سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ٺٽي جا قديم اسلامي يادگار

باب؛ -

صفحو ؛ 23

 

خاڪن، تصويرن ۽ رنگين پليٽن جي فهرست

خاڪو 1. شيخ عيسيٰ لنگوٽي جي مدرسي جو نقشو، جنهن جو ڇت وارو تعمير ٿيل حصو هڪ ٻئي مٿان گول بار ڏئي جوڙيو ويو آهي، جنهن مٿان ڏيئي ٻارڻ جي مقصد سان ننڍڙي قبي ٺاهي وئي  آهي. ص 39

خاڪو 2. مرزا عيسيٰ خان ترخان 1 جي مقبري جي چوديواري جو نقشو، جنهن جي وچ تي مرداڻين قبرن جي چوڌاري ڀت ڏني وئي آهي، جنهن اندر پهرئين ترخان حڪمران جي پڻ قبر آهي. ان جي ڏکڻ اولهه طرف اٺ ٿنڀي ڇٽي واري قبر آهي. جڏهن ته اتر اوڀر پاسي زنانين قبرن جي چوديواري ڏسجي ٿي. هن اڏاوت جو تعلق 1572ع سان آهي. ص 119

خاڪو 3. مرزا سليمان پٽ مرزا عيسيٰ  ترخان I جي قبر جي چوديواري جو نقشو، جنهن جي وچ تي مٽيءَ جو ڀراءُ وجهي ٿلهو ٺاهيو ويو آهي. ان ٿلهي تي ڪيتريون ئي قبرون ڏسجن ٿيون. مرزا سليمان جي قبر جي سيرانديءَ کان هڪ اوچو پٿر نصب ٿيل آهي. امڪان آهي، ته اهو ڏياٺيءَ جو به ڪم ڏيندو هوندو. سندس وفات جو سال 1557ع آهي. ص 121

خاڪو 4. مرزا محمد صالح جي قبر جي چوديواري جو خاڪو، جنهن ۾ مٽيءَ جو ڀراءُ وجهي ٿلهو ٺاهيو ويو آهي. هن چوديواري اندر ٽي مـُـکيه قبرون آهن، جيڪي پٿر سان جڙيل آهن. مرزا محمد صالح جي قبر تي ٻه ڊگها پٿر لڳل آهن، جن مان هڪ سيرانديءَ ۽ ٻيو پاسي کان آهي. هن 1563ع ۾ وفات ڪئي هئي. ص 122

خاڪو 5. مرزا باقي بيگ جي پٿر سان ٺهيل مقبري جي چوديواري جو خاڪو، جنهن ۾ اندر ننڍڙيون چوديواريون  آهن. مرزا باقي بيگ جي قبر هم چورس آهي، جنهن جي چوڌاري ڀت ڏني وئي آهي ۽ اها قبر چوديواريءَ جي وچ تي ڏسجي ٿي. هن جي اتر پاسي سندس خاندان جي ٻين ماڻهن جي قبرن جي چوديواري آهي. اتر ڏانهن مرزا باقي بيگ جي قبر جي اوڀر پاسي مرزا بديع الزمان جي قبر آهي، جيڪا اٺ ٿنڀي ڇٽي هيٺيان آهي. هن 1562ع ۾ وفات ڪئي هئي. هن چوديواري جي اولاهين ڀت ڀرسان هڪ گمنام قبر آهي، جنهن مٿان اٺ ٿنڀي ڇٽي ٺهيل ڏسجي ٿي. ص 124

خاڪو 6. ست چڙهڻي تعمير جو نقشو آهي، جنهن ۾ پنج قبائين طرز جي نئين قسم جي عمارت ڏسجي ٿي. هن جڳهه جي اڏاوت جو تعلق سورهين صدي عيسويءَ جي پوئين حصي سان آهي. ص 170

خاڪو 7. سلطان ابراهيم خان جي پڪ سرائين مقبري جي چوديواري جو نقشو، جنهن جي اوڀر پاسي ونگ سان لنگهه آهي. چوديواري اندر اولهه واري ڀت ۾ مسجد جو محراب آهي، جيڪو مٽيءَ جو ڀراءُ وجهي ٿورو مٿي جوڙيو ويو آهي. وچ تي اٺ ٿنڀي ڇٽيءَ هيٺان سلطان ابراهيم جي قبر آهي، ان جي ڀرسان هڪ ٻي ننڍڙي چوديواري آهي، جنهن ۾ امير محمد سلطان جي قبر ٺهيل آهي. هن 1585ع ۾ وفات ڪئي هئي. ص 175

خاڪو 8. ديوان شرفا خان جي قبر جي سامهون پـُـٺ ۽ پاسي جو نقشو، جيڪو باقي پاسن کان وڌيڪ اوچو آهي. قبر جي سيرانديءَ کان اوچو پٿر لڳل آهي. قبر جي اوساري پٿر جي آهي، جنهن تي ترخاني قسم جي نقش و نگاري ٿيل ڏسجي ٿي. هن اڏاوت جو لاڳاپو 1048 هه - 1638ع سان آهي. ص 178

خاڪو 9. دبگير مسجد جو نقشو، جنهن جو سامهون وارو پاسو ٽن وڏن ٻارين ۾ ورهايل آهي. مسجدن جي اها ٻاهرين سونهن ۽ سنجٽ وارو نمونو ترخاني مسجدن سان لاڳاپو رکي ٿو. اوڀر پاسي کان کليل آڳنڌ اٿس. وچئين محراب جي ٻنهي پاسن کان دريون ٺهيل آهن، جن وسيلي مسجد اندر ٿڌي هوا ايندي هئي. مسجد جي اوڀر پاسي کان ٻنهي طرفن تي، ڏاڪڻيون ٺهيل آهن، پر نقشي ۾ فقط هڪ ڏيکاري وئي آهي. هن مسجد جي تعمير ۾ اها ٻي نئين شيءِ آهي. انهيءَ اڏاوت جو لاڳاپو 1588ع سان ڏسجي ٿو. ص 180

خاڪو 10. شاهجهاني مسجد جو نقشو، جنهن ۾ نماز پڙهڻ واسطي چؤڏسائن ۾ قبا ٺهيل آهن. وضو سارڻ لاءِ پاڻيءَ جو تلاءُ اوڀر پاسي موجود آهي. هن مسجد جي تعمير جو تعلق 1644ع ۽ 1647ع جي وچ واري عرصي سان آهي. ص 196

خاڪو 11. شاهجهاني مسجد وچئين ڀاڱي (Cross-Sections) جو نقشو، جنهن ۾ رکيل چؤڪنڊين ٻارين ۾ ڪاشيءَ جون چمڪندڙ سرون ڪتب آندل آهن. ان کان سواءِ گڏيل قسم جي ونگن جي تعمير ۽ قبن جي اندرئين پاسي ستارن جهڙي خوبصورت چٽسالي آهي. ص 196

باب پهريون

سنڌ جو نقشو. ص 1

پليٽ 2 - مڪلي جي قبرستان جو وسيع پس منظر. ساڄي پاسي مرزا جان بابا جو مقبرو آهي. ٻين قـُـبائن مقبرن جون اڏاوتون به ڏسجي رهيون آهن، جن جو تعلق 17 هين صدي عيسويءَ سان آهي. ٿورو پري پنڌ تي ابراهيم سلطان جو مقبرو نظر اچي رهيو آهي. ان کان سواءِ عبدالله شاهه اصحابي جي مزار ڀرسان قبرن جو هڪ جهڳٽو به ڏسجي رهيو آهي. ص 2

