير جي هڪ پٽيءَ ۾ هنجن جي قطار آهي، جن جي چهنبن ۾ ڪنول جا گل جهليل آهن. ان کان سواءِ محراب جي پشتي جي ڪنڊ تي نفيس اُڪير وارا سخارا به ڏسجي رهيا آهن.

قـُـبي جو بنياد بڻجي ها، پر ڪن فني سببن جي ڪري ڪنهن خواب وانگي اڌورو رهجي ويو. ساڳيو حال دهليءَ ۾ التمش3 جي مقبري جو به ٿيو. مقبري جي اُوچين ڀتين جي تعمير مان پري کان ائين معلوم ٿيندو ته ڄڻ اها مڪعبي جڳهه آهي. زيارتين جي دلين تي اهو اثر وهندو آهي، ته هن مقبري جو نقشو ڪعبة الله شريف جي مڪعبي اڏاوت تان ورتو ويو آهي. اها خوش فهمي ماڻهن جي دلين ۾ خام خياليءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي. درحقيقت هيءَ جڳهه سرن جي ٺهيل مقبرن جي نقشن جو منطقي نتيجو آهي.

نمونو: اهو عام ماڻهوءَ جو ڪو عام رواجي خيال ڪونه آهي، پر عالمن جو به اهو ئي رايو آهي، جنهن کي ادبي ڪتابن وسيلي شهرت به ملي آهي. پوئين دور جي سڀني ليکڪن کي هينري ڪزنس جي ان خيال متاثر ڪيو آهي، جيڪو يقين ڏياريندي لکي ٿو: ”اهو گهڻو تڻو هندن جي سامان سان تيار ٿيو آهي. هيءُ اهو ئي سامان آهي، جنهن مان عام طور تي هندن جا مندر جوڙيا ويندا آهن. حقيقت به اها آهي ۽ ڪافي کان وڌيڪ ثابتيون به آهن، ته ٻارهين صديءَ کان اڳ جي هڪ يا گهڻن مندرن جو پٿرائون سامان استعمال ڪيو ويو هو. خاص طور تي پٿر جي ٺلهن مان ان کي محسوس ڪري سگهجي ٿو. هيٺ پٿر جي ديوارن ۽ ٻاهرئين پاسي جهروڪي (نمبر 52) مان به معلوم ڪري سگهجي ٿو. ٻاهرئين پاسي پٿر جو سڄو مانڊاڻ، جنهن تي سڄي پشتي ٻڌل آهي ته محراب جو اندريون جارين وارو پاسو، اهو سڀ گجرات جي مسجد4 جي سجاوٽ وانگي آهي.“ سندن دليلن ۾ ڪجهه غلطيون به آهن. جيڪڏهن محراب واري پشتي کي گجرات جي مسجد تان نقل ڪيو ويو آهي، (جتي اهڙيون قديم روايتون موجود آهن) ته پوءِ اها ڳالهه سمجهڻ ۾ ڪجهه ڏکيائي ٿئي ٿي، ته انهن ساڳين ذريعن ٻين ڳالهين ۾ سنڌين جي رهنمائي ڇو نه ڪئي ۽ اتي اڳ ۾ موجود ترقي يافته فن مان ڇو نه نئين ۽ سٺي تخليق ڪئي وئي؟ اهو ڪيئن ممڪن ٿيو جو سنڌ جا ماهر ڪاريگر پنهنجي تخليق کان سواءِ هندن جي جهڙين تهڙين شين تي راضي ٿي ويهي رهيا. هينري ڪزنس، سخارا (Sikhara) جي ننڍڙي شڪل جو مثال ڏئي پنهنجي دعويٰ کي هٿي ڏئي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهي هندن جي مندرن جي جڳهن ۾ به هوندا آهن ۽ چوي ٿو، ته اولاهينءَ ڀت جي پٺئين پاسي سجاوٽ وارو اڻ پورو ڪارنس يا هنج پکين جي اُڪيريل اڻ پوري قطار ان جي ثابتي آهي. اڳتي هلي ڏاهپ وارو فيصلو ڏئي ٿو ۽ چوي ٿو ته: ”دروازي جي لنگهه وٽ در جي چانئٺ آڏو پٿر جي هڪ داٻڙي آهي، جيڪا عام طور تي مندرن ۾ ڏسڻ ۾ ايندي آهي جتي ياترا تي آيل هندو باس يا مڃتا جون شيون رکندا هئا، پر مسلمانن جي جڳهن ۾ اهڙيون شـيون بـي معنيٰ هونديون آهن. لنگهه جي مرمت واســـطي  سردر کــي

تصوير 50 - الف - تصوير 49 ۾ نظر ايندڙ درين جو سلسلو موجود ڏسجي ٿو.