پليٽ 3 - سنڌ جي آخري آزاد حڪمران مرزا جاني بيگ جو پڪسرائون مقبرو، جنهن 1593ع ۾ اڪبر اعظم جي آڏو هٿيار ڦٽا ڪيا هئا. ص 2

پليٽ 4 - ديوان شرفا خان جو پڪ سرائون مقبرو، جيڪو مرزا طغرل بيگ جي ڇٽي نما مقبري جي کاٻي پاسي آهي. جڏهن ته ان جي ساڄي پاسي ۽ وچ تي مرزا عيسيٰ ترخان ٻئين جو سفيد رنگ جو مقبرو ڏسجي ٿو. ص 23

پليٽ 5 - شيخ حماد جماليءَ جي مزار جي ڀرسان چوڌاري نظر ايندڙ سما خاندان جي قبرن جو مـُـچلو آهي، بزرگ جو لاڳاپو 14 هين صدي عيسويءَ سان هو. هن درويش جي مقبري جي کاٻي پاسي پڪسرائون مقبرو، ساڄي پاسي ڇٽي نما مقبرو ۽ ٿوري پنڌ جي وٿيءَ تي ڄام نظام الدين جو مقبرو ڏسجي رهيو  آهي. ص 23

تصوير 1 - محمد بن قاسم نالي مسجد جو گول منارو، جيڪو پهريداريءَ جي مقصد سان جوڙيو ويو هو، جنهن تي  چڙهي سنڌي فوجي، پهريداريءَ جو ڪم ڪندا هئا. چيو ويندو آهي، ته ڀرسان ئي هڪ عرب نسل جي ماڻهن جي وسندي قائم هئي. هيءَ اڏاوت پير پٺي جي مقبري جي سامهون آهي، جيڪا سنڌوءَ جي پراڻي پيٽ جي هڪ اوچي ڪناري جي وٽ سان جوڙيل آهي.هنن اڏاوتن جو تعلق 17 هين صدي عيسويءَ سان آهي. ص 3

تصوير 2 - ڪلان ڪوٽ نالي قلعي جي اوڀارين ڀت، جنهن ۾ گول چبوترن جا نشان ڏسجي رهيا آهن. هي درياءَ جي ساڄي پاسي سنڌوءَ جي ڪناري سان واقع آهي. هن اڏاوت جو لاڳاپو سما دور ۾ تيرهين ۽ چوڏهين صدي عيسويءَ سان آهي. ص 5

تصوير 3 - پوئين مغل دور سان لاڳاپيل عيد گاهه، جنهن جي ٻنهي پاسن کان گول منارا تعمير ٿيل آهن. وچ تي محراب اوچو آهي. هن تعمير جو تعلق 17 هين صدي عيسويءَ سان آهي. ص 7

تصوير 4 - قومي شاهراهه مڪليءَ منجهان گذري ٿي، جنهن جي کاٻي پاسي مڪليءَ جي چاڙهيءَ وٽ هڪ مندر آهي. هن اڏاوت جو تعلق قديم دور سان آهي. ڀرسان ئي ساڄي پاسي اسلام پور نالي هڪ مسجد آهي. ص 10

ِصوير 5 - درياءَ جي پراڻي پيٽ مان بيهي ڏسبو، ته کاٻي پاسي طغرل بيگ جو مقبرو ڏسڻ ۾ ايندو. جڏهن ته ساڄي پاسي کان مرزا جان بابا جي مزار آهي. وچ تي مرزا عيسيٰ خان ترخان II جو سفيد مقبرو نمايان نظر اچي ٿو. ص 10

تصوير 6 - درياءَ جي پراڻي پيٽ مان بيهي ڏسبو، ته مڪليءَ تي سامهون واري پس منظر ۾ وچ تي سلطان ابراهيم خان مرزا عيسيٰ ترخان I جو مقبرو نهايت چٽو نظر ايندو. ص 13

تصوير 7 - دريا جي پراڻي پيٽ وٽان بيهي ڏسبو، ته سلطان ابراهيم خان جو مقبرو، مرزا عيسي ترخان I جي مقبري جي چوديواري جي کاٻي طرف  آهي ۽ عبدالله شاهه اصحابي جي مزار وچ تي ڏسجي ٿي. ص 17

تصوير 8 - قومي شاهراهه تان بيهي ڏسبو، ته ٺٽي جو نئون شهر، هڪ پراڻي دڙي تي تعمير ٿيل نظر ايندو، جنهن جي کاٻي پاسي پاڻيءَ جي اوچي ٽانڪي ڏسجي رهي آهي. ص 18

تصوير 9 - نئين شهر جي جڳهن هيٺان پراڻي ٺٽي جا دڙا، جيڪي هلندا وڃي آباد زمين تائين پهچن ٿا ۽ جن مٿان گهاٽا وڻ ڏسجي رهيا آهن. ص 19

تصوير 9 - الف - ريسٽ هائوس کان نظر ايندڙ مڪليءَ جو منظر. ص 20

باب ٻيو

پليٽ 6 - شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ جو ڇٽيءَ جهڙو هڪ مدرسو - ڀرسان ئي ڏيڍيءَ جي تعمير وارا ٺلهه ڏسجي رهيا آهن. ساڄي پاسي هيٺ تي دري آهي، جنهن ۾ سوراخدار پٿر هنيل ڏسجن ٿا. ص 24

پليٽ 7 - ساڄي پاسي شيخ حماد جماليءَ جو تباهه حال مدرسو ۽ کاٻي پاسي عبدالله پٽ تاجي جو ڇٽي نما مقبرو - ٻنهي اڏاوتن جو لاڳاپو 14 هين صدي عيسويءَ جي پوئين حصي سان آهي. ص 24

پليٽ 8 - شيخ حماد جماليءَ جي مدرسي جي لنگهه تي پٿر جي اُڪير جو ڪم ٿيل ڏسجي ٿو، جنهن جي سر در ۽ پٿر جي چؤڪاٺي جي ٻنهي پاسن تي قرآني آيتون اڪيريل نظر اچن ٿيون. هيٺئين پاسي ونگ سان هڪ جارو آهي. محسوس ائين ٿي رهيو آهي، ته در جي چانئٺ وٽ نرم سفيد پٿر (Moon stone) جو "دونون" (Sill) لڳل هوندو. ص 25

پليٽ 9 - سمن جا پٿرانهين اڏاوت سان لاڳاپيل ٻن قسمن جا مقبرا آهن. انهن مان هڪ پٿر جون همچورس يا چؤڪنڊيون اڏاوتون آهن. جڏهن ته ٻئي قسم جو تعلق ڇٽيءَ جهڙن مقبرن جو آهي، جيڪي پٿرن جي ٿنڀن جي آڌار تي جوڙيون ويون آهن. مقبرن تي به ٻن قسمن جي اُڪير ڏسجي ٿي. هي مقبرا پڪ سراوان به آهن. ڇٽي نما تعمير مٿان ٿانوَ جهڙي نيل (Finial) به ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ص 26

پليٽ 10 - شيخ حماد جماليءَ جي مدرسي سان گڏ لنگهه به نظر اچي رهيو آهي، جنهن ۾ ٺلهن ۽ سردرن جي هڪ ترتيب موجود آهي. ان ترتيب مطابق هر سردر ڪنڊ وٽ ٻئي سردر سان ملي رهيو آهي، جن کي هيٺان ٺلهه ڏنل آهن. ص 26

پليٽ 11 - دريا خان عرف مبارڪ خان جي مقبري جو ڏاکڻون ٻاهريون پاسو. هيءُ ڄام نظام الدين جو نپايل پٽ، وزير ۽ فوجي سپهه سالار هو. هن تعمير جو بنياد جو پٿرسن 1490ع ۾ رکيو ويو هو. هن اڏاوت جي مهاڙيءَ ۾ ڪنگرا ۽ پلويڙو (Parapet) ڏنل آهي. خوبصورتيءَ واسطي مٿي ٻنهي پاسي هڪ هڪ جارو رکيو ويو آهي. ص 27

پليٽ 12 - دولهه دريا خان جي مقبري جو اندريون پاسو، جنهن جي اولهه پاسي واريءَ ڀت ۾ محراب جي تعمير آهي. ان جي هر هڪ پاسي تي پٿر جا پاوا آهن، جنهن تي نهايت نازڪ ۽ نفيس چٽساليءَ جو ڪم ٿيل آهي. وچ صحن تي قبرون آهن، جن مٿان رکيل پٿرن تي خوبصورت اُڪير جو ڪم ٿيل ڏسجي ٿو. دريا خان جي قبر جي پاسي سان کـُـتل پٿر تي تاج جو نشان اُڪيريل آهي. هن اڏاوت جو تعلق پندرهين صدي عيسويءَ سان ڏسجي ٿو. ص 27

پليٽ 13 - ڇٽيءَ نما مقبري جي ڇت، جنهن کي پٿر جا هڪ ٻئي مٿان گول بار ڏئي ٺاهيو ويو آهي. وچ تي لٽڪڻو (Pendent) ڏسجي ٿو. مٿي ڇٽيءَ جي گول دائري جي هر پٿر تي ونگ جهڙو چٽ اُڪيريل ڏسجي ٿو. هيءَ تعمير، 15 صدي عيسويءَ جي اوائلي دور سان لاڳاپو رکي ٿي. ص 28

تصوير 10 - سما دور جي قلعي ڪلان ڪوٽ جي گهڻائي ڀيرا مرمت ٿي هئي. اولهه پاسي کان قلعي جي ڀت ۾ مارن جا ڳڙکا ڏسجن ٿا. ٿوري فاصلي تي مسجد نظر اچي رهي آهي. ص 31

تصوير 11 - ڪلان ڪوٽ جي مسجد جو اندريون پاسو، جنهن ۾ محراب ۽ منبر تي اُڪير واري چٽساليءَ جي بهترين طرز نظر اچي ٿي، محراب جي پٺئين پاسي رکيل چؤڪنڊي ٻاريءَ جا پاوا مٿي وچ ڀت جي حاشيي (Dado) وٽ بيهاريل آهن. هيءَ تعمير سورهين صدي عيسويءَ کان اڳ جي ڪانه آهي. ص 32

تصوير 12 - ڪلان ڪوٽ جي زبون حال پڪسرائين مسجد، جنهن جو فقط وچ وارو حصو بچيل  آهي. ان جو اوڀر وارو ٻاهريون پاسو گهڻو ڊٺل ۽ ناس ٿيل ڪونه آهي، پر اڏاوت جو اتريون ۽ ڏاکڻون حصو ڊهي ختم ٿي ويو آهي. ص 35

تصوير 13 - هن تصوير ۾ شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ جي مدرسي سان گڏ سينڌ ونگ (Lancet Shaped arch) سان لنگهه ڏسجي ٿو، جيڪو هڪ پڪ سرائين مقبري ڏانهن کـُـلي ٿو. ان لنگهه وارو مقبرو، هاڻي ڊهي ناس ٿي ويو آهي، جيڪو شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ جي مدرسي واري جڳهه ۽ سندس سفيد مقبري جي وچ تي آهي. هيءَ اڏاوت 14 هين صدي عيسويءَ جي مـُـنڍ واري دور سان تعلق رکي ٿي. ص 40

تصوير 14 - مدرسي جي جڳهه سان مشابهت رکندڙ هڪ ڇٽيءَ نما مقبرو، جنهن ۾ هڪ ٿنڀ ۽ سردر تي ٻڌل هڪ لنگهه ڏسجي رهيو آهي. اندر داخل ٿبو، ته هڪ ٿلهي تي ٻه ساديون قبرون ڏسڻ ۾ اينديون. هن تعمير ۾ سنهي پردي سان دريون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. هن جي پٺئين پاسي کان هڪ قديم مسجد جو اوڀر وارو پاسو طرف ڏسجي رهيو آهي. هن اڏاوت جو لاڳاپو 14 هين صدي عيسويءَ سان آهي. ص 41

تصوير 15 - شيخ حماد جماليءَ جي مدرسي جو هڪ مجموعي منظر، جنهن ۾ مختلف سردرن جو هڪ دائرو نظر اچي ٿو، جيڪي ٺلهن جي آڌار تي بيٺل آهن. هن اڏاوت جو واسطو 14 هين صدي عيسويءَ سان آهي. ص 42

تصوير 16 - هڪ تعمير جي ڪـُـنڊ وارو اُڪيريل سردر، جيڪو پٿر جي خوبصورت اُڪيريل چٽيل ٿنڀن جي آڌار تي بيٺو آهي. هن اڏاوت جي ڪاريگري مان پتو پئجي وڃي ٿو، ته شيخ حماد جماليءَ جي مدرسي جي گول ڪمري کي اٺاس جي شڪل ۾ ڪيئن بنايو ويو آهي. ص 42

تصوير 17 - شيخ حماد جماليءَ جي مدرسي جو اُڪير ٿيل خوبصورت ٿنڀ، جنهن جي مٿئين پاسي چؤمـُـکو تاج لڳل آهي. ان ٿنڀ جو هيٺيون پاسو کاڄي ڇڻي ويو آهي. باقي مٿئين پاسي واري حصي تي، سڌيءَ سنوت ۾ چٽساليءَ جي هڪ خوبصورت طرز چٽيل ڏسجي ٿي. ان ٿنڀ جو فقط اندريون پاسو اُڪير سان سينگاريل ڏسجي ٿو. باقي ٻاهريان پاسا لسا آهن. نئين پاسي کان پرديءَ واري دري آهي، جنهن تي سورج مکيءَ جي نموني واري چٽساليءَ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ص 44

تصوير 18 - اٺ ٿنڀي ڇٽيءَ جي تعمير ۾ هڪ ٿنڀ تي اعليٰ معيار جي اُڪير ٿيل آهي، هيءَ اڏاوت شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ جي مقبري جي ڏکڻ ۾ آهي. هن دور جي مقبرن جي اڏاوت ۾ ٿنڀ جي هيءَ اُڪير جو ڪم پنهنجي فن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي، جنهن جو تعلق 15 هين صدي عيسويءَ سان آهي. ص 44