تصوير 51 - محراب جي پشتي جي ڏکڻ ڏس کان وچيون حصو، جنهن تي ڪنڊ ۾ ورن وڪڙن Curvilinear تي سکارا Sikhara ڏسڻ ۾ اچي رهيو  آهي. ان کان سواءِ ونگن واريون ٻاريون آهن، جيڪي اُڪيريل خوبصورت ننڍڙن ٺلهن جي وچ تي ڏسجن ٿيون. صفا کاٻي پاسي مٿي ڇڄي نموني جهلون آهن، جيڪي ور وڪڙ ڪندا هلندا وڃن ٿا.

تصوير 52 - الف - ڇڄي جهڙي جهل ڏسجي ٿي جيڪا ور وڪڙ ڪندي اڳتي هلندي وڃي ٿي.

تصوير 53 - محراب جي پشتي جي وچ تي خوبصورت ونگائي ٻاري آهي. ان کان سواءِ پٿر جا پاوا آهن، جيڪي نهايت نفاست ۽ نزاڪت وارن چٽن سان اُڪيريا ويا آهن. هن کان ڇڄي جهڙا واڏڪ ۽ امليڪي گلن واري چٽ سان اُڪير ٿيل آهي، جيڪا اندرئين پاسي ڏسجي رهي آهي.

هاڻي ڪاٽي بنايو ويو ٿو ڏسجي ۽ ان جو سبب وري اهو به ڏئي ٿو، ته گهڻو ڪري ڪاريگر هندو هوندو، جيڪي مندرن جي جڳهن ٺاهڻ تي هريل هوندا.“ 5 اهي گهڻو ڪري هندو ڪاريگر هئا، جن کي مسلمانن ان جڳهه جي تعمير لاءِ مقرر ڪيو هو، جن ٺٽي جي ان مشهور تعمير کي جوڙي پورو ڪيو. اها مشهور اڏاوت سنڌي ڪاريگريءَ جـو نادر نـمونو آهـي، جنهن کي انهن پنهنجي محبوب حڪمران واسطي بڻايو هو. ان تعمير جو سڄو سارو منصوبو هندي اڏاوتي فني طرز تي ڪونهي. ان نموني جو سارو اتساهه هن ننڍي کنڊ ۾ اسلامي تعمير جي طرز سان گڏ اُڀريو ۽ ترقي ڪئي. موجوده مقبري جي اڏاوت سنڌ ۾ سرن جي ڪاريگريءَ جي آخري ارتقائي منزل آهي، جنهن کي پٿر جي صورت ۾ پيش ڪيو ويو آهي. جيستائين مقبري جي عام خيال ۽ بيهڪ جو لاڳاپو آهي، ته اهو سڄو سارو اسلامي تعمير سان لاڳاپيل آهي. البت ان جي تعمير جي تخليق ۾ گهڻن ذريعن گڏجي سندس مختلف حصن کي سهڻو ۽ سوڀياوان بڻايو آهي. پهريون اهو آهي، ته مختلف اڏاوتي عنصرن گڏجي ان تاريخي يادگار جي سنجٽ ۽ سونهن ڀرئي نظاري کي وڌايو آهي. ان معاملي ۾ اسان دروازي جي پٿرائين چؤڪاٺي کي ڏسون، جيڪو سما دور جي تعمير ۾ ڪا نئين شيءِ ناهي. ان مقبري لڳ تعمير ٿيل مدرسي ۽ ٻين مقبرن جون ساڳي طرز جون عمارتون ڏسي سگهجن ٿيون. ٻيو پٿرانوان اُڪيريل پاوا آهن، جيڪي موجوده مقبري جي جهروڪي ۾ ڏسجن ٿا، پر اهڙا پاوا ڇٽن وارن مقبرن ۾ به موجود آهن. ان کان پوءِ خاص ڳالهه اُڪيريل پاوا آهن، جيڪي محراب جي ٻنهي پاسن کان موجود آهن، پر هن قسم جا پاوا ته ٻين کوڙ سارين جڳهن ۾ به موجود آهن. اسان موجوده محراب ۽ مٿي تعمير ٿيل دريءَ ڏانهن نظر ڦيرايون ٿا، ته اهي به ڪيترن ئي مقبرن ۾ موجود آهن. ان مقبري ۾ خاص لاثاني ۽ لافاني شيءِ محراب جي پٺئين پاسي، محراب مٿان سينگار واري، گجرات جي مسجدن جهڙي اڏاوت آهي. باقي نمونو ۽ طرز، جيڪي اسان هتي ڏسون ٿا، سي سنڌ جي اڏاوتي روايتن جي پاتار ۾ بيٺل آهن. گهڻين طرزن ۽ عنصرن جي وچور

۾ وڃبو، ته پتو پوندو جيتوڻيڪ اهي اُڪيرون هندن جي مندرن ۾ به ڏٺيون وڃن ٿيون، پر تنهن هوندي به ان تعمير ۾ انهن جي پنهنجي نئين معنيٰ، مطلب ۽ گهرائي آهي. انهن کي نئين مقصد ڏيارڻ لاءِ نئين فني ارتقا ڪئي وئي آهي. ويجهي همعصر هندي اڏاوتن جي ڪاريگريءَ جي فن ۾ وڏو فرق نظر اچي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org