تصوير 19 - شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ جي مقبري جي ڏکڻ طرف ڇهن ٿنڀن وارو ڇٽيءَ جهڙو مقبرو آهي، جنهن کي ڀـِـٽا يارو (Bhitta yaro) جي مزار ڪري سڏيو ويندو آهي، جنهن ۾ دوريش هالو دفن ٿيل آهي. هن ڇٽيءَ جا ڇهه ئي ٿنڀا هڪ جهڙا آهن. ڇڄو، چٽساليءَ وارو پلويڙو، ڪنگرا ۽ ٿانوءَ جهڙي نيل اٿس. قبي ويٺوڙي طرز جي آهي، جنهن جو تعلق 14 صدي عيسويءَ جي پوئين دور سان آهي. ص 45

تصوير 20 - قديم مسجد جي اتر اولهه پاسي قاضي عبدالله پٽ تاجي جو ڇهه قبائين ڇٽيءَ جهڙو مقبرو آهي. هن مٿان تعمير ٿيل پلويڙو Parapet ، ٿانءَ جهڙي نيل (Fineal) ۽ مينهن جي پاڻي جي نيڪال لاءِ نيسارو ڏسجي ٿو، جيڪو پلويڙي کان ٻاهر نڪتل آهي. ٿوري پنڌ تي سفيد رنگ جي سيد علي شيرازيءَ جي مزار آهي. هن اڏاوت جو لاڳاپو 14 هين صدي عيسويءَ سان آهي. ص 45

تصوير 21 - شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ جي مقبري جي ڏکڻ پاسي اٺ ٿنڀائي ڇٽيءَ جهڙو مقبرو آهي. هن مقبري جي تعمير به قاضي عبدالله جي مقبري جهڙي  آهي، پر سندس ٿانءَ جهڙي نيل ڀڄي پئي آهي. ڇڄو ۽ پلويڙو به هاڻي سلامت ڪونه رهيو آهي. هن اڏاوت جو لاڳاپو 15 هين صدي عيسويءَ جي شروعات سان آهي. ص 46

تصوير 22 - اٺ ٿنڀي ڇٽيءَ وارو مقبرو شايد اهو ڄام تماچيءَ جو  آهي، جيڪو ڄام نظام الدين جي مقبري جي ڏکڻ طرف آهي. هي قديم يادگار چڱيءَ ريت ۾ محفوظ آهي. اڪريل، ٿنڀا، ڇڄا، پلويڙو، ڪنگرا ۽ ٿانءَ جي شڪل جهڙي مٿان واري نيل سڀ صحيح سلامت آهن. هن ڇٽيءَ هيٺان ٽي قبرون آهن. هن تعمير جو تعلق 14 صدي عيسويءَ سان آهي. ص 47

تصوير 23 - ڪڻٺي واري اُڪيريل پٿر واري قبر، گهڻو ڪري ڄام تماچيءَ سان تعلق رکي ٿي. سيرانديءَ واري پٿر تي تاج جهڙو ڪوبه نشان ڪونه آهي. ڀرسان به ڪڻٺي واري بنا چٽساليءَ جي لسي قبر آهي. ٽين قبر ڪنهن ٻار جي ڏسجي ٿي. هن اڏاوت جو لاڳاپو 14 هين صدي عيسويءَ جي آخر سان آهي. ص 47

تصوير 24 - اٺ ٿنڀي ڇٽيءَ وارو مقبرو. امڪان آهي، ته هي جڳهه ڄام تغلق پٽ ڄام سڪندر جي دور جي هجي. هن تعمير جا سڀئي ٿنڀا چٽساليءَ وارا آهن. هن جا ڪجهه ڇڄا، ڪنگرا ۽ پلويڙو محفوظ آهي جيڪو کاٻي پاسي آهي. هن تعمير جو تعلق 15 هين صدي عيسويءَ سان آهي. ص 48

تصوير 25 - خوبصورت چٽساليءَ سان هڪ ڇت جو حصو ۽ سردر جي اندرئين پاسي هڪ تحرير، جنهن جي ابتدا بسم الله سان ٿئي ٿي ۽ ڪلمو ٻن سٽن ۾ لکيل ڏسجي ٿو، جيڪو سما دور جي هڪ اٺ - ٿنڀي مقبري تي موجود آهي. ص 49

تصوير 26 - خوبصورت چٽسالي واري ڇت جو هڪ حصو فارسيءَ جي هڪ لکت ڏسڻ ۾ اچي ٿي. (ملڪ) راهوءَ جو نالو به آهي، جيڪو ڄام تغلق پٽ ڄام سڪندر جي دور ۾ ٺهيل هڪ اٺ ٿنڀي مقبري سردر جي اندرئين پاسي اُڪيريل آهي. ص 49

تصوير 27 - شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ جي مقبري جي ڏکڻ ۾ هڪ اٺ - ٿنڀي مقبري جي خوبصورت چٽسالي واري ڇت، جنهن جا هڪ ٻئي جي مٿان گول بار ڏنا ويا آهن. منجهس ونگ جهڙو چٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هن قسم جي سونهن ۽ سنجٽ واري ڇت ٻين مقبرن ۾ به موجود  آهي. هن تعمير جو تعلق 15 صدي عيسويءَ سان آهي. ص 50

تصوير 28 - دولهه دريا خان جي پٿر سان اوساريل مقبري جو لنگهه، جيڪو هن تعمير جي ڏکڻ ڏس کان نظر اچي رهيو آهي. هن جڳهه جي ديوار ۽ چؤڪنڊي ڇڄن تي به ڪنگرا نظر اچي رهيا آهن. لنگهه جو پٿر وارو چؤڪاٺو لسو آهي. هيٺئين پاسي چانئٺ وٽ سفيد نرم پٿر (Moon Stone) جو ”دونون“ (Sill) لڳل ڏسجي ٿو. سردر تي عربي تحرير موجود آهي. لنگهه ٻنهي پاسن کان ڀانت ڀانت جي خوبصورت اليڪي (Geometrical) چٽسالي آهي. چئني پاسن کان خوبصورت درين وارا جارا آهن، هن اڏاوت جو واسطو 16 هين صدي عيسويءَ  جي شروعات سان آهي. ص 51

تصوير 29 - دولهه دريا خان جي مقبري جو اوڀاريون لنگهه، جنهن تي ڏکڻ واري لنگهه کان مختلف قسم چٽساليءَ جي طرز نظر  اچي ٿي. اُڪير ڪجهه مٿاڇري ڏسجي ٿي تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو، ته اها ڪنهن پوئين دور سان واسطو رکي ٿي. هتي هڪ خوبصورت جاري بدران سادو جارو رکيو ويو آهي. اُڪير جون طرزون به ٿوريون چٽيل آهن. ص 51

تصوير 30 - دولهه دريا خان جي مقبري اندر ونگ سان محراب، جنهن تي خوبصورت اُڪير جي ڪم سا چٽسالي جي ٿيل آهي. ان جي سامهون واري پاسي کان ٻنهي پاسن کان ننڍڙا خوبصورت پاوا آهن. چٽساليءَ جي ساڳي طرز محراب جي ٻنهي پاسن کان سڌي سنوت وارين ڀتين ۾ ڏسجي ٿو. ص 53

تصوير 31 - دولهه دريا خان جي قبر تي رکيل پٿرن تي خوبصورت چٽسالي نظر اچي رهي آهي. سيرانديءَ واري پٿر تي تاج ڏسجي ٿو. قبر جي تعمير جا ٻه ماڙ آهن. هيٺئين طبقي ۾ ونگ جهڙا خانا آهن، جن اندر گلاب جي گل جهڙو چٽ آهي. عربي تحرير ٻن قطارن ۾ ڏسجي ٿي، جيڪي سڌي سنوت ۾ آهن. هن اڏاوت جو لاڳاپو 16 هين صدي عيسويءَ جي ابتدائي حصي سان آهي. ص 54

تصوير 32 - دولهه دريا خان جي مقبري جي اندرئين پاسي ٺهيل محراب جي ٻنهي پاسن کان وڌاوڙي ونگ
 
(Corbelled arch) آهي، جنهن تي هڪ تارازي ۽ مختلف قسم جا ٽي وَٽَ چٽيل آهن. هن قسم جي اڏاوت جو لاڳاپو 16 هين صدي عيسويءَ جي ابتدا سان آهي. ص 54

تصوير 33 - سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي مقبري جي ڏکڻ ڏس تي موجود هڪ قبر، جيڪا چيروليءَ جي ٺهيل آهي. جنهن جي گول چٽ اندر  کجيءَ جو وڻ ڏسجي ٿو. ان چٽ سان واري وَٽيءَ تي چٽ جي ٻي طرز به ڏسجي ٿي. اهڙا چـِـٽَ وچ تي نشان ڏئي الڳ الڳ ڪري بيهاريا ويا آهن. هڪ پڪسري چوديواري به آهي، جنهن ۾ اندرئين پاسي سادي قسم جون ڪاشيءَ جون سرون ڪتب آندل آهن. هن اڏاوت جو لاڳاپو 5 هين صدي عيسويءَ جي آخر سان آهي. ص 55

تصوير 34 - سما دور جي قديم جامع مسجد جو ڏاکڻيون ڏيک ڏيکاري ٿي، جنهن جي ساڄي پاسي تي ٺاهيل ڏاڪڻ ڊهي فنا ٿي وئي آهي. اڏاوت جي وچ تي ونگ سان لنگهه نظر اچي رهيو آهي. ٻه ٻيون ونگون به ڏسجن ٿيون، جيڪي نماز پڙهڻ واري جڳهه کي ٽن حصن ۾ ورهائي ڇڏين ٿيون. معلوم ائين ٿئي ٿو، ته هي مسجد ٽه قبائين آهي، وچ واري قبي کان ساڄي ۽ کاٻي واري قبي کي پاڻ ۾ ملائڻ لاءِ وچ تي ٻه وَنگاوان لنگهه آهن. هن تعمير جو تعلق 14 هين صدي عيسويءَ سان آهي. ص 56

تصوير 35 - هن مسجد جو اوڀاريون ٻاهريون پاسو، جنهن جي وچ تي خاني واريءَ ونگ سان لنگهه ڏسجي ٿو. ساڄي پاسي ٻه خانا آهن. هن اندر پڻ ونگون جوڙيون ويون آهن. سامهون واري پاسي ۾ ڪيترائي هم چورس جارا آهن. هيءَ اڏاوت 14 هين صدي عيسويءَ سان لاڳاپو رکي ٿي. ص 56

تصوير 36 - جامع مسجد جو اندريون پاسو، جنهن ۾ محراب جي تعمير نظر اچي رهي آهي. (اوجهڙ ۾) - ڪارنس (Cornice) مٿان رکيل خانن ۾ ماکيءَ جي ماناري جهڙي چٽسالي ڏسجي ٿي. اهڙي چٽسالي وچين محراب جي ٻنهي پاسن کان به آهي. هن اڏاوت جو لاڳاپو 14 هين صدي عيسويءَ سان آهي. ص 57

تصوير 37 - سما دور سان تعلق رکندڙ ٻه پڪ سراوان مقبرا جن جي ونگ واري لنگهه جي ٻنهي پاسن کان اڀا خانا نظر اچي رهيا آهن. قبن جي اڏاوت اٺ - ڪنڊي ڍيڍي  (Drum) مٿان ٿيل ڏسجي ٿي. سامهون وارو مقبرو مـَـلڪ راڄپال جو آهي، جڏهن ته ٻيو مقبرو فتح خان جي ڀيڻ جو آهي. ٻنهي مقبرن جا قبا ڊٿل آهن. هنن ٻنهي اڏاوتن جو تعلق 15 صدي عيسويءَ سان آهي. ص 58

تصوير 38 - مـَـلڪ راڄپال جو هم چورس پڪ سرائون مقبرو، جنهن ۾ سينڌ ونگ  (Lancet Shaped arch) سان لنگهه ڏسجي ٿو، جنهن جي ٻنهي پاسن کان پٿر جي ننڍڙن پاون سان، اڀيءَ طرز جا خانا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ڪارنس (Cornice) ۾ ڏنڊڙي لاءِ پڪيءَ سر جو ڪنڊائون بار هنيو ويو آهي. هيءَ تعمير 15 صدي عيسويءَ سان لاڳاپو رکي ٿي. ص 58

تصوير 39 - مـَـلڪ راڄپال جي مقبري جي اندرئين پاسي نظر ايندڙ عربي تحرير آهي، جيڪا هن ريت آهي: هذا المقام الر جي رحمت الله تعليٰ ملڪ راجبال بن ملڪ انر بن ملڪ راهو بن ملڪ رائدن بن ملڪ راهو بن فيروز شاهه سلطان الاهم برد مصجعه ونور قبره والنس حشش. ص 59

تصوير 40 - ڄام فتح خان جي ڀيڻ جي مقبري جي ڇت جو اندريون پاسو، جنهن کي ورن وڪڙن واري چٽساليءَ جون قطارون ڏسجن ٿيون رهيون آهن. ڪنڊن کي ننڍي قسم جون محرابيون آهن، جنهن سان گڏ وڌيڪ ننڍڙيون محرابيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ص 60

تصوير 41 - فتح خان ولد ڄام نظام الدين جي ڀيڻ جو هم چورس پڪ سـِـرو مقبرو، جنهن جي اوڀر پاسي واريءَ تعمير ۾ ڪي اضافي محرابيون جوڙيل آهن. ان کان سواءِ مختلف خانا ۽ پٿر جي چؤڪاٺن وارو لنگهه ڏسجي ٿو، جيڪو ونگ سان آهي. هن تعمير جو واسطو 898 هه ۽ 1492 عيسويءَ سان آهي. ص 60

تصوير 42 - سادو محراب ڏسجي ٿو، جنهن جي ساڄي پاسي هيءَ عربي تحرير آهي:

هذا المقام للرجي اليٰ رحمته الله تعاليٰ تمهيد العمارت باامر تاج الدنيا والدين. ميان تاج الدين همشيره ميان فتح خان بن سلطان نظام الدين شاهه خلد ملڪه و السطلنته في سن تهمن و سب ان و تهمن مي اهوا در ماهه ربيع الاول روز پنج شنبه. ص 61

تصوير 43 - قائوس سلطان (Qaus - as - sultani) جي مقبري جو محراب،  جنهن جي ٻنهي پاسي خوبصورت پاوا نظر اچي رهيا آهن. محراب کان چؤڪنڊن خاني ۾ هم چورس چٽ جي قطار آهي. ص 62

تصوير 44 - قائوس سلطاني جي مقبري جو ڏاکڻيون ٻاهريون پاسو، جنهن جي وچ تي ونگ سان لنگهه ڏسجي ٿو. منجهس پٿر جي چؤڪاٺو آهي. پاسن کان ونگن سان هڪ ٻئي مٿان ٻه ٻه خانا آهن، جيڪي ديوار کان ٻاهر لڪل درين کان مٿان آهي. مٿين خانن اندر مخروطي قسم جي چٽسالي موجود آهي. جڏهن ته پلويڙي کي سرن جي ڏندي هڻي خوبصورت بڻايو ويو آهي. هن اڏاوت جو دور 919 هه ۽ 1513ع آهي. ص 63

تصوير 45 - قائوس سلطاني جي مقبري جو اوڀاريون ٻاهريون پاسو، جنهن ۾ وچ تي نظر ايندڙ لنگهه ۾ پٿر جو ٿنڀو کـُـتل آهي. هن لنگهه جي کاٻي ۽ ساڄي ونگ سان ٻاريون آهن. هن تعمير جي صفا ساڄي پاسي به هڪ لنگهه آهي. جتان گذري ڏاڪڻين ڏانهن وڃي سگهي ٿو. ص 63

تصوير 46 - قائوس سلطاني جي مقبري جو اندريون پاسو، جنهن جي سامهون واري پاسي جو وچ ٻاهر تي نڪتل گگهيءَ نموني جو آهي، جنهن جي درين ۽ ڀت ۾ پٿر جو وڏو پائو لڳل آهي. سنجٽ واري لوڙهٽ، جهالر واريون ونگون هيٺ بنياد ۾ گلن جي اُڪير آهي ۽ ڪرنگهائين لوڙهٽ لکت سان آهي. جن جي مٿينءَ ڪنڊ ۾ تعمير ٿيل محرابيءَ هيٺان آهن. ص 64

باب ٽيون

پليٽ 14 - سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي مقبري جو اولاهيون پاسو، جنهن جي وچ تي محراب نظر اچي رهيو آهي. مقبري جو پشتي جهڙو هيءُ حصو ڏاڍو خوبصورت آهي. هن پـُـشتي (Butress) ۾ ڪم آندل پٿر تي نهايت نازڪ ۽ هنج ٽـُـڪ ٿيل چٽسالي ڏسجي ٿي. هن مقبري جي ڏکڻ ۾ ڄام تماچيءَ جو مقبرو آهي (؟). لکت پٽاندر ڄام نظام الدين جي مقبري جي تعمير جو لاڳاپو 1509 صدي عيسويءَ سان آهي. ص 67

پليٽ 15 - ڄام نظام الدين جي مقبري جي محراب واري ٻاهرئين پاسي جو پـُـشتو (Butress) ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پهرئين هيٺئين حصي ۾ ڪارنس جهڙي وَٽِ (Moulding) آهي. ان کان سواءِ ونگن سان خانا (Arched panels) آهن. وچ واري حصي ۾ ڪنڊن وٽ نفيس چٽسالي وارا سخارا (Sikhara) اُڪيريل خوبصورت پاوا، ڇـَـڄي نموني جهلون (Brackets) آهن، جيڪي پـُـشتي تعمير سان اڳتي پوئتي ڦـُـرترا هلن ٿا. جڏهن ته مٿئين حصي ۾ جهروڪو ڏسجي ٿو. هي ڄام نظام الدين مشهور سمي سلطان جو مقبرو آهي، جنهن 1460ع کان 1508ع تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي هئي. ص 65

پليٽ 16 - ڄام نظام الدين جي مقبري جي اولاهين مهاڙيءَ جو ڏاکڻيون اڌ، جنهن ۾ در جي چوڌاري خوبصورت اُڪير ڏسجي ٿي. جڏهن ته محراب جي مٿئين حصي کي ٽي دريون نظر اچي رهيون آهن. جيڪي ڏاڪڻ جي روشنيءَ جي مقصد لاءِ رکيون ويون آهن. ص 66

پليٽ 17 - سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو جي مقبري جي اولهه پاسي محراب ڀت جو اتريون پاسو، جنهن تي هڪ خوبصورت اُڪير واري چٽساليءَ جي پٽي آهي، جيڪا نازڪ ۽ نفيس عربي ڪتابت جي چوڌاري ڦري اچي ٿي. مٿان بدڪن جي قطار آهي. ص 67

پليٽ 18 - سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو جي مقبري جو اندريون پاسو، جنهن ۾ هر ڪنڊ ۾ محرابي ۽ جهـَـلنُ وارن لٽڪڻن (Brackets Pendentive) جي تعمير ٿيل آهي. مٿي ونگن واري لٽڪڻن ۽ خوبصورت اُڪير جي قطار آهي. هيٺ تري ۾ به اُڪير جي ساڳي قطار ڏسجي ٿي، جيڪا اڻ پوري آهي. ص 68

پليٽ 19 - سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو جي مقبري جي اندرئين پاسي وارو محراب، جنهن جي ٻنهي پاسن کان سنڌي طرز جا نهايت خوبصورت پاوا نظر اچي رهيا آهن. محراب ۾ هڪ ٻئي مٿان ٽي ونگون آهن. جيڪي نهايت خوبصورت آهن. ص 69

پليٽ 20 - سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي مقبري اندر رکيل محراب واري ڀت، جنهن ۾ محراب واضح نموني سان نظر اچي رهيو آهي. مٿئين پاسي ٻاهر نڪتل جارو آهي، جنهن جي ٻنهي پاسن کان پاوا لڳل آهن. ص 69

پليٽ 21 - سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي مقبري جو اولاهيون سامهون وارو پاسو، جنهن جي مٿئين پاسي واري چٽساليءَ جي قطار مڪمل ڪانه آهي. ان جي ڏکڻ پاسي چوديواري اندر سمن جون قبرون آهن، جيڪي پٿر جون آهن. قبر جي سيرانديءَ کان لڳل پٿر تي تاج اُڪيريل آهي ۽ پاسن تي کجيءَ جي وڻ جي اُڪير واري چـِـٽُ ٿيل آهي. ص 70

تصوير 47 - سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جو مقبرو اندرئين اترئين پاسي محراب جي پـُـشتي تي ڪجهه مٿڀرو قبيءَ جهڙي ننڍڙي اڏاوت آهي. جنهن جي ڇت ۾ پاسراٽين جهڙي چٽسالي نظر اچي ٿي. ڪنڊن تي ننڍيون محرابيون آهن. ونگن سان ٻارين جي ٻي قطار ۽ سڌي سنوت ۾ اُڪير جون ڪجهه سهيڙون آهن. تعمير جو دور 1509 صدي عيسويءَ آهي. ص 72

تصوير 48 - سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي مقبري جو ٻاهريون اتريون ۽ ڏاکڻيون پاسو، جن کي اُڪير جون هڪ جهڙيون پٽيون نظر اچن ٿيون. اُتي اتر ۽ اولهه پاسي کان لنگهه آهن، جن ۾ پٿر جا چوڪاٺا لڳل  آهن، جيڪي هاڻي بند آهن. ص 73

تصوير 49 - سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي مقبري جي اترين الهنديءَ ڀت جو ٻاهريون پاسو جنهن جي ساڄي طرف هڪ در، ٽي دريون، وچ تي  ٽن طبقن وارو محراب جو پـُـشتو ۽ اولاهينءَ ڀت تي اُڪير جون چوڏنهن قطارون. ص 73

تصوير 50 - سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي مقبري جي اولاهين ڀت جي ٻاهرئين پاسي تي ۽ محراب کان اتر طرف وچ تي عربي تحرير آهي. اُڪير جي هڪ پٽيءَ ۾ بدڪن جي قطار آهي، جنهن جي چهنبن ۾ ڪنول گل جهليل آهي. ان کان سواءِ محراب جي پشتي تي ڪنڊ تي نفيس اُڪير وارا سخارا به ڏسجي رهيا آهن. ص 74

تصوير 50 - الف - تصوير 49 ۾ نظر ايندڙ درين جو سلسلو موجود ڏسجي ٿو. ص 75

تصوير 51 - محراب جي پـُـشتي جي ڏکڻ ڏس کان وچون حصو، جنهن تي ڪنڊ ۾ ورن وڪڙن (Curvilinear) تي سخارا (Sikhara) ڏسڻ ۾ اچي رهيو  آهي. ان کان سواءِ ونگن واريون ٻاريون آهن، جيڪي اُڪيريل خوبصورت ننڍڙن ٺلهن جي وچ تي ڏسجن ٿيون. صفا کاٻي پاسي مٿي ڇڄي نموني جهلون آهن، جيڪي ور وڪڙ ڪندا هلندا وڃن ٿا. ص 75

تصوير 52 - محراب جي پشتي جو مٿيون اولاهيون پاسو، جنهن ۾ ونگن سان ٻاريون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. انهن جي ٻنهي پاسن کان هيٺان ننڍا سخارا آهن. مٿئين پاسي ونگ سان جهروڪو آهي، جيڪو ڇڄن جهڙين جهلن جي آڌار تي بيٺل آهي. ص 75

تصوير 52 - الف - ڇڄي جهڙي جهل ڏسجي ٿي، جيڪا ور وڪڙ ڪندي اڳتي هلندي وڃي ٿي. ص 75

تصوير 53 - محراب جي پـُـشتي جي وچ تي خوبصورت ونگائي ٻاري آهي. ان کان سواءِ پٿر جا پاوا آهن جيڪي نهايت نفاست ۽ نزاڪت سان اُڪيريا ويا آهن. هن کان ڇڄي جهڙا واڏڪ ۽ امليڪي گلن واري چٽ سان اُڪير ٿيل آهي. جيڪا اندرئين پاسي ڏسجي رهي آهي. ص 76

تصوير 53 - الف - صفا مٿئين پاسي رکيل دريون. ص 76

تصوير 54 - سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي مقبري جي اولاهينءَ ڀت جي وچ تي لنگهه وارو در، جنهن تي نئين قسم جي  اُڪير واري چٽسالي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جيڪا اسلامي روح جي نمائندگي ڪري ٿي. هي در اسلام کان اڳ واري سنڌي زماني سان پڻ لاڳاپو رکي ٿو. پر ان ۾ ڪي واڌارا آڻي هڪ وڻندڙ تبديلي ڪئي وئي آهي ۽ هڪ مسلمان حڪمران جي جڳهه ۾ ڪتب آندو ويو آهي. ص 79

تصوير 55 - سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي مقبري جي اولاهين ڀت جي هيٺئين اڌ ۾ رکيل دروازو، جنهن جي چانئٺ وٽ ”دونون“ (Sill) ڏسجي ٿو. پاسن کان سورج مکي جا اُڪير ٿيل جٽ آهن. چانئٺ وٽ هنيل دونو نرم سفيد پٿر (Moon Stone) جو آهي. جنهن جي مٿئين پاسي گل ۽ پاسن کان انگڙ ونگڙ تي اُڪير ۽ گول دائرا آهن. چانئٺ وٽ "دونو" هڻڻ جي روايت اسلام کان اڳ واري سنڌي اڏاوتي دور سان تعلق رکي ٿي. ص 79

تصوير 56 - اترين ڀت جو ٻاهريون پاسو، جتي هڪ در ٺهيل ڏسجي ٿو پر اهو پوءِ بند ڪيو ويو آهي، جنهن جي سامهون قبر نظر اچي رهي آهي. اولهه واريءَ ڀت کان اُڪير جون پٽيون آهن، جيڪي هلنديون اچن ٿيون. سردر تي هڪ تاريخي لکت موجود آهي. ص 79

تصوير 57 - اوڀر واري ڀت جو ٻاهريون پاسو، جنهن ۾ مٿي ونگ سان هڪ دري آهي ۽ هيٺ جافري سان دري ڏسجي ٿي. اتر واريءَ ڀت کان اُڪير واري چٽساليءَ سان خوبصورت پٽيون آهن جيڪي هلنديون آيون آهن. ص 80

تصوير 58 - اترينءَ ڀت تي نظر ايندڙ سنجٽ ۽ سونهن هتي بدڪن جي اُڪيريل قطار بدران پٿر جي ٽڪ جو ٻيون طرزون پڻ آهن، جيڪي هتان جي قديم سنڌي روايتن تان ورتيون ويون آهن. ص 80

تصوير 59 - اتر واريءَ ڀت جي هيٺئين پاسي جي اُڪير ۽ سنجٽ، جنهن ۾ هم چورس اُڪير واري ڏاڪن وانگر رکيل آهي، جيڪا هڪ گل جي قطار جي چوڌاري ڦري اچي ٿي. ان کان پوءِ وري به گل جهڙي اُڪير جي قطار آهي. جنهن جي چوڌاري هم چورس اُڪير واري چٽن جي طرز ڦري اچي ٿي.   در جي چؤڪاٺي جي چوڌاري به گول دائري جي پٽي آهي. ص 84

تصوير 60 - سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي مقبري جي اوڀارين مهاڙيءَ جي اُڪير جي چٽساليءَ واري خوبصورتي، جنهن ۾ عربي تحرير جي فن خطاطيءَ جو ڪمال ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن جو سلسلو اتر پاسي کان هلندو ايندو ڏسجي ٿو، جيڪو مٿي نظر ايندڙ ونگائي دريءَ جي ٻنهي پاسن کان به ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ص 84

تصوير 61 - سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي مقبري جي اوڀارينءَ ڀت ۾ جافري لڳل دري ڏسجي ٿي. جنهن ۾ چٽساليءَ جا اٺڪـُـنڊا آهن، جيڪي دريءَ جي ونگائينءَ جاريءَ ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. صفا مٿئين پاسي هڪ گل جي چٽساليءَ واري طرز آهي. هن چؤڪنڊي خاني ۾ ونگائي جافري ڪري اهڙا ٽڪنڊا (Spandrels) ٺهي پيا آهن. جن جو ڪنڊون هڪ ٻئي کان گهٽ وڌ آهن. جن ۾ چٽساليءَ جا نمونا به مختلف آهن. جيڪي امليڪي ۽ ڪٿي گڏوچڙ امليڪي ۽ اليڪي چٽ آهن. ص 85

تصوير 62 - سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي مقبري جي اوڀارين مهاڙي جي مٿئين پاسي جي اُڪيريل چٽسالي، جنهن ۾ خوبصورت طرزن جون ٽي قطارون آهن. جن ۾ عربي تحرير به شامل ڪري سگهجي ٿي جيڪا دري وٽ پهچڻ کان اڳ پوري ٿي وڃي ٿي. ص 86

تصوير 63 - سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي مقبري جي ڏاکڻين ڀت جي مهاڙيءَ جي مٿئين پاسي وارو حصو، جتي مٿئين حصي جي اُڪير جي طرز جي فقط هڪ قطار ڏسجي ٿي. جيڪا هلندي وڃي ڇيڙي تائين پهچي ٿي. باقي ٻيون قطارون پوئتي کـُـٽي وڃن ٿيون. چوڌاري ڦري ايندڙ پتيءَ (Freeze) وارن چٽن جون ٽي طرزون آهن، جيڪي اتر ۽ اوڀر واري پاسي کان ڦري اچن ٿيون. اصل ۾ اهي طرزون بدڪن جي جاءِ تي رکيون ويون آهن. پر پوءِ به اڻ پوريون آهن. ڄام نظام الدين جي مقبري جي اوڀارينءَ مهاڙي ۾ نظر ايندڙ لنگهه ۾ رکيل پٿر جو چؤڪاٺو، جنهن کي پٿر جي اوساري ڪري اڌ بند ڪيو ويو آهي. چؤڪاٺي جي پاسن تي گول چٽ مٿئين پاسي عربي تحرير ۾ چانئٺ وٽ نرم سفيد پٿر (Moon Stone) جو دونون (Sill) لڳل آهي. چـَـؤڪاٺي ڀرسان جارو به رکيو ويو آهي. ص 86

تصوير 64 - ڏاکڻين لنگهه ۾ لڳل پٿر جو چؤڪاٺو، جنهن کي پٿر جي اوساريءَ سان اڌ بند ڪيو ويو آهي. جنهن جي وٽ سان امليڪي ڏوريءَ جهڙي اُڪير ۽ سردر تي عربي تحرير ڏسجي ٿي. جڏهن ته چانئٺ وٽ اڇي نرم پٿر جو ”دونون“ (Sill) لڳل آهي. چؤڪاٺي جي تري ۾ جارو ٺاهيو ويو آهي. جنهن ۾ هيري ڪـَـڻِ (Diamond) طرز جي اُڪير ٿيل ڏسجي ٿي. ص 87

تصوير 64 - الف - محراب جي اندرئين پاسي چٽساليءَ جو سلسلو. ص 87

تصوير 65 - سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي مقبري ۾ اولاهين ڀت ۾ رکيل محراب اندر ڪنڊ واري محرابيءَ (Squinch) ۾ ڇڄي وانگي پٿر رکيل آهن. جنهن جي آڌار تي محرابيءَ جي ونگ بيهاري وئي آهي ۽ محرابيءَ اندر ڇڄي جهڙو هڪ پٿر لڳل آهي جنهن هيٺان لٽڪڻو (Pendentive) هنيو ويو آهي. ص 88

تصوير 66 - سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي مقبري اندر تعمير ٿيل مکيه محراب جي مٿان جهلن جهڙي ڇڄي جي آڌار تي بيهاريل جارو آهي. جنهن جي اندرئين پاسي به چٽسالي آهي. مٿئين پاسي وَرَ وڪڙ وارن جهلن مٿان ڇڄن جي اڏاوت ٿيل آهي. ڄاڻايل جاري جي ٻنهي پاسن کان سڌيءَ سنوت ۾ ونگن سان خانا آهن. ص 89

تصوير 67 - اولهه وارو محراب، جنهن مٿان هڪ ٻئي هيٺان ٽي ونگون آهن. محراب جي ٻنهي پاسن کان پٿر جا خوبصورت پاوا ڏسجن ٿا. ٽئين ونگ هيٺان ٻٽاپاوا آهن. وچئين ونگ جي بنيادن وٽان هڪ اهڙي شيءِ اڀرندي نظر اچي ٿي، جيڪا سڃاڻي ڪانه ٿي سگهجي. هيءَ اهڙو طريقو آهي، جنهن ۾ ديوار ۾ ڇڄي وانگي ٻنوڙو (Corbelled) رکي ونگ ٺاهي ويندي آهي. ص 90

تصوير 68 - سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي مقبري ۾ ٺاهيل محراب جي ٻاهرين پاون جا خوبصورت، نازڪ ۽ نفيس اُڪيريل وارا چٽ ۽ هم چورس بنياد تي بيٺل ونگن وارا خانا نظر اچي رهيا آهن. پاون جا مٿيان پاسا مٿي رکيل ٻن ٿانون جهڙي چٽن واري طرز وٽ پهچي ختم ٿين ٿا. پاون جي هيٺئين پاسي تاج جهڙي طرز جو چٽ آهي، جيڪو گلن جهڙي طرز جي اُڪير جو هڪ تسلسل آهي. ص 90

تصوير 68 - الف - محراب جي اندرئين پاسي چٽسالي جو تسلسل. ص 90

تصوير 69 - محراب جي ڏاکڻين مهاڙيءَ جو ٻي ۽ ٽئين ونگ جي وچ وارو حصو، جنهن ۾ مٿين ٻن ڀتين ۾ عربي تحرير ڏسجي ٿي. هيٺئين پاسي به اُڪير جون مختلف طرزون آهن. وٽ واريءَ مٿئين چٽسالي ۽ هم چورس طرز جي اُڪير جي وچ تي وڻ - چٽ آهي. ان کان سواءِ هم چورس چٽ جي وچ ۾ گل جي طرز واري چٽساليءَ ڏسجي ٿي. ص 91

تصوير 70 - محراب جي اندرئين ٻي ۽ ٽئين ونگ جي وچ واري حصي جي خوبصورت چٽسالي، جنهن ۾ طرز جون اهي ساڳيون قطارون ڏسجن ٿيون، جيڪي ڏاکڻين پاسي آهن. پر هن پاسي وڻ جي اُڪير جا وڌيڪ نمونا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جيڪي ڪنهن حد تائين گجراتي اُڪير نموني سان ويجهڙائي رکن ٿا. ص 92

تصوير 71 - محراب جو صفا اندريون پاسو، جنهن جي هر پاسي تي ٻٽا پاوا رکيل آهن. هڪ پاسي اهي ٻٽاپاوا هڪ ونگ کي ٽيڪ ڏيون جهليو بيٺا آهن ته ٻئي پاسي ونگ جي مٿان نظر ايندڙ خانو به انهن جي آڌار تي بيٺل ڏسجي ٿو. سامهون وارو پاسو ونگن وارن ٽن خانن ۾ ورهايل آهي. جيڪي اُڀيءَ طرز جا آهن. ليٽيل سنوت ۾ اُڪير جي طرز جون قطارون ڏسجن ٿيون، جن کي سنهڙا ٻنوڙا يا وٿيون ڏئي الڳ ڪيو ويو آهي. ص 94

تصوير 71 - الف - محراب جي مٿئين پاسي عربي تحرير. ص 94

تصوير 71 - ب - مسجد اندر محراب. ص 96

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